ناشر طرفان
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان جتي اسان اها ڪوشش
ڪري رهيا آهيون ته ملڪي ثقافت جو تحفظ ۽ ڦهلاءُ
ٿئي، اتي هن اداري طرفان اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته
اسان پڙهندڙن جي اڳيان اهڙا ڪتاب ڇپائي پيش ڪريون،
جيڪي نه رڳو پڙهندڙ جي عملي اُڃ اجهائي سگهن، پر
سنڌي ادب کي معياري علمي ۽ ادبي لاڙا ڏيئي سگهن.
اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکي، اسان جي اها به ڪوشش رهندي آئي آهي ته
پي- ايڇ- ڊي لاءِ لکيل ٿيسزون ڇپرايون وڃن. هيءُ
ڪتاب ان ڏس ۾ هڪڙي ڪوشش آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي زبان ۾ سنجيده تحقيقي ۽ تنقيدي
ادب جي کوٽ آهي. هيءُ ڪتاب ان کوٽ جو پورائو ڪري
ٿو. ڪتاب ۾ ڄاڻايل موضوع تمام گهرو ۽ نازڪ آهي، ۽
ان موضوع تي لکڻ لاءِ وڏي علمي ڄاڻ، سائنسي سوچ ۽
گهري ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ، سنڌي شعبي ۾ پي-ايڇ- ڊي جي ڊگريءَ
لاءِ پيش ڪيل هڪ ٿيسز آهي، جنهن تي محترم الهداد
ٻوهئي کي ڊگري ڏني ويئي هئي.
اسان هيءُ ڪتاب شايع ڪري خوشي ٿا محسوس ڪريون ۽ پڙهندڙن کي
ڄاڻائڻ ٿا گهرون ته اڳتي به هيءُ ادارو اهڙي قسم
جا سنجيده علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپرائيندو.
اسان کي اها اميد آهي ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙن وٽ سنجيدگيءَ سان
قبول ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
مڃوتي
آءٌ ذاتي طور تي انهن سڀني عالمن، اديبن، استادن، پبلشرن،
پرنٽرن ۽ ايڊيٽرن جو بيحد ممنون آهيان، جن جي
ڪتابن مان مون سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ترجمي ۽
حوالي جي صورت ۾ يا ڪنهن ٻئي نموني ۾ استفادو ڪيو
آهي ۽ معلومات حاصل ڪئي اٿم. ڇاڪاڻ ته ڏورانهن
ڏيهن جي هنن عالمن، استادن ۽ واسطيدار سان آءُ سڌو
سنئون لاڳاپي ۾ اچي نه سگهيو آهيان. آءٌ هنن لفظن
جي وسيلي ئي شڪر گذاريءَ جو فرض ادا ڪري رهيو
آهيان.
آءُ هر هڪ جو بحيد ٿورائتو آهيون.
تاريخ 27 مئي 1978ع
الهداد ٻوهيو
ريجنل ايجوڪيشن ايڪسٽينشن سينٽر
خيرپور ميرس
مهاڳ
اها ڳالهه سچي آهي ته ٻوليءَ جو خالق سماج آهي؛ پر هن تر
جيتريءَ ڳالهه ۾ به ٻوليءَ جي ڪردار جا تمام گهنا
گر سمايل آهي. ٻوليءَ جي عالمن
(Linguisticians or Linguists)
ٻوليءَ جي متعلق جيڪي حقيقتون رڪارڊ تي آنديون
آهن، انهن مان هڪ هيءَ به آهي ته ٻولي پنهنجي سماج
جي گڏيل سوچ
(Collective thinking) جي لفظي صورت آهي. اهڙيءَ ريت اهو خيال ته ٻولي اظهار جي وسيلي
جي حيثيت ۾ پنهنجي سماج جي سڀاويڪ حالتن يا
ڪارڪردگيءَ جو آئينو آهي، اسان لاءِ هڪ ڏاڍو عمدو
ويچار آهي. هڪڙي هيءَ ڳالهه به اسان جي سامهون آئي
آهي ته ٻوليءَ جي سماجي ڪردار جو ادب تي وڏو اثر
پوي ٿو. ويڙهاڪ قومن وٽ قصيدو، ليجيند
(Legend)
۽ بهادراڻو شعر
(Epic)
وڌيڪ ٿو لکجي؛ دولتمند ۽ خوشحال قومن ۾ ناول،
افسانو، گيت ۽ نيچري شعر وڌيڪ لکيو ويو آهي، ۽
ڏتڙيل، ڦريل ۽ لٽيل سماج ۾ نڙ جا بيت (ڇو ته انهن
۾ ڪوڪارون ۽ دانهون ڪري ٿيون سگهجن)، ڇلڙا (ڇوته
انهن ۾ پنهنجي روءِ سوءِ هيڪلائيءَ ۽ سڪ ۽ سوز جو
اظهار ڪري ٿو سگهجي)، ڳجهارت ۽ پرولي (ڇو ته انهن
۾ اظهار ڳجهو ۽ لڪائي ڪري ٿو سگهجي ته جيئن لوڪ
لکا نه پوي)، ۽ اهڙيءَ ريت موزون بيت، دوهو ۽ ڪافي
لکيا ويا آهن. هنن ڳالهين مان پڌرو ٿو ٿئي ته
ٻوليءَ جو مدار ئي آهي سماجي ڪارڪردگيءَ، حالات،
مزاج ۽ تصورات تي.
اهڙي هڪڙي ٻولي سنڌي ٻولي به آهي ۽ ان جو مدار به سنڌي سماج جي
مزاج ۽ تصورات سان ڀرپور آهي. ڊاڪٽر سورلي جو چوڻ
آهي ته هر اهو ماڻهو جنهن سنڌي ٻوليءَ جي
ٻهراڙيءَ جي لغت جو اڀياس ڪيو آهي، سو انهيءَ
ڳالهه جو اندازو چڱيءَ ريت لڳائي سگهندو ته زراعت،
اٺن، ٻڪرين ۽ چوپائي مال چارڻ ۽ ڌارڻ جي ڌنڌي هن
ملڪ جي ڪلچر کي وڌيڪ دلچسپ ۽ شاهوڪار بڻائي ڇڏيو
آهي (ص. 120،
Shah Abdul Latif of Bhit)
اهڙيءَ ريت ساڳيو ئي عالم لکي ٿو: عام طور تي هر
ٻولي اُن جي ڳالهائڻ وارن کي سمجهڻ جو هڪ وسيلو
(Key)
هوندي آهي. سنڌي ٻولي به موزون اظهار جو هڪ اهڙو
ئي سهڻو وسيلو آهي، جنهن کي انهيءَ تهذيب جي لاءِ
ڪم آندو ٿو وڃي، جنهن لاءِ اُها ٺهي راس ٿي آهي.
اها تهذيب زراعتي، امن پسند ۽ مضافاتي ڪلچر تي ٻڌل
تهذيب آهي، جنهن کي اتان جي محنتي ۽ سانتيڪن ماڻهن
وڌيڪ ترقي ڏني آهي (ص 111). ڊاڪٽر سورلي جي هنن
لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪارج جي باري ۾ هڪ وڏو
ويچار اهو موجود آهي ته اسان جي ٻوليءَ جي لغت تي
اسان جي سماج جي معاش ۽ اقتصاد جو وڏو اثر آهي ۽
ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جهڙي ٻولي انهيءَ ئي سماج ۾ ڪم
ڪري ٿي، جهڙو سنڌي ٻوليءَ جو سماج آهي. ٻوليءَ ۽
سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ هن قسم جا رايا اسان جي
پوري ۽ گهري ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي آهن.
2- اسان سڀ سنڌي ٻوليءَ جي انهي دنيا يعني سماج ۾ رهون ٿا، جيڪو
ٻوليءَ سان گڏ ۽ ان جي ئي حدن اندر لڳاتار بدلجندو
رهي ٿو ۽ ترقي ڪندو ٿو رهي. هونئن به انساني
بنيادن تي تخليقي تهذيب
(Creative Civilization) ۾ ٻولي بدلجندڙ ۽ هميشه تيار ۽ مستعد طاقت جيان ڪم ڪندي
آهي. ٻوليءَ جو هي ارتقائي ۽ حياتياتي پهلو
(Biological Aspect)
ٻوليءَ جي ڪارج کي سماج جي ارتقا ۽ حياتات سان
لاڳاپي ۾ آڻي ٿو. هنن خاص ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو
ته ٻوليءَ جو اڀياس هاڻي سماجيات
(Sociology)،
حياتيات
(Biology)،
نفسيات
(Psychology)،
سماجي نفسيات
(Social Psychology) ۽ انسانيات
(Anthropology)
جهڙن علمن جي اصولن پٽاندر ڪرڻو پوندو. ائين علم
ڪلچر
(Culturology) به ٻوليء جي مامرن سان واسطو رکي
ٿو. اهڙيء ريت ٻوليءَ جي علم جي حيثيت هڪ اهڙي علم
جهڙي ثابت ٿئي ٿي، جيڪو سڀني عمراني علمن سان تعلق
رکي ٿو ۽ جنهن ۾ هنن سڀني علمن جي اصولن جو
استعمال ٿي سگهي ٿو.
ٻوليءَ جو اڀياس هاڻي سماجي نفسيات جو هڪ اهم موضوع بڻجي ويو
آهي. مارس گنز برک ٿو لکي: سماجي نفسيات جو ڪم
آهي سماج جي سچيء زندگيءَ جو هڪ تجزيو ڪرڻ، ۽ اهو
علمي تجزيو ٻوليءَ، آرٽ، مذهب ۽ گڏيل ڪاڪردگيءَ جي
مدد سان ئي ڪري ٿو سگهجي.
(The Psychology of Society P.IX).
اهڙيءَ ريت وليهيم ولٽ جنهن کي جرمنيءَ ۾ سماجي
نفسيات جو پرچارڪ مڃيو ويندو آهي، تنهن جو چوڻ آهي
ته سماجي نفسيات جو تعلق سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي
انهيءَ دماغي پيداوار سان آهي، جنهن کي اسان
ٻوليءَ، مٿ
(Myth)
۽ رواج ۾ ڏسي ٿا سگهون. ٻوليءَ جي سماجي حيثيت جو
تعلق وڃيو ٿو هيگل جي انهيءَ تحريڪ سان قائم
ٿئي، جنهن کي لوڪ روح
(Volkgeist or Folk Soul) جو تصور ڪوٺيو ويو آهي. هن تصور مان بعد ۾ ڪلياتي روح
(World Soul)
جو تصور پيدا ٿيو. هيگل جي هيءَ تحريڪ اسان لاءِ
ڏاڍي اهم آهي، ڇو ته ان مان اسان کي قوم جو اهو
روحاني تصور ملي ٿو، جنهن کي اسان ادب، آرٽ،
قانون، ٻوليء، مٿ ۽ رواج ۾ ڳولي ٿا سگهون. هيگل جي
انهيءَ تصور تي مشهور عالم ساوينيءَ
(Savigny)
پنهنجي انهيءَ اصول جو بنياد رکيو، جنهن کي بعد ۾
قانون جو تاريخي اصول چيو ويو آهي.
.(The Psychology of Society pp 8-9)
هن طرح معلوم ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ هيگل کان وٺي اڄ تائين علمي
دنيا ۾ اهو تصور قائم رهندو آيو آهي ته ٻوليءَ جو
مامرو، هڪڙو سماجي مامرو آهي ۽ ٻوليءَ جو اڀياس
سماجي نفسيات ۽ ٻين سماجي علمن جي مدد سان ئي ڪرڻ
گهرجي.
3- اهي ئي ڳالهيون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي باري ۾
اسان جي ڪيل تحقيق جيڪا گهڻو ڪري صوتيات
(Phonetics)،
علم لغت
(Lexicography)
۽ تاريخي علم زبان
(Comparative Linguistics) جي ميدانن تي ٿي آهي، سا ڪافي نه آهي. بيشڪ هڪڙو دور ٻوليءَ جي
تحقيق جي انهن مقصدن جو متقاضي به هو. ان دور ۾
ٻوليءَ جي باري ۾ ڪي بنيادي ڳالهيون معلوم ڪرڻيون
هيون. وري ان وقت علم جي ترقيءَ جي خيال کان رڳو ۽
نرو علمي تجسس به وڏي ۽ اهم ڳالهه هئي، پر اهو دور
اسان جي ڏسندي ڏسندي گذري ويو. خود ان دور ۾ به
مئڪس ميولر
(Max Muller)
جهڙي عالم جي قلم مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته
جڏهن آءُ چوان ٿو ته ڪي ماڻهو آريا آهن تڏهن آءُ
رڳو ايترو ٿو مڃان ته ڪي ماڻهو آريائي ٻوليون
ڳالهائين ٿا. اهڙيءَ ريت اسان جي ٻولي به اسان کي
اسان جو سماجي تشخص
(Social Personlaity) بخشي ٿي. اسان جي ٻولي اسان جي گڏيل من
(Collective Mind)
جي ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي اسان جي ماڻهن جي، اسان
جي سماجي ادارن جي، ۽ اسان جي گڏيل ڪلچري
ڪارڪردگيءَ جي هڪ تاريخ آهي- اهڙيءَ ريت، جهڙيءَ
ريت ٻولي اسان جي تاريخ آهي. اسان جي ٻولي
(1) اسان کي پنهنجا نالا ڏئي ٿي،
(2) اسان جو ماحول ۽ دائرو مقرر ڪري ٿي،
(3) اسان کي پنهنجو ماضي ۽ حال سمجهائي ٿي،
(4) اسان جي فهم ۽ وهم جو دائرو مقرر ڪري ٿي، ۽
5) اسان کي اسان جي بنيادي نظرين ۽ خيالن، رسمن ۽ رواجن جو هڪ
رڪارڊ پيش ڪري رهي آهي.
4- هن قسم جون حقيقتون هاڻي اها تقاضا ڪري رهيون آهن ته ٻوليءَ
جي باري ۾ تحقيق جي مقصدن کي نئين طرح مرتب ڪجي ۽
هاڻي ٻوليءَ جي وڌيڪ تحقيق ٻوليءَ جي باري ۾ حاصل
ٿيندڙ نئين معلومات جي روشنيءَ ۾ ڪجي ۽ اهڙيءَ ريت
۽ انهيءَ مقصد سان ڪجي ته ٻوليءَ کي انسان جي
بهتريءَ، سماجن جي ترقيءَ، فردن جي افرادي قوت، ۽
قومن جي آسودگيءَ جي مقصدن جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي.
جيئن اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ٻوليءَ جي هن قسم جي اڀياس جي ابتدا
ٿي به چڪي آهي ۽ ٻاهرينءَ دنيا ۾ سماجي لسانيات
(Socio- linguistics) جي نصابي مضمون
(Academic Discipline) واريء حيثيت کان علاوه ان جي تحقيقي طريقن تي به سوچيو ويو
آهي. هن باري ۾ ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب لکيا ويا
آهن. پر جي- اي فشمن
(J. A. Fishman)،
برنسٽين
(Bernstien)
۽ ڊبليو لابوف
(W.
Labov)
هن مضمون کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي (ڏسجي
(Language in Social Context).
ٻوليءَ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هن قسم جو اڀياس اسان اڄ سوڌو ڪري
ڪونه سگهيا آهيون. هن قسم جي ڪوشش، جا ايندڙ صفحن
۾ موجود آهي، سا پهريون دفعو ٿي رهي آهي، ۽ (شڪر
آ، جو) اها ڪوشش ٻوليء جي برک عالم ڊاڪٽر غلام علي
الانا ۽ ٻين انهن سنڌي دوست ماڻهن جي مدد سان ٿي
رهي آهي، جيڪي محسوس ڪندا رهيا آهن ته ٻولين ۽
انسان جي عمراني زندگين جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي.
(سنڌي دوست ماڻهن مان منهنجو اشاو ڊاڪٽر تنوير ۽
مانائتي جويي صاحب ڏانهن آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا
مڃيل دوست آهن.)
5- هن تحقيق جو موضوع- سنڌي ٻوليء جو سماجي ڪارج- سنڌي ٻوليء
جي باري ۾ ته هڪ نئين مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين
تحقيق جو بنياد رکي رهيو آهي: پر عام طور تي ٻوليء
جي باري ۾ هي موضوع اسان کي نئون نظريو ڪونه ٿو
ڏئي- بنيادي طور تي بحث هيٺ ايندڙ ڳالهه اها نه
آهي ته ٻوليء جو ڪو نئون نظريو ڪونه ٿو ڏئي.
بنيادي طور تي بحث هيٺ ايندڙ ڳالهه اها نه آهي ته
ٻوليءَ جو ڪو سماجي ڪارج ٿيندو آهي يا نه. اها
ڳالهه هاڻي دنيا جي سڀني عالمن وٽ مڃيل آهي ته
ٻولين جو هرڪو ڪارج هڪ سماجي ڪارج آهي. پر جدا جدا
سماجن جون تقاضائون، اخلاقي قدر، معيار، سياسي ۽
سماجي رجحان ۽ ادبي مقصد ۽ لاڙا جدا جدا ٿين ٿا.
ان ڪري هر سماج جي ٻوليءَ جو ڪردار به نرالو ۽ جدا
جدا ٿئي ٿو. ان ڪري اسان جي سامهون به سوال رڳو
اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي.
ٻين لفظن ۾ هيءُ تحقيق انهيءَ مقصد تحت ٿي رهي آهي
ته اسان معلوم ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان
اسان پنهنجي سماج جي نفسيات، معاش، اقتصاد، سياست،
تاريخ، حياتيات، مذهبي عقيدي ۽ ڏاهپ جي باري ۾
ڪهڙو رايو قائم ڪري ٿا سگهون. سماجي لسانيات جي
مڃيل اصولن مطابق هن قسم جو اڀياس اهو آهي جنهن کي
بياني سماجي لسانيات
(Descriptive Socio- linguistics)
ٿو چئجي. (فشمن جي سمجهاڻيء پٽاندر سماجي لسانيات
جا ٻيا پهلو آهن:
Dynamic Socio-linguistics
۽
Applied Socio-linguistics-
ڏسجي
(Language in Social Context).
6- هنن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي موضوع جي باري ۾ ضروري مواد
کي پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، ۽ اسان پهرين نمبر تي
انهيءَ حصي کي رکيو آهي، جنهن ۾ اسان کي سماج ۽
ٻوليءَ جي باري ۾ جدا جدا پر عام ڳالهيون معلوم
ٿين ٿيون، ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليء ۽
سنڌي سماج جو پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ آهي. هن باري ۾ ڪلچر
جو مامرو به بحث هيٺ اچڻو هو، ان ڪري اسان کي به
بحث هيٺ رکيو آهي، ته جيئن سماج ۽ ٻوليءَ سان
واسطو رکندڙ سڀ ضروري ڳالهيون ويچار هيٺ اچچن، هن
ڀاڱي ۾ اسان سماجيات جي اصولن جو بيان ڪندي عام
انساني سماج ۽ سنڌي سماج جو اهڙو اڀياس ڪيو آهي.
هن اڀياس تي نظر رکڻ سان هڪ عام پڙهندڙ اهو معلوم
ڪري سگهي ٿو ته سماج جون ڪهڙيون ڳالهيون اهڙيون
آهن، جن جو اثر ٻوليءَ تي ٿئي ٿو ۽ ڪهڙيءَ ريت
سنڌي ٻولي هيءُ اثر پنهنجي طرفان مٿ
(Myth)
۾ ظاهر ڪري ٿي.
ٻئي ڀاڱي ۾ اسان جو بحث جو موضوع سنڌي ادب رهيو آهي. ادب جو هي
اڀياس نه تنقيدي آهي نه تاريخي، نه فني ۽ نه
فنڪاراڻو. ادب جو هي اڀياس سماجي آهي ۽ اهو به
انهي خيال کان ته آخر ادب ئي ته اُها شيءِ آهي
جنهن ۾ اسان جي ٻوليءَ پنهنجو ڪردار بهترين طور تي
ادا ڪيو آهي. اسان سنڌي ادب جو اڀياس ان ڪري
انهيءَ خيال کان ڪيو آهي ته ڏسون ته سنڌي ٻوليءَ
ادب جي روپ ۾ ڪهڙو سماجي ڪارج پورو ڪيو آهي.
ادبي ٻوليءَ کان ٻاهر ٻوليءَ جا به اهم نمونا آهن: (1) عام
رواجي ٻولي، ۽ (2) اشارن واري ٻولي. انهيءَ ڪري
ٽيئن ڀاڱي ۾ اسان عام رواجي ٻوليءَ جي جداد جدا
نمونن جو اڀياس ڪيو آهي، ۽ چوٿين ۾ اشارن واريءَ
ٻولي جو.
آخري يا پنجين ڀاڱي ۾ اسان ٻوليءَ جي انهيءَ مامري تي بحث ڪيو
آهي جيڪو وڌ ۾ وڌ اهم آهي. اهو مامرو آهي معنيٰ
جو. هن ڀاڱي ۾ ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون بحث هيٺ آيون
آهن، جن جو تعلق اسان جي ٻوليءَ جي معنيٰ سان يا
معنيٰ جي علم
(Semantics)
سان ۽ علامتن جو علم
(Semiotics)
سان رهي ٿو. هن ئي ڀاڱي ۾ اسان اهو به ڏيکاريو آهي
ته سنڌي سماج جي ابتدائي شڪلين ۾ ٺهيل آوازن جون
صورتون اڄڪلهه جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪٿي
ڪٿي موجود آهن. ڇوته مجموعي طور تي هن سوال جو
تعلق به معنيٰ سان آهي.
7- سنڌي ٻوليءَ جو هي اڀياس هڪ لحاظ کان تاريخي اڀياس به آهي.
ٽئائن بيءَ جي لفظن ۾، تاريخ روحن، جسمن،
تجربن، مشاهدن ۽ واقعن جي اها حقيقت آهي، جيڪا
پوئتي موٽڻ جي بجاءِ اڳتي ۽ اڳتي وڌندي رهي آهي
(Civilization on Trial). جيئن ڪتاب جي اڀياس مان معلوم ٿيندو، پنهنجي سماج جي باري ۾
به اسان جو خيال اهو ئي آهي ته اهو روحن، جسمن،
تجربن، مشاهدن ۽ واقعن جو هڪ روان دوان قافلو آهي،
۽ اهڙيء طرح اسان سماج کي هڪ تواتر جي شڪل ۾ ڏسي
رهيا آهيون. ساڳئيءَ ريت ٻوليءَ کي به اسين اهڙي
ئي حيثيت ڏيون ٿا. اسان جو هي اڀياس اسان جي سماجي
قدرن
(Social Values)
۽ انهن سماجي واقعن جو اڀياس آهي، جن اسان جي
ٻوليءَ جي انيڪ صورتن
(Fields)
۾ لفظن
(Lexicons)
کي جنم ڏنو آهي. اسان اهڙن قدرن جو ذڪر هر موزون
موقعي تي ڪيو آهي (مثال طور موت ۽ زندگيءَ جو
تصور). هن طرح هي اڀياس گهڻ- پاسائون
(Variegated)
بنجي پيو آهي. پر بنيادي طور تي هرڪو پهلو ٻوليءَ
جي انهيءَ ڪارج سان واسطو رکي ٿو، جيڪو سماجي ۽
سراسر سماجي آهي.
8- هن طرح هيءَ تحقيق انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي
ته-
(1) سنڌي سماج جي اڀياس ڪرڻ جو هڪ طريقو ڳولي لهجي؛
(2) اهو معلوم ڪجي ته سنڌي سماج، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلچر جو
پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ آهي؛
(3) اهو معلوم ڪجي ته سنڌي ٻولي، پنهنجي ادب جي معرفت اهو
ڪهڙو سماجي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن سان خود
سنڌي سماج جي مزاج ۽ مسئلن جو اڀياس ڪري ٿو سگهجي؛
(4) عام رواجي سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن مان
اسان جي سماج جي ڪن اهم اظهارن جي پورائي ٿئي ٿي،
۽ ٻولي اها ضرورت ڪهڙيءَ ريت پوري ڪري رهي آهي؛
(5) ٻوليءَ جي وڏي مفهوم جي خيال کان سنڌي سماج ۾ اشارن جي
ٻوليائي حيثيت ڪهڙي آهي ۽ انهن جو سماجي ڪردار ۽
ڪارج ڪهڙو آهي؛
(6) علم معنيٰ ۽ علم علامت جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ جي
اڀياس ڪرڻ مان اسان کي ڇا ٿو معلوم ٿئي، ۽ ان
اڀياس مان اسان جي سماج جا ڪهڙا پهلو روشن ٿين ٿا؛
۽
(7) سنڌي ٻوليءَ ۾ معنيٰ جون ابتدائي صورتون ڪهڙيون آهن.
9- ٻوليءَ جي ڪرشمي ۾ اسان جي دلچسپيءَ جو هڪڙو وڏو سبب هيءُ
آهي ته اسان جو ويساهه آهي ته ڳالهائڻ جي سگهه
جيڪا اسان کي حاصل آهي، سا ٻئي ڪنهن به ساهواري کي
حاصل نه آهي. نه رڳو ايترو پر هن دور جي زبانن کان
واقفيت رکڻ وارن (عالمن) جو ويساهه آهي ته انسان
جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو اهو آهي ته هو ڳالهائي
سگهي ٿو، ۽ ڳالهائڻ جي وسيلي هو علم ۽ دانش پرائي
به سگهي ٿو ۽ پکيڙي به سگهي ٿو. اڄڪلهه جو انسان
پاڙهي ٿو، سمجهائي ۽ سيکاري ٿو، لکي ٿو ۽ ٻوليءَ ۾
فن، حسن ۽ خوبي، فڪر، فلسفو، ويچار، ويساهه، مذاق،
محبت، همدردي، اخلاص، پڪار، للڪار، دانهن، فرياد،
شڪايت ۽ شڪر جو اظهار ڪري ٿو. غور سان ڏسبو ته
معلوم ٿيندو ته هي سڀ شيون رڳو پنهنجي وجود لاءِ
به انسان جي اظهار جي قوت جون محتاج آهن. ان ڪري
هن دور جي انسان جي لاءِ ٻوليء جو مامرو تمام اهم،
بلڪ انساني مامرن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم آهي
(الهداد ٻوهيو، مهراڻ 1- 72ع، مضمون، ٻولي ۽
آواز). مون هنن خيالن جو اظهار پنهنجي هڪ ٻئي
مضمون ۾ به ڪيو هو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سماجي
ڪردار جي عنوان سان نئين زندگيء ۾ شايع ٿيو هو
(ڏسو نئين زندگي، مئي- جون 1972ع وارو پرچو). ان
مضمون ۾ پهريون دفعو مون ٻوليءَ کي نفسيات،
سماجيات، عڪسن، اهڃاڻن، من وديا، لسانيات ۽ ڪلچر
توڙي تهذيب جي روشني ۾ سمجهڻ ۽ پرکڻ جو هڪ ويچار
ڏنو هو. منهنجن اهڙن ويچارن جو بنياد گهڻي ڀاڱي
لوگن پيئرسل سمٿ
(Logan Pearsal Smith) جي انهيءَ ويچار تي هو ته ماڻهو جي عملي کوجنائن کان
وڌيڪ دلچسپ ته هن جي خيالات، نظريات ۽ احساسات جو
رڪارڊ آهي. ڪابه تاريخ ايتري دلچسپ نه آهي، جيتري
خود انسان جي روح جي تاريخ، ۽ لفظن جي اڀياس ۾
اسان کي هڪڙو اهڙو طريقو ملي ٿو.......... جنهن
مان اسين روح جي تاريخ کي وڌيڪ سمجهي ۽ سمجهائي يا
بيان ڪري ٿا سگهون
(Words and Idioms-- Preface).
ساڳئي ئي مضمون ۾ مون هڪڙي هنڌ لکيو هو ته ٻوليءَ
جو هي معاملو اهڙو آهي، جو هن تي ريسرچ جي وڏي
ضرورت آهي، ڪم تمام ضروري آهي ۽ هوشياريءَ سان
راتيون جاڳي ڪرڻو آهي. ان وقت مون کي اهو معلوم
نه هو ته هي ڪم منهنجي ئي ڀاڳن ۾ هو. اهو مضمون
محترم استاد ڊاڪٽر الانا به پڙهيو هو ۽ انهن گهڻو
پوءِ انهيءَ موضوع تي وڌيڪ تحقيق جو ڪم وري به
منهنجي ئي سر تي رکيو. اهو ئي ڪم آهي، جو ڪجهه قدر
اسان هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
هن قسم جي تحقيق، جيئن اسان سڀ ڄاڻون ٿا، ٻن ڳالهن جي ڪري مشڪل
آهي.
اهي ڳالهيون هي آهن:
ٻوليءَ جي باري ۾ سڀڪا ڳالهه ٻولهه وري به ٻوليءَ جي مدد سان ئي
ممڪن آهي، ۽ وري ٻوليءَ جو استعمال نري سائنسي سوچ
جيان اٽل ۽ معروضي
(Objective)
۽ تسليم ٿيل ۽ هميشه لاءِ اختيار ڪيل
(Established)
نه آهي.
هن قسم جو اڀياس انسان جي من جي شخصيت سان تعلق رکي ٿو، ۽ اهڙيء
شخصيت جي اڀياس ۾ راءِ
(Opinion)
۽ قياس
(Guess)
جو امڪان ۽ گنجائش هميشه رهي آهي.
ان ڪري هن قسم جو اڀياس نوعيت جي خيال کان اهڙو آهي، جو ان مان
تڪرار يا اختلاف
(Controversy)
جو امڪان هر وقت آهي.
10- اميد آهي ته صحتمند، علمي ۽ نيڪ نيتيء تي ٻڌل تنقيد اسان جي
لاءِ نوان نوان رستا کوليندي، ۽ انهن تي هلندي،
اسان پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ٻوليء جي وڌيڪ ۽ بهتر
خدمت ڪري سگهنداسون. صحتمند تنقيد لاءِ هن ڪتاب ۾
ڪيترا ئي موقعا موجود آهن. مثال طور، جدا جدا علمن
جي فني لفظن جو هڪڙو تمام وڏو تعداد هت اهڙو آيو
آهي، جنهن جي لاءِ اسان کي سنڌي لفظن جو اوترو ئي
وڏو تعداد به لکڻو پيو آهي. هن حالت ۾ سنڌي ٻوليء
جي منهنجي پنهنجي ذخيري ۾ اها ڪمي ضرور ڏسي سگهبي
ته ڪيترن ئي انگريزي لفظن جي لاءِ منهنجي طرفان
ڏنل لفظن کان بهتر لفظ ٻيا به ٿي سگهن ٿا، يا ڪن
حالتن ۾ مون اهي لفظ ڪم نه آندا آهن، جيڪي مون کان
اڳي ڪن فني لفظن جي جاءِ تي ڪم آندا ويا آهن.
موزون لفظن جي استعمال جو سوال هونئن به هميشه
قائم رهڻ وارو سوال آهي، ڇو ته ٻوليء جي ارتقائي
صورت اسان کي نوان نوان لفظ ڏيندي رهندي.
ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي اسان مزيد تحقيق جي لاءِ ڪن مسئلن جو ذڪر
ڪيو آهي. منهنجي دلي خواهش آهي ته اسان جا عالم
انهن سوالن ڏانهن ڌيان ڏين ۽ انهن تي وڌيڪ تحقيق
جو ڪم هٿ ۾ کڻن. هن طرح جي جاکوڙ جي افاديت اها
آهي ته اڳتي ٻولين جي سماجي ڪارجن توڙي انهن سان
واسطو رکڻ وارن سوالن تي ٻين ملڪن ۾ به تحقيق
ٿيندي ۽ اهڙيءَ ريت انساني تهذيب جو هڪ تمام وڏو
سوال انسان جي علمي تحقيق جو اهم موضوع بڻجي ويندو
۽ اسان پاڻ ان ڪم ۾ حصو وٺي سگهنداسون.
مان سمجهان ٿو ته هن مهاڳ کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ مون کي اخلاقي
طور تي انهن صاحبن جو شڪريو ادا ڪرڻو آهي، جن هن
ڪتاب جي تياريءَ جي ڪن ڳالهين ۾ منهنجي مدد ۽
معاونت ڪئي آهي. منهنجي وڏي ۾ وڏي مدد منهنجي عالم
استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي آهي. جيڪو هن وقت
سنڌالاجيءَ جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب
جي همدردي، محنت، علمي رهبري ۽ ذاتي شفقت کان
سواءِ آءٌ هي ڪم پورو ڪري نه سگهان ها. آءٌ سندس
ٿورائتون آهيان، بيحد ٿورائتو. ان کانپوءِ آءٌ
خصوصي طور تي ڊاڪٽر نور نبي تنوير عباسيءَ جو
ٿورائتون آهيان، جنهن تحقيق جي تمام گهڻن مسئلن تي
مون کي مفيد مشورا ڏنا آهن. مون ڊاڪٽر صاحب جي
ذاتي لئبريري به تمام وڏيءَ حد تائين ڪم آندي آهي.
آءٌ جناب نياز همايونيءَ جو شڪر گذار به آهيان،
جنهن جت قبيلي جي باري ۾ مواد حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي
مدد ڪئي. مون تي پنهنجي دوست پروفيسر محمد علي
سانگيءَ جو شڪريو به واجب ٿئي ٿو، جنهن ڪتاب جا ڪي
حصا پڙهيا ۽ مون کي صلاحون ڏنيون. آءُ مسٽر
عبدالغفور جوڻيجي (جيڪو خيرپور جي پبلڪ لئبرريءَ
جو لئبررين آهي) جو به ٿورائتو آهيان، جنهن ڪتاب
جي باري ۾ منهنجي وڏي مدد ڪئي. آءُ محترم
ضياءُالدين شاهه فتاحيءَ، سب ڊويزنل ايڊوڪيشن
آفيسر، خيرپور) جو به شڪر گذار آهيان، جيڪو هڪ
مهربان دوست جيان منهنجي هن پورهئي ۾ منهنجي همت
افزائي ڪندو رهيو ۽ منهنجي سار سنڀال لهندو رهيو.
آخر ۾ آءُ اخلاقي طور انهيءَ ڳالهه جو پابند به
آهيان ته آءُ جناب محمد ابراهيم جويي جو شڪريو ادا
ڪريان، جيڪو صاحب علمي ڳالهين ۾ منهنجي مدد ڪندو
رهيو آهي ۽ جنهن مون کي ٻوليء جي باري ۾ سوچڻ ۽
لکڻ لاءِ همٿايو هو.
الهداد ٻوهيو
خيرپور (ميرن جي)
27- 1- 1976ع |