سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج
ڀاڱو پهريون
سماج، ٻولي ۽ ڪلچر
باب پهريون
انساني سماج ۽ ان جو پس منظر
انساني تهذيب جو پراڻو پٿر وارو دور ۽ ان جون سماجي خصوصيتون
جبلتي پيار
انسان جي سڀ کان پهرين تجربن ۾ ان جو اُهو پيار شامل هو، جيڪو
انسان جي نر ۽ ماد هئڻ جي ناتي اُن کي حاصل هو. ان
کانسواءِ ان جا ٻيا سڀ تجربا سندس ماحول يعني ڌرتي
تي مٽيءَ، هوا ۽ پاڻي ۽ اُنهن سان لاڳاپيل حيوانات
۽ نباتات جي ناتي، ۽ آسماني جسمن يعني سج، چنڊ ۽
تارن جي سلسلي ۾، ڪم از ڪم مشاهداتي حدن اندر، اُن
کي حاصل ٿيا ۽ ٿيندا رهيا.
محنت، (3) سمجهه
انسان جي ٻين تقريباً سڀني پوءِ جي تجربن جو بنياد انسان جي
محنت ۽ ان محنت جو بنياد انسان جي سمجهه هئي. پر
سندس پيار وارو تجربو ڇاڪاڻ ته سندس سڀ کان آڳاٽن
تجربن مان هو، تنهنڪري اُهو هن جي جبلتي نظام سان
تعلق رکندڙ هو، ڇوته اوائل ۾ اهڙي تجربي ۾ محنت ۽
سمجهه جو دخل تمام گهٽ نظر ٿو اچي.
(4) ماحول سان لاڳاپو
جڏهن کان انسان زندگي شروع ڪئي، هن جي تجربن ۾ وسعت ۽ واڌارو
ايندو ويو. مثلا هو پنهنجي آسپاس جي پکين ۽ ٻين
جانورن سان جيئن پوءِ تيئن گهڻيءَ ۽ مختلف قسم جي
لهه وچڙ ۾ آيو. هن لهه وچڙ جي واڌاري ۽ وسعت ۾ به
هن جي سمجهه اُسرندي ۽ ڪم ڪندي رهي ۽ ان جو نتيجو
هن جي وڌندڙ ۽ سڌرندڙ محنت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو
رهيو.
(5) ضرورتون
انسان جي هنن سڀني تجربن جو بنياد، هن جي حياتيءَ جي دائري ۾،
هن جون ضرورتون هيون، جن ۾ هن جي جسماني
(Physical)
۽ حياتياتي
(Biological)
ضرورتن جو وڏو تعداد شامل هو. پنهنجي جياپي لاءِ
انهن ئي ضرورتن جي سلسلي ۾ انسان سڀ کان وڌيڪ
ڌرتيءَ سان لهه وچڙ ۾ آيو ۽ کيس اُن جي باري ۾ اهو
معلوم ٿيو ته سندس حياتيءَ لاءِ ڌرتي ئي هن جو
اولي ۽ آخري مقام آهي.
(6) ٻوليءَ جو دائرو
اهو ئي سبب آهي، جو انسان جي جيئاپي جي ضرورتن جي اظهار ۽ اپٽار
جي طريقي، يعني سندس ٻوليءَ ۾، بنيادي طور تي سندس
پيار، يعني عورت ۽ مرد يا ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ
سان پيار، ۽ سندس ماحول يعني ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي
مٽيءَ، هوا ۽ پاڻيءَ وغيره، ۽ آسمان ۽ آسمان جي
سج، چنڊ ۽ تارن جو ذڪر بنيادي طور تي ملي ٿو.
انسان جي اندروني توڙي بيروني يا داخلي توڙي خارجي
ڪيفيتن جو هيءُ عڪس دنيا جي قديم ترين زبانن ۾ به
ملي ٿو. هن طرح دنيا جون قديم ٻوليون انسان جي
اڪيچار عملن ۽ تجربن جو هڪ آئينو بڻجي پيون آهن، ۽
اهڙي طرح اڳتي وڌندي، انسان جي محنت ۽ ان محنت سان
بنايل هن جي هٿراڌو ماحول ۽ ان ماحول سان سندس
تعلق جو اظهار به ٻوليءَ جي وسيلي اسان تائين تازي
کان تازي روپ ۾ پهچندو پئي آيو آهي.
(7) موت ۽ زندگيءَ جو تصور
اوائلي انسان جي تجربي جو ٻيو واسطو سندس پنهنجي حياتيءَ جي
خاتمي يعني موت سان ٿي سگهيو هوندو. هن پنهنجي
ڪنهن ساٿيءَ ۽ مئي ماڻهوءَ مان به پنهنجي زندگيءَ
جون ڪي ضرورتون پوريون ڪيون هونديون يا نه، تنهن
لاءِ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. ان سلسلي ۾ رڳو
ايترو وسهي ٿو سگهجي ته:-
هن پنهنجي ساٿيءَ کي مرندي ڏسي، پاڻ کان ڪنهن وڌيڪ طاقتور حيثيت
يا قوت جو گمان ڪيو هوندو.
هن سنگت (گڏ رهڻ) واري تجربي جي تحت ڏک محسوس ڪيو هوندو.
هن پنهنجي ساٿيءَ کي ڪنهن طرح زمين جي حوالي ڪيو هوندو.
هن اهو به محسوس ڪيو هوندو ته هن جو هي ساٿي جيڪو چرڻ پرڻ جهڙو
نه هو (مئل هڻڻ جي حالت ۾)، سو هن سان اڳي وانگر
گڏ رهي ۽ کانئس پري نه ٿئي.
هن اهو به محسوس ڪيو هوندو ته هن جي پنهنجي زندهه رهڻ واريءَ
حالت جي پڄاڻي به ٿي سگهي ٿي.
ان تصور مان هن خوف محسوس ڪيو هوندو.
ان خوف جي حالت ۾ هن پنهنجي ماحول ۾ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جا وسيلا
ڳولڻ شروع ڪيا هوندا ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجيءَ
سلامتيءَ جي ضرورت محسوس ڪئي هوندي.
ان ئي خوف جي حالت ۾ هن پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو احساس پيدا ڪيو هوندو ۽
ان ئي خوف جي نتيجي ۾ هن پنهنجي لاءِ ان وقت جي
حالتن پٽاندر ڪي اوزار به هٿ ڪيا هوندا. پر ان
وقت جي انسان جي خوف واريءَ حالت ۾ وڏو حصو
ٻاهرئين ماحول جي سختيءَ جو هو. هوائون، طوفان.
برساتون، پاڻي، برف، آسمان، سج، جبل، جهنگلي
جانور، سڀ انسان کان وڌيڪ طاقتور هئا. ان ڪري
انسان جو اهو ماحول ڀوائتو هو ۽ انسان ان ماحول جي
اڳيان بيوس ۽ گهڻو هيڻو هو. اهي سڀ نتيجا انسان جي
تاريخ جي خشڪ حقيقتن جي آڌار تي ڪڍي سگهجن ٿا.
ٻوليءَ جو مواد
هن طرح سمجهي سگهجي ٿو ته ڪهڙيءَ ريت انسان پنهنجي اظهار جي
وسيلي يعني ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڏک، تڪليف، تجربو،
خواهشون، امنگ، خوف خطرا ۽ وهم گمان ڀريا هوندا.
هن طرح اهو به معلوم ڪري ٿو سگهجي ته تمام پراڻين
ٻولين جا بنيادي آواز ڪهڙي قسم جا هوندا. اسان هي
بحث ضرورت آهر پوئين ڀاڱي ۾ به آندو آهي.
زمين سان لهه وچڙ
سڀاويڪ طور تي زمين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو تجربو پهريائين پٿرن
تي ڪم ڪرڻ
(Working upon stones)
سان ٿيو هوندو ۽ پوءِ زمين کي انهن جي مدد سان
کوٽڻ تي ٿيو هوندو. ڇوته ان وقت جي انسان وٽ زمين
کي کوٽڻ لاءِ پٿرن کان وڌيڪ سخت ۽ ويجهي شيءِ ٻي
ڪانه هئي. اهو ئي سبب آهي جو انسان جي ارتقا ۾ ان
دور کي پٿر وارو زمانو چيو ٿو وڃي. هن مان مطلب
اهو نڪتو ته پٿر جي دور وارو ماڻهو پنهنجون گهڻيون
ضرورتون پٿر سان پوريون ڪندو هو.
پٿرن سان لهه وچڙ
گمان اهو به آهي ته پهرئين دور جو انسان جبلن تي رهندو هوندو،
ڇو ته ان دور کان اڳ برفاني دور پورو ٿي چڪو هوندو
۽ هيٺانهينءَ ۾ پاڻي جي گهڻائيءَ انسان لاءِ
زندگيءَ جون حالتون ڏاڍيون دشوار بڻائي ڇڏيون
هونديون.
اهڙي ريت اهو ويساهه به ڪري سگهجي ٿو ته ان دور جي انسان جون
ضرورتون يعني پوريون گهرجون، مثال طور خوراڪ ۽
اجهي جون ضرورتون، پهريائين جبلن مان طبعي حالتن
مطابق پوريون ٿيون هونديون.
جابلو طبعي حالتن کي خيال ۾ رکي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ان
دور جي انسان جو پهريون تجربو پٿر سان، ٻيو بک
سان، ٽيون اڃ سان ۽ چوٿون اجهي جي حالتن سان ٿيو
هوندو. البت انهن سڀني حالتن ۾ پيار وارو جذبو،
يعني مرد ۽ عورت جو باهمي ميلاپ هڪ بنيادي تجربي
طور رهندو ايندو هوندو. ڇوته انهيءَ ڳالهه جو گمان
به ڪري نه ٿو سگهجي ته ان دور جو انسان ايڏو مهذب
هو، جو شرم ۽ حياءَ هن کي ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪجهه نه ڪرڻ
لاءِ تيار ڪندو هوندو. اهو ئي دور آهي، جنهن ۾
اسان چئي ٿا سگهون ته انسان غارن يا چُرن
(Caves)
۾ رهندو هو.
هيٺانهينءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ پاڻيءَ جي گهڻائيءَ ۽ ان جي نتيجي
۾ پاڻ پيدا ٿيندڙ
(Wild)
ٻوٽن ۽ وڻن جي گهڻائيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ خطرناڪ
جانورن جي گهڻائيءَ (جن جو وجود وڻن تي قائم
هوندو)، انسان لاءِ زندهه رهڻ جي لائق رڳو جابلو
علائقا وڃي ڇڏيا هوندا.
هونئن انسانن جا قديمي آثار ۽ جبلن تي لڌا آهن ۽ بچاءَ جا اوزار
به جبلن مان لڀي رهيا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ انسان جي
پهرئين گهر جو تصور، عورت ۽ مرد جي گڏ رهڻ جي تصور
يا هڪ اجهي ۾ رهڻ جي تصور کانسواءِ، سمجهه ۾ اچي
نه ٿو سگهي. هن گڏ رهڻ جي تصور ۾ انسان جي ازلي
پيار واري جذبي ڪم ڪيو ۽ ٻيو ڪم اجهي جي حالتن ڪيو
جن جو تعلق جابلو علائقن سان هو. هنن حالتن ۾
پهريون اجهو غار ۽ چر جهڙو هوندو. پهريون کاڌو
ننڍن ٻوٽن جون پاڙون ۽ ڪمزور ۽ آهستي هلندڙ ڪيڙا ۽
جانور هوندا. اڃ اجهائڻ لاءِ جبلن جي سڀاويڪ بناوت
طور ڪن هنڌن تي پاڻي هوندو ۽ انسان جو پهريون گهر
يا اجهو انهن ئي هنڌن تي قائم ٿيو هوندو جن هنڌن
تي پاڻي ۽ چرون موجود هونديون.
هي سڀ ڳالهيون قياس تي نه پر عقل ۽ سمجهه يا علم جي بنيادن تي
بعد ۾ پرکيون ويون آهن. هنن سڀني تجربن ۾ انسان جي
محنت ڪم آئي هوندي ۽ هن ان جي نتيجي ۾ پنهنجي عضون
يعني سڀ کان اڳ ۾ پنهنجن هٿ کان ڪم ورتو هوندو ۽
پوءِ ٻين عضون يعني پيرن ۽ گوڏن يا هلڻ جي حالت ۾
ڄنگهن کان. اهو ئي سبب آهي، جو ڪي عالم انهيءَ
خيال جا آهن ته پهريان آواز هٿن جي چرپر سان گڏ
ڪيا ويا هئا.
اهڙيءَ حالت ۾ انسان جي ڪارنامن جو پهريون شاهد دور يا وقت
آهي ۽ ٻيو شاهد زمين. ان ڪري انسان جي تاريخ کي
دورن ۾ ورهائڻ لاءِ انهن ئي ٻن شاهدن جي شاهديءَ
تي ڀروسو ڪرڻو پيو آهي.
انسان جي سماج سان گڏوگڏ ان جي دوستن ۾ اهي جانور به اچن ٿا
جيڪي ان جا پهريان پاڙيسري هئا.
اهڙيءَ ريت سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيئن جيئن انسان جو ماحول ويڪرو
ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي ٻوليءَ ۾ به وڌيڪ تجربو
۽ مشاهدو شامل ٿيندو ويو، ۽، سواءِ ڪنهن لکڻ جي
ڪوشش يا رڪارڊ تي آڻڻ جي ارادي جي، انسان لاشعوري
طور تي پنهنجو تجربو ٻوليءَ ۾ محفوظ ڪندو رهيو،
تان جو اڄ انسان جي قديم ترين ماحول ۽ تاريخ جو
اڪيلو ذريعو رڳو دنيا جون زبانون آهن. اهڙي ئي
هڪڙي ٻولي سنڌي ٻولي آهي، ڇو ته سنڌي سماج (جيئن
اڳتي ذڪر ايندو) هڪ قدم سماج آهي.
زمين جي شاهديءَ جي ڀروسي تي ۽ وقت جي آڌار تي انسان جي تاريخ
کي، لوهه واري زماني سميت، ڇهن دورن ۾ ورهايو ويو
آهي. اهي دور هيٺ ڏجن ٿا:
ارتقائي جائزو
پهريون پٿر وارو زمانو
Eolithic
ٻيو پٿر وارو زمانو
Poleolithic
وچون پٿر وارو زمانو
Mesolithic
پويون پٿر وارو زمانو (يا نئين پٿر وارو زمانو)
Neolithic
پتل وارو زمانو
Bronz age
لوهه وارو زمانو (1)
Iron age
دورن جي ورهاست زمين جي مشاهدي جي بنياد تي ٿي آهي، پر وقت جي
مشاهدي جي بنياد تي چئجي سگهجي ٿو ته اٽڪل ٽيهه
هزار سال قبل مسيح جي پراڻي دور جي تهذيب پٿر جي
ٻئي دور جي تهذيب جي معيار تي پهتي هئي. پراڻو دور
اٽڪل ويهه هزار سال قائم رهيو. يا (قريباً قياس
آهي ته) اهو دور ٽيهه هزار سال ق- م کان وٺي ڏهه
هزار سال ق- م تائين رهيو. ٻئي دور ۾ نئون ۽ وڌيڪ
سڌريل انساني نسل زمين تي آباد رهيو. (جناب
مارٽيمر وهيلر پنهنجي ڪتاب سنڌو ماٿري ۽ ان جي
آسپاس واريءَ تهذيب ۾ جريڪو جي آثارن جو دور
8000 سال ق- م ٿو ٻڌائي) حياتياتي اصولن جي آڌار
تي انهيءَ دور جو انسان هاڻوڪي دور جي انسان جي
بنياد طور خيال ۾ آڻي سگهجي ٿو. (2)
اهڙيءَ حالت ۾ چئي سگهجي ٿو ته
Pithecan thropus
پراڻي دور جي پٿر وارو انسان به پنهنجي پوئين نسل
جيان عين باندرن جي نسل جهڙو نه هو. انهيءَ ۾ ڪو
شڪ نه آهي ته انهن وٽ ڳالهائڻ جي طاقت هئي، جنهن
سان هو پنهنجي ساٿين تائين پنهنجي دل جي ڳالهه
پهچائي سگهندا هئا. انهيءَ طاقت جي وسيلي هو
پنهنجي علم کي پنهنجي پويان ايندڙ نسلن تائين
پهچائي سگهيا. جيڪڏهن اسان ائين چئون ته انهن وٽ
استدلال جي قوت به هئي ته به اسان غلط نه آهيون.
بنيادي طور تي اهي انسان اوزار ٺاهيندڙ
(Tool making)
جانور هئا. جانورن جي وڻن واريءَ زندگيءَ جي حالتن
مان انهن اهو معلوم ڪيو هوندو ته پٿر کي ڀڃي يا
ڪوري يا گهي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت هنن پٿرن جي
اوزارن کي وڍڻ لائق بنايو هوندو. (3)
ٻئي دور جي پٿر وارو انسان ته وڌيڪ سڌريل هو. ان دور ۾ اوزار
پٿرن کانسواءِ هڏن، عاج ۽ سڱن مان به ٺاهيا ويا
هئا. ان دور جي اوزارن مان اسان کي هٿي جي سئي،
مڇيءَ جو ڪلوئڙو
(Fish hook)
۽ تير ڪمان جهڙا اوزار به ملن ٿا. پٿر جي ٻئي دور
جو انسان اگهاڙو نه گهمندو هو، ڇو جو ان دور جي
يادگارن مان پٿر جا ٺهيل بٽڻ ۽ سيون هٿ آيون آهن.
اُڻڻ ڪونه ڄاڻندا هئا پر اها پڪ آهي ته جانورن جون
کلون پائيندا هئا: جيڪي سبي پائڻ لائق بڻائيندا
هئا. سپيون ۽ ڏند جيڪي هٿ آيا آهن انهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته ان دور جو انسان پاڻ سينگاريندو هو.
کاڌو کائيندو هو، ڇو ته ان دور جون چلهيون به هٿ
آيون آهن.(4)
پر پرڀاتي پٿر جي دور وارو انسان ننڍڙن ٽولن ۾ رهندو هو ۽ رڳو
کاڌو ڳوليندو وتندو هو. تمام ننڍين ايراضين ۾
رهندو هو. ان جو کاڌو ميوا ۽ (ڪچڙيون) پاڙون هيون.
ان جي کاڌي ۾ ڪيڙا ۽ چرندا جيوڙا به شامل هئا.
جنهن مان پڌرو آهي ته اهي گوشت به کائيندا هئا.
(5)
ان دور جي نشاني اسان وٽ رڳو ڪي پٿر
(Eoliths)
آهن. ايوليٿ انهيءَ پٿر کي ٿو چئجي، جنهن تي انسان
ڪجهه ڪم ڪيو هجي يا محنت ڪري ان جي شڪل بدلائي
هجيس. (6)
هن دور جو مرد يا هن دور جي عورت هٿ ۾ هڪڙي ڇيڙي کان مڙهيل لٺ
کڻندا هئا. جنهن کي ڊبل
(Dibble)
چيو ويندو آهي. ڊبل بنيادي ڪاريگريءَ جي شئي
(Artifact)
آهي. ان سان پاڙون کوٽيون وينديون آهن. ان سان
بچاءُ ڪيو ويندو آهي. ۽ اها هلڻ ۾ مدد ڪري ٿي. (7)
اهڙيءَ ريت پٿر جي ٽن دورن کي (جيئن مٿي دور ڏنا ويا آهن) اڀياس
هيٺ آڻڻ کانپوءِ جيڪي نتيجا ڪڍي ٿا سگهجن، سي هي
آهن:
اهو دور انسان جي بنيادي تهذيب وارو دور هو. انهيءَ زماني ۾
ٻجن، پاڙن، گوشت (پکين ۽ جانورن) کي کاڌي طور ڪم
آندو ويندو هو. اوزار پٿر، هڏي ۽ ڪاٺ جا هوندا
هئا، ۽ ڪن عملن جا مقرر ٿيل اصول به موجود هئا.(8)
ان دور جو انسان بت ڍڪيندو هو ۽ پاڻ وٽ اظهار
(Language)
جو به ڪونه ڪو نمونو رکندو هو. اهڙيءَ ريت لاشعوري
طور تي ۽ سڀاويڪ طريقن مان آڳاٽو انسان پنهنجي
تهذيب جو بنياد رکي چڪو هو ۽ سندس ٻولي ان تهذيب
جو پاڻ وٽ هڪ رڪارڊ محفوظ ڪري رهي هئي. عالمن جي
خيال ۾ انهن دورن جي ورهاست جدا جدا آهي. مثال
طور، راف ۽ برنس
(Ralph and Burns)
جي خيال ۾، پٿر جي دور جا رڳو ٻه دور ٿين ٿا، پر
هوبيل
(Hoebel)
جي خيال ۾ پٿر جي دور جا ٽي دور ٿين ٿا. ان ڪري هن
پرڀاتي پٿر جي دور جو اضافو ڪيو آهي. هوبيل انهن
ٽن دور ۾ به پٿر جو نئون زمانو شامل ڪونه ٿو ڪري.
راف ۽ برنس به پٿر جي نئين دور جو اڀياس جدا
گانو ٿا ڪن. اهڙيءَ ريت هوبيل صاحب پٿر واري دور
کي چئن دورن ۾ ٿو ورهائي. پٿر جي پراڻن دورن ۾ جن
تي مٿي بحث ٿي چڪو آهي، عالم محنت ۽ سمجهه جي
ماهرن کي وڏي اهميت ڪونه ٿا ڏين. انهيءَ جو وڏو
ڪارڻ اهو آهي، جو عالم انهيءَ دور ۾ انسان کي ڪم
ڪندڙ يا سمجهدار ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن. ڇو ته اهي
ٻئي لفظ ماڻهوءَ لاءِ هو يورپ جي اڀرندڙ تهذيب ۾
استعمال ڪرڻ گهرن ٿا ۽ محنت جي تصور کي هو صنعتي
انقلاب جي اپت سمجهن ٿا.
هن حالت ۾ انسان ذات سان انصاف ڪرڻ لاءِ ان جي سگهه ۽ ان جي
محنت جي ابتدائي شڪلين تي بحث ڪرڻ تمام ضروري آهي.
ڇو ته ٻيءَ حالت ۾ پوئين ۽ هاڻوڪي دور جي سماج ۽
ڪلچر جو رابطو
(Continuum)
سمجهه ۾ اچي نه سگهندو. انساني نسل وڌندو رهيو
آهي، ۽ سڀ عالم ان راءِ تي متفق به آهن ته انهيءَ
دور ۾ به انساني نسل وڌندو رهيو آهي، ته پوءِ
انسان جي گهرو ۽ سماجي مامرن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽
ان لاءِ ڪجهه چوڻ به اسان لاءِ تمام ضروري آهي.
انساني تهذيب جي هنن ابتدائي دورن ۾ انسان جي
ٻوليءَ جي نوعيت ۽ حيثيت جي باري ۾ رڳو ايترو چئي
ٿو سگهجي ته جيئن جيئن ان جون ضرورتون وڌنديون
ويئون ۽ هن نيون شيون ڳولي لڌيون، ٻوليءَ جو دائرو
به شين جي نالن تي تعداد جي مدد سان وڌندو ويو، ۽
پٿر جي دور جي پڄاڻيءَ تائين انسان جي تهذيب جو
تمام وڏو حصو هن جي ٻوليءَ ۾ نالن ۽ تصورن جي صورت
۾ يا اهڃاڻ جي صورت ۾ شامل ٿي چڪو هو. (اهڃاڻ جي
هيءُ حيثيت نرالي هئي.) اها ڳالهه بيجا نه آهي ته
انساني نسل جي واڌاري ۾ تعداد جي ضرورت، جنسياتي
ضرورت ۽ حياتياتي زندگيءَ جي اصولن جي تقاضائن
سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي. ٻيءَ حالت ۾ انساني تهذيب
جو اڳتي وڌڻ، ڪلچر جو وڌيڪ سڌرڻ ۽ نسلن جو قائم
ٿيڻ ڀلا ڪيئن ممڪن هو، سو سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
انهيء ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي ته جبلن تي به موسم
مطابق هر سال برف پوندي هوندي، ان ڪري جنهن دور کي
اسين برفاني دور ٿا چئون سو جدا دور آهي ۽ انهي
دور ۾ انسان جو وجود لهي نه ٿو سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ
ان دور جي اهڙي ڪا شاهدي ڪانهي ته انسان موجود هو
۽ ڪم ڪري رهيو هو، پر اها ڳالهه چئي ٿي سگهجي ته
ان دور حياتي قائم ٿي چڪي هئي. پر ان لاءِ مڃڻو
پوندو ته سخت سرديءَ کي برداشت ڪرڻ وارو جانور ۽
وڏن وارن وارو يا وڌيڪ سگهارو جانور يا وڻن تي
چڙهي ويهڻ وارو جانور انسان جي ابتدائي شڪل ۾ هو.
هت انهيءَ بحث ۾ پوڻ کانسواءِ انسان کي ان دور کان شروع ڪيو ويو
آهي، جنهن دور ۾ هو اجهي ۾ رهندو هو. زمين کوٽيندو
هو. ڪاريگريءَ جا ڪم ڪندو هو ۽ کاڌ خوراڪ کي هٿ
ڪرڻ جا وسيلا هٿ ڪري چڪو هو ۽ ان سان گڏ پنهنجو
نسل به وڌائي رهيو هو. وري ڇاڪاڻ ته وڏو سوال به
انساني سماج ۽ ڪلچر جو آهي، ان ڪري هت انسان جي
ابتدا جي باري ۾ وڌيڪ بحث ڪري ئي نه ٿو سگهجي.
اسان جي لاءِ اهميت وارو سوال به اهو ئي آهي ته آخر ڪهڙي دور ۾
انسان سماج جي بنيادي تقاضائن جي خيال کان هڪ
سماجي جزو بڻجي رهيو هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته
انسان پٿر جي پراڻن دورن ۾ ئي سماج جي ابتدائي
شڪلين مان لنگهي رهيو هو پر جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي
ته ان وقت اچ وڃ جا رستا به موجود هئا ته پوءِ اهو
به مڃڻو پوندو ته انسان طبقاتي طور تي ميل ميلاپ
به ڪري ٿي سگهيو ۽ پوءِ انهيءَ ئي شاهديءَ جي آڌار
تي انسان کي ان وقت ئي هڪ سماجي جانور جي حيثيت
ڏيڻي پوندي. اها ڳالهه مڃڻ سان هڪڙو مونجهارو پيدا
ٿيندو. اهو مونجهارو اهو هوندو ته ان دور ۾ جيڪي
اوازار ۽ طبعي حالتون موجود هيون انهن جي صورت حال
کي سامهون رکي، ميل ميلاپ
(Social integration)
کي ڪئين ٿا ممڪن سمجهي سگهونٰ آخر رستا ڪيئن ۽ ڇو
ٺهيا هوندا؟ هن سوال جو جواب ڏيڻو پوندو ته اهو
سماج به تمام ننڍو ۽ هڪ خاندان جيڏو هوندو. ته
پوءِ آخر ڇو چئون ته ان وقت جو انسان سماجي
انسان (جانور لفظ هت ڪم نه ٿا آڻيون) نه هو؟
سو اسان جي استدلال جو نتيجو هيءُ آهي ته سماج جي ابتدائي شڪل
خود پٿر جي پراڻن دورن ۾ ئي موجود هئي: ۽ اهو ئي
زمانو هو جڏهن انسان جون پهريون ٻوليون ٺهي رهيون
هيون.
رهيو سوال ته ان وقت سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو هو ۽ سنڌ جو سماج ڪٿي هو
ته ان باري ۾ لئمبرڪ توڙي وهيلر جا خيال اسان وٽ
موجود آهن. هت فقط هي بيان ڪرڻو آهي ته اسان وٽ
انهيءَ ڳالهه جا ثبوت موجود ڪونه آهن ته پٿر جي
دور جو سنڌي سماج ڪهڙو هو يا ان دور ۾ هتي ڪو سماج
هو به يانه. (ويجهڙائي ۾ پروفيسر آلچن ۽ سندس بيگم
جي ڪوشش سان سنڌ جي جبلن مان ڪي تمام پراڻا اوزار
هٿ ڪيا ويا آهن، جن تي تحقيق ٿي رهي آهي.)
بنيادي طور تي سنڌ هڪ وادي آهي ۽ گهڻو ڪري پراڻي سنڌ هڪ ميداني
علائقو هئي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ نديون جن
سان سنڌ سينگاريل هئي، سي برفاني دور کان پوءِ
پيدا ٿيون هونديون ۽ هڪ دفعو وهڪرو قائم ٿيڻ
کانپوءِ انهن مسلسل انهيءَ رستي سان وهڻ شروع ڪيو
هوندو. (وهڪرن بدلائڻ وارا اتفاق به پوءِ پيدا ٿيا
هوندا). وري هيءَ ڳالهه به ويچارڻ جهڙي آهي ته سنڌ
۽ هند (جنهن کي هڪ جاگرافيائي علائقو سمجهيو ويو
آهي) ان جون سڀ نديون گهڻو ڪري جبلن جي هڪڙي ئي
سلسلي سان نڪرن ٿيون. اهڙيءَ حالت ۾ انومان جوڳي
ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ ميداني علاقا تمام آڳاٽو
قائم ٿيا هوندا. ان ڪري جابلو علاقن کان وڌيڪ آسان
علاقا ميداني علاقا آهن. ان ڪري ميداني سنڌي تهذيب
جو بنياد پٿر واري دور ۾ ئي پيو هوندو. ان ڪري
سماجي علوم ۽ ڪلچر يا تهذيب جي بنيادن تي سنڌ جي
ماڻهن جو پهريون اظهار جو وسيلو ان ئي دور ۾ ٺهيو
هوندو ۽ اهو ئي اظهار وارو طريقو اڳتي هلي هڪ زبان
جو بنياد ٿيو هوندو. ان ڪري اسان جي ٻوليءَ جي
قدامت جو پهريون دليل اسان جي سماج ۽ تهذيب جي
ابتدائي شڪلين وارو اهو انساني اظهار آهي، جيڪو هن
ئي سرزمين تي رهڻ وارن ان دور جي ماڻهن اختيار ڪيو
هو. پر جيڪڏهن سنڌ جي جبلن ۽ دڙن مان اوزارن جو ۽
پراڻن پٿر جي اوزارن جو موزون ذخيرو هٿ آيو ته
پوءِ انهن اوزارن جي اڀياس مان اسان پنهنجي سماج
جو وڌيڪ اڀياس به ڪري سگهنداسون.
سنڌ ۾ پهريان ماڻهو جاوا ۽ نندرلئنڊ کان آيا هوندا، اُهو نٿو
چئي سگهجي. ان وقت اهڙن ماڻهن جي آمدرفت جي وسيلن
جي محدود هئڻ ڪري اسان يقين سان ڪجهه چئي نه ٿا
سگهون. البت جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته هماليا تي
ڪا قوم يا ڪو نسل آڳاٽو پٿر جي زماني ۾ موجود هو،
ته پوءِ ان جو هيٺ لهي اچڻ ويساهه جوڳو آهي، يا
وري هڪ ٻي واٽ هيءَ آهي ته چين جي پيڪنگ واري
علاقي سان ڪا واٽ اسان وٽ ايندي هجي ته پوءِ ان
طرف کان آباديءَ جو سلسلو قائم ڪري سگهجي ٿو. ڇو
ته رالف ۽ برنس جي خيال ۾ چين ۾ به پٿر جي زماني ۾
ماڻهو آباد هئا. (9)
ٻي قوم، جن جو هي صاحب بيان ڪن ٿا، سا هئي ڪروميگنان
(Cromagnon men)
جي قوم. هي فرانس ۾ آباد هئي. هن قوم جا ماڻهو
ڊگها، ويڪرن ڪلهن وارا ۽ سنوان سڌا هئا. مردن جو
قد سراسري طور ڇهه فوٽ هو يا وڌيڪ هو. انهن جون
پيشانيون اڀريل هيون. سندس کاڏيون وڏيون هيون ۽
بار کڻڻ جي طاقت به وڌيڪ هئي. (10)
هن قوم جي باري ۾ خود راف ۽ برنس لکن ٿا ته خبر ناهي ته هنن ڪو
پونير ڇڏيو يا نه. البت هي صاحب مڃين ٿا ته هن
قوم کي به هڪالي ڪڍيو ويو هو. پوءِ اهي جبلن تي
چڙهي ويا هئا ۽ شايد پوءِ اهي ٻين قومن سان ملي
ويا. (11)
پر اهڙي دور ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ماڻهو هئا، يا ٻئي هنڌان آيا، تن لاءِ
ڪجهه به چوڻ تصديق ۽ تحقيق کان سواءِ مناسب ناهي.
ضروري نتيجا
مٿي آيل انساني سماج جي پس منظر جي هڪ عمومي بحث مان معلوم ٿئي
ٿو ته:
سنڌي سماج پراڻو انساني سماج آهي.
سنڌ جي زمين پراڻي انسان جي رهڻ لاءِ موزون هئي.
سنڌ جي زمين جاگرافيائي حالتن جي ڪري وڌيڪ انساني تجربن جو مقام
ٿي سگهي ٿي.
سنڌ جي زمين تي آڳاٽو آباد انسان هر طرح اسان هڙين حالتن ۾
رهندو هو، جن ۾ ٻوليءَ جو پيدا ٿيڻ ناگزير هو.
سنڌي سماج جي هڪ هنڌ مستقل طور موجود هئڻ جي ڪري ۽ ان جي
گوناگون سماجي تجربن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو نشانن
(Signals)
۽ علامتن
(Signs)
جو تعداد تمام گهڻو هوندو.
سنڌي سماج جي تمام گهڻي عرصي تائين هڪ هنڌ ۽ حالت ۾ رهڻ جي ڪري
اهي آڳاٽا لفظ اسان تائين پهچي ويا هوندا. هنن
ڳالهين کي خيال ۾ رکي اسان اڳتي سماج جي هڪ عمومي
بحث کانپوءِ سنڌي سماج جو اڀياس ڪنداسون ته جيئن
هاڻوڪي سنڌي سماج ۽ اسان سنڌي ٻوليءَ جو سماجي
اڀياس ڪري سگهون.
حوالا
Hoebel Adams E. Man in the Primitive World, McGraw Hill Co.
International Student edition,
Tokyo, 1958, p. 73.
Burns E. M. and Ralph P. L. World Civilization, abridged
edition, O.U.P Pakistan Branch for W.W. Norton &
Co. 1958, p. 1.
Ibid, p. 2
Ibid, p. 4
Hoebel Adams E, Ma in the Primitive World. Mc Graw Hill Co.
International Student Edition,
Tokyo, 1958, p. 74.
Ibid, p. 74.
Ibid, p. 75.
Ibid, p. 75.
Burns E. M. and Ralph P. L. World Civilization, abridged
edition, O. U. P. Pakistan branch for W. W.
Norton & Co. Inc., 1958, p.1.
Ibid, p. 4.
Ibid, p. 4.
باب ٻيو
سماج: ان جي اپٽار ۽ جوڙجڪ
سماج فرد جي انهيءَ تعلقاتي مانڊاڻ جو نالو آهي، جيڪو فردن جي
وچ ۾ پيدا ٿئي ٿو (هن تعلقاتي مانڊاڻ
(Social complex)
جو تعلق فردن جي هڪجهڙائيءَ سان به آهي.
هن جو مطلب اهو آهي ته سماج طبقي جي هڪ وڌايل ۽ سڌريل ۽ بڻيل ۽
سنواريل شڪل جو نالو آهي. (1)
ارسطوءَ جو چوڻ آهي ته انسان هڪ سماجي، سياسي جانور آهي. لفظ
Politics
نڪتو آ لفظ
Polis
(2) مان.
Polis
جي معنيٰ آهي هڪڙي ڳتيل سماجي صورتحال ڇاڪاڻ ته
ان وقت سياست ۾ مذهب، رياست ۽ سماج شامل هئا،
ماڻهوءَ کي سياسي جانور چيو ويو آهي.
سماج جو هيءَ تصور غيرمذهبي ۽ انفرادي بنيادن تي ٻڌل هو. ان حال
۾ هن تصور جا ٻه وڏا مرحلا ٿين ٿا. هڪ اهو مرحلو
هو جنهن ۾ فردن جون ڪي سياسي ذميواريون مقرر ٿيون
هيون. ٻيو اهو مرحلو آهي جنهن ۾ جديد سياست ۽
اقتدار اعليٰ جي صورت نمودار ٿي هئي. هيءَ صورتحال
رومي ۽ يوناني خصوصيتن تي ٻڌل آهي، جنهن مطابق
رياست کي فرد جي مٿان ايتري برتري حاصل آهي، جو
اها خاص ڪري پوئين
(Utilitarian)
دور ۾ ڪنهن به ازلي قانون جي پوئواري ڪرڻ لاءِ ٻڌل
نه آهي (هن نظريي جا حامي آهن لاڪ، هابس ۽ روسو).
سماج جو سڀ کان مٿانهون تصور اهو آهي ته سماج اها شيءِ آهي،
جنهن ۾ ماڻهن جو تعداد
(Plurality)
پاڻ ۾ هڪ عهدنامي جي وسيلي گڏجي ٿو ۽ انهيءَ مقصد
تحت گڏجي ٿو ته هر هڪ پنهنجو ذاتي مقصد پورو ڪري
سگهي (3).
هن حالت ۾ وڏي ۾ وڏي لاڳاپي جي ڳالهه آهي مٽاسٽا
(Exchange)،
جيڪا پورهئي جي ورڇ جي نتيجي ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان ۾
داخلا به هڪٻئي جي ڀلائيءَ خاطر ٿئي ٿي.
ڊارون جو سماجي نظريو
هن نظريي پٽاندر سماج رڳو هڪ اهڙو انساني مرحلو آهي، جيڪو سڄي
انساني جسم
(Organic whole)
جي هڪ ارتقائي سلسلي جو به هڪ حصو آهي ۽ ان سان ئي
تعلق رکي ٿو (4).
هن نظريي مطابق معاشي ڊوڙڊڪ ۽ مٿاڪٽ کي به زندگيءَ جي بقا ۽
حياتيائي جدوجهد سمجهيو ويو آهي.
روسي جو نظريو
روسي جيڪو عام ارادي
(General will) جو تصور ڏنو ان پٽاندر سماج ۽ رياست ٻه جدا شيون ڪونه آهن.
سماج جا وڌيڪ سڌريل تصور آهن:
اثباتيت
(Positivism)
عينيت
(Idealism)
هنن نظرين جي خيال کان سماج جون وصفون به ٻه ٿين ٿيون:
سماج انساني لاڳاپن جو هڪ يڪو ۽ ڳتيل مانڊاڻ آهي ۽ اهي لاڳاپا
هڪ عمل جو نتيجو آهن. اهو عمل وسائل ۽ مقاصد تي
مدار رکي ٿو. اهي مقصد ۽ لاڳاپا يا اندريان ۽
سڀاويڪ آهن يا اهڃاڻوي آهن.
سماج هڪ عنصر آهي. اهو عنصر انسان جي سماجي زندگيءَ جي مادي
ذخيري ۾ موجود آهي. اهو مادي ذخيرو وري موروثيت ۽
سماجي ماحول کان متاثر ٿئي ٿو. ٻيون شيون جيڪي ان
ذخيري تي اثر ڪن ٿيون، سي آهن: سائنس، علم ۽
تڪينڪ، مذهب، طبيعات کان مٿي واريون ڳالهيون
Metaphysics،
خيالن جو اخلاقي سرشتو زندگيءَ جا نمونا. (5)
سماج جا ڪي بنيادي جزا هي آهن:
سماج جي مادي ضرورت.
سماج جون انساني ضرورتون.
هنن ضرورتن کي وڌيڪ هيٺ ڏنل ترتيب سان ورهائي سگهجي ٿو:
اهي ضرورتون، جيڪي فرد کي جسماني ڍانچو سمجهن ٿيون.
اهي، جيڪي جدا جدا فردن ۾ ڪم ڪار جي ورڇ ڪن ٿيون.
اهي، جيڪي سماج ۾ افراد جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي ضمانت ڏين ٿيون.
اهي جيڪي سماجي وٿن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائين ٿيون: مختصر
طور تي اهي سڀ هي آهن:
آدم، 2- ورڇ ۽ مهارت، 3- پختگي ۽ توانائي (6).
سماج جون عام ضرورتون:
آدم (خلق) جي نظام کي هلائڻ ۽ ان لاءِ کاڌ خوراڪ جا وسيلا ڳولڻ.
ماڻهن ۽ ڪمن جي ورڇ.
سماجي مضبوطي.
انهن لاءِ:
افراد ۾ باهمي ميلاپ جي فضا تيار ڪرڻي آهي.
ٻاهرئين ڪلچر کي وڌڻ کان روڪڻ جو جذبو تيار ڪرڻو آهي.
سماجي طريقن جو پرچار ڪرڻو ۽ انهن کي وڌائڻو آهي. (7)
پٽمن
(Pitman)
۽ سوروڪن
(Sorokin)
جي خيال ۾ سماج جا ٽي قسم ٿين ٿا:
آئيڊئلسٽڪ
(Idealistic)
آئيڊيشنل
(Ideational)
سينسيٽ
(Sensate)
سماجيات
(Sociology)
مناسب ٿو معلوم ٿئي ته سماج جي باري ۾ مٿي آيل ضروري ڳالهين
کانپوءِ اسان سماجي علم يا سماجيات جي باري ۾ به
ڪجهه لکون. هن طرح ڀروسو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾
سماجي اڀياس جا موقعا فراهم ٿيندا. سماجيات
(Sociology)
سماج جي ان اڀياس جو نالو آهي، جيڪو:
سائنسي بنيادن تي ڪيو وڃي،
سماجي گروهي ڪاڪردگيءَ تي بحث ڪري،
انسانن جي باهمي ربط تي بحث ڪري، ۽
انهن مختلف عنصرن تي بحث ڪري، جيڪي پاڻ ان باهمي ربط سان پيدا
ٿين ٿا ۽ موٽ ۾ انهن ئي ضروري عنصرن تي اثر ڪن ٿا.
(8)
هن خيال ۽ وصف ۾ زور ڏنو ويو آهي ٻن ڳالهين تي: هڪ سماجي ميل
ميلاپ، ٻيو سماجي مسئلا.
سماجي ميل ميلاپ
شادي:
شادي هڪ بنيادي سماجي ادارو آهي، جنهن جو تعلق باهمي ميلاپ واري
تصور سان آهي. ان ڪري ان جو اڀياس خود سماجي اداري
(Social Institution) جي حيثيت سان ڪرڻ گهرجي.
وصف:
سماج ۾ رائج ٿيل ۽ مقرر ڪيل مخصوص قانونن جي تحت عورت ۽ مرد جي
پاڻ ۾ ظاهري طور تي (عام آڏو) زال مڙس بڻجڻ کي
شادي ٿو چئجي (9).
ساڳئي صفحي تي ۽ ساڳئي ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاديءَ جو خاص
بنياد هڪ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ هڪ عهدنامي تي آهي
هن عهدنامي ۾ جنسي تعلقات جو هئڻ يا نه هئڻ ضروري
نه آهي.
هيءُ ڳالهه اسان جي سماج سان ڪانه ٿي لڳي. سنڌي سماج ۾ چني ۽
کهنبو اسان جي شاديءَ جا اهڃاڻ آهن، اسان جي
شاديءَ جي عهدنامي ۾ جنسي تعلقات جو هئڻ ايترو
ضروري آهي، جو شاديءَ واري رات گذرڻ کانپوءِ عورت
جا ڪپڙا يا اڄوڪين حالتن ۾ ٽوال يا رومال يا ڪا ٻي
شيءِ اگهڻ واري ڪنوار جي ماءُ کي ظاهر ڪري ڏيکارڻي
پوندي آهي. ان حالت ۾ اسان جو ٽوٽيم آهي ته عورت
جي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ شادي نه ٿيندي آهي ۽
جيڪڏهن اگهڻ واري شيءِ تي ڪنوارپ جو ڪو نشان نظر
نه اچي، ته طلاقون ٿي وڃن يا شاديون ٽٽي وڃن.
اهڙيءَ حالت ۾ عورت جي پاڪ دامنيءَ تي داغ ٿو لڳي.
شاديءَ جا قسم:
جدا جدا سماجن ۽ دورن جي خيال کان شاديءَ واري عهدنامي يا
شاديءَ جون صورتون به جدا جدا ٿين ٿيون. ان حالت ۾
شاديءَ جا قسم هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
مونوگام
(Monogamy)
هن جو مطلب آهي مڙس سان هڪ نڪاح ٻڌي زال.
مونانڊري
(Monandry)
هن حالت ۾ مڙس هڪ هجي پر ضروري ناهي ته هميشه هڪ ئي هجي، ۽ زال
به هڪ ئي هجي پر ضروري ناهي ته هميشه ئي هڪ هجي.
پوليانڊري
(Polyandry)
زال هڪ هجي پر مڙس ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هجن، پر گهڻو ڪري پاڻ ۾
ڀائر هجن. (روپديءَ جو مثال).
پولي گامي
(Polygamy)
مڙس هڪ هجي پر زالون ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هجن، پر هجن هڪ ئي درجي
جون.
گروهي شادي
(Group marriage)
ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مڙس، اهڙي حالت ۾، جو انهن جون گڏيل زالون به
ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هجن. (10)
باهمي ميل ميلاپ جو جذبو
Esptiri- de- Corps
وصف
باهمي ميل ميلاپ گروهي احساسن جي هڪ تنظيم جو نالو آهي، جنهن ۾
گروهي جذبو ۽ گهري محبت ۽ جوش هڪ لازمي جذبي جيان
موجود رهي ٿو. باهمي ميل ميلاپ گروهي زندگيءَ کي
تحريڪ بخشي ٿو. (11)
هن قسم جو جذبو باهمي لاڳاپن جي ميلاپ جي صورتحال سان پيدا ٿئي
ٿو. اهي لاڳاپا ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ گروهي ٻيو
خارجي. هن قسم جو جذبو الڳ الڳ ڌرين ۾ تڏهن ٿو
پيدا ٿئي، جڏهن به اهي هڪٻئي کي دشمن سمجهڻ لڳن
ٿيون.
باهمي ميل ميلاپ جي جذبي پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ جا هي وسيلا آهن:
رسمي سنگت
(Fellowship)
گڏجي ڳائڻ، نچڻ، سيرو و تفريح ڪرڻ، چرچو گهٻو ڪرڻ ۽ اهڙيون ٻيون
رسمي سنگت ساٿ ۽ ورونهن جون ڳالهيون.
جڏهن ڪنهن هنڌ تي ڪن ماڻهن کي هڪٻئي کي ويجهي ٿيڻ ۽ سڃاڻڻ جو
موقعو ملي ٿو ۽ جڏهن اها صورت حال فردن جي حالت ۾
واضح ٿئي ٿي ۽ جڏهن اهڙيءَ صورتحال جي پويان هڪٻئي
جي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي تجربي مان فائدي حاصل
ڪرڻ جا ارادا ٿين ٿا، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ فرد
پنهنجا پنهنجا فلسفا، پنهنجون وٿون، پنهنجا لاڙا ۽
پنهنجا اشارا هڪٻئي تائين پهچائين ٿا. نتيجو باهمي
همدرديءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو ۽ انهيءَ باهمي ميل
ميلاپ کي ئي همدرديءَ جو جذبو چيو وڃي ٿو. (12)
عوامي ميل جول واري ڪارڪردگي
هن قسم جي ڪارڪردگي تڏهن ٿي پيدا ٿئي، جڏهن فرد ميلن ملاکڙن،
وڏن ڏڻن، مجلسن ۽ ڪچهرين، ٽولن ۽ وانگارن، پئريڊ
يا شاديءَ غميءَ جي موقعن تي ملن ٿا ۽ گڏ ٿين ٿا.
The Psychology of ceremonial behaviour is the
Psychology of being on parade? (13).
اخلاقي معيار
(Morale)
اخلاقي معيار جو بنياد اعتقادي نظام تي هوندو آهي. اهڙي معيار ۾
مٿ
(Myth)
به وڏو ڪم ڪري ٿي اخلاقي معيار جا ٻيا جزا آهن:
مذهبي ڪتاب، فرقي جو احساس ۽ عقيدا.(14)
اخلاقي معيار جو اڀياس ٻوليءَ جي محاوري ۽ لوڪ ادب مان ڪري ٿو
سگهجي.
اجتماعي ڪارڪردگي
(Collective Behaviour)
اجتماعي ڪاڪردگيءَ جا عناصر هيٺ ڏجن ٿا:
ميڙ، عوامي جٿا، خوف خطرا، اجايا ڀروسا، گڏيل ناچ، وڏا زور
وارا شوق، عوامي راءِ جو اظهار، پروپئگنڊا، فئشن،
انقلابي سڌارا، مجلسون ۽ ٻيون اهڙيون شيون. (5)
اسان وٽ ناچ، ڪچهري، ملاکڙا. ميلا، رانديون، وهانءَ، ڄڃون،
ونگارون، ڇيڙون اجتماعي ڪارڪردگيءَ جا نمونا آهن.
گروهي ڪارڪردگي
(Group Behaviour)
گروهي ڪارڪردگيءَ ۾ اهي سڀ عمل اچي وڃن ٿا، جيڪي هڪڙو گروهه
هئڻ جي حيثيت ۾ ڪري ٿو.
منظم ڪاڪردگي(Disciplined
or organized behaviour)
هن جا عنصر ٽي آهن:
رواج ۽ رسمون
(Social Customs)
سماجي روايتون
(Social Traditions)
سماجي ادارا
(Social Institutions) (17)
عام ماڻهو
Public
پبلڪ هڪ عوامي ۽ گڏيل گروهي تنظيم جو نالو آهي پبلڪ مان مراد
آهي ماڻهن جو اهڙو گروهه.
جيڪو هڪ ئي مسئلي جو مقابلو ڪندو هجي،
جيڪو ان ڳالهه تي متفق نه ٿيو هجي ته مسئلي کي حل ڪيئن ڪجي ۽.
مسئلي تي بحث مباحثو ڪندو رهي. (18)
پبلڪ جو وجود ڪنهن اداري جو نتيجو نه آهي، پر اها ڪا خاص حالتن
جي اندر ۽ ڪن خاص مقصدن جي خاطر وجود ۾ اچي ٿي.
آدم جو قسم
(Type in Population)
آدم جي قسم جو دارومدار اهڙين پختين ۽ مضبوط خصوصيتن تي آهي
جيڪي فردن جي وڏن گروهن ۾ گڏ ٿين ٿيون. پر انهن
لاءِ چيو ائين ٿو وڃي ته اهڙيون خصوصيتون هڪ ئي
فرد ۾ ملن ٿيون ۽ هڪ ئي فرد انهن خصوصيتن جو قسم
سمجهيو وڃي ٿو.
مورس
(Mores)
اهي گروهي، جاتي يا طبقاتي عمل جيڪي ڪنهن ڪلچر ۾ جنم وٺن ٿا ۽
جن سان گروهه جي خوشحاليءَ، چڱائيءَ ضرورت جي
تصورن کي ڳنڍجي ٿو، اهي عمل معياري
Standardized
هوندا آهن.
مورس انهن اخلاقي حقيقتن جو نالو آهي جن جي لاءِ گروهه جي اندر
افراد جو فيصلو اهو آهي ته اهي سماج جي لاءِ تمام
ضروري آهن ۽ سماج جي ڀلائيءَ جو دارمدار انهن تي
آهي. (19) لوڪ ادب ۽ پهاڪا چوڻيون ڪنهن حد تائين
اسان جي مورس کي بيان ڪن ٿا. بقائي لکي ٿو اهي
تصورات جن جو دارومدار چڱائيءَ يا برائيءَ جي
گروهي تصور تي آهي، انهن کي مورس چئجي ٿو.
ايٿوس
(Ethos)
ايٿوس اها شيءِ آهي، جيڪا هڪ ملائيندڙ حقيقت جيان يا هڪ اسپرٽ
جيان سڄي ڪلچر مان لنگهي ٿي يا ان مان وهندي ٿي
هلي. ايٿوس جي ڪري سماج جو هڪ رخ برقرار رهي ٿو.
ايٿوس سماج جي سڀني رخن کي گڏ ڪري ٿو يا جوڙي ٿو.
(20)
ايٿوس ڪلچر ۾ لڀي ٿو.
عامي رجحان
(Folkways)
اسان جي نئين ٽهي سان جا عامي رجحان ارادي طور تي رسمي تعليم جي
وسيلي سکي ٿي، پر گهڻو ڪري ٻين کي ڏسي سگهي ٿي.
عامي رجحان ٻار جي چوڌاري رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ٻار
هڪڙي ئي ڪم ڪرڻ جو طريقو گهڻي وقت تائين ڏسي ٿو،
ان ڪري اهو طريقو هن جي لاءِ ڪنهن ڪم ڪرڻ جو مستقل
طريقو ٿي ٿو وڃي.(۽ اهو ئي طريقو عامي رجحان ٿو
بڻجي.) (21)
عامي طريقن جا وڏا قسم ٻه ٿين ٿا:
اهي طريقا يا عمل جن تي عمل ڪرڻ معنيٰ سٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ-
لڇڻ ۽ نماڻائي هن قسم جا مثال آهن.
ٻيا اهي عمل يا طريقا جن تي ضروري عمل ڪرڻو آهي، ڇو ته اهي
گروهه جي خيرخواهيءَ جي لاءِ يا ڀلائيءَ جي لاءِ
تمام ضروري آهن.
ٽابو
(Taboo)
گروهه جي افراد جو بهرحال اهو فيصلو به هوندو آهي ته فلاڻو يا
فلاڻو ڪم گروهه جي چڱائيءَ ۾ ڪرڻ نه جڳائي. ان ڪري
ان کان پاسو ڪجي. اهڙيءَ حالت ۾ اهڙي فيصلي کي
ٽابو چيو ويندو آهي. (22)
سماجي بي آرامي
(Social unrest)
جنهن حالت ۾ ماڻهن جون خواهشون، امنگ ۽ جذبا پورا
نه ٿا ٿين ۽ جنهن حالت ۾ سماج ۾ زندگيءَ جو ڪوبه
اهڙو نمونو ڪونه ٿو رهي، جيڪو ماڻهن جي مدد ڪري،
ته نتيجي طور ماڻهو سماجي بي آراميءَ جو شڪار ٿي
ٿا وڃن. سماجي بي آراميءَ جي نتيجي ۾ پريشاني،
ناراضگي ۽ غيريقيني حالتون پيدا ٿين ٿيون. هي
حالتون گهڻو وقت هلن ٿيون ته ماڻهو دماغي مونجهارن
جي حالت
(Neurotic behaviour)
جو شڪار ٿو ٿي وڃي. (23)
ائين به سمجهي سگهجي ٿو ته سماجي بي آرامي، بي آراميءَ کي
سماجي بنائڻ
(Socialization of unrest)
جو نتيجو آهي. هيءَ بي آرامي پهريان فردن ۾ پيدا
ٿئي ٿي ۽ پوءِ سماج ۾ هڪ علامت طور پيدا ٿيو وڃي.
هارين، عورتن، مذهبي ماڻهن ۽ پورهيتن جي بي
آراميءَ به هڪ سماجي بي آرامي آهي. سماجي بي
آراميءَ جا اهي نمونا ٻڌائين ٿا ته ماڻهن جي سماجي
زندگيءَ ۾ ڪا اهڙي تبديلي آئي آهي جنهن انهن جي
زندگي جي طريقن تي برو اثر وڌو آهي. (24)
سماجي بي آراميءَ جون خصوصيتون:
ماڻهو گهڻو ڪري پريشانيءَ جي حالت ۾ هوندا آهن، سندن اڳيان ڪوبه
واضح مقصد ڪونه هوندو آهي، پر انهن ۾ عمل ڪرڻ جي
تمنا تمام وڏي ٿي پوندي آهي.اهڙيءَ حالت ۾ سماجي
ڪارڪردگي بي مقصد ۽ بي ترتيب هوندي آهي. اهڙيءَ
حالت جي ٻي لازمي صورتحال هوندي آهي جوش واريءَ
ڪارڪردگيءَ جي، جنهن ۾ اجايا گمان، ڊپ ۽ خدشا پيدا
ٿيندا رهندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ سماج ۾ افواهه عام
ٿي ويندا آهن.
بي آراميءَ جي ٽئين ڏاڪي تي سماج ۾ ڪاوڙ ۽ غصو عام ٿي ويندو
آهي. ان حالت ۾ هو هڪٻئي کان وڌيڪ خبردار ٿيڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن. هن حالت ۾ نون خيالن ۽ نظرين ڏانهن
وڌيڪ توجهه ڏنو ويندو آهي. پر انهيءَ توجهه ۾ عام
رواجي تواتر ڪونه هوندو آهي. تنهنڪري اهو تعميري
ڪونه هوندو آهي. (25)
سماجي بي آراميءَ جا نتيجا
تخريب ۽ ڀڃگهڙ يا ڊاهه ڊوهه جنهن جو سماجي زندگيءَ تي اثر پوي
ٿو. نئين منظم زندگيءَ نون طريقن جي تلاش ۽ نون
رخن جي جستجو لاءِ جنهن جا نمونا گهڻو ڪري هيٺ
ڏيکاريل نمونا آهن:
سماجي تحريڪون.
سڌارا.
مذهبي طبقا
(Religious cults).
روحاني سجاڳي.
نوان اخلاقي طريقا.
سماجي ميل ميلاپ جي باري ۾ مٿي پيش ڪيل نقطا
انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪن ٿا ته ڪهڙيءَ ريت هڪ
سماج ۾ رهڻ وارا سڀ فرد هڪٻئي سان واسطيداريءَ ۾
رهن ٿا. هنن نقطن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ سان اسان سنڌي
سماج جي ڪن ضروري اصولن ۽ خصوصيتن کي معلوم ڪري
سگهنداسون (پر هي ڪم ڪنهن حد تائين اسان جي سماجي
تاريخ لکڻ واري جو آهي). هن جاءِ تي اسان رڳو
ايترو چوڻ ٿا گهرون ته سنڌي سماج ۾ سماجي بي
آراميءَ جو اظهار هن ڳالهين مان ٿئي ٿو، سي هي
آهن:
لوڙائو، نڙ جا بيت، ڇلڙا، وائي،ڪافي، ڳالهيون ۽ قصا ڪهاڻيون.
تصوف ۽ ان جا طريقا.
مذهب جي باري ۾ غير رسمي بي توجهي.
ڀاڄڙيون ۽ لڏپلاڻ.
درگذر ڪرڻ وارو سماجي رجحان، جنهن مان فراريت ظاهر ٿئي ٿي.
مثال طور، چئبو ۽ ڪبو رهجي ٿو: مڙئي خير آ، يا مڙئي چڱي ٿي
پوندي. |