سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ مَظهر شاهجهاني

 

صفحو:8  

فصل چوٿون

سيوهڻ جي سڌاري بابت

 

جيئن اڳ بيان ڪيو ويو ته هن ملڪ جي رعيت ڏاڍي ڏتڙيل ۽ دربدر ٿي چڪي آهي. هڪ ته هتان جا وڏيرا وڳوڙين سان ملي هڪ ٿي ويا آهن، ۽ ٻيو وري ظالم جاگيردارن جون بڇڙايون اڃان تائين جاري رهن ٿيون.

ان لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان اول مؤلف جي جاچ موجب بختيار بيگ جي عملداريءَ جي شروعات کان وٺي، شمشير خان اوزبڪ جي عملداريءَ جي پڇاڙيءَ تائين، هن ملڪ جي دستور العمل کي بٽئي، داڻي بندي، ايرئي، معافيءَ، اربابن، مقدمن جي انعامن، قانون گوين جي رسمن، ٻيڙين جي محصول توڙي ڌرت سوڌو حساب ڪتاب معلوم ڪيو وڃي.

پھرين اها سنڀال ڪرڻ گهرجي ته هتان جي خرار ۾ سٺ ڪاسا ٿين ٿا. هر ڪاسو پراڻي ريت موجب ڇهه سير اڍائي پاءَ جھانگيري ۽ هڪ دام جو ٿئي ٿو (357-1)، ان ۾ چار ٽويا اچي وڃن ٿا.

ٻيو ته هن ملڪ جي بٽئي وغيرهه ۽ معافيءَ کي ڌيارن ۾ رکڻ کپي. ايريو پڪيءَ پوک جي ايڪڙ موجب لکيو وڃي ٿو. جنھن مان چڱيرڙا ويسا سلطنت جي ٻين علائقن جي دستور مطابق ڦٽل پوک مان رعيت کي معاف ڪيا وڃن ٿا. ان مان نابود ٿيل ۽ ٻج پوکيل ڪلراٺي زمين وارو حصو الڳ ڪيو ويندو آهي. 

خريف: جوار، ڪرنگهه، ساريون: في جريب جنس ساڍا ٽيٽيھه ڪاسا. روڪ هڪ تنڪو ( رائج سڪو) مرادي، ۽ ڪپهه ساڍا پنجٽيھه دام.

گدرا، هنداڻا، ڀاڄيون، تر، موريون، چيڻو، ڪنگڻي ۽ سڻي: پنجويھه تنڪا مرادي ۽ اڻٽيھه دام.

گجرون: في فريب پنجٽيھه تنڪا مرادي.

مانھن ۽ مڱ: في جريب چوڏهن تنڪا مرادي ۽ ٻه دام.

ڪمند: في جريب ٻاهتر تنڪا مرادي.

ڪچرو: في جريب ساڍا ڇهه تنڪا مرادي (357-2)

نير: في جريب پنجٽيھه تنڪا مرادي.

ربيع:   ڪڻڪ ۽ جَوَ: في جريب جنس ساڍا ٽيٽيھه ڪاسا. روڪ هڪ تنڪو مرادي، ۽ ساڍا پنجٽيھه دام.

چڻا: جنس ساڍا سترنهن ڪاسا، روڪ پنجيتاليهه دام.

سرنهن: جنس اٺاويھه ڪاسا ٽي ٽويا، روڪ هڪ تنڪو مرادي ۽ اَٺ دام.

آهر: في جريب جنس ساڍا اٺاويھه ڪاسا، روڪ، پنجٽيھه دام.

چيڻو، بصر، هنداڻا، گدرا، سڻي ۽ واڱڻ: في جريب پنجويھه تنڪا مرادي ۽ اڻٽيھه دام.

مُڱ ۽ مٽر: في جريب چوڏهن تنڪا مرادي ۽ ٻه دام.

مھريِ: في جريب اٺاويھه تنڪا مرادي ۽ اڪٽيھه دام.

جِيرو، وڏف، پواڙيءَ جا گل، جاڻ، ٿوم، ڀنگ ۽ ڏوڏيون: في جريب اٺيتاليهه تنڪا مرادي. ستٽيھه دام ۽ ٽي پاءَ.

تماڪ: اڳئين دستور ۾ آيل نه هو، پر ديندار خان جي عملداريءَ ۾ (358-1) ان کي به ليکيو ويو. في جريب اڍائي روپيا (هڪ رپئي ۾ ويھه تنڪا اچي وڃن ٿا).

بٽئي:  ٻن خرارن مان، هڪ هارين لاءِ، ۽ هڪ خزاني لاءِ.

ٽن خرارن مان، ٻه هارين لاءِ، ۽ هڪ خزاني لاءِ.

چئن خرارن مان، ٽي هارين لاءِ، ۽ هڪ خزاني لاءِ.

پنجن خرارن مان، چار هارين لاءِ، ۽ هڪ خزاني لاءِ.

پنجن خرارن مان، ٽي هارين لاءِ، ۽ ٻه خزاني لاءِ.

نَون خرارن مان، پنج هارين لاءِ، ۽ چار سرڪار لاءِ.

ڍل مان اربابن ۽ مقدمن جو انعام:  بختيار بيگ جي عملداريءَ ۾ اهو انعام ائين هو، جو هڪ سؤ خرارن تي وصول ڪيل ڍل مان پنج خرار انھن کي ڏنا ٿي ويا، ۽ ان ريت سؤ روپين تي پنج روپيا انھن جا هئا.

ان کان پوءِ شمشير خان جي عملداريءَ جي پڇاڙيءَ تائين انھن کي سؤ خرارن مان ٻه خرار انعام طور ڏنا ٿي ويا، ۽ هڪ سؤ روپئي تي کين صرف ٻه روپيا ٿي مليا (385-2).

قانون گوين جون رسمون: هنن کي هڪ سؤ خرارن تان هڪ خرار ڏياريو ٿي ويو، ۽ هڪ سؤ روپين تان هڪ روپيو وصول ٿي ٿيو.

ٻيڙين جو محصول: بختيار بيگ ۽ مير ابوالقاسم جي پھرئين ڀيري واريءَ عملداريءَ دوران اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ زڪوات جو دستور هو، جنھن موجب سوداگرن جي سال جو حساب ڪري ان مان چاليهون حصو ورتو ٿي ويو.

سيوهڻ جي ايراضيءَ ۾ جيئن ته شھر وٽان ٻيڙين جي لنگهڻ جو هڪڙو ئي گهٽ هو، تنھن ڪري محصول جو اهو نمونو ڪنھن کي ڏکيو ڪو نه ٿي لڳو.

مير ابوالقاسم جي ٻئي ڀيري واريءَ عملداريءَ دوران جڏهن جھانگير بادشاهه زڪوات معاف ڪري ڇڏي ته،

ڀريل ٻيڙيءَ تان: اڌ سير نباتون جنس ورتيون ٿي ويون. خالي ٻيڙيءَ تان: ڪا به اوڳاڙي نه ٿي ڪئي وئي. سيوهڻ جي شھر وارو گهٽ به انھيءَ ۾ ٿي آيو.

شمشير خان اوزبڪ جي پھرئين ڀيري واريءَ عملداريءَ دوران، ڀريل ٻيڙيءَ تان هڪ سير نباتون، اگهه ڏهه تنڪا مرادي، اوڳاڙيون ڪيون ٿي ويون. اهو اگهه اڳتي هلي ويھه تنڪا مرادي ٿيو (359-1).

ٻئي دفعي جڏهن شمشير خان ٺٽي کان ڦري هتي آيو ته هڪ روپيو ڀريل ٻيڙيءَ تان محصول وٺڻ جو رواج پيو. خالي ٻيڙيءَ تان ڪا به وصولي نه ٿي ڪئي وئي. سيوهڻ جي شھر وارو لنگهه به انھيءَ ۾ شامل هو.

ڌرت: انھن عملدارين ۾ اهو دستور هو ته هڪ خرار تي هڪ ٽويو وڪڻندڙ کان ورتو پي ويو. ٻيءَ ڪنھن شيءِ تي اهو شرط ڪو نه هو.

بهتر ائين آهي ته قانون گوين کي شاهي درٻار ۾ گهرائي ڪنھن به هڪ عملداريءَ، مثال طور ديندار خان جي عملداريءَ جي تحقيقات ڪرڻ اچي. جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهي ته عملدارن جي پيداوار مان پورائي ڪرڻ کپي. ان لاءِ ته خلق جي جان ۽ ملڪيت بادشاهه جي حفاظت ۾ آهي (359-2) .

انھيءَ سان گڏ ملڪ جي هر پرڳڻي جي ڳوٺن جي جاچ ڪرائي وڃي ته هر هڪ پرڳڻي ۾ ڪيترا ڳوٺ اچي وڃن ٿا. انھن مان ڪيترا آباد آهن ۽ ڪيترا ويران رهن ٿا. تنھن کان پوءِ سلطنت پاران رعيت جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ امين مقرر ڪرڻ گهرجي، جنھن کي شاهي فرمان سان گڏ دستور العمل جو پروانو به مليل هجي. هو هتي اچي هر پرڳڻي جي هڪ هڪ ڳوٺ ۾ وڃي آباديءَ وارا ڳوٺ رعيت جي حوالي ڪري، ۽ ان کي سمجهائي ته گذريءَ کي ياد ڪرڻ بدران حال تي نظر رکي وڃي، ۽ هن کان پوءِ سڀ ڪُجهه دستور مطابق ٿيندو رهندو. هر ڪنھن کي پوکيءَ راهيءَ ڏانھن ڌيان ڏيڻ کپي. اهڙي نموني ملڪ جي آباديءَ ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿيندو ويندو. جيڪي ڳوٺ ويران ٿي چڪا آهن، انھن کي آباد ڪرڻ لاءِ ماڻھن کي دلاسو ڏئي واپس ساڳئي هنڌ وسائڻ گهرجي (360-1). ڪنھن به ارباب، مقدم، جاگيردار توڙي قانون گو کي اها مجال نه ٿئي جو دستور کان وڌيڪ رعيت وٽان ڪا وصولي ڪري، ان کي ظلم ستم جو شڪار بنائي، جيئن رعيت کي پڪ ٿئي ته اها شهنشاهه جي ئي رعيت آهي ۽ محفوظ رهي ٿي. اربابن، مقدمن توڙي قانون گوين کي به جاگيردارن وانگي اهڙي تنبيهه ڪئي وڃي، جو کين پتو پوي ته رعيت واقعي شهنشاهه لاءِ دولت مثال آهي ۽ امين خزاني جو نگهبان-! اهڙيءَ حالت ۾ رعيت تي ظلم ڪرڻ خرابيءَ جو باعث ٿيندو.  سوداگرن، واپارين ۽ ڪاريگرن تي به ڪرڙي نظر رکي وڃي، جيئن هو به ڪنھن سان ڪو انڌير نه ڪري سگهن. امين تي پڻ لازم آهي ته لالچ ۾ اچي جاگيردارن سان ڪو لاڳاپو نه رکي ۽ شاهي اجوري تي راضي رهي.

هر هڪ پرڳڻي ۾ اهڙا ڪارندا مقرر ڪيا وڃن، جيڪي جاگيردارن جي عمل دخل کان واقف ٿي روزانو پنھنجي منيب کي (360-2) سربستو احوال لکي موڪليندا رهن. جتي رعيت تي ڪو ظلم ٿئي ته ان جي داد رسي ڪرڻ ۾ اچي. جيڪڏهن ان کان ائين نه پڄي ته جاگيردار ڏانھن رجوع ٿئي، پر جي جاگيردار به دانھن نه ٻڌي ته، شاهي درٻار ڏانھن عرضداشت اُماڻي، جيئن اتان ڪو تدارڪ ٿئي. اهو امين خزانچيءَ وانگي هجي، جيڪا لک روپئي تائين هنڊي آهي، ته ان کان مٿي ڪا به رقم اُن لاءِ ڏئي نه سگهي. جيڪڏهن ڪوشخص زوريءَ ڪجهه محصول ڇڏائڻ چاهي ته ان کي نه ڇڏي، ۽ جي هو وڌيڪ زور ڀري ته هيءُ جاگير وٽ دانھين ٿي ويندو، ۽ جاگيردار ان جي تنبيهه لاءِ تيار ٿي ويندو.

اهڙو امين جيڪڏهن خود جاگيردار کي ڏسي ته هو دستور کان وڌيڪ رعيت وٽان ڪا اوڳاڙي ڪري ٿو ته کانئس جواب طلب ڪري، ۽ جي جاگيردار ڪو زور يا ظلم ڪري ته امين اها ماجرا شاهي حضور تائين پھچائي ( 361-1) ۽ بادشاهه رعيت جو لحاظ ڪندي خزانچيءَ جي فيصلي کان وڌيڪ ڏهوڻو ڏنڊ جاگيردار جي مٿان وجهي کيس اهڙي سيکت ڏئي ڇڏي جو ٻيا ان مان عبرت حاصل ڪن، ان لاءِ ته رعيت خود بادشاهه جي پھرين دولت ۽ خزاني برابر آهي، جيئن اڳ بيان ڪيو ويو . هن باري ۾ جيڪڏهن رعيت ۾ تفرقو پيدا ڪندڙ ڪي چغل جهلي، انھن جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي ته هيڪاري چڱو ٿئي. امين پنھنجي ڪم کان سواءِ جيڪو مٿس رکيل آهي، ٻئي ڪنھن به ڪم ڏانھن ڌيان نه ڏئي. هو صرف پنھنجي ذميداري پوري ڪندو اچي، ڇاڪاڻ ته هڪ ماڻھوءَ کان ٻه ڪم ٿي نه ٿا سگهن. جھڙيءَ طرح پھرئين حصي ۾ ڄاڻايو ويو آهي.  ملڪ جي هر پرڳڻي ۽ هر هڪ ڳوٺ جي آباديءَ جا انگ اکر سال به سال شاهي دفتر ۾ پھچڻ کپن، جيئن شاهي عملدارن کي (361-2) سڄيءَ حقيقت جي خبرچار پوندي رهي.

ڪنھن به قانونگو کي امين جي جاءِ تي مقرر نه ڪيو وڃي. ان ڪري جو اهي پنھنجي گهٽ رتبي هئڻ ڪري جاگيردار کي سندس ظلم ستم کان باز آڻي نه ٿا سگهن. بلڪ هر انڌير ۾ ان سان شامل ٿي وڃن ٿا. امين به اهڙو هجي جو پنھنجي عزت ۽ ديانت جو احساس رکي، جيئن جاگيردار ان جي ڳالھه کي چڱيءَ طرح ڌيان ۾ آڻي.

لشڪر جي ڀلائيءَ بابت جنھن جي موجودگي هن ملڪ ۾ نھايت ضروري آهي، اڳتي هلي تفصيل پيش ڪيو ويندو، پر ٿورن لفظن ۾ ٻڌائجي ٿو ته هتان جي جاگيردار وٽان ايترا ماڻھو هٿ ڪري سرحدن تي وهارڻ کپن، جيئن رعيت وڳوڙين جي فساد کان امن ۾ رهي ۽ پنھنجي پورهئي سان ڪم رکندي اچي (362-1)، ۽ رعيت کان جائز ڍل ورتي وڃي. جيڪڏهن لشڪر جو حق جاگيردار پاڻ تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس اهو سمجهايو وڃي ته هيءُ لشڪر شاهي ڪمن ڪارين ۾ ڪتب ايندو رهندو، ۽ جاگيردار بادشاهه کان مٿي نه آهي.  جيڪڏهن هڪڙو جاگيردار ڪنھن هنڌان بدلي ٿئي ته جيسين تائين  ٻئي جاگيردار جو لشڪر ملڪ جي سرحدن تي مقرر نه ٿئي ايسين تائين  پھرئين جاگيردار جو لشڪر اتان نه ڪڍيو وڃي.

اخبار نويسيءَ لاءِ به الڳ وقائع نويس مقرر ڪيل هجي جيئن اڳين صوبن جو دستور هو. هاڻوڪي رواج موجب، اهو ڪم بخشي (مير منشي) کان به ورتو وڃي.

هن ملڪ جا بزرگ جيڪي دُعا (دعاگو) جو لشڪر آهن، اڪثر پريشان ۽ بي وقار پيا گذارين، اهي ٽن قسمن جا ليکيا وڃن ٿا:

1-   منصبدار جيڪي قاضي، مفتي، صدر ۽ محتسب آهن (362-2).

2-   اهل علم ۽ حافظ.

3- سادات، مشائخ ۽ اصلي مغل، جيڪي دنيا کي ترڪ ڪري، گوشي نشينيءَ ۾ رهي، شاهي خزاني مان ملندڙ ٿورڙيءَ مدد تي گذارو ڪندا رهن ٿا. سندن گذر جو ٻيو ڪو به وسيلو نه آهي ۽ انھيءَ تي قناعت ڪن ٿا.  اهي ٽنهي قسمن جا ڀلارا شخص اڪبر، جھانگير ۽ انھن جي پوئين وٽ پيش ٿي معاشي مدد حاصل ڪندا ٿا اچن. هي وڏيءَ محنت سان ٿوري ٻنيءَ مان پنھنجو پيٽ پالين ٿا. هر سال ۾ هر فصل جي موقعي تي ڪڙمين کي ايلاز ڪري، ٿوري گهڻي همراهيءَ سان، واهين وسيلي پاڻيءَ جو بلو ڪري، زمين جو ٽڪرو پوکائين ٿا. ايڏيءَ مٿا ڪٽ کان پوءِ به کين ٻنيءَ مان جيڪا پيدائش ٿئي ٿي سا بلڪل نه هئڻ برابر آهي (363-1).

4- وڏيرن جو طبقو آهي، جيڪي اربابيءَ ۽ مقدميءَ سان پڻ تعلق رکن ٿا. هي ماڻھو اڪبر توڙي جھانگير جي حضور ۾ پيش نه ٿيا هئا، پر نورجھان بيگم جي دور ۾ پيسا ڏئي پروانا خريد ڪيا هئائون. اهي جيئن ته اصل ۾ زميندار آهن، تنھن ڪري چڱن هنڌن تان ڀليون زمينون هٿ ڪري انھن تي پوک ڪرائيندا ٿا اچن. رعيت سندن محتاج رهي ٿي ۽ کيڙ کاٽيءَ ۾ انھن جي مدد کان سواءِ ئي سندن ٻنيون آباد ڪري ٿي. انھيءَ ڪري وڏيرن جون گهڻيون زمينون آباد ٿين ٿيون، جنھن لاءِ هنن کي ڪا محنت نه ٿي ڪرڻي پوي. جيڪڏهن ملڪ جو ڪو جاگيردار شدت سان ڪنھن معاملي جي جاچ ڪرڻ ٿو گهري، خاص  ڪري جنھن جاچ جو تعلق مٿي ڄاڻايل ڀلارين شخصيتن جي ٻني ۽ ان جي پيداوار سان آهي ته، وڏيرا جاگيردار جا کيسا ڀري سندس دل خوش ڪري سڀني بزرگن جي روزيءَ ۾ اکيون وجهن ٿا. هنن ويچارن کي انھن زيادتين کان بچڻ لاءِ ڪا به راهه نه ٿي سجهي (363-2). تنھن ڪري پنھنجي سڄي موڙِيءَ کان سواءِ وڌيڪ ڪتاب ۽ گهر جو سامان وڪڻي ڀري ٿا ڏين، تڏهن به سندن جند ڪا نه ٿي ڇٽي. جاگيردار کين گهٽين ۽ بازارين ۾ ذليل ڪندا ٿا وتن، جنھن ڪري هنن جا هيڪاري بڇڙا حال ٿين ٿا ۽ سندن زمينون گهڻي ڀاڱي ڏنڊ ۾ اچي وڃن ٿيون. ٻئي پاسي وڏيرن کي ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪونهي.

وڏو قاضي جاگيردار سان ڪڇي نه ٿو سگهي، ڇو ته ان کي ائين ڪرڻ سان پنھنجي روزيءَ ۾ ڪتر وجهڻي ٿي پوي. انھن جو ڪو چاڙهو ڪرڻو آهي ته وڏي قاضيءَ جا هٿ مضبوط ڪرڻ کپن جيڪو پوريءَ طرح جاچ ڪري هنن کي پنھنجا حق واپس ڏياري ( 364-1)، جيئن سندن زمين جي پيداوار سندن حوالي ٿئي. ٻيءَ صورت ۾ هنن لاءِ اهڙو بندوبست ٿيڻ کپي جيئن جاگيردار مٿن ڪو به ظلم ڪري نه سگهي ۽ هو بي فڪريءَ سان پنھنجو گذران ڪري دعا گوئي ۽ ٻيون خدمتون سرانجام ڏيندا رهن، جيڪي کين سونپيل آهن.

وڏي قاضيءَ ۽ ٻين قاضين لاءِ به اهڙو انتظام ٿيل هجي، جيئن هو قضا جي عهدي تي قائم رهي، عدالت ۾ ويهي، شرعي قانونن موجب ماڻھن جا فيصلا ڪندا رهن. هنن ڀلارن کان ٻيو ڪو به ڪم نه ورتو وڃي نه وري هي پاڻ حڪومت جي ڪنھن ڳالھه ۾ ڪو دخل ڏين. شاهي درٻار طرفان جيڪي کين ملي ٿو ان تي اڪتفا ڪن ۽ ڪنھن به لالچ ۾ اچي جاگيردار جا محتاج نه بنجن (364-2).

 


 

 

 


 

فصل پنجون

سيوهڻ جي وڳوڙين جي سيکت

۽

ان لاءِ گهربل فوج بابت

 

هن کان اڳ هتان جي پرڳڻن بابت مختصر احوال پيش ٿي چڪو آهي، ۽ هر پرڳڻي جي ٽن گروهن جو بيان به اچي ويو، جيڪي سدائين وڳوڙ ڪندا رهن ٿا. هاڻي انھن کي سيکت ڏئي، سڌارڻ جو تفصيل ڏجي ٿو، جنھن جي مهابي هر پرڳڻو وري آباد ٿي سگهندو. هن فصل ۾ ٽي رڪن آهن:

رڪن اول سميجن انڙن جي سيکت بابت

سميجن انڙن جي سيکت بابت، جيڪي سڄن چئن پرڳڻن کان علاوه ملڪ جي ٻين حصن ۾ به وڳوڙ ۽ فساد پيدا ڪندا رهن ٿا:

1-   جوڻيجا پرڳڻو.

2-   (365-1) خِطو پرڳڻو.

3-   لاکاٽ پرڳڻو .

4-   سن پرڳڻو.

۽ ڪي ڳوٺ پرڳڻي حويلي سيوهڻ جا جيڪي درياهه جي هُن ڀَرِ، انھن بَد بَختن جي تر ۾ آهن.

اهڙيءَ طرح چار پرڳڻا بکر جا جن تي به مٿين وڳوڙين جي ڌاڪ آهي:

1-   ماٿيلو پرڳڻو.

2-   اروڙ پرڳڻو .

3-   لڌو گاگن پرڳڻو .

4-   درٻيلو پرڳڻو .

ٺٽي صوبي جي نصرپور واري سرڪار به سميجن هٿان ويران ٿيل آهي. جيسلمير جو راجا به انھن جي اچاٽن کان عذاب ۾ آهي. ان کي به خشڪي توڙي درياهي رستن کان هنن جي فتني فساد جو خطرو رهي ٿو. خشڪيءَ واري رستي جي حفاظت لاءِ پنجن ڇهن سون سوارن جي ضرورت  رهي ٿي. ٻيءَ حالت ۾ سوداگر سلامتي نه هئڻ ڪري اتان اچڻ کان ڪيٻائين ٿا. درياهي رستي جي به اها حالت آهي جو سوداگر سيوهڻ واري گهٽ تائين پھچي (365-2)، ڪي ڏهاڙا اتي ترسي پون ٿا، جتي سڄو محصول سيوهڻ جي جاگيردار ۽ چوڪيدارن کي ڀري ڏين ٿا. اتان چوڪي ساڻ ڪري سن جي تڙ تائين اچن ٿا. جتي وري محصول ڀري، ٻي چوڪي ساڻ ڪري هالا ڪنڊيءَ تائين پھچن ٿا. ايڏي احتياط هوندي به اڪثر ٻيڙيون تاراج ٿين ٿيون ۽ سوداگرن جو قتل ٿي وڃي ٿو.

اهڙيءَ حالت ۾ سرڪاري فوجن تي لازم آهي ته هو انھن بدبختن سان چڱيءَ طرح منھن ڏين. هن تدبير سان جيئن ترخانن جي زماني کان وٺي شمشير خان جي عملداريءَ تائين، اهو دستور هلندو پي آيو ته ڪيئي رعيتي ماڻھو سميجن انڙن جي ڳوٺن م يا انھن جي آسپاس وهاريل هئا، جيڪي وقت اچڻ تي سرڪار جو ساٿ ڏيندا ٿي رهيا. انھن مان سميجن جا دنگئي لاکا خاص ڪري ساراهڻ جوڳا آهن (366-1). جيڪي سميجن کي سيکت ڏيڻ ۾ اڳرا رهندا آهن. جڏهن به سميجن ڪا هوڙيا ئي ٿي ڏيکاري ته راڄ ڀاڳ سان گڏ مقامي وڏيرن به انھن تي پي ڪاهون ڪيون، جن مان چڱا نتيجا ٿي نڪتا. انھن ڪاهن ۾ ڪيترا سميجا قتل ته ڪيئي قيد ٿي پي ويا، ۽ سندن ملڪيتون تاراج پي ٿيون.  انھن هنڌن تي ڪيئي ٿاڻا پڻ قائم ڪيل هئا، جن ۾ فوج کي ٿانيڪو ڪيو ٿي ويو. تنھن زماني ۾ لاکاٽ توڙي خطي وارا پرڳڻا آباد رهندا ٿي آيا، جيڪي سميجن بدبختن جي پسگردائيءَ ۾ هئا. انھن ڪاررواين جي ڪري سميجا انڙ پوريءَ ريت اُڀري نه ٿي سگهيا. هي پنھنجي جند ڇڏائڻ لاءِ لاکاٽ پرڳڻي جو پاسو وٺندا ٿي رهيا. سندن مرضي هئي ته انھيءَ پاسي وارا کانئن ڪا به ڍل نه وٺن. ان پاسي جو جاگيردار هنن کان ٿوري ڍل وٺندو ٿي آيو ۽ جڏهن به (366-1) هنن ڪا ڏنگائي ٿي ڪئي ته، اهو جاگيردار مٿن ڪاهي ٿي آيو ۽ کانئن پنھنجو انتقام ٿي ورتائين.

شمشير خان کان پوءِ ڪنھن به جاگيردار هنن رهزنن سان هٿ نه اٽڪايو، پر هڪ دفعي محمد علي بيگ بندريءَ بکر مان اچي، شير خواجه جي ماڻھن سان گڏجي، مٿن ڪاهي کين چڱي متِ ڏئي ڇڏي هئي. پوءِ سندن ماڻھو قيد ڪري سبيءَ جي پٺاڻن وٽ وڪيا هئائين. هنن جي لَٺِ سردار بودلي کي به ٻڌي بکر گهلي آيو هو. انھيءَ تعديءَ کان پوءِ ٻن ٽن سالن تائين هنن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا. وري ڪا حرڪت نه ڪيائون، جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي.

محمد علي بيگ کان پوءِ سميجن وري زور وٺڻ شروع ڪيو. ٻئي پاسي رعيت به وڏيرن جي ظلم ستم کان زبون ٿيڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته جنھن به (367-1) جاگيردار، شير خواجه کان پوءِ هن ملڪ جي واڳ ورتي ته لاکاٽ واري پرڳڻي جي آمدنيءَ مان سميجن جي ڳوٺن ۾ قائم ڪيل ٿاڻن جي خرچ جو پورائو ڪرڻ لڳو، پر کانئس اهو نه ٿي سگهيو ته سميجن تي ڪا چڙهائي ڪري، ۽ نه وري ٿاڻن جي ڪا سار سنڀال لڌائين. انھيءَ عرصي ۾ سميجن، خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جي ستياناس ڪري ڇڏي ۽ پڇاڙيءَ انھن تي ڌاڪو ڄمائي ويٺا.  هنن پھرينءَ سَٽ ۾ چانڊين بلوچن کي قتل ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي مسڪين وڃي بچيا، تن ٻي واهه نه ڏسي سندن آڻ مڃي. اڳتي وڌي حويلي سيوهڻ ۽ جوڻيجن جي پرڳڻن جا ڪيترا ڳوٺ ناس ڪري ڇڏيائون. جڏهن رعيت پوريءَ طرح هنن جي آئيءَ ۾ اچي وئي ته ڀر پاسي جي وڏيرن مٽي مائٽيءَ يا دوستي ياريءَ جي حيلي بهاني دورانديشيءَ کان ڪم وٺي ساڻن ناتا وڃي جوڙيا، جيڪي اڃا سوڌا هلندا پيا اچن.

جيڪڏهن چانڊين ۽ سميجن جي اڳو پوءِ پاڙ پٽڻي آهي ته (367-2)، هڪ سمجهدار ۽ اثر رسوخ واري ماڻھوءَ کي پنھنجي پاسي ڪري، کيس ڳاهن ۽ جوڻيجن واري آباد علائقي سان گڏ خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جون غير آباد ايراضيون به جاگير ۾ ڏئي، مٿس اهو ڪم رکيو وڃي ته هو انھن ٻنهي قومن سان پوريءَ طرح پڄي سگهن، ۽ هو کانئس ڪا به منھن موڙ ڪن ته انھن کي ٻن طريقن سان ٺيڪ ڪري سگهي.

1- شاهي فوجن کي حڪم ڏنو وڃي ته چئن ئي پاسن کان هنن بدبختن تي گهيرو ڪري وڃن. سرڪاري وصولي ڪندڙ بي ڊپا ماڻھو بکر واري جاگيردار جا سپاهي ساڻ ڪري درٻيلي پرڳڻي جي ڳوٺ ”گڙنگ“ ۾ اچي پڙاءُ وجهن. هوڏانھن ٺٽي مان سپاهه گهرائي هالا ڪنڊي جي پرڳڻي واري ڳوٺ ”ابڙيجن“ ۾ ٿمائي (368-1) جيسلمير جي راجا کي تاڪيد ڪيو وڃي ته هڪدم پنھنجا ماڻھو وٺي اچي هنن فسادين جي انھن ٿاڪن ۾ بيهاري ڇڏي، جيڪي جيسلمير جي ڀٽن ۾ کين ڀاڄڙ دوران ڪم اچن ٿا. اهڙيءَ طرح سيوهڻ جي جاگيردار تي اهو ڪم رکجي ته هو پنھنجي سپاهه کي خطي پرڳڻي جي ڳوٺ ڪاڪي ۾ جائيتو ڪري، جيئن چئن ئي پاسن کان هنن رهزنن کي ان جو داڻو به نصيب نه ٿئي، ۽ سندن راهون اهڙيءَ ريت رد ٿي وڃن جو پنھنجا ڍور ڍڳا توڙي ٻار ڪڍي نه سگهن. جن به وڏيرن هنن هنگامن ۾ انھن جو پاسو وٺي ساڻن رشتا ناتا قائم ڪيا آهن، تن کي کانئن الڳ ڪيو وڃي. ان لاءِ هر هنڌ پڙهو ڏياري ماڻھن کي چتاءُ ڏجي ته جنھن به ڳوٺ يا گهر ۾ سميجا انڙ پناهه وٺندا يا سندن مال، عيال ۽ ٻيو سامان ڪنھن وٽ به موجود هوندو ته، خبر پوڻ شرط ان ڳوٺاڻي يا گهر جي مالڪ کي به انھن رهزنن وانگي ڦاهيءَ چاڙهي سندس مال اسباب ضبط ڪيو ويندو (368-2). هن باري ۾ ڪنھن به ماڻھوءَ جو لحاظ نه رکڻو پوندو.

انھيءَ ڏهڪاءَ وسيلي سنڌ جا وڏيرا سرڪاري دٻاءَ ۾ اچي ذڪر ڪيل رهزنن سان اهي رشتا ٽوڙي ڇڏيندا، جيڪي هن کان اڳ ساڻن ڳنڍي چڪا هئا ۽ پوءِ اڳ وانگي کين اک ۾ رکي سندن بڇڙاين جو کتو جواب ڏيڻ لڳندا. جيڪڏهن هڪ هزار بھادر سوار ڀلن گهوڙن ۽ پنج سؤ پاڻيءَ ڀريل اٺن سان سميجن تي چاڙهي موڪليا وڃن ته هي نامراد منجهي مرن ۽ کين پتو پئجي وڃي ته بد معاشي جي سزا ڪھڙي ٿيندي آهي. پنج ڇهه هزار پاڻ، سندن زالون ۽ ٻار ڪل ويهن هزارن تائين ٿيندا، آخر ڪيڏانھن ڀڄي سگهندا؟ ليڪن شرط هي آهي ته سندن واهون بند ڪيون وڃن، ان کان سواءِ کين لڪڻ لاءِ به ڪا جاءِ ڪانھي، جو گهڻو ڪري پوک ۽ پاڻي وارن هنڌن تي رهن ٿا، جنھن ڪري هر هنڌ آساني سان هٿ اچي ٿا سگهن. شاهي لشڪر جڏهن به مٿن ڪڙڪيو ته (369-2) هي ٻارين ٻچين موت جي منھن ۾ اچي ويندا. ڪيترن کي قيد به ڪري سگهجي ٿو. سندن مال مڏي تاراج ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڇڙ وڇڙ ٿين، تن کي چئن ئي پاسن کان فوجي گهيري ۾ آڻي، ٻڌي قابو ڪيو وڃي. اڃا به هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو هٿان نڪري ويو ته آخر ڪڏهن نه ڪڏهن ڦاسندو. گهڻو ڪري رهيا کهيا ماڻھو هٿيار ڦٽا ڪري رعيتي راڄ ٿيڻ قبول ڪندا آهن. ايڏي وڏي سوڀ حاصل ٿيڻ ۽ وڳوڙين جي پاڙ پٽڻ کان پوءِ اهو سڄو علائقو انھن رعيتي ماڻھن جي حوالي ڪيو وڃي، جنھن تي اهي ڌاڙيل هاڻي ڌاڪ ڄمايو ويٺا آهن.

هنن بد بختن جا جيڪي علائقا سهتن واري پاسي ڏانھن آهن، اهي درٻيلي واري پرڳڻي ۾ شامل ڪري سهتن کي ڏنا وڃن. مٿن واجبي ڍل وجهڻ کپي، جيئن ٻيا هنڌ به (369-2) چڱي طرح آباد ڪري اهي اتي رهن. سهتن کي ستوهه ڪيو وڃي ته گڙنگ وارو قلعو (جنھن کي سميجن ڦٽائي ڇڏيو هو) نئين سر آباد ڪري، اتي وڃي وهن.

 بکر جي علائقي ۾ خريف جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿئي ٿو، جڏهن خريف جو وقت ويجهو ايندو آهي ته سهتا انھي گڙنگ واري قلعي ۾ وڃي وهندا آهن، ان جي اوسي پاسي هرڪو پوکيءَ راهي جو ڌنڌو ڪندو رهي ٿو. هتي سؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي بکر مان گهرائي وهارڻ کپن، جيئن سميجن جو هيءُ علائقو سهتا آباد ڪندا رهن.

ڪوريجن ۽ پنوهرن جي پاسي به سميجن جون جيڪي زمينون آهن، اهي جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ داخل ڪري، مٿين ٻنهي قومن کي ورهائي ڏجن پر انھن تي به واجبي ڍل وجهڻي پوندي، انھيءَ احسان عيوض ماڻھو دل لائي ٻنيون آباد ڪندا. گچيري ۾ به هڪڙو قلعو قائم ڪري (370-1) ان ۾ سؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي رکيا وڃن، جتي سيوهڻ جي جاگيردار پاران ٿاڻو هئڻ گهرجي.

خطي پرڳڻي ۾ به هنن چورٽن جو جيڪو علائقو  آهي، سو انھيءَ پرڳڻي جي رعيتي ماڻھن هالي پوٽن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ڪاڪي واري قلعي ۾ پنجاهه سوارن سان گڏ پنجويھه توبچي مقرر ڪرڻ کپن، جيڪي پڻ سيوهڻ جي جاگيردار پاران هجن، جيئن اهو پرڳڻو اڳ وانگي آباد ۽ سرسبز ٿي پوي.

لاکن جي پاسي به جيڪي سميجن جون دهون آهن، سي لاکن کي ڏياريون وڃن. هنن کي پنھنجي اڳوڻي ملڪيت سان گڏ جڏهن سميجن انڙن جون ٻنيون به ملنديون ته هي وڌيڪ ٿورائتا ٿيندا. اهي ماڻھو سميجن انڙن جا اصل کان ويري آهن. هي طاقت ۾ آيا ته سميجن جي ڄڙهه نڪري ويندي. انھي پاسي وينجھڙي واري قلعي جي مرمت ڪرائي (370-2) ان ۾ سيوهڻ جي جاگيردار کي ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ توبچي مقرر ڪيا وڃن، ته جيئن لاکا بي اونا ٿي پوکي راهيءَ ۾ رڌل رهن.

نصرپور سرڪار جي پرڳڻي هالا ڪنڊي ۾ به سميجن جون زمينون پيل آهن، جيڪي پڻ هالا قوم جي حوالي ڪجن. اهي ٻنيون هالاڪنڊي جي پرڳڻي ۾ شامل ڪرڻيون پونديون.

هالا ڪنڊيءَ وارو ٿاڻو هميشه ٺٽي جي صوبيدار جي واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ٿيندو آيو آهي. اهو ٿاڻو وري ٻه سؤ سوارن ۽ هڪ سؤ توبچين سان ساڳئي پرڳڻي جي ابڙيجن واري قلعي ۾ قائم ڪرڻ گهرجي (اهو قلعو مؤلف جي ڀاءُ مير ابوالبقا جو ٺھرايل هو).

انھن ٿاڻن جي ماڻھن جو تعداد ساڍن ڇهن سون سوارن ۽ سوا ٽي سؤ توبچين تائين ٿيندو، جن مان هڪ سؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي بکر جي حاڪم کان، ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ توبچي ٺٽي جي حاڪم وٽان (371-1)، باقي سوار ۽ توبچي سيوهڻ جي جاگيردار کان طلب ڪيا وڃن.

لاکاٽ پرڳڻي کي جيڪڏهن انھي انتظام موجب سڌاريو ويو ته هڪڙي مان پنج پرڳڻا ٿي پويندا. هتان جي ٿاڻن ۾ لاڳيتا چار سال ماڻھو مقرر ٿيل هجن. بعد ۾ هڪ ٿاڻُو وينجھڙي ۾ قائم رکڻ کپي، جنھن لاءِ گهربل سوار ۽ توبچي سيوهڻ جي جاگيردار کان ورتا وڃن، اهو ٿاڻو دائمي طور هجي.

2- سيوهڻ جي جاگيردار کي کپي ته هو ٺٽي، بکر ۽ جيسلمير جي فوجن کان سواءِ پنھنجي سر هنن رهزنن سان منھن ڏيڻ جي ڳڻ ڪري. اهو هيئن ته هتي ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ کي آندو وڃي، جيڪو سرجوش، سپاهه دوست، رعيت پرور، ظلم کان پري رهندڙ ۽ سڄاڻ هجي. اهو ئي ماڻھو جاگير لائق ٿي سگهي ٿو، جيڪو هتي اچي ٻه شيون پنھنجي قبضي ڪري يعني رعيت جون دليون ۽ لشڪر (371-2).

انھن جي طاقت سان ئي وڳوڙين سان پوري پئجي اچڻ ۽ ملڪ کي آباد ڪرڻ جون تدبيرون ڪارگر ٿي سگهنديون. رعيت جي دل وٺڻ لاءِ هر پرڳڻي جو الڳ سڌارو ڪرڻو پوندو. جيڪي اٺ پرڳڻا قلعي جي هن پاسي ۽ درياهه جي اورين ڀر تي آهن، هي سڌارو انھن سان لاڳاپو رکي ٿو.

انھن مان هڪ باغبانن وارو پرڳڻو آهي. ان جو سڌارو هيئن ٿي سگهي ٿو ته سيوهڻ سرڪار ۾ ڦلجيءَ ۾ تعمير ڪرايل سلطان محمد برتتڪاني ارغون واري قلعي کي نئين سر محڪم ڪري، ان ۾ ڪارائتن سوارن ۽ توبچين جو ٿاڻو قائم ڪرڻ ۾ اچي. ڇا لاءِ ته سميجن جون چار ئي طاقتور قومون هن ئي پرڳڻي ۾ رهن ٿيون، جيڪي هي آهن:

1-   ٻگهين جي قوم.

2-   جوڻيجن جي قوم.

3-   پرين جي قوم.

اهي ٽيئي قومون (372-1) ڍل ڀرينديون رهن ٿيون ۽ منجهن ڪا به هيرا ڦيري ڪانھي.

4-   ٿيٻن جي قوم.

هي ڏاڍي ڦڏائي ۽ لُچن (لُچُ لوڦر) قسم جي قوم آهي ۽ سدائين و ڳوڙ پيدا ڪندي رهي ٿي.

جيڪڏهن جاگيردار وٽ سگهارو لشڪر آهي ته فصل جو موقعو تاڙي ٿيٻن تي چڙهي وڃي ٿو ته هو وصولي طور ڪجهه نه ڪجهه ڏين ٿا، نه ته تريون ئي ٽي ٿا هڻن.

هتي بدبخت ۽ بي گُرا چانڊيا به رهن ٿا، جن جو اڳ ۾ به احوال اچي چڪو آهي. هن پاسي ٿاڻن قائم ڪرڻ شرط چانڊين ۽ ٿيٻن تي اهڙي ڪرڙي نظر رکڻ کپي جيئن ٻنهي جو ساهه مٺ ۾ اچي وڃي ۽ اهي ڪا به هوڙهيائي ڪري نه سگهن. رعيت کي به دلداري ڏئي اڳئين دستور موجب هلايو وڃي، ۽ وٽانئس جيڪا وصولي ٿيندي رهي ٿي اها ئي بحال رکڻ گهرجي. انھيءَ دستور جي هيءَ نوعيت هئي ته هتي ايرئي جو رواج هو ليڪن ٻين هنڌن تي اها ريت ڪا نه هئي (372-2). اتي اهو ٻن ويسن جي حساب سان رکيل هو ۽ هن پرڳڻي ۾ ٽن ويسن جي حساب سان هو. اناج جي اگهه مطابق به روپئي تي پاءُلي في جريب گهٽ ٿيندي هئي. پاڻي جون واهيون جيڪي اڳئين زماني کان وهدنديون اچن ٿيون، تن کي به نئين سر ٺاهي وري وهايو وڃي، جيئن ڇڙ وڇڙ ٿيل رعيت آبادي جي آسري وري اچي ۽ هن پرڳڻي ۾ پنھنجا اجها اڏي وهي، ائين هوريان ڏاڍيان سڄي پرڳڻي ۾ وري وسندي ٿي ويندي.

ڪاڇي واريون زمينون جيڪي مها ڍنڍ ۽ ماروي واهه جي اوسي پاسي ۾ آهن، جن ۾ گنجابي ۽ سبيءَ کان پاڻي وهي اچي ٿو تن کي پڻ آباد ڪرڻ کپي، جيئن هڪڙو پرڳڻو چئن پرڳڻن جيڏي اپت وارو ٿي پوي. باغبانن جو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ٻاويهن ميلن تي آهي، جنھن جي سڌاري بابت اڳ ئي ڪي ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن.

ٻيو پرڳڻو نيرون قلعي وارو آهي، هن جي سڌاري لاءِ بهتر ائين ٿيندو ته انھي قلعي ۾ ويھه سوار ۽ ڏهه توبچي وهاريا وڃن. رعيت سان به اهي رعايتون روا رکيون وڃن (373-1) جيڪي بختيار بيگ جي عملداريءَ کان وٺي شمشير خان جي ايامڪاريءَ تائين معافي جي صورت ۾ کين مليل هيون. اها رعايت هن نموني جي هئي ته ارباب بهاءَ الدين پنوهر جي پوک مان کيس ٽيون حصو معاف هو، جنھن موجب پوک جي ٽن حصن مان ٻه حصا ان کي ڏنا ٿي ويا. ٻيو طريقو آهي نون حصن مان پنج حصا رعيت جا ۽ چار حصا حاڪم جا ليکيا وڃن. بلڪ ان ۾ به وڌيڪ ڪمي آڻڻ کپي، جيئن رعيت جٽاءُ ڪري سگهي. ڇا لاءِ ته اهوعلائقو ڏاڍو ڏکيو آهي، جتي جابلو ماڻھن جو گهڻو زور رهي ٿو. ان ڪري ئي هتي ويراني وڌيڪ آهي. هي ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان پنجويهن ڪوهن جي فاصلي تي ٿيندو.

ٽيون ڳاها پرڳڻو آهي ۽ چوٿون پرڳڻو بوبڪن جو آهي. ٻنهي پرڳڻن جو سڌارو هيئن ٿي سگهي ٿو ته هنن پرڳڻن جا ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جن جون زمينون درياهه جي ريج تي آباد ٿين ٿيون. اهي ڳوٺ اڄ به آباد رهن ٿا. هنن ڳوٺن جي آبادي لاءِ به معافيءَ جو سلسلو جاري رکڻو پوندو، جنھن ۾ ڪا به گهٽ وڌائي نه ٿيڻ کپي. اُميد آهي ته ائين ڪرڻ سان آباديءَ ۾ ڏهوڻ تي واڌارو ٿيندو.

ٻيا ڪي ڳوٺ ڪاڇي جا آهن، جن جون زمينون جبل جي هيٺاهينءَ تي مينهوڳي جي مند ۾ آباد ٿين ٿيون. هتي خريف ۾ جوار، تر ۽ ربيع ۾ سرنهن جي ڀلي پوک ٿيندي آهي. اهي ڳوٺ شمشير خان جي عملداريءَ کان پوءِ بلڪل ويران رهندا اچن ٿا. ڇا لاءِ ته اهي سڀ جابلو لڪن جي سخت هنڌن تي آهن. هتي سدائين جابلو قومن، چانڊين ۽ نومڙين جو خطرو رهي ٿو، جن جو احوال مٿي ڏنو ويو آهي. انھن هنڌن تي جيسين تائين  پورو فوجي انتظام نه هوندو، ايسين تائين  ماڻھو پوکي راهي نه ڪري سگهندا (374-1)

شمشير خان اوزبڪ جي ايامڪاريءَ ۾ هتان جي رعيت جي دل ٻڌل هئي، ڇو ته هتي پنوهرن ۽ ٻين قومن مان هزار سوار ۽ چار پنج هزار پيادا ڳاها پرڳڻي مان گهرائي سگهبا هئا. ساڳي طرح بوبڪن واري پرڳڻي مان به، ٻه ٽي سؤ سوار ۽ ٻه ٽي هزار پيادا مقرر ٿيل هئا. تنھن کان سواءِ رعيت کي به جاگيردار پاران معافي ۽ ٻي رعايت مليل هئي، اهو جاگيردار پاڻ به پوري اٽالي سان سيوهڻ ۾ رهندو ٿي آيو. هن پرڳڻي جا سڀئي رعيتي ماڻھو آبڪلاڻي جي موسم ۾ پنھنجا ڳوٺ ڇڏي ٻارن ٻچن سميت وڃي جبل جي پاسي اجها اڏي ويهي رهندا هئا، جتي پوک سان گڏ کين مال جي چاري جي به سهوليت هوندي هئي. حاڪم جي پاران جبل جي پاسي جاسوس مقرر ٿيل هئا، ان لاءِ ته جيڪڏهن انھي طرف کان ڪنھن وڏي لشڪر جي ڪاهه جي ٻاڦور پئجي وڃي ته (374-2) ماڻھو پنھنجا ٻار ٻچا ۽ ڍور ڍڳا اصلي ڳوٺن ڏانھن اماڻي، مهاڏي لاءِ تيار ٿي وڃن. پر جي لشڪر ٿورو هجي ته جبل جي لڪن ۾ قائم ڪيل چوڪين کي چتاءُ ڏنو ٿي ويو، جيئن اهو لشڪر ڪنھن به وقت وجهه وٺي ماڻھن تي چڙهائي نه ڪري سگهي. ڪاڇي وارا ڳوٺ انھيءَ انتظام جي ڪري ئي آباد پي ٿيا ۽ جاگيردار کي ماڻھو وصوليون ڏيندا ٿي رهيا. اها سگهاري رعيت سميجن بد بختن جي جنگ دوران به چڱو ڪم ڏيندي پي رهي، جنھن جو ذڪر هن کان اڳ ڪيل آهي.

شمشير خان جي عملداري کان پوءِ ڪن جاگيردارن پاران هتان جي رعيت تي زوري ڍل مڙهي وئي، جنھن جي ڪري ٻنهي فصلن تي ڀن ڀري ڏيڻ کان پوءِ به ماڻھن جو مٿو گار هو. سو لاچار ٿي زمينون وڪڻي ڇڏيائون ۽ سندن حال زبون ٿيندا ويا (375-1). انھي زبونيءَ ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾، جابلو ماڻھن جي راتاهن جو وارو وريو. ڪيترا رعيتي شھيد ٿي ويا ۽ سندن ڍور ڍڳا ڌاڙ ۾ ويندا رهيا، اڃا تائين بي پھچ رعيت ۾ اها سگهه ڪانھي جو پنھنجا ماڻھو ميڙي وڃي اتي ٿانيڪا ٿين ۽ پوکي راهي سان لڳن.

اهي ڳوٺ تڏهن آباد ٿي سگهندا، جڏهن کين پوک ۾ معافي ۽ بٽئي ۾ رعايت ڏني ويندي، جيئن بختيار بيگ، مير ابوالقاسم ۽ شمشير خان جي ايامڪاريءَ ۾ اهڙو رواج هو. اها ريت هن طرح دهرائي سگهجي ٿي ته مرحُوم مخدوم جعفر بوبڪائي جي اولاد جي پوک چئن حصن ۾ ورهائي، ان مان ٽي حصا مخدوم جي اولاد کي ڏنا وڃن ۽ هڪ حصو حاڪم کڻي. اهڙي طرح ارباب بهاءُ الدين واري پوک مان ٽيون حصو ڪڍي باقي رعيت جي بلي ڪجي (375-2). نون حصن واري ورهاست مان پڻ پنج حصا رعيت کي، چار حصا حاڪم کي ملڻ کپن. اڃا به ان ۾ ڪتر وڌي وڃي، ڇاڪاڻ ته اڳ رعيت ۾ ساهه هو ۽ هاڻي منجهس ڪو به ست ڪونهي.

سنڌ جي والي ڄام نندي جي زماني ۾ چاڳلي (چاڳلا) نالي هندو وزير کي ڄام جي پٽيلي دريا خان سان گڏي سيوهڻ موڪليو ويو هو، جنھن هتي اچي باراني پاڻي تي وهندڙ ساوه (ساوي) واري واهه کي وهايو هو، جنھن جو پاڻي منڇر ۾ اچي گڏ پي ٿيو. انھيءَ ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاهن واري رعيت پوک ڪندي ٿي آئي. ان جي ڏاکڻين پاسي بوبڪن جي ماڻھن گچ ۽ مانھن جي ٻوري جي ملاوت سان پڪو بند ٻڌي، ڪاڇي جي زمينن ۾ پاڻي پي پڄايو، جنھن ڪري اتي جام آبادي ٿيندي پي رهي (376-1). 

مؤلف (يوسف ميرڪ) کي نصيرالدين محمد ولد مرحوم مخدوم جعفر بوبڪائي واتان معلوم ٿيو ته، اهو بند ٻه ٽي ڏينھن مضبوط رهيو پر ڪنھن درويش جي پاراتي سبب منجهس کاهه پئجي وئي.

انھيءَ ڪاڇي واري پوک تي ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنھن مان نو حصا رعيت کي ۽ ڏهون حصو سرڪار کي ٿي مليو، تڏهن به ڄام نندي کي هڪ لک خرار وصول پي ٿيا. اهو بند جيڪو ڪنھن درويش پنھنجي ڪرامت سان ڀڃي ڇڏيو هو ٻيهر ٻه ٽي هزار خرچ ڪري مضبوط ٻڌايو وڃي ۽ مٿس قلعو اڏائي ان ۾ ٻن سون سوارن سان گڏ هڪ سو توبچي وهارڻ کپن، جيڪي بند جي نظرداري ڪري رعيت جي استقامت جو خيال رکندا اچن.

ٻئي پاسي قاسم باريجي ۽ نوحاڻي بلوچن جا ڳوٺ جيڪي بوبڪن واري پرڳڻي اندر جبل ۾ آهن (376-2)، شمشير خان کان پوءِ نڌڻڪا رهندا ٿا اچن، تن جي به ڪا پرگهور لهڻ کپي.

هتي هڪ چشمو آهي، جنھن جو پاڻي جبل مان اچي ڪوٽلي ڳوٺ اورانگهي ڪلراٺين زمينن ۾ پئجي ضايع ٿي ٿو وڃي. اهو چشمو گچ ۽ مانھن جي ٻوري سان ٻڌي ان جو پاڻي ڪاڇي وارين ٻنين ۾ ڪتب آندو وڃي. پوءِ الاهي قدرت جا ڪرشما ڏسجن ته ڪيئن ٿي انھي ڳوٺ مان پيداوار حاصل ٿئي! يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هر ڳوٺ هڪ پرڳڻي سان ڪلهو هڻڻ لڳندو.

ڪاڇي جا ڳوٺ جيڪي هن پرڳڻي مان ليکيا وڃن ٿا، ڪل ٽي آهن:

انھن مان هڪ اوٿل وارو ڳوٺ آهي، جيڪو بوبڪن جي پرڳڻي ۾ اچي ٿو. هي ڳوٺ ڇهن طرفن ۾ ورهايل آهي:

1-   ڊومڪ.

2-   آنڪي.

3-   سادر.

4-   تابڪ.

5-   ڪوراڻو.

6-   اڳناڙي.

ٻيو: آراڙي جو ڳوٺ ۽

ٽيون: کروتي وارو ڳوٺ آهي، انھن ٻنهي ڳوٺن جو تعلق (377-1) ڳاها پرڳڻي سان آهي.

اوٿل ۽ آراڙي وارا ڳوٺ سيوهڻ کان سورهن ڪوهه پري آهن. اوٿل وڏي جبل کان اٺن ڪوهن تي ۽ آراڙي يارهن ڪوهن تي آهي. کروتي سيوهڻ کان ويھه ڪوهه پرتي ۽ جبل کان ڇهن ڪوهن جي وٿي تي ٿيندي. ڳاهن جو ڳوٺ سيوهڻ کان تيرهن ڪوهه پري آهي ۽ بوبڪن جو ڳوٺ سيوهڻ کان پنج ڪوهه ٿيندو.

پنجون پاٽ پرڳڻو آهي، هتي ڪو به فوجي انتظام ڪونهي. رعيت جي ڀلائي لاءِ معافي جو دستور لازمي ٿيندو. جيئن اڳ هو، انھي مان آبادي ۾ اضافو ٿيندو. پاٽ جو شھر سيوهڻ کان ٽيھه ڪوهه پري آهي.

ڇهون نيرون پرڳڻو آهي، جيڪو سيوهڻ کان هڪ ڪوهه جي فاصلي تي ٿيندو. هن جي چوڌاري ڳاهن، بوبڪن ۽حويلي سيوهڻ جا ڳوٺ اچي وڃن ٿا (377-2). هتي رهندڙ مهاڻن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن، جن تان محصول اوڳاڙيو وڃي ٿو. هن ماڳ تي فوجي انتظام جي گهرج ناهي، ڇو ته هتي ڪا خاص آبادي نه ٿي ٿئي، نه وري هتي ڪا اهڙي ايراضي آهي جا پوکي راهي جي ڪم اچي.

ستون پرڳڻو سيوهڻ حويلي وارو آهي. هن ۾ پندرهن ڳوٺ آهن، جن مان ڏهه درياهه جي هن ڀر قلعي جي پاسي آهن، انھن مان وري اٺ ڳوٺ جبل پاسي جابلو قومن ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پنج ڳوٺ بوبڪ واري پرڳڻي ۾ آهن، جيڪي ڪل ٻارهن ڳوٺ ٿين ٿا، اهي ڳوٺ هن ريت آباد آهن:

ساوه ڳوٺ:

هي سيوهڻ جي قلعي کان اڻويھه ڪوهه ۽ جبل کان سورهن ڪوهه پري آهي.

عزيزاڻي ڳوٺ:

هي سيوهڻ کان پندرهن ڪوهه ۽ جبل کان اٺ ڪوهه پرتي آهي (378-1).

ڳوٺ پاهڻي ڪوٽ:

هي سيوهڻ جي قلعي کان تيرهن ڪوهه ۽ جبل کان اٺ ڪوهه ٿيندو.

ٽهڻي ڳوٺ:

هي سيوهڻ کان ڏهن ڪوهن تي ۽ جبل کان ٻن ڪوهن تي آهي.

              اهي چارئي ڳوٺ بوبڪن جي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا.

جهانگارا ڳوٺ:

هي سيوهڻ جي قلعي کان ست ڪوهه ۽ جبل کان پنج ڪوهه پري آهي.

باجارا ڳوٺ:

هي سيوهڻ کان ساڍن پنجن ڪوهن تي ۽ جبل کان به ايتري پنڌ تي ٿيندو.

کجي ڳوٺ:

هي سيوهڻ جي قلعي توڙي جبل کان پنج ڪوهه پرتي آهي.

نار ڳوٺ:

هي سيوهڻ کان ست ڪوهه ۽ جبل کان چار ڪوهه پري ٿيندو.

هي ساڳيو ڳوٺ آهي جتي گدرن ۽ هنداڻن جون ڀليون واڙيون ٿين ٿيون. انھيءَ لحاظ کان هن جي گهڻي هاڪ رهي ٿي. هتي هڪ چشمو به آهي، جنھن ۾ جبل کان پاڻي اچي پوي ٿو (378-2).  هن چشمي جا نارا ڳوٺ کان ٻه ڪوهه پري جبل ۾ آهن، جنھن جو مشاهدو خود مؤلف به ڪيو آهي.

اهي نارا ڦوهاري وانگر ڦٽي نڪرن ٿا، جن جو پاڻي اتان وهي اچي ڳوٺ ۾ پوي ٿو. اتان جي رعيت انھي پاڻي تي پوک ڪري ٿي. هتي ميون ۽ نير جي اپت گهڻي آهي، خاص ڪري اهو نير ڏاڍو عمدو ٿئي ٿو. پر پاڻي هتي تمام گهٽ آهي، جنھن مان سال ۾ پنجاهي کن جريب آباد ٿئي ٿي. جيڪڏهن پاڻي جام هجي ته زمين جي ڪمي ڪانھي، جنھن تي ويهن هزارن جريبن کان به وڌيڪ آبادي ٿي سگهي ٿي.

هتي بزرگ آري شينهائي جي مزار آهي، جا انھيءَ ڳوٺ کان ڪوهه اڌ پنڌ تي اچي ٿي. سنڌي زبان ۾ شير کي شينهن هوندا آهن. هي ڏاڍي ڀلاري جاءِ آهي. هن بزرگ کي شينهائي ان ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جو (379-1) هڪ ڏينھن پنھنجي حياتي ۾ پنھنجي دوستن سان گڏ سير تي نڪتو. اوچتو هڪ شينهن سندس آڏو آيو، جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ هئا، اهي شينهن کي ڏسي پاسيرا ٿي ويا. پوءِ پاڻ شينهن کي ڪن کان وٺي مٿس سوار ٿي سير ڪيائين.(1)

هتان جا گدرا جڏهن مير ابوالبقا هٿان (جڏهن هو مرزا دوست بيگ سان گڏ سيوهڻ جو جاگيردار هو) جھانگير بادشاهه ڏانھن موڪليا ويا(2) ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. اهي گدرا ولائتي گدرن سان ڀيٽي ڏٺائين ته انھن کان وڌيڪ سوادي ثابت ٿيا. انھيءَ پسند جي ڪري اهو ڳوٺ نواب آصف جاهه کي بخشش طور ڏنائين(3) جو ڪيترن ورهين تائين سندس وڪيلن جي تحويل ۾ هو. (379-2)

هي چارئي ڳوٺ حويلي سيوهڻ پرڳڻي مان آهن، جنھن ۾ ڪل اٺ ڳوٺ شامل آهن. ممڪن ناهي ته هتان جي رعيت هڪ سال تائين جابلو ماڻھن جي ڦرلٽ کان آجي رهي. ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو آهي جو نومڙيا ۽ چانڊيا جيڪي جبلن ۾ رهن ٿا، هنن ڳوٺن تي ڪاهي ماڻھن جا مال ڪڍي پي ويا آهن. اهو ته ٺهيو پر هنن ويچارن جا ٻار ٻچا به غنيمن جي ور چڙهندا رهن ٿا. جيڪو ماڻھو هنن نڀاڳن کي واٽ ويندي ملي ٿو، تنھن کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. انھي ڪري هي ڳوٺ اڪثر ويران رهن ٿا. هتان جي رعيت کي پوک ۾ معافي ڏئي، نون حصن مان پنج حصا سندن حوالي ڪيا وڃن ۽ چار حصا حاڪم کڻي. هڪ حصو هنن جي فوجي خدمتن جي بلي معاف ڪيو وڃي، جيئن پوري طرح جابلو ماڻھن (380-1) سان هٿ اٽڪائي سگهن.

ٺيڙهي جو ڳوٺ:     هي صفا ڀينگ لڳو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته هتان جي رعيت اڪثر جابلو قومن هٿان تلف ٿيندي رهي ٿي. باقي ماڻھو طاقت نه هئڻ ڪري ٽڙي پکڙي هليا ٿا وڃن.

ديندار خان پنھنجي عملداري جي پڇاڙي ۾ هيءُ ڳوٺ مخدومن (لعل شهباز جي سيدن) کي انعام طور ڏئي ڇڏيو هو، جيڪي هتان جي زمينن جي پيدائش مان پنج حصا ڪري هڪ حصو پاڻ کڻندا ۽ چار حصا رعيت کي ڏيندا ٿي آيا. انھيءَ آڌار تي هن ڳوٺ ۾ ڪجهه جريب آباد پي ٿيا.

احمد بيگ خان هتي هڪ قلعو اڏايو جيڪو سندس چڱو ڪارنامو ليکيو وڃي ٿو. ان قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي اتي سـؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي وهارڻ کپن. جيڪي ماڻھو ڳوٺ ڇڏي هيڏانھن هوڏانھن هليا ويا آهن، تن کي ڳولي ڦولهي هٿ ڪري (380-2) دم دلاسي سان وري هتي وسايو وڃي. هڪ سال تائين کانئن ڪا به ڍل وٺڻ ۾ نه اچي. ان کان پوءِ ساڳين پنجن حصن جي حساب سان چار حصا هنن کي ڏياريا وڃن ۽ هڪ حصو حاڪم کي ملي. اهڙي رعايت مان ڳوٺ جي آبادي کي وڏو فائدو پھچندو ۽ ائين ئي جابلو ماڻھن جي هٿ چراند جو آزار سيوهڻ جي خلق تان لهي ويندو. هي ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان ٽن ڪوهن تي آهي. جبل هن کان ٽي ڪوهه پري ٿيندو. هتي ٿاڻي پوڻ ڪري هن پاسي جا رهاڪو ساوي (ساوه) ڳوٺ واري ٿاڻي جي ماڻھن سان رابطو رکي هر خطري کان چوڪس پيا رهندا.

ڪاهي ماجوبي ڳوٺ(1):   هيءَ لڪيءَ واري جبل جي گس تي آهي. اهو گس ٻنهي پاسن کان خوفائتو رهي ٿو. ڪيئي ماڻھو هتي پنھنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن. درياهه هن جبل جي هيٺان وهي ٿو (381-1). سياري جو جڏهن پاڻي لهي ٿو وڃي ته جبل جي وٽ سان ماڻھن جي اچ وڃ ٿيڻ لڳي ٿي. پاڻي جي چاڙهه وقت هرڪو لڪيءَ جي جبل واري گس تان اچي وڃي ٿو، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو. انھيءَ گس ۾ جابلو ڌاڙيل ۽ سميجا سنڌيون هڻي، ماڻھن کي ماري، سندن مال ڪاهي وڃن ٿا. ترخانن جي دور ۾ هتان جي ماڻھن کي ضابطي ۾ آڻي، مٿن واجبي اوڳاڙي رکي ٿي وئي، جنھن ڪري اهو گس اچ وڃ لاءِ کليل پي رهيو.

تنھن زماني ۾ هنن تي پوک جي پيدائش ۾ به ڍل جي رعايت روا رکي پي وئي. ان ڪري ترخانن جي دور ۾ هنن کي ”مواجبي“ ڪوٺيو ٿي ويو، جيڪو لفظ هاڻي هن ملڪ ۾ ”ماجوبي“ مشهور آهي.

بختيار بيگ جي عملداريءَ کان پوءِ سيوهڻ جي جاگيردارن رعيت تي ظلم شروع ڪري ڏنا، جنھن ڪري هتان جا ڳوٺاڻا گهر گهاٽ ڇڏي دربدر ٿي ويا. جڏهن مير ابوالقاسم سيوهڻ ۾ آيو ته هتان جي رعيت کي بکر مان گهرائي (381-2)، آٿت ڏئي، پنھنجي جاين تي وهاريائين. هن معمول جو ٽيون حصو مٿن مقرر ڪيو هو، لڪيءَ واري گس جي اڌ حصي جي سنڀال جو ڪم به هنن تي رکيائين. اهو گس سيوهڻ ڏانھن ٿي ويو. ٻئي پاسي جيڪا واٽ سن جي پرڳڻي ڏانھن پي وئي، تنھن جي نظرداري لڪيءَ ۾ رهندڙ نوت بلوچن جي ذميداري ۾ ڏني وئي. هي جيڪي ٻنيون آباد ڪندا ٿي آيا، اهي کين ئي بَخشش ڪري ڏنيون ويون. اهو دستور شمشير خان جي عملداري تائين هلندو آيو. ان کان پوءِ ڪنھن به حاڪم هتان جي رعيت سان ڪا رعايت نه ڪئي، جنھن ڪري هوريان ڏاڍيان ماڻھن جا حال هيڻا ٿيندا ويا. هنن ۾ جيڪي جاندار ماڻھو هئا، تن کي جابلو ڌاڙيلن شھيد ڪري ڇڏيو.

ديندار خان جي زماني ۾ هڪ دفعي نومڙين اچي هن ڳوٺ تي ڪاهيو ۽ جيڪو نر ٻچو کين نظر آيو تنھن کي ڪٺائون (382-1). زالن جا ڪن وڍيائون ۽ ٻارن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ جيڪي ماڻھو باقي بچيا تن ڀڄي وڃي سيوهڻ جا وڻ وسايا ته ڪي ٻين پاسن ڏانھن پکڙي ويا. اهو ڳوٺ ائين ويران ٿي ويو.  هي ڳوٺ سيوهڻ واري قلعي کان ٻن ڪوهن تي آهي ۽ لڪي جبل کان هڪڙي ڪوهه تي ٿيندو. شھر جا ڍور ڍڳا انھيءَ پاسي چارڻ لاءِ نيا ٿي ويا ۽ ڪاٺير به اتان ئي ڪاٺيون آڻيندا هئا.

هي ڳوٺ جڏهن ويران ٿيو ته سميجن ۽ جابلو شاهينگن جا هٿ سيوهڻ تي ورڻ لڳا. هو هتان جا ڍور ڍڳا زوري ڪاهي ٿي ويا، ۽ جيڪي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويندا هئا انھن ۽ ٻين مسافرن کي قتل ڪيو ٿي ويو. سندن اها ڦرلٽ سدائين هلندي ٿي آئي. ايتري قدر جو سيوهڻ جي شھر ۾ ڍورن ڍڳن ۽ گهوڙن جي حفاظت تمام مشڪل ٿي پئي. ڪيئي سميجن جا ڪاٽڪو وچ شھر مان ديندار خان جي سپاهين کان زوري گهوڙا ڦري ويا (382-2) ڪنھن کي اها طاقت نه هئي جو انھن ڌاڙيلن جو اڳ وٺي. انھيءَ آزار کان ديندار خان سيوهڻ شھر جي چوڌاري قلعي کي مضبوط ڪرايو، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو.

هڪ ڏينھن مؤلف، ديندار خان کي چيو ته ”ڳوٺن جي اها بربادي خاص ڪري اوهان جي ايامڪاري ۾ نه ٿي ٺهي!“ اهي لفظ سندس لاءِ اثرائتا ٿيا ۽ اهو ڳوٺ سيد جلال جي تحويل ۾ ڏنائين، جنھن پنھنجي پٽ سيد ڪمال جي نالي ڳوٺ تي ”ڪمال پور“ جو نالو رکي ان جي چوڌاري قلعو اڏائي، باقي رهيل رعيت کي دلجاءِ ڏئي، پنھنجي ماڳ تي رهائڻ جو انتظام ڪيو. ماڻھن کي پوک جي آبادي ۾ معافي ڏنائين، جنھن موجب اپت جا چار حصا ڪري هڪ حصو حاڪم کي ۽ ٽي حصا رعيت کي پي ڏنا ويا. انھي ڀروسي ۽ آسري تي رعيت ۾ ڪجهه ساهه پيو. اڃا ڏهه ويھه جريب ايت ئيل(1) جي ربيع ۾ (383-1) مس پوکيا ويا ته ديندار خان جي بدلي ٿي وئي.

 هن ڳوٺ جو سڌارو هر حالت ۾ لازمي آهي. هن ڳوٺ جو اهو پاسو سيد جلال وٽ ئي رهي جيڪو کيس مليل آهي، پر ان ۾ ڏهه تير انداز ضرور رهايا وڃن، جيئن رعيت هتي ڪو جٽاءُ ڪري سگهي ۽ لڪي واري گس جي خبرداري به ٿيندي رهي. اهي ٻيئي ڳوٺ حويلي سيوهڻ پرڳڻي ۾ آهن.

سيوهڻ جو شھر:       هن جي سڌارن بابت مٿي ذڪر ٿي آيل ڳوٺن جي باب ۾ اشارو ڪيو ويو آهي. هتي رعيت جي بهتري لاءِ اڳئين دستور مطابق معافي جو  سلسلو جاري رکڻ کپي. سيوهڻ جو قلعو جيڪو پراڻو ۽ بيڪار ٿي چڪو آهي، تنھن جي نئين سر مرمت ڪرائي وڃي ته ڏاڍو چڱو ٿيندو.

ڪائي ۽ نئيگ وارا چشما (1):

هي ٻئي هڪ ئي وسنديءَ جي نالي سان سرڪاري دفتر ۾ لکيا وڃن ٿا (383-2). هنن جو واسطو بوبڪن واري پرڳڻي سان آهي. ٻنهي هنڌن تي نوحاڻي بلوچ رهن ٿا، جيڪي پوکي راهي ڪندا آهن، ليڪن اهي ٻين وانگي جاگيردار کي ڍل نه ٿا ڏين.

       هي بختيار بيگ، مير ابوالقاسم ۽ شمشير خان جي عملداري واري دور کان وٺي پنھنجي رواج موجب هر فصل تي رڍون ٻڪريون ڏيندا رهن ٿا. سرڪار پاران جتي به ڪا چڙهائي ڪرڻي پئي ٿي ته ان ۾ به همراهي ٿي ڪيائون، جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي. ليڪن هاڻي هي ڏتڙجي ويا آهن ۽ ڪنھن به ليکي ۾ نه ٿا اچن. ٻنهي چشمن جي وچ ۾ هڪ ڪوهه جو فاصلو آهي. هي سيوهڻ کان (وچ ۾) چوڏهن ڪوهن تي جبلن جي وچ ۾ واقع آهن.

هتي جيڪي جابلو چشما آهن، انھن جي ڪنارن سان گڊ ۽ سرهه جو شڪار جام ٿئي ٿو. مؤلف پنھنجي ڀائٽي عتيق الله (مير ابوالبقا جي وڏي پٽ) سان گڏجي جبل ۾ وڃي انھن جانورن جو شڪار ڪيو هو، جنھن کي جنت مڪاني (جھانگير بادشاهه) شڪار لاءِ روانو ڪيو هو (384-1) .

هنن بلوچن کي انھن ڳوٺن جي نگهباني لاءِ، جابلو قومن جي فسادن کان بچاءَ جو آسرو ڏئي سندن لاءِ ورائڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. هونءَ به هنن جو ڪو ايڏو وڏو تعداد ناهي. هي ٻيئي چشما ته هنن جي حوالي ڪيا وڃن، پر ٺيڙهي وارو ڳوٺ به کين جاگير ڪري ڏجي، جتي سندن ئي قوم جا سؤ کن ماڻھو ٿاڻي طور مقرر ڪيا وڃن. ايترا ئي ٻيا ماڻھو مٿين چشمن وٽ پنھنجن ماڳن تي رهائجن.

نئيگ جي مٿان احمد بيگ خان جيڪو قلعو اڏايو هو، تنھن کي به وڌيڪ مضبوط ڪري ويهارو سوار ۽ ڏهاڪو توبچي ان ۾ رهايا وڃن، جيئن اتان جا بلوچ شاهي لشڪر جي حڪم هيٺ (384-2) جابلو قومن جي چرپر تي نظر رکندا اچن. ذڪر ڪيل ٻارهن ڳوٺ انھي تدبير سان ئي جابلو قومن جي هٿ چراند کان محفوظ رهي سگهن ٿا، تنھن کان سواءِ جاگيردار لاءِ به ڪو کٽڪو نه رهندو. هاڻي انھن ڳوٺن جو بيان ڪجي ٿو جيڪي ڏهن جي تعداد ۾ درياهه جي اترئين ڀر حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي ۾ اچن ٿا.

1-   کبڙوٽ/کٻروٺ/کاٻڙوٺ.

2-   سانڪپور.

3-   ڀوترو/ڀوتڙو.

هنن ٽنهي ڳوٺن ۽ انھن سان لاڳيتو جبل جي وچ تي منڇر ڍنڍ آهي، جنھن ڪري هتان جي رهاڪن کي جابلو شاهينگن جو ڪو به خطرو ناهي. هتان جي رعيت کي ڍل جي معافي ڏئي آبادي وڌائڻ جا اپاءَ ڪرڻ کپن.

حويلي سيوهڻ پرڳڻي جا پنج ٻيا ڳوٺ درياهه جي پرينءَ ڀر سميجن بيهودن جي پاسي آهن، جيڪي انھن نڀاڳن جي ڪري آباد نه ٿا ٿين ۽ سدائين ويران رهندا اچن ٿا (385-1). هنن ڳوٺن جي سڌاري بابت خطي پرڳڻي واري بيان ۾ تفصيل پيش ڪيو ويندو.

اهي ڳوٺ هن ريت آهن:

 

1-     لنجارن جو ڳوٺ.

2-  سيدن جو ڳوٺ/موضع سيدان ڪاره.

3-     دولت آباد ڳوٺ.

4-     ديهه ڳوٺ.

5-     ڳوٺ ٻيلي شيخ مومہ.

اٺون سن پرڳڻو آهي، جيڪو هن وقت نومڙين، سميجا انڙن جي ارڏائين جي ڪري ڀڙڀانگ نظر اچي ٿو. هن پرڳڻي جا ڪيترا ڳوٺ آبادي کان محروم ۽ ويران پيا آهن.

          هن پاسي هيءَ تدبير ڪاريگر ٿي سگهندي ته، احمد بيگ خان آمريءَ جي ڳوٺ ۾ جيڪو قلعو ٺھرايو هو، تنھن جي وري مرمت ڪرائي، ان سان گڏ ساڳئي هنڌ پنجاهه سوار ۽ پنجويھه توبچي وهاريا وڃن، جيئن سن جي آسپاس ۽ اولهندي وارا ڳوٺ آباد ٿي پون.

آمري ۽ ٺٽي:

(385-2) آمري ۽ ٺٽي ولي محمد هن وقت ويران آهن. ٻنهي ڳوٺن ۾ سيدن جي رهائش هئي. اهي ٻيئي وسنديون شمشير خان اوزبڪ جي عملداري ۾ آباد رهنديون ٿي آيون. ان کان پوءِ حالتن ڦيرو کاڌو ۽ هتان جي سيدن کي نومڙين ۽ سميجن انڙن قتل ڪري ڇڏيو. جيڪي ٿورا گهڻا باقي بچيا، اهي ڪک پن ٿي ويا. آمري وارو ڳوٺ ديندار خان سن جي ارباب سيد يوسف کي جاگير ڪري ڏنو هو ۽ ٺٽي وارو ڳوٺ، لڪي وارن سيدن مان سيد حسن کي مليل هو، جن هنن ڳوٺن ۾ ڪي ٻنيءَ جا ٽڪرا آباد ڪيا هئا.  هتان جا ماڻھو جيڪي پنھنجا اجها ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا آهن، تن کي ڳولي هٿ ڪري وري ساڳين وٿاڻن تي وهاريو وڃي. انھن کي به اها رعايت ملڻ کپي ته پوک جي اپت مان چار حصا ڪري، هڪ حصو حاڪم کي ۽ ٽي حصا رعيت کي ڏياريا وڃن (386-1).

لڪي ڳوٺ:

هي به سيدن جو ڳوٺ هو. هتي مير ابوالقاسم معافي جي جيڪا رسم جاري ڪئي، اها اڃا سوڌي قائم آهي. انھيءَ مطابق چوٿون حصو پيداوار جو سيد ابوبڪر جي اولاد ٿي کنيو ۽ ٽيون حصو سڀني رعيتي ماڻھن توڙي سيدن وٽان جاگيردار کي پي مليو. باقي حصا رعيت  جي بلي هئا. انھي رعايت جي ڪري، هيءُ ڳوٺ وڌيڪ آباد پي ٿيو. ايتري تائين جو هتي زمين جو ڪو به پوکي لائق حصو غير آباد نه رهيو. هي ڳوٺ حقيقت ۾ آمدنيءَ جي لحاظ کان سن جي سڄي پرڳڻي ۾ سرس هو. هتان جا ماڻھو پنھنجي زور تي جبل جي پاسي ۾ رهندا اچن. جيڪڏهن انھن تي ڏکيو وقت پي آيو ته آمري ۽ ٺٽي وارا سيد به جابلو ماڻھن جي وڳوڙن کان بچي نه ٿي سگهيا ۽ ڳوٺ به ويران پي ٿيو (386-2). پوءِ ٿوري وقت ۾ وڳوڙ جي هڪ باهه سن ۾ ته ٻي سيوهڻ ۾ ٻري ٿي پئي ۽ وچ ۾ سميجن انڙن ۽ جابلو حملي آورن جي ڦرمار کان ڪو به ساهوارو محفوظ رهي نه ٿي سگهيو.  هن ڳوٺ کي به ساڳئي ئي نموني هلائڻ کپي. ڳوٺ کان ٻاهر جيڪي بلوچ رهن ٿا، تن کي به فصل ۾ معافي ڏئي مٿن لڪي واري گس جي سنڀال جو ڪم رکيو وڃي، جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو.

هن ڳوٺ ۾ ڪوهه کن پرتي جبل ۾ گندرف جو هڪ چشمو آهي. هتي رات ڏينھن سيوهڻ توڙي ٻين پاسن، بکر ۽ ٺٽي جا هندو ٻارين ٻچين اچي وهنجندا آهن. اهو تماشو سدائين لڳو پيو هوندو آهي. زالون توڙي مرد گوڏيون ٻڌي، بت اگهاڙا ڪري، پاڻيءَ ۾ پاڻ ڌوئندا آهن (387-1). مرزا جاني بيگ هن چشمي جي مٿان جبل جو ٽڪرو ڪاٽي، اتي جاءِ ٺھرائي هئي، جنھن ۾ ٽي ماڻھو ماپي ٿي سگهيا ۽ اتي ويهي تماشو ڏسي ٿي سگهيا. هندو هن چشمي کي تيرٿ ڌارا ڪوٺيندا آهن. سنڌيءَ ۾ هي عام طور وڏي واهي (دکري کلان) طور مشهور آهي. هتان ٽي ڪوهه پرتي جبل تي هڪ وڏي قبر پڻ ڏسجي ٿي. پڪين سرن سان ٻڌل اها قبر پنجاهه سٺ گز ٿيندي. ماڻھن جي روايتن موجب اها قبر حضرت هارون جي
آهي. مؤلف به انھيءَ ڀلاري قبر جي زيارت ڪئي آهي. نھايت فيض ڀري جاءِ آهي.

هتي سن واري اوڀارئين پاسي جيسروت نالي ڳوٺ ۾ هڪ قلعو اڏائي، ان ۾ پنجويهن توبچين سان گڏ پنجاهه سوار وهارڻ گهرجن. انھي سان گڏ ڳوٺ ادربيلي (اردٻيلو؟) لاکي جي سار لڌي وڃي جيڪو هاڻي غير آباد پيو آهي پر (387-2) شمشير خان جي عملداري ۾ ڏاڍو آباد هو. هتي به رعيت کي پوک جي سلسلي ۾ معافي جي رعايت ملڻ گهرجي. سن توڙي ٻين ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻھن کي به اهڙي معافي سان نوازي سندن دل ورتي وڃي. سڀني ماڻھن کي سپاهگري جي سهوليت ملڻ کپي، جنھن وٽ اهڙي سهوليت نه هجي، ان کي به ڏني وڃي جيئن رعيت وقت سر ٿاڻن تي مقرر ٿيل فوجين جو ساٿ ڏيندي رهي.


(1)   اهي روايتون هند سنڌ جي هر پير سان لاڳو آهن (مترجم).

(2)   جھانگير بادشاهه (1014-1037هه).

(3)   مرزا ابوالحسن ولد اعتماد الدولہ غياث بيگ لقب آصف خان عرف آصف جاهه. نورجھان بيگم جو وڏو ڀاءُ ۽ ارجمند بانو (شاهجھان جي بيگم ممتاز محل) جو پيءُ، وفات 17 شعبان 1051هه، لاهور ۾ دفن ٿيل (ڏسو ماثرالامرا، ج 1، ص 151).

(1)   اها وستي اڃا سوڌي لڪيءَ ۽ سيوهڻ جي وچ تي موجود آهي. اصل ڪتاب ۾  ”معجوبي“ لفظ آيل آهي                                                                                 (مترجم).

(1)   ترڪيءَ جي ٻارهن سالن واري دوري مان يارهون سال. اهي ٻارهن سال جانورن جي نالي منسوب آهن. هر ٻارهن سالن جي دوري کان پوءِ ٻئي دوري جي شروعات ٿئي ٿي، ايت ئيل- معنى ڪتي جو سال.

(1)   نئيگ اڃا سوڌو موجود ۽ مشهور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org