سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :7

باب ٻيو

لوڪ ادب

سنڌي لوڪ ادب ۽ ان جي ادبي سماجي حيثيت مٿي ايپڪ ۽ ليجينڊ جي باري ۾ لکڻ کانپوءِ اسان هاڻي لوڪ ادب جي باقي صنفن تي بحث ڪري سگهون ٿا. ليجينڊ جي باري ۾ اناتول فرانس (Anatol France) جا لفظ آهن ته ان ڪهاڻيءَ مان اسان کي اهي سڀ خيال ملن ٿا، جيڪي ان جي وجود لاءِ ضروري آهن. حقيقت ۾ اهڙا خيال گهڻي تعداد ۾ گهرجن به نه. رڳو ڪي ٿوريون نصيحت واريون آکاڻيون به لکي دکي حياتين کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ ڪافي آهن. هن طرح سماجي ڪارج جي خيال کان معلوم ٿو ٿئي ته ليجينڊ يا مثالي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج آهي دکي حياتين کي دلچسپ بڻائڻ. اناتول فرانس هن طرح ادب جو هڪ عوامي ۽ سماجي ڪارج ٻڌائي رهيو آهي. هن طرح ادب عام آدمين (Masses) جي قريب اچي ٿو.

فوڪ لور ان وقت فوڪ لور ٿيو جنهن وقت فوڪس مان عوام (Masses) ۽ پبلڪ ٺهيا. فوڪ لور اهو وکر آهي جنهن کي روايت (زباني يا علمي)، زبان، عمل، رواج، فوڪ راڳ يا فوڪ ڪهاڻيءَ جي مدد سان پيدا ڪيو يا وڌايو ويو هجي. فوڪ لور هڪ زباني تاريخ (Verbal History) جهڙو آهي. اهو اڻ لکيل تاريخ جهڙو آهي، جنهن کي شعر ۾ به آندو ويو آهي. فوڪ لور گهڻو ڪري ڇنل يا جدا ٿيل سماجن ۾ لڌو ويو آهي. انهن ئي سماجن ۾ فوڪ لور کي امتياز ۽ پختگي عطا ٿي آهي. هن حالت ۾ سماج جي جدا رهڻ جا سبب رڳو زميني حالتون نه آهن پر انهن حالتن ۾ ڌنڌا، مذهب، قوميت ۽ ٻوليءَ واريون حالتون به ڳڻي سگهجن ٿيون. هن حالت ۾ علائقائي ڪلچر جو هڪ لوڙهو (Fence elevation) بڻجي ٿو پوي، جنهن ۾ فوڪ لور وڌي ٿو. فوڪ لور ۾ ڪلچر جو اثر ظاهر آهي. فوڪ ڪلچر اهو ڪلچر آهي، جيڪو مذهبي ۽ مضافاتي (Rural) آهي. هن ڪلچر ۾ انساني ڪارڪردگي (Behaviour)  روايتي، بي ساختي ۽ شخصي ٿئي ٿي. هن  حالت ۾ معاشي حالت جو دارومدار درجي (Status) تي هوندو آهي ۽ نه عام مارڪيٽ (Open Market) تي. فوڪ لور رڳو زباني طور تي هڪ نسل کان ٻئي تائين پهچي ٿو، پر هر اها شيءِ، جا هڪ نسل کان ٻئي تائين زباني طور تي پهچي ٿي تنهن کي فوڪ لور چئي نه ٿو سگهجي. (1)

 

بروئر جي لغت ۾ فوڪ لور کي هيئن پيش ڪيو ويو آهي: فوڪ لور ڀرمن جي علم، مٿالاجي، مثالي ڪهاڻيءَ (ليجينڊ)، رواج، روايت ۽ پهاڪن جي انهيءَ اڀياس جو نالو آهي، جيڪو قوم ۾ موجود آهي؛ ۽ فوڪ لورسٽ (Folklorist) اهو آهي، جيڪو هنن مامرن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندو هجي. (2)

 

اڻويهين صديءَ جي وچ تائين گهڻو ڪري سڀني ادبن ۾ هن قسم جا مواد موجود هئا. فوڪ لور جو لفظ سال 1846ع ۾ ڊبليو- جي- ٿامس (W.J. Thomas) پنهنجي جريدي اٿينائيم (Aethenaeum) ۾ ڪم آندو هو. (3)

 

ان کان پوءِ هي لفظ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچي ويو. هن لفظ کي ڪيتريون ئي معنائون ملي ويون آهن. مثال طور فرانس ۾ خاص ڪري فوڪ لور جو لفظ اهڙيءَ معنيٰ ۾ ٿو ڪم اچي، جو ان ۾ روايتي زرعي فارم، روايتي گهرن جي اڏاوت جا نمونا، زراعت جا ڪم، ڪپڙي اڻڻ جا طريقا ۽ ٻيا اهڙا عمل به اچي ٿا وڃن. اهڙيءَ ريت هن لفظ ۾ انهن ملڪن جي خيال کان اهي عمل به اچي ٿا وڃن، جيڪي هونئن علم الانسان جي دائري ۾ داخل آهن. پر انگريزي زبان ۾ هي لفظ انهيءَ دائري ۾ ڪم ٿو ڪري جنهن ۾ ڪنهن قوم يا گروهه جون ڳالهايل يا لکيل روايتون شامل آهن يا ان ۾ روايتي جمالياتي اظهار جو نمونو اچي ٿو وڃي. هڪ لحاظ کان هن طرح به هي لفظ مواد ۽ طريقي جي خيال کان علم الانسان جي حد اندر اچي ٿو.

 

اهڙيءَ ريت علم الانسان (Anthropology) ڪهڙو به هجي پر اهو بنيادي طور تي روايتي جمالياتي اظهار جو نمونو هوندو آهي (جنهن ۾ ڪنهن قوم يا گروهه جو جمالياتي اظهار جو طريقو ڪم ڪندو آهي). هن طريقي جا نمونا هوندا آهن: ڪهاڻيون، ڪچهريون، تبليغي تقريرون ۽ راڳ، هن طرح فوڪ لور اسان جي ڪچهريءَ جو رنگ ۽ مفهوم به ڏئي ٿو.

 

بهرحال فوڪ لور جي مواد جي باري ۾ ايترو يقين سان چئي ٿو سگهجي ته ان ۾ لوڪ ناچ، لوڪ ڪهاڻي، مقامي داستان يا مها ڪهاڻيون، چوڻيون ۽ پهاڪا ۽ ڳجهارتون اچي ٿيون وڃن. (4)

 

ظاهر آهي ته سنڌي ادب ۾ هي سڀ نمونا ڪجهه تحرير هيٺ آيا آهن ۽ ڪي تحرير ۾ اچي رهيا آهن.

فوڪ لور جي نوعيت

ڏٺو ويندو ته نوعيت جي خيال کان فوڪ لور روايتي (Traditional) آهي. انهن گروهن ۾ جن ۾ فوڪ لور زندگيءَ تي اثر ڪري چڪو آهي، فوڪ لور کان ٻاهر ڪوبه گڻ (Value) موجود نه آهي. اهي نواڻ کي ڪجهه به نه ٿا سمجهن. انهن وٽ پراڻو هئڻ ئي درست هئڻ جو ثبوت آهي، انهن وٽ پراڻو ئي مستند آهي.

هن طرح سنڌ جي سماج ۾ ڪي بيماريون به اسپتالن جي علاج سان نه پر پراڻن ۽ روايتي طريقن سان دفع ڪيون ٿيون وڃن. مثال طور ڇڪي ٻڌڻ، منڊ پڙهائڻ، ڦيڻو وجهائڻ، دعا لکائڻ، چڪ، ٻاراڻي ڪاڪڙي، اک جي اٿڻ ۽ ٽيئڙ تپ جا ساٺ ڪرائڻ.

ارڙهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي فوڪ لور جو اڀياس عالمن انساني اصولن جي آڌار تي شروع ڪيو هو. (5)

هن طرح فوڪ راڳ ۽ فوڪ ڪهاڻي يا لوڪ راڳ يا لوڪ ڪهاڻي جي مامرن تي به سوچيو ويو.

هن طرح فوڪ لور دنيا جي سڌريل قومن ۽ به جاءِ وٺي ويو. فوڪ لور جي باري ۾ مٿين اڀياسن مان ڏٺو ويندو ته اهو قومن جي سماجي حالتن سان تعلق رکي ٿو. فوڪ لور جي مواد ۾ ڪنهن نه ڪنهن سماج جا سماجي طريقا، روايتون، اعتقاد، ويساهه، ڀرم ۽ مذهبي عقيدا شامل آهن. اهڙيءَ ريت فوڪ لور جو مواد ٻوليءَ جي اصلي يا بنيادي صورت جو اهڃاڻ به ٿئي ٿو. ان ڪري ان ۾ ادب جون بنيادي ڳالهيون جهڙوڪ ڳجهارت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو هئڻ ضروري آهي.

اهڙيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اسان جو فوڪ لور اسان جي ادب جي ابتدائي شڪل آهي ۽ ان ۾ دنيا جي پراڻي ادب واريون ڳالهيون يعني سريلا گيت، ناچ جا نمونا، ڪهاڻيون، جنگ ۽ مذهبي عقيدي وارا گيت ۽ ٻيون اهڙيون ادبي صنفون موجود آهن، تنهن جي لاءِ ڳالهيون سنڌي ادب ۾ ڪهڙي ريت روايتي طور تي داخل ٿيون آهن، تنهن جي لاءِ هڪ جدا تحقيق جي ضرورت آهي. پر سنڌي ادب جي هن اوائلي طريقي ۽ نموني مان معلوم ٿئي ٿو ته فوڪ لور ۾ اسان جي سماجي ۽ مذهبي سڀاءُ ۽ سٽا جو وڏو هٿ آهي. ان ڪري اسان جو فوڪ لور اسان جي سماجي تاريخ جي اڀياس ڪرڻ وارن لاءِ هڪ وڏي شاهدي آهي.

فوڪ لور ۾ (1) رواج، (2) عبادتون، ۽ (3) اعتقاد اچي وڃن ٿا.

هنن جو واسطو ڪڏهن فردن سان، ڪڏهن گروهن سان ۽ ڪڏهن ته قومن سان به هوندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته رياستي سطح تي فوڪ لور عام طور تي مڃيل رواجن، پوڄا جي طريقن ۽ اعتقادن جي مخالفانه عنصر جي حالت ۾ به موجود هوندو آهي.

هي رواج، پوڄا جا طريقا ۽ اعتقاد عام طور انهيءَ ڪري زندهه رکيا ويا آهن، جو انهن مان روايت کي تقويت ملي ٿي.

روايت

روايت اُها انساني خواهش آهي، جنهن مطابق انسان پاڻون وڏن يا پاڻ کان اڳ وارن ماڻهن جي مڃيل يا قبول ڪيل ڳالهين کي ڪنهن به تبديل کانسواءِ اڳتي وڌائي ٿو.

عام طور تي روايت کي زندهه رکڻ جا ٻه سبب ٿين ٿا.

ڪن حالتن ۾ اڪثر عوام (Great Masses) تهذيب جي مواد ۽ ذخيري کان متاثر ڪونه ٿو ٿئي، ڇوته تهذيب جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪن سماجي سببن جي ڪري (جن ۾ انهن جو پنهنجو هٿ گهٽ هوندو آهي)، هو اها تهذيب پاڻ پيدا ڪري نه سگهندا آهن، توڙي جو اها تهذيب خود انهن کي به وڪوڙي ويندي آهي ۽ پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيندي  آهي.

ڪن حالتن ۾ ماڻهو ڪلچر ۽ تهذيب کان ڇنل رهندا آهن ۽ اهي نظرياتي ۽ تهذيبي مرڪزن کان گهڻو ڪري رهجي ويندا آهن.

فوڪ لور يا ته روايتي ٿئي ٿو يا نفسياتي، روايتي فوڪ لور اهو آهي، جنهن ۾ روايت کي زنده رکڻ واريءَ خواهش ڪم ڪيو هجي، ۽ نفسياتي فوڪ لور اهو آهي، جنهن ۾ نسل يا افراد نفسياتي طور تي ۽ ذهني طور تي ايترو رڌل رهن ٿا، جو اهي پنهنجي ماحول جي بدلجندڙ حالتن کي يا تهذيب جي نتيجن کي نه ٿا سمجهي سگهن.

فوڪ لور جا جزا

روايتي فوڪ لور جا جزا ٽي آهن؛ رواج، پوڄا جا طريقا ۽ اعتقاد. پر نفسياتي فوڪ لور جو جزو بس هڪ ئي آهي، ۽ اهو آهي اعتقاد. هن هيٺ اسان هر هڪ جو جدا ذڪر ڪريون ٿا.

رواج (Customs)

فوڪ لور ۾ رواج جو تمام وڏو دخل آهي. رواج ۾ اهي سڀ طريقا Ways اچي ٿا وڃن، جيڪي ڪڏهن مقامي آهن ته ڪڏهن شخصي. اهڙيءَ حالت ۾ انهن طريقن جي سچائيءَ جو دليل اهو هوندو آهي ته انهن کي لڳاتار ۽ گهڻو وقت اختيار ڪيو ويو آهي. اهي طريقا پوڄا جي طريقن کان به متاثر ڪونه ٿيندا آهن، ۽ انهن جو اعتقادن سان ڪو تعلق ڪونه هوندو آهي. اهي طريقا يا ته خاندان سان تعلق رکندڙ هوندا آهن يا مقامي ۽ قوميتي هوندا آهن.

پوڄا جا طريقا (Rites)

هنن طريقن ۾ اهي طريقا شامل آهن، جيڪي اعتقاد کان متاثر ٿين ٿا.

اعتقاد

الف-  شخصي، جن کي عام طور تي قبول نه ڪيو ويو هجي.

ب-   خانداني، جن ۾ ٽوٽميت جا اثر موجود هجن.

(3) فوڪ لور جي تاريخي افاديت

فوڪ لور جو بنياد روايت تي آهي ۽ روايت کي فوڪ لور جي سند حاصل هوندي آهي. انهيءَ حالت ۾ فوڪ لور جي سند سان روايت تاريخي رڪارڊ يا شاهديءَ جي برابر هوندي آهي. پر ڪن حالتن ۾ جيڪڏهن تاريخي رڪارڊ موجود نه هجي يا موجود هجي ته ڀروسي جهڙو نه هجي، ته پوءِ فقط روايتي رڪارڊ تي ڀروسو ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي سچو سمجهيو ويندو آهي، توڙي جو روايتي رڪارڊ اسان وٽ مٿ Myth جي حيثيتن ۾ موجود هوندو آهي.

مٿ (Myth) ڪابه عدم مان پيدا ڪانه ٿيندي آهي. مٿ کي تصوراتي ادب به هرگز نه ٿو چئي سگهجي. مٿ سچ جي انهيءَ پردي جو نالو آهي، جنهن ۾ اندر سچ ۽ صرف سچ موجود آهي.

فوڪ لور جا جزا انسان جي مذهبي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ هڪ وڏي جاءِ رکن ٿا ۽ وڏو دخل رکن ٿا. مقامي طور تي هي جزا انهيءَ ملڪ سان تعلق رکن ٿا جنهن ۾ فوڪ لور کي زندهه رکيو وڃي ٿو.

فوڪ لور مذهب کان به اڳ پيدا ٿيو هو ۽ سياست کان به عمر ۾ وڏو آهي. فوڪ لور اسان کي انهيءَ دور تائين وٺي ٿو وڃي، جنهن ۾ انسان فوڪ لور جي بنيادن تي پيدا ڪري رهيو هو ۽ جن مان فوڪ لور پيدا ٿيو آهي.

انساني تاريخ جو اونداهو دور (Prehistoric Age) انهن ئي جزن ۽ بنيادن جو دور هو، جن مان اڳتي هلي انساني تاريخ ٺهي آهي. حقيقت ۾ کوٽائيءَ جي شاهدين (Archaeological evidences) ۽ جيالاجي جي شاهدين کان سواءِ اسان وٽ انساني تاريخ جي اونداهي دور جي شاهدي رڳو انهن ئي بنيادن (Origins) جي صورت ۾ پهتي آهي، جن مان فوڪ لور ٺهيو آهي.

هن طرح فوڪ لور پاڻ به هڪ تاريخي سچائي رکي ٿو؟ ان جي حيثيت تاريخي شاهديءَ جهڙي آهي. هاڻي، ڇاڪاڻ ته فوڪ لور اسان کي ٻوليءَ جي مدد سان ئي مليو آهي، اسان چئي ٿا سگهون ته ٻولي به اسان جي سماجي تاريخ جو هڪ وڏو وسيلو (Source) آهي ۽ ان جي آڌار تي به اسان پنهنجي تاريخ لکي ٿا سگهون.

فوڪ لور اهو رڪارڊ آهي، جيڪو روايتي ڪهاڻين، اعتقادن، راڳن ۽ گيتن ۽ ڏڻن جي صورت ۾ سماج جي گهٽ پڙهيل ماڻهن جو پيدا ڪيل آهي ۽ انهن وٽ ئي موجود آهي. (6)

فوڪ لور علم الانسان جي عالمن لاءِ وڏي دلسچپيءَ جي ڳالهه آهي، ڇو ته اهي ڪهاڻيون، جيڪي فوڪ لور ۾ آهن، سي انساني تجربي جو وڏو حصو پاڻ ۾ رکن ٿيون. (7)

سنڌي لوڪ ادب جون ڪي ضروري خصوصيتون

لوڪ ادب (فوڪ لور) جي باري ۾ جيڪي مٿي لکيو ويو آهي، ان جي آڌار تي هاڻي لوڪ ادب جي ڪن ضروري خصوصيتن کي هن هيٺ ڄاڻايو ٿو وڃي.

لوڪ ادب جو بنيادي تصور انسان جي اجتماعي زندگيءَ وارو تصور آهي. (هن باري ۾ ياد رکڻ گهرجي ته ڪريسٽ روايت، جيڪا انفرادي ۽ ڪنهن وڏي رتبي ۽ سوڀ واري روايت آهي، سا لوڪ روايت تڏهن ٿي بڻجي، جڏهن ان کي عوامي سطح تي قبول ڪيو ٿو وڃي.)

 لوڪ ادب (فوڪ لور) اهو مواد آهي، جيڪو بنيادي طور تي چئن ڳالهين سان جڙي ٿو:

(الف) روايت

(ب) عمل يا رواج

(ت) راڳ ۽ سنگيت، ۽

(ج) ڪهاوت.

(3) لوڪ ادب ڇنل ۽ جدا ٿيل معاشرن ۾ گهڻو ٿو ملي.

(4) لوڪ ادب جي مواد ۾ ڪلچر جو مواد آهي ۽ ڪلچر ان مواد ۾ هڪ تحرير (Movement) جيان ڪم ڪري ٿو.

(5) لوڪ ادب جو ڪلچر بنيادي ۽ تاريخي ڪلچر آهي، ان ڪري اهو گهڻو ڪري مضافاتي (Rural) آهي.

(6) لوڪ ادب گهڻي ڀاڱي غيرمذهبي (Secular) آهي، ڇوته لوڪ ادب مذهبن کان اڳي پيدا ٿيو هو.

هن باري ۾ ياد رکڻ گهرجي ته مذهبي روايت اها روايت نه آهي، جيڪا اعتقاد تي ٻڌل آهي. اعتقاد ته غيرمذهبي زندگيءَ ۾ هڪ مٿ (Myth) جي شڪل ۾ موجود هئا. مذهبي روايت اها آهي، جيڪا آسماني ڪتابن تي ٻڌل آهي ۽ اها روايت لوڪ ادب ۾ گهڻو دير سان شامل ٿي آهي.

(7) معاشي زندگيءَ جي خيال کان لوڪ ادب جي معاشيات جو مرڪز فرد واحد (Individual) آهي، ڇوته اها معاشيات مارڪيٽ واري نه پر مرتبي (Status) واري آهي.

(8) لوڪ ادب جا بنياد اسان جي تاريخ ۽ تهذيب جا بنياد آهن، ان ڪري لوڪ ادب هڪ طرف تاريخ جو مستند وسيلو يا ذريعو هو، ته ٻئي طرف تهذيب جو بنياد يا ان جي بنيادي صورت.

(9) لوڪ ادب سياسي نظامن کان اڳ وارو نظام آهي، ان ڪري ان ۾ سياسي زندگيءَ جون جهلڪون تمام ٿوريون آهن ۽ اهي به بعد جي دورن ۾ شامل ڪيون ويون آهن.

(10) لوڪ ادب جي قدامت جي شاهدي رڳو ان جي ٻوليءَ واري شاهدي آهي.

(11) لوڪ ادب ۾ انسان جي ابتدائي زندگي جو مجموعي تجربو شامل آهي.

(12) لوڪ ادب جي ڪنهن به شيءِ جي تصنيف (Authorship) هٿ ڪري نه ٿي سگهجي، ڇوته لوڪ ادب هڪ سلسلو آهي ۽ مڪمل ڪيل شيءِ.

(13) لوڪ ادب جي منتقلي (Transformation) زباني طور تي ٿي آهي ۽ نه تحريري طور تي. ان ڪري ان ۾ هر دور ۾ ذاتي صلاحيت جو اثر رهيو آهي.

(14) لوڪ ادب جون سڀ روايتون ارتقائي (Evolutionary) آهن. انهن مان جيڪي وڌيڪ طاقتور هيون، سي وڌيڪ وقت رهيون آهن. انهن مان جيڪي ڪمزور هيون، سي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ ختم ٿي ويون ۽ انهن جي جاءِ نين روايتن اچي ورتي، ۽ اهڙيءَ ريت هيءَ سلسلو چالو رهيو. (هن باري ۾ جمالي جي باب ۾، اهو ڏيکاريو ويندو ته جمالي جا ڪيترائي ضروري فقرا اڄ اسان کي نه ٿا لڀن.)

(15) اهي صنفون، جيڪي ڄاڻي واڻي ۽ ڪنهن مقرر ٿيل مقصد سان ٺهيون آهن ۽ منڍ ۾ ئي لکيون ويون آهن، سي لوڪ ادب جي دائري ۾ اچي نه ٿيون سگهن.

(16) لوڪ ادب ۾ جيڪي شاعريءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا، سي ٻوليءَ جي سڀاويڪ صلاحيت جي ڪري آهن ۽ نه فن جي ڄاڻ يا علم جي ڪري. ان ڪري لوڪ ادب جي فن جو تعلق سڄو ادائگي يا ادا (Presentation) سان آهي يا ٽيڪنيڪ سان.

(17) لوڪ ادب جو آرٽ وارو پهلو آرٽ جي سادگيءَ ۽ سڀاويڪ ڪارڪردگيءَ سان واسطو رکي ٿو ۽ ان جو اظهار رڳو ادا ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري ادا لوڪ ادب جو انتهائي ضروري جزو آهي.

(18) روايت ۽ ذاتي صلاحيت لوڪ ادب ۾ گڏوگڏ رهيون آهن.

(4) نقطو نمبر 10

هن کان مٿي اسان نقطي نمبر 10 ۾، ٻوليءَ جي قدامت کي لوڪ ادب (فوڪ لور) جي قدامت ڄاڻايو آهي. هيءُ ڳالهه آءُ ڀانيان ٿو ته وڌيڪ تحقيق ڪرڻ واري ڪنهن نه ڪنهن عالم جو ڌيان ضرور ڇڪائيندي.

اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته لفظ لور (Lore) جي معنيٰ آهي اهو علم يا معلومات جيڪا انسان جي ماضيءَ جي ورثي طور زنده رهندي آئي هجي، ۽ هلندي هلندي اسان تائين پهتي هجي.

انهيءَ حالت ۾، سنڌ جو جيڪو ادبي يا ٻوليائي سرمايو سهيڙيو ويو آهي، اهو ڪهڙيءَ حد تائين لور آهي ۽ ڪهڙيءَ حد تائين لٽريچر آهي. اهو فيصلو ته هت ڪري نه ٿو سگهجي، پر ايترو چئي ٿو سگهجي ته، اسان جي پنهنجي ادبي نظريي پٽاندر، انهيءَ ڳالهه جو فصيلو ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي ته لور (Lore) جي ادبي حيثيت ڪهڙي آهي.

پر نقطي نمبر 10 ۾ اسان جيڪو ٻوليءَ جي قدامت وارو سوال اٿاريو آهي، اهو سوال اسان سڀني جي لاءِ هڪجهڙو اهم آهي. شاعر هجي يا محقق، سماجيات جو عالم هجي يا ادبي تاريخ جو، ٻوليءَ جو ماهر هجي يا تنقيد جو عالم، سڀڪو انهيءَ سوال جو ڪونه ڪو حل گهري ٿو.

سنڌي ادب جي تايخ ۾ يا سنڌي ٻوليءَ جي تاريخن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدمت جون جيڪي شاهديون ڪٺيون ڪيون ويون آهن، سي هي آهن:

سنڌي ادب جو پهريون جملو اره بره ڪنڪره ڪراڪري مندره هو.

ڪن اوائلي ۽ پٿرن مان جڙيل مهرن تي اڪريل اکر، جيڪي اڃا سوڌو نه پڙهيا وياآهن، پر هٿ ڪيا ويا آهن ۽ ڪي صاحب انهن جي پڙهڻ کي لڳا پيا آهن.

اڪريل ٻوليءَ جا اهي نمونا جيڪي ڦڻيءَ، مڇيءَ ۽ ٻين شين لاءِ مقرر ٿيل آهن.

تقابلي لسانيات (Comparative Linguaistics) ۽ تاريخي لسانيات (Historical Linguistics) جو اڀياس، جن جي بنيادن تي ٻوليءَ جي ترڪيب، سٽا ۽ اڏاوت جو ڪم ڪيو ويو، ٽرمپ ۽ گريئرسن به ڪيو هو پر هاڻوڪي دور ۾ سهولتن جي ڪري هي اڀياس وڌيڪ ٿيو آهي. اڄڪلهه خوبچنداڻي، جيرامداس، پوپٽي هيراننداڻي ۽ موليدر جيٽلي ۽ موتي جوتواڻيءَ کانسواءِ سنڌ ۾ پروفيسر جتوئي ۽ ڊاڪٽر الانا هن مامري تي وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر الانا جو طريقو سائنسي ۽ گهڻو سڌريل آهي. هو پختيون ثابتيون به پيش ڪري ٿو ۽ انهيءَ طريقي ۾ هو ٻوليءَ جي اڏاوت (Structure) جو اڀياس ڪري ٿو. هو پنهنجي طريقي جو اڪيلو ماهر آهي، پر ملڪ کان ٻاهر بورڊي ۽ خوبچنداڻي به هن طريقي تي ڪم ڪري رهيا آهن.

هنن طريقن ۽ شاهدين جي آڌار تي ڪي نتيجا به ڪڍيا ويا آهن، جيڪي ڊاڪٽر بلوچ، سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر الانا جي تحقيق جو نتيجو آهن. هنن نتيجن جي باري ۾ سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي تحرير هيٺ اچي چڪو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين جملي جي مفهوم تي جناب عبدالجبار صاحب جوڻيجي سورهن سال غور ڪيو هو. اهو جملو هن ڊاڪٽر بلوچ جي سند سان مقرر ڪيو هو ۽ اهو انهيءَ حالت ۾ ٻن تحريري نمونن ۾ ڪم آيو آهي:

اره اسره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره.

اره بره ڪنڪرا، ڪراڪري مندره.

جناب جوڻيجي صاحب مٿي آيل تحريري نمونن مان رڳو ٻئي نمبر جملي تي غور پنهنجي ڪتاب (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ) جي لکڻ کان اڳ واري ٻن سالن جي عرصي ۾ خاص طور ڪيو هو. هو پاڻ لکن ٿا ته منهنجي طالباڻي تحقيق موجب شاعر جو نالو منڌرو هو  يا هو ذات جو منڌرو هو.

اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر جوڻيجو صاحب شاعر جي ذات ۽ نالي جي باري ۾ فيصلي ڏيڻ کانپوءِ جملي جي مفهوم تي اچي ٿو ۽ اسان جي علم ۾ اضافو آڻيندي ٻڌائي ٿو، اره بره ڪنڪرا جي معنيٰ آهي اهڙا ٻڙا ڪير ڪري. اهڙي ريت بره ڪرا جي معنيٰ پاڻ ٻڙا ڪرڻ ٻڌائين ٿا. اهڙي ريت شاهه صاحب جي دور جي سنڌي ٻوليءَ سان ٻڙو نه لاهين ٻاجهه جو فقرو وٺي، پنهنجي انهيءَ ٻڙا ڪرڻ واريء سٽا جي ثابتي پيش ڪن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جن جي قائم ڪيل راءِ جيڪا اسان تائين پهتي آهي سا آهي ته 18 هجريءَ ڌاري سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻڙا ڪرڻ، وارو اصطلاح ڪم ايندو هو.

ٻڙا ڪرڻ جو مفهوم به اهڙو آهي، جهڙو شاهه جي دور جي هڪ اصطلاح ٻڙو لاهڻ يا ٻاجهه جو ٻڙو لاهڻ جو آهي.

ٻنهي اصطلاحن ۾ ٻڙو لفظ ساڳيو آهي، باقي ڪرڻ ۽ لاهڻ وارا لفظ هڪجهڙو مطلب ڏين ٿا.

لفظ ٻڙي جي معنيٰ مهرباني.

پر ان هوندي به جو هن شاعراڻي جملي جو شاعر سنڌي آهي، اهو نج سنڌي ذات منڌرا سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جملي ۾ (جيئن ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي 20 تي لکن ٿا) هڪڙو سنڌيءَ جو اصطلاح ٻڙا ڪرڻ ڪم آيو آهي ۽ اهو اصطلاح ٻاجهه جو ٻڙو لاهڻ واري اصطلاح جو مطلب ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جن پاڻ ئي وري چون ٿا ته ڪنهن به ريت هيءَ بيت سنڌي نه ٿو لڳي. (8)

اهڙيءَ ريت نتيجي طور چئبو ته ڊاڪٽر صاحب جن چوڻ گهرن ٿا ته

 هن شاعراڻيءَ تڪ جي معنيٰ آهي اهڙي مهرباني ڪوبه ڪري نه سگهندو جهڙي منڌرو ڪري ٿو.

 ڪنهن به ريت هيءَ بيت سنڌي نه ٿو لڳي.

 اها خبر نه آهي ته هيءَ سٽ ڪهڙيءَ ٻوليءَ جي آهي. ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجو فيصلو ڪونه ٿا ڏين، رڳو پنهنجو گمان ظاهر ڪن ٿا.

ڏسجي ٿو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت جي باري ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم رڳو ترڪيبي لسانيات جي آڌار تي ٿي رهيو آهي ۽ ٿيو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙو مفيد مشورو هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته ترڪيبي لسانيات جي طريقن پٽاندر سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾ هڪ ٻيو طريقو به اختيار ڪري ٿو سگهجي، ۽ اهو طريقو آهي نالي جي اڀياس وارو طريقو.

نالي جي ٻوليائي اهميت هن ريت آهي؛

نالا شين جي بنيادي تصور (Basic Concepts) سان تعلق رکن ٿا، ان ڪري انهن جي بقا ۽ جٽاءَ جو تعلق به شين جي وجود ۽ جٽاءَ سان آهي.

ماڻهن جا نالا هڪ اهڙي روايت سان تعلق رکن ٿا، جنهن مطابق اڳئين (Former) جو نالو پوئين (Later) تي رکيو ويندو آهي. هن طرح هيءَ روايت هڪ ٽوٽم جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي ۽ اها ئي روايت سنڌي سماج ۾ بنيادي راويتن مان هڪ آهي، ان ڪري ان جي بقا لازمي آهي.

نالا ٻوليءَ جي وياڪرڻي صورتن ۾ به ساڳيا رهن ٿا ۽ انهن جي ڦيرڦار نه ته لهجي تي مدار رکي ٿي ۽ نه گرامر تي. پر جيڪڏهن لهجي واريءَ ڦيرڦار ۾ لفظ جراڙ ڦري جمال يا جمالو ٿئي ٿو (جيئن دهل جي ڊگهي آواز جي ڪري جمال جو آواز جمالو جهڙو ٿيو آهي) ته به هيءَ ڦيرگهير آسانيءَ سان معلوم ڪري ٿي سگهجي.

نالا ڪلچر جو اهڃاڻ ڏين ٿا ۽ ڪلچر ٻوليءَ جو سڀ کان پراڻو بنياد آهي. ڪلچر ٻوليءَ ۾ هڪ ڌارا (Postulate, Current or Stream) جي صورت ۾ زندهه رهي ٿو.

سماجي اڀياس جي خيال کان نالا ماڻهن ۽ شين جي تصورن (Conepts, qualities) ۽ جنسي وجودن (Concretes) ٻنهي جا محافظ رهيا آهن، ان ڪري انهن جي قدامت مشڪوڪ نه آهي.

نالا سماج جي لور (Lore) ۽ مٿ (Myth) جا اهم جزا به آهن. ان ڪري انهن جي حيثيت تاريخ جي خيال کان به مستند آهي، ڇو ته اهي لور ۽ مٿ جي تاريخ جو بنياد به آهن.

تاريخي اعتبار کان نالا واقعن (Events) کان مختلف آهن. ڇوته واقعو پنهنجي وجود لاءِ لکڻ واري جي بيان تحرير جي صلاحيت، قوت ۽ سچائيءَ جو محتاج آهي. پر نالو اهڙيءَ ڪنهن به شئ جو محتاج نه آهي. ان ڪري نالا تاريخ ۽ لور يا مٿ جي هٿ چراند کان محفوظ رهيا آهن.

تاريخي اعتبار کان ويدن جي دور جا به ڪي اهڙا نالا ملي ويندا جيڪي اسان تائين پهتا آهن. پر هڪ خيال کان اهي نالا ان لور جي مواد ۾ موجود هئڻ گهرجن، جنهن جي بنياد تي خود ويد ٺهيا آهن. اهڙيءَ ريت اهي نالا جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي لئه ۾ اڄ سوڌو سلامت آهن، سي سنڌيءَ ٻوليءَ جي ابتدا جو ڪونه ڪو دور ٻڌائي سگهندا.

اهڙي ريت دوپدي ۽ سوهندي کانسواءِ ٻڌ، ٻڌياڻي، ارجن، ڀيم سين، داس، مل، دريوڌن وارا نالا سوڌو سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. دروپديءَ جي لفظي مٽاسٽا Word Structure جي خيال کان سپتي، سدوري، لالي، سوهڻي، ڄامي، نوري، ٻائي ۽ ٻيا اهڙا نالا سنڌي ۾ اڪثر موجود آهن سندري ۽ سوهڻي ۽ سوهنديءَ  جهڙا نالا هڪ لفظ جي بنياد تي ٺهيا آهن. ٻڌيماڻ جي آواز جي جماڻ، ڍنگاڻ، ساماڻ، ساماڻو، پهلوان ۽ ٻلوان وغيره موجود آهن. داسل جي آواز تي ڄامل، ڦٿل، خانل، ڀورل ۽ آمل جا نالا موجود آهن.

اهڙي ريت سوهندي جو نالو اڄ سوڌو موجود آهي پر ان جي آواز تي جيئندي ۽ ٻيا نالا اڄ به اسان وٽ آهن.

اهڙي ريت داس ۽ مل جي لفظ جي آڌار تي بي شمار نالا آهن، جيڪي هندو رکن ٿا.

ڏٺو ويندو ته هن قسم جو اڀياس به صوتيات (Phonetics) جي آڌار تي ئي ٿي ٿو سگهي ۽ ان جي صحت ۽ سند جي لاءِ ترڪيبي لسانيات (Structural Linguistics) کان وڏو ڪم وٺي ٿو سگهي.

ماڻهن جي نالن کانسواءِ مقامي شين جي نالن جو اڀياس ته پاڻ وڌيڪ مستقل ۽ تاريخي حيثيت وارو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي ڄاڻڻ لاءِ هي طريقو به ڪارگر ثابت ٿئي.

هن طرح معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي جي قدامت جي باري ۾ اسان جا هن وقت تائين قائم ڪيل رايا خاص مدد ڪانه ٿا ڪن. ڪنهن حد تائين اسان جي تحقيق جي ٻولي به درست نه آهي.

اسان اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي معلوم ڪرڻ لاءِ سائنسي يا وڌيڪ موزون طريقو صوتيات وارو آهي يا ڪو ٻيو.

اسان هن هيٺ بحث کي هن ڪتاب جي آخري ڀاڱي ۾ وري کنيو آهي. هت اشاري طور اهو لکڻ مناسب ٿا سمجهون ته لسانيات ۽ صوتيات جي بهترين طريقن تي اسان کي ڪارگر ۽ موزون طريقن سان ڪونه آزمايو آهي. ٻوليءَ جي سٽا جي باري ۾ جا ڳالهه يقيني آهي سا آهي انسان جو يا آڳاٽي انسان جو تجربو. هي تجربو ماحول سان ٿيو هو، ۽ انسان جو ماحول ان دور ۾ زمين، جانورن، پکين، پاڻي ۽ اوزارن وارو ماحول هو. هن ماحول ۾ انسان ٻولي تڏهن ايجاد ڪئي جڏهن هن جون ضرورتون پوريون ٿيڻ لڳيون ۽ هن کي محنت جا جدا جدا طريقا اختيار ڪرڻا پيا. محنت جا اهي طريقا سڀاويڪ طور بار کڻڻ، زمين کوٽڻ، شڪار ڪرڻ، مال چارڻ، مڇيءَ مارڻ ۽ جنسياتي عمل جي وسيلي تسڪين حاصل ڪرڻ جا طريقا هئا. انڪري سڀاويڪ آهي ته ٻوليءَ جا بنيادي آواز به اهي آواز هوندا، جيڪي محنت جي هنن طريقن سان لاڳاپيل ۽ سڀاويڪ طور تي ڪيا ويا هوندا. هي آواز لازمي طور تي زمين، پٿر، پاڻيءَ، اوزارن، جانورن، پکين ۽ ماحول ۾ ان وقت موجود ٻين شين جي نالن ۾ موجود هئڻ گهرجن. ان ڪري اسان جو خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي نمونو اڄ به اسان جي ماحول ۾ موجود آهي ۽ نه ويا ڪرڻ جي ڪتابن ۾. هن ماحول جو اڀياس اسان اڳتي هلي پوئين حصي ۾ ڪنداسون. هت جن نالن جو ذڪر آيل آهي، سي تاريخي نالا آهن.

لوڪ راڳ

لوڪ راڳ، عام ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن جو اهو سريلو راڳ آهي، جنهن ۾ هاري ۽ ٻيا اهڙا ماڻهو، جيڪي رسمي موسيقيءَ جي تعليم کان واقف نه آهن، اهي حصو وٺن ٿا. (9)

اهڙيءَ ريت لوڪ گيت موسيقيءَ جو اهو طريقو آهي، جنهن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته

اهو عام ۽ قديم سازن تي ڳايو ويندو هو.

اهو ٽولن جي صورت ۾ گڏجي ڳايو ويندو هو.

ان ۾ عورتن ۽ مردن جي گڏيل شموليت هوندي هئي.

ان جي ڳائڻ ۾ ناچ (Dance) به شامل هوندو هو.

لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتاب نمبر سترهين جي مهاڳ ۾، جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن فرمائين ٿا ته ايترو چئي سگهجي ٿو ته لوڪ گيت (جيڪي لوڪ راڳ آهن)، عوام جي اجتماعي زندگيءَ جا اهڃاڻ آهن. (10)

ڊاڪٽر صاحب جي هن راءِ مان معلوم ٿئي ٿو ته لوڪ راڳ ان وقت ٺهيا، جنهن وقت انسان ٽولن جي صورت ۾ يا اجتماعن جي صورت ۾ زندگي گذاري رهيو هو.

تاريخي شاهدين جي بنياد تي، اهو معلوم ٿي ٿو سگهي ته انسان جي اجتماعي زندگيءَ جي انيڪ سببن مان اهم سبب هئا روزگار جا وسيلا. جڏهن کان انسان مال چارڻ جي زندگي اختيار ڪئي، هن کي هڪ هنڌ بستين (وستين)، واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ رهڻو پيو. چراگاهه جيڪي ان وقت ڌرتيءَ تي الڳ الڳ هنڌن تي موجود هئا، اهي ماڻهن جي ٽولن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي آيا. اهڙيءَ حالت ۾، مال چارڻ جي ڌنڌي جي نوعيت جي خيال کان آدم زاد انهيءَ ڳالهه جو پابند هو ته مڪاني زندگيءَ کي مدني زندگيءَ ۾ تبديل ڪري، ٻيءَ حالت ۾ مال ۽ جان جي سلامتيءَ لاءِ، چراگاهن جي گڏيل دولت (يعني چاري) جي منصفانه تقسيم ممڪن نه هئي.

اهڙيءَ ريت سڀاويڪ طور تي مدني زندگيءَ جو بنياد پيو هو. هيءُ بنياد زمين جي وڌيڪ اڀياس ۽ ان جي زرخيزيءَ جي علم هئڻ سان گڏ وڌيڪ پختو ٿي ويو. هن ڳالهه چراگاهن سان گڏ زراعت جو سبب پيدا ڪيو. زراعت اختيار ڪرڻ مان موسمي فصل پيدا ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت سال جي ڪن مهينن ۾ هارين ۽ پورهيتن کي فرصت ملڻ لڳي، جيڪا هنن کي الڳ واري مال چارڻ واري دور ۾ ملي نه ٿي سگهي. فرصت جي انهن دورن ۾، آدم زاد وندر ۽ ورونهين جا ڪي وسيلا اختيار ڪيا، ۽ اهڙيءَ ريت لوڪ راڳ ۽ لوڪ ناچ جو بنياد پيو.

لوڪ راڳ ۾ لوڪ ناچ جو شامل هئڻ به سڀاويڪ آهي، پر چئي نه ٿو سگهجي ته ٻنهي مان ڪهڙو اڳ ۾ وجود ۾ آيو هوندو.

لوڪ ناچ عام آدميءَ ۽ هاريءَ جو اهو ناچ آهي، جيڪو مضافاتي تهذيب ۾ پلجندو آهي. دنيا جي هر ملڪ کي لوڪ ناچ جي پنهنجي روايت آهي. اها روايت لوڪ راڳ ۽ لوڪ ناٽڪ جي روايتن سان گڏوگڏ قائم رهي آهي. ان روايت جي ابتدا اسان کي انسان جي زندگيءَ جي تمام آڳاٽن دورن (Primitive Times) ۾ ملي ٿي. اها روايت اهڙيءَ ريت وڃيو ٿي ان دور ۾ پوي، جنهن دور ۾ مذهبي گيتن کي ڳايو ويندو هو. (11)

ڏٺو ويندو ته لوڪ راڳ ۽ لوڪ ناچ انسان جي ڪلچر جي ابتدائي دورن جي پيداوار آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن ۾، روايتي شاعريءَ جي برخلاف، آدم زاد جي گڏيل سوچ، همت، زندگيءَ جي نمونن، محسوسات ۽ جذبن جو اظهار ٿيو آهي. انهيءَ بنياد تي ئي اهو سمجهجي ٿو ته لوڪ راڳن جو مواد (Text) انسان ذات جي تقاضائن کي پورو ڪري ٿو.

لوڪ ڪلچر، جيڪو لوڪ ناچ ۽ لوڪ موسيقيءَ ۾ زندهه رهيو آهي، ان جي پاڙ وڌي هيٺ ويئي آهي ۽ ان جون حدون دنيا جي نقشي تي ڏيکاريل قومن جي حدن کان وڌيڪ ويڪريون آهن.، (12)

لوڪ سنگيت جو قصو به اهڙو ئي آهي. لوڪ سنگيت انساني بنيادن تي انسانن جوڙيو آهي ۽ انسانن لاءِ جوڙيو ويو آهي. اڳتي به انساني سماجن ۾، لوڪ گيت کي انهيءَ ريت سان ۽ انهيءَ روپ ۾ زندهه رهڻو آهي. (13)

ڏٺو ويندو ته انهيءَ حالت ۾ لوڪ گيت، لوڪ ناچ، لوڪ سنگيت ڄڻ لازم ۽ ملزوم آهن ۽ انهن جي تاڃي پيٽي ۾ لوڪ ڪلچر ڪم آيو آهي. ڪن عالمن جو رايو آهي ته لوڪ راڳن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي ٿو سگهجي.

وطن جي محبت جي جذبي تي ٻڌل راڳ،

زباني ادا ٿيندڙ اڳ جيڪي لکيل نه هجن. (14)

مان ڀانيان ٿو ته مغرب جا اڪثر عالم جيئن ٻين ڳالهين ۾ مشرق يا خود سنڌ کي بحث هيٺ ڪونه ٿا آڻين، اهڙيءَ ريت هو اسان جي لوڪ ادب جو اڀياس به ڪري ڪونه سگهيا آهن. لوڪ ادب جو اڀياس ته خود اسان وٽ 1955ع کان پوءِ شروع ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪتاب نمبر 17 ۾ 57 صنفون آيون آهن، پر ته به همبوشيءَ ۽ سمعن (سماع) جو ذڪر ڪونه آيو آهي. هي راڳ يا ناچ- راڳ به اهڙا آهن، جن کي ٽولن جي صورت ۾ ڳايو ويندو آهي.

جوزف شمپلي صاحب لکي ٿو: فوڪ راڳ جي ڳائڻ ۾ گهڻا ماڻهو شامل ٿين ٿا، هر هنڌ ائين ٿئي ٿو. (15)

ساڳي ڳالهه اسان جي لوڪ راڳن (لوڪ گيتن) سان به شامل آهي.

جيستائين فوڪ يا لوڪ راڳن جي تقسيم جو سوال آهي، اسان ڏسي ٿا سگهون ته اسان وٽ اڄ به ان جا ڪيترائي ئي قسم موجود آهن، پر مواد جي خيال کان انهن جي تقسيم جو ڪم مشڪل نه آهي. پر هي ڪم لوڪ ادب تي تحقيقات جو ڪم آهي. اسين هتي پنهنجي مقصد جي خيال کان رڳو لوڪ ادب جي موضوع مان لوڪ ادب جي ڪن روايتن جي طرف اشارو ڪري ٿا سگهون.

مواد جي ڀڃ-گهڙ هر انهيءَ صنف ۾ ڏسي ٿي سگهجي، جنهن کي تحرير ۾ گهڻو آڳاٽو نه آندو ويو هو. ان ڪري اهو به وسهي ٿو سگهجي ته لوڪ راڳ يا لوڪ گيتن جي 57 صنفن جو هٿ آيل مواد اسان تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪيترين منزلن تي ڀڳو ۽ گهڙيو ويو هوندو.

هيءَ ڳالهه جمالو لوڪ راڳ يا لوڪ ناچ جي اڀياس مان معلوم ڪري ٿي سگهجي.

(6) جمالو 

جمالو لوڪ راڳ جي باري ۾ چڱيون خاصيون روايتون موجود آهن.

جمالو پورهيتن جو راڳ-

هن روايت پٽاندر اصل منڍ يا وراڻو آهي هيج- مان- لو. اهڙيءَ طرح لفظ هيج خوشي جي معنيٰ ۾ ڪم آيو آهي ۽ هيج مان جي معنيٰ آهي وه واهه، بهاريون ٿي ويون، اسان ڏاڍو خوش آهيون، ۽ لو ڌنڪ جو آواز آهي، جنهن مان هن لوڪ راڳ يا لوڪ ناچ، راڳ جي ادائگي يا ادا (Presentation) جو اهڃاڻ ملي ٿو. هن خيال کان:

جمالو لوڪ ناچ- راڳ اسان جي پورهيتن جو راڳ آهي.

اهو اسان جي مدني زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي.

اهو اسان جي پورهئي جي شان ۽ پورهيتن جي محبت واري جذبي جو راڳ آهي.

اهو اسان جي امداد باهمي واريءَ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ واري جذبي جو راڳ آهي.

اهو اسان جي پوکيءَ راهيءَ واريءَ زندگيءَ جو راڳ آهي.

هن نظريي تي اعتراض-

لوڪ گيتن واري ڪتاب ۾ جمالو جا جيڪا فقرا گڏ ڪري هڪ هنڌ آندا ويا آهن، انهن کي پڙهڻ مان معلوم ٿو  ٿئي ته سواءِ لفظن هيج مان لو جي اهو راڳ اسان جي پورهئي واري سماج جو اهڃاڻ ڪونه ٿو ڏئي.

جمالو جي مواد ۾ ڪٿي به هيج- مان- لو ڪونه ٿو اچي. اصل ۾ سڄي سٽا ۾ هو جمالو ٿو اچي. هاڻي ڇاڪاڻ ته هو ۽ هي جي آوازن ۾ بنيادي فرق آهي، اهو وسهي نه ٿو سگهجي ته هو جمالو ۽ هيج مان لو هڪ ئي سٽا جون ٻه صورتون آهن.

جيڪڏهن اهو مڃيو ويندو ته هي راڳ پورهيتن جو راڳ آهي ته پوءِ هن راڳ جي ادائگي جنهن ۾ سر ۽ تال سان گڏ ناچ جا گر به اچن ٿا، سا اهڙي هئڻ گهرجي، جنهن سان پورهئي جي حالت ۾ جسم جي چرپر يا عنصرن جي تال (Tone) جو به لاڳاپو قائم ڪري سگهجي. هاڻي پورهئي جي شڪلين ۾ رونبو، لابارو، کاٽي، هر ۽ ڇاٽي خاص پورهئي جا نمونا هئا. هن خيال کان پورهئي جي هنن نمونن ۾ انساني جسم جي جا چرپر ٿئي ٿي تنهن جي تال جمال جي گيت جي مروج تال سان ڪانه ٿي لڳي، پر ان جي ابتڙ همرچو (همه ر چو ڙي لا) وارا لفظ انسان جي رفتار يا ان جي لاباري يا کاٽيءَ واري پورهئي جي حالت ۾ ان جي جسم جي چرپر کي وڌيڪ ويجها آهن. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته بنيادي طور تي جمالو پورهئي وارو راڳ نه آهي.

پر جيڪڏهن هن روايت جا ماهر عالم * (Experts) اهو ٿا مڃين ته هي راڳ رڳو پورهئي جي جشن جو راڳ آهي ۽ نه پورهئي جي نموني جو، ته پوءِ به هن حالت ۾ اعتراض اهو ٿو اٿي ته ڇاڪاڻ ته هن راڳ ۾ ڪٿي به انسان جي اجتماعي زندگيءَ ظاهر ڪرڻ وارو مواد ڪونه ٿو ملي، اسان هن راڳ کي جشن (Ceremony) وارو راڳ يا ڏڻ وارو راڳ (Ceremonial) چئي نه ٿا سگهون.

(3) جمالو گم ٿيل جمال يا جمالي جو راڳ-

هن روايت مطابق اهو ٻڌايو ويو آهي ته اتر جو ڪو ماڻهو هو جمال يا جمالو، جو پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ هيٺ وڃي لاڙ ۾ جتن سان گڏ گذاريائين؛ ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين سڪ وارن خوشيون ڪيون، ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي تي گيت ڳايائون.

هيءَ روايت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ٻڌ جي بنياد تي نقل ڪئي آهي، ۽ لوڪ گيت ڪتاب جي صفحي ٽئي تي اچي ٿي.

هيءَ روايت ٿوري لفظي ڦيرڦار سان جناب الله بخش ٽالپر پنهنجي ڪتابڙي سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا جي تاريخ واري ڪتاب ۾ به آندي آهي. هيءُ ڪتاب سنڌالاجيءَ ڇپيو آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جو تاليف ڪيل ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي.

هن طرح سنڌ جي ٻين تمام وڏن ادارن هيءَ روايت رڪارڊ تي آڻي، ڄڻ جمالي جي بحث جو ٽوڙ ڪري ڇڏيو آهي.

هن روايت تي اعتراض-

جمالو سالن بلڪ صدين کان هڪ لوڪ ناچ- راڳ جي صورت ۾ ڳايو ۽ وڄايو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اهو راڳ لوڪ ادب جي هڪ روايت بڻجي چڪو آهي. ۽ هاڻي ان کي روايت واريءَ سچائيءَ جي سند (Authority) حاصل ٿي چڪي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ضروري آهي ته ان جو بنياد ڪنهن اهڙي اهم ۽ قومي يا اجتماعي ڪارنامي تي هجي، جنهن کي پڻ اهو سچ حاصل هجي، جيڪو روايت بڻجي سگهي. هن حالت ۾ سچ يا ته تاريخي هئڻ گهرجي يا ڀرمي زندگيءَ (Myth) تي ٻڌل هجي يا وري اعتقاد تي ٻڌل هجي.

بحث هيٺ روايت جي مفهوم تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هن روايت کي ذڪر ڪيل ٽنهي قسمن جي سچائيءَ مان ڪابه حاصل نه آهي. تاريخ هن روايت جي تصديق ڪانه ٿي ڪري. مٿ هن روايت جي تقديق ڪانه ٿي ڪري، ڇوته مٿ ته انسان جي روحاني ۽ جذباتي زندگيءَ جي هڪ مجموعي صورت هوندي آهي ۽ ان جو تصور هميشه اجتماعي هوندو آهي. اهڙيءَ ريت اعتقاد (Belief) به هن روايت جي پٺڀرائي ڪونه ٿو ڪري.

جمالي کي هن روايت ۾ ڪابه سماجي شخصيت نه سمجهيو ويو آهي. اتر جو ڪوبه ماڻهو جمالو لاڙ هليو ويو ۽ جڏهن موٽي آيو تڏهن خوشيون ملهايون ويون ۽ اهو راڳ ڳايو ويو جيڪو صدين تائين هڪ روايت جي صورت ۾ زندهه رهيو- هيءَ ڳالهه بي بنياد آهي.

شايد هن ڪمزوريءَ کي جناب الله بخش ٽالپر محسوس ڪيو هو، ان ڪري هن جمالي کي شهيد ۽ تيرانداز ڪري پيش ڪيو. پر ان هوندي به ٽالپر صاحب هن روايت جي ڪمزوري پوري ڪري نه سگهيو، ڇوته جمالي جي تيراندازيءَ واري شخصيت به مٿي ذڪر ڪيل ٽن قسمن جي سچائيءَ جي آڌار تي ثابت نه ٿي ٿئي.

اسان جو خيال آهي ته هيءَ شخصيت رڳو تڏهن روايتي بڻجي سگهندي، جڏهن اسان جمالي جي ڪردار سان ڪونه ڪو اهم واقعو يا ڪونه ڪو سماجي ڪردار وابسته ڪنداسون.

هيءَ روايت جمالي راڳ جي رڪارڊ تي آيل مواد جي ڪيترن ئي نقطن مان رڳو ٻه نقطا يعني جمالو ۽ لاڙ خيال ۾ رکي ٿي. هيءَ روايت ڪيترائي ٻيا نقطا خيال ۾ نه ٿي آڻي، مثال طور لڙي اچڻ معنيٰ رستو مٽائي ٻئي پاسي کان اچڻ وغيره.

هي روايت سوني منڊيءَ وارو (Crest) رتبو ۽ جتن جي قدامت ۽ قومي اهميت وارو تصور خيال ۾ ڪونه ٿي آڻي.

جمالي جي اصل روايت کي سمجهڻ ۾ دشواريون-

غور سان ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته مٿي جيڪي به رايا يا روايتون اسان جمالي جي باري ۾ نقل ڪري بحث هيٺ آنديون آهن انهن جي هلڪي ۽ بي وزن هئڻ جا ڪي سبب آهن. ابي سبب اسان هيٺ ڏيئي رهيا آهيون:

جمالي راڳ کي اسان ان جي گڏ ڪيل مواد جي روشنيءَ ۾ نه پرکيو آهي.

جمالي جي حالت ۾ به اسان اهو خيال نه ڪيو آهي ته پراڻا راڳ هلندي هلندي سڀاويڪ طور تي بدلبا رهندا آهن ۽ انهن ۾ انفرادي صلاحيتن جي ڪري جيڪا ماحول جي بدل سدل ٿيندي آهي، اها نيون راهون ٺاهيندي آهي.

جمالي جي مواد گڏ ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان وٽ لوڪ ادب جي انيڪ ادبي روايتن مان ڪنهن جو به تصور موجود ڪونه هو.

جمالي جي روايت جا جيڪي راوي آهن، انهن مان گهڻا نه جمالي ڳائڻ وارا هئا ۽ نه لوڪ راڳ يا لوڪ ادب جا خاص محقق ۽ نقاد هئا.

ان وقت اسان جي سامهون مقصد رڳو اهو هو ته مواد جي سهيڙ ڪجي؛ ان ڪري اسان ان وقت ڇنڊڇاڻ جي سڌريل طريقن کي آزمائي نه ٿي سگهياسون؛ ۽ ان ڪري ممڪن آهي ته مواد جي ترتيب واري مقام تي اسان هن راڳ جا ڪي اهم فقرا ڇڏي ڏنا هجن.

جمالي جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ وقت اسان لوڪ گيتن جي سڄي مواد تي به غور ڪونه ڪيو هو. اسان اهو نه ڏسي سگهيا هئاسون ته جلال، جوڌائي ۽ جلالي جهڙا ٻيا لوڪ گيت به آهن، جيڪي پڻ جمالي جهڙا ۽ ساڳئيءَ ئي روايت وارا گيت آهن ۽ اهڙيءَ ريت هنن سڀني جي بنياد تي، لوڪ ادب جي ڪا روايت به قائم ٿي سگهي ٿي.

اسان اهو به غور ڪونه ڪيو هو ته روايت جي قدامت جي دليل طور ڪهڙا فقرا اسان جي وڏي مدد ڪري ٿا سگهن.

 

هنن دشوارين کي خيال ۾ رکندي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته ڪيتريون ئي ثابتيون ته اسان پاڻ وڃاڻي ويٺا آهيون. اهڙيءَ ريت اسان جي لاءِ رستو رڳو اهو وڃي بچيو آهي ته اسان جيڪو مواد تحرير هيٺ آندو آهي، ان تي ٻيهر غور ڪريون.

(7) جمالو ۽ سوڀيا يا رتبي واري روايت (Crest Tradition)

(1) مواد جي خيال کان جمالو ناچ - راڳ جا ٻيا فقرا آهن: جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾، جيڪو لڙي آيو لاڙ ڏانهن. منهنجو جمالو جتن سان، جنهن جا وار گهنڊيدار لا، جنهن جون اکيون رب رکيون، جنهن جا ڏند دلبند، لا! جيڪو مور شهزور، لا! (هي پهريون فقرو مواد ۾ شامل ڪونهي پر روايت ۾ آهي.)

هن فقرن تي ويچار ڪبو ته معلوم ٿيندو ته مواد جي شاهديءَ جي آڌار تي جمالو راڳ رتبي يا سوڀيا واريءَ روايت (Crest Tradition)  جو راڳ آهي. رتبي ۽ سوڀ واري روايت مطابق سوڀياري يا پهلوان جي لاءِ آفرينون ۽ شاباشون هونديون هيون. انگريزي ۾ بيولف (Bewolf)، يونانيءَ ۾ اوڊيسي (Oddessy)، پارسيءَ ۾ سڪندر، دارا ۽ رستم، سنڌ ۾ دودو، دولهه، ٻهڳڻ ۽ شهزور. اهي سڀ نالا هاڻي رتبي واريءَ روايت جون علامتون آهن.

اسان جي سماجي تاريخ جي شاهديءَ جي آڌرا تي چئي ٿو سگهجي ته اسان جي سماج ۾ سوڀ واريءَ حالت ۾ سوڀياري کي جيڪا پڳ ٻڌائي ٿي وڃي، اها هڪ قسم جو موڙ (Crest) يا سوڀ جون اهڃاڻ  آهي. هن طرح ٻين ملڪن ۾ به سوڀ جي ڪٿا (Crestle gend) جي آڌار تي ڪهاڻيون ۽ مهاڪهاڻيون ٺهيون آهن. اسان وٽ دودي پهلوان وارو لفظ به سوڀ واريءَ روايت جو اهڃاڻ آهي.

شيڪسپيئر رچرڊ- 2 وار ناٽڪ جي پهرئين منظر ۾ ئي لف ڪريسٽ- فالن (Crestfallen) ڪم آندو آهي.

چوي ٿو: ڇا، مان پنهنجي پيءَ جي اڳيان بي سوڀو ٿي پيش ٿيندس!

ڪريسٽ جي هن مفهوم جي حالت جي خيال کان ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته پڳ ۽ سوني منڊي اسان جي سماج ۾ رتبي جا اهڃاڻ آهن. سوني منڊيءَ جو جيڪو مفهوم اسان جي ڳيچن يا سهرن ۾ اچي ٿو، اهو به اهوئي آهي. هن طرح مڱڻي جي وقت تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ ۾ منڊين جي مٽاسٽا به ڪريسٽ روايت آهي، جنهن ۾ مرد جي ڪريسٽ کي عورت  ان جي اصلي صورت ۾ ئي قبول ڪري ٿي. اهڙي 4يت سو، شاديءَ يا مڱڻي جي  وقتن تي هارن پائن ۽ پارائڻ جي رسم به ڪريسٽ روايت جو اهڃاڻ آهي.

اهڙيءَ ريت جمالي راڳ جي مواد جي ڪيترن ئي فقرن کي آءُ راڳ جا اصل فقرا نه ٿو سمجهان. مثال طور سائو لڪڻ، اسان جي سماجيات جي خيال کان ڪريسٽ ٿي نه ٿو سگهي، پر موڙ، ڳانو، منڊي، ڇلو ويڙهه ۽ ڳاني ۾ ٻڌل ڇلو سڀ ڪريسٽ روايت جا اهڃاڻ آهن.

وڏي ڳالهه ته ڪريسٽ جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن سماجي ڪارنامي ان هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان سوڀ ۽ شاديءَ جي ڪن رسمن کي ڪريسٽ ٿا سمجهون.

اڃا به وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪريسٽ جو جيڪو اهڃاڻ اسان کي ڳيچن ۾ ملي ٿو، او عورت جي آواز ۾ مهريءَ جي واتان ڳايو ٿو وڃي.

سنڌي سماج ۾ عورت ۽ مرد جي تعلقات جي خيال کان مناسب به ائين آهي ته ڀيڻ، ماءُ، چاچي، مامي، پڦي، سوٽ ۽ ڀاڄائي گهوٽ کي ۽ مرد کي رتبي وارو سمجهن.

اسان جي سماج ۾ سهرا يا ڳيچ ڪنوار پاڻ ڪانه ٿي ڳائي. ڪنوار لاءِ سهرا ڳائڻ هڪ ٽابو (Taboo) آهي. پر باقي مائٽياڻين جي لاءِ سهرا ڳائڻ ٽوٽم (Totem) آهي.

پرڻي کي جيڪو اسان سوڀ جو تصور ڏيون ٿا، انهيءَ کي سمجهڻ به ضروري آهي. اسان جي سماج ۾ هر مرد پنهنجي عرت يا پنهنجي ڪنوار يا پنهنجي ونيءَ جي آڏو پاڻ کي رتبي وارو ۽ مٿانهين درجي وارو سمجهي ٿو. اهڙيءَ ريت اسان جي سماج ۾ هر عورت پنهنجي مڱيندي يا پنهنجي گهوٽ کي مور ۽ شهزور ٿي سمجهي. اهو ئي تصور آهي، جيڪو اسان سهرن ۽ ڳيچن ۾ ظاهر ڪريون ٿا. مثال طور گهوٽ کي هوت، پنهون، راڻو، دودو، ڄام، جراڙ ۽ رانجهن سڏيو ويو آهي. هي سڀ نالا مثالي (Legendry) آهن. اهڙيءَ ريت ڪنوار کي به ڪن مثالي نالن سان ياد ڪيو ٿو وڃي.

پرڻي جي موقعي تي گهوٽ سان گڏ هڪ ٻيو مرد (گهڻو ڪري اسان جو ڀيڻويو) هٿ ۾ تلوار، ڪاتي يا ڪا ٻي اهڙيءَ شيءِ کڻي هلندو آهي. هن مرد کي ٿوري وقت لاءِ آهنر چيو ويندو آهي. هن مرد جي حيثيت ان وقت اهڙي سپاهيءَ جهڙي هوندي آهي، جيڪو محافظ دستي جيان سپه سالار جي اڳ ۾ هوندو آهي. پرڻي جي هيءَ سڄي ساري رسم هڪ وڏي واقعي جهڙي آهي. اهڙي ريت ڳيچن ۾ وني ماڻڻ، کي به وڏو واقعو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مرد کي شان مان وارو ۽ سوڀيارو سمجهيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو غسل کانپوءِ مرد کي پيءُ يا گهر جو وڏو پڳ پيش ڪندو آهي. موڙ ٻڌڻ به ڪريسٽ پائڻ واري رسم آهي. اهڙيءَ ريت خوشبو به ڪريسٽ آهي. مثال طور عطر، عنبر، گلاب جو پاڻي، مشڪ ۽ زعفران.

هنن بيانن تي جمالو جي باري ۾ اسان جي راءِ اها آهي ته

جمالو ناچ- راڳ (Dance-sondg) آهي.

ان جو بنياد اسان جي سماجي ڪريسٽ روايت (Crest Tradition) تي آهي.

اهو ڪريسٽ (فتح) وارو رتبو آهي، جنهن جو تعلق ڪنهن وڏي جنگي ڪارنامي سان آهي.


*  هيءَ روايت زباني طور تي مون کي جناب محمد ابراهيم جويي وٽان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com