سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ مَظهر شاهجهاني

 

صفحو:09  

ٿاڻن تي مقرر ٿيل ماڻھن جي ڀرتي ساڳئي پرڳڻي مان ڪئي وڃي، متان اهي پنھنجي مفاد لاءِ ٻئي هنڌ هليا وڃن ۽ وڳوڙين کي فساد ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي.

رعيت کي جائيتي ڪرڻ لاءِ هن قسم جا جيڪي جتن ڪيا ويندا، انھن ۾ هڪ سال لڳي ويندو. ان کان پوءِ انھي ئي تدبير سان هي ملڪ خدا ڪندو ته ايترو آباد ٿي ويندو، جو بيان ڪري نه ٿو سگهجي (388-1). هن وقت ٿاڻن تي مقرر ڪيل ماڻھن سان وڌيڪ رعايتون عمل ۾ آڻڻيون پونديون.

سن جو قصبو:

هي سيوهڻ کان ارڙهن ڪوهن تي آهي، جبل هتان ستن ڪوهن تي ٿيندو. سن کان پنج ڪوهه پري ٺٽي جي طرف ڏانھن هڪ جبل آهي، جنھن تي حضرت خواجه اويس قرني جي مزار پئي ٻڌجي، جتي سندس والده جي مزار به آهي. هيءَ جاءِ اويس قرنيءَ جي نظرگاهه به ڪوٺجي ٿي. صبح جي موقعي تي جبل ۽ ٻين پاسن کان حشام ماڻھن جا زيارت لاءِ هتي ويندا رهن ٿا.

سيوهڻ جي جاگيردار کي کپي ته دياهه جي اورينءَ ڀر جيڪي پرڳڻا آهن، انھن کي ڌيان ۾ رکي. ڇهه سؤ چاليهه سوار، ٽي سؤ چاليهه توبچي ۽ تير انداز اَٺن ئي پرڳڻن ۾ مقرر ڪري، پنھنجا ٿاڻا وجهي ڇڏي ۽ رعيت تي هٿ رکي (388-2)، ۽ سميجن انڙن جي سيکت توڙي انھن ٽن پرڳڻن جي سنڀال لاءِ جيڪي انھن نامرادن جي علائقي ۾ آهن، ڪافي تعداد ۾ سوار ۽ توبچي درياهه کان ٽپائي وينجھڙي واري قلعي ۾ رهائي ڇڏي، ۽ وينجھڙي واري ويران ڍنڍ جي پاسن کان پڻ باغ رکائي قلعي کي وڌيڪ محڪم ڪجي. اهڙي طرح جوڻيجا پرڳڻي واري رعيت سان به رعايت ٿيڻ کپي.

لاکاٽ پرڳڻي جا ٻه پاسا هن ريت آهن:

هڪ پاسي لاکا جيڪي پر امن رعيتي آهن، ۽

ٻئي پاسي سميجا چنڊال رهن ٿا.

لاکن بابت اڳ به بيان ڪيو ويو آهي. بختيار بيگ کان وٺي احمد بيگ خان جي زماني تائين هنن کان فصل تي ٽيون حصو ورتو ٿي ويو. ديندار خان جڏهن رعيت کي زبون حالت ۾ ڏٺو ته رعيت ۽ حڪومت جي ڀلائي جي نيت سان (389-1) مٿن چوٿون حصو رکيائين.

بهتر ائين آهي ته هنن لاءِ ساڳيو ديندار خان وارو دستور قائم رکيو وڃي ۽ کانئن هر فصل تي چوٿون حصو اوڳاڙڻ ۾ اچي. سميجن لاءِ به اهو ئي دستور هجي، جيڪو اڳ هو، جيئن بختيار بيگ، مير ابوالقاسم ۽ شمشير خان جي زماني ۾ هنن کان هر فصل تي ٽيون حصو وٺڻ ۾ ٿي آيو. انھي ئي دستور مطابق انھن چنڊالن کان زوري توڙي ماري مڃائي به ٽيون حصو وٺڻ گهرجي.

خطي واري پرڳڻي کان سواءِ حويلي سيوهڻ واري پرڳڻي ۾ به سميجن جي پاسي جيڪا رعيت رهي ٿي، تنھن جي پيداوار جا پنج حصا ڪري، ان مان ٽي حصا رعيت کي ۽ ٻه حصا سرڪار کي ڏيارجن.

جوڻيجن جو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان پندرهن ڪوهن جي پنڌ تي آهي (389-2).

لاکاٽ جو ڳوٺ سيوهڻ کان اٺ ڪوهه ۽ خطي پرڳڻي جو ڳوٺ ٽلٽي کان ٽي ڪوهه پري آهي، انھيءَ سڄي پرڳڻي کي خطو سڏيو وڃي ٿو.

سيوهڻ جو جاگيردار جيڪڏهن پورو هڪ سال وينجھڙي واري علائقي کي پنھنجي نظرداري ۾ رکي ته سميجا انڙ هميشه لاءِ نيست ۽ نابود ٿي وڃن. اهي ٽيئي پرڳڻا جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو، اڳي وانگي آباد ٿي سگهن ٿا. هن طرح ته اهي ماڻھو، جيڪي لاچار حالت ۾ پنھنجا اصلي ماڳ ڇڏي سميجن ۾ وڃي ويٺا آهن، تن کي وري محبت سان نڀاڳن سميجن کان ڪڍي ساڳين جاين تي آندو وڃي. اهڙي طرح خطي، سن، جوڻيجا، لاکاٽ جي پرڳڻي ۽ حويلي سيوهڻ جي ڪن ڳوٺن ڏانھن به جيڪي ماڻھو فرار ٿي چڪا آهن، تن کي به واپس آڻڻ گهرجي. انھن کي سمجهايو وڃي ته سميجن مان ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي. بدبخت هر حالت ۾ اوهان کي انت پريشان ۽ دربدر ڪري ڇڏيندا (390-2).

پڇاڙي ملڪ ۾ پڙهو گهمايو وڃي ته ڪو به سميجو يا سندس زال ۽ مال جنھن کي به هٿ اچي ته، انھيءَ کي نه ڇڏي ان لاءِ رعيت ۽ سپاهه کي پورو اختيار ڏنو وڃي، جاگيردار کي انھي ڳالھه تي پختو رهڻ گهرجي. سميجن تي سدائين چڙهت ۾ رهڻ گهرجي. پوءِ ڏسي سگهبو ته قدرت سميجن سان ڇا ٿي ڪري!، انھي طريقي سان سميجا ته قتل ٿي ويندا پر سندن ٻار ٻچا به قيد ٿي پوندا ۽ سندن مال ملڪيت به تاراڄ ٿي ويندو، جيڪي جيڪي بچندا اهي پاڻهي ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري اچي پيش پوندا ۽ آئيندي لاءِ رعيتي راڄ ٿي رهندا. پنجن سالن اندر هنن جو به اهوئي حشر ٿيندو، جيڪو کانئن اڳ چاڪر هالا واري سرڪار جي شورن، ٻٻرن ۽ دلن جو ٿيو هو، ۽ ماڻھو سندن فتنن فسادن کان بنهه ڇٽي پوندا.

سرڪار نامدار کي اهو فڪر نه ڪرڻ گهرجي ته سيوهڻ جي پيداوار مان ايترن سون توبچين ۽ تيراندازن جي خرچ جي پورائي ڪين ٿي سگهندي
(390-2). جيڪڏهن مٿي بيان ٿيل خاصيتن وارو ڪو شخص سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ٿيو ته ايترو سپاهه رکي، هر سال هزارن کان به مٿي آمدني جي رقم شاهي خزاني ۾ پھچائي سگهندو. سواءِ پھرئين سال جي جيڪو رعيت ۽ لشڪر جي انتظام رکڻ ۾ لڳي ويندو. پنجن سالن کان پوءِ هن ملڪ مان وڳوڙين جو ته خاتمو ٿي ويندو، پر هڪڙي علائقي مان ڏهن علائقن جي آمدني به وڌيڪ پيداوار جي وسيلي ٿي سگهندي. پوءِ ڀلي ان جاگيردار کي ٻئي پاسي بدلي ڪيو وڃي يا هتي کانئس ڪا ٻي خدمت وٺڻ ۾ اچي.

اڻون ٻيلي ۾ جيڪا سرمي جي کاڻ آهي يا ٽامي جي کاڻ جو به اتي ڏس پوي ٿو، تنھن کي سلطنت جي تحويل ۾ آڻي، ٽامو هٿ ڪري انھي مان آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي.

هتي گهورئي هندوءَ جي پٽ ماڻڪ جو مثال پيش ڪجي ٿو، جنھن (391-1) اڪبر بادشاهه توڙي جھانگير جي زماني ۾، رڳو ڳاهن واري هڪڙي پرڳڻي جي هٿ ۾ رکڻ ڪري سيوهڻ جي سرڪار اندر ڪيڏو ڪم ڪري ڏيکاريو هو. اها ماجرا هن ريت آهي.

هن پرڳڻي جا ٻه حصا گهورئي هندو جي جاگير ۾، ۽ هڪ حصو شاهي جاگير ۾ هو. هن اهو حصو به ٺيڪي تي کڻي سڄو پرڳڻو پنھنجي پٽ ماڻڪ جي سنڀال ۾ ڏنو. اهو ذڪر اڳ به اچي چڪو آهي ته هن ڪيئن هتي مناسب تدبيرون عمل ۾ آنديون هيون.

هيءُ ڳاهن ۾ قلعو جوڙائي پاڻ اتي ويهي رهيو. سوين ڪارائتا سوار مغلن ۽ افغانن مان ۽ سوين توبچي ۽ تيرانداز پاڻ وٽ ملازم رکيائين، جن سپاهگري جي فن ۾ سميجن، چانڊين، نومڙين ۽ ٻين وڳوڙين توڙي جابلو فسادين کي جوڳي سيکت ڏئي ڇڏي هئي. بلڪ سبيءَ پاسي رهندڙ مگسي قوم تي چڙهائي ڪري، انھن جو به خانو خراب ڪري ڇڏيائين. (391-2). سندس مرضي هئي ته اڃا به جبل جي اندر وڃي حب واري ڳوٺ ۾ قلعو تيار ڪرائي. ان ۾ ڳاهن واري پرڳڻي جي هر ڳوٺ مان هڪڙي گهر تان هڪ ماڻھو آڻي، اتي رهائي، جيئن اتي پوکي راهي ٿيڻ لڳي. ان لاءِ پوري طرح تيار ٿي، جبل جي وسندين تي چڙهائي ڪرڻ جو منصوبو سٽيائين پر اهو معاملو سر ٿي نه سگهيو. سندس اهي ڳالهيون اڃا سوڌيون سنڌ ۾ مشهور آهن.

هڪ دفعي رعيت مان پنوهرن هن سان سرڪشي ڪئي. سو هيئن ته ڪنھن سواريءَ دوران هن جو چهبڪ هٿن مان ڪري پيو، تنھن تي عيسيٰ نالي پنوهرن جي سردار پنھنجي ماڻھوءَ کي هڪل ڪري چيو ته واڻئي جي تارازي جي ڳني ڪري پئي آهي، سا کيس کڻي ڏيو. هو اهي اکر دل ۾ رکندو آيو. هڪ ڏينھن مهماني جي بهاني پنوهرن جي سردارن کي پاڻ وٽ گهرائي، قيد ڪري، ڳاهن واري قلعي ۾ رکيائين. هنن کي اتي هٿيڪو ڪري پنھنجا سپاهي وٺي وڃي سيڪرجي ڳوٺ تي ڪڙڪيو (392-1)، جتي عيسيٰ پنوهر جو ماڳ هو. مير نالي عيسيٰ پنوهر جي پٽ پنھنجي ماڻھن کي ڏاهه ڏئي ماڻڪ سان مهاڏو اٽڪايو. ٻنهي ۾ زوردار چڪري لڳي. آخر مير قتل ٿي ويو ۽ پنوهرن کي شڪست نصيب ٿي. حالانڪه انھن ڏينھن ۾ اهي پنوهر تمام طاقت وارا هئا، وٽن ست اٺ سؤ سوار ۽ ٻه ٽي هزار پيادا سدائين موجود رهندا ٿي آيا.

انھيءَ کان پوءِ ماڻڪ ڇا ڪيو، جو ذڪر ڪيل مير پنوهر جي منڍي لاهي پڻس عيسيٰ ڏانھن هينءَ چورائي موڪليائين ته، تو جنھن تارازي جي ڳالھه ڪئي هئي، تنھن ۾ هيءَ منڍي وجهي تور! پڇاڙي سپاهگري وارا جيڪي وهٽ هئا، اهي سڀ زرهن، تلوارن ۽ ڍالن سميت کانئن ڏنڊ ۾ ورتائين ۽ ٻيون چٽيون به مٿن وجهي، کين قيد مان ڪڍي ڇڏيائين. تنھن ڏينھن کان پوءِ پنوهرن جو لشڪر سدائين ساڻس گڏ رهندو ٿي آيو. جيئن ته رعيت ۽ سپاهه جو هن سان پورو ساٿ هو، ان ڪري ئي پنوهرن کي اها سيکت اچي وئي.

احمد بيگ (392-2) جو ڇاڪاڻ ته رعيت توڙي لشڪر سان ڪو ٺاهه نه هو، تنھن ڪري هو پنوهرن سان پڄي نه سگهيو، حالانڪ سيوهڻ سرڪار جا ڏهه پرڳڻا ۽ هڪ حصو چانڊڪا پرڳڻي جو به سندس جاگير ۾ هو. جھانگير جي زماني ۾ جڏهن ڳاها پرڳڻو مرزا غازي بيگ ترخان جي جاگير ۾ آيو، ته ماڻڪ واپسيءَ لاءِ شاهي درٻار ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪري اڃا بکر پهتو ته مرزا غازي بيگ قنڌار وڃڻ جي تيارين ۾ هو، جنھن کيس پاڻ وٽ گهرائي سندس دلجوئي ڪري، پنھنجي ملازمت ۾ آڻي، ڳاها پرڳڻو تنخواهه طور کيس جاگير ۾ ڏئي ڇڏيو. ماڻڪ ڏيڍ سؤ جانباز سپاهي ساڻ ڪري مرزا غازي بيگ سان گڏ قنڌار روانو ٿي ويو.

واٽ تي مگسي بلوچن، مرزا غازي بيگ سان لاپرواهي ڪئي ته هن ماڻڪ کي مٿن چڙهائي جو حڪم ڏنو (393-1). هن وڃي مگسين جي ڳوٺن تي حملو ڪيو، جنھن ۾ ڪيئي ماڻھو قتل ٿي ويا.  آخر انھن جا ڍور ڍڳا جن جو ڪو شمار ئي نه هو، مرزا غازي بيگ وٽ آڻي پيش ڪيائين. وري مرزا غازي بيگ جڏهن قنڌار پهتو ته داور جي ايراضي وارو ٿاڻو ماڻڪ جي حوالي ڪيائين، جنھن حيدر سان چڱيون چڪريون ڏنيون ۽ نيٺ ڪيترين چڪرين کان پوءِ هن کي شڪست ڏئي سوڀارو ٿيو. اهڙي ريت هزاري جي ماڻھن تي چڙهائي ڪري، انھن کي به پنھنجو مطيع بنايائين. آخرڪار نوڪدر قوم جو سردار روشن سلطان گهوڙا، شڪاري لباس، باز ۽ شڪاري پرندا تحفي طور آڻي، هن وٽ پيش پيو.

تنھن کان پوءِ مرزا غازي بيگ ٺٽي جي حڪومت خسرو بيگ کان واپس ڪرائي، سائين ڏني نالي هڪ هندوءَ کي ڏياري ۽ نصرپور جي سرڪار واري حڪومت قاسم خان ارغون جي پٽن کان ڦيرائي پنھنجي خدمت گار شهباز خان جي حوالي ڪيائين، جنھن جو ذڪر اڳ ۾ به اچي چڪو آهي. باقي ماڻڪ کي پاڻ وٽ فوجدار ڪري رکيائين (393-3). هو سائين ڏني ۽ شهباز خان سان گڏجي لشڪر جو وڏو تعداد ساڻ ڪري نصرپور آيو، ۽ اتان جو قلعو قاسم خان ارغون جي پٽن کان خالي ڪرائي شهباز خان کي ڏنائين.

خسرو بيگ، قاسم خان ارغون جي پٽن سان ملي، سازش ڪئي ته ماڻڪ هن سڄي ٽولي جو اڳواڻ آهي، ان کي ڪنھن به حيلي سان قتل ڪرڻ کپي، باقي ٻين جي ڪا به حيثيت ناهي. قاسم خان ارغون جي پٽ فتحيءَ اهو ذمو پاڻ تي کنيو ۽ ماڻڪ کي مهماني جي بهاني پنھنجي جاءِ تي گهرائي قتل ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ جندائي نالي فتحي جو وڏو ڀاءُ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، هاٿيءَ تي چڙهي ماڻڪ جي ماڳ تي آيو. شهباز خان ۽ سائين ڏنو هندو نصرپور جي قلعي جا دروازا مضبوطي سان بند ڪري اندر ويهي رهيا. ايتري ۾ ماڻڪ جي پٽ راءِ سنگهه پنھنجي پيءُ جا لشڪري وٺي جندائي سان جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏنائين (394-1). انھيءَ جنگ ۾ جندائي جي پاسي کان ڪيئي ماڻھو مارجي ويا. راءِ سنگهه هاٿي هٿ ڪري شهباز خان کي ڏنو. قاسم خان ارغون جو ڄاٽو شير بيگ به ٻين سان گڏ قتل ٿي ويو.(1) ماڻڪ جو پٽ پوءِ جندائي جي ديري تي ڪاهي ويو، جو نصرپور کان پنجن ڇهن ڪوهن جي فاصلي تي هو ۽ ديري مان جيڪو به مال متاع کيس هٿ لڳو سڀ تاراج ڪري ڇڏيائين.(2)

اهڙي ريت ماڻڪ رڳو هڪڙي پرڳڻي جي طاقت سان وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. والله اَعلمۡ بالصّواب

 


 

 

رُڪن ٻيون

چانڊين بلوچن کي زير ڪرڻ بابت

 

هنن ماڻھن لاءِ باغبانن جي پرڳڻي وارو ٿاڻيدار چڱي طرح بندوبست ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن کين پنھنجن ماڳن تي رهڻ ڏنو وڃي ته هي به ٻيءَ رعيت وانگي ڍل ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائيندا. ساڳئي وقت وڳوڙن کان به پاسو ڪري رهندا. ٻي حالت ۾ ٿاڻيدار کي بر وقت مٿن چڙهائي ڪري کين اهڙي سيکت ڏيڻ کپي جيئن ٻيا ماڻھو ان مان عبرت حاصل ڪن. اهي جيڪڏهن هي ملڪ ڇڏي اصلي وٿاڻن سبي ۽ گنجابي طرف هليا وڃن ته، اتي جا ماڻھو  (394-2) (جيڪي سدائين سندن دشمن آهن) انھن کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيندا.

والله اعلم بِالصّواب

 


 

 

رُڪن ٽيون

نومڙين کي مت ڏيڻ بابت

 

هنن کي ٻن طريقن سان مات ڪري سگهجي ٿو:

1-  جيئن مٿي ڄاڻايو ويو، هنن وٽ ماڻھن جي گهڻائي آهي ۽ منجهن هرڪو وڙهي ڄاڻي ٿو. ڪنھن چواڻي: انسان احسان جو غلام آهي. سو هتان جي سردارن لاءِ سيوهڻ جي جاگيردار کي گهرجي ته کين دم دلاسو ڏئي شاهي درٻار ڏانھن روانو ڪري، جيئن هرڪو اتان پنھنجي منصب مطابق سرفراز ٿي اچي. انھن سردارن کي چاڪر هالا سرڪار ۾ جاگيرون ڏيايون وڃن، يا وري سن پرڳڻي ۾ جيئن هو جاگيري جو مزو وٺي سرڪار جي چڱي تابيعداري ڏانھن (395-1) مائل ٿين. ان ريت هو چڱيون خدمتون سرانجام ڏيندا رهندا. اهي جابلو ماڻھو جيڪي ڇڙواڳ رهي ملڪ ڀيليندا وتن ٿا، تن کي انھن سردارن هٿان سيوهڻ جي حاڪم وٽ رجوع ڪرايو وڃي، جيڪو مٿن ڍل مقرر ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪندو رهي. اهي ماڻھو قنڌار يا ڪيچ مڪران جي چڙهائي ڪرڻ ۾ حڪومت جو چڱو ساٿ ڏئي سگهندا.

2- هو تباهه ۽ برباد ٿين، ڇاڪاڻ ته انھيءَ ۾ ئي بادشاهيءَ جي ڀلائي آهي. اهو ڪم به سيوهڻ جو جاگيردار چڱي طرح ڪري سگهي ٿو. اهي نومڙيا جيڪي جابلو علائقن سان واسطو رکن ٿا، ڪا به پوکي راهي نه ڪندا آهن، پر هنن وٽ ڍور ڍڳا جھڙوڪ اٺ، گهوڙا، دنبا ۽ ڏاند گهڻي ۾ گهڻا ٿين ٿا، ۽ سندن گذر بسر سيوهڻ جي پرڳڻن توڙي چاڪر هالا سرڪار تي مدار رکي ٿو. هي پنھنجا اٺ گهوڙا ۽ ٻيو جابلو سامان (395-2) انھن علائقن ۾ آڻي وڪڻن ٿا ۽ اتان اناج، ڪپڙا، هٿيار وغيرهه خريد ڪري ٿا وڃن يا وري ڪي واپاري اناج، ڪپڙا ۽ هٿيار جبل پاسي وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي وڃن ٿا، ۽ ان جي عيوض اٺ، گهوڙا، دنبا ۽ ٻيو مال اتان آڻين ٿا.

اهڙي حالت ۾ اهي ماڻھو جيڪي ٿاڻن تي مقرر ٿيل آهن، انھن کي تاڪيد ڪيو وڃي ته هو جبل پاسي سوداگرن ۽ بلوچن جي اچ وڃ کي روڪي ڇڏين، جيئن ڪو به ماڻھو هتان جي مڏي چورائي اوڏاهين نه کڻي وڃي. ٺٽي جي صوبيدار کي به هدايت ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جو هٿيار، اناج يا ڪپڙو انھن ماڻھن کي نه ڏياري. سرڪاري فوجن کي به انھن ماڻھن جي ڪنھن سامان جي ڪا ضرورت ناهي. جيڪڏهن انھن کي سواري لاءِ اُٺ کپن، ته اهي هتان جي جتن وٽان هٿ ڪري سگهن ٿا(1)، يا کين گهوڙن جي ضرورت آهي ته اهي به گهڻي انداز ۾ ڪيچ ۽ قنڌار مان ملي پوندا، پر جي هنن کي گوشت جي ”دروايش“(2) آهي، ته سنڌ ۾ ايتري قدر ٻڪريون ۽ ڪڪڙ (368-1) آهن جو انت شمار ڪونهي، باقي هنن بدبختن جو احتياج ڇا لاءِ مناسب سمجهيو وڃي؟

چاڪر هالا سرڪار وارن جاگيردارن هنن کي جيڪي به جاگيرون ڏنيون آهن، سي کانئن واپس وٺڻ کپن، جيئن هي پنھنجي اڳين ريت موجب وري جبل پاسي لڏي هليا وڃن، جبل پاسي ڪنھن سال ڪو مينھن نه وسي، جھڙي طرح ويجھڙائي وارن سالن ۾ اتي برسات نه پئي آهي تڏهن به هنن کي اتان نڪري آباد علائقن ڏانھن اچڻ نه ڏجي. هي جڏهن چاڪر هالا جي سرڪار ۾ پنھنجي جاگيرن اندر ويٺل هئا ته ڪنھن به ساڻن هٿ نه پي اٽڪايو. ان زماني ۾ سيوهڻ جي جاگيردار توڙي ٺٽي جي صوبيدار جي چڙهاين سبب هنن جا حال زبون ٿيندا پي ويا. نيٺ ڳچي ۾ ڳارو ڪري سيوهڻ جي جاگيردار وٽ اچي پيش ٿي پيا.

جڏهن به ڪا ضرورت پوي ته سيوهڻ جو جاگيردار پوري ريت جاسوسي ڪري مٿن ڪاهي سگهي ٿو ۽ خدا جي فضل سان کيس ڪامياب ٿيڻ جو امڪان رهندو (396-2). پر اهڙي طرح جو هو بي خبر هجن ۽ هڪ ئي حملي سان ختم ٿي وڃن. جيڪڏهن پنجن سالن تائين اهو سلسلو جاري رکيو ويو ته رعيت کي ڪافي طاقت ملي ويندي ۽ نومڙيا بلڪل تباهه ٿي ويندا، ۽ انھي صورت ۾ سيوهڻ توڙي چاڪر هالا سرڪار هنن جي هٿ چراند کان محفوظ رهنديون. ٻئي پاسي جيڪڏهن ترخانن وانگي مٿن سالياني وصولي جو بار وڌو وڃي ته هي جبل جو پاسو ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيندا. پر هاڻي ته سندن ٻيگهي متل آهي، ڇاڪاڻ ته سيوهڻ جو جاگيردار به هنن سان ٻڌيءَ ۾ رهي ٿو، جنھن کين پنھنجي سرڪار مان جاگيرون ڏئي ڇڏيون آهن. ساڳي طرح چاڪر هالا سرڪار وارا جاگيردار به هنن جو پاسو کڻندا رهن ٿا. هڪ دفعي سيد بايزيد بخاري ٺٽي جي صوبيداري واري زماني ۾ هنن توڙي ٻين جابلو ماڻھن سان اها تعدي ڪئي هئي، جو سيوهڻ سان گڏ ٻين هنڌن تي به پنھنجا ماڻھو جبل پاسي اچ وڃ نه ڪري سگهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو (397-1)  نومڙيا ٻين جابلو ماڻھن سان گڏجي ٺٽي ۾ اچي سيد بايزيد جي پيش پيا ۽ سڀئي ڏنڊ ڀري ڏنائون، تنھن کان پوءِ هن جبل جا رستا مٿن کولي ڇڏيا ۽ پنھنجن ماڻھن کي واپس گهرائي ورتائين. والله اعلم بِاالصّواب.

جيڪڏهن سيوهڻ جي جاگيردار وانگي هڪ شخص کي ٺٽي جي چاڪر هالا سرڪار مان، ٻئي کي بکر جي پرڳڻن، جتوئي، چانڊڪا ۽ ٽڪر مان، ٽئين کي سبي ۽ گنجابي واري علائقي مان جاگيرو ڏنيون وڃن ته اتان جا جاگيردار بادشاهي خدمتون بجا آڻي، ظلم ۽ جبر ڇڏي، عدل انصاف سان هلي پنھنجين جاگيرن کان سواءِ هر هڪ بندر تان وصوليون ڪندا رهن ۽ اهڙا ماڻھو مقرر ڪري ڇڏين، جيڪي دستور موجب ڪم هلائيندا اچن، انھن تي اها ذميداري به رکيل هجي ته رعيت جي دلجوئي ڪندا رهن (397-2) ۽ ملڪ جي آبادي بابت واسطيدار عملدارن کان جواب طلب ڪن، جيئن هي ملڪ ڏينھون ڏينھن آباد ٿيندو وڃي ۽ شاهي خزاني ۾ به واڌارو ٿئي. هروڀرو ڍل جي حد کان وڌيڪ وصوليون ڪرڻ ملڪ جي تباهي جو ڪارڻ بنجي ٿي. هونءَ ئي دولت جي در حق بادشاهه وٽ ڪا به ڪمي ناهي. جيڪڏهن اهڙي طريقي سان سنڌ جو انتظام هلايو ويو ته هي ملڪ نھايت سرسبز ۽ آباد ٿي رهندو. هي علائقو هندستان جي گهڻن علائقن کان ڪيترين ڳالهين ۾ وڌيڪ ۽ بهتر آهي. هتان جا ماڻھو مسلمان، مسڪين ۽ خدا ترس آهن، انھن ۾ جاگيردارن جي ظلم سهڻ جي سگهه ڪانھي.

هن ڪمترين غلام جو چوڻ آهي ته سيوهڻ جو سڌارو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن مٿي بيان ڪيل ڳالهين تي چڱي طرح غور ڪيو ويندو. ائين ڪرڻ سان ملڪ به آباد ٿيندو ۽ وڳوڙين کي به ٻنجو اچي ويندو (398-1). ساڳئي وقت سلطنت کي به ڪا پريشاني درپيش نه ايندي. ان ڪري جو هتان جا فسادي ماڻھو خاص ڪري ملڪ بکر ۽ ملڪ ٺٽي ۾ گهڻا وڳوڙ ڪندا رهن ٿا. ٻئي پاسي خود سيوهڻ جي علائقي جي به اها ئي حالت آهي، جڏهن هتان جي صورت حال سڌري وڃي، تنھن کان پوءِ ٻين ملڪن ڏانھن توجهه ڏيڻ جي ضرورت ٿيندي.

ان سان گڏ هي به معلوم هئڻ گهرجي ته انسان جي تخليق جو اصل مقصد اهو ئي آهي ته هو زندگي ۾ ٻنهي جهانن کي ڌيان ۾ رکي. هڪ هيءُ جهان جنھن ۾ هو جيئي ٿو جتي کيس سک ۽ نيڪ نامي سان رهڻو آهي ۽ ٻيو هو جهان، جڏهن:

ڪل شيءِ هالک الاّ وجهہ- جي حڪم

مطابق عالم الوهيت جي منزل ۾ قدم

رکي ۽ ان ڏينھن جڏهن- يوم يفرالمرءُ من

اخيہ و امہ و ابيہ و صاحبتہ و بنيہ

لکل امر منهم (398-2) يومئذ شان

يغنيہ – جو وقت اچي- و امامن اوتي ڪتابہ

بيمينہ فسوف يحاسب حساب يسيرا و

ينقلب اليٰ اهلہ مسرورا- ۽ لڪل لذتون

على سرر موضونة متکئين عليها متقابلين

يطوف عليهم ولدان مخلدون با کواب و

اباريق و کاس من معين لايصد عون عنها

ولاينزفون وفاڪهة مما يتخيرون ولحم طير مما

يشتهون وحورعين کامثال اللؤلؤ المکنون جزاءَ بما

کانو يعملون-

اهي ٻئي مرتبا، هن بيت جي مضمون مطابق بادشاهن ۽ اميرن کي ملي سگهن ٿا: (399-1)

آسايش دوگيتي تفسير اين دو حرف است

با دوستان مروت با دشمنان مدارا

ٻنهي جهانن جي ڀلائي، دوستن سان مروت ۽ دشمنن سان لحاظ ڪرڻ ۾ آهي. ٻنهي جهانن ۾ هنن (بادشاهن ۽ اميرن) لاءِ رعيت کان وڌيڪ ٻيو ڪو به دوستي جو حقدار نه آهي. ڇاڪاڻ ته انھي جي ئي محنت ۽ مشقت سان کين دولت هٿ اچي ٿي. هوڏانھن رعيت مصيبت ۾ رهي ٿي ۽ بادشاهه توڙي امير عيش ڪندا رهن ٿا. جڏهن رعيت سان رعايتون ڪيون وڃن ۽ شرعي حڪم خلاف کانئن ڪجهه به وصول ڪرڻ ۾ نه اچي ته دنيا ۾ نيڪ نامي ۽ آسائش ملي ٿي، ۽ قيامت ۾ اها ئي رعيت هنن جي عدل انصاف ۽ خوش اخلاقي جي گواهي ڏئي ٿي ۽ اهي- عَدل سَاعـﺔ خيرٌ  مِن عَمَلِ الثقلين- جي مصداق ان جو اجورو حاصل ڪن ٿا. پوءِ ڪھڙو ضرور آهي جو بعض اميرن ۽ عملدارن جي چورڻ تي اهڙي دوستي کان منھن موڙي، دنيا ۾ ظالم بنجي، پاڻ کي بدنام ڪيو وڃي ۽ خلق  کي آزار ۾ وجهي، خدا جي اڳيان پاڻ کي شرمسار ڪجي؟

حڪيم صالح بکر جي ملڪ ۾ جيڪو جواهرن سان ڀريل سوني پيالي جيئان آهي، جڙتو ٺيڪيدارن جي ڪري جمع بندي ۾ گهٽ وڌايون پيدا ڪيون ۽ رعيتي ماڻھو (399-2) جيڪي باقاعدي ڍل ڀريندڙ هئا، ان کان سرڪش ٿي ويا. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ ڪو شاهي امين هجي ها، ۽ دستور جي خلاف ورزي ڪرڻ نه ڏئي ها ته اهڙا المناڪ واقعا رونما ٿي نه سگهن ها.

وڌيڪ مصيبت وري اها جو اهي ئي ظالم پنھنجي قهر جي ڪسر باقي رهائي، ماڻھن کي هٿراڌو بقايائن جي عيوض قيد ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. کين اها ڄاڻ نه هئي ته انھيءَ معمولي حساب جي ڪري سندن سمورو نفعو تلف ٿيندو پي رهيو. جيڪڏهن رعيت قيد ۾ ڪڙجي وئي ته ٻيو ماڻھو ڪٿان ايندو جو سندن حاضري ڀريندو. انھي جي بدران انھن وڳوڙين کي ڪاٺ ۾ وجهڻ کپي، جيڪي ڍل به نه ٿا ڀرين ۽ سدائين سرڪشي ڪندا ٿا رهن.

محمد علي بيگ بندري بابت ڪنھن کي خبر نه هوندي ته هن وٽ ڪيڏو لشڪر موجود هو ۽ ڪھڙي ريت رعيت کي پنھنجي حڪم هيٺ رکيو هئائين؟ وٽس بهترين ماڻھو ملازم هئا (400-1) جن سندن فرمان مطابق وڳوڙين کي مات ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. ايترو لشڪر خود حڪيم صالح وٽ به هو، جنھن چانڊڪا ۽ ٽڪر وارن پرڳڻن جي رعيت کي آزاري بيزار ڪري بکر ۾ وڳوڙ وجهرايا ۽ ماڻھن کي تڪليف ۾ وڌائين.

حڪيم صالح، چانڊڪا پرڳڻي جي ارباب نندي جي پٽ صديق ۽ سندس ڄاٽي شهه بيگ  تي الزام مڙهي کين قيد ڪري بکر آندو. ان کان اڳ ماٿيلي پرڳڻي واري ارباب کي به، ڪاٺ ۾ وڌو هئائين جو اتان جي ابڙن، ديوان مان سنگهه جي مائٽ ديال داس ۽ بکر جي قانون دان وتراج ولد ونس گوپال کي پنھنجي ٻنيءَ تي قتل ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ سبيءَ جي هڪ قافلي کي به ڦريائون. انھي تان ٽڪر پرڳڻي جي شقدار طاهر محمد اسي ماڻھن سان وڃي، انھيءَ جي پرڳڻي جي ارباب (400-2) عبدالواحد کي (جيڪو ان وقت لاکيار (لاکير) جي ڳوٺ ۾ هو قيد ڪري وٺي اچڻ چاهيو، پر سميجا لاکيار (لاکير) وچ ۾ آيل پاڻي جو بند ڀڃي، لشڪر جي چوڌاري گهيرو ڪري بيٺا ۽ لشڪر تي تير وسائڻ شروع ڪري ڏنائون، جنھن ۾ اسي سوار ئي ڪسجي ويا. ان کان علاوه هٿيارن ۽ گهوڙن جي به جيڪا ڦرلٽ ٿي سا پنھنجي جاءِ تي رهي ۽ ماڳهين خود طاهر محمد شقدار سميجن جي ور چڙهي ويو.

وقت ضرورت چو نماند گريز

دست بگيرد سر شمشير تيز

جنھن وقت ڀڄڻ جي ڪا واهه نه ٿي رهي ته ماڻھو تلوار جي ڌار تي هٿ رکندي بِه دير نه ٿو ڪري.

جيڪڏهن بر وقت رعيت کان ڍل اوڳاڙڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه وجهي ها ۽ ان کي ظالم بگهڙن (ڪارندن) جي ارڏاين کان امان ڏني وڃي ها ته اهو شرمناڪ واقعو ڪڏهن به پيش نه اچي ها. هاڻي جيڪڏهن حڪيم صالح کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪيو وڃي ته به ساڳيو بکر وري نه ٿي سگهندو. ان لاءِ سمجهدار ماڻھو جي دم دلاسي جي ضرورت آهي.

هي بيت حڪيم صالح جي حال مطابق نظر اچي ٿو:

ديدي کہ چہ کرد ابلہ خر

او مظلمہ برد و ديگري زر

تو ڏٺو ته بيوقوف گڏهه ڇا ڪيو؟

پاڻ کڏ ۾ پيو، مڏي ٻيا کڻي ويا.

اهي ڳالهيون هيون جيڪي مون هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ آنديون، ۽ قصيدي جي هن بيت موجب انھن کي رعيت جي زباني شاهي درٻار ۾ پيشِ ڪرڻ گهران ٿو:

يا اکرم الخلق مالي مِن الوذُبِہ

سواک عِندَ حۡلولِ الحادث العِممِ.

ترجمو: ساريءَ خلق کان وڌيڪ عزت وارا! مون لاءِ ٻيو ڪو به اهڙو شخص ڪونهي، جو ڏکئي وقت وڃي وٽس پناهه وٺان. هاڻي ڪتاب جي خاتمي ڏانھن قلم وڌائجي ٿو. والله الهادي الي الصّواب.


 

 

 

 


 

پڄاڻي

 

بادشاهن، وزيرن توڙي اميرن جي سلوڪ، دنياداريءَ جي شغل، مرتبن ۽ فضيلتن حاصل ڪرڻ بابت جن جو بيان ڪتاب جي پھرئين فصل۽ پھرئين باب ۽ پھرئين قسم ۾ (ص 401-2) ڪيو ويو آهي، تنھن کان سواءِ انھن مسئلن جي باري ۾ جيڪي مٿئين باب جي ٻئي فصل ۾ اچي چڪا آهن.

 

معلوم هئڻ گهرجي ته مسلمان ٽن قسمن جا آهن:

قسم اول: جيڪي دنيا ۽ آخرت جا بادشاه آهن: چارئي خليفا ۽ عادل بادشاهه انھن ۾ شمار ٿين ٿا.

قسم ٻيو: اهي درويش به دنيا توڙي آخرت جا بادشاه آهن، جيڪي فقر فاقي تي صابر رهي، مصيبتن تي راضي ۽ رزق جي ڪميءَ تي قانع هوندا آهن.

قسم ٽيون: دنيا جا بادشاهه ۽ آخرت جا درويش آهن. اهي دنيا ۾ غني ليکيا وڃن ٿا. دنيا جي بادشاهي آخرت جي بادشاهيءَ کان سواءِ عيب جوڳي آهي. اهڙي طرح آخرت جي بادشاهي به دنيا جي بادشاهي کان سواءِ ناقص آهي. ڪمال اهو آهي ته انھن مان هر شخص (402-1) دنيا ۽ آخرت ٻنهي جو بادشاهه آهي.

جنھن شخص کي خداوند ڪريم پنھنجي مھر سان نوازي بادشاهي عطا ڪري ٿو، ان کي کپي ته چڱائين لاءِ پاڻ پتوڙي ته جيئن کيس آخرت جي بادشاهي به هٿ اچي. جيڪڏهن ڪو سوال ڪري ته دنيا ۽ آخرت جي بادشاهي ڪيئن حاصل ٿيندي آهي؟ ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته دنيا جي دوستي ۽ مال مرتبي جي حصول جي اميد سان گڏ آخرت جو سلوڪ به ڪنھن کي نصيب ٿئي؟ ۽ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته سلطنت توڙي امارت جا درجا مصيبتن جي موجودگي ۾ به ڪنھن کي حاصل ٿين؟ ان حالت ۾ جڏهن ماڻھوءَ جو نفس فسق فساد ۽ دنيا جي لذتن ڏانھن مائل رهندو اچي ۽ شيطان به قوي هجي؟

انھي لاءِ ٻه طريقا بيان ڪجن ٿا:

طريقو اول: (402-2) وهبي طريقو: جيڪو سواءِ ڪنھن ڪسب ۽ محنت جي هٿ اچي ٿو. اهو تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن خدا جو نور بادشاهه جي دل ۾ ظھور پذير ٿئي، جنھن جي وسيلي خير ۽ شر جي امتياز جي خبر پئجي وڃي ٿي ۽ انسان خير جي تابع رهي، شر کان پاسو ڪرڻ لڳي ٿو. اها ڪا وڏي ڳالھه نه آهي. خاص ڪري ان شخص لاءِ جنھن کي خداوند ڪريم پنھنجو مطيع بنائي، مٿس مھربان ٿئي ٿو.

طريقو ٻيو:     ڪسبي طريقو آهي: جيڪو محنتن سان حاصل ٿئي ٿو. جيئن ڪو شخص ڏينھن جو دنياداري جي شغل ۾ رهي ۽ رات جو الاهي عبادت سان شغل رکي ۽ خدا جي در ٻاڏائي جيئن هو سندس دانھن ٻڌي ۽ (403-1) ۽ کيس دنياداري جي شغل دوران ڪنھن تي به ظلم ڪرڻ جي روش کان باز رکي.

انھي مان ڪي ڳالهيون هن ريت آهن: بادشاهه کي هن طريقي سان علم جي تحصيل ڪرڻ گهرجي. رات جي هڪ پھر لاءِ هڪ شخص مقرر ڪري جيڪو پنھنجي حاضريءَ دوران هڪ پھر تائين بادشاهه کي، عدل بابت حديثن ۽ مختلف واقعن جي بيان ذريعي هدايتون ڪري ۽ ظلم ستم کان باز رهڻ جون ڳالهيون ٻڌائي. ان لاءِ ته عدل ۽ بادشاهي جي بقاءَ جي تدبير انھي معاملي جي اصل رڪن مان آهي. اهو ڪم چئن ماڻھن تي رکيل هجي.

بادشاهه اهڙي جاءِ ۾ آرام ڪري جتي مظلومن ۽ عدل جي حاجتمندن جو آواز آسانيءَ سان پھچندو رهي. نوشيروان عادل جي زماني ۾ اهو دستور هو ته هن هڪ وڏو زنجير پنھنجي آرام گاهه واري پاسي ٻڌرائي ڇڏيو هو، جيئن ڪوبه فريادي وٽس اچي زنجير کي لوڏي ته هڪدم بادشاهه کي خبر پئجي وڃي ۽ مظلوم جي داد رسي ٿي سگهي (403-2). جھانگير جي دور ۾ به اهڙي قسم جو زنجير ٻڌرايل هو، جنھن جو تعلق سندس شروعاتي زماني سان هو. ليڪن راقم (يوسف ميرڪ) جي گذارش آهي ته عدل جي در کڙڪائڻ لاءِ ڪنھن به زنجير جي ضرورت ناهي. ان جي بدران هڪ اهڙي جاءِ مقرر ڪئي وڃي، جتان بادشاهه جي نظر ٻاهر پھچندي رهي. اها جاءِ صرف مظلومن ۽ داد خواهن لاءِ مخصوص هجي ۽ ٻيو ڪو به ماڻھو اتي نه اچي سگهي. ائين ڪرڻ سان هر حاجتمند اتي پھچي سگهي ٿو ۽ بادشاهه جي نگاهه مٿس پئجي سگهي ٿي. بادشاهه کي بروقت پتو پئجي ويندو ته هي مظلوم آهي، پوءِ ان جو احوال ٻڌي سندس باري ۾ غور ڪري سگهندو.

بادشاهه کي اشراق جي وقت روزانو ٻه رڪعتون نفل، استخاري جي نيت سان پڙهڻ گهرجن. پھرينءَ رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ- قل يا ايها الڪافرون- ۽ ٻيءَ رڪعت ۾- قل هو الله احد- پڙهي سلام ورائڻو پوندس (404-1). پوءِ کيس هيءَ دعا پڙهڻي آهي:

اللهّم اني استخيرک بعلمک و  استقدرک بقدرتک و اسئلک من فضلک العظيم فانک تقدر و لا اقدر و تعلم و لا اعلم و انت علاّم الغيوب- اللهم اني لا اِملڪٍ لنفسي ضراً و لا نفعا و لا موتا و لاحيواةً و لانشوراً و لا استطيع ان آخذ الاما اعطيتني ولا ان اتقي الا ما و قيتني- اللّٰهم و قيني لما تحّب و ترضي من القول و العمل في يسر و عافية- اللهم خرني و اخترني ولا تکلني الي اختياري- اللهم اجعل الخيرة في کل قولِ وعمل اريده في هذا اليوم واللّية.

هي دعا حقيقت ۾ مرشد حاضر بجا آهي. جيڪڏهن ڪو به شخص اها پڙهندو رهندو ۽ نماز به ادا ڪندو ته يقيني طور ان تي خدا جي رحمت هوندي. سندس قول، فعل حرڪت ۽ سڪون شريعت نبوي مطابق هوندو (404-2). ۽ اهڙا ئي ماڻھو بهشت ۾ وڏي مان مرتبي وارا هوندا.

عشاءَ جي نماز وقت وتر کان اڳ ٻه رڪعتون توبهه جون پڙهجن. جن آيتن جي ضرورت هجي اهي قرآن مان پڙهيون وڃن ۽ پڇاڙيءَ ۾ هي دعا پڙهڻ گهرجي:

اللّٰهم انيّ استغفرک و اتوب اليک من کل ذنب. تبت اليک منہ ثم عدت فيہ و استغفرک من کل ما وعدتک نفسي فلم توف بـہِ و استغفرک من کل عمل اردت بِہِ وجهک ثم خالطته غيرک و استغفرک من کل نِعمةٍ انعمت بها علي فاستعنت بها علي معصيتک و استغفرک يا عالم الغيب و الشهادت من کل ذنب اذنبته في ضوءِ النهار و سواد الليل وفي خلا و ملا و سرّ و علانيةٍ- اللهم اني استغفرک لکل ذنب قوي عليہ بدني بعا فيتک (405-1) و نالة قدرتي بفضل نعمتک و انبسطتا اليہ يدي لسعة رزقک- اللهم اني استغفرک لکل ذنب ظلمة بسببہ و لياًمن اوليائک او نصرت بـﮧٖ عدواً من اعدائک- اللهم و استغفرک لک ذنب لحقني بسبب نعمت انعمتها علي فتقويت بها علي معصيتک و خالفت فيها امرک و اقدمت بها علي وعيدک- اللهم اني استغفرک لکل ذنب يورث الاسقام و الضني و الامراض و البلاءَ و يکون في القيٰمة حسرة و ندامة و صلي الله علي سيدنا محمدن النبي الامّي و علي آلہ و صحبہ وسلم.

هن نماز يا استخاري جو فائدو هي آهي ته مشائخن جي قول موجب اهو ڪھڙو مريد صادق آهي، جيڪو ڪراماً ڪاتبين مان کاٻي پاسي واري فرشتي کي بدين لکڻ کان باز رکي سگهي ٿو (405-2)؟ چون ٿا ته اهو ئي مريد صادق آهي، جنھن کان ڪو به گناهه سرزد نه ٿو ٿئي، ليڪن جيئن ته هو غير معصوم آهي، تنھن ڪري کانئس گناهه سر زد ٿئي ٿو. پر فرشتو سندس ننڊ واري وقت جي پڇاڙي تائين هن جا گناه نه ٿو لکي. انھيءَ حالت ۾ انسان کي توبهه ڪرڻ گهرجي ۽ اها توبهه سڄي ڄمار دهرائيندو رهي. اهڙي صورت ۾ فرشتو ان جا گناهه نه لکندو، جيڪو ماڻھو سمهڻ کان اڳ پائبندي سان اها نماز دعا پڙهندو رهندو، تنھن تي خداوند ڪريم جو فضل جاري هوندو ۽ فرشتا ان جون نيڪيون لکندا رهندا.

قيامت جي ڏينھن جڏهن سندس اعمال نامي مان نيڪيون گڏ ڪيون وينديون ته ان ۾ بدين جو شمار نه ڪيو ويندو (406-1) ۽ هن کي بنان ڪنھن حساب جي بهشت ۾ داخل ڪيو ويندو. انھي ريت بادشاهن کي به بهشت جو درجو حاصل ٿي سگهي ٿو. خدا جي رحمت ڪنھن به حالت ۾ گهٽجي نه ٿي سگهي، انھن بندن لاءِ جيڪي هر وقت ان ڏانھن رجوع رهن ٿا.

اهي ئي اهم ڳالهيون هيون، جيڪي مون ڪتاب جي آخر ۾ آڻي ان کي مڪمل ڪيو آهي. خدا جي رحمت مان اها اميد اٿم ته جيڪي ڪوتاهيون هن ڪتاب ۾ رهجي ويون آهن، پنھنجي ڪرم سان معاف فرمائيندو ۽ هن ڪتاب کي وقت جي عاليشان بادشاهه ابوالمظفر شهاب الدين محمد صاحب قران ثانيءَ جي حضور ۾ مقبوليت جو درجو عطا ڪندو.

نظم:     تا نبود صبح را از سوي مغرب طلوع

روز بقاي تو باد هفته اي يوم الحساب

چار ملک در دو صبح داعي بخت تواند (406-2)

(باد) باَئين خضر دعوت شان مستجاب

معنى: جيسين تائين  صبح جو سج اولهه مان نه اڀري (قيامت نه اچي) تنھنجو ڏينھن يوم الحساب جي هفتي برابر هجي. چار ئي ملڪ تنھنجي بخت جا دعاگو آهن. انھن جي دعا سان تون شال عمر خضري ماڻين.

شعر:

يا نفس لا تقنطي من زلةٍ عظمت

ان الکبائر في الغفران کاللّم

 

لعل رحمت ربي حين يقسمها

تاتي علي حسب العصيان في القسم

يا رب فاجعل رجاي غير منعکس

لديک و اجعل حسابي غير منخرم

 

والطف بعبدک في الدارين ان لہ

صبراً متي تدعہ الاهوال ينهزم

 

واذن لسحب صلواة منک دائمة

علي النبي بمنهل و منسجم

 

والال و الصحب ثم التابعين لهم

اهل التقي و النقي و الحلم والکرم

 

ما رنحت عذبات البان ريح صبا

و اطرب العيس حاوي العيس بالنغم

معنى:         اي دل تون گهڻن گناهن هوندي به خدا جي رحمت کان مايوس نه ٿيءُ. وڏا گناهه خدا جي بخشش اڳيان دز مثال آهن. جڏهن خدا جي رحمت جي ورهاست ٿئي ٿي ته گهڻن گناهن لاءِ بخشش به گهڻي ٿيندي آهي (407-1). اي خدا مون کي اميد آهي ته تون مون کي مايوس نه ڪندين. قيامت ۾ جڏهن آءُ حساب لاءِ پيش ٿيان ته ان کي آسان بنائجانءِ.

هن بندي تي دنيا ۽ آخرت ۾ پنھنجو ڪرم ڪجانءِ، ۽ زماني جي سختين ۾ مون کي صبر جي سگهه ڏجانءِ. پنھنجي رحمت جي ڪڪر کي حڪم ڪر ته حضور پاڪ تي صلوات جي بارش سان رحمت وسائي.

الاهي رحمتون نبي جي اولاد/صحابين ۽ سندس تابعين تي جيڪي پرهيزگار سخي ۽ بردبار هئا. جيسين تائين  باد صبا باغ ۾ وڻن جون ٽاريون لوڏيندي رهي، ايسين تائين  اٺن کي هڪلڻ وارا قافلي کي اڳتي وڌائيندا رهن.

و الله اعلم بالصّواب، واليہ المرجع و المآب.

هي ڪتاب 19 محرم 1044هه تي ظهر جي وقت ڇنڇر جي ڏينھن مطابق سال 7 جلوس شاهي (407-2) لکجي پورو ٿيو.


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


 

تعليقات

 


 

 

 

 

 

 

 

 

 


 

نوٽ: تعليقات ۾- متعلق ص نمبر،

۽ ح نمبر- اصل فارسي ڪتاب جي

متن بابت آگاهه ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا آهن.


 

 

(1)

مخدوم لعل شهباز

(متعلق ص 57، ح 1)

 

ماخذ اول: تاريخ ضياءَ برني، ۾ هن بزرگ بابت جيڪو ڪجهه احوال آيل آهي، تنھن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي بزرگ وار سلطان محمد خان شھيد (684) بن سلطان بلبن جي سلطنت جي زماني ۾ ملتان آيو هو. تاريخ فيروزشاهي، ۾ هن ريت لکيل آهي ته : شيخ عثمان مريدي (؟) (مرندي) جيڪو ڀلارو شخص هو ملتان پهتو. خان شھيد ان جي سڃاڻپ ۽ عقيدت جي جي ڪري هن جي ڏاڍي پذيرائي ڪئي ۽ کيس نذر نياز ڏنائين. خان ڏاڍا وس ڪيا ته هي بزرگ ملتان ۾ رهي ۽ ان لاءِ خانقاهه ٺھرائڻ ۽ زمين ڏيڻ جو ارادو به ڪيائين، پر شيخ عثمان اتي رهي پوڻ جو خيال نه ڏيکاريو. هڪ ڏينھن خان شھيد، شيخ عثمان ۽ شيخ صدرالدين (متوفي 674هه) ولد شيخ بهاءُ الدين زڪريا کي پنھنجي درٻار ۾ گهرايو، ۽ عربي غزلن جي سماع جو اهتمام ڪيائين. هي ۽ ٻيا درويش مستيءَ ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳا. خان شھيد اهو سمورو وقت هٿ ٻڌي بيٺو رهيو ۽ زار زار پي رُنو (ص 67-68. پڻ ڏسو تاريخ فرشته، جلد پھريون، ص 710. مير معصوم، ص 40، ۽ تحفـﺔ الڪرام، جلد ٽيون).

تحفـﺔ الڪرام واري (جلد ٽئين، ص 136 تي) لکيو آهي ته شيخ عثمان (662هه) ڌاري ملتان ۾ وارد ٿيو. ساڳي روايت ’نزهة الخواطر‘ واري به ڏني آهي (ج، 1).

سيوهڻ ۾ اچڻ جي تاريخ: تحفـﺔ الڪرام ۾ لکيل آهي ته شيخ عثمان، شاه شمس (؟) بو علي وٽ پهتو. هن کيس چيو ته ٽي قلندر اڳ ئي هندستان ۾ موجود آهن، سو بهتر آهي اوهان سنڌ ڏانھن هليا وڃو. انھيءَ اشاري تي هو سيوهڻ ۾ آيو. لبِ تاريخ سنڌ، جو مصنف لکي ٿو ته شيخ عثمان (649هه) ۾ سيوهڻ پهتو، جنھن جي تاريخ جو سال هيٺئين قطعي مان نڪري ٿو:

چو باز آشيان قدس شهباز سوستان را نموده جنت آسا

خرد تاريخ آن از روي اخلاص ”نمود آفتاب دين“ بگفتا (649هه)

هي ڇهه سال سيوهڻ ۾ گذاري فوت ٿيو. مولوي فتح محمد مرحوم ’حيات نامه قلندري‘ ۾ سندس اقامت هڪ سال لکي آهي (ص 40).

ڄمڻ جي تاريخ: سندس ولادت جي تاريخ فقط ٽن ڪتابن ۾ ملي ٿي! گزيٽيئر لاڙڪاڻه (ص 40)، هن جي ولادت 538 هه ڄاڻائي آهي، ۽ سندس عمر بابت سُڌِ پوي ٿي ته هو هڪ سو ٻارهن سالن جو هو. معلوم ٿئي ٿو ته اها تاريخ ”حيات نامه قلندري“ جي هيٺئين قطعي تان ورتل آهي (ص 40).

بجو تاريخ شمس الدين عثمان بدر کن ”رنج“ از ”فلک کرامت“

                                                                                                253                       791

سن عمرش ”ولي الله“ وفاتش سروش غيب سي گويد ”برحمت“

                                    112                                                                             650

لب تاريخ سنڌ، واري به، ڄم جو سال 538هه لکيو آهي.

وفات جي تاريخ: سندس وفات جي تاريخ ۾ ڪي اختلاف آهن. هن طرح ته: 650هه گزيٽيئر، لب تاريخ سنڌ، حيات نامه قلندري 21 شعبان 673هه. ماثرالڪرام، آزاد (285) 21 شعبان.

مقالات الشعرا، هي تاريخ لکي آهي:

چون رفتـﮧ سوي جنان آن شيخ

از هاتف غيب مي شنيدند

کوزيدهء آل و پاک نام است

”عثمان بـﮧ دوازده امام است“

                   661+ 12 = 673

تحفـﺔ الڪرام، جلد ٽيون ۽ نزهـة الخواطر 724هه: خزينة الاصفياءَ (جلد ٻيو، ص 47).

چو عثمان ولي از دار دنيا

”ز مخدوم اجل“ جو ارتحالش

برفت و باب جنت شد بر او باز 
 بفرما ”عارف محبوب شهباز“

تذکره فقرا، تذکرة الانساب (20 شعبان)

شاهباز نشيمن لاهوت

شاه اورنگ خطئه ملکوت

اهلِ دل عارف معارف حق

صاحب وجد و تارک مطلق

شاه عثمان شاهباز لقب

اشرف الذات هم شريف نسب

بحرِ عرفان، کنوز دانائي

مھر ايقان، چراغ بينائي

مست خمنانھء محبت و شوق

بلبل گلستانِ عالمِ ذوق

صاحبِ حال و کامل ابدال

محرم خلوتِ حريم وصال

در سَنہ هفت صد و بست چهار

بست شعبان بود فصل بهار

چند از روضـﮧء اش به سيوستان

عطر افزا چو روضـﮧء رضوان

فيض افزاي گنبذ پر نور

چون جهازي ز چشمئه کافور

خاک آن آستان قبلـﮧ نشان

سرمـﮧء بيش عيون شهان

ص 101.

رياض الاولياءَ، برڪات اولياءَ (ص 115)، تاريخ الاولياءَ (جلد 2، ص 326).

حسب نسب: (1) شيخ عثمان بن سيد ڪبيرالدين احمد بن سيد صدرالدين، اولاد اسماعيل بن امام جعفر صادق (تحفـﺔ الڪرام).

(2) شيخ عثمان بن سيد ڪبيرالدين، بن سيد شمس الدين بن سيد نور شاه، بن سيد محمود شاهه بن سيد احمد شاهه بن سيد هادي، بن سيد مهدي، بن سيد منتجب بن سيد غالب بن سيد منصور بن سيد اسمٰعيل بن امام جعفر (لب تاريخ سنڌ، ۽ حيات نامه قلندري).

(3) شيخ عثمان، بن سيد حسن کبيرالدين، بن سيد شمس الدين، بن صلاح الدين، بن سيد شاهه، بن سيد خالد، بن سيد محب، بن سيد مشتاق، بن سيد نورالدين، بن سيد اسماعيل، بن سيد امام جعفر صادق، بن امام محمد، بن امام زين العابدين علي بن امام حسين (خزينة الاصفيا) بحوالهء اخبار الاوليا، (ج 2، ص 47) تذڪرة الانساب بحوالهء سلسلة السادات وَ رياض الاولياءَ، تاريخ الاولياءَ.

طريقت جو شجرو: (1) شيخ عثمان لعل شهباز، مريد شيخ جمال مجرد، مريد سيد ابراهيم مجرد، مريد شيخ عاقل شھيد، مريد شيخ مسڪين شھيد، مريد سيد مرتضى سبحاني، مريد سيد امام جعفر صادق (خزينـة الاصفيا، جلد ٻيو، ص 47- تاريخ الاولياءَ، بحوالهء اخبار الاوليا (جلد ٻيو، ص 326).

(2)  عثمان مرندي، مريد شيخ بَهاءُ الدين زڪريا ملتاني، مريد شيخ
شهاب الدين سهروردي. دارا شڪوه جي طريقت جو سلسلو پڻ ڪجهه واسطن جي ڪري شيخ عثمان سان وڃي ملي ٿو. دارا شڪوه، مريد ملا شاهه بد خشي، مريد ميان مير سنڌي، مريد شاه خضر سيوهاڻي، مريد شاه اسڪندر، مريد شير الاوليا خواجه حاتي، مريد سيد علي قادري، مريد شاهه عثمان لعل قلندر، مريد شاه جمال مجرد، مريد شيخ ابواسحاق ابراهيم، مريد شيخ مرتضيَ سبحاني، مريد حضرت احمد بن مبارڪ، مريد شيخ عبدالقادر جيلاني (تذڪرة الفقرا ص 8).

تذڪرة الفقرا، جي مصنف لکيو آهي ته سهروردي خانوادي جي سترهين گروه مان هڪ گروه ”لعل شهبازيه“ آهي. جنھن جي شروعات شيخ عثمان قلندر شهباز کان ٿئي ٿي (ص 21). پنجون گروه جنھن جي شروعات حضرت ڪرم علي جهلي کان ٿئي ٿي. ڪجهه وچين واسطن جي ڪري شيخ عثمان لعل شهباز ذريعي سهروردي خانوادي تي ختم ٿئي ٿي (تذکرة الفقراء، ص 21).

قلندر جو ظاهري طريقو: خزينة الاصفيا جي مولف ”معارج الولاية“ جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”هي نھايت جذب ۽ مستي جي عالم ۾ هوندو هو، تنھن ڪري شرعي احڪامن جي پائبندي نه ٿي ڪيائين. پاڻ ملامتي طريقي جو قائل هو. ماڻھن جي سامهون نشيدار شين واپرائڻ ۾ مشغول رهندو هو ۽ ڀنگ تمام گهڻي ٿي پيتائين. سدائين ڳاڙها ڪپڙا پائيندو هو. سندس مرشد کيس شهباز جو لقب عطا ڪيو. ملامتي طريقي جي ڪري ماڻھن ۾ شهباز قلندر مشهور ٿيو. ڪيترين ڪرامتن جي ظھور سبب هزارين ماڻھو سندس معتقد ۽ مريد ٿيا“ (جلد ٻيو ص 46). ڏسو تذڪرة الانساب، ص 101، رياض الاولياءَ- تذڪرة الفقرا، ص 21، برڪات الاولياءَ، ص 14، اخبار الاولياءَ - تاريخ الاوليا، ص 326.

مير غلام علي آزاد جو قول: مير غلام علي آزاد بلگرامي، تذڪرة ماثرالڪرام (ص 285) ۾ لکي ٿو: ”راقم الحروف، مولانا محب علي ٺٽوي (ڏسو مقالو راقم الحروف جو ’مولانا محب علي سنڌي‘ جي عنوان سان ڇپيل، مجله تاريخ و سياست ڪراچي) جي لِکت ۾ آهي ته هي زماني جي بزرگن مان هو. سندس ذڪر شاهجھان نامي ۽ ٻين ڪتابن ۾ آيل آهن، جنھن مان معلوم ٿيو ته اها عبارت: ”حضرت مخدوم لعل شهباز جو نالو عثمان آهي.“ ان سان گڏ ڪاري پٿر جي تختي تي پڻ ڏٺو ويو ته ان تي، شيخ عثمان مرندي، قطب دين، اڇو باز- مرند (ميم ۽ ري جي زير سان) تبريز جي اوسي پاسي ۾ هڪ ڳوٺ آهي.

سندس نسب تيرهين پيڙهي ۾ امام جعفر صادق سان وڃي ملي ٿو. تذڪره مشائخ سنڌ، جي مصنف لکيو آهي ته ”مرند مخدوم لعل شهباز جي ڄمڻ جو هنڌ آهي، اتان پنھنجي رتبي کي رسي، شيخ جمال مجّرد جي مريد بابا ابراهيم جي خدمت ۾ پهتو ۽ سندس مريد بنيو. هڪ سال ان وٽ رهي پنھنجي رتبي جي تڪميل ڪيائين. خلافت جي گودڙي ۽ اجازت کان پوءِ مجرد زندگي گهارڻ لڳو. آخرڪار هندستان آيو، جتي شيخ فريد گنج شڪر ۽ شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا جي ملاقات کان علاوه شيخ صدرالدين سان به صحبتون ڪيائين ۽ اتان ٿي سيوهڻ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو.“ راقم الحروف جڏهن 10 ربيع الاول 1143هه ڌاري سيوهڻ ويو ته مير سيد محمد، بَخشي گريءَ ۽ وقائع نگاري جو عهدو مون کي ڏئي پاڻ بلگرام هليو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ منھنجي ملازمت جو امڪان نه رهيو، جنھن ڪري پريشان ٿي پيس. هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته شھر جي ڪنھن گهٽي مان لنگهيو پيو وڃان. ڪو شخص منھنجي سامهون آيو، جنھن کان پڇا ڪيم ته اڳيان گهٽي کليل آهي؟، هن عربيءَ ۾ جواب ڏنو- سَيَلُقاک رجال- (توکي ڪي ماڻھو ملندا). اڳڀرو ويس ته هڪ جاءِ ۾ ڪي مشائخ ويٺا هئا، جن کي سنڌي پوشاڪ پھريل هئي. انھن مان هڪڙو اڳواڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مون انھن جي ويجهو وڃي سلام ڪيو ۽ سندن اڳواڻ شيخ اڳيان گوڏا کوڙي ادب سان ويهي کانئس سوال ڪيم ته منھنجي ملازمت بحال ٿيندي؟ اهو ٻڌي هو مراقبي ۾ هليو ويو ۽ ڪافي دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي چيائين، هائو بحال ٿيندي. چيم، واقعي ائين ٿيندو؟ فرمايائين ته اسين چئون ٿا. نيٺ هڪ سال کان پوءِ منھنجي ملازمت بحال ٿي ۽ شيخ جو قول پورو ٿيو. ائين معلوم ٿيو ته اهو بزرگ جنھن بشارت ڏني هئي، حضرت لعل شهباز هو. سندس هڪ پھر واري مراقبي کان مراد هڪ سال جو عرصو هو. هن ڀلاري جي وفات 21 شعبان 673هه ڌاري ٿي هئي.

مقبرو ۽ خانقاه: هن جو مبقرو سيوهڻ ۾ آهي، جتي هند، سنڌ ۽ افغانستان جي خلق ايندي رهي ٿي. هر سال سندس درگاهه تي عقيدت مندن جو ميلو لڳي ٿو جو ٽي ڏينھن هلندوآهي.

ابن بطوطه 734هه ڌاري سيوهڻ جي سفر دوران سندس مرقد ڏٺو هو. هن شيخ محمد بغدادي سان اتي ملاقات ڪئي هئي، جيڪو ان وقت هڪ سـؤ چاليهن سالن جي وڏي ڄمار جو هو ۽ ايترو عرصو قلندر جي خانقاه تي گذاريو هئائين. اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته ان زماني ۾ هي خانقاه ڪھڙي ريت هئي، ڇاڪاڻ ته ابن بطوطه صرف خانقاه لکيوآهي، عمارت ۽ قبي بابت ڪا به سُڌ نه ٿي پوي ته انھيءَ جو وجود هو يا نه؟

سلطان فيروز تغلق، سلطان محمد تغلق جو لاش کڻائي سيوهڻ آندو ۽ هن خانقاه جي ڀر ۾ دفن ڪرايائين، جنھن جا ٻه ڪتبا اتي لڳل آهن. سلطان محمد تغلق 21 محرم 752هه ڌاري ٺٽي لڳ وفات ڪئي هئي. سلطان فيروز تغلق لاش دفنائڻ کان پوءِ خانقاه جي متولين ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن کي ڏاڍيون خيراتون ڏنيون هيون (برني، ص 524-525-535).

هڪڙو ڪتبو جيڪو خانقاه ۾ لڳل آهي، تنھن مان پتو پوي ٿو ته هي قبو ۽ مقبرو انھي سلطان فيروز جي فرمائش تي تيار ٿيو هو، جنھن تي لکيل آهي ته ”پاران ملڪ رڪن الدين  عرف اختيار الدين جي تاريخ 7 رجب 757هه ٺهي راس ٿيو، جنھن ۾ ست ونگون ۽ ڇهه قبا آهن.“ ڪتبي جي پوري عبارت هن ريت نظم ٿيل آهي:

بعهد دولت فيروز شـﮧ سلطان دين پرور

کـﮧ خاک درگهش سازند، شاهان جهان افسر

عمارت شد مقام شيخ عثمان مرندي، کو

ولي الله باز اسفيد، مير ِ بحر بود و بر

اگرچـﮧ اولياءَ اندر زمانِ شيخ بس بودند

ولاکن در کرامت بود او از همگنان برتر

چـﮧ زيبا بار گاهي شد بهفت طاق و شش گنبذ (کذا)

کـﮧ رنگ نُـﮧ فلک گشتـﮧ ز رشک بام او اخضر

بروز هفتم از ماه رجب مبني شد اين روضـﮧ

بسال هفصد و پنجاه و هفت از هجرت مهتر

بنايش کرد والي اختيار الدين ملک ارشد

امير عادل و باذل، تهمتن، ثاني اسکندر

کـﮧ تا بود است سيوستان نـﮧ بود است اين چنين والي

تقي و مشفق و مڪرم، سخي و پاک دين ديگر

اميد آن ست مي يابد جزاي اين چنين خيري

هزاران قصر در جنت بفضل ايزد اڪبر

(مٿين پڙهڻي مولانا محمد شفيع لاهوريءَ جي آهي)

تذڪره مشائخ سيوستان، ۾ هڪ بيت وڌيڪ لکيل آهي، جيڪو پھرئين بيت کان پوءِ اچي ٿو:

ازان گاهي کـﮧ بر تخت شهنشاهي نشست آن شـﮧ

سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور

انھيءَ تذڪري ۾ چوٿون بيت هينءَ آيل آهي:

چـﮧ زيبا بار گاهي شد بهشتي طاق بر گنبذ

کـﮧ رنگ نـﮧ فلک گشتـﮧ ز زنگ بام او اخضر

ستون بيت پڻ هن طرح لکيل آهي:

کـﮧ تابود است سيوستان، نبود است اين چنين والي

سخي و مشفق و مڪرم، تقي و پاڪ دين پرور

تذڪره مشائخ سيوستان، مان ظاهر آهي ته ان کان پوءِ ٻئي ڀيري سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان پنھنجي زماني ۾ نئين سر قبي ۽ خانقاه جي اڏاوت جي شروعات ڪرائي پر اها اڃا پوريءَ ريت تيار ٿي نه هئي، ته خان خانان ان تي (جاني بيگ تي)  سوڀارو ٿيو، ۽ کيس سنڌ مان ڪڍي اڪبر بادشاهه جي درٻار جا در ڏيکاريائين. ڪيترن ورهين کان پوءِ وري سندس پٽ مرزا غازي بيگ انھيءَ عمارت کي تڪميل تي رسايو. قبي جي اڳيان خانقاه وارو حصو به انھيءَ ئي ٺھرايو.  شاهجھان جي دور ۾ سيد ديندار خان (سيوهڻ جي صوبيدار) خانقاه جي باقي تعمير سان گڏ هڪ جريب ويڪرو آڳر به ڪاشيءِ جي سرن سان سنواريو ۽ مسجد پڻ جوڙايائين، انھن جي ڀتين تي هيٺيان ڪتبا موجود آهن:

”چون در  عهد سلطان فيروز مرحوم روضـﮧء

قديم حضرت مخدوم بنا شده بود، و اين دو

سنگ تاريخ نوشتـﮧ نصب کرده بودند آخر

چون گنبذ کلان در عهد ميرزا جاني ترخان

بنا يافتـﮧ، اين سنگها برهم افتاده بودند،

الحال کـﮧ اين فقير سيد بهووه عرف ديندار خان

باشد، در عهد دولت حضرت صاحبقران ثاني

صحن روضـﮧء را ترتيب داده و دو مسجد راست

مي ساخت، اين دو سنگ  هم در ديوار

خانقاه بنهاده تا يادگار  سلاطين گذستـﮧ باشد“

 جنھن ڪتبي سان فرش جي تعمير جي تاريخ نڪري ٿي اهو هن ريت آهي:

بدوران شهاب الدين جهان شاه

 

جهان از عدل او خرسند و آباد

شده تعمير فرش عرش مسند

 

حسيني سيدي شهباز آزاد

قبول آمد نياز خان ديندار

 

در آن حضرت زِ عونِ طالع شاد

چـﮧ گويم وصف آن صحن مقدس

 

بجايءَ خشت، انجم چيده استاد

چو خواهي سال وي با چشم دانش

 

بمقطع بين کـﮧ آمد سال بنياد

يکي باشد ز ”فرش مسندِ شاه“

 

دگر باشد ز ”فرش جنت آباد“

                       1040هه

 

                  1041هه

سال 1043هه ۾ ٺهيل مسجد جو ڪتبو:

بدور شهنشاهِ شاهِ جهان

 

جهان از نوازش چو باغ بهشت

چو مسجد بنا کرد ديندار خان

 

بدرگاه شهباز عالي سرشت

خرد گفت سالش کـﮧ”بيت العتيق“

 

دگر ”مسجد شيخ بهووه“ نوشت

                         1043هه

 

          1041هه

سنڌ جي واليءَ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ خانقاه اندران هڪ ڏيڍي ٺھرائي وئي ۽ هڪ انگاس (علم) پڻ پيش ڪيو ويو، جنھن جو ذڪر هيٺئين ڪتبي ۾  آيل آهي.

چـﮧ خوش جناب مبارک کـﮧ نور حقاني

ز روضـﮧ است عيان ظاهري و پنهاني

قلندر و سخي و کام بخش اهل يقين

ولي و سيد عثمان پير نوراني

بخاص و عام کـﮧ مشهور لعل شهباز است

بپادشاهه گدا باز داد سلطاني

باين جناب هر آن کس کـﮧ ارادتي دارد

بکام مي رسد از دولت فراواني

غلام شاه ميان صاحب سعادت مند

نشان حضرت عباس کان احساني

سخي و غازي و فياض معدن الطاف

چو سرفراز شد از لطف وجود رباني

ز خاص نيت خود کرد تازه خوش تعمير

کـﮧ فرش و صحن در روضـﮧ شد گلستاني

قبول حضرت مخدوم شد نشاني کو

ز رحمت نبوي و علي عمراني

هر آنکـﮧ ديد و بيند ز شوق نور ظھور

شود دو چشم و دلش روشن و درخشاني

هزار يک صد و هفتاد و سہ ز هجري بود

ز کارداريءَ باقر نشان شد ارزاني.

قبوليت کہ ز تعمير جستم از هاتف

ندا بگوش من آمد ز لطف سبحاني

ز يمن مصرع تاريخ خوش بگو صابر

”قبول باد نشان در جناب شاهاني“

                       1173هه

ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي واليءَ مير ڪرم علي خان، پراڻين عمارتن جي مرمت ڪرائي ۽ هڪ چانديءَ جو دروازو جيڪو اڃا تائين موجود آهي، روضي ۾ لڳرايائين. مير غلام علي ”مائل“ ان تي قطع تاريخ لکيو:

چون باين روضـﮧء جنان رفعت

کـﮧ ببابش بود فلڪ دربان

روضـﮧء شاهباز روضـﮧء قدس

لعل شهباز شيخنا عثمان

داد اکنون کرم علي خان مير

از کرمهاي ايزد مَنّان

بهر ترويج کار اجر و خير

کـﮧ بود احسن از شهانِ زمان

خوش بترميم روضـﮧء زين نو باب

زيب و تکميل زينت شاهان

باب اين روضـة الصفا کردند

از زر و سيم مھر و مـﮧ رخشان

لوحش الله کـﮧ بخت و اقبال است

از درش بخش مقبلان جهان

بِسکـﮧ باب کشود کام دل است

باب اين بارگاه فيض نشان

دلم از شوق آستان بوسيش

صبحدم در دعايءَ بانيءَ آن

خواند تاريخش اينچنين ”بڪمال“

      91 

”قبل الله خير وَز احسان“

91+1140=1231هه

باز سالش بہ ”باب“ گفت دگر

”ضاعف الله اجره“ برخوان

5+1226=1231هه

حبذا بارگاه باب سلام

با سر گام باز کرد بيان

هم دگر کرد گل دلم اين سال

”آمد اين باب روضـﮧء باب جنان“

20+1211=1231هه

خوش براين باب ”مائل“ حق است

سائل خير خوبيش همـﮧ آن

ٻي تاريخ:

حبذا اين باب بابِ روضئه جنت نظير

کامد از خير امير ذوالکرام اکرام جفت

هاتفم سال درستيش ز لوح سيم و زر

از طلا و نقر مھرومـﮧ است اين باب گفت

 

(2)

مخدوم ڇٽو امراڻي

(متعلق، ص 57، ح 2)

 

تحفة الڪرام ۾ هن بزرگ بابت لکيل آهي: ڀانڀرن (برهمڻ آباد) شھر جي برباديءَ جي باري ۾ مشهور آهي ته، راجا دلوراءِ اروڙ جي تباهيءَ کان پوءِ هن شھر ۾ اچي رهيو. هن کي ڇٽي امراڻي (آمر جي پٽ) نالي هڪ ڀاءُ هو، جنھن کي خدا ننڍي هوندي اسلام جي توفيق عطا ڪئي هئي. هي برهمڻ آباد ڇڏي ٻاهر هليو ويو. اتي قرآن مجيد جي حفظ سان گڏ اسلامي عقيدن کان به واقف ٿيو ۽ جڏهن واپس ساڳئي شھر ۾ آيو ته مائٽن کيس شادي لاءِ زور ڀريو پر هن انڪار ڪيو. ڪنھن ماڻھوءَ مسخري ڪندي چيس ته تون به ڄڻ ڪو ترڪ آهين، جو ڪعبي ۾ وڃي عرب جي ڪنھن عورت سان نڪاح ڪندين. اتفاق سان انھن ئي ڏينھن ۾ کيس حج جو خيال ٿيو. عرب ۾ پھچي ٿوري وقت کان پوءِ ڪنھن عورت کي هڪ دڪان تي قرآن پڙهندي ڏٺائين ۽ اتي بيهي رهيو. مائيءَ کانئس پڇيو: ڇا لاءِ بيٺو آهين؟ هن چيس: قرآن ٻڌڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون قرب ڪرين ته مون کي قرآن سيکار، مان تنھنجو ٿورائتو ٿيندس. مائي وراڻيو: فلاڻي جي ڌيءُ منھنجي استاد آهي، جيڪڏهن تون ويس بدلائي ڇوڪرين جي حال ۾ اتي وڃين ته تنھنجو مقصد پورو ٿيندو. اهڙي ريت هي زنانو ويس ڪري اتي ويهي ۽ قرآن سکڻ لڳو. اها زال نجوم جي علم ۾ ماهر هئي. هڪ ڏينھن ڪنھن زال اچي ان مائي کان پنھنجي ڌيءَ جي ستاري بابت پڇا ڪئي ته انھيءَ جي شادي ڪٿي ٿيندي؟ جڏهن ان کي جواب ڏئي فارغ ٿي ته ڇٽي امراڻي کيس چيو: تون جنھن صورت ۾ ٻين جي باري ۾ سڀ ڪُجهه ڄاڻين ٿي ته توکي ضرور پاڻ بابت به ڪا خبر چار هوندي؟ مائي چيس: چڱو جو ياد ڏيارئي! ائين چئي پنھنجو ستارو ڏسي ٻڌايائين ته آءٌ هڪ سنڌيءَ سان شادي ڪنديس. هن پڇيس ته اها شادي ڪڏهن ٿيندي؟ ته مائيءَ چيو، جلد ٿيڻ واري آهي. ڇٽي چيس، اهو ماڻھو ڪٿي آهي؟ مائي استخارو ڪڍندي چيو اهو شخص تون ئي آهين. اها ڳالھه ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو. مائي چيس ته هاڻي هتان هليو وڃ، ٻيهر هتي نه اچجانءِ. ان سان گڏ اها هدايت به ڪيائينس ته زالاڻو ويس بدلائي وڃي منھنجي مائٽن کان منھنجي سڱ جي گهر ڪر، آءُ تنھنجي ئي ڀاڳ ۾ لکيل آهيان.

ستت ئي هنن جي شادي ٿي، ۽ ڇٽو پنھنجي زال فاطمه کي وٺي وطن ڏانھن وريو. جڏهن برهمڻ آباد پهتو ته پنھنجي ڀاءُ دلوراءِ جي بڇڙائين جي خبر پيس جو، پرايون زالون زوري کڻائي انھن جي عصمت لٽيندو ٿي رهيو. ڇٽي گهڻو ئي کيس سمجهايو پر هو باز نه آيو. ويتر سندس حالت اها وڃي ٿي جو فاطمه جي سونهن جي تعريف ٻڌي وجهه وٺي، ان جي ڏسڻ لاءِ ڇٽي جي غير موجودگي ۾ سندس گهر هليو آيو. ڇٽي کي ڪشف ذريعي اها ٻاڦور پئجي وئي. هو اوڏيءَ مهل گهر پهتو ۽ زال کي ساڻ ڪري شھر کان ٻاهر نڪري ويو. ويندي ويل اها وائي ڪيائين ته اجهو ٿو شھر ناس ٿئي. ٿورن ماڻھن ان ڳالھه تي اعتبار ڪيو. پھرينءَ رات هڪ ٻڍڙي زال چرخو ڪتيندي رهي، جنھن جي رينگٽ ۾ وقت گذري ويو ۽ ٻيءَ رات اڃا هوءَ ٻاهر نڪتي ته سارو شھر تباهه ٿي ويو، جنھن جو رڳو هڪڙو منارو يادگار طور باقي رهيو (ج 3، ص 45).

تاريخ طاهري (تاليف 1030هه)، ۾ انھيءَ روايت کان پوءِ هي اضافو ڪيل آهي: ڇٽو امراڻي پنھنجي زال سان گڏ برهمڻ آباد مان نڪري سيوهڻ هليو آيو ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو ۽ اتي ئي سندس حياتي پوري ٿي. هي جيئن پنھنجي جيئري پهتل شخص هو تيئن مرڻ کان پوءِ به اهو ئي درجو هئس. جيڪو به سندس قبر تي اچي ٿو تنھن جي مراد پوري ٿئي ٿي. اها قبر اڃا تائين سيوهڻ ۾ آهي، جتي جمعي ڏينھن ماڻھن جا ميڙ اچي گڏ ٿين ٿا (تاريخ طاهري، قلمي).

ڇٽي امراڻي جو مقبرو سيوهڻ جي شھر ۽ ريلوي اسٽيشن جي وچ تي آهي، جنھن تي ديندار خان (سيوهڻ جي صوبيدار) ڪتبو لڳرايو هو، جو اولاهينءَ ڀت ۾ نصب ٿيل آهي:

بدورِ شهنشاه شاه جهان

 

خديو خردمند صاحب قرآن

چو خلد برين روضـﮧء شاه چهتـﮧ

 

بنا کرد نواب ديندار خان

ز سال بنايش طلب داشتند

 

”بهشتي بروي زمين“ گفت عثمان (؟)

پوئين مصرعي مان تاريخ جو سال 1042هه نڪري ٿو، جنھن مان ظاهر آهي ته انھيءَ ئي سال اهو مقبرو ديندار خان تعمير ڪرايو هو، جو اڃا تائين موجود آهي. سيد حاجي حسين علي شاه سيوهاڻي ”تذڪره مشائخ سيوستان“ ۾ لکيو آهي ته اهو ڇٽو امراڻي، عمران نالي ڪنھن عرب جو پٽ هو. سندس تعلق تميم قوم سان ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ هو ڪجهه وقت برهمڻ آباد جو حاڪم به ٿي رهيو هو. دلوراءِ به انھي جو ئي پٽ هو، جيڪو پنھنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ان جي گادي تي ويٺو. وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي. بيبي فاطمه جي تربت ڇٽي جي مزار لڳ ننڍيءَ بٺيءَ ۾ اڄ به موجود آهي.


(1)   شير بيگ جي قبر تي لڳل ڪتبي مان ظاهر آهي ته هو 11 رمضان 1020هه ڌاري قتل ٿيو هو.

(2)   تفصيل جي لاءِ ڏسو، تاريخ طاهري، بيگلرنامه ۽ مقدمو: مثنوي چنيسر نامه.

(1)   سنڌ ۾ جت قبيلو مشهور آهي، اهي اُٺن جا ڌڻ رکن ٿا، جيڪي راهداريءَ لاءِ ڪم اچن ٿا.

 

(2)   هي لفظ ”دروايش“ ڪتاب جي ٻنهي نسخن ۾ ائين لکيل آهي، جنهن جي ڪا معنى نه ٿي سجهي. سنڌي ۾ دراصل اهو لفظ ”درواش“ ئي آهي جو ”ضرورت“ جي معنى ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو يا شايد صحيح (درهوس گوشت) هجي جنهن کي ڪاتبن بدلائي ائين لکيو آهي.

نوٽ: لفظ ”دروايش“ ايامن کان سنڌي ۾ ضرورت جي معنى سان استعمال ٿيندو اچي ٿو، جنهن کي سنڌ جا فارسي دان عالم ۽ شاعر به ائين ئي لکن ۽ ڪتب آڻين ٿا، جيئن سچل سرمست به پنھنجي هڪ فارسي شعر ۾ چيو آهي: آنچه دروايش- محبت کرد. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي لفظ آڳاٽي زماني کان استعمال ٿيندو پيو اچي. خاص ڪري سنڌ جي اُتر وارن علائقن: سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد پاسي اڃا تائين اهو لفظ سنڌي ٻولي ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org