سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :12

 

 

ڀاڱو ٽيون

 

روزمره واري سنڌي ٻولي ۽ ان جو سماجي اڀياس

(سنڌي ٻولي سنڌي سماج جي سچي تصوير)

 

ننڍا عنوان-

اٿڻي وهڻي (کيڪار ۽ موڪلاڻي)

محاورو ۽ سنڌي پهاڪن جو اڀياس

ڏوراپو

طعنو

ميار

ٽوڪ ۽ ٺٺولي

پٽ پاراتو

سڏ يا ڪانڍ (نينڍ)

هڪل

بيزاري

حالتن سان ٺاهه

مذهب ۽ خدا جو تصور

مصيبت ۽ آفت جو تصور

سوڀ ۽ هار جو تصور

طبقاتي ڇڪتاڻ

(16)وطنيت ۽ سنڌيت

(17) عورت ۽ مرد جا لاڳاپا

(18) وڏننڍائي

(19) لڏپلاڻ

(20) دوستي ۽ دشمني

(21) موت ۽ زندگيءَ جو سماجي تصور: ضميمو

(22) ارهه زورائي

(23) ڳوٺاڻي زندگيءَ جي رس رهاڻ

(24) رمز

(25) پيار محبت

حوالا

 

1- اٿڻي ويهڻي (Etiquette) ۽ کيڪار ۽ موڪلاڻي:

ڀيلڪر، آڌرڀاءُ ۽ موڪلاڻي ڪلچر جي انهيءَ مواد سان تعلق رکڻ وارو هڪ فعل آهي، جنهن جو تعلق هڪ ئي سماج ۾ رهندڙ فردن جي باهمي لاڳاپن (Inter- relationship) سان آهي. فرد هڪ ئي سماج ۾ رهندڙ ماڻهو ٿين ٿا. اُهي سماج جي هڪ جهتيءَ جي ڪري پاڻ ۾ هڪٻئي سان ڪن لاڳاپن قائم ڪرڻ لاءِ ٻڌل ٿين ٿا. اهي لاڳاپا سندن جدا جدا عملن جي صورت ۾ نروار ٿيندا رهندا آهن ۽ انهن جي صورت هر ڪلچر ۾ نرالي هوندي آهي، پر انهن جو پس منظر يا انهن جو محرڪ هڪ ئي ڪلچر ۽ هڪ ئي سماج ٿيندو آهي. انهيءَ خيال کان ڀليڪر ۽ موڪلاڻي به ڪلچر ۽ سماج جي اختيار ڪيل يا منظور ڪيل انهيءَ طريقي جو نالو آهي، جيڪو سماج ۾ رهندڙ سڀني فردن جي باهمي تعلقات جو هڪ نمونو پيش ڪري ٿو.

کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جا ڍنگ سماج ۾ ايٿوس (Ethos) يا مورس (Mores) جيان قائم هوندا آهن. هن طرح اهي سماجي زندگيءَ ۾ انهيءَ سڌريل (Reformed) عمل جو نمونو آهن، جيڪو تهذيب ۽ ڪلچر ۾ شامل آهي. اهڙيءَ ريت کيڪار ۽ موڪلاڻي اسان جي تمدني زندگيءَ جو هڪ حصو آهن. سنڌي سماج ۾ کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جا نمونا سڀ ٻوليءَ جي وسيلي ادا ٿين ٿا. انهن نمونن ۾ اشارن وارا نمونا به آهن، پر اشارن سان گڏوگڏ اسان کي ٻوليءَ جي وسيلي اظهار به ڪرڻو پوي ٿو. هن طرح کيڪار يا موڪلاڻيءَ ۾ ٻولي ۽ اشارا پيئي ڪم ڪن ٿا- اشارا هن حالت ۾ انهيءَ ادا جا مثال ٿين ٿا، جيڪا اسان جي کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ ۾ هڪ ضروري ڪلچري مواد جيان موجود رهي ٿي. هن طرح کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جا اشارا اسان جي ٻوليءَ جي مدد ۾ هڪ Style جهڙو ڪم ڪن ٿا.

سنڌي سماج ۾ کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جا نمونا عام طور تي مردن لاءِ جدا ته عورتن لاءِ جدا ٿين ٿا. سماجي زندگيءَ جي خيال کان هن جو مطلب هي آهي ته اسان جي آداب Etiquette ۾ عورت جو انداز ۽ مرد جو انداز جدا جدا ٿئي ٿو. هن ڳالهه جو واسطو عورت ۽ مرد جي باهمي لاڳاپن سان به قائم ڪري ٿو سگهجي. سنڌي سماج ۾ رهندڙ عورت ۽ مرد جي لاڳاپن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته توڙي جو سنڌي سماج ۾ عورت مرد جي سرپرستيءَ هيٺ رهي ٿي، هن جي هڪ جڳهه طبقاتي زندگيءَ ۾ به قائم آهي، ۽ پنهنجي طبقي جي مڃيل Ethos جي پابندي ڪندي، عورت پنهنجو مخصوص انداز Way of life ۽ ڪردار (Role) به ادا ڪري ٿي ۽ ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌي سماج ۾ هن مامري تي عورت ۽ مرد جي طرز عمل ۾ ته فرق ڪونه ٿو ٿئي، پر ادائگي جي طريقن ۾ فرق نمايان رهي ٿو. مثال طور شاديءَ جي رسمن ۾ مرد ۽ عورت ٻيئي اهو ڪردار ادا ڪن ٿا ته هو شاديءَ کي خوشيءَ جو موقعو ٿا سمجهن، پر عملي طور تي خوشيءَ جي اظهار جا هنن وٽ نمونا جدا جدا ٿين ٿا. عورت سهرا ۽ ڳيچ ڳائي ٿي پر مرد سهرا ۽ ڳيچ ڪونه ٿو ڳائي. اهڙيءَ ريت سينگار جي طريقن کان وٺي شاديءَ جي موقعي جي سڀني ساٺن ۾، عورت ۽ مرد جو ڪردار جدا جدا رهي ٿو. اهڙيءَ طرح غميءَ جي باري ۾ عمليت جو نمونو عورت ۽ مرد جو جدا جدا ٿو ٿئي. توڙي جو سماجي لحاظ کان ٻنهي کي روڄ راڙو ڪرڻو آهي ۽ پٿر ۽ ٻيون رسمون ادا ڪرڻيون آهن.

اهڙيءَ ريت، کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جي نمونن ۾ به عورت ۽ مرد جي زبان توڙي انهن جا اشارا جدا جدا ٿا ٿين، توڙي جو انهن جو روح (Spirit) هڪ ئي ٿئي ٿو. پراڻي سنڌي سماج ۾ يا عام طور تي سنڌي سوسائٽيءَ ۾ مردن ۽ عورتن جي هٿ ملائڻ جي رسم موجود آهي، پر طريقا جدا جدا آهن. مرد مرد سان ساڄو هٿ ملائي ٿو، سينو سيني سان ملائي ٿو، ڀاڪر پائي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت موڪلاڻيءَ توڙي کيڪار ٻنهي جا نمونا هڪجهڙا ٿين ٿا. پر زياده نوڙت ڏيکارڻ لاءِ جهڪڻ ۽ هٿ جي مٿان ٻيو هٿ رکڻ، يا وڌيڪ نوڙي ملڻ ۽ موڪلائڻ ضروري ٿئي ٿو. هي سڀ ڪجهه جسماني طرح تي ادا ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت، عورت عورت سان ملڻ ۾ ڀاڪر پائي ٿي ۽ هٿ ملائي ٿي، پر هٿ ملائڻ جو طريقو عورتن جو پاڻ ۾ مردن جي طريقي کان مختلف ٿئي ٿو. مرد هٿ هٿ ۾ وٺي زور ٿو ڏئي، پر عورتون پنهنجا ٻيئي هٿ ٻنهي هٿن سان اهڙيءَ ريت ٿيون ملائين، جو انهن مان ڪابه زور ڏيئي نه ٿي سگهي. هن مان معلوم ٿو ٿئي ته عورت پنهنجي اٿڻي ويهڻيءَ ۾ نزاڪت يا عورتاڻي جو اظهار ڪري ٿي ۽ مرد پنهنجيءَ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ مرداڻي يا طاقت جو اظهار ڪري ٿو.

عمليت جي هنن نمونن کانپوءِ، ٻوليءَ جا نمونا به اسان لاءِ اهميت رکن ٿا، جيڪي اسان کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ وقت جدا جدا حالتن ۾ اختيار ڪريون ٿا. مرد مرد سان کيڪار ڪندو، ته چوندو: ادا، ڀلي آئين، سائين، ڀلي آيئو، ادا، بسم الله، سائين، بسم الاهيون. عورت عورت سان پري کان ڀليڪر لاءِ چوندي ته ادي جيءُ آئينء، ادي، ڀلي آئينء، ادي خير سان آئينء. هن حالت ۾ مرد جواب ۾ چوندو ته ادا، ڀلايون هوندءِ، ادا، جڙيو هوندين، ادا، خوش هوندين يا ادا، سلامت هوندين.

سائين جو لفظ سنڌي سماج ۾ خدا جي لاءِ يا مرشد جي لاءِ يا استاد جي لاءِ عام طور تي ڪم اچي ٿو، پر تمام وڏي مان ڏيڻ لاءِ به اسان سائينء جو لفظ ڪم آڻيون ٿا. ابا، پٽ، سائين، چاچا، ماما ۽ ٻيا سڱ ڇڪڻ وارا لفظ ڀليڪر يا موڪلاڻيءَ ۾ ڪم اچن ٿا. عورت جواب ۾ چوندي، ادي، خير هوندءِ،اما، خير هوندءِ، وڏيون چونديون: پٽ، ٻچا، خير هوندو، توڙي جو ڀليڪر واري عورت به عورت هوندي. کيڪار توڙي موڪلاڻيءَ ۾ اسان سن ۽ عمر جو لحاظ به رکون ٿا. مرد پاڻان ننڍي مرد کي ابا، پٽ، ٻچا چوندو، ۽ عورت پاڻان ننڍيءَ عورت کي امڙ، ٻچڙي، نياڻي ۽ پٽ چوندي. مرد پاڻان وڏي مرد کي سائين يا سڱ ڇڪڻ واري لفظ سان خطاب ڪندو. پر عورت يا ته سڱ ڇڪيندي يا امڙ جو لفظ استعمال ڪندي. هڪيجڏائيءَ جي حالت ۾ ادا يا ادي لفظ ڪم آڻبا. موڪلاڻيءَ جو مامرو به خاصو دلچسپ آهي. پڙهيل مرد ۽ عورتون خدا حافظ جا لفظ استعمال ڪن، پر عام طور تي الله واهي (خدا حافظ) جا لفظ ڪم اچن ٿا. مرد سائين گڏ، چڱو ڀلا.......، ڀلا، موڪلاڻي اها آهي، الله واهي. هائو، موڪلاڻي ڪانهي، ڀلا، سدائين گڏ. غيررسمي طور تي چئبو: چڱو ڀلا هلان تو يا چڱو ڀلان هلان ٿي يا ادي هاڻي سدائين گڏ، ڀلا موڪلاڻي ڪانهي.

هن طرح اسان ملڻ توڙي جدا ٿيڻ جي حالت ۾:

هڪٻئي کي خير جي دعا ڪريون ٿا،

هڪٻئي سان محبت ۽ ڀائپي جو اظهار ڪريون ٿا، ۽

هڪٻئي سان نياز نوڙت جو اظهار ڪريون ٿا.

جدا ٿيڻ جي حالت ۾:

وري ملڻ جي اميد رکون ٿا،

جدا ٿيڻ کي ڪا اهميت ڪانه ٿا ڏيون،

هڪٻئي کي قريب ۽ سدائين گڏ ٿا سمجهون.

هن مان معلوم ٿو ٿئي ته سماجي زندگيءَ ۾ سنڌي مرد توڙي عورت جو ڪردار ويجهڙائيءَ، قرب ۽ محبت، ڀائيچاري، نيڪ توقعات، خير ۽ همدردي جي تصورن تي ٻڌل آهي. پر کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جي حالت ۾ اسان جي طبقاتي زندگيءَ جو فرق به نمايان رهي ٿو. سنڌ جي طبقاتي اڀياس ۾ اسان ڏٺو آهي ته فرق جو دارومدار عمر، علم، ڌنڌي، رتبي ۽ ذات تي آهي. عمر جو فرق وڏ ننڍائي جو فرق آهي، علم جو فرق شان مان جو فرق آهي، ڌنڌي جو فرق غريبي اميريءَ جو فرق آهي. رتبي جو فرق ذات جي بنياد تي يا علم جي بنياد تي يا دولت جي بنياد تي قائم ٿئي ٿو، ڇوته رتبو اسان وٽ انهن ئي ٽن ڳالهين وٽان ملي ٿو. طبقات جي هن خيال کان اسان جي کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جو سوال به رتبي جو سوال آهي. امير ۽ غريب، هاري ۽ زميندار، پير ۽ مريد جي يا شاگرد ۽ استاد جي موڪلاڻيءَ ۽ کيڪار ۾ فرق جو اثر نمايان هوندو آهي. انهيءَ ريت کيڪار ۽ موڪلاڻيءَ جي ٻولي اسان کي سماجي طبقن جي اڀياس لاءِ ڪم اچي ٿي. عام ۽ مڃيل طريقن ۾ مٿانهين طبقي وارو هيٺانيهن طبقي جي لاءِ به محبت ۽ مروت جا لفظ ڪم آڻي ٿو. پير مريد کي پنهنجو نوازيل، همدرد ۽ وفادار ٿو سمجهي. اهڙيءَ ريت طبقاتي زبان جو فرق ڪو گهڻو ڪونه آهي پر انداز يا اسلوب جو فرق خاص نمايان رهي ٿو ۽ ان منجهان ئي طبقاتي فرق ظاهر ٿئي ٿو.

2-    محاورو ۽ سنڌي پهاڪن جو اڀياس (Study of Sindhi Proverbs)

ڪنهن قوم يا سماج جي سماجي تاريخ ۾ رڳو واقعاتي حقيقتون به پر سماجي سچايون (Realities) به موجود ٿينديون آهن. حقيقت (Fact) ۽ سچ هن طرح سماجي اڀياس جي خيال کان به جدا شيون آهن. حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت (Actual fact) سان آهي ۽ سچائيءَ جو واسطو سماج جي اندر موجود سچائيءَ (Reality) جي انهيءَ تصور سان آهي، جنهن کي ڪنهن سماج جي اندر چئلينج ڪري نه ٿو سگهجي. واقعات (Events) جن کي تاريخ ۾ حقيقتن جي حيثيت حاصل ٿئي ٿي، سي هر طرح سان قابل اعتبار نه ٿا ٿي سگهن، پر سچايون (Realities) هر طرح سان قابل اعتبار ٿين ٿيون.

سنڌ ۾ چاليهي جي ڏينهن ۾ دريا کي چڙهه يا چاڙهه (Rise) ٿئي ٿو- هن طرح هي بيان (Statement) هر طرح سچو آهي، پر سچ جي اعليٰ معيار کان هن بيان کي غيرموزون به سڏي سگهجي ٿو. ائين به ٿئي ٿو ۽ ٿيو آهي ته برساتين ۽ ٻين طبعي حقيقتن جي ڪري درياه کي چاڙهه اچي ٿو سو مقرر مدي کانپوءِ ٿو اچي. هن طرح چاليهي جو چاڙهه هڪ واقعاتي حقيقت آهي، پر چاڙهه هڪ سچ (Reality) آهي- توڙي جو ٻنهي ڳالهين جو واسطو درياه جي ڪاردگيءَ (Mood) يا (Behaviour) سان آهي.

اهڙيءَ ريت هر سماج ۾ ڪي واقعاتي حقيقتون رونما ٿين ٿيون ۽ ڪي سچايون ڪم ڪن ٿيون.

واقعاتي حقيقتون هڪ قسم جي خاص صورتحال جي پيداوار ٿينديون آهن. مٿئين مثال ۾ چاليهي جو چاڙهه هڪ خاص قسم جي صورتحال (Type Situation) جي طرف اشارو ڪري ٿو. اها خاص صورتحال ڪن ڏينهن جي مقرر عرصي اندر رونما ٿئي ٿي. پر ٻيءَ حالت ۾ چاڙهه (Rise) يا اٿل (Inundation) هڪ عام صورتحال آهي ۽ اها ڪنهن خاص عرصي سان ٻڌل ڪانه آهي.

اهڙيءَ ريت سماجي اڀياس جي خيال کان اهڙيون ڪيئي خاص حالتون هڪ ئي سماج ۾ رونما ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ صورت حال (Type Situation) هڪ واقعي جهڙي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ هر سماج ۾ موجود ٻولي اهڙيءَ هر صورتحال کي ڪنهن نه ڪنهن نالي ڏيڻ يا وصف ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ لفظ يا محاورو يا پهاڪو يا چوڻي موجود ڪري ڏئي ي. پهاڪا يا چوڻيون اهڙيءَ حالت ۾ انهن واقعاتي حقيقتن جي نالن جهڙيون آهن، جن کي سماج ۾ رڳو سکڻو شان ۽ مان Glory نه پر سچو پچو رفاهي مقام يا رتبو (Welfare status) حاصل ٿئي ٿو. هن طرح پهاڪو ٻوليءَ جو اهو نمونو (Form) آهي، جيڪو ڪنهن واقعاتي حقيقت (Type Situation) کي بيان ڪرڻ يا ان کي نالي ڏيڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. وري واقعاتي حقيقتن سان سان گڏ سماج ۾ ڪي ازالي ۽ ابدي سچايون (Absolute Realities) به موجود ٿين ٿيون،، ۽ ڪي سماجي حقيقتون اهڙيون به ٿين ٿيون، جو انهن جي سچائيءَ تي شڪ ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪري ڪي پهاڪا انهن حالتن جي بيان ڪرڻ لاءِ به جڙن ٿا، جن جو تعلق اهڙين سچاين يا سماجي سچاين (Social realities) سان ٿئي ٿو. هي پهاڪا اسان لاءِ ڌرمي عقيدن جهڙا ئي معتبر ٿين ٿا، پر هونئن هي پهاڪا اسان جو سماجي اعتقاد (Social faith) بيان ڪن ٿا.

هن طرح بنيادي طور تي پهاڪا (Proverbs) ٻن قسمن ۾ ورهائي ٿا سگهن:- هڪڙا اهي جيڪي واقعاتي حقيقتن (Social Realities)  سان تعلق رکن ٿا. اهي پهاڪا جيڪي واقعاتي حقيقتن سان تعلق رکن ٿا، سي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهائي ٿا سگهجن. ڇوته واقعاتي حقيقتون جدا جدا قسمن جي واقعن جي نتيجي ۾ پيدا ٿين ٿيون. عام طور تي جن ڳالهين سان واقعاتي حقيقتن جو تعلق رهي ٿو، سي هيٺ ڏجن ٿيون:

دڙ دلاسو Consolation

وعدو Promise

صلاح يا نصيحت Admonition

اڳڪٿي Fore- telling

وري وري ظاهر ٿيندڙ صورتحال

ڪينٿ برڪ (Kenneth Burke) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: هر پهاڪو هڪڙيءَ پاليسيءَ (Strategy) جهڙو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن واقعاتي حقيقت کي هلائڻ، لاءِ ڪم اچي ٿو. هر واقعاتي حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهو سماج ۾ وسيلا ۽ پاليسيون ڪم آڻين ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ پاليسيءَ جي لفظ جي جاءِ تي وڌ ۾ وڌ رغبت يا لاڙي (Attitude) جو لفظ ڪم آڻي ٿو سگهجي(1).

برڪ جو خيال آهي ته واقعاتي حقيقتون به تحريڪن جهڙيون ٿين ٿيون ۽ انهن جي طاقت به فوجي حملي جي طاقت جهڙي ٿئي ٿي. اهي واقعاتي حقيقتون قومن جون تقديرون ڦيرائي ٿيون سگهن. ان ڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙيءَ پاليسي (Strategy) جي ضرورت پوي ٿي، جهڙي جنگي حالتن ۾ اختيار ڪرڻي پوندي آهي (ان ڪري برڪ ٿو چوي ته چڱو ائين آهي ته لفظ جنگي پاليسي (War Strategy) ڪم آندو وڃي).

هن قسم جي پاليسي جي مدد سان واقعاتي حقيقتن کي منظم ڪري ٿو سگهجي. هن طرح ٻوليءَ ۾ بندوبست ڪرڻ جو تصور قائم ٿئي ٿو، ۽ بندوبست ڪرڻ (To arrange) هڪ آرٽ آهي. اهڙيءَ ريت پهاڪن جو تعلق ٻوليءَ جي ان آرٽ سان آهي، جنهن جي مدد سان ٻولي سماجي حقيقتن کي بيان ڪري ۽ انهن کي منهن ڏيئي ٿي سگهي.

سنڌي پهاڪو اسان ماڻهن جي ڪنهن نه ڪنهن خصوصي صلاحيت جي پيداوار آهي، سنڌي پهاڪو اسان جي سماجي ضرورتن جي پيداوار آهي، ۽ هن حالت ۾ اسان جي ٻولي رڳو ڪن اٽل سماجي ضرورتن کي منهن ڏيئي رهي آهي. سنڌي سماج جي هر دور ۾ نيون نيون سماجي حقيقتون رونما ٿينديون رهيون آهن. اهڙيءَ ريت هر دور جي عام ماڻهوءَ کي پنهنجي دور جي سماجي حقيقتن کي منهن ڏيڻ يا انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ کان مدد وٺڻي پيئي آهي ۽ انهيءَ طرح اسان جو پهاڪو ٺهندو رهيو آهي.

نئين نئين صورتحال جي نتيجي ۾ اسان کي ڪٿي اڳڪٿي، ڪٿي دلاسا، ڪٿي صلاح ۽ ڪٿي نصيحت جي ضرورت پوندي رهي آهي؛ ۽ اهڙيءَ طرح اسان جا پهاڪا جدا جدا ضرورتون پوريون ڪندي، جدا جدا قسمن ۾ گڏ ٿيندا رهندا آهن.

هڪڙي لحاظ کان  پهاڪن جي حيثيت هڪ لوڪ تنقيد (Folk Criticism) جهڙي آهي. پهاڪو سماجي حقيقتن جي بنياد تي ٺهي ٿو، سماجي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو، سماجي عمل ۽ ردعمل جو ترجمان آهي، ۽ سماجي سوچ ۽ فڪر کي ظاهر ٿو ڪري. ان ڪري پهاڪو ٻوليءَ جو ترجمان آهي، جيڪو پنهنجي حيثيت ۾ لوڪي (Folk) آهي، ۽ پنهنجي انهيءَ حيثيت ۾ هرڪو پنهنجي سماج جي هڪ تنقيد يا ان جو غيرجانبدار اڀياس ڏئي ٿو. اهڙيءَ ريت پهاڪي جو ڪردار سراسر سماجي آهي.

اسان جيئن مٿي ڄاڻايو آهي ته پهاڪو رڳو واقعاتي حقيقتن سان منهن ڪونه ٿو ڏئي. پر اهو ته سچ محض (Absolute Reality) سان به منهن ڏئي ٿو: ڇو ته سچايون به سماجي حقيقتون آهن ۽ هر سماج جي ڪلچر ۾ انهن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هن قسم جون سچايون جن ڳالهين مان معلوم ڪري ٿيون سگهجن. سي هيٺ ڏجن ٿيون:-

انساني تعلقات (Human Relations) (جن جا معيار عام انساني معيار آهن)

تسليم ڪيل فلسفو (جيڪو ڪلچر جي صورت ۾ موجود رهي ٿو.)

شين جي ماهيت (Essence).

ڪل (Universal) ۽ جز (Particular) جي وچ ۾ امتياز.

هن قسم جون سچايون اسان کي ادب انسانيت (Human myth or lore) ۾ ملي سگهن ٿيون. انساني سوچ هنن سچاين کي اسان جي لوڪ ڪهاڻين (۽ ايسپ جي آکاڻين) جي صورت ۾ به پيش ڪيو آهي.

اهڙيءَ ريت اهي پهاڪا، جن جو تعلق مٿي آيل چئن ڳالهين سان آهي، سي سماجي سچاين (Social realities) سان منهن ڏيڻ لاءِ وجود ۾ اچن ٿا.

سنڌي پهاڪن جي هن اڀياس مان هڪڙي وڏي ڳالهه اها به معلوم ٿي ٿئي ته اسان جو فوڪ لور (لوڪ ياداشت) اصل ۾ اسان جي سماج جي واقعاتي حقيقتن ۽ سماجي سچاين جي هڪ لور (Lore) يا مٿ (Myth) جهڙو آهي. ان ڪري لوڪ ادب جي اڀياس لاءِ اسان کي اڳتي پنهنجي سماج جو هڪ اهڙو اڀياس ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ اسان واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون گڏ ڪري ۽ انهن جو مطالعو ڪري سگهنداسون.

سنڌي لوڪ ادب جو هن طرح جو اڀياس جو نه رڳو اسان جي ادب جو پر دنيا جي ادب جو به هڪ نمايان ڪارنامو ثابت ٿي سگهندو. هن قسم جو اڀياس ٻن ڳالهين تي مدار رکندو:-

 حقيقتن ۽ سچاين کي سيهڙڻ (Assembling)، ۽

هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ کي بيان ڪرڻ (Codification).

هن قسم جي اڀياس جا نتيجا لازمي طور تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي نڪرڻ گهرجن:-

لوڪ ادب اسان جي مخصوص نظريات جي تاريخ آهي،

لوڪ ادب اسان جي مخصوص سوچ جو ترجمان آهي، ۽

لوڪ ادب اسان جو سماجي حقيقتن جي پرک جو هڪ مخصوص طريقو آهي.

اهڙيءَ ريت، جئين مٿي ڏيکاريو ويو آهي، اسان جي ادب جو به سماجي ڪارج اهو آهي ته

اسان جو ادب اسان کي زنده رهڻ جي صلاحيت بخشي ٿو:

اهو اسان کي مختلف سماجي حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿو ڪري؛ ۽

اهو اسان جي ڪلچري توڙي ذهني زندگيءَ جي حقيقتن جو ڀنڊار آهي.

سنڌي پهاڪي جي اڀياس جي باري ۾، جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، اسان پهاڪن کي سماجي ڪارج جي خيال کان ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هن حالت ۾ ڏسڻو آهي ته سنڌي سماج ۾ اهي ڪهڙيون واقعاتي حقيقتون ظاهر ٿيون آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پهاڪو وجود ۾ آيو آهي.

دڙ دلاسو  (Consolation)

هڪ سج ٻه پاڇا، همت مردان مدد خدا، ايندي آ گهڙي جيان ويندي آ جونءَ جيان، دير آ پر انڌير ناهي، خدا جي ديگ دير سان ٿي تپي، ڏکن پٺيان سک، وغيره.

اڳڪٿي  (Fore- telling) 

سج لٿي کانپوءِ اويل ڪانهي، اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي، واڻيو ۽ سيارو ڪنهن کي ڪثر نه ڇڏين، ڍوء جهليندو آ هڪڙو واڻيو ٻي مينهن، گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدرو مٺو، جي ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدرو مٺو.

مخصوص ۽ وري وري پيدا ٿيندڙ صورتحال

ظلم قائم آ پر ظالم قائم ناهي (ظلم ۽ ظالم).

شينهن ۽ ٻڪري گڏ ٿا چرن(شينهن ۽ ٻڪري)

وه جي ٻوريءَ تي تي ويٺو ره، کائيندين نه ته مريدين به ڪونه (وه ۽ زندگي).

ڪنهن جي کٿيءَ کي هٿ نه لائجي پنهنجو پٽ نه پڻائجي (کٿو ۽ پٽ).

هڪڙو هٿ کير ۾ ٻيو هٿ نير ۾ (کير ۽ نير).

اهڙيءَ ريت اهي پهاڪا، جن جو تعلق شين جي ماهيتن سان آهي تن کي اسان سماجي تجربي جي سرخيءَ هيٺ رکي رهيا آهيون. واقعاتي حقيقتن کي اسان جدا جدا سرخين هيٺ هن طرح سهيڙو آهي:

لاچاري ۽ اڻڄاڻائپ، سادگي ۽ بيوسي،

عدل ۽ انصاف جي نظام جو فقدان،

معاشي حالت ۽ سماجي ابتري، ۽

سماجي سچائي- هيءَ اسان وٽ جدا موضوع آهي، جنهن کي اسان سياڻپ ۽ نصحيت جا نقط جي تحت رکيو آهي

هن جاءِ تي اسان کي اهو به چوڻ آهي ته ڪيترا ئي پهاڪا جدا جدا موضوعن جي تحت ڪم آيا آهن، پر اهي هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ موضوعن ۾ به ڪم اچي سگهن ٿا. ان ڪري اسان جو خيال آهي ته اهو ڪم هاڻي پهاڪن تي مزيد تحقيق ڪرڻ واري جو آهي، جيڪو اهو ٻڌائي ته هر پهاڪو ڪهڙي سماجي تنقيد ڏئي ٿو.

سنڌي پهاڪن جو هن قسم جو اڀياس اسان کي سنڌي ادب جي ان تنقيد تائين وٺي ٿو وڃي، جنهن کي سماجي تنقيد (Social Criticism) چيو ويو آهي. تنقيد جو يا تنقيد جي هن نظريي جو اسان جي موضوع سان ڪو واسطو ڪونهي.

سنڌي پهاڪن جو پورو مواد اڃا تڏ به نه ٿيو آهي، پر هيءُ ڪم اسان جي ڪنهن ٻئي اداري جو آهي. هيءُ ڪم وڏي محنت ۽ جاکوڙ جو ڪم آهي. في الحال اسان جي لاءِ هيءُ گڏ ڪيل مواد گل شڪر جو مواد آهي. (2)

سماجي ماحول يا سماجي تجربو

اُڻندو اها جا ڪوريءَ جي من. (اُڻڻ ۽ ڪوري)

اندر اڇو نه ڪري ۽ ڌوئي ٿو ڌاڳا. (ڌاڳا ڌوئڻ)

اندر ٻڏ ٻهون، ٻاهر آٽڻ ان جو. (آٽڻ، ان، ٻڏ- گاهه جي پاڙ)

انڌي وڃي ملتان لڌو. (ملتان: جاگرافي)

انَ پلي ذات ڀلي. (پلي، انَ)

اڻڄاڻ کي جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي. (مصري، ڦٽڪي)

اهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مهاري.  گهوٽ مهاري)

آهر کٽي اونبڻي، رن وڃائي رنبو. (اونبڻي، رنبو)

اڪن کان آمون گهري، ٻٻرن کان گهري ٻير. (اڪ، آمون، ٻٻر، ٻير)

 اٽي ۾ لوڻ. (اٽو، لوڻ)

اُٺ جي وات ۾ جيرو. (اُٺ، جيرو)

 اُٺ جي چڙهيءَ کي به لعنت ۽ لاهيءَ کي به لعنت. (اُٺ)

اُٺ پٺيان گهنڊڻي. (اُٺ، جيرو)

اڱر ڄاڻن لوهر ڄاڻن. (اڱر، لوهر)

آرهڙ جي تتي ڏينهن، ساوڻ جي وسندي مينهن، سياري جي آڌيءَ رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات. (تتو ڏينهن، وسندو مينهن، آڌي رات)

(16) انڌ وٺ، منڊ وٺ، پر ننڍ وٺ. (ننڍ، جوائي)

(17) سو ولو ته به دڳ ڀلو. (لو، دڳ)

(18) اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. ( ناڻو، داڻو، ناڻو، ماڻو)

(19) انڌو هاٿي لشڪر جو زيان. (هاٿي، لشڪر)

(20) آهر جي آسري جهنگ نه چنائون. (آهر، جهنگ)

(21) اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي. (اُڀ، اڳڙي وجهڻ)

(22) انبن جون سڪون ڪي انبڙيون مان لهن؟ (انب، انبڙي)

(23) اگهه ۽ ڀڳ جي سڌ الله کي. (ڳڀ- پيٽ وارو ٻار)

(24) بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي. (ڪتو)

(25) ٻليءَ شير پڙهايا ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا.(ٻلي)

(26) ٻه گدرا مٺ ۾ نه ماپن. (گدرا)

(27) ٻن ٻيڙين تي. (ٻيڙي)

(28) ٻڪريءَ کي ساس جي ڪاسائيءَ کي ماس جي. (ٻڪري، ڪاسائي)

(29) ٻڪري جنهن وڻ سان ٻجهي، سو وڻ چري. (ٻڪري، وڻ)

(30) ڀڳو گهوڙو ڊون ڊون ڪري. (گهوڙو)

(31) ڀاڙي ۽ مسواڙ جو ڪئٿ (قانون) ڪونه ٿئي. (ڀاڙو، مسواڙ)

(32) پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهجن. (پاڻي، ڪپڙا)

(33) پٽ ڪپٽ پينگهي ۾ پڌرو. (پٽ، پينگهو)

(34) پرائي دهلين احمق نچي. (دهل)

(35) پلا ڇڏي ڪو کٽل کڳا کائي. (پلو، کڳو)

(36) پير ڀلو ڪين ويساهه ڀلو. (پير، ويساهه)

(37) پٽ پراڻو ته به جنڊ جو نائو نه ٿئي. (جنڊ، نائو، پٽ)

(38) پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي. (ماڙي، ڀونگو)

(39) ڏر تي گدڙ به شينهن. (ڏر، گدڙ، شينهن)

(40) پلو سيري کان ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ. (پلو سيرو)

(41) ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. (ڦڙي، تلاءُ)

(42) ڦٽ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج. (گيهه)

(43) ڦر کان اڳي ڄر نه ڪڍجي. (ڦر، ڄر)

(44) ڦاڙهو جتي کائي، اتي اوجهه ڏئي. (ڦاڙهو)

(45) جنهن جي پليءَ ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا. (پلي)

(46) جوَ ڍيري گڏهه رکپال. (جو، گڏهه)

(47) جاتي کير تاتي کنڊ. (کير، کنڊ)

(48) ڍاون جا گابا به ڍڪا، يا، ڍاون جا ڏند به ويامن. (گابو، ڏاند)

(49) ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي. (ڪانءُ)

(50) ڏٿ نه کٽو ڏوٿي کٽا. (ڏٿ، ڏوٿي)

(51) رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا. (رڍون، رباب)

(52) سرمون سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير. (سرمون، اک)

(53) سوناري جا سو ڌڪ، لوهار جو هڪ ڌڪ. (سونارو، لوهر)

(54) ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (ڪتو، ڪڻڪ جي ماني)

(55) ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (فقير)

(56) ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي. (ڳڙ)

(57) مروان موت ملوڪان شڪار. (مرون)

(58) ماريءَ جي گهر ۾ هڏن جو ڍير. (ماري، هڏا)

(59) ملو مئو مهابو لٿو. (ملو)

(60) نون ميهارن مينهون ڌاريون، (ميهار، مينهن)

کٿا لاهي دونهيون ڪيوءن. (کٿا، دونهيون)

(61) واهڻ جو واڻيو، جهڙو ڍوري جو پاتڻي. (واهڻ، واڻيو، ڍورو، پاتڻي)

(62) هڪ سج ٻه پاڇا. (سج، پاڇو)

(63) هڻ ڌيءَ کي ته سکي ننهن. (ڌيءَ، ننهن)

لاچاري، اڻڄاڻپ ۽ بيوس هئڻ.

اُڻندو اها، جا ڪوريءَ جي من ۾.

اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو اهو جو سرنديءَ ٽري.

انڌي جي جوءِ جو واهي الله.

انڌن آندو، ٻلن چٽيو.

اڱر ڄاڻن، لوهر ڄاڻن.

غريبن به رکيا روزا ته ڏينهن به ٿيا وڏا.

اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو ته منهن ۾ پائيندو.

اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي.

بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.

ڀڳيءَ سان ئي پير، جيسين رتو راس ٿئي.

ڀينر ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون.

توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍي مٿان ٿوم.

پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.

جيڪي هندو ڀاڳ ۾- سو وهي پوندو ڀاڳ ۾.

عاشق جهڙا عيد تي تهڙا منجهه مقام.

جڙيءَ کي جس.

جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو.

جبل سان مٿو هنئين نيٺ ڀڄي.

جتي پڄڻ ناهي پاند، تتي ڀڄڻ ڪو وريام جو.

چوڻو نه اوڻو.

 ڏٻري ڍور کي مڇر گهڻا.

ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊي.

واڳ ڌڻيءَ جي وس آءُٗ ڪا پاڻ وهيڻي.

 

عدل ۽ انصاف جو فقدان

وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوڙا.

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا هسوار.

ناني رڌڻ واري ڏهٽا کائڻ وارا.

ميان مري ته به حلوو کائڻو، بيبي مري ته به حلوو کائڻو.

مري نه ميهار، وڳ ولهو نه ٿئي.

مدعي مست گواهه چست.

گڏهن پاتا گج.

گڏهه تي گلاب هاريندي حيف ٿيو.

ڪن جي ڳالهين مير بحر مارايو.

ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا.

ڪڇان ته پٽجن مڇان.

مٺي به ماٺ مٽي به ماٺ.

قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي.

سوري پوي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏهه.

سج لٿي کان پوءِ دير ڪانهي، ڦرئي کان پوءِ اوير ڪانهي.

سائي کي سهي ڪونه، بکئي کي ڏئي ڪونه.

 رٺي آهي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ٿي ڳوٺ سان.

 ڏينهن آهي شينهن.

ڌڻيءَ ري ڌڻ سڃو، ڌڻ ري سڃو ڌنار.

چڱائيءَ کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا.

ڄٽيءَ سٽ پسائيو واڻئي وڌس وٽي- ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو واڻئي ليکي ڄٽي.

سڪي سڪي منگل ڄائو، تنهن ۾ به اڌ پرائو.

اُڻٽيهه راتيون چور جون ٽيهين رات ساڌ جي.

انڌي جي جوءِ جو الله واهي.

ڪانياري ٻلي ڪئي جي جوءِ.

انڌير ننگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.

ملا کي به سانگ، جاڏي ٻارو گاڏي ٻانگ.

يار به تيلي، سينڌ به اڻڀي.

ڌڪ هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن.

وهي ٿو درياءَ جي ڪپ تي ۽ وجهي ٿو واڳن سان وير!

وٺڻي شاهه، ڏيڻي گداءُ.

کٽيو کائي کتيجان، ڌڪ جهلي ڌيڻس.

کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولي.

ماڻهو ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ٽيهه لکڻو.

کڻ کلو ته ٿيئي ڀلو.

ڪانون کي لڙ ۾ مزو.

ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري کي جوکو، گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري کي جوکو

ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.

بار به سڌيءَ ڪاٺيءَ تي.

وهو ڍڳي تي مار.

غريب جي جوءِ جڳ جي ڀاڄائي.

سياري جي سوڙ سڀڪو پاڻ ڏي سوري.

سڪن سان گڏ آلا به سڙي وڃن.

ڏنو پٽ ڇٽي جو.

ڏاڍو سو گابو.

چور نه ته چاڪي.

چور ڇٽيو وڃي ڀاڳيو قابو.

چاچي به چوي چهنڊڙي به پائي.

هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي لڪائجي.

جوَ ڍيري گڏهه رکپال.

جنهن جي گهر ۾ پلي، تنهن جي ذات به ڀلي.

ٻاٻل آچاري پر ڪو مڃي.

ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري!

چرنديءَ تي چم، ڪنڊيءَ تي رڱ.

آئي ٽانڊي ڪاڻ بورچياڻي تي ويٺي.

اڀريو لکن جو ڏاتار، چي آءُٗ پائيءَ به نه سنبران.

مئي پٺيءَ سج اڀري ته ڇا، جي نه اڀري ته ڇا.

اڪن کان آمان گهري، ٻٻرن کان گهري ٻير.

تاڙي هڪ هٿ سان ڪانه ٿي وڄي.

پهير چور ٿئي ته واهي ڪيترو وهي.

جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا.

جنهن جي ماني تنهن جي ڪاني.

جنهن جو مَنَهُن تنهن جو آچار.

جن جي پليءَ ۾ داڻا تن جا چريا به سياڻا.

چڱر ۽ چار اگهه مڙيئي هڪڙي.

ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا.

گهوڙي ٿان سان، زال ران سان.

سٻر سان سينءَ ڪبي ڪيئن، چوندو جيئن ٿيندي تيئن.

منهن به پنهنجو، موچڙو به پنهنجو.

ظلم قائم آ ڪندڙ قائم نه آهي.

ڪتيءَ ڏٺا اُمڙ، سا تارا ڏسي ٿي ڊني. 

 

معاشي حالت

رن ته وئي پر رلهي به کنيو وئي.

آهر جي وڏائي ڪني پاٽ تي آئي.

بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.

بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري.

ٻڪري جنهن وٽ سان ٻجهي سو وڻ کائي.

ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.

ڀرئي اٺ تان وڃڻي لٿي ته به چڱي.

ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا پيا آهن.

تيل سهانگو هوءِ ته جيڪر گدڙن پڇ مکيا.

رڻي ۽ رائر جو سڏ جنهن کي هوءِ،

منجي اُتي جوءِ وڃي تنهن کان وسري.

ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.

پيادن مان هسوار، هسوارن مان پيادا.

جڏهن چڙهي تڏهن سوار.

 هڪ سج ٻه پاڇا.

وقت وقت جو پنهنجو ُسڀ.

پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري.

پٽيندي ئي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي مٽ سو پڻ پٽي پيٽ کي.

پرائي آس ڪني جي لاس.

جڙيءَ کي جس.

جاسين ڍائو مٿو کنهين، تان سين بکئي جو مٿو وڃي.

جاتي وڻ ناهي تاتي ڪانڊيرو به درخت.

جيڪا ڌاريان ٻڪري تنهن لهندا ڪن.

جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.

جڏهن ڏند هئا تڏهن حلوو نه هو، جڏهن حلوو آهي ته ڏند ڪونهن.

جي وسي چيٽ ته ان نه مابي کيٽ.

جيءُ خوش ته جهان خوش.

ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لائي.

ڏٿ نه کٽو ڏوٿي کٽا.

رن پٽ کي ڀاڳ لڳي ته ڏياري جواري ڀت کي داڳ.

روزن پٺيان عيدون عيدن پٺيان روزا.

ستين لنگهڻي ڪتو به حلال آهي.

ست ڪئا کائي ٻلي حج چڙهي.

ڪتيم سڀ ڄمار پاندي پوري ڪين ٿي.

ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.

گهر به گهر کاءَ ٻاهر به گهر کاءُ.

نائين ونڊي لک پاراتو.

لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيو.

سيائپ ۽ نصحيت جا نڪتا.

اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.

لڄن ڪئي پٽ ڪيئن ڄمن!

اهو سون به گهوريو جيڪو ڪن ڇني.

جيڪو اڌ کي ڇڏي سڄيءَ ڏي ڊڪي، تنهن کي سڄي ته نه ملي پر اڌ کان به سڪي.

اها ئي زبان اُس ۾ ويهاري، اها ئي زبان ڇانو ۾ ويهاري.

ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانو ۾ ويهاري.

اُڌارو ڏجي تنهن کي جنهن کان گهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان جيڪو گهري نه.

اياڻو چوي سياڻو ويچاري.

اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.

انڌو ۽ اڻ سونهو هڪجهڙا.

پاڻيءَ کان اڳ ۾ ڪپڙا نه لاهجن.

اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ.

نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.

ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.

تر جي گٿي سوء چوٽون کائي.

ٿوري گرهين گهڻو کائجي.

ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.

پڇڻا نه منجهڻا.

پاڻي ۽ باهه ٿورا نه ڄاڻجن.

پاڻ نه پلي ڏوجهان متيان ڏيوي.

پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي.

پريو مڙس مڙس نه ڪجي، وڃانجي نه وهي.

پنهنجي ٿوري گڏهه به ابو.

پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي. توڙي لک لٽائي.

ڦر کان اڳ ۾ ڄر نه ڪڍجي.

ڪهي وڃجي پاڻ، نينهن نياپي نه ٿئي.

خون کٿوري ڪين لڪي، توڙي باري پونس بار.

ڍنڍ ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.

ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند جي، ته به اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.

ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.

ڏڌو کير ٿڻين نه پوي.

ڏاهو ڪانءُ ٻه- ڄنگهو ڦاسي.

ڏچر گهوڙو سچر زال ٻيئي ٻن پيا.

جيري لاءِ ٻڪري نه ڪجهي.

سر ڏجي، پر سر نه ڏجي.

اک ڪاڻي چڱي، ڏس ڪاڻي نه چڱي.

سلو، اهو جو انگورئون ڀلو.

صبر جنين سينگ، تير نه گسي تن جو.

قرض آهي مرض.

پڪي گهڙي ڪنا نه پوندا.

 ڪني آڱر وڍي چڱي.

کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور.

جواني ۽ مايا، پور ۾ پور.

پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.

ڳالهين سنديون ڳالهيون ٽڪي سندا موٺ.

گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻي ڏاندين هر نه هلي.

گهر جو پير چلهه جو مارنگ.

گهر ۾ هجي جاءِ ٻهر ٻاهر نه ڪڍجي.

راڄن کنئين ڇپر کڄيو وڃن.

گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري.

 لچان چوران پت نه ڪائي، توڙي هوون سڳي ڀائي.

مڙيا سي جڙيا.

ننهن سان ڇڄي، ته ڪاتي نه وجهجي.

هر هر هوڙائي وڃڻ در دوستن جي.

هڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنهن جو پورهيو ڪونه ڀڃي.

چرين ڪهڙا چت مئن ڪهڙا مامرا.

سنڌي پهاڪن جي هن ورڇ کان پوءِ، اُنهن جي هر طبقي جو جدا جدا اڀياس ڪري اهو معلوم ڪنداسون ته سنڌي پهاڪن ۾ ڪهڙو ماحول، ڪهڙيون واقعاتي حقيقتون ۽ ڪهڙيون سچايون موجود آهن.

ماحول ۽ سماجي تجربو:

هن عنوان هيٺ جيڪي سنڌي پهاڪا ڏنا ويا آهن، اهي سڀ پهاڪن جي سڄي مواد جو رڳو هڪ حصو آهن. پهاڪو هرڪو ٻوليءَ ۽ سماجي ماحول جي پيداوار آهي. ان ڪري هر پهاڪي ۾ ڪونه ڪو سماجي تجربو موجود ٿئي ٿو. پر هن سري هيٺ اسان رڳو اهي پهاڪا آندا آهن، جن ۾ سنڌي ماحول ۾ سنڌي سماج جون نزديڪ ترين (Immediate) شيون (Articles) آهن: ان ڪري اهي ئي شيون آهن، جن مان سنڌي سماج کي پهريون تجربو حاصل ٿيو آهي. هي تجربو ڪهڙيءَ نموني ۾ تجربو آهي؟ هي سوال ڏاڍو اهم آهي، پر هن سوال جو تعلق ٻوليءَ جي سپاءَ، سماجي تاريخ (Social history) ۽ سماجي نفسيات (Social psychology) سان آهي. سماجي تاريخ توڙي سماجي نفسيات ٻيئي نوان مضمون آهن ۽ هر هنڌ عالم هنن مضمونن طرف توجه ڏئي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته تمام جلد ئي اسان مان به ڪونه ڪو هنن مضمونن کي هٿ ۾ کڻي.

هن هنڌ اشاري طور اهو ٻڌايو ويندو ته سنڌي سماج، جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، بنيادي طور تي زرعي سماج آهي. (It is agrarian socialy.) هن حالت ۾ ان جو پهريون تجربو زراعت جي فن سان تعلق رکندو هوندو. هن حالت ۾ ڪي پهاڪا مثال طور ڏجن ٿا:

 

ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيء مان!

گهڻين مڙسين هر نه هلي.

اندر ٻڏ ٻهون ٻاهر آٽڻ ان جو.

ان پلي ذات ڀلي.

اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي.

ملان کي ٻه سانگ، جاڏي ٻارو تاڏي ٻانگ.

جنهن جي پليءَ ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا.

هي پهاڪا اسان جي زراعت جي زندگيءَ کي سمجهائي رهيا آهن. ڪن پهاڪن ۾ ان جي انهن جنسن جا نالا به اچن ٿا، جيڪي سنڌي سماج ۾ آڳاٽيو اپايون وينديون هيون. مثال طور ڪڻڪ، جوئر (رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ڏياري جوئر جي ڀت کي داڳ). اهڙيءَ ريت جون جي باري ۾ به پهاڪو موجود آهي. ساريءَ جي لاءِ اسان چوندا آهيون ته ساري ست مڙسي، يعني ساريءَ (چانورن) جو فصل ست مڙس ٿو گهري. اهڙيءَ ريت ٻاجهر ساجهر مان اسان جو مطلب آهي ته ٻاجهر جو فصل پڪي پڄاڻان گهڻو وقت ڪونه ٿو بيهي سگهي. هن ريت ڪڻڪ، جوئر، جو، ساريون ۽ ٻاجهريءَ وارا اناج اسان جي پهاڪن ۾ آيا آهن: جن مان معلوم ٿئي ٿو ته روزگار جي باري ۾ اسان جو وڏو تجربو ڪهڙين پوکن سان ٿيو هوندو. هن جاءِ تي اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته ساريء جي باري ۾ جيڪو پهاڪو آهي، سو پوئين دور ۾ جڙيو هوندو؛ ڇو ته ساريءَ جو فصل آڳاٽو فصل ڪونه آهي. آڳاٽن فصلن ۾ وونڻن جو فصل به شامل هو. ان ڪري اسان وٽ اُڻڻ ۽ ڪوريءَ جي لفظن جي باري ۾ پهاڪو موجود آهي. آتڻ جي سڄي لغت (Diction) ڪورڪي يا پاٽولڪي ڌنڌي جي باري ۾ اسان وٽ موجود آهي: جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪپهه جي فصل کان اسان جي تاريخ ۾ وڏو پراڻ حاصل آهي. اسان وٽ جنڊ، اُکريءَ ۽ مهريءَ جا لفظ به پهاڪن ۾ آيا آهن- مثال طور جيڪي اُکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان ڪيئن ڊڄن! اُکري ۽ مهري اسان جي زراعتي سماج جون مخصوص شيون آهن. اهڙيءَ ريت لفظ ٻارو، پلي يا گندڙو به زراعتي سماج جا اهڃاڻ آهن. اسان وٽ لفظ ڏٿ به اناجن جي قطار ۾ شمار آهي. ان ڪري ان جي لاءِ به پهاڪو ملي ٿو. خود کيتيءَ جي باري ۾ اسان جي ٻوليءَ ۾ عجب جهڙا پهاڪا موجود آهن، مثال طور:

پنڻ بيڪار، نيچ نوڪري، وڌي واپار ته به اتم کيتي؛ کيتي آ سر سيتي؛ وغيره. هن طرح معلوم ٿو ٿئي ته کيتي (زراعت) کي اسان تمام وڏو درجو ۽ رتبو ڏيون ٿا. عام ڳالهه ٻولهه ۾ پوک کي اسان راهه چوندا آهيون ۽ پوکيءَ کي راهي. ٿي سگهي ٿو ته راهه ۽ راهي لفظن ۾ به اسان لاءِ ڪو سماجي اهڃاڻ موجود هجي.

اهڙيءَ ريت معلوم ٿو ٿئي ته اسان جي زبان اناجن، کيتيءَ جي نظام ۽ کيتيءَ جي وسيلن يعني پاڻيءَ، هر، ڏاند، سر (ماڻهو)، زمين ۽ پليءَ (Store) جي مواد ڏيڻ سان، اسان جي سماجي تاريخ جون نهايت ئي معتبر روايتون موجود ڪري رهي آهي.

کيتيءَ کانپوءِ سنڌي سماج جو ٻيو ساٿائتو آهي جانور. پهرئين حصي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جانور انسان جو پهريون دوست ۽ پاڙيسري آهي. پهاڪن جي اڀياس مان به معلوم ٿو ٿئي ته اسان وٽ انيڪ جانورن جا تجربا موجود آهن. مينهن جي باري ۾ اسان جا پهاڪا خاصا اهم آهن- مثال طور، مينهن چڱي پر ٽينهن چڱي نه، يعني ميهن جي پالنا خاصي ڏکي آهي. اهڙي ريت اُٺ چري ٻٽيهه ته ٻڪري چري ڇٽيهه وارو پهاڪو ٻڌائي ٿو ته اٺ ۽ ٻڪري کي گاهه جي ڪيتري نه وڏي ضرورت آهي. مينهن، ٻڪريءَ، رڍ، ڪتي، گهوڙي، اُٺ، هاٿيءَ ۽ ڏاند کان سواءِ اسان جو ٻيو ويجهو جانور آهي گڏهه. گڏهه جي باري ۾ اسان جي ٻوليءَ وٽ خاصو مواد آهي. سڄو ڏينهن هڻ هڻان گڏهه واري کنهن کنهان ڳالهائين ٿو يا هينگين ٿو وغيره. اهڙيءَ طرح گڏهه جي ناسن، بار کڻڻ جي طاقت آواز ۽ نٺرائپ جي باري ۾ اسان جي ٻوليءَ وٽ چڱو چوکو مواد موجود آهي.

جانورن ۾ جهنگلي جانورن جا نالا ۽ اسان وٽ انهن جو وڏو ذڪر موجود آهي. هي نالا اسان پهرينءَ لسٽ ۾ ڏنگين ۾ آندا آهن. جهنگلي جانورن کان پوءِ پکين جا نالا آهن. پهاڪن جي سماجي اڀياس جي خيال کان وڏي اهميت انهن شين جي نالن جي به آهي، جيڪي اسان جي سماج ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون. مثال طور، پير، فقير، ڳڙ، سرمو، گج، ڀنگو، ڪپڙا، ڀاڙو، سمواڙ ڀنگ، جهنگ، وڻ، مرون ماري، ملو، واڻيو، واهڻ، ڍورو، پاتڻي، ڄر، سونارو، وهانءُ، دهل، پلو انب، ٻيڙي، گدرو، ٻڪر، اڪ، لشڪر وغيره. هن قسم جا لفظ اهڙا آهن، جو انهن مان هر هڪ کي پنهنجي جدا سماجي حيثيت حاصل آهي. هاڻي اهو اسان جو فرض آهي ته اسان مصري توڙي ڦٽڪي ٻنهين کي هڪجهڙيون حقيقتون سمجهون يا نه سمجهون، پر ٻوليءَ جي اڀياس ۾ هر لفظ کي بهرحال الڳ الڳ هڪ سماجي حقيقت ڪري سمجهون.

لاچاري، اڻ ڄاڻائپ، سادگي ۽ بي وسي:

سنڌي سماج جي اڀياس ۾ اسان ڏيکاريو آهي ته سنڌي سماج هنيون، ماريو، ڊنو، رٺو ۽ مٺو سماج به رهيو آهي. هنن تجربن جا دور به سنڌي سماج ۾ انيڪ آهن. ان ڪري اسان جي ٻوليءَ وٽ به هنن تجربن جون شاهديون (Evidences) موجود آهن- مثال طور، انڌو، منڊو، غريب، واگهو، ڏٻرو، ٻڪري، ڄٽي، ڏٻري، ڀاڳ ڌڻي، ڀڳي ڪانياري ۽ ٻيا اهڙا لفظ سماجي درجيبنديءَ جي طرف اشارو ڪري رهيا آهن. رڳو هنن لفظن جي بنياد تي به اسان سنڌي سماج جي انهيءَ اڀياس جي مدد ۾ دليل پيش ڪري ٿا سگهون. جيڪو اسان مٿي پهرئين حصي ۾ ڪيو آهي.

هن سري هيٺ اسان جيڪي پهاڪا آندا آهن، تن مان جيڪا وڏي ڳالهه معلوم ٿي رهي آهي، سا آهي انهيءَ حقيقت پسنديءَ  (Realism) جي، جيڪا اسان جي سماجي مزاج جي هڪ وڏي خصوصيت رهي آهي. اسان جو سماج هر حالت ۾ حقيقت پسند رهيو آهي. رک رکاءُ ۽ گس گساءُ سنڌي سماج ۾ موجود ڪونه آهي. مثال طور، انڌي جي جوءِ جو واهي الله وارو هڪڙو پهاڪو ئي اسان جي سماج جي هڪ تاريخ دهرائي رهيو اهي. زالن جي باري ۾ اسان جي سماج ۾ جا اڻ تڻ موجود رهي آهي، تنهن جي دليل طور هي پهاڪو ٻڌائي ٿو ته زال هجي ته اکيون هجن، جو زال جي باري ۾ خبرداري گهرجي، زال ذات ڪمزور آه، اها پنهنجي حفاظت ڪري ڪانه ٿي سگهي، ۽ ٻيو هي ته زالون مردن جو وٿون ۽ ۽ وهيون آهن، انهن جي حفاظت مردن جي ذمي آهي.

حقيقت پسنديءَ جو ٻيو دليل اجهو هي پهاڪو آهي: جتي پڄڻ ناهي پاند اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو سر، زال، ٻار ۽ مال بچائڻ جي خاطر ڪڏهن ڪڏهن اسان جي عزت تي به داغ لڳو آهي. هيءَ ڳالهه اسان جي سماج جي هڪ عجيب ڳالهه آهي، پر اسان انهيءَ جو اظهار پنهنجي ٻوليءَ ۾ وڏي اخلاقي همت سان ڪيو آهي.

سماجي درجيبنديءَ جي باري ۾ اسان جي هنن پهاڪن ۾ اُڀ، جبل، ڀاڳ ۽ بادشاهه جا لفظ مٿئين ڪلاس جي نمائندگي ڪن ٿا. ڪوري، صاحب، ڪاسائي ۽ ڌڻي به هن ڪلاس جا لفظ آهن. هنن پهاڪن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي پهاڪا ان دور جي تاريخ ٿا ٻڌائين، جنهن دور ۾ سنڌي سماج رڳو ٻن طبقن ۾ ورهايل هو.

عدل ۽ انصاف جو فقدان:

اسان جي سماج ۾ عدل ۽ انصاف جي ادارن (Institutions) جو فقدان هميشه رهيو آهي. اسان هن ڪمزوريءَ کي سنڌي سماج جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري سمجهون ٿا، ۽ اها ئي ڪمزوري آهي، جنهن جي ڪري سنڌي سماج اڄ سوڌو پٺتي پيل سماج آهي. هن ڪمزوريءَ جا ڪي نتيجا هن هيٺ ڏجن ٿا:

غير محفوظ هئڻ جو تصور؛

زالن، ٻارن، ٻنين ۽ مال جي باري ۾ وڏي چنتا ۽ فڪر؛

طاقت ۽ وسيلن هوندي بي همتيءَ جو مظاهرو؛

دٻيل ۽ هيسيل سوچ ۽ غيرضروري فڪر؛

سماجي تبديليءَ جي سست رفتاري؛

معاشي ناانصافي ۽ معاشي پسماندگي؛ ۽

ڀرم ۽ وهم جو رجحان.

سنڌي سماج جي سڄيء تاريخ ۾ هي ڳالهيون اسان کي هر دور ۾ ملن ٿيون. فلڪ  يا آسمان (Heaven) جو تصور اسان وٽ اڄ سوڌو موجود آهي- حالانڪه هيءُ تصور تمام آڳاٽو تصور آهي. اهو تصور هندي، چيني ۽ يوناني سماج جو آڳاٽو تصور هو. انهن سماجن مان هي تصور ختم ٿي ويا، پر اسان جي سماج مان هي تصور ختم ٿي نه سگهيو آهي. اڄ سوڌو فلڪ بي پير ٿا سمجهون. چرخ گردون وڏي ۾ وڏو ديوتا سمجيهو ٿو وڃي. آسمان اسان جي هر فيصلي جو اختيار به رکي ٿو، مقدر ۽ تقدير، ڀاڳ ۽ نڀاڳ انهيءَ ئي فلڪ جا اهڃاڻ آهن. لفظ جدا جدا آهن پر تصور ساڳيا ئي آهن. ڀرم ۽ وهم جو هيءُ تصور سماجي ڊڄ ۽ ڊيڄڙي جي پيداوار آهي، جيڪو وري عدل ۽ انصاف جي ناقص نظام جو نتيجو آهي.

عدل ۽ انصاف جو ناڪافي ۽ ناقص نظام اسان جي سماج جو وڏي ۾ وڏو سوال آهي. ان ڪري اسان جي ٻوليءَ پاڻ وٽ ان کي وڏو حصو ڏنو آهي. اسان جا انيڪ پهاڪا اهڙا آهن، جيڪي هن رجحان جي باري ۾ شاهديون پيش ڪن ٿا.

گڏهن جو ڳج پائڻ، گڏهن تي گلاب هارڻ، گهوڙن جو نڌڻڪو هئڻ، ٻوڙن جو لتاڙجڻ، نانيءَ جو رڌڻ ۽ ڏهٽن جو ورهائڻ، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، سينڌ جي اڻڀو هئڻ، ڀوليءَ جو ڌڪ جهلڻ، ۽ ٻيا اهڙا فقرا اسان جي اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهن. پهاڪن جو هيءُ باب اسان جي سماج جي اندر بي انصافيء، ڏاڍ مڙسيء، بي ايمانيء، اقربا پروريء، ظلم ۽ انڌير جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي. هرڪو پهاڪو هڪ واقعاتي حقيقت جي طرف اشارو ڪري ٿو ۽ هر ڪا واقعاتي حقيقت وري هاڻي هوريان سماجي سچائيءَ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. ڇا، اسان هن پراڻي سماج مان جان ڇڏائي رهيا آهيون! سچ پچ ته هيءَ سوال اسان لاءِ اڄ به ڏاڍو اهم سوال آهي.

معاشي پس ماندگي:

هن سري هيٺ سنڌي سماج جو هڪ ٻيو سوال حل ڪيو ويو آهي. اسان جو سماج معاشي طور تي پٺتي پيل سماج آهي. هيءَ حقيقت سڀڪو مڃي ٿو. اهائي ساڳي حقيقت اسان جي سماج جي هڪ واقعاتي حقيقت نه پر هڪ سماجي سچائي آهي. ان ڪري هن سري هيٺ آيل پهاڪا اسان جي هڪ سماجي سچائيءَ جي طرف اشارو ڪري رهيا آهن.

معاشي پس ماندگيءَ جو وڏو سبب خود عدل ۽ انصاف جو فقدان به آهي. ان ڪري هن سري ۾ آيل پهاڪا ڪن حالتن ۾ عدل ۽ انصاف جي کوٽ جي طرف به اشارو ڪن ٿا. رڳو هڪڙو پهاڪو به هڪ سڄيءَ تاريخ جي جاءِ والاري ٿو- مثال طور، ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي. (ڪن حالتن ۾- پاندي نه پوري. پاندي پوري ڪانهي.)

سنڌي سماج جو هر فرد محنتي ۽ بهادر فرد رهيو آهي. اسان آدجڳاد کان محنتي رهيا آهيون. هزارن سالن کان زمين جي هڪ ٽڪر تي آباد رهيا آهيون. پر اڄ سوڌو بک، ڊڄ، ڳڻتيءَ ۽ وهم کان جان ڇڏائي نه سگهيا آهيون. اها حقيقت هڪ سماجي سچائيءَ جهڙي حقيقت آهي، ۽ اها سچائي اسان جو رڳو هڪڙو پهاڪو (ڪوبه) پوريءَ ريت ادا ڪري ٿو وڃي. اسان جي سماجي تاريخ جو عنوان ئي آهي: ڪتيم سڀ ڄمار پي پاندي پوري ڪين  ٿي. هڪڙو محنتي سماج بک مري رهيو آهي- اها آهي اسان جي سماج جي وڏي ۾ وڏي سماجي سچائي (Social reality).

هن سري هيٺ آيل پهاڪا سماجي بي انصافيءَ سان گڏ سماجي لاهن چاڙهن طرف به اشارو ڪن ٿا. مثال طور: ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾؛ روزن پٺيان عيدون عيدن پٺيان روزا. هن قسم جون لاهيون چاڙهيون تاريخ جي جدا جدا موڙن ۽ رخن جهڙيون آهن. اسان جي تاريخ ۾ عروج ۽ زوال، اقبال ۽ ادبار ٻيئي بي اثر رهيا آهن. ان ڪري اڄ سوڌو اسان اڌ مئي جي حالت ۾ آهيون. اهو ساڳيو رڻو (قرض) ۽ رائر (ڍل) اڄ به اسان جي ساهه تي لت ڏيون بيٺا آهن. (معلوم هجي ته هنن شين جو بار رڳو ان ڪري آهي، جو دولت جي تقسيم نامناسب آهي.)

معاشي طور تي ايترا پٺتي پيل آهيون، ته به اسان جي مٿان جيلن ۽ ڪارن قانون جي ماروماري جاري آهي. نائين ونڊي، لک پاراتو.- هڪڙو ملي ڪجهه به نه ٿو (جيڪي اپايو ٿا ان جو نائون حصو ٿو پلئه پوي)، پر ان جي هوندي به جيل ۽ ڪارا قانون اسان سان ئي لاڳو آهن. هي آهي اهو سماجي انصاف، جيڪو سنڌي سماج جي هڪ ڪاري ڪپٽي سچائي بڻجي چڪو آهي.

۽ جيڪي ملي ٿو اهو يا ته چوڻو (چيڻو) آهي يا ڏٿ. هن مان معلوم ٿو ٿئي ته عوام جي اڪثريت هيٺانهين طبقي سان تعلق رکي ٿي، جن کي رڳو ضروريات به ميسر نه آهن. هن طرح سماجي درجيبنديءَ جا اشارا به هنن پهاڪن مان ملن ٿا. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ وارو پهاڪو سماج ۾ موجود ٻن طبقن جو بيان ڪري ٿو. کنڊ به انهن کي ئي حاصل آهي، جن وٽ اڳ ۾ ئي کير موجود آهي. اقتصاديات جي هيءَ وڏي حقيقت ٻڌائي ٿي ته امير وڌيڪ ٿيندو وڃي ۽ غريب وڌيڪ غريب.

انصاف ڏاڍ جي پاسي آهي. سماجي انصاف جي هيءَ وڏي حقيقت آڳاٽي زماني کان انسان جي سماجن سان لاڳو رهي آهي. اسان جي سماج سان به هيءَ حقيقت اڄ سوڌو لاڳو آهي- جنهن جي پليءَ ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com