مري ويل مرد جي زال کي عدت ۾ ويهاريندا آهيون، يعني ان جو ماتم
گهڻو وقت هلڻو هوندو آهي، ڇوته هوءَ زندگيءَ جي
حالت ۾ پنهنجي مڙس کي ٻين کان گهڻو ويجهي هئي. عدت
کي چئون ”ڍنگ“ ”ڍنگ“ جي رواجي معنيٰ آهي، اها شيءَ
جنهن سان پير يا ڄنگهون ٻڏي ڇڏجن. اهڙيءَ ريت ”ڍنگ
۾ ويهارڻ“ جا لفظ به ڪم اچن ٿا، جن جو مطلب آهي
عورت کي چرڻ پرڻ کان باز رکڻ. سماجي معنيٰ ۾ هيءَ
ڳالهه به يادگيري واري عڪس جي پيداوار آهي، ڇوته
فوتيءَ جا پير به ٻڌا ويندا آهن.
اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته يادگيريءَ وارو عڪس اسان کي
انهيءَ ويساهه لاءِ تيار ڪري ٿو ته ”روح مرڻو
ناهي“. پوين جي لاءِ يادگيريءَ وارو عڪس هڪ زندهه
صورت
(Substance)
جهڙو آهي، ۽ هو مري ويل لاءِ اهڙا خيال رکندا ۽
اهڙيون ڳالهيون ڪندا، جو ڄڻ ته اهو پنهنجي اصلي
سماجي حالت ۽ شڪل ۾ سندن اڳيان موجود آهي. هن حالت
۾ سماج جا سڀيئي مڃيل معيار مري ويل لاءِ به موزون
سمجهيا ويندا آهن.
جيئن Ghost
يا جن کي عام طور تي هڏن جي پڃري جهڙو سمجهيو
ويندو آهي انهيءَ ڪري جن ڪڏهن به زنده ماڻهوءَ جو
نمائندو نه هوندو آهي، پر اهو هن جي ان صورت جو
نمائندو هوندو آهي، جيڪا فقط هڏن جي پڃري جي حالت
۾ ڏسي سگهجي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو جنن جي لاءِ
اسان جو ويساهه آهي اهي ماڻهوءَ جهڙا نه آهن ۽
انهن جون اکيون انهن جي پيشانيءَ ۾ ٿين ٿيون. انهن
جي لاءِ اسان جو خيال اهو به آهي ته اهي بي پناهه
طاقتن جا مالڪ آهن.
ڇاڪاڻ ته روح کي اسين هڪ جنسي صورت جهڙو سمجهون ٿا، اسان لاءِ
ضروري آهي ته ان جو گهر به معلوم ڪريون يا ان جي
لاءِ اسين چئون ته اهو نڙيءَ ۾ يا لڪيءَ ۾ رهي ٿو
يا انهن عضون وٽ رهي ٿو، جيڪي موت کان پوءِ ختم ٿي
ٿا وڃن- جيئن اکيون، ڇاتي يا وهندڙ رت.
اسين فوتيءَ جون اکيون بند ڪندا آهيون. مقامي طور تي انهيءَ کي
”اکيون وٺڻ“ ٿو چئجي. لاش جون اکيون کليل رهڻ اسان
وٽ برويه سمجهيو ٿو وڃي. اسان ائين به چوندا آهيون
ته ”اک ٻوٽ ته پتو پوي-“ اکين ٻوٽن مان مطلب آهي
مري وڃڻ. اسان وٽ ”اکيون پورڻ، به مري وڃڻ جي
معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. نظر ائين ٿو اچي ته، ٻوليءَ جي
هنن شاهدين پٽاندر، اسان ائين ٿا سمجهون ته روح ڄڻ
روشنيءَ ۽ تحرڪ جيان اکين ۾ رهي ٿو ۽ جڏهن روح
هليو وڃي ته پوءِ اکيون ٻوٽيل يا بند ٿيل هئڻ
گهرجن. ٿي سگهي ٿو ته مردي جي اکين جي کلئي رهڻ
مان ڪنهن قسم جو ڊپ به ٿيندو هجي. يا وري ڪا
نفسياتي ڪيفيت معلوم ٿيندي هجي. پر وات جي کلئي
رهڻ مان ته ڊپ جو امڪان به گهٽ آهي، ۽ جڏهن اسان
مردي جو وات بند ڪريون ٿا تڏهن اسان ويساهه طور
اهو ٿا ظاهر ڪريون ته ساهه نڙيءَ مان لنگهي نڪتو
آهي، ان ڪري هاڻي وات بند هئڻ گهرجي. مرڻ کان پوءِ
مردي جو رت خشڪ ٿي ٿو وڃي، ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن
حالت ۾ مردي جي ڪنهن عضوي مان رت وهندو نظر ايندو،
ته اسان ويساهه طور ائين سمجهنداسون ته ڄڻ هو
جيئرو آهي. ”رت سڪي وڃڻ“ مان مطلب اهو ٿو ورتو وڃي
ته ماڻهو مري چڪو آهي. خوف يا ڪنهن ٻيءَ حالت ۾
ماڻهوءَ جي چرپر بند ٿي وڃي، ته چئون ته ”رت ئي
سڪي ويو اٿس.“
هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي ٻولي اسان جي انهيءَ ويساهه جي
نمائندگي يا ترجماني ٿي ڪري ته اسان نڙيءَ، رت ۽
اکين لاءِ ائين ٿا سمجهون ته ڄڻ ساهه انهن ئي مان
ڪنهن ۾ يا انهن سڀني ۾ رهي ٿو.
اهڙيون ڪهاڻيون عام آهي، جن ۾ چيو ويو هجي ته رات فلاڻي کي مون
خواب ۾ ڏٺو هو، يا رات فلاڻيءَ جو روح هن يا هن
روپ ۾ مون سان مليو آهي. يا قبر مان فلاڻي جو جسم
هيترو يا هيترو ٻاهر نڪتل نظر آيو هو. هن قسم جا
گمان هن ڪري آهن، جو اسان جي يادگيريءَ وارو عڪس
مري ويل جي جسم جون جدا جدا صورتون پاڻ وٽ رکي ٿو،
يعني هڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ اسان وٽ گهڻائي
يادگيريءَ وارا عڪس موجود رهن ٿا.
اسان جو هڪڙو ويساهه آهي ته ماڻهو پوريو به اتي ويندو، جتان
پيدا ٿيو آهي. ان ڪري اسان چئون: ”جتي هوندو مٽيءَ
جو پنوڙو“. اسان وٽ مقام گهڻو ڪري ڳوٺن جي ڀرسان
آهن، پر ڪن حالتن ۾ ته بلڪل ڳوٺن ۾ ئي قبرون موجود
آهن. گهڻو ڪري اهي ئي مقبرا زيارت گاهه بڻيا آهن
جيڪي ڳوٺن جي ڀرسان هوندا آهن. هنن ڳالهين مان
معلوم ٿو ٿئي ته سماجي طور تي اسان مئي ماڻهوءَ کي
پنهنجي ڀرسان ائين ڏسڻ ٿا گهرون، جيئن هو زندگيءَ
واريءَ حالت ۾ اسان جي ڀرسان هو.
زنده ماڻهو اڪثر انهن وقتن يا گهڙين جو ذڪر ڪندو آهي، جن ۾ هن
جي اڳيان ڪي ڏکيايون اينديون آهن. تڪليفن مان
ڪاميابيءَ سان نڪري وڃڻ کي چئبو ته ”لنگهي پار
پيس.“ ”لنگهي پار پوڻ“ وارو تصور اسان وٽ مردي
لاءِ به موجود آهي. اسان جو ويساهه آهي ته هر شخص
کي انهيءَ پل تان لنگهي پار پوڻو آهي، جيڪا تلوار
کان تکي ۽ وار کان به سنهين آهي.
دفن ڪفن کان پوءِ جڏهن ڪنهن لاش جو ذڪر ڪندا آهيون، يا فوتيءَ
جو ذڪر ڪندا آهيون، ته چوندا آهيون ته ”خدا بهشت
نصيب ڪريس، اهو هليو ويو آهي، اسان جو پنڌ به
اوڏانهن آهي، دم تي ڀروسو ناهي، موت ۽ ملاقات
اوچتي آهي، اک ٻوٽ ته الله توهار، ساهه پرائو آهي،
موت جي مهل ئي ڪانهي، موت مٿي تي آهي، موت ڪنهن جو
يار ناهي.“ هن طرح معلوم ٿو ٿئي ته اسان سماجي طور
تي موت جي لاءِ هر وقت تيار آهيون ۽ موت کي اٽل ٿا
سمجهون.
سنڌي سماج ۾ زندگيءَ يا موت جي باري ۾ اسان جا تصور گهڻو ڪري
مذهب يا اخلاقي نظام جي بنيادن تي به قائم ٿيا
آهن- جن ڪلمو پڙهيو سي بهشت ۾ ويندا، عمل ڇڏائيندا
پنهنجا، جهڙي نيت تهڙي مراد، ڪو ڪنهن سان ساڻ ڪونه
هلندو، اڳتي حساب ڪتاب ٿيڻو آهي، لکيو ڏيڻو آهي،
ڇٽل روح آهي بهشت ۾ ويندو. اسان وٽ اعتقادن پٽاندر
بهشت توڙي دوزخ ۾ درجا سمجهيا ٿا وڃن. ”درجن“
(Classes)
جي تصورن مان اهو ٿو معلوم ٿئي ته اسان جي سماجي
زندگيءَ جي غيربرابر هئڻ وارو تصور مئي کان پوءِ
به قائم رهي ٿو. قانون آهي ته ”جيترو وڌيڪ ڪو سماج
هيسيل ۽ دٻايل هوندو، اوترو ان وٽ سزا جو تصور
وڌيڪ تيز ۽ پختو هوندو.“
روايت ۾ ائين به آهي ته ”بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو“ يا ”عشق شرع ڇا
لڳي لڳي، او قاضيا!“ پر هي مسلڪ عوامي طور تي اڀري
نه سگهيو آهي.
عام طور تي شاهوڪار ماڻهو قبرون پڪيون ٿا ٻڌائين. مٿن کان
تختيون لڳن ٿيون، ڪن اميرن جي قبرن تي قبا به ٺهن
ٿا، قبن سان لڳو لڳ باغ باغيچا به ٿين ٿا. تمام
وڏيءَ ۽ ايراضيء ۾ هي مقبرا شان و شوڪت سان قائم
رهن ٿا. پر مسڪين ماڻهو ڪچيءَ قبر ۾ رکيا آهن- نه
گل، نه هار، نه ورسي، نه وڻ ۽ نه قرآن خواني. هن
قسم جي طبقاتي تفاوت مان معلوم ٿو ٿئي ته سماجي
درجيبندي، جا اسان وٽ زندگيءَ ۾ موجود آهي، تنهن
کي اسان مئي کان پوءِ به سلامت رکون ٿا. امير چاهي
ٿو ته هن جي مٿانهين سماجي حيثيت هن جي مئي کان
پوءِ به قائم رهي ۽ عام ماڻهو ان جي انهيءَ حيثيت
کي قبول ڪري. قبن کي اسان جي سماج ۾ قبول ڪيو ويو
آهي ۽ درگاهن جي مٿانهينءَ حيثيت کي به قبول ڪيو
ويو آهي. انهن قبن تي ميلا لڳن ٿا، انهن قبن تي
سونيون نيلون چڙهن ٿيون، انهن قبن جا دروازا سونا
ٺهن ٿا ۽ انهن قبرن تي انهتائي مهانگي ڪپڙي جا پڙ
پون ٿا. هن طرح اسان جي سماج ۾ ڪريسٽ جو تصور ان
حالت ۾ به قائم رهي ٿو، جنهن حالت ۾ ڪريسٽ واري
شخصيت دفن ٿيل آهي. عام ماڻهو انهيءَ ڪريسٽ کي اڄ
سوڌو چئلينج ڪري نه سگهيو آهي. سياستدان ان جو
فائدو وٺي رهيو آهي. عالم به غنيمت ۽ عافيت ٿو
سمجهي. اهڙيءَ ريت مئي ماڻهوءَ لاءِ ڪريسٽ جو تصور
پاڻ هاڻي سرڪاري محفلن ۾ ۽ رسومات ۾ قائم ٿي رهيو
آهي، سياستدان مقبرن تي دعائون گهرڻ وڃي ٿو ۽ ميلن
۾ جلسا ڪري ٿو، ٻاهرين ماڻهن کان قبرن تي گلن جا
هار رکرائي ٿو ۽ ورسيون ملهائڻ ۾ عوام کي همتائي
ٿو، قبن تي يا درگاهن تي راڳ ۽ ناچ جون مجلسون
ڪرائي ٿو، ميلن وارن ڏينهن تي عام موڪل جو اعلان
ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت اسان جو پراڻو سماج وڌيڪ پراڻو
ٿيندو ٿو وڃي. پراڻيون روايتون وڌيڪ پختيون
ٿينديون ٿيون وڃن.
عقيدو وار ڀر انهن ڳالهين کان منع ڪونه ٿو ڪري، سياست انهن
ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ٿي چاهي. ان ڪري سماج انهن
ڳالهين جي حفاظت ڪري ٿو.
مٿي اسان مٽي (ڀنجوءَ) وارڻ، ۽ مٽيءَ جي پنوڙي جو ذڪر ڪيو آهي.
قبر به مٽيءَ ۾ ٺهي ٿي ۽ انسان جي لاءِ به چئون ٿا
ته اهي مٽيءَ مان ٺهيو آهي. ان ڪري ”پورڻ“ کي اسان
”مٽيءَ سان ملائڻ“ چوندا آهيون. ان ڪري ڏسجي ٿو ته
”زمين“ کي اسان جي سماج ۾ ويجهي ۾ ويجهو تصور مليو
آهي. مٽيءَ ۽ ڌرتيءَ کي سنڌي سماج ۾ هڪ ئي معنيٰ
حاصل آهي. اِئين ڌرتيءَ جو هڪ مذهبي تصور به موجود
آهي.
وري، ڌرتيءَ تي زلزلا ايندا، اها هلڪي ٿي پوندي، ڌرتي ڇڪجي
سوڙهي ٿي پوندي، اسان ڌرتيءَ مان اٿاريا
وينداسيون، سزا ۽ جزا به هٿ ڌرتيءَ تي ملندي،
قيامت به هن ڌرتيءَ تي ٿيندي. هي سڀ ڪجهه اسان وٽ
مذهبي ٻوليءَ ۾ به بيان ٿي چڪو آهي.(14)
سو معلوم ٿئي ٿو ته انسان ۽ ڌرتيءَ جو تعلق ازلي ۽ ابدي آهي.
اهڙيءَ ريت روح جو تصور به اسان وٽ اهڙو آ جهڙو
زمين جو. رڳو ڌرتيءَ ۾ ڪن ڪيميائي تبديلين اچڻ جي
شهادت ملي ٿي. سو ڌرتي انسان جو پهريون ساٿي آ،
ڌرتي انسان جو پويون ساٿي آ، افلاطون به مڃي ٿو ته
ڌرتي انسان جي ماءُ آ. (15)
مذهب به مڃي ٿو ته انسان مٽيءَ مان پيدا ٿيو آ، سائنس کي انهيءَ
ڳالهه تي ڪو وڏو اعتراض ڪونهي. اهڙيءَ ريت موت ۽
زندگيءَ جي سوال جو وڏو تعلق خود زمين جي ڌرتيءَ،
”الارض“، سان آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي سماج ۾
زمين جو تصور تمام مضبوط تصور آهي ۽ فنا ٿي نه ٿو
سگهي.
22- ارهه زورائي
ڏاڍ مڙسيءَ ۽ ارهه زورائيءَ جو اسان وارو تصور ٻين سماجن جي
تصور کان گهڻو نرالو آهي. اسان جو ڏاڍو مڙس ڏهيسر
(ڏهن مٿن وارو) ٿو سڏجي. اسان چوندا آهيون ته ڏاڍي
جي لٺ کي ٻه مٿا جيڏانهن کوڙ تيڏانهن کپي، ڏاڍي
جون ’ڍڪيون به ’سئائون، ڏاڍن جا گابا به ’ڍڪا،
جنهن جو مَنهَن تنهن جي ماني، جنهن جو مَنهَن تنهن
جو فيصلو، جنهن جو تڏو تنهن جو فيصلو، ننهن کي نو
ڪوٽ، سهڙ جئگهان ٽي چوٿون پڇ، ”جنهن کي ڪوٺين تنهن
سان سينو ڪهڙو ساهين“، وغيره.
اهڙيءَ ريت ڏٺو ويندو ته وڌيڪ شڪايت انهيءَ ارهه زورائيءَ جي آ،
جيڪا انڌي آ ۽ ڪنهن به اخلاقي ۽ قانوني جواز کان
سواءِ ان جو زور سماج ۾ وڏيءَ آفت جيان موجود آهي.
هن طرح اسان جي سماج ۾ ارهه زورائيءَ جو وڏو سبب
عدل ۽ انصاف جو فقدان آهي.
23- ڳوٺاڻي زندگيءَ جي رس رهاڻ:
هن باري ۾ اسان لوڪ ادب تي لکندي اهو ڄاڻايو آهي ته ڳوٺاڻي
زندگيءَ جي رس رهاڻ ۾ وڏو حصو اسان جي لوڪ ادبي
صنفن جو آهي. هت اسان ادبي مضمون کي ڇڏي، ڳوٺاڻي
زندگيءَ جي انهيءَ ٻوليءَ تي بحث ڪنداسون، جنهن ۾
اسان جي سماج جي زندگيءَ جو تمام وڏو مواد موجود
آهي.
واقعات
باهه لڳي ته چئون-
پيڙهه به بچي، ڪک نه بچيو، خدا حقون به رکي ناحقون به رکي پر
باهه جو ساڙيو ۽ چور جو ڦريو سڃو ٿيندو، باهه ڪنهن
جو منهن ڪونه ٿي ڏسي، سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ٿا
وڃن، مون ته رڳو تيلڙي ڏني ۽ پاڻ ئي ٻري ويو،
وغيره وغيره.
ٻوڏ اچي ته چئون-
ڪپڙن جي مٿون آيو، لاٿي لڻي سڀ هڪ ڪيون آيو، پن ٻوڙين پاتال ۾
پاهڻ تارين تون، ٻوڏ جو ٻوڏ به مئو، پاڻي پهرين
پرهين آهي، اڄ چاڙهه آهي، پاڻي ڄاڻ لٿو، وڙهسان
وڙهسان ڪندو اچي، وغيره وغيره.
شاديءَ جي موقعي تي چئون-
خدا شل جڳ جون پڄائي، مراد جي مٺائي آ، خدا شل هر جهان کي
اميدون ڏيکاري وغيره. اهڙيءَ ريت شادي کي اسان
اميد، آس، مراد، شادماني ۽ خوشي سمجهندا آهيون.
سڱ گهرڻو هجي ته چئون-
ڇڪي چوندو سانس ته پٽ هتي ٿي بيهه، تون ڪو اسان کان مٿون ڪونه
لٿون آهين، سڱ آهن سهيندن جا، گهوڙي ڪن برابر آهن،
ڦلن مٺ يا پيٽ يا سڱ- جيئن چوين، جنهن جو تڏو تنهن
جي ڳالهه.
وچ وارو چوندو: چونداسون سچ، سچ ته بيٺو نچ، سچ چوندي مرچون لڳن
ته پيون لڳن، ڳالهه ڪبي الله لڳ سوٽو کڻبو ڀاءَ
لڳ، ڀائر ڀائرن جو مٽ آهن، چڱيء ۾ الله به راضي آ،
مهل مڙسن کان ٿيندي، لنگهي ٿا هلونس مڙس هوندو ته
ويل نه وڃائيندو، هن تي به نياڻي جو بار آ، دل من
پڇو اڳ ۾ ٽل ڪيو، ڳوٺ ماربي ڳڻ سان، مائٽي ڪبي آ
ڪوٺي چڙهئين، مائٽيءَ ۾ ڳالهائبو چٻي چٿي، ڳالهه
ڪبي چٽي جنهن ۾ کڙو نه ڪو مٽي، وغيره.
ڌيءَ جو پيءَ چوندو: نياڻيء جي ماني بادشاهن وٽ به ڪانهي،
منهنجو پلاند حاضر آ، منهنجي جهولي حاضر آ، هن جي
هٿ ۾ منهنجي ڳچيءَ ۾، منهنجون اکيون ٿڌيون، ڀلا
جيڪا چئن چڱن کي وڻي آئي، وغيره.
حال احوال ڏبا ته چئبو-
احوال خير جا، سڀڪو پنهنجي ڪم ڪار سان، ڪڙمي ماڻهو، مزور
پورهيت، سارو سال هڻ هڻان، نه کٽي نه جند ڇٽي، ڇا
سيارو ڇا اونهارو، جهنگ ئي جهنگ، اهي احوال ادي
کي؛ ٻوڏ واري سال دائوءَ جي ڀاڻن تي گڏ هئاسون،
ڪڻڪ جو ٻارو اچي ڳوٺ ڪاهيوسون، تن ڏينهن مون وٽ
ٻئي ڏٻا هئا (ڏٻو ڏاند- سڱن جي حساب سان ڏاند جو
هڪڙو قسم آ)، اهي احوال ادي کي؛ پوءِ جيڪو نصيب
هو، گنج ٿي پيا، ساوڻي به چڱي ٿي، ڇوڪرو الله ڪيو
جوان ٿي پيو آ، ڏاتي جي ماءُ چيو ميان حياتي الائي
ڇاهي مون کي اميد ڏيکار، لنگهي وياسون پار، مائٽن
کي ڇڪيوسون، بکئي کي ڏئي ڪونه سائوءَ کي سهي ڪونه،
وٺي ڪيائون ”نه مان نه مان“، اهي احوال ادي کي؛
پروڪي سال فصل جو حال ڪونه هو، وري الله جي قدرت
ڏاند به مري ويو، ڪاري واءَ هڻي وڌس، بس پوءِ ته
يار لڳاسون پورهئي کي، جوءِ چڱي هئي، مينهون تڳي
پيون، وري ڳئون به ويامي پئي، اهي احوال ادي کي؛
تو وٽ اچڻ جو به خيال ڏاڍو هو پر واند نه ٿي لڳي،
گذرئي سياري وري مائٽن کي به وڻي آئي اسان به چيو
جي بسم الله، انڌو گهري هڪ اک ته هن کي ملن ٻه،
اسان ڇڪيو ته جواب وري پاڻ ساهيائون، خير جو
وهانءُ به ڪيوسون، اهي احوال ادي کي؛ هن سال مٽرن
جو اگهه ڪري پيو، وري چڻن جا پئسا چار آيا، ڏئي
وٺي جند ڇڏائيسون، ادا ڏيڻو لهڻي کي نه پڄي پر
منهن ڏيڻو آ، ڇوڪر جو پڙ باسيل هو پير شير تي، زال
کي چيم ٻيلي اک ڪاڻي ٿي ٿئي هن سال ڏئي ٿا ڇڏايون،
پاٽ ڪٽيء جي ۽ دنبو ۽ پڙ ڏئي جان ڇڏائينداسون، اهي
احوال ادي کي؛ اڄ صبح جو ڇوڪرو ويو هرن تي ته مان
وري چيو ته ڪانن جو گڏو ڪري وٺان، اجهو هاڻي
تنهنجي اڳيان مان به اڃا اچي ويٺس ته سڏ ٿيو، توتي
نظر پئي، تنهنجي پيرين لڳاسون، ٻيو خير.
جواب ۾ چئبو: گهرجي به خير. وري پوءِ اها ئي خوش خير عافيت-
ادا، خوش چڱو ڀلو، ٻار ٻچا، سنگت ڪچهري، ڏڌ پٽ،
مال رزق، يار دوست، ٻيو خير.........
منٿ ڪبي ته چئبو-
قسم اٿئي الله جو، واسطو اٿئي رب جو، پيرين ٿو پوانءِ، منٿون ٿو
ڪيانءِ، ٻانهون ٿو ٻڌانءِ، پٽڪو ٿي پيرن تي، هيءَ
ميڙ ٿي، ڀلائي ڪر، ٿورو ڪر.
دعا ڪبي ته چئبو-
گنج ٿيندوءِ، وڌون وڌ هوندين، کائيندين اوباريندي، ڪوسو واءَ نه
لڳندوءِ، وار ونگو نه ٿيندوءِ، جڙيو هوندين، الله
وڌائيندوءِ، سدا سلامت هوندي، خوش بهار هوندي، خوش
رهو آباد هجو، بلي بلي هجو.
قضئي تي ويهبو ته چئبو-
بلي بلي ير مڙس هو، ويو پنهنجو وارو وڄائي، جيڪو ويو سو نه
موٽيو، پنهنجو ساهه به پرائو آ، هڪ ڏينهن هلڻو آ،
موت ملاقات قسمتي، ڪرڙو ڏينهن آ، دنيا فاني آ، وڃي
رهندي ذات رب جي، فاني ڙي فاني، دنيا رڳو اکين جو
ڍءُ آ، ڪجهه ڪم نه ايندو، اڪيلو اچبو اڪيلو وڃبو،
سکڻي آڪڙ آ، آخر ٻه هٿ ڪفن جا، مٽيءُ جو پنوڙو به
يا نصيب، ڪير ٿو ڪنهن سان هلي، رئڻ سان ڪو موٽي
آيو آ! مئا ٿيا وڃي جيئرن هٿ، اچو ته پرائي امانت
پهچائي اچون.
اهڙيءَ ريت عام ڳالهه ٻولهه وسيلي اسان پنهنجي سماج جي تاريخ يا
پنهنجي سماج جي سچي نفسيات کوليندا ويندا آهيون.
اسان جا نظريا، اسان جا آدرش، اسان جا ڀروسا، اسان
جون اميدون، اسان جو مذهب، اسان جو سمهڻ اٿڻ، پرچڻ
وڙهڻ، پرڻجڻ، رسڻ ۽ ڀڄڻ- سڀ اسان جي ٻوليءَ ۾
موجود آهن. سنڌي ماڻهوءَ ۽ ٻولي- هر ڳالهائيندو
وڃي ۽ سماجي نفيسات جو عالم لکندو وڃي، اقتصاديات
جو عالم سمجهندو وڃي، مذهبن جو عالم پروڙيندو وڃي،
سياستدان پرکيندو وڃي، عادل جج وهڃائيندو وڃي،
سماجيات جو عالم سڀ نوٽ ڪندو وڃي: اها آهي اسان جي
ٻولي ۽ اهي آهيون اسان ماڻهو.
24- رمز:
رمز اسان جي ٻوليءَ جو نهايت ئي نازڪ طريقو آهي. رمز اڻ سڌي
اظهار کي چئجي ٿو، پر اهو اظهار وڏيءَ طاقت وارو
به ٿئي ٿو. رمز سان ڳالهائڻ يا رمز رکي ڳالهائڻ
وڏو هنر آهي. اهو هنر اسان مان تمام ٿورڙا ٿا
ڄاڻن. پر اهو هنر اسان جي عوام ۾ تمام وڏيءَ حد
تائين موجود آهي.
ڪنهن نااميد ڪيو ته چئبو- ”ويندا لڙ لهي، ٿينديون اکيون اکين
جهڙيون“ يعني هڪ ڏينهن وقت ڦري ايندو ۽ اسان هڪٻئي
اڳيان برابريءَ سان اچي بيهنداسون، پوءِ اکين کي
لڄ ٿيندي ۽ اهو جيڪو وقت تي ڪم نه آيو هو سو ڦڪو
ٿيندو ۽ اکيون هيٺ ڪندو. ڏٺو ويندو ته هن طرح رمز
۾ ٿورن لفظن ۾ بهترين اظهار ٿئي ٿو.
رمز کي ”ڪک رکڻ“ به چئجي ٿو ”ڪک رکڻ جي معنيٰ آهي ”لڪائڻ.“ ڪو
ماڻهو بي حيائيءَ جو ڪم ڪري ته اسان چئون ”لڄ
ٿيندي آ اکين کي.“ هن حالت ۾ مقرر لفظن کي ڇڏي،
ساڳيو مطلب ٻين لفظن ۾ ادا ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. فقط
سنڌي ماڻهو ئي سمجهي ٿو سگهي ته ”لڄ ٿيندي آ اکين
کي“ جو مطلب ڇا آهي. هن طرح رمز کي ٻيءَ ٻوليءَ ۾
ترجمو به ڪري نه ٿو سگهجي. ساڳئي اظهار جي لاءِ
چئبو ته ”بي نڪو ڪتو به چڱو ناهي“، ”بي پتو ڪتو به
چڱو ناهي“، ”بي لڄو ڪتو به چڱو ناهي“- نڪ، پتو، اک
۽ لڄ سڀ هت رمز جي معنيٰ جا لفظ آهن. رمز اک سان
به ادا ٿئي ٿي. ميڇ هن قسم جو هڪ اشارو آهي، جنهن
مان فقط رمز ئي معلوم ٿئي ٿي.
رمز کي مهميز جي لاءِ به ڪم آڻجي ٿو. مهميز به رمز ئي آهي، پر
ان ۾ ڪجهه دٻاء جو اظهار ٿئي ٿو. رمز ۾ ٻوليءَ جو
اهڃاڻ ڪم اچي ٿو.
25- پيار محبت:
سنڌي سماج ۾ پيار ڪرڻ جا طريقا تمام گهڻا ۽ تمام لطيف آهن. پيار
هٿن سان به ڪجي ٿو، اکين سان به ڪجي ٿو، آوازن
رستي به ڪجي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ چپن سان به ڪجي ٿو.
هٿن سان پيار ڪرڻ لاءِ اشارن ۽ ڇهڻ جا طريقا ڪم
اچن ٿا، انهن ۾ ٿڦڪي، ٿڌڙا، چهنڊي، ۽ آڱرين سان
ڇهڻ جا ٻيا نمونا به عام طور تي ڪم اچن ٿا. پيار
ڳو اکين سان به ادا ٿئي ٿو، اک به اظهار جو نفيس
ترين حيلو آهي. سڀني سماجن ۾ اکين جي وسيلي اظهار
ٿئي ٿو. نظر نظر ۾ ڦير آ، اک اک جو ڦير آ، اکين ۾
جاءِ ڏيڻ، اکين ۾ وهارڻ، اکين تي رکڻ، اکيون ٺارڻ،
اکيون ٿڌڪيون ڪرڻ- هڪ طرف کان ٻوليءَ جا نمونا آهن
ته ٻئي طرف اهي ئي ڳالهيون عملي طور تي پيار جي
اظهار جو وسيلو بڻجن ٿيون. هڪڙي نظر اها آهي جنهن
مان معلوم ٿو ٿئي ته اکيون ٺري پيون آهن. مختلف
طريقن سان نهارڻ وڏو فن به آهي پر اهي طريقا
سڀاويڪ به آهن. هنن طريقن جو تعلق جذبات سان آهي.
جذبات جو اظهار رمز ڀرين آوازن
(Pure Sounds)
جي مدد سان به ڪري ٿو سگهجي.
ٻوليءَ ۾ اکين، سيني، دل ۽ جگر، ۽ هانءَ تي ٻڌل محاورا پيار ۽
محبت جي اظهار لاءِ ڪم اچن ٿا.
سينو ٺرڻ، سينو ٿڌو ٿيڻ، سينو ٺارڻ، دل ۾ جاءِ وٺڻ، دل ۾ گهر
ڪرڻ، دل تي ڌاڪو ڄمائڻ، دل تي وار ڪرڻ، جگر جو
ٽڪرو هئڻ، جيرو جلائڻ، جيرو ڪباب ڪرڻ، ۽ ٻيا اهڙا
محاورا اسان جي انهيءَ جذباتي زندگيءَ سان تعلق
رکن ٿا، جنهن ۾ پيار ۽ محبت جو وڏو حصو وجود آهي.
يار، جاني، مٺو، سڄڻ، سائين، ساهه جو سائين، دل، من، ڍول، ڍوليو
۽ سر جو سائين- هي سڀ لفظ پيار ۽ محبت جي باري ۾
ڪم اچن ٿا. محبت جي لاءِ پريت، پريتڻو، اڪنڍ يا
اڪير کان سواءِ دل جي ڇڪ، اندر جو اڌمو ۽ ٻيا ڪي
اهڙا لفظ ۽ محاورا ۽ اصطلاح ڪم اچن ٿا. محبت جو
اظهار سنڌي سماج ۾ کليو کلايو ڪيو نٿو وڃي. شاعرن
هي انداز اختيار ته ڪيو آهي، پر ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾
سنڌ ۾ هي اظهار وڌيڪ ذميواريء سان ٿئي ٿو. هن قسم
جي ذميواري اسان جي آداب سان تعلق رکي ٿي.
اهڙيءَ ريت اسان جي ٻولي اسان جي سماج جي ڪيترن ئي گرن، رازن،
رمزن، لاڙن ۽ رغبتن جو هڪ نقشو ۽ هڪ تاريخ آهي،
جنهن جي آڌار تي سنڌي سماج جي سچي تصوير چٽي ۽ ڏسي
سگهجي ٿي.
ضميمو
1- ”تفسير ڪوثر“ جا لفظ هي آهن:
”۽ جڏهن زمين ڇڪي ٿي ۽ ڪڍي ڇڏي سو جيڪي آهي منجهس ۽ خالي ٿي رهي
۽ سڻي رب جو حڪم، جو اوءَ لائق آهي حڪم سڻڻ جي.“
2- ”ڪنا زمين خلقيوسون اوهان کي ۽ منجهه انهيءَ زمين موٽايا
ٿينداسون اوهان کي ۽ ڪنا انهيءَ زمين ڪڍنداسون
اوهان کي ٻيو ڀيرو.“
3- ”ابن ڪثير“ جي عبارت هيءَ آهي (ترجمو):
انهيءَ ئي زمين مان اسان توهان کي پيدا فرمايو ۽ توهان جي ابتدا
به انهيءَ مان آهي. ڇو ته توهان جي پيءُ حضرت آدم
جي پيدائش به انهيءَ مان ئي ٿي هئي. انهيءَ ڏانهن
ئي توهان سڀني کي موٽڻو آهي. مرڻ کان پوءِ انهيءَ
زمين ۾ دفن ٿيڻو آهي. انهيءَ زمين مان قيامت جي
ڏينهن توهان کي اٿاريو ويندو اسان جي سڏ تي، اسان
جون تعريفون ڪندا اٿندو- ۽ توهان کي پڪ آهي ته
توهان تمام ٿورو وقت زندهه رهيا آهيو (يا زمين ۾
هميشہ).
4- ”تفهيم القرآن“ جي عبارت هيءَ آهي:
هر انسان کي لازمي طور ٽن مرحلن مان نڪرڻو آهي- هڪڙو مرحلو
پيدائش کان وٺي موت تائين واري عرصي جو، ته ٻيو
مرحلو موت کان وٺي قيامت تائين واري عرصي جو، ٽيون
مرحلو واري ڏينهن ٻيهر زندهه هئڻ کانپوءِ واري
عرصي جو آهي- هي ٽيئي مرحلا هن آيت ڪريما مطابق هن
ئي زمين تي گذارڻا آهن.
حوالا
Burke Kenneth: “The Philosophy of Literary
From”, Vintage Books, New York, (a bridged and
revised edition), 1957, p. 256.
Advani Kewal Ram: “Gul Shakar”. Sindhi Adabi
Board, Hyd:
Sind, 1958.
Thankur, U. T. “Sindhi Culture”. University of
Bombay Publication, Sociology: cal Sciences No.
9,
Bombay
Uni: Press, p. 3.
4- نارائڻ ڀارتي: سنڌي لوڪ ڪهاڻيون: لوڪ
ساهتيه پرڪاش، اشوڪ پريس، الهاس ننگر، 1960ع، ص
نمبر 16.
(5) Taylor Edward, B. “Primitive Culture” Vol.
I, London, p. 435.
(6) Boas Frauz: “Race, Language and Culture”,
The Free Press,
New York,
Collier- Mac Millan, limited, London, paper back
edition. 1966. p. 597.
(7) Ibid: p. 598.
(8) Ibid: p. 599.
(9) Ibid: p. 599.
(10) ٻوهيو الهداد: ”شعر جي اڀياس جا نوان
طريقا“ (مضمون)، ٽه ماهي ”مهراڻ، 2- 75، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد سنڌ.
(11) Boas Frauz: “Race, Language and Culture”,
The Free Press, New York, Collier Mac- Millan
limited, London Paper- Back edition, 1966, p.
600.
(12) Ibid: p. 601.
(13) مولانا ابوالاعليٰ مودودي: ”تفهيم القران“
جلد ٽيون، سوره الطلہ، تفسير آيت نمبر 28 ص 99
(14) (الف) شاهه مردان شاهه: ”تفسير ڪوثر” جلد پنجون، سوره
انشقاق، ص 1844
(15) (ب) شاهه مردان شاهه: ”تفسير ڪوثر“ جلد ٽيون، سوره اطہ،
ص 956
(16) (ت) ابن ڪثير: تفسير ابن ڪثير، سوره اطہ، جلد ٽيون، نور
محمد ڪارخانو تجارت، ڪراچي، ص 76
(17) Plato: “Republic” See “The Wolrd famous
Books in Out lines”, Odham’s Press Ltd:
(London), p. 507.
Note:
For general study, see Hershey, E. “Religion and
Future life”, Sneath (N.Y.) 1922. pp. 9- 26)
*** |