سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :17

اختصار-

معنائون ٻه آهن: هڪ سوچ جو نتيجو آهي ۽ ٻي سوچ کي وڌائي ٿي ۽ جوابي عمل لاءِ مواد پيدا ڪري ٿي.

اها معنيٰ، جيڪا سوچ جو نتيجو آهي، سا لغوي معنيٰ ٿي سڏجي، ۽ اها جيڪا سوچ کي مواد ٿي ڏئي، سا اصلاحي معنيٰ ٿي سڏجي.

اهڙيءَ ريت نشان ۽ اهڃاڻ به ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا اُهي جيڪي سوچ جو نتيجو آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي سوچ وڌائين ٿا.

لفظن جو جادو اسان جي من جي ڪهاڻيءَ سان، ۽ انساني سماج، تهذيب ۽ ڪلچر سان واسطو رکي ٿو.

سمبلزم يا اهڃاڻائي ٻوليءَ جي انهيء اثر جي اڀياس جو نالو آهي، جيڪو اثر ٻولي خيالن تي ڪري ٿي.

ٻوليءَ استعمال ڪرڻ وقت ٽي شيون ڪم ڪن ٿيون:

دماغي سرشتو،

سمبل، ۽

اها شيءِ، جنهن جو خيال ڪيو وڃي.

نشان اهڃاڻ جو بنياد هوندو آهي، ۽ اهڃاڻ ٺهڻ کان اڳ ۾ ٻوليءَ جي نشانن (Signs) واري صورت تيار ٿيندي آهي.

اهڃاڻن کي ٻوليءَ جو سڀاويڪ واڌارو به پيدا ڪري ٿو؛ پر اهڃاڻ گهڻو ڪري ڪلچري مواد مان حاصل ڪيل هوندا آهن.

معنيٰ لفظن کان سواءِ آوازن ۽ اشارن ۾ به موجود هوندي آهي- پر معنيٰ جو اتم ڪردار فقط اهڃاڻن ۽ عڪسن ۾ ڏسي ٿو سگهجي.

عظيم سنڌي شاعري اهڃاڻن تي ٻڌل آهي ۽ ان جو تاريخي پيٽو سنڌي سماج ۽ ڪلچر آهي.

عظيم شعر اهو آهي، جيڪو تهذيبي اهڃاڻن تي ٻڌل هجي ۽ جيڪو ترجمي هيٺ اچي نه سگهي.

جڏهن ٻولي عام ٿيندي ٿي وڃي، تڏهن لفظن جي ٻڌڻ يا ڪنهن لفظ واريءَ شيء کي ڏسڻ سان اهڙن جذبن جو اظهار ٿي ٿو وڃي، جيڪي خيالن ۽ سوچ جي ڪري پيدا نه ٿي سگهن ها. هن مان ڏسجي ٿو ته لفظ سوچڻ واريء قوت کان مٿي ڪو ڪم ڪري رهيا آهن.

لفظن جي اهڃاڻوي واري استعمال کان پوءِ اسان اچون ٿا لفظن جي جذباتي استعمال تي. رچرڊس به پنهنجي ڪتاب ”ادبي تنقيد جا اصول“ ۾ به ٻوليءَ جو هڪ ئي يعني جذباتي (Emotive) استعمال ٻڌائي ٿو، پر ربٽ (Ribot) شاعريءَ ۾ ڪم آيل لفظن جي لاءِ لکي ٿو ته ”اهي اهڃاڻ نه آهن پر اهي آواز آهن ۽ موسيقيءَ جا پد آهن، جيڪي جذبات جي نفسيات (Psychology of emotions) جي خدمت ڪري رهيا آهن“. هن مان ۽ مسٽر رچرڊس جهڙي عالم ۽ اڪابر جي نظرين مان به اها ڳالهه پڌري آهي ته ٻولي فقط لغت يا ڪوش ۾ آيل لفظن جي ذخيري جو نالو نه آهي.

لفظن ۽ اهڃاڻن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه به مٿي چيو ويو آهي، اهو آهي ته:

لفظ ٻوليءَ جي ”ڪوش“ واريء معنيٰ کان مٿي ڪا ٻي معنيٰ به رکن ٿا.

لفظن جي اها معنيٰ انسان جي من جي ڪهاڻيء، روحاني زندگيء، سماجي ضرورتن ۽ تهذيبي ۽ تمدني زندگيء سان تعلق رکي ٿي.

لفظن جي هيءَ معنيٰ سوچ جو نتيجو نه آهي (هت هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته ’سوچ، مان مطلب آهي ته انفرادي سوچ، نه ته هونئن به انساني ۽ تهذيبي سڀ ڳالهيون انساني سوچ جو نتيجو آهن).

هن حالت ۾ لفظ انساني سوچ جو دائرو ويڪرو ڪن ٿا ٻوليءَ جي سچي ۽ اتم معنيٰ فقط هنن لفظن ۾ ئي موجود آهي.

هاڻي اچون ٿا ته لفظن جي هن اهڃاڻ واريء حالت تي. عالمن اهڃاڻن بنائڻ جي باري ۾ ڪي قانون به تيار ڪيا آهن. آءُ هن قانون اوجن ۽ رچرڊس جي مشهور تصنيف جي آڌار تي هن هيٺ لکان ٿو:

هڪڙو اهڃاڻ هڪ ۽ فقط هڪ شيءِ (Refrend) جي نمائندگي ڪري ٿو. (هت عجب جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ڀٽائيءَ جي اهڃاڻ ٺاهڻ ۾ هيءَ قانون برقرار نه رکيو ويو آهي؛ ڀٽائيءَ وٽ مثال طور اٺ ويري به آهي ته اٺ سچو دوست به آهي.)

اهي اهڃاڻ جيڪي هڪٻئي جي بدران ڪم آڻي سگهجن ٿا، سي هميشہ ساڳيء شيءِ (Refrent) جا اهڃاڻ هوندا آهن. (مثال طور ”اٺ ويري اوٺار ويري“ ۽ ”ڏاگهن، ڏيرن ڏونگرن“ ۾ ”اٺ ۽ ڏاگها“ لفظ هڪٻئي جي بدران ڪم آڻي سگهجن ٿا ۽ اهي ٻيئي اهڃاڻ هڪ ئي شيءِ ”وير، دشمنيءَ“ لاءِ ڪم آيا آهن.)

گهٽايل اهڃاڻ (Contracted symbol) جو (Refrend) اهو ئي هوندو آهي، جيڪو سندس وڌايل صورت جو هوندو آهي. هن جو مطلب هي آهي ته اهڃاڻ واري لفظ جو مخفف به استعمال ڪيو ويندو آهي، پر هن حالت ۾ (Refrent) بدلجي نه ويندو آهي.

اهڃاڻ پنهنجي استعمال ۾ هميشہ پنهنجي ساڳي حالت برقرار رکي ٿو، يعني اهڃاڻ هميشہ انهيءَ ڳالهه جو اهڃاڻ رهي ٿو جنهن جو اهڃاڻ هو رهندو آهي.

جامع اهڃاڻ (complex symbol) اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي معنيٰ جي لاءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو محتاج يا ڪنهن ٻئي اهڃاڻ جو محتاج نه هجي ۽ جيڪو لفظ هڪ جاءِ يا صورت (Place) تي ئي قائم رهڻ وارو هجي.

اهڃاڻ جا سڀئي ممڪن Refrent گڏجي هڪ ترتيب اختيار ڪن ٿا. هيءَ ترتيب اهڙي نموني واري آهي، جو ان ۾ هر (Refrent) جي جاءِ جدا ۽ نرالي هوندي آهي.

لفظن جي علامتي حيثيت-

ٻوليءَ جي علم جي بحثن ۾ ”علامت جي نظريي“ جو ذڪر اڄڪلهه عام طور تي ڪيو وڃي ٿو. علامت جو نظريو (Sign Theory) هڪ تمام اهم نظريو آهي، ڇو ته اُن جي اڀياس مان اسان کي نشان (Signal)، علامت (Sign) ۽ اهڃاڻ (Symbol) جو باهمي لاڳاپو (Inter- relationship) معلوم ٿئي ٿو. علامت جي نظريي جي لاءِ تمام ويجهڙائيءَ ۾ لفظ Semiotics به استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ٻوليائي علامتن جو علم“ چئجي ٿو سگهجي. هن علم جو واسطو ٻوليءَ جي علامتي ۽ اهڃاڻوي طريقن سان آهي. هنن طريقن جي وسيلي هاڻي اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته انسان جي ٻولي اظهار جي ٻين طريقن کان ڪهڙيءَ ريت مختلف آهي.

علامتن (Signs) جا جدا جدا سرشتا (systems) ٿين ٿا. انهن سرشتن کي ڪم آڻن جو جيڪو وسيلو ٿئي ٿو، ان کي Sybernetic device چيو ٿو وڃي. انسان ۽ جانور علامتون ڪم آڻين ٿا ۽ انهن جي وسيلي اظهار ڪن ٿا. هاڻي اسان هن هيٺ هنن نون لفظن جي باري ۾ وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

نشان (Signal)-

نشان کي ماريوپي (Morio pie) وارن پنهنجي لغت ۾ نشان (Marker) جي معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪيو آهي ۽ ’مارڪر، (Marker) لفظ جي تشريح ۾ هنن ڏيکاريو آهي ته ”نشان يا مارڪر ٻوليءَ جو اهو نشان آهي، جنهن جي وسيلي ٻوليءَ جي لفظن جون وياڪرڻي حالتون مقرر ٿين ٿيون“ (24). پر ”نشان“ لفظن جو هي استعمال ٻوليءَ جي علم ۽ خاص ڪري معنيٰ جي سائنس جي باري ۾ اسان جي رهبري ڪونه ٿو ڪري. هن لفظ جو هڪ موزون استعمال ڪونڊراٽوف جي ڪتاب “Signa and Sounds” ۾ملي ٿو. ڪونڊراٽوف پنهنجي ڪتاب ۾ نشان (Signal) کي ”بنيادي علامت Index sign ٿو“ سڏي. مثال طور باهه جو دونهون، جنهن ۾ باهه ته ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، پر اهو معلوم ڪري ٿو سگهجي ته جنهن هنڌ تي دونهون آهي ان هنڌ تي باهه جو وجود به آهي: هن علامت ۾ دونهون Index sign آهي، جنهن کي اسان ”بنيادي علامت“ ٿا سڏيون يا جنهن کي سنگل يا مارڪر به سڏي ٿو سگهجي. علامت جي نظريي پٽاندر هن حالت ۾ نشان بنيادي علامت آهي، پر اڳتي ساڳيو ئي لفظ وڌيڪ نري علامت (Sign) به ٿي ٿو سگهي. دونهين جي مثال کي وٺي، اسان علامت تي غور ڪنداسون، ته معلوم ٿيندو ته جيڪڏهن اسان مان ڪي به ٻه ماڻهو اڳ ۾ ئي اهو فيصلو ڪري ٿا ڏين ته جنهن هنڌ تي دونهون نظر اچي اتي باهه جي وجود هئڻ جو يقين ڪجي، ته پوءِ ان حالت ۾ دونهين جو وجود نشان نه پر علامت آهي (25). هن طرح دونهين جي وجود جي لاءِ اسان ٻيون معنائون به مقرر ڪري ٿا سگهون. پر جيڪڏهن اسان اهو قبول ڪريون ٿا ته مثال طور (اسان فيصلو به ڪري ٿا سگهون ته) اسان مان ڪنهن کي دونهون نظر اچي ته اهو سمجهي ته ان جاءِ تي خطرو آهي يا ان جاءِ تي امن آهي، يا ان جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ خطرو آهي، ته انهيءَ حالت ۾ به دونهون علامت آهي ۽ نه نشان: ڇو ته دونهون نشان رڳو باهه جو ئي ٿي ٿو سگهي. پر دونهون علامتون ته وڌيڪ اُهي به بيان ڪري ٿو سگهي جن جي باري ۾ اڳ ۾ ئي فيصلو ٿيل هجي ۽ جيڪي سماج ۾ يا گروهن ۾ يا ٽولن ۽ طبقن ۾ روايت (Convention) جي حيثيت وٺي چڪيون هجن. سنڌي ماڻهو ڏسڻي آڱر آسمان ڏانهن کڻندو ته مطلب ٿيندو، ”الله پاڪ آ، الله مالڪ آ، ماشاءَالله،“. مٿي آڱر کڻڻ جو هي مطلب رڳو سنڌي سماج ۾ ئي سمجهي سگهجي ٿو، ڇو ته ان ۾ اهو فيصلو ٿيل آهي ته مٿي آڱر کڻڻ جو ڇا ٿو مطلب ورتو وڃي. هن حالت ۾ ”مٿي آڱر کڻڻ“ هڪ علامت آهي؛ پر ”آڱر مٿي کڻڻ“ علامت نه پر محاورو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”الله کان گهرو“ يا ”مان تو کي نه ڏيندس.“ هن طرح علامت لاءِ ٻه ڳالهيون نهايت ئي ضروري آهن:-

هڪ، اطلاع يا خبر چار ڏيڻ واري شيءِ (جيئن دونهون يا آڱر)، ۽ ٻي، اطلاع حاصل ڪرڻ يا معلوم ڪرڻ واري شيءِ.

نشان لاءِ انهن ٻنهي ڳالهين جو هئڻ ضروي نه آهي، ڪنڊ تي ڪڪر جو اوٽپ ڏسي به اسان معلوم ڪري ٿا وٺون ته مينهن آيو ڪي آيو، ڇو ته ڪڪر مينهن جو نشان آهي. علامتن جون حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون، پر نشانن جون حالتون تبديل ٿي ڪونه ٿيون سگهن. هن جو مطلب هي آهي ته ڪوبه نشان علامت جي جاءِ تڏهن ٿو وٺي، جڏهن ان جون معنائون هڪ کان وڌيڪ ٿيون نڪرن. مثال طور! هيءَ نشاني عجب جي نشاني آهي. پر جدا جدا هنڌن تي ۽ جدا جدا حالتن ۾ هن جون معانئون جدا جدا ٿين ٿيون. اسڪول جي شاگرد جي لاءِ هيءَ عجب جي نشاني آهي، هڪ ڊرائيور جي لاءِ هيءَ خبردار ڪرڻ جي نشاني آهي، رياضيءَ جي عالم لاءِ هيءَ ”جزن ڪرڻ، جو مطلب ٿي ڏئي، ۽ اهڙيءَ ريت شطرنج جي رانديگر جي لاءِ هيءَ ”بهترين چال“ جي نشاني آهي. اِن جو مطلب هي آهي ته هڪ ئي نشاني جدا جدا معنائون ڏئي ٿي. ٻين لفظن ۾ هي ته ”علامت“ جون حالتون تبديل ٿي ٿيون سگهن. شطرنج، رياضي ۽ روڊ هن مثال ۾ حالتون اهي آهن جن سڀني ۾ نشاني ساڳي آهي. ”سو جهڙي علامت جي حالت تهڙي علامت جي معنيٰ“- هي قانون فقظ انساني سماج ۾ ئي ڪم ڪري ٿو سگهي، ڇو ته جانورن جي ماحول ۾ علامت جي حالت متبدل نه پر مستقل ٿئي ٿي. ڪڪڙ چوزن کي اهو ٻڌائي نه ٿي سگهي ته ڪالهه ڇا ٿيو هو ۽ سڀاڻي ڇا ٿيندو. هن حالت ۾ چوزا علامت جي فقط اها ئي حالت ڄاڻن ٿا، جا سندن تجربي ۾ بار بار اچي چڪي آهي، يعني هڪ خاص قسم جو آواز ٻڌجي ته معلوم ٿيندو ته سرڻ يا باز اچي ٿو.

علامت جي هن وضاحت کان پوءِ سمجهي سگهبو ته

انساني سماجن ۾ علامتن جا جدا جدا نظام ٿين ٿا.

هڪ ئي سماج ۾ به علامتن جون جدا جدا حالتون وجود ۾ رهن ٿيون. (26)

ڪنهن به سماج ۾، ٻوليءَ جو علامتي نظام متوازي يا ”پور وڇوٽي ليڪن“ (Parallels) وانگر ڪم ڪري ٿو. هر علامت جي هڪ ليڪ يا دائرو (scope) ٿئي ٿو ۽ اهو دائرو ٻيءَ علامت جي دائري سان ٽڪرجي نه ٿو سگهي. *

مٿي اسان هڪڙي هنڌ هن ڳالهه کي به واضح ڪيو آهي ”آڱر مٿي کڻڻ“ ۽ ”مٿي آڱر کڻڻ“ ٻه علامتون آهن، توڙي جو لفظ ساڳيا آهن، ۽ عجب جي نشانيءَ (!) جون ٻه چار علامتون ٿين ٿيون توڙي جو نشاني هڪ آهي. اهڙيءَ ريت جيتريون علامتون اوترا دائرا يا اوتريون متوازي ليڪون يا اوتريون دنيائون. اهڙيءَ ريت هرڪا ٻولي، نظام شمسيءَ جيان انيڪ زمينون، سج ۽ چنڊ رکي ٿي. ٻوليءَ جو علامتي نظام هن جديد دور ۾ پاڻ وڌيڪ آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. عمراني علوم هجن يا طبعي علوم، هر علم جي ٻولي جدا ٿئي ٿي. توڙي جو ڪن حالتن ۾ ساڳيا لفظ جدا جدا علمن ۾ ڪم اچن ٿا- ته به انهن جون حالتون جدا جدا ٿين ٿيون ۽ انهن جون علامتون مختلف ٿين ٿيون. هن خيال مطابق ٻوليء جو مانڊاڻ تمام وڏو سانڊاڻ بڻجي ٿو پوي ۽ ان نظام جي گرهن جي تعداد لغت ۾ شامل لفظن جي تعداد جيترو ٿي وڃي ٿو. هن باري ۾ سنڌي ٻوليء جو اڀياس هڪ جدا تحقيق جو دروازو کوليندو: هن تحقيق جو موضوع هي به ٿي ٿو سگهي: ”سنڌي ٻوليء جا علامتي نظام“. عام طور تي هيء تحقيق انهيء سوال تي ڪري سگهجي ٿي ته اهي ڪهڙا لفظ آهن جيڪي جدا جدا حالتن ۾ جدا جدا معنائون ڏين ٿا. هيء صورتحال ”ڊگلوشيا“ کان مختلف آهي.

هن موضوع جي خيال کان اسان کي هن جاءِ تي رڳو ايترو ڏيکارڻو آهي ته هرڪو لفظ هڪ علامت آهي، پر اهو لفظ ڪن حالتن ۾ نشان آهي، ڪن حالتن ۾ علامت ۽ ڪن حالتن ۾ اهڃاڻ. هن طرح وري لفظ جا ٽي دائرا ٿين ٿا. نشان واري دائري ۾ اهو فقط هڪ ۽ هڪ ئي معنيٰ ڏئي ٿو- (کنڊ معنيٰ کنڊ). علامت واري دائري ۾ اهو اها ئي معنيٰ ڏئي ٿو- جيڪا سندس حالت کانئس طلب ڪري ٿي، جيئن ”انسان پاڻ ۾ ائين آهيون جيئن کير کنڊ“، ”اسان پاڻ ۾ کير کنڊ آهيون“- هي ٻه جملا ظاهر ۾ توڙي جو هڪ ئي معنيٰ ڏين ٿا، پر اصل ۾ انهن ۾ ”کنڊ“ لفظ جون حالتون جدا جدا آهن، ۽ ان ڪري ”کنڊ“ هڪ علامت جي حيثيت ۾ به مطلب جدا جدا ڏئي ٿي. پهرئين جملي جو مطلب آهي ته ”اسان هڪٻئي کان جدا ناهيون“ ۽ ٻئي جو مطلب آهي ته ”اسان جا هڪٻئي سان تعلقات تمام سٺا آهن“. سڄو جملو علامت جي حالت يا دائرو آهي- جهڙي حالت تهڙي معنيٰ. اهڙيءَ ريت ٻيا جملا به سمجهائي ٿا سگهجن ته ”انب مٺو آهي“، ”فلاڻو ماڻهو مٺو آهي“، ”هو زبان جو مٺو آ“، ”مٺائيان مٺو گهڻو“، ”پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي“: هنن جملن ۾ ٻه لفظ ”مٺو“ ۽ ”مٺائي“ ڪم آيا آهن. پهرئين جملي ۾ مٺو لفظ نرو نشان (signal) آهي. ٻئي جملي ۾ ”مٺو“ لفظ علامت آهي، ۽ ٽيئن جملي ۾ ”مٺو“ لفظ علامت آهي. پر اڳتي انهي لفظ جي بنياد تي ٺهيو آهي ”مٺائيءَ کان به مٺو“- هن حالت ۾ ”مٺو“ لفظ علامت نه پر اهڃاڻ آهي ڇو ته هاڻي هن حالت ۾ اهو ”مٺاڻ“ واري اصل تصور کان هڪ ته ڇڄي چڪو آهي ۽ ٻيو ”مٺو“ لفظ جي هر معنيٰ کان مٿي هڪ جدا معنيٰ ڏئي ٿو. توڙي جو علامت واريءَ حالت ۾ ”مٺائي“ ۽ ”مٺو“ لفظ جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي. هن حالت ۾ ”مٺو“ بنيادي اهڃاڻ آهي، پر آخري حالت ۾ ته هر شيءِ کي ”مٺائي“ سڏيو ويو آهي ۽ اُن حالت ۾ ته ”مٺائي“ جو اهو علامتي نظام به پري رهجي ويو آهي. هن حالت ۾ ”مٺائي“ اهڃاڻ آهي، پر اهو اهڃاڻ هڪ درجو مٿانهون اهڃاڻ آهي. ”مٺائي“ اهڃاڻ لغت جي ڳالهه نه آهي اها ٻوليءَ جي معنيٰ واري علم جي ڳالهه آهي. اهڃاڻ ٻوليءَ رواجي سطح تي ڪم ڪونه ٿو اچي- اهو ته رڳو ڪلچري سطح تي ڪم اچي ٿو. ان ڪري اهڃاڻ جو واسطو سماجيات (Sociology) ۽ ڪلچر (Culture) سان آهي. اهڃاڻ واري نظام جي صورت ۽ حيثيت منفرد آهي- اهو نظام عام رواجي ٻوليءَ سان گڏوگڏ ۾ اهڃاڻ ڪلچر ۽ سماج جي ڪلي يا مڃيل (established) صورت جي نمائندگي ڪري ٿو- پر ان حالت ۾ علامت رڳو ٻوليءَ جي مقبول ۽ عام رواجي صورت جي سطح تي ڪم ڪري ٿي. ٻوليءَ جي هن صورت کي اسان توازن ۽ معيار جي صورتحال (Situation of Balance and standard) جو نالو ڏيون ٿا.

لازمي نتيجا-

الف:   (1) نشان (Marker, Signal) ڪنهن جي وجود جي خبر ڏئي ٿو، ۽

ڪوبه نشان هڪ ۽ فقط هڪ شيءِ جو نشان ٿي ٿو سگهي.

ب:   (1) علامت ٻوليءَ جو اهو طريقو آهي جنهن ۾ معنيٰ رواج يا قبوليت (Convention) جي بنياد تي ٺهي ٿي، ۽

  (2) علامت جي معنيٰ جو دارومدار علامت جي ”حالت“ (Condition) تي آهي، يعني، جهڙي حالت تهڙي معنيٰ؛ هڪ ئي علامت جدا جدا حالتن ۾ جدا جدا معنائون ڏئي ٿي.

ج:  (1) اهڃاڻ ٻوليءَ جو اهو طريقو آهي، جنهن ۾ معنيٰ پنهنجي بنياد کان مختلف ٿئي ٿي، ۽

    (2) اهڃاڻ جو نظام لغت جي نظام کان مٿي ۽ وڌيڪ سڌريل ٿئي ٿو.

نشان، علامت ۽ اهڃاڻ، وڌيڪ بحث-

سوسن لينگر (Susanne. K. Langer) اهڃاڻپ جي باري ۾ لکندي، ان جا ٽي قسم ٻڌايا آهن:- عقلي اهڃاڻ، روايتي اهڃاڻ، آرٽ اهڃاڻ (27). هن طرح ساڳئي ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي ته اهڃاڻ جو وڏو مقصد آهي اعتقاد (Belief) حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تنظيم ڪرڻ. ”حقيقت ۾ اهڃاڻ استعمال ڪرڻ جي طاقت اها طاقت آهي جنهن سان انسان روء زمين جو حاڪم بڻجي ٿو ۽ اهڃاڻ جي ڪم آڻڻ جي وسيلي انسان جي دلچسپي ذهن (Sense)  جي وسيلي تجربي حاصل ڪرڻ جي ڪم کان وڌي، وڃي اتي پهتي آهي، جتي هو عقل جي وسيلي حاصل معلومات جي بنياد تي وڌيڪ مٿانهين اظهار ۽ تجربي جي دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو. فرينڪ لوريمر (Frank Loriemer) پنهنجي ڪتاب ”عقل جي اوسر“ (The Growth or Reason) ۾ لکي ٿو: ”اهڃاڻ لفظي علم جي اڀياس جو اهو طريقو آهي، جنهن جي مدد سان اسان انساني ذهن جي اوسر ۽ جوڙجڪ معلوم ڪري ٿا سگهون“ (28). اهڙيءَ ريت لاگونا (Grace de Laguna) به ٻوليءَ جي سکڻ جو مقصد اهو ٿو ٻڌائي ته ان جي مدد سان اسان انسان جي اوسر ۽ ارتقا جو اڀياس ڪري سگهنداسون-

(Speech, its Function and Development).

پروفيسر رچي (A.D. Ritchie) ٻوليءَ کي ”دل يا من (Mind) جي قومي تاريخ“ سڏيندي، اهڃاڻ جي باري ۾ لکي ٿو: ”خيال هر سطح تي هڪڙو اهڃاڻي طريقو ئي هوندو آهي. خيال (thought) جو ضروري ڪم آهي اهڃاڻڻ (Symbolization). اهڃاڻ ذهني زندگيءَ جو اهو مڃيل سونهون (Key) يا رهبر آهي، جيڪو هر لحاظ کان انساني آهي ۽ حيوانيت جي سطح کان مٿي آهي. اهڃاڻ واري معنيٰ انسان جي اهڙيءَ دنيا جي معنيٰ آهي، جيڪا عام رواجي عقلي دنيا کان گهڻو مٿي آهي.“

سوسن لينگر لکي ٿي: ”برابر اهڃاڻڻ جو عمل عقل جي عمل کان مٿي آهي، پر اهو عمل عقلي عمل کان اڳ ۾ شروع ڪو نه ٿو ٿئي. هر ڪو ذهني ۽ عقلي عمل اهڃاڻڻ جي عمل سان شروع ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت اهڃاڻائڻ جو عمل سوچڻ، محسوس ڪرڻ، ۽ـ عمل ڪرڻ جي عملن کان وڌيڪ عمومي (More general) آهي. (29)

اهڙيءَ ريت جنهن شيءِ کي اسان تجربن جي اهڃاڻوي منتقل ٿا سڏيون ۽ جيڪا انساني دماغ ۾ بنيادي طريقي (Process) جيان موجود آهي، ٻولي انهيءَ شيءِ کي پوري ڪرڻ جو تيار ۽ باعمل وسيلو آهي. (30)

”اهڃاڻن جي لاءِ ائين چوڻ غلط آهي ته اهي پنهنجن اصلي شين جا غير موجود وجود (Proxies) آهن. حقيقت ۾ اهڃاڻ انهن شين جا تصور Concepts آهن (31) هونئن به ڳالهائڻ ۾ اسان جي اڳيان شيون نه پر انهن شين جا تصور (Concepts) ئي موجود هوندا آهن، ۽ اهي ئي تصور هوندا آهن، جن سان اهڃاڻن جو واسطو هوندو آهي. ”اهڃاڻوي معنيٰ جو سادي ۾ سادو نمونو اهو آهي، جيڪو اسان کي اسم عام (Common noun) ۾ ملي ٿو.“ (32)

انساني ذهن ۾ شين جي تصورن گهڙڻ (abstraction) جو هڪ عمل چالو رهي ٿو. انهيءَ عمل جي وسيلي اسان شين جي ذاتي تصورن (Private concepts) کي شين جي عمومي تصورن (Public concepts) ۾ تبديل ڪندا رهون ٿا. اهڙيءَ ريت اهو تصور (Concept) ئي آهي، جيڪو اهڃاڻ جي وسيلي منتقل ٿئي ٿو- ۽ نه ڪا ٻي شيءِ. (33)

”شايد انسان جي پهرين ضرورت ئي اهڃاڻن جي ضرورت آهي. انسان کان سواءِ ٻيا ساهوارا اها ضرورت محسوس ڪونه ٿا ڪن. اهڃاڻن ٺاهڻ يا اهڃاڻڻ جو عمل انسان جو بنيادي عمل آهي- جيئن هن جا کائڻ، ڏسڻ، چرڻ پرڻ وارا عمل آهن. ان ڪري اهڃاڻن ٺاهڻ جو عمل انسان جو بنيادي عمل آهي ۽ اهو هميشہ چالو رهي ٿو.“ (34)

”علامت جو استعمال ان ڏينهن کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ڏينهن کان عقل ڪم ڪرڻ شروع ٿو ڪري. جانورن جو عقلي دنيا ۾ به هيءُ ڪرشمو معنيٰ جي علم جي اصولن تي شروع ٿئي ٿو، پر پوءِ انهن جي سڀاويڪ ڪمزورين جي ڪري اهي نشان، علامت ۽ اهڃاڻ جي رستن تي ترقي ڪري نه سگهيا. انسان پنهنجي اظهار جي باري ۾ جيڪو اتم درجو رکي ٿو، ان جو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انسان وٽ Signals جو هڪ تمام وڏو تعداد موجود رهي ٿو. هن طرح نشانن جي معرفت انسان کي هڪٻئي سان تعلق رکڻ جون ڪيتريون ئي معنائون ملن ٿين.“ (35)

اڄڪلهه جي دور جون سڀ زبانون علامتن ۽ اهڃاڻن جي ضابطن جي پيداوار آهن. هي علامتون ۽ اهڃاڻ ذهن (Mentality) ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ اهو طريقو جيڪو هي اختيار ڪن ٿا سو آهي ”ڀلڻ ۽ ڀاڻ اچڻ (Trial and error) جو“

اوجن ۽ رچرڊس پنهنجي ڪتاب ۾ اهڃاڻن جا ڪم چار ٿا ٻڌائين:

To Direct- حڪم ڏيڻ يا رستو مقرر ڪرڻ.

To Record- دفتر تي آڻڻ يا رڪارڊ تي رکڻ.

To Organize- تنظيم ڪرڻ يا ترتيب ڏيڻ.

To Communicate- منتقل ڪرڻ.

هي چار ئي عمل خيال (Thought) تي اثر ڪن ٿا، جو اهو خيال ئي آهي، جنهن کي حڪم ڪيو ٿو وڃي، ۽ اهو خيال ئي آهي، جنهن جي تنظيم ڪري ان کي پهريائين محفوظ ڪيو ٿو وڃي ۽ پوءِ منتقل ڪيو ٿو وڃي. (36)

رابنس (Robins) ٿو لکي ته ”علامتن جي هڪڙي قسم (Class) کي اهڃاڻ چيو ٿو وڃي. علامتون عمومي طور تي اهڙيون آهن جيڪي ڪن ٻين شين جي طرف اشارو ڪن ٿيون.“ (37)

گرين برج ٿو لکي: ”علامتي ڪارڪردگي (Sign behaviour) جو اهو فرق، جيڪو چارلس مارس (Charles W. Morries) ڏيکاريو آهي، سو علامتن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي ٿو- وياڪرڻي، معنوي ۽ مقصدي (Syntactic, Semantic, Pragmatic). وياڪرڻي- هن ۾ هڪڙيءَ علامت جو تعلق ٻيءَ سان ڏيکاريو ٿو وڃي. معنوي ۽ مقصدي- هن ۾ علامت، علامت جو مقصد (Referrent) ۽ اهو سڄو سرشتو (Organism) ڏيکاريو ويندو آهي، جنهن ۾ علامت ڪم ڪري ٿي.“ (38)

جيڪس ماريٽن (Jacques Moritain) ڄاڻائي ٿو: ”علامت اها شيءِ آهي، جيڪا پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو علم ڏئي. اها شي اها ئي آهي، جيڪا علامت جو مقصود هوندي آهي. علامت ۽ علامت جي مقصد جو تعلق اهو آهي، جيڪو ماپ جي وسيلي (Measure) ۽ ماپيل شيءِ  (Measured) جو پاڻ ۾ هوندو آهي. (39)..... نه هر ڪنهن عڪس کي علامت چئبو ۽ نه هر علامت کي عڪس..... اهڃاڻ جي تعريف جيڪر اسان هيئن ڪريون ته اهڃاڻ هڪ علامتي عڪس (Sign- image) آهي.“(40)

آڳاٽو انسان، جيئن نظر اچي ٿو، ڄڻ علامتن جي نشي ۾ چور هو. پر تنهن هوندي به علامت پنهنجو واسطو پنهنجي مقصود سان قائم رکندي آئي. بت کي خدا چيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت بت خدا ٿي ويو، پر ته به بت واريءَ علامت جو واسطو ان پٿر جي بت سان قائم رهيو جيڪو حقيقت ۾ خدا نه هو (41) ڇو ته اها علامت انهيءَ منطقي حالت اندر ڪم ڪري رهي هئي، جنهن جي تقاضائن ان کي خدا جي علامت ته بڻايو هو پر اهو شعور به بخشيو هو ته اهو بت اصل ۾ پٿر جو بنايل بت آهي. هن قسم جي علامت کي (Logic- sign) چيو ويو آهي- ڇو ته اها عقل ۽ استدلال جي بنياد تي ٺهي ٿي ۽ ڪم ڪري ٿي.

اهڙيءَ ريت جادو (Magic) به هڪ علامت آهي، جيڪو هڪ جدا نظام ۾ڪم ڪري ٿو، جيڪو عقلي نظام کان مخلتف آهي. جادو انهيءَ تصور (Imagination) سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي نفسياتي توڙي ڪلچري دنيا ۾ اعليٰ ترين ۽ بااختيار حيثيت ڏني وڃي ٿي.

اهڙيءَ ريت علامت علم جي وسيلي هئڻ سان گڏ شين جي وجود جو سبب به ٿئي ٿي. ”اهڙيءَ ريت ائين سمجهي ٿو سگهجي ته انسان جي ٻوليءَ جي ابتدائي صورت جادوءِ جي ٻوليءَ جهڙي هئي. آڳاٽي انسان جي حالت ۾، لفظ اڳ ۾ تصور (Concept) ۽ پوءِ ان جي معرفت ان تصور واريءَ شيءَ جي علامت ڪونه هوندو هو: ان وقت لفظ سڌو سنئون شيءَ جي علامت هوندو هو. اهڙيءَ ريت لفظ ۽ لفظ جو ملفوظ ان دور ۾ هڪ ئي شيءِ جا نالا هئا. (42).“ جارج بوس جو خيال آهي ته ”اهڃاڻ- لفظ هجي يا مورت، اکرن جو ميڙ هجي يا نقشو يا علامت هجي- بهرحال ان کي معنيٰ به هوندي ته اهو معنيٰ جي منتقل ڪرڻ جي لاءِ وسيلو به هوندو.“ (43)

”اهڃاڻ اسان جي ويسر ۽ اسان جي يادگيريءَ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان ڪي شيون رڳو اهڃاڻ جي مدد سان ڪن شين کي ياد رکون ٿا، انهيءَ ڪري اهڃاڻ اسان جي سماجي وراثت يا روايت جو حصو آهن. اهڙيءَ ريت اهڃاڻن جي وسيلي اسان وقت جو فرق ختم ڪري ٿا سگهون. ”ٻولي“ (Language) ڪتاب جا ايڊيٽر پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻائين ٿا ته اهڃاڻ گهڻو ڪري ٽن قسمن جا ٿا ٿين:

روايتي، (2) اتفاقي، ۽ (3) ڪلي (Conventional, Accidental, and Universal)

روايتي: لفظ ”ميز“ جو آواز ۽ اصل ميز (شيءِ) جدا ڳالهيون آهن، پر انهيءَ اچار کي، جو ”ميز“ شيءِ جو اهڃاڻ سمجهيو ويو آهي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته سماج ۾ اُهو اچار روايتي طور تي ”ميز“ (شيءِ) لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت مورتون به اهڃاڻن جهڙيون آهن.

اتفاقي: هي ذاتي تجربي جو اهڃاڻ آهي. جهرو تجربو تهڙو ئي اهڃاڻ جو احساس. مثلا، نانگ جي ڏنگ جو خراب تجربو اهڙو آهي، جو رڳو نانگ جي صورت کان به ڊڄ ٿو ٿئي- توڙي جو نانگ جي صورت ۽ ڏنگ هڻڻ وارو نانگ جدا جدا شيون آهن. هن طرح سمبل يا اهڃاڻ ذاتي تجربي (Mood) جي بنياد تي به ٺهي ٿو. (هن باري ۾ معلوم هجي ته نانگ جي مورت ته اهڃاڻ آهي پر نانگ کان نفرت وارو جذبو اهڃاڻ نه آهي، اهو ته رڳو هڪ احساس آهي: ان ڪري نه ٿو چئجي سگهجي ته ڪو اهڃاڻ انفرادي يا ذاتي تجربي تي ٻڌل به ٿي سگهي ٿو ۽ اِن طرح اهڃاڻ جي روايتي حيثيت ڪا ختم ٿي ٿي وڃي.)

ڪلي اهڃاڻ: هي اهڃاڻ اهو آهي، جنهن ۾ اهڃاڻ ۽ اهڃاڻ واريءَ شيءِ جي وچ ۾ اندروني لاڳاپو هوندو آهي. مثال طور، باهه ۽ باهه جون خصوصيتون، جيئن- طاقت، هلڪائي، تحرڪ، شان، خوشي، زندگي ۽ تواتر. اهڙيءَ طرح پاڻي ۽ پاڻيءَ جي ٻين خصوصيتن ۾ به اندروني لاڳاپو قائم رهي ٿو، ۽ ان ڪري ان جي هر هڪ خصوصيت کي پاڻيءَ جو اهڃاڻ چئي ٿو سگهجي.

اها ڳالهه ته ٻاهرينءَ دنيا جو ماحول اصل ۾ انسان جي اندروني تجربي جو مشاهدو آهي، يا شين واري مادي دنيا اصل ۾ دل جي دنيا جو اهڃاڻ آهي، اسان کي عجب ۾ ڪانه ٿي وجهي.(45)

”اها حقيقت به وسارڻ جهڙي نه آهي ته ’ڪلي اهڃاڻ، (Universal symbol) جي ٻولي اها آهي، جا واحد آهي ۽ جنهن کي انسان ذات گڏجي ٺاهيو آهي. اُها ئي ٻولي آهي، جنهن کي انسان ذات تڏهن ختم ڪري ڇڏيو ۽ وساري ڇڏيو، جڏهن ان انساني سطح تي روايتي ٻوليءَ جو يا انهيءَ ٻوليءَ جو بنياد وڌو، جيڪا لفظن جي روايتي صورت (Converntion) تي مدار رکي ٿي.“(46)

ڪلي انساني ۽ آفاقي اهڃاڻ اها ٻولي ٺاهين ٿا، جيڪا خواب ۾ ڪم اچي ٿي.

خواب جي ٻولي-

افلاطون ۽ فرائڊ جي نظريات پٽاندر خواب انسان جي اها حالت آهي، جنهن ۾ انسان جي سڌ کي دليل ۽ عقل سمجهيو ٿو وڃي. ان حالت ۾ انسان جون ڪلمي ۽ غير عقلي تمنائون (Strivings) اٿي کڙيون ٿيون ٿين. اهي ئي تمنائون آهن، جن جو اظهار اسان خواب جي ٻوليءَ ۾ ڪريون ٿا. اهو اظهار ”عظيم انسان“ جو اظهار نه آهي، پر ان انسان جو اظهار آهي، جيڪو ”نرو جانور“ ۽ ”نرو انسان“ آهي.

خوابن جي ٻوليءَ جي باري ۾ ٻيو خيال گوئٽي، ايمرسن ۽ جنگ (Goethe, Emerson, and Jung) جو آهي. اهي مڃين ٿا ته خوابن ۾ اسان اهو اظهار ڪريون ٿا، جيڪو تمام مٿانهون ۽ عقل جي بهترين صلاحيتن جو نتيجو ٿئي ٿو. خوابن ۾ ته اسان اڳڪٿي ڪرڻ واري اها صلاحيت به ڏيکاريون ٿا، جيڪا هونئن جا ڳڻ جي حالت ۾ اسان ڏيکاري نه ٿا سگهون.

ٽيون خيال خوابن جي باري ۾ ڪتاب ”ٻولي“ جي ايڊيٽرن جو آهي. اهي چون ٿا ته حقيقت هيءَ آهي ته خوابن ۾ به اسان تمام مٿانهون ۽ تمام هيٺانهون اظهار ڪريون ٿا. دراصل خوابن ۾ هر اهو اظهار ٿئي ٿو، جنهن جو تعلق ذهني ڪارڪردگيءَ سان آهي، پر ڳالهه رڳو اها آهي ته هيءُ اظهار عام ٻوليء ۾ نه پر اهڃاڻوي ٻوليء ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري فاضل ايڊيٽر چون ٿا ته ”خوابن جو اظهار مقصدي يا معنيٰ وارو ۽ اهم اظهار آهي. اهو اظهار ذهني ڪارڪردگيء جي بنياد تي ننڊ جي حالتن اندر ٿئي ٿو.“ (47)

اهڃاڻ ۽ زين (Zen)، ڳالهه ٻولهه-

چارلس مارس (Charles W. Morris)، تصوف جي ڳالهه ٻولهه جي طرز تي، ٻڌائي ٿو ته تصوف جي اظهار جو هڪڙو طريقو آهي .زين اظهار“ (Zen form of Expresson). هن باري ۾ ايڊيٽر هڪ ڪٿا (Gatha) نوٽ ڪن ٿا، جيڪا شان هائي (Shan- Hai) جي چيل آهي، ۽ ڇهين صديءَ جي آهي- اها ڪٿا آهي: ”هٿين خالي ٿو وڃان، پر ڏسو ته منهنجي هٿن ۾ ڪوڏر به آهي“- (يعني آءُ پنهنجي قبر جي طرف هلندو ٿو وڃان).

”پيرين پيادو ٿو گهمان پر ڏسو ته آءُ ڏاند جي پٺيءَ تي سفر ڪري رهيو آهيان-“ (يعني آءُ ڌرتيءَ جي مٿان هلي رهيو آهيان). ڏاند جي شڪل جي جانور کي پراڻين ڪٿائن ۾ ڌرتيءَ جو اهڃاڻ سمجهيو ويو آهي.

”آءُ پل جي مٿان لنگهي رهيو آهيان، پر ڏسان ٿو ته پاڻي هڪ هنڌ بيٺو آهي ۽ پل وهندي ٿي وڃي“- (يعني آءُ وقت جي ڪلهن تي سوار آهيان، پر نظر ائين ٿو اچي ته زمانو هڪ هنڌ بيٺو آهي توڙي جو وقت گذرندو ٿو وڃي، توڙي جو زمان ۽ مڪان (Time and place) ٻيئي تحرڪ ۾ آهن: پر ظاهر ۾ رڳو وقت گذرندو ٿو نظر اچي ۽ اهو ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي ته مڪان به متحرڪ رهي ٿو.)

چارلس مارس هنن لفظن کي ستوري ۽ مونڊو (Mondo Satori) اظهار ٿو چوي، ۽ چوي ٿو ته هي اهو منطق آهي، جيڪو پڻ علامتن جي عام نظريي (Semantics) جي ڪري وجود ۾ آيو آهي. (مٿي مثالن ۾ ”ڪوڏر“، ”ڏاند“ ۽ ”پل“ يا ”پاڻي“ سڀ علامتون آهن.) هن ٻوليءَ جي معرفت اسان اڄ به تصوف جي ٻوليءَ کي سمجهي ٿا سگهون. (48)

علامتن جو هيءُ نظريو اسان کي اُهو سنڌي ادب سمجهائي سگهندو، جيڪو تصوف جي مذهب توڙي فلسفي جي تقاضائن تحت لکيو ويو آهي. سنڌي ادب جو تمام وڏو حصو تصوف جي تحت لکيو ويو آهي.

شاعريءَ ۾ تصوف جي روايت هڪ وڏي ۽ اهم روايت آهي ۽ ان روايت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي علامتن جي نظريي (Theory of signs) جو وڏو اڀياس ڪرڻو پوندو. ”واريءَ سندو ڪوٽ“، ڪوڏر ۽ ڪاني“، ”گاڙهو گهوٽ“،  ”ڪن“، ”وات“ ، ”ڪات“، ”ٻڪرو“، ”در“ ، ”قصر“، ”ڳڙ کي“ ۽ ٻيا اهڙا لفظ، جيڪي شاهه سائينءَ پنهنجي شعر ۾ ڪم آندا آهن، ۽ جن جو تعلق تصوف جي اظهار جي طريقي سان آهي، ”زين اظهار“ جي طريقي جهڙا آهن. هي لفظ علامتون آهن، ۽ اهڙيءَ ريت تصوف جو سڄو اظهار علامتن جي وسيلي ئي ٿي ٿو سگهي، ڇو ته تصوف شين جي ظاهري وجودن جو انڪاري آهي.

ٻوليءَ جي باري ۾ جيڪي علامتون ڪم اچن ٿيون، سي اهڙيون آهن، جو انهن علامتن جو مطلب به فقطه اهو ئي سمجهائي ٿو سگهي، جيڪو علامتون جوڙي ٿو. اهڙيءَ ريت علامتن جو مطلب ٻيءَ حالت ۾ رڳو اهي ماڻهو سماج جي علامتي ٻوليءَ جا واقف ۽ رازدار آهن. (مٿي بيان ڪيل علامتون به اهڙيون آهن.)

ڪي علامتون اهڙيون آهن، جيڪي ٻوليءَ کان اڳ ۾ ٺهن ٿيون. مثال طور، گهنٽي وڄائي ڪتي کي کاڌي تي آڻجي، ته اِن حالت ۾ گهنٽيءَ جو آواز ”علامت قبل از بيان“ (Pre- language sign) آهي. انهيءَ علامت جا ٻيا مثال آهن اهي علامتون، جن ڏانهن ٻار ان وقت توجهه ڏئي ٿو ۽ ردعمل ڏيکاري ٿو، جنهن وقت هن اڃا ٻولي ڳالهائڻ شروع نه ڪئي آهي. علامت جو هڪ ٻيو مثال آهي ”علامت بعد از زبان“. هن جو مثال آهي ستاري جي اها خيالي شڪل، جنهن ۾ اهو پڙهندڙ کي هڪ روشنيءَ جي هڪ مقام (Spot) جيان سمجهه ۾ ٿو اچي (توڙي جو پڙهندڙ رڳو لفظ ”تارو“ ٿو پڙهي): ڇو ته ڪلچر ۾، يا مغربي ڪلچر ۾ خاص طور تي، تاري کي ڏورانهون ۽ روشنيءَ جو نشان (Spot) سمجهيو ٿو وڃي.

 مارس ٿو چوي: ”مون کي يقين آهي ته علامت بعد از زبان (Post- language sign) جو تصور (Notion) تمام اهم آهي، ڇو ته فقط ان مان ئي اسان آرٽ يا مٿ (Myth)، ٽوٽم، مذهب، وقار، نسل ۽ ٻين اهڙن تصورن جي ٻولي سمجهي ٿا سگهون.(49)

مارس جي ”علامت بعد از زبان“ ۽ ”زين ٻوليءَ“ جا تصور اسان لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس ۾ ڏاڍا مددگار ثابت ٿي ٿا سگهن. هن طرح اسان ٻوليءَ جو علامتي نظام وڌيڪ سمجهي سگهنداسون.

لازمي نتيجا-

اهڃاڻ شيءِ (Concrcete) جو نشان نه آهي، پر اهڃاڻ خيال جو اهو نشان آهي، جيڪو ڪنهن خيال سان تصور قائم ڪري ٿو.

خيال غير مستقل (Dynamic) ٿئي ٿو- پر تصور مستقل ٿو ٿئي. ان ڪري اهڃاڻ جي حيثيت هر سماج ۾ مڃيل ۽ منظور ٿيل ٿي ٿئي.

انسان جي سوچ ۾ هڪڙو عمل آهي اهڃاڻڻ (Symbolization). هيءُ اهو عمل آهي، جنهن سان انسان سوچي ٿو ۽ سوچ جي نتيجي ۾ تصور ۽ نظريا قائم ڪري ٿو.

لفظ ۽ اهڃاڻ ۾ وڏو فرق آهي، توڙي جو اهڃاڻ هڪ لفظ جي شڪل به وٺي ٿو سگهي. لفظ لغت (Lexicon) جي شيءِ آهي ۽ اهڃاڻ معنيٰ جي سائنس جو سوال آهي.

ڪي اهڃاڻ ڪليات (Universal) تي ٻڌل ٿين ٿا ۽ ڪي روايتن (Convention) تي، پر اهڙو ڪوبه اهڃاڻ ناهي، جيڪو محض اتفاقي (Accidental) يا حادثاتي هجي. اهڃاڻ کي يا ته عموميت جي حجت حاصل هوندي آهي، يا روايت (Convention) جي.

اهڃاڻڻ (Symbolization) سوچڻ جو اهو طريقو آهي، جنهن ۾ خيال چئن منزلن مان لنگهي ٿو. اهو اڳ ۾ پنهنجو عمل شروع ٿو ڪري، پوءِ اهو عمل هڪ هنڌ جمع ٿئي ٿو، تنهن کان پوءِ ان جي تنظيم ٿي ٿئي ۽ ان کان پوءِ اهو منتقل ٿو ٿئي. پر خيال جو هيءُ عمل اهڃاڻ تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن اهو روايت ۽ عموميت جي مدد سان لفظي لاڳاپي (Lexical relation) کان سواءِ رڳو تصورن جي بنيادن تي معنيٰ پکيڙي ٿو. اهڃاڻ معنيٰ يا خيال نه، پر تصور ۽ نظريو ڏئي ٿو ۽ اعتقاد بخشي ٿو.

آرٽ، شاعريءَ ۽ ميوزڪ کي اهڃاڻن جي مدد کان سواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي، ڇو ته انهن ۾ مادي شيون (Concretes) نه پر تصوراتي شيون (Concepts) ڪم ڪن ٿيون.

اهڃاڻ، دراصل عقل ۽ استدلال (منطق) جي بنياد تي قائم ٿئي ٿو: هن قسم جا خالص اهڃاڻ رياضيءَ جا اهڃاڻ (Symbols) آهن.

اهڃاڻ جي وسيلي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ جو سٺي ۾ سٺو طريقو خواب آهي. خواب ۾ نه استدلال ڪم ڪري ٿو ۽ نه گرامر يا ٻوليءَ جو فارم. خواب ۾ سوچڻ جو اهو نرو عمل ظاهر ٿئي ٿو، جنهن ۾ اصل انسانن جي اهڃاڻڻ (Symbolization) واري صلاحيت موجود آهي. اهو ئي سبب آهي، جو خواب ۾، هر شيءِ جو هڪ تصور ئي اسان جي اڳيان اچي ٿو، ۽ ان جي باري ۾ اسان جو اظهار به تصوراتي ٿئي ٿو، جنهن جو واسطو عقل يا ٻوليءَ جي علم ۽ تربيت سان نه ٿو ٿئي.

 اهڃاڻ اصل ۾ هڪ سماجي عادت (Social habit) آهي. سماجي سطح تي اهڃاڻ به انسان جي ٻين عادتن، جهڙوڪ چرڻ پرڻ ۽ ڏسڻ جيان هڪ عادت آهي، جنهن جو عمل سڄي سماج جي سطح تي ٿئي ٿو ۽ عادت جيان غير ارادري ٿئي ٿو. پر علامت اهو نشان آهي، جيڪو حالت پٽاندر جدا جدا معنيٰ ڏئي ٿو.

ڪي علامتون گرامر جي بنياد تي ٺهن ٿيون، ته ڪي معنيٰ جي بنياد تي، ته ڪي رڳو مخصوص مقصدن جي خاطر جڙن ٿيون.

علامت پنهنجي نه پر پنهنجي مقصود جي ڄاڻ ڏئي ٿي. علامتن جو واسطو منطقي حقيقتن سان قائم رهندو آهي.

ستوري (Satori)، زين (Zen)، مونڊو (Mondo) ۽ تصوف (Mysticism) جهڙن اظهار جي طريقن جو بنياد علامتي نظام تي ٿئي ٿو.

علامتون رڳو ٻوليءَ جي مدد سان ڪونه ٿيون ٺهن: ڪي علامتون ٻوليء کان اڳ ۾ به ڪم اچن ٿيون ۽ ڪي ٻوليءَ کان پوءِ به ڪم اچن ٿيون.

نشان معنيٰ جو اهو وسيلو آهي، جيڪو اسان کي شين جي صورت ۾ پنهنجي آسپاس نظر اچي ٿو.

8- سنڌي ٻولي ۽ معنيٰ (The Semantics of Sindhi Language):

سنڌي ٻوليءَ جي معنيٰ جي باري ۾ اسان ڪتاب جي اڳئين ڀاڱي ۾ به ضرورت آهر بحث ڪيو آهي. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ عمومي طور تي اسان سنڌي ٻوليءَ جي ڪن فارمن يا نمونن (Forms) جو فلسفو بيان ڪيو آهي، ۽ انهيءَ طرح ڏيکاريو اٿئون ته ٻوليءَ جو هر نمونو جدا هڪ معنيٰ ۽ جدا ڏاهپ رکي ٿو. ان کان پوءِ اسان ”علم علامت“ ۽ ”علم معنيٰ“ جو هڪ عام بحث ڪيو آهي، ۽ هن ئي ڀاڱي ۾ مٿي اسان علم علامت جي باب ۾ اهڃاڻ، علامت، نشان ۽ ٻين اهڙن ڳالهين تي لکندي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو آهي، جنهن ۾ عام طور تي علم معنيٰ (Semantics) ۽ علم علامت (Semiotics) جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ جو ادبي اڀياس اچي ٿو وڃي. هن پڄاڻان هن هنڌ تي اسان سنڌي ٻوليءَ جي ڪن انهن نمونن (Forms) تي ويچار ڪنداسون، جن ۾ علم علامت جو دخل آهي.

اعتقاد (Belief)-

سنڌي ٻوليءَ جو اهو نمونو، جنهن کي اسان اعتقاد جي اظهار جي لاءِ ڪم آڻيون ٿا، سو علم علامت توڙي علم معنيٰ جي خيال کان اسان جي اڀياس جي لاءِ تمام اهم آهي. اعتقاد ۾ ٽوٽم ۽ ٽابو به شامل ڪري ٿا سگهجن، ڇو ته انهن جو وجود به ڪن اعتقادي تصورن تي مدار رکي ٿو. اعتقاد جو اظهار اسان عبادتن توڙي رسمن ۽ رواجن ۾ ڪريون ٿا. عبادت ۾ نماز جو نمونو تمام اهم آهي. ان نموني ۾ نيت ڪرڻ جي لاءِ ڪنن جي پاپڙين جي هيٺان هٿ اهڙيءَ ريت ٿا رکون، جو اهي سڌو ڪعبته الله جي طرف ٿا کلن. علم علامت جي خيال کان هن طرح هٿ رکڻ ”علامت قبل از زبان“ (Pre- Language Sign) آهي، جنهن ۾ ڪجهه به چوڻ کان سواءِ اسان پنهنجي اعتقاد جي لحاظ کان ان جو اظهار ڪريون ٿا ته ”آءُ قبلي جي طرف رخ ڪري رهيو آهيان ۽ جيئن مون تي واجب ٿئي ٿو تيئن آءُ عبادت شروع ڪري رهيو آهيان.“ هن طرح هٿ رکڻ هڪ اشارو آهي، جنهن جي سماجي معنيٰ اعتقاد جي خيال کان اها ئي نڪري ٿي. ان کان پوءِ لفظن ۾ بندگيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، ۽ ان کان پوءِ رڪوع ۽ سجدي جا اشارا ڪريون ٿا. ”نوڙڻ“ اسان جي مسلم سماج ۾ ”نيازمنديءَ“ جي مڃيل نشاني آهي. اسان آداب جي باري ۾ نوڙڻ اختيار ڪندا رهيا آهيون. اهڙيءَ ريت نوڙڻ وارو اشارو سنڌي سماج ۾ هڪ ”مڃيل“ (Convention) اشارو آهي، جنهن کي هاڻي ”نيازمنديءَ“ جي علامت جي حيثيت حاصل آهي. اهڙيءَ طرح هٿ ٻڌي بيهڻ جا جدا جدا نمونا توڙي ٻانهون ڊگهيون هيٺڀرو ڪري بيهڻ جو به نمونو نيازمنديءَ جي علامت آهي. سجدي ۾ اسان انتهائي نيازمنديءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ان ڪري پنهنجي ”انا“ کي وڃائڻ لاءِ زمين تي ڪنڌ رکي، عجز ۽ نياز جو ڪمال اظهار ڪريون ٿا. ان ڪري پنهنجي ”انا“ کي وڃائڻ لاءِ زمين تي ڪنڌ رکي، عجز ۽ نياز جو ڪمال اظهار ڪريون ٿا. اهڙيءَ ريت ڌرمي طور تي حج جي حالت ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ، حجر اسود کي چمڻ، طواف ڪرڻ ۽ منا ۾ گڏ ٿيڻ کان سواءِ ڪي ٻيا اعتقادي علامتن جا نمونا به اسان جي سماجي اڀياس جي خيال کان اسان جا اهي اظهار آهن جن ۾ لفظ نه پر علامتون ڪم آڻيون ٿا. هن طرح علامتي زندگيءَ ۾ اسان اعتقاد جو اظهار ڪندا آهيون ۽ اعتقادي زندگيءَ ۾ علامتون ڪم آڻيندا آهيون. جدا جدا فرق ۾ علامتن جا ڪي مختلف نمونا به ڪم اچن ٿا. هندن ۾ ”بهراڻو“ به هڪ اهڙو علامتي اظهار جو نمونو آهي. اهڙيءَ ريت مسلمانن ۾ قربانيءَ جي رسم به هڪ علامتي اظهار آهي. موت ۽ زندگيءَ جي باري ۾ ڪم ايندڙ علامتي اظهار جا نمونا اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون (ڀاڱو ٽيون). اشارن جي وسيلي وڌيڪ اظهار جا نمونا اسان مٿي ڏنا آهن (ڀاڱو چوٿون). پيرن تي پٿر وجهڻ، سکا جي ڪٽي ورهائڻ، سهرا ڳائڻ ۽ درگاهن تي دعائون گهرڻ، ان جون اهي علامتون آهن، جن جي وسيلي اسان سماجي طور تي اظهار ڪريون ٿا. سماج جي ارتقا جي خيال کان اسان علامتن جا نوان نوان نمونا ايجاد ڪريون ٿا. نون نمونن ۾ رنگارنگي بلبن جي وسيلي عمارتن کي سينگارڻ هڪ علامت آهي، جنهن مان خوشيءَ جو اظهار ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪارا ڪپڙا ۽ ڪارا جهڊا ۽ ڪاريون پٽيون به علامتون آهن، جن جي وسيلي اسان غم، ڪاوڙ، ۽ غصي جو اظهار ڪريون ٿا. هن طرح دهل، ڀير، نغاري ۽ ٻين آوازن جي خاص علامتن جي وسيلي اسان سماجي زندگيءَ ۾ ڪي خاص معنائون پيدا ڪريون ٿا ۽ پکيڙيون ٿا. انساني سماج جي سڄيءَ زندگيءَ جو اظهار رڳو لفظن ۾ ڪونه ٿو ٿئي. اسان جي لاءِ لفظن کان وڌيڪ ٻيا اهي طريقا به موجود آهن، جن ۾ اسان جي تصوراتي زندگيءَ جو ذڪر ٿئي ٿو، ۽ علامت هڪ اهو طريقو آهي جيڪو اسان جي اعتقاد جي اظهار لاءِ ڪم اچي ٿو.

سياست-

جديد سياسي دورن ۾ سياست جي تصورن جو اڀري اچڻ سڀاويڪ هو- سياست ماڻهن جي آمدنيءَ ۽ شهري زندگيءَ جي تنظيم جي ڪري اڀري آئي آهي. هن خيال کان سياست اڄڪلهه سڄيءَ سماجي زندگيءَ تي محيط آهي. ان ڪري سماجي زندگيء ۾ اسان کي اهڙيون علامتون به ملن ٿيون، جيڪي اسان جي سماجي زندگيءَ ۾ سياسي تصورن جو اظهار ڪن ٿيون. هنن علامتن مان ڪي اهم علامتون هي آهن:

جلسا ۽ جلسو،

کلي سواريءَ ۾ سفر ڪرڻ،

هار ۽ گل قبول ڪرڻ ۽ ٻارن کان گلدستا وٺڻ،

ميڙن جي صورت ۾ الوداع يا آجيان ۽ استقبال ڪرڻ،

تقرير ڪرڻ وقت اشارا ڪرڻ، تاڙيون وڄائڻ ۽ نعرن ۾ شامل ٿيڻ، ۽

نوان نوان نعرا هڻڻ ۽ جهنڊا کڻڻ.

جلسن ۽ جلوسن جي علامتي حيثيت مسلم آهي. انهن مان يڪجهتي، مجموعي عمل، عمل جي قوت، ۽ جذباتي ۽ نظرياتي لاڳاپي جو اظهار ٿئي ٿو. ان ڪري جلسا ۽ جلوس ”علامتون“ آهن. هنن جلسن ۾ ”ڪاميابيءَ“ وارو جلوس (Victory Procession) تمام اهم آهي. هن قسم جي علامت وڪٽريءَ جي نشان V سان به ڪم آندي ويندي آهي. هي اکر آڱرين جي وسيلي به ظاهر ڪيو ويندو آهي، جنهن اشاري مان سوڀ جو مطلب ورتو ويندو آهي. احتجاجي جلوس ۽ احتجاجي جلسا به علامتون آهن، جيڪي احتجاجي ماڻهن جي نظرين ۽ عملن جو اظهار ڪن ٿيون. سياسي عملن جي ميدان تي ڪي نوان نوان عمل ٻيا به اهڙا آهن، جن جو اظهار علامتن جي وسيلي ٿئي ٿو. جدا جدا رنگن جا جهنڊا علامتون آهن، جيڪي روايت جي بنياد تي ڪن ڪن نظرين جو اظهار ڪن ٿا، مثال طور اسان وٽ هڪ پارٽيءَ جي جهنڊي جا ٽي رنگ آهن: اهي ٽن نظرين جي اظهار لاءِ علامتن طور ڪم اچن ٿا. اهڙيءَ ريت سياسي نظرين جي اظهار لاءِ چنڊ تاري، ڏاٽي مترڪي ۽ جدا جدا تارن جي تعداد مان به ڪن مخصوص نظرين يا تصورن جو اظهار ٿئي ٿو.

کليءَ جيپ يا ڪار ۾، يا (جيئن اڳتي ٿيندو هو) سينگاريل گهوڙي تي چڙهي جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ به هڪ سياسي علامت آهي. جنهن مان حالتن (Condition) آهر جدا جدا معنائون نڪرن ٿيون. هنن معنائن مان ”اڳواڻي“ واري معنيٰ وڌيڪ صاف هوندي آهي.

اهڙيءَ ريت هار، گل ۽ گلدستا قبول ڪرڻ هڪ جمالياتي ۽ سياسي علامت آهي، ساڳيءَ ريت هار ۽ گل يا گلدستا پيش ڪرڻ به هڪ علامت آهي. هنن علامتن مان نماڻائيءَ، تدبر، سچائيءَ، ۽ عظمت جي معنيٰ نڪري ٿي. هن حالت ۾ گلن جا هار ۽ گلدستا ڪريسٽ (Crest) طور به ڪم اچن ٿا. (ڪريسٽ تي بحث اچي چڪو آهي.) ميڙن جي صورت ۾ الوداع يا استقبال جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن شخصيت جي عظمت ۽ ظاهري وڏائي جي علامت آهي. اهڙي نموني سان سياسي حڪمت عمليءَ جي خيال کان ڪي اشارا به وڏي معنيٰ ڏين ٿا. پاڪستان جي تاريخ ۾ ”مڪ“ جو اشارو پاڪستان جي وزيراعظم جناب مرحوم لياقت علي خان طرفان هندستان جي مقابلي لاءِ ڏنو ويو هو. هي اشارو تمام مشهور ٿي ويو هو. مڪ کان سواءِ ٻيا اهڙا اشارا اڳ ۾ ئي ٽيئن جلد ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

هي سڀ نمونا سياسي عملن لاءِ علامتن طور ڪم اچن ٿا ۽ ملڪ يا سماج جي سياسي زندگيءَ جي تصورن جو اظهار ڪن ٿا. ان ڪري هي سڀ نمونا ٻوليءَ جا نمونا آهن، توڙي جو انهن سان ڪيترن جي لاءِ لفظن جو استعمال ضروري نه آهي.

تاريخ ۽ مٿ-

لفظ جيڪي انسان جي ڪلچر، من جي ڪهاڻيءَ، ڀرم، رواج ۽ روحاني راز سان تعلق رکن ٿا، سي حقيقت ۾ انسان جي مٿ بيان ڪن ٿا. اسان مٿي ڀونڊي ۽ آڱوٺي جي اظهار جو ذڪر ڪري چڪا آهيون. سنڌي ٻوليءَ ۾ ائين چوڻ ته ”ٿڪ هجيئي“ يا ”ٿڪ هجيئي منهن ۾“- هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ٿو سگهي، جنهن جو سماجي تعلقات تي وڏو اثر پوي ٿو. اوجن ۽ رچرڊس جو اهو خيال ته ”لفظن جو زور، جيڪو زندگيءَ ۾ قديم ۽ روايتي طاقت جهڙو آهي، اهو اسان لاءِ ڏاڍو اهم آهي“، اُن موجب لفظ لفظ نه آهن، روايتون آهن يا طاقتون آهن. اوجن ۽ رچرڊس (Odgan and Richards) مسٽر بج (Budge) تان نقل ڪندي لکن ٿا: ”آڳاٽي مصر ۾ انهيءَ ڳالهه جو خيال رکيو ويندو هو ته جيئن اٺون يا برڪت ڀريو نالو (Name soul) ڪٿي وسري نه وڃي. هو اها ڪوشش ڪندا هئا ته هي نالو خدائن جي نالن سان گڏ رهندو اچي.“ اهڙيءَ ريت هن قسم جي ”علامت“ تاريخي به آهي ته مٿ سان به تعلق رکندڙ.

اسان وٽ اسم اعظم (وڏو نالو)، ”چار يار“، ”پنج تن“، اهڙا ئي نالا علامتون آهن. ڪي علامتي انگ به ٿين ٿا- ڳڻڻ وقت اسان ”هڪ“ جي جاءِ تي چئون ”برڪت“، ٻن جي جاءِ تي چئون ”ڏون“. اهڙيءَ ريت ٽن جو لفظ اسان نه چوندا آهيون، پر ڳڻڻ ۾ اسان سلسلي جي آڌار تي ٽن جي لاءِ چوندا آهيون ”وڌائين سائين تون“ يا ”جيئن شال تون“. هن مان معلوم ٿو ٿئي ته اسان جا هي لفظ اسان جي ويساهه سان تعلق رکن ٿا. طلاقون ٽي ڀيرا ڏبيون آهن- ان ڪري طلاق جي بري لفظ لاءِ اسان لفظ ”ٽي“ ڪم آڻيون ٿا.

”هڪ“ لفظ الله لاءِ ڪم اچي ٿو، ان ڪري اسان لاءِ هڪ چوڻ معنيٰ الله چوڻ، ان ڪري ڳڻڻ ۾ هڪ چوڻ اسان لاءِ ”ٽابو“ آهي. پنجن کان پوءِ چئون ”گنج“، پر ڇهه ڪونه چئون. اهڙيءَ ريت نوانوي جي لاءِ چئون ”وڌانوي“. سنڌي ماڻهو پنهنجي زال جو نالو ڪونه وٺن، پر وري زالون به مردن کي نالو وٺي سڏ ڪونه ڪن. هن حالت ۾ نالن جو تصور (Concept) ويساهه جهڙو يا ويساهي آهي، جنهن جو تعلق اسان جي مٿ سان آهي.

رسم ۽ رواج-

سنڌي ٻوليءَ جي علامتي نظام جو وڏو حصو رسمن ۽ رواجن ۾ ڪم اچي ٿو. رسمن ۽ رواجن سان اُن جو ذڪر اسان اڳ ۾ به ڪيو آهي. لوڪ ادب جي باري ۾ لکندي، اسان شادين ۽ غمين جي رسمن جو وڏو اڀياس ڪيو آهي. زندگيءَ ۽ موت جي تصور جي باري ۾ لکندي، اسان انهن حالتن ۾ به ڪن رسمن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. رسم پاڻ به هڪ روايت (Convention) آهي، ان ڪري ان جي حيثيت ”علامت“ جهڙي آهي. رسم پنهنجي ابتدا کان بي نياز هوندي آهي، ان ڪري ان حالت ۾ اها روايت کان ڇڄي، محض علامت بڻجي ويندي آهي. رواج جي حيثيت به اها ئي آهي. رسمن ۽ رواجن جو هڪڙو اڀياس وڏن ڏينهن يا ڏٽڻ سان به ڪري ٿو سگهجي. عيدون، ڏياري، هولي، دسهڙو ۽ ٻيا اهڙا ڏينهن سنڌي سماج ۾ وڏو درجو رکن ٿا. انهن ڏينهن تي اسان پنهنجي روايتي زندگيءَ جو صفائيءَ سٺائيءَ جو استعمال- هنن ڏينهن جون ڪي روايتون هونديون آهن، جيڪي سڀ ڪنهن نه ڪنهن اظهار جون علامتون آهن. قربانيءَ جي عيد تي قرباني ۽ ان سان گڏ خوشي، اسان جي مذهبي زندگيءَ جي هڪ علامت آهي. روزن کان پوءِ عيد به هڪ علامت آهي. اهڙيءَ ريت هندن جي ڏڻن جون رسمون به مذهبي علامتون آهن.-

رسمون ٽوٽم ۽ ٽابوءَ جي سطح تي به ڪم ڪن ٿيون. انهيءَ طرح انهن سان ڪي اسان جي مٿ سان تعلق رکن ٿيون ۽ ڪي اسان جي اعتقاد سان. پر سماجي ڪارج جي خيال کان هنن جي نوعيت جي ٻوليءَ جي اظهار جي طريقي جهڙي آهي ۽ هن اظهار جو تعلق علامتن سان آهي.

خواب ۽ جادو-

خواب ۽ جادوءَ جي ٻوليءَ جي باري ۾ اڄڪلهه وڏي تفتيش ٿي رهي آهي. جادو ته ڪن حالتن ۾ مٿ جي زبان ڳالهائي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ اعتقاد جي؛ پر خواب جو مامرو نرو نفسياتي مامرو آهي، ان ڪري ان جي ٻوليءَ جي باري ۾ تحقيق جو مدار سائنسي سوچ تي آهي. خواب ۾ اهڃاڻ ڪم اچي ٿو. هن باري ۾ اسان مٿي عام بحث ۽ وضاحت ڪئي آهي.

ادب ۽ لوڪ ادب-

هن باري ۾ اسان هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ادبي روايتن جو هڪ فلسفو بيان ڪري آيا آهيون. اسان ڏيکاريو آهي ته ادبي روايتون ادب جون نه پر سماج جون روايتون آهن ۽ اهي رڳو تصوراتي نه پر علمي حقيقتون آهن.

معنيٰ جي سوال کي اسان سوچ جي ڳالهه به سمجهون ٿا، ڇو ته بنيادي طور تي معنيٰ سوچ (Thiking) سان تعلق رکي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ خود هن سوچ جي باري ۾ به مواد ملي ٿو.

هڪڙو اصطلاح آهي ”معنيٰ کائي مٿي چڙهڻ“. هن خيال کان هڪڙي معنيٰ ته اها آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ سان ماڻهو وڏي درجي تي پهچي ٿو. وري شاهه سائنيءَ چيو آهي ”صورت ليکي هت معنيٰ ليکي مارئين.“۾ هن طرح صورت (Appearnce) ۽ معنيٰ (Reality) جي باري ۾ فرق ڏيکاريو ويو آهي. هي فرق خصوصيت (Quality) ۽ مادي (Concrete) جو فرق آهي ۽ هن ئي فرق جي بنياد تي علامت ۽ اهڃاڻ ٺهيا آهن. هڪ اها معنيٰ به آهي، جا ڪنهن لفظ جو ارٿ (Meaning) يا اُن جي سوجهه (Sense) ڏئي ٿي. نفسياتي طور تي معنيٰ جو تعلق سوچ سان آهي. سنڌي ٻوليءَ مان هن خيال جي باري ۾ ثابتيون هٿ ڪري ٿيون سگهجن. مثال طور:

مٿو ڦريو آ.

مٿو خراب ٿيو آ.

ڪل ٿڙي آ.

هوش ڇڏيو آ.

اهڙيءَ ريت اسان وٽ ”مٿو“ ۽ ”هوش“ سوچڻ جا وسيلا آهن. ۽ اسان سماجي طور تي مڃي آيا آهيون ته معنيٰ (Meaning and thinking) ۽ مٿي جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڪهڙو آهي. اسان وٽ سماجي طور تي سمجهه جي جڏي يا هيڻي ماڻهوءَ جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته ”مٿي ۾ ويڳ اٿس“. اهڙيءَ ريت سماجي طور تي مٿي جو لفظ اسان سمجهڻ (Understanding) جي لاءِ ڪم آڻيون ٿا. هنن حالتن ۾ ”مٿو“ علامت آهي. اهڙيءَ ريت لفظ ”هنيانءُ“ به هڪ علامت آهي. عقل جو جڏو هجي ته چئون ته ”هنيانءُ انڌو اٿس.“ پر هنيانءُ لفط جو هڪ ٻيو علامتي استعمال به رواج ۾ آهي. همت واري ۽ بهادر ماڻهوءَ لاءِ به چوندا آهيون ”هنيانءُ وارو آهي“. وري ويچارڻو هجي ته چئون ته ”وهڃاءِ“، ”دل من پڇ“، ”سٽل ڪر“.

اهڙيءَ ريت ”دل، من“ (Mind) جو استعمال به علامت جهڙو ٿئي ٿو.

اهڙيءَ ريت سنڌ ڏيهه ۾ ماڻهن جي گهرن يا لوڙهن جي اندر واريءَ دنيا ۾ جيڪا معنيٰ اسان کي پنهنجي سماجي زندگي برقرار رکڻ ۾ ڪم اچي ٿي، سا اها معنيٰ آهي، جا نه رڳو اسان جي سوچ پر اسان جي تاريخ، روايت، ريت، مٿ، اعتقاد، ۽ سياسي نظريات جي پيداوار آهي. اهڙيءَ ريت ٻوليائي نفسيات (Psychology of Language) اصل ۾ سماجي نفسيات (Psychology of Society) جو ڪم ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو نفسياتي اڀياس (Psycho- linghistics) اصل ۾ سماجي نفسيات (Social psychology) جهڙو آهي.

سوچڻ جو عمل ڪجهه اهڙي طريقي جو آهي، جو انسان جڏهن سوچي ٿو تڏهن ڄڻ ته معنيٰ مان معنيٰ پيدا ڪري ٿو. هڪ عڪس مان ٻيو عڪس پيدا ٿو ٿئي، هڪ علامت مان ٻي علامت پيدا ٿي ٿئي. اهڙيءَ ريت اهڃاڻ جو وسيلو خود اهڃاڻ ئي ٿئي ٿو. پر معنيٰ جي باري ۾ اسان جو ڪم ٻٽو آهي. هڪ طرف اسان معنيٰ پيدا ڪريون ٿا ته ٻئي طرف اسان معنيٰ پکيڙيون ٿا يا منتقل ٿا ڪريون. ٻنهي سطحن تي اسان جو ڪم انفرادي به آهي ته سماجي ۽ اجتماعي به آهي. اجتماعي ۽ سماجي معنيٰ جو مقام مٿو نه پر ماحول آهي. ان ڪري اها معنيٰ نشان، علامت ۽ اهڃاڻ جا وسيلا ڪم آڻي ٿي.

اهڙيء ريت انسان جي معنيٰ، ان جي ماحول جيتري ٿئي ٿي. انسان جو ماحول نشانن جو ماحول آهي. هن ماحول مان اسان کي ”نشان“ ملي ٿا، جيڪي اسان کي معنيٰ بخشين ٿا. انسان جي تاريخ جو وڏو سوال انهيءَ نشانن (Markers or Singals) جو سوال آهي. اسان کي تمام گهڻا نشان مليا آهن. ان ڪري اسان جي سوچ به تمام وڏي ٿي ويئي آهي ۽ ان جي ٻولي به تمام گهڻو سڌري ويئي آهي. جانورن جي دنيا ۾ نشانن جو تعداد گهٽ آهي. انهن وٽ علامتون تمام ٿوريون آهن، ۽ انهن وٽ اهڃاڻ بلڪل ڪونه آهن، ڇو ته انهن جو نه ته ڪو اعتقاد آهي نه ڪو نظريو ۽ نه تصور، جنهن سان اهڃاڻ جو واسطو ٿئي ٿو. انسان جي معنيٰ فقط انسان جي ماحول ۾ پيدا ٿئي ٿي، انسان جي ماحول ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ انسان جي ماحول ۾ ئي رهي ٿي- انسان جي معنيٰ ان جي ماحول جيتري ٿئي ٿي. انسان جي سماج جي معنيٰ ان جي سماج جيتري ٿئي ٿي. اهڙيءَ ريت انسان جو ماحول ان جي ٻوليءَ جا دنيا جيترو وڏو ٿئي ٿو. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻولي اسان جي سماجي وجود جو دائرو مقرر ڪري ٿي.

سنڌي ٻولي ۽ اسان جو سماجي وجود-

ٻوليءَ جي باري ۾ هيء دعويٰ تمام وڏي دعويٰ آهي، پر آهي سچي دعويٰ. پهاڪي ۽ اصطلاح جي باري ۾ آيل بحث مان اسان ڏٺو آهي ته پهاڪو هڪ سماجي دائرو (Scope) آهي. پر لفظ به اسان جي سوچ جو دائرو مقرر ڪن ٿا. مثال طور:

انفرادي معنيٰ وارا لفظ

سماجي معنيٰ وارا لفظ

انڌو (اکين کان)

انڌو (عقل جو جڏو)

مٿو (جسم جو حصو)

مٿو (سوچ)

سون (هڪڙو ڌاتو)

سون (سراسر سچ)

ٻانهن (عضوو)

ٻانهن (سڱ يا عورت)

هنن مثالن مان ڏٺو ويندو ته هڪ ئي لفظ معنيٰ جا ٻه مقام ڏئي ٿو. انهن ٻن معنائن مان پهرين معنيٰ ته اها عام معنيٰ آهي، جا فرد ۽ فرد جي وچ ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ ڪم اچي ٿي. پر ٻي معنيٰ مٿانهين معنيٰ آهي، جا سماج ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ سماجي طور تي ڄاتي وڃي ٿي. هن طرح ٻنهي حالتن ۾ معنيٰ اسان جي سماج ۾ ڪم ڪري ٿي. پر پهرينءَ حالت ۾ اها اسان جي انفرادي سوچ جو دائرو مقرر ڪري ٿي ۽ ٻيءَ حالت ۾ اها اسان جي سماجي سوچ جو دائرو مقرر ڪري ٿي. ٻوليءَ جو هن قسم جو ڪردار اسان کي هورف صاحب جي مفروضي کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ دليل مهيا ڪري ٿو ڏي.

ڏٺو ويندو ته سماجي معنيٰ اصل ۾ ڪلچري معنيٰ جهڙي آهي: ڇو ته سماج ۽ سماج جي تخليق ۾ ڪلچر جو ڪردار اهم ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت سماجي معنيٰ جو تعلق مادري ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارن يا ٻوليءَ جي قوميت (Language of Nationality) رکڻ وارن ماڻهن جي روح ۽ دل سان آهي؛ پر عام معنيٰ جو تعلق فرد جي سوچ ۽ عقل سان آهي. نتيجي طور سماجي يا ڪلچري معنيٰ اسان جي نجي توڙي سماجي زندگيءَ تي اثر ڪري ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي خيال کان سماجي معنيٰ ان ڪري به اهم آهي، جو اسان جو سڄو سارو عظيم شاعراڻو ورثو هن ئي معنيٰ سان ڀريل آهي.

هن طرح ڏٺو ويندو ته سنڌي سماج ۾ هڪ اها معنيٰ به ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا اسان عملي طور تي مڃيل سماجي اشارن يا عملن (actions) جي صورت ۾ ادا ڪريون ٿا. هيءُ معنيٰ سماجي، ڪلچري، سياسي ۽ مذهبي معنيٰ آهي ۽ هيءَ تمام گهڻين حالتن ۾ لفظن جي وسيلي نه پر عملن جي وسيلي ادا ٿئي ٿي. هن قسم جو هڪڙو بحث اسان جي اڳيان اهو سوال آڻيندو ته سنڌ جي ابتدائي زندگيءَ جي حالت ۾ ڪهڙا جانور ۽ پکي هن زمين تي موجود هئا. جيستائين مڇيء جو سوال آهي، اسان جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته مڇيون ڪيترن ئي قسمن جون هونديون ۽ انهن مڇين جا ڪي قسم اڄ به، گهٽ ۾ گهٽ، سمنڊ ۾ موجود هوندا. جانورن جي ابتدائي قسمن جي باري ۾ محققن ڪي رايا ڏنا آهن.

هنن راين جو بنياد هيٺ ڏنل ڳالهين تي آهي:

انسان جي اها ضرورت، جيڪا اهو اڄ سوڌو ڪن حالتن ۾ جانورن مان پوري ڪري ٿو. مثال طور سواري ۽ چڙهيءَ جون ضرورتون، رفاقت جون ضرورتون، غذا جون ضرورتون ۽ بچاءَ جون ضرورتون.

جانورن جون اهي ضرورتون، جيڪي هو اڄ سوڌو انسان مان پوريون ڪن ٿا، مثال طور اجهي جي ضرورت، بچاءَ جي ضرورت، غذا جي ضرورت ۽ رفاقت جي ضرورت.

انسان جون وڌندڙ ضرورتون، جيئن زراعتي سماج ۾ هرَ ۽ بار ڍوئڻ جي ضرورت.

جنگ جي حالت ۾ جانورن جي ضرورت، جيئن هاٿيءَ ۽ گهوڙي جي ضرورت.

شڪار جي حالت ۾ جانورن جي ضرورت، جيئن، باز، ڪتي ۽ پالتو پکين جي ضرورت.

 هنن ضرورتن کي خيال ۾ رکي ويچار ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته دنيا جي هر انهيءَ ڌرتيءَ تي، جنهن تي انسان پنهنجو آڳاٽو وطن بنايو هوندو، انسان سان گڏ ڪي جانور ضرور موجود هوندا.

هن بنياد تي ۽ انسان ۽ جانور جي گڏيل ضرورتن جي بنياد تي وسهي ٿو سگهجي ته سنڌ ۾ آڳاٽا جانور هيٺيان هوندا:-

ڪتو- جنهن جو وجود تمام آڳاٽو مڃيو ٿو وڃي.

ڏاند- جنهن جا اهڃاڻ سنڌ جي پراڻين مهرن تي ملن ٿا.

مينهن ۽ ڳئون- جيڪي گوشت يا کير جي ڪري غذا جي وسيلي طور منڍ ۾ ئي ڪم آيون هونديون.

خچر، گڏهه، گهوڙو ۽ هاٿي- جن جو وجود انسان جون ڪيتريون ضرورتون پوريون ڪري سگهندو هوندو.

رڍ ۽ ٻڪري- جن جي غذا اهڙي آهي، جو اهي تمام گهڻا وڻ ٻوٽا چري ٿيون سگهن، ۽ جن جي عادتن ۾ انسان سان گڏ رهڻ ۽ وڌيڪ تڪليف جي ماحول ۾ زنده رهڻ شامل آهي.

عام طور تي دنيا جي هر ماحول ۾ ۽ هر هنڌ تي هي جانور ڏسڻ ۾ اچن ٿا. البت هاٿيءَ جي حالت ۽ ان جي غذا جي ضرورت ۽ ان جي هڏ- ڪاٺ جي خيال کان، ان لاءِ خاص قسم جو ماحول ضروري آهي؛ پر تاريخ جي اونداهي دور ۾ هي جانور سنڌ ۾ به موجود هوندو، ڇو ته سنڌ ٻاڻيءَ جي ڪري گهاٽن ٻيلن وارو ملڪ هو. اهڙيءَ ريت ٻليءَ جي غذا (ڪئا، کير، ۽ ماڻهوءَ جا کاڌا) اهڙي آهي، جو ان کي به انسان جي تمام ويجهو ئي رهڻو پيو هوندو. 

ڪتي جي آڳاٽي وجود جي باري ۾ ”تاريخ انسان ذات“ جي پهرئين جلد ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪتو انسان جو پراڻو ساٿي آهي ۽ ان جو وجود پٿر وارن دورن ۾ به نظر اچي ٿو (50). هاٿيءَ، شينهن، واڳونءَ، درياهي گهوڙي ۽ ٿوهي واري ڏاند جي باري ۾ شهادتون موجود آهن، جيڪي مهرن مان ملن ٿيون. اهي شهادتون مارٽيمر ويلر پنهنجي ڪتاب ”سنڌو ماٿري ۽ ان جي آس پاس واري تهذيب“ ۾ موجود ڪري ڏنيون آهن. (51)

مٿي ڏيکاريل جانورن جي آڳاٽي وجود جي باري ۾ سڀ کان وڏي شهادت اها ٿي سگهي ٿي ته ان دور ۾ هنن جانورن مان ڪن (جيئن هاٿيءَ ۽ ٿوهي واري ڏاند) تي ضابطي رکڻ لاءِ انسان وٽ موزون هٿيار يا اوزار موجود هئا يا نه- هن ڳالهه جو واسطو انهن اوزارن سان آهي، جيڪي لڌا ويا آهن، يا جن جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ٿي رهي آهي. چئي نه ٿو سگهجي ته تمام آڳاٽو انسان هاٿيءَ ۽ ٿوهي واري سڱري ڏاند يا ڏٻي ڏاند تي ضابطو رکي سگهيو هو يا نه، پر باقي جانورن جي باري ۾ ائين چئي ٿو سگهجي ته ڪي ته سڀاويڪ طور تي نماڻا هئا ۽ ڪن کي ضرورتن گهلي انسان جي قبضي ۾ آندو هو.

پکين جي باري ۾ اهو پڌرو آهي ته ٿانون تي مورن جون شڪليون (Motifs) موجود آهن. اهڙيءَ ريت شڪار جي اوزارن جي اڀياس مان اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ان وقت پکين جو وجود هو ۽ انهن جو شڪار ڪيو ويندو هو. خود باهه جو وجود انسان کي سرديءَ کان بچاءَ جو وسيلو ٿيو هوندو، پر ان کان اڳ به باهه مان گوشت پچائي کائڻ جو ڪم ورتو ويو هوندو. مڇين ۽ جانورن جي باري ۾ ته اسان جي معلومات لاءِ شاهديون به آهن، پر پکين جي نمونن جي باري ۾ شهادتون گهٽ آهن. هن ڳالهه جا ڪي سماجي سبب به آهن. مثال طور پکين مان انسان کي خطرو ڪونه هو، ان ڪري انسان انهن جي طرف وڏو توجهه ڪونه ڏنو ٻيو سبب هي آهي ته پکي انسان جي ماحول ۾ عام جام هئا، ان ڪري انهن ڏانهن خاص ڌيان وڃي نه سگهيو؛ ٽيون سبب هي آهي ته پکي ڪمزور هئا؛ ان ڪري شينهن ۽ هاٿيءَ جون ڏٺل شڪليون انهن جي ڊيڄاريندڙ حيثيت واريءَ حالت ۾ محفوظ ڪيون ويون، پر پکين جي شڪلين کي محفوظ نه ڪيو ويو.

هن قسم جي اڀياس جو وڏو وسيلو اسان جي خيال ۾ پراڻي دور جو آرٽ آهي. آرٽ ۾ کنڀ، چهنب ۽ ڳچيءَ توڻي چنبي ۽ سونڍ جي شڪل جا ڪي نمونا (Samples) ملن ٿا، جن مان معلوم ڪري ٿو سگهجي ته ان دور ۾ پکي ڪهڙا موجود هئا. ٻيو وسيلو آهي ويساهه، اعتقاد، لور ۽ مٿ ۽ نصيحت جو. ڪن پکين سان اسان جو ويساهه ڳنڍيل آهي. مثال طور ڪانون کي ”ڏاهو“ ٿا سمجهون، ڪبوتر کي ”اعتبار جوڳو“ ٿا سمجهون، هنج ۽ مور کي ”سهڻو“ ٿا سمجهون، جهرڪيءَ کي ”بي آرام“ ٿا سمجهون، ڪٻر کي ”ٽرڙو“ ٿا سمجهون، چٻري کي ”مت جو موڙهو“ ٿا سمجهون، ڪونج کي ”پرديسي“ ٿا سمجهون، ۽ اهڙيءَ ريت ڪڪڙ کي، ڳيري ۽ چتونءَ کي به انسان جي جي ويساهه (Belief) ۾ ڪانه ڪا جڳهه آهي. جيتريقدر ويساهه جو تعلق آهي، انسان جي گڏيل نفسيات جي خيال کان اهو انسان ذات جي ابتدائي دور جو يادگار آهي؛ ان ڪري پکين جي باري ۾ اسان جي اها راءِ ته اهي انسان جا تمام پراڻا يار آهن، سماجي طور تي درست آهي. جيستائين ٻوليءَ جي اڀياس جو تعلق آهي، مٿي ڏيکاريل اڀياس اسان جي مدد ڪري ٿو سگهي- اهو هن طرح:

ڪنهن سماج، گروهه، ٽولي، نسل ۽ قوم ۾ موجود شين جا نه رڳو نالا، پر انهن جا طريقا، شڪليون، رنگ ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون به اظهار ۾ اچي وينديون آهن.

آواز جي اڀياس جي خيال کان تمام پراڻا آواز ڪرڻ وارا جانور ۽ پکي انسان جي اظهار ۾ ڪم آيا هوندا، ڇو ته انسان آوازن وارو علم به ماحول مان ئي حاصل ڪيو هوندو.

هنن ڳالهين کان سواءِ انساني تجربو (جنهن جي باري ۾ اسان پهرئين حصي ۾ بحث ڪيو آهي) به ٻوليءَ ۾ شمار ڪيو ويندو. هيءُ تجربو انسان جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٿيو هوندو.

هن طرح معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي اڀياس جي باري ۾ اسان جي لاءِ سڀ کان اڳ ۾ ضروري آهي ته ان سان انهن نالن (Names) جو اڀياس ڪريون، جيڪي شين جي نمونن، رنگن، ڪارجن، ڊولن ۽ آوازن سان تعلق رکن ٿا. اهڙيءَ ريت هن معنيٰ جي باب ۾، هن پڄاڻان اسان انهيءَ معنيٰ جي باري ۾ به ويچار ڪنداسون، جيڪا لفظن جي مدد سان ادا ٿئي ٿي.

9- نالي يا نشان (Sign or Name) واري معنيٰ:

نشان جي عمومي بحث ۾ اسان ڏيکاريو آهي ته نشان علم علامت جي خيال کان معنيٰ جو بنيادي جزو آهي، ڇو ته نشان مان ئي علامت پيدا ٿئي ٿي ۽ ٺهي ٿي. سڀئي علامتون اڳ ۾ نشان هيون ۽ پوءِ وڌي علامت جي درجي تي پهتيون، جتان انهن جي صورت اهڃاڻ واري ٺهي.


 


*          هڪڙيءَ ئي ٻوليءَ جي جدا جدا نظامن جي باري ۾ اسان کي هڪڙو خيال فرگوسن به ڏنو آهي. چوي ٿو: ”ڪن ٻوليائي گروهن ۾ ٻوليءَ جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ قسم به ڳالهائڻ وارا مختلف حالتن ۾ ڪم آڻين ٿا....... بهرحال هڪ ئي ٻوليائي گروه ۾ هڪڙيءَ ٻوليءَ جي ٻن نمونن جي استعمال ۾ هئڻ جا ڪي نرالا سبب آهن.“ هن حالت ۾ سي- اي فرگوسن (C. A. Gerguson) ”ڊگلوشيا“ (Diglossia) جو لفظ ٿو ڪم آڻي ۽ ٻڌائي ٿو ته هڪ ٻوليائي گروه (Community) ۾ هڪ ئي زبان جا ٻه قسم رائج هجن ۽ عام طور تي سمجهيا وڃن، ته ان صورت حال کي ”ڊگلوشيا“ ٿو چئجي.

Pier Paolo Siglioli (Editor): “Language and Social Context”, Penguin Modern Society Readings, 1973. Article by C. A. Ferguson, p. 232

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com