سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:غريبن جو ورثو

صفحو :4

”ھا، پيرو! توکي ھن حالت ۾ ڏسي مون کي رحم ٿو اچي. حميد جي ٻانھن مون کي ڏي تھ ڪم ۾ رنڀايانس.“ جان ھڪ ھنڌ لکيو وڃي محمد چيو، ۽ جواب لاءِ پيروءَ ڏانھن نھارڻ لڳو. پيروءَ جي نظر پٽ ۾ ھئي؛ ۽ جنھن نموني ھوڏانھن ڏسي رھيو ھو، تنھن مان ثابت ٿي ٿيو تھ ھن چاھيو ٿي تھ، حميد وراڻي ڏئي. زميندار، پيءُ پٽ کي خاموش ڏسي وري چيو، ”حميد، مان توکي پاڻ وٽ ٻنيءَ تي رکان ٿو. تنھنجو فرض آھي تھ ھن ڏکئي وقت پيءُ جي پرگھور لھين.“

مڱڻھار جي رخ مان صفا ظاھر ھو تھ ھو زميندار جي راءِ سان شامل ھو، مگر حميد جو تعليم پرائڻ لاءِ چاھھ ڏسي ھن ڪڇيو ئي ڪونھ. حميد چيو، ”مان پنھنجيءَ تعليم جي قرباني ڪيئن ڪريان؟“

”تنھنجو اھو خيال ٺيڪ نھ آھي.“ جان محمد ورندي ڏني.

”گستاخي معاف ڪجو،“ حميد وراڻيو ۽ سلسلو جاري رکندي چيائين، ”توھين چاھيندا تھ مان بي علم ئي رھان.“ اسان جي ڪم علمي توھان جي دولتمنديءَ ۽ وڏ ماڻھپائيءَ جو ڪارڻ آھي. ڇا، غريب صرف پورھئي لاءِ ڄاوا آھن؟ غريب ٿيڻ جي معنيٰ غلامي قبولڻ آھي؟ اڄ جيڪڏھن مون جھڙن غريبن ۾ علم جو پورو قدر ھجي تھ اسان جي ڏتڙيل حالت گھڻي قدر سڌري پوي. خود مطلبي شاھوڪار اسان کي محتاج بڻايو آھي. جڏھن علم جو شوق ئي ماڻھوءَ کي خودمختيار رھڻ جو ڪوڏيو بڻائي ٿو، تڏھن علم جي حاصلات منجھس ڪيڏو نھ ڦيرو آڻيندي ھوندي!“

زميندار مڱڻھار طرف منھن ڪري چيو، ”پيرو!“

”حضور“، ھن جواب ڏنو. ”مان زندگيءَ جي آخري منزل تي اچي رسيو آھيان. مان ڇو حميد جي آئيندي جي آڏو اچان؟“

زميندار جيتوڻيڪ ماٺ کڻي ڪئي، تھ بھ ھن طعني سان مشڪيو. حميد سمجھي ويو تھ، ان مشڪ ۾ شاھوڪاري غريبيءَ تي ٺٺولي ڪري رھي ھئي. زميندار جي رخ مان ثابت ٿيو ٿي تھ ھو حميد کي خاموشيءَ جي اشاري سان چئي رھيو ھو، ”حميد، انسان جيئن چاھي ٿو، تيئن نٿو ٿئي.“ دنيا ۾ جيڪڏھن سڀڪجھھ ماڻھوءَ جي خواھشن پٽاندر ٿئي، تھ رنج ڌڻيءَ پيدا ئي ڇا لاءِ ڪيو؟ غريبن جي حالت تھ تھائين خراب آھي. ھنن کي اھي، سھوليتون ڪونھن جي صرف پسي مان ئي حاصل ڪري سگھجن ٿيون.

پيءُ کي اتي ئي ڇڏي، حميد تنبوءَ کان ٻاھر نڪري ويو.

اتي ٻيپھريءَ جو وقت اچي ٿيو. حميد ھڪ شاھي وڻ ھيٺ وڃي ويٺو. سندس نرڙ تان پگھر پئي وھيو، ھن ڪجھھ سوچيو پئي. سندس چھرو لعل ھو، نھ سج جي تابش جي اثر ھيٺ اچڻ ڪري، پر اندر جي سخت لرزش سبب.

ننڍپڻ ۾ انسان تي جيڪي اثر پيدا ٿين ٿا، سي مشڪل ميٽجڻ جا آھن. حميد جڏھن ننڍو ھو، تڏھن پڻس کيس ڳوٺ پير مھدي شاھھ(6) جي ٺيڪيدار وٽ بيھاريو، جتي اھو اوطاق جي صفائي ۽ ٻھاريءَ جو ڪم ڪندو ھو. اونھاري ۾ ٺيڪيدار جي ٻارن کي منجھند جي مھل پينگھي ۾ لوڏڻو پڻ پوندو ھوس. حميد ٺيڪيدار جي پٽ سان، جو حميد جي ڄمار جو ھو، راند روند ڪرڻ تي ھري ويو. زميندار جي پٽ کي پڙھندو ڏسي، حميد ۾ بھ تعليم پرائڻ جو شوق اڀريو. ٻاراڻي وھيءَ ۾ ذات پات يا ننڍائيءَ جا ويچار انسان ۾ نھ ٿا اچن. پيءُ جو مٿو کائي، حميد بھ ٻاراڻو ڪتاب ۽ ڪاٺ جي ڦرھي ورتي. حميد ۾ جيئن علم جو چاھھ پيدا ٿيو، تيئن ڪيترا دفعا گھر جي ڪم کي ڇڏي ٺيڪيدار جي پٽ سان وڃي پڙھندو ھو.

ھڪڙي ڀيري ٺيڪيدار جي گھر جھليءَ ڇڪڻ وارو ڪين آيو، جنھنڪري حميد کي، جو روز ٻارن کي ھندوري ۾ لوڏي ننڊ ڪرائيندو ھو، جھليءَ ڇڪڻ لاءِ چيو ويو. ھن غريب ٻار کي حڪم جي تعميل ڪرڻي پيئي. مگر جھلي پيو ڇڪي تھ پينگھو بيھي پيو رھيس. ٿوري ئي وقت ۾ ڪڪ ٿي پيو. ھوڏانھن وري زميندار جي پٽ کي پڙھندو ڏسي، سندس دل پئي ٽپا ڏنا. آخر حميد بھ ڪتاب کڻي وڃي ٻاھر ويٺو. پينگھي جي بيھڻ سبب ٻار جاڳي پيا ۽ ڪچيءَ ننڊ مان اٿڻ ڪري روئڻ لڳا. ٺيڪيدار جي بھ، جو ننڊ ڦٽي، سو غصي مان ڪمري جو در کولي ٻاھر ويو ۽ حميد کي، جنھن پٽس سان گڏ کٽ تي ويٺي پڙھيو، زور مان ٻھ ٿڦڙون ھڻي ڪڍيائين. اھو حميد جي نوڪريءَ جو آخري ڏينھن ثابت ٿيو. حميد عمر جو وڏو ڪين ھو، ليڪن سندس دل کي صدمو پھتو. کيس ڄاڻ پيئي تھ شاھوڪارن کي غريبن جي جذبن کي ڏکوئڻ ۾ عار نٿو ٿئي. حميد کي معلوم ٿيو تھ غريبن کي علم پرائڻ ۾ ڪيتريون نھ رڪاوٽون اچن ٿيون. انھيءَ واقعي کي ٿئي ورھيھ گذري ويا، ليڪن حميد کي نھ صرف علم لاءِ چاھھ جاڳيو پر ان سان گڏ شاھوڪارن لاءِ ڌڪار پڻ پيدا ٿي؛ ۽ ان ڏينھن واري شاھوڪار جي گفتگو کيس گذريل ننڍپڻ وارو واقعو ياد ڏياريو.

پيرو ڪنڊياري(7) تعلقي جي ھڪ ڳوٺ پير مھدي شاھھ ۾ مشھور مڱڻھار ھو. ھو اصل ڇاڇري(8) جو رھاڪو ھو. ٿرپارڪر(9) ۽ نوابشاھھ(10) ضلعا گڏيا پيا آھن؛ سو سن 1900ع واري ڏڪار بعد پنھنجي ھڪ دوست سميت ھيءُ پاسو اچي وسايو ھئائين، شادين ۽ خوشين جي موقعن تي آپاس جا ماڻھو پيروءَ کي ئي گھرائيندا ھئا. چنڊ تي ڪنڊياري جا ڀائيبند جڏھن بحراڻو(11) ٺاھي؛ درياھھ ۾ وجھڻ ويندا ھئا، تڏھن انھن کي رستي ۾ ڇيڄ ھڻندو ڏسي پيرو بھ وٺي جھوليندو ھو. راڳ ھن جي روح جو کاڄ ھو. شرنائي وڄائڻ ۾ ساڻس برميچڻ وارو ڪونھ ھو. گلو بھ حد سريلو ھوس. ميلي تي ڪيترا دھلاري ۽ شرنائيءَ وارا ”استاد“ ڪري پيا سڏينس. جڏھن کان وٺي پيرو پنڌ ڪرڻ جھڙو نھ ھو، تڏھن کان وٺي ٻاھر نڪرڻ صفا بند ڪري ڇڏيو ھئائين. مگر جان محمد جي زور ڀرڻ تي، جو ھر سال ويساکيءَ جي ميلي تي ضلعي جي مڱڻھارن ۽ راڳيندڙن جي مجلس لڳائيندو ھو، ھو ھالاڻيءَ ۾ آيل ھو. ھيءُ پھريون ئي دفعو ھو، جو پٽ کي ساڻ آندو ھئائين ۽ حميد کي پيءُ جي سخي دل جو پتو پيو ھو.

شام جو مقرر ٿيل وقت کان ڪيترو پوءِ، تنبوءَ ۾ اندر مڱڻھارن جي مجلس شروع ٿي. چاليھي لاءِ چوڻ ۾ ايندو آھي تھ، ڏيئي تي وٽ چڙھي تھ ڏينھن ٺري. ٿيو بھ ائين، بتيون ٻريون، ھوا ٿڌي ٿي، تھ ماڻھن بھ اندر اچڻ شروع ڪيو. تنبوءَ جنھن کي ٽن طرفن، اولھھ، ڏکڻ کان دروازا ھئا، ايڏو تھ ڪشادو ھو، جو ھزار ٻھ ماڻھو تھ سولائيءَ سان ويھي سگھيا ٿي. تنبوءَ کي رونقدار بنائڻ جي خيال سان اندر رنگين ڪاغذ جون جھنڊيون ٽنگيون ويون ھيون. اولھھ واري دروازي جي سامھون ٻھ ٽي ڊگھا صندل پيا ھئا، جن تي سڀيئي مڪاني ۽ ٻاھريان راڳيندڙ خواه چارڻ ويٺا ھئا. راڳ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بھرو وٺندڙ پھرين قطار ۾ پئي نظر آيا. حميد جي ڏينھن واري گفتگو پيروءَ کي ڏاڍو ڳنڀير بڻائي ڇڏيو ھو ۽ ان گنڀيرتا پيروءَ جي راڳ ۾ اھو درد پيدا ڪيو، جنھن حاضرينن جي دلين کي پاڻي ڪري ڇڏيو. درد واريءَ دل مان درديلو آواز ئي نڪرندو. جيئن ھنس(12) لاءِ چوڻ ۾ ايندو آھي تھ دنيا کي الوداع ڪرڻ وقت جو سر ھو آلاپيندو آھي، سو درديلو مگر بيحد سريلو ٿيندو آھي، تيئن پيروءُ جي راڳ ۾ اڄ جو سوز ۽ ميٺاج ھو، سو ٻڌائي رھيو ھو تھ ھن راڳ کان موڪلاڻي ٿي ڪئي. ھيءُ ھن جي موسيقي ھنر جو آخري نماءُ ھو. پيروءَ جي واري اچڻ سان تنبوءَ مان ”واه! واه!“ جا آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيا. ھڪ دفعو ٻڌڻ سان ويٺلن جي دل ئي نھ ٿي ڍاپي. ان ڏينھن جھڙي گھور تھ ڪڏھن بھ ڪانھ ملي ھيس. پر جڏھن بھ ڪجھھ مليس ٿي، تڏھن سندس اکيون وڃي ٿي حميد جي اکين ۾ کتيون. ھو ڄڻ تھ سانتيڪي نگاھھ سان پٽ کي ٻڌائي رھيو ھو تھ مليل گھور تنھنجي آھي.

مجلس کي شروع ٿئي اٽڪل اڍائي ڪلاڪ ٿيا ھئا، تھ تنبوءَ ۾ اندر چار چمڙا اڏامندا نظر آيا. روشنائيءَ ۾ رستو ڀلجي پيا ھئا. تنبوءَ جي ڇت ڪا مٿي ڪانھ ھئي ۽ بعضي بعضي ايترو تھ ھيٺ لھي ٿي آيا، جو حاضرينن ائين پئي سمجھيو تھ اجھو ٿا سندن مٿان ڪرن. اتي تنبوءَ ۾ ٿورو شور اچي متو ۽ ڪي ماڻھو اٿن پيا تھ ڪي ويھن پيا ڪجھھ مدت لاءِ راڳ پڻ بند ٿيو ۽ حميد پيءُ جي اشاري تي پنھنجي جاءِ تان اٿي سندس نزديڪ ويو پيروءَ ڪن ۾ ڪجھھ چيس.

راڳ جي مجلس ختم ٿي ۽ ھميشه جيان ڪيترائي فقير اچي تنبوءَ جي دروازي وٽ جمع ٿيا، تھ پيرو اجھو ٿو ٻاھر اچي تھ کين مليل گھرو مان ڪجھھ بخشش ڏئي. ليڪن اڄ کين نراس موٽڻو پيو. پيرو تنبوءَ مان ٻاھر ڪين نڪتو. ھڪ راڳيندڙ، جنھن جي پيروءَ سان چڱي سڃاڻپ ھئي، اندر گھڙي کيس چيو، ”استاد! ٻاھر فقيرن جو ميڙ اچي ڪٺو ٿيو آھي.“

”مان ڇا ڪريان؟“ زميندار کي چئھ تھ پري ڪرين،“ پيروءَ اجرڪ جي پلئھ سان نڪ تان ناس اگھندي وراڻيو.

”ھو توھان جي لاءِ ترسي بيٺا آھن.“

”ابي ۾ سندن ڪھڙو ڪم آھي؟“ حميد ذرا ڏمرجي پڇيو.

”ھو اميد پائي آيا آھن.“

پيروءَ ماٺ ۾ پٽ طرف نھاريو، جنھن ان ماڻھوءَ ڏانھن منھن ڪري چيو، ”نااميدن مان اميد رکندڙ کي نااميدي پسڻي پوي ٿي.“

”حميد، ائين نھ چئھ،“ پڻس چيس. ”چئھ تھ ابي جو پيسو ابي جو نھ آھي، پر منھنجو آھي.“ حميد بنا جواب پيءُ طرف نھاريندو رھيو. پيروءَ جا نيڻ دروازي وٽ بيٺلن فقيرن ۾ ھئا تھ ھنن جا وري منجھس؛ مگر نھ ھنن کي ئي ان وقت جرئت ٿي جو اندر لنگھي اچن، نھ پيروءَ ئي کين سڏيو.

(2)

رات جو ڳچ حصو گذري چڪو ھو. پوئين صبح ۾ باقي ڪلاڪ جي دير ھئي. رات جو دير سان سمھڻ سبب ھر ڪو گھاٽيءَ ننڊ ۾ پئي ڏٺو. ڪڪڙن جي دسن ۽ ڪتن جي ڀؤنڪڻ کان سواءِ ٻيو آواز ٻڌڻ ۾ نھ ٿي آيو. رکي رکي پري کان ڳوٺ جي چوڪيدار جو آواز ”خبردار رھو.“ ڪنن تي پئي پيو. حميد، پيءُ جي لڳو لڳ، ٻين مڱڻھارن سان گڏ، تنبوءَ جي ٻاھران گھريءَ ننڊ ۾ ھو. ڪن جا پير تھ ڪن جا منھن تنبوءَ طرف ھئا. حالت ھئي: پير پٺا، ڪن جا پير، ڪن جا مٿا. حميد رات آرام ۾ گذاري رھيو ھو تھ پيءُ بيچينيءَ وچان بستري تي پاسا پئي ورايا. پٽڪو، سينھي جيان ٺاھي، وھاڻي بجاءِ مٿي ھيٺان ڪري رکيو ھئائين. پيروءَ جي نظر آسمان ۾ ھئي؛ پرھھ ڦٽيءَ جي انتظار ۾ ٿي ڏٺو. گذريل ڏينھن جي واقعي ۽ حميد جي گفتگو ھن جي منھن ۾ مايوسي آڻي ڇڏي ھئي. مگر حميد پيءُ جي بيقراريءَ کان واقف نھ ھو.

”حميد!“ پيروءَ پٽ جي طرف پاسو ورائي، جھيڻي آواز مان پڪاريو. حميد وٽان جواب نھ ملڻ بعد پيروءَ پٽ جي طرف نئڙي، ٻانھن ڊگھيري، ھن کي ھٿ کان لوڏي چيو، ”حميد! حميد!!“

حميد سجاڳ ٿي وراڻيو، ”ابا!“

”حميد وقت ٿيو آھي.“

”اٿان؟“ ھن بنا عجب جي اکيون مھٽيندي پڇيو.

”نھ تھ دير ٿي ويندي.“

حميد کي ڄاڻ ھئي تھ پڻس ڇا لاءِ کيس اٿاري رھيو ھو. رات جو مجلس ۾ اھا ڳالھھ ئي ھئي جا پيروءَ کيس پاڻ ڏي سڏائي ٻڌائي ھئي. حميد سڌو تنبوءَ ۾ ويو ۽ پاڻيءَ جو دلو کڻي ٻاھر آيو. پنھنجا ھٿ ۽ منھن ڌوئي، گلاس ڀري پيءُ کي ڏنائين. اڌ ڪلاڪ ۾ ٻيئي ڄڻا ھالاڻيءَ جي ٻاھران اچي پھتا ۽ ھالاڻيءَ کان ڪنڊياري خشڪيءَ وارو جيڪو رستو آھي، ان تي پئي نظر آيا. ھنن کي ڪنڊياري مان ٿي، پوءِ پير مھدي شاھھ جي ڳوٺ وڃڻو ھو. انھن ڏينھن ۾ آمدرفت اھڙي سھنجي ڪانھ ھوندي ھئي، جھڙي ھينئر آھي. جنھن وقت جي ھيءَ ڪھاڻي آھي، تنھن وقت اڃا باھھ گاڏيءَ جي مسافري ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ جي وچ ۾ جاري ڪانھ ٿي ھئي. نڪا وري رستن جي حالت ئي سڌريل ھئي. شاھي رستا تھ ھوندائي ڪونھ ھئا. سوڙھن پيچرن تان پنڌ، يا ڏاند گاڏين يا گھوڙن ۽ اٺن جي پٺين تي مسافري ڪرڻ ۾ ايندي ھئي.

پيرو ۽ حميد پڻ ھڪ ننڍڙي دڳ تي پئي ويا. رستو ايترو وھندڙ ڪونھ ھو. کير وارن بنا، جي ٻھراڙيءَ مان مال ڏھي گراھڪن کي کير وڪڻڻ ويندا آھن، ٻيو ڪوبھ ماڻھو کين واٽ تي ڪونھ گڏيو. پيچري جي ٻنھي پاسي ڪڻڪ جا تيار ٿيل سنگ صبح جي ٿڌيءَ ۽ وڻندڙ ھير ۾ اھڙيءَ طرح لڏي رھيا ھئا، جو ڄڻ تھ قواعد(13) ٿي ڪيائون. ڪجھھ وقت ٻيئي ڄڻا خاموشيءَ ۾ ھئا آخر حميد چيو، ”ابا.“

”جيءُ، حميد!“ پڻس وراڻيو.

”مڱڻھارن جي مجلس تھ ٽي ڏينھن ھلڻي ھئي.“

”برابر.“

”پوءِ اڄ ڇو ٿا موٽي ھلو؟ رات مونکي توھان کان پڇڻ جو وجھھ نھ مليو ۽ توھان جو ان باري ۾ محڪم ارادو ڏسي سمجھيم تھ ڪجھھ مڙيو ئي ٿيو آھي، جنھن ڪري توھان تڪڙو ڳوٺ موٽڻ جو فيصلو ڪيو آھي.“

”رات کان وٺي مون ڳائڻ بند ڪيو.“ پيروءَ چيو.

”ڇا سبب؟“

”ڏيڻ جو بند ڪيم.“ ائين چئي، ھن شرنائيءَ کي، جا سالن کان ساھھ سان سانڍي ھئائين، ٻھ ٽڪر ڪري ڇڏيو.

”مائٽ ٿي، توھان اولاد جو چوڻ دل ۾ ڪيو آھي! اولاد جي آئيندي جو اونو بھ تھ مائٽن کي ئي رکڻو پوي ٿو.“

”پر جو ماڻھو صرف پنھنجي پيٽ قوت لاءِ جيئي ٿو ۽ وجھھ ملڻ تي بھ غريب جي خالي جھولي نٿو ڀري، سو جيئرو رھي ڇا ٿو ڪري؟ ڏيڻ وارن جو درجو ھميشه مٿي پي رھيو آھي. حميد، ڪڪر برسات وسائين ٿا، غير آباد زمين کي پاڻي پھچائي سرسبز ڪن ٿا، تھ سندن جاءِ آسمان ۾ آھي. سج ۽ چنڊ روشني ڏيئي، دنيا مان انڌارو پري ڪن ٿا، تھ اھي پڻ عرش تي رھن ٿا. سئي ڪئنچيءَ کان گھٽ ملھھ واري ٿئي ٿي، پر ڇاڪاڻ تھ اھا ڦاٽلن ڪپڙن کي سڄو ڪري ٿي، درزي ان کي پنھنجي مٿي تي پٽڪي ۾ ٽنبي ٿو؛ پر ڪئنچيءَ کي ھو زمين تي رکي ٿو، ڇو جو ان جو ڪم آھي سڄي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ- ايتري طاقت ڌڻيءَ رکي آھي سخاوت ۾.“

اِتي اڇو صبح اچي ٿيو ۽ مسافرن کي پري کان ڌڙي تي ڳوٺ جون جايون جڳھيون نظر اچڻ لڳيون. ڪنڊياري جي ڳوٺ جو چڱو ئي حصو مٿاھينءَ تي اڏيل آھي. ڳوٺ جي ٻاھرين حدن تي ھنن کي ڀنگي گڏيا، جن رستن ۽ گھٽين کي پئي ٻھاريو. اوچتو ھوا جو ھڪ سخت جھوٽو لڳو ۽ ٻھ پنا، جي ڪنھن ڪتاب جا ٽڪرا ٿي ڏٺا، اچي حميد جي شلوار ۾ اٽڪيا. حميد جيئن اھي ڦٽا ڪرڻ تي ھو، تيئن سندس نظر وڃي ھڪ سٽ تي پيھي، جنھن ۾ لکيل ھو: ”بي علم ماڻھوءَ ۽ غلام ۾ ڪوبھ تفاوت ڪونھي.“ لفظن حميد کي چقمق جيان ڇڪيو ۽ ھن پنو کولي پڙھيو. ھيٺين ننڍڙي آکاڻي درج ٿيل ھئي: ”ڪنھن دفعي ڪو شاھوڪار ماڻھو ھڪ يوناني عالم وٽ ويو ۽ کيس پنھنجي پٽ کي تعليم ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائين. عالم تعليم ڏيڻ جو ڪم پاڻ تي ھموار ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. شاھوڪار کي چيائين، ’منھنجو لوازمو پنج سؤ چانديءَ جا سڪا ٿيندا.‘ ھن بيوقوف دولتمند جنھن کي علم جي ملھھ جي پوري ڄاڻ ڪانھ ھئي، اھو اجورو گھڻو سمجھي، ان عالم کي چيو، ’توھان جي گھر اڻ واجبي آھي. انھيءَ کان گھٽ پئسن مان ٻانھو خريد ڪري سگھندس‘¸عالم غصي ۾ ڀرجي ڇوڪري جي پيءُ کي چيو، ’ڀلي ٻانھو خريد ڪريو؛ پوءِ ھڪ بدران ٻھ ٻانھا گھر ۾ ٿيندو.‘ بي علم ماڻھوءَ ۽ غلام جي وچ ۾ ڪوبھ تفاوت ڪونھي. علم جھڙي قيمتي جائداد ٻي ٿي نٿي سگھي. انسان جيڪڏھن پنھنجا پيسا لوھي ٽجوڙيءَ ۾ رکڻ بجاءِ مغز جي ٽجوڙيءَ ۾ جمع ڪندو وڃي، تھ ڪوبھ چور يا ڌاڙيل اھي کانئس ڦري نھ سگھندو. دماغي ٽجوڙيءَ واري بئنڪ ايترو تھ وياج ڏيندي، جو مور کي ھٿ لائڻ بنا انسان صرف وياج مان گذران ڪري سگھندو. علم اھا ڪيميا آھي جنھن جي ڇھڻ سان انساني سڀاءَ جي لوھي تلوار سوني ٿي پوي ٿي. سونيءَ تلوار جي شڪل ساڳي ئي آھي، مگر پوءِ اھا ضرب رسائي نٿي سگھي ۽ سندس ملھھ پڻ گھڻو ٿئي ٿو. پھرينءَ تلوار کي گھر ۾ رکڻ بھ خوف پيو ٿئي، ليڪن ٻيءَ کي شوق ۽ حفاظت سان سانڍجي ٿو. جن تعليم پرائي آھي سي ڇڄ مثل آھن، پر جيڪي اڻ ڄاڻائيءَ جي اونداھھ ۾ رھيا تن، جي پرڻ سان مشابھت ڪئي ويئي آھي. ڇڄ ۾ اھو گڻ آھي تھ اھو گند ڦٽو ڪري، ڪمائتيءَ شيءِ کي جھلي ٿو؛ تعليم يافتھ انسان پڻ ائين آھي؛ پرڻ ڪمائتي شيءِ سوراخن مان ھيٺ ڪيرائي، فقط گند کي قابو ڪري ٿو، اھي ڪم اڻ پڙھيلن جا آھن.“

آکاڻي پوري ڪرڻ سان حميد جي چھري جو رنگ بدلجڻ لڳو. ھن سمجھيو تھ اھو ڪاغذ ڌڻي تعاليٰ وٽان آيل ھو. جنھن وقت سندس ۽ پيروءَ جي وچ ۾ گفتگو ٿي رھي ھئي، ان وقت الله سائينءَ حميد جي ارادي کي پختي ڪرڻ لاءِ کيس اھو پنو موڪليو، جنھن ۾ علم جي اعليٰ طاقت جو ذڪر ٿيل ھو. حميد پيءُ کي پني ۾ درج ٿيل مضمون کان واقف ڪيو، جنھن تي ھن وراڻيو، ”عالم بلڪل پورو جواب ڏنس.“ اھو پنو پھراڻ جي کيس ۾ وجھي، حميد ٻيو ڪاغذ پڙھڻ شروع ڪيو، جنھن ۾ ھن ريت لکيل ھو: ھڪڙي شاعر چيو آھي، ”منھنجو سانگي سان ڪنھن خانداني گھراڻي جي ماڻھوءَ وٽ، مھمان جي حيثيت ۾ وڃڻ ٿيو. منھنجي مھماندار جي جڳھھ بلڪل ڪشادي ھئي؛ مگر ان جاءِ ۾ ھڪڙو ڪمرو اھڙو تھ اونداھو ھو، جو اتي ڏينھن رات ڏيئو پيو ٻرندو ھو. مان جڏھن جاءِ ڏسندي ڏسندي، ان ڪمري ۾ گھڙيس، تڏھن ان ڏيئي، جو فانوس ۾ بند پيو ھو، چيو، ’مان ڏاڍو دکي آھيان، اٺئي پھر ٻرندو رھان ٿو. مان باھھ آھيان؛ سج، چنڊ، تارا، بجلي منھنجون ئي جدا جدا صورتون آھن؛ ليڪن جو ڏينھن جو ڪم ڪري ٿو سو رات جو آرام وٺي ٿو ۽ جو رات جو مشغوليءَ ۾ آھي سو ڏينھن بنا ڪم گذاري ٿو. قدرت وٽ بھ آرام آھي؛ مگر انسان ڪھڙو نھ بيدرد آھي! مون کي ڏينھن توڙي رات ڪٺور دل ماڻھوءَ جي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. مون کي شيشي جي چئن ڀتين اندر اھڙو تھ قابو ڪيو اٿس جو منھنجا پريمي پتنگ بھ مون سان ملي نٿا سگھن.‘ ڏيئي جي ان ڏک ڀريءَ ڪھاڻيءَ مون کي ويچار جي ساگر ۾ ڦٽو ڪيو. مان ھڪ ٽڪ ان فانوس ۾ پيل ڏيئي طرف ڏسندو رھيس. نھاريندي نھاريندي، منھنجي اکين آڏو ھڪ ٻي صورت اچي بيٺي. ھزارين فانوس ۽ ھزارين ڏيئا ڏسڻ لڳس. دنيا ۾ غريب جي حالت بھ بند ٿيل ڏيئي جيان آھي. غريب کي رات ڏينھن ڳھڻو پوي ٿو، شاھوڪارن کي خوش رکڻ لاءِ وھڻو پوي ٿو، ھنن کي آرام جي فرصت ڪانھي. شاھوڪارن جي عيش عشرت واري زندگيءَ جي محلات کي ٺاھڻ لاءِ، جو گارو ڪم اچي ٿو، ان ۾ مٽيءَ بجاءِ غريبن جون ھڏيون ۽ پاڻيءَ جي بجاءِ انھن جو رت پوي ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org