|
قسم اول ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد
هن ڪتاب جو ٻيو قسم، سنڌ جي پوريءَ تاريخ جي واقعن
۽ حالتن سان ڀريو پيو آهي، پر مؤلف هن جي پھرئين
حصي ۾ به، جيڪو حڪم رانيءَ جي اصول سان تعلق رکندڙ
نڪتن ۽ مسئلن تي مبني آهي، تنھن ۾ ڪجهه موقعن تي
مثالن ۽ دليلن طور سنڌ جا ڪي تاريخي حقائق پيش ڪري
ٿو، جيئن چوٿين باب جي ٻئي فصل ۾ جتي ملازمن جي
تربيت ۽ تاديب جو ذڪر آڻي ٿو، اتي مثال ڏيندي، هي
واقعو لکي ٿو ته:
ملڪ گيري جو مدار سڀ کان اول رعيت پروريءَ تي آهي.
ائين ڪرڻ سان هڪ ملڪ مان ڏهه ملڪ پيدا ڪري سگهجن
ٿا. هتي ڪا به دِهه يا ڪو تپو اهڙو ناهي، جنھن ۾
چار پنج هزار جريب آبادي جي ايراضي نه هجي. بعضي
اهو تعداد ويهن ٽيھن هزارن جريبن کان به وڌي وڃي
ٿو. پر اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته هن وقت ان مان
ڪيتري ايراضي آباد ٿئي ٿي. جيڪڏهن رعيت خوشحال ٿي،
پوريءَ محنت سان پوکي راهي ۾ لڳي وڃي، مٿس حاڪم جو
ڪو به ظلم نه هجي ۽ پاڻ کي صرف بادشاهه جي رعيت
ڪري سمجهي، ته اهو ماڻھو جيڪو زور زبردستي سان دل
من هڻندي فقط ڏهه جريب آباد ڪري سگهي ٿو سو، پنجن
سون کان هزار جريب تائين بلڪ ان کان به وڌيڪ آبادي
ڪندو ۽ ڍل ڀريندو رهندو.
مون خود پنھنجي اکين سان اهڙو مشاهدو چانڊڪا پرڳڻي
۾ ڪيو هو، جيڪو بکر جي سرڪار ۾ آهي. اڳين حاڪمن جي
عملداري ۾ انھيءَ پرڳڻي مان ٻارهن لک تنڪا (رائج
الوقت سڪو) مرادي حاصل ٿيندي هئي. جڏهن محمد علي
بيگ بندري بکر جو عملدار ٿيو ته هو رعيت جي سار
سنڀال ڏانھن پورو ڌيان ڏيندو رهيو. سندس ايا مڪاري
۾ ڪنھن وٽان به ڪا وڌيڪ وصولي نه ڪئي ويندي هئي.
هن ڳوٺ ڳوٺ ۾ وصولي کان اڳ ۽ ان کان پوءِ خبرداري
کان ڪم پي ورتو، جيئن ارباب، رئيس ۽ قانون گو جيڪي
بگهڙن وانگر سدائين بکيا آهن، رعيت کي وڌيڪ
وصوليءَ جي ٻوهي ۾ نه وجهن، پر جي اهي حساب ۾ ڪا
گهٽ وڌائي ڪن يا هٿڙي (گهوٻي) هڻن به پيا ته اها
جهٽ پڌري ٿئي پئي، ۽ انھي مان رعيت کي ڍل ۾ ڇوٽ
ڏياري ٿي وئي. پوءِ انھن بد ڪردار اربابن، رئيسن ۽
قانون گوين کان حساب ڪتاب وٺي، مٿن ڏنڊ وڌا ٿي
ويا، جيئن مستقبل ۾ ڪو ٻيو ماڻھو به رعيت سان اهڙي
بد ديانتي نه ڪري.
شرير الملڪ
جي جاءِ تي مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي جو نواب مقرر
ٿيو، تڏهن محمد علي بيگ به ان جي مدد لاءِ سيوهڻ
هليو آيو. مؤلف جي ساڻس آشنائي هئي، جنھن جي ناتي
سان هڪ ڏينھن وٽس ويٺو هئس ته ٽڪر پرڳڻي مان، جيڪو
سندس جاگير ۾ هو، ڪو ماڻھو هن وٽ دانھين ٿي آيو ته
”اوهان ٻاجهري جي پوک جي هڪ جريب تي ڏهه تنڪا
وصولي رکي آهي پر اوهان جو نائب جاگيردار اسان کان
ٻارهن تنڪا وصول ڪري ٿو. اهو ٻڌي هڪدم هن پنھنجي
منشيءَ کي گهرائي چيو ته ”انھي ڀاڙئي کي لک ته مان
رعيت جي دل وٺڻ ٿو چاهيان ۽ تون وري ان جي ٻيڙي
ٻوڙڻ جي ڪڍ پيو آهين!، جيڪڏهن تو منھنجي ڏهن تنڪن
واريءَ سند کان هڪ پيسو به وڌيڪ ورتو ته توکي انھي
ئي هنڌ سوريءَ تي چاڙهيو ويندو، جيئن ٻين لاءِ
عبرت جو باعث ٿئي. اهو پرزو انھي مهل مھر هڻي
فرياديءَ جي حوالي ڪيو ويو.
هيءُ ٺيڪي تي زمين ڏيڻ واري عمل جي پڻ خلاف هو.
جيڪڏهن ڪنھن به ارباب وغيرهه ويهن هزارن جي پيدائش
واري پرڳڻي لاءِ لک رپئي جو ٺيڪو کڻڻ پي چاهيو ته
انڪار ڪري ٿي ڇڏيائين. کيس خبر هئي ته ٺيڪيداري
ملڪ لاءِ تباهي جو ڪارڻ بنجي ٿي، انھيءَ حالت ۾
رعيت پنھنجي حاڪم جي هٿ وس کان نڪري وڃي ٺيڪيدار
جي اري چڙهي ٿي، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب غريب
رعايا سان زيادتيون ڪندو رهي ٿو، ۽ ڍل به مسڪين
رعيت جي هڏن مان ڪڍي ٿو. صاف ظاهر آهي ته ڪو به
ماڻھو لالچ کان سواءِ ٺيڪيداري نه ٿو ڪري سگهي. سو
اها ٺيڪيداري ائين ئي آهي، جيئن ڪنھن سڪل کري کي
باهه ڏيڻ سان. پھريان ته ان مان چمڪندڙ ڄڀون نڪرن
ٿيون پر انھيءَ جو نتيجو نيٺ ڌوڙ ڇائيءَ جي صورت ۾
نروار ٿئي ٿو.
اهو محمد علي بيگ هر هفتي ڪچهري لڳائي منصف سان گڏ
مفتين ۽ قاضين کي پنھنجي سامهون وهاري، فريادين جا
فيصلا شريعت موجب ڪندو هو، جيئن ڪو به ڏاڍو ڪنھن
به هيڻي سان ڪا زيادتي نه ڪري. سيوهڻ جي علائقي ۾
بکر سميت سميجن انڙن جي شورش پئي هلندي هئي، ۽
انھن چانڊين سان ملي ڌاڙن، ڦرين سان سڄو ملڪ ويران
ڪري ڇڏيو هو. هن پنھنجو لشڪر چاڙهي انھن سان اهڙي
ڪار ڪري ڇڏي، جو سندس حاڪميت ۾ وري نه بکر جي ڪا
پچار ڪيائون ۽ نه ٻئي ڪٿان جي ۽ ماٺ ڪري گهرن
۾ويهي رهيا. بختيار بيگ ترڪمان جھڙو زور آور حاڪم،
ان جھڙو ٻيو ڪو به بکر جو حاڪم نه ٿيو.
بودلي نالي سميجن انڙن جي سردار کي زوريءَ بکر جي
قلعي ۾ وٺي آيو ۽ کيس قيد ڪري ڇڏيائين جيڪو اتي ئي
دوزخ جي داروغن وٽ وڃي پهتو. اهڙي ريت چانڊين جي
سردار موندر جي زال ۽ چانڊين هٿان باندي ٿيل ماڻھن
کي، سندن راڄ سميت جبل مان هڪالي، بکر جي قلعي ۾
گهلي آيو. آخرڪار جڏهن چانڊين جا سردار ميڙيون وٺي
ويا ۽ بکر ۾ ڌاڙن هڻڻ کان توبہ ڪيائون تڏهن سڀني
کي ڇڏيو ويو.
سندس ايام ڪاريءَ ۾ مير ابڙي نالي چانڊڪا پرڳڻي جي
زميندار درياءَ مان وڏو واهه ڪڍرائي رڻ پٽ ۾ آندو،
جتي ڪنھن بني بشر جو پير نه پيو هو، ۽ اتي ڪيئي
ڳوٺ آباد ڪيائين. انھن مان جوکئي هرڻي ۽ مَنهه
شھر، مير ابڙي جا ئي ٻڌايل وڏا ڳوٺ هئا. تنھن کان
سواءِ نندي ابڙي وري پوپٽيءَ جو ڳوٺ آباد ڪيو، ۽
ابڙن جو مرشد شاهه علي، جيڪو پاڻ کي مهديجو سڏائي
ٿو، تنھن ڪوٽلي نالي ڳوٺ ٻڌايو.
انھن کي ڏسندي سانگين، ابڙن ۽ سميجن جي ڪيترن
ماڻھن، جن جو چانڊڪا پرڳڻي سان تعلق هو، واهيون
کوٽي نيون دِهون قائم ڪيون. ملڪ جا جيڪي به ڏتڙيل
ماڻھو هئا، انھن انھي پاسيءَ رجوعات رکي، جنھن ڪري
سارين ۽ جوارين جون خريف واريون پوکون ڀلئون ڀل
ٿينديون ويون. هاڻي لک جريب کان به وڌيڪ آبادي ٿئي
ٿي ۽ ربيع جي پوک جو، ڪڻڪ، چڻا ۽ توريون، تنھن کان
سواءِ انھيءَ پرڳڻي جي جَمع بندي ٽيهارو چاليهارو
(لک تنڪا) ٿئي ٿي. ساڳيءَ ريت بکر جي سرڪار واري
پرڳڻي درٻيلي ۾ به زمينون ڏاڍيون آباد ٿين پيون.
ٻيو، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مرزا جاني بيگ ترخان جڏهن
ٺٽي ۾ هو ته وٽس پندرهن هزار ارغون، ترخان ۽ ٻيا
ماڻھو ملازم هئا. رعيت مان به ويھه هزار سوار پاڻ
وٽ رکيا هئائين. مجموعي طرح ڪل پنجٽيھه هزار سوار
گڏ ڪري چڪو هو. اهي سڀئي ماڻھو دل جان سان پورو
سال اڪبر بادشاهه جي فوج سان جنگ ڪندا رهيا. پڇاڙي
۾ وڏن حيلن کان پوءِ مرزا جاني بيگ پيش اچي پيو ۽
بادشاهه جو مطيع ٿي، ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿيو. فوج
توڙي رعيت جيڪڏهن ٻيئي پنھنجي بادشاهه طرفان سک
سانت ۾ آهن ته ڇو نه مٿس جان مال گهوري ڇڏيندا؟
هن ملڪ ۾ رڳو ٺٽي اندر ڪيترا بادشاهي ملازم آهن،
جن کي ملڪ جي نگهباني لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن سڀئي ڦاٽ ۽ گهٽ سوگها ڪيا وڃن ۽ رعيت جي به
دلي ورتي وڃي ته، وري اڳوڻو اوج بحال ٿي سگهي ٿو.
انھيءَ سان اهو فائدو به ٿيندو ته ٺٽي جي فوج هٿان
ڪڇ جي راجا کي زير ڪري يا کانئس آڻ مڃرائي، مٿس
بادشاهه لاءِ ”ساليانو“ مقرر ڪرايو وڃي. جيڪڏهن
فوج کي اشارو ملي ته ڪيچ مڪران به هٿ ڪري بادشاهه
جي اطاعت ۾ آڻي سگهي ٿي.
هن طويل ۽ دلچسپ اقتباس ذريعي جيڪي حقيقتون اسان
جي اڳيان اچن ٿيون، اهي ڪنھن ٻيءَ تاريخ مان ڪٿي
ٿيون حاصل ٿي سگهن!، جھڙوڪ:
(1)
محمد علي بيگ بندري جي اچڻ کان اڳ چانڊڪا پرڳڻي
(هاڻوڪي لاڙڪاڻي ضلعي) جون انتظامي حالتون مغل
شاهي ڪارندن خراب ۽ زبون ڪري ڇڏيون هيون.
(2)
مغل عملدار، ارباب، رئيس ۽ قانون گو نھايت ئي بد
ڪردار ۽ ظالم هئا، جن کي يوسف ميرڪ انھن خصلتن جي
ڪري بگهڙن سان مشابهت ڏني آهي.
(3)
اهي آبادگارن سان وڏا ڪيس ڪندا ۽ رشوت طور مقرر
ٿيل ڏن کان وڌيڪ کانئن ڍل اوڳاڙيندا هئا.
(4)
مغل جاگيردار يا گورنر پنھنجي نا اهليت سبب پرڳڻا،
ڳوٺ ۽ پوکيل ٻنيون ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيندا هئا، جنھن
جو نتيجو اهو نڪرندو هو ته رعيت جا لڳ لاڳاپا حاڪم
يا جاگيردار کان ختم ٿي ويا ۽ ٺيڪيدار فقط
پنھنجيءَ مرضيءَ موجب انھن کان ڳريون ڍلون ۽
اوڳاڙيون ڪندا ٿي رهيا پر حيلي بهاني انھن کي تنگ
به ٿي ڪيائون. تنھن ڪري رعيت ويچاري پوک جي پچر ئي
ڇڏي ٿي ڏني ۽ ملڪ ڀينگ ٿيندو ٿي پي ويو. هن باري ۾
يوسف ميرڪ جو هي تجربو هو ته ،
”ٺيڪيداري وارو عمل ملڪ لاءِ بربادي جو ڪارڻ
آهي.....
ٺيڪيدارن کي جيئن وڻي ٿو تيئن زيادتيون ڪندا رهن
ٿا.....
جيڪڏهن لالچ جو ڪو دخل نه هجي ته ڪو به ماڻھو شايد
ٺيڪيداري جي هام نه هڻي.“ پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو ته:
”اها ٺيڪيداري ائين آهي، جيئن ڪنھن سڪل کري کي
باهه ڏيڻ سان پھريان ته ان مان چمڪندڙ ڄڀون نڪرن
ٿيون پر انھيءَ جو نتيجو نيٺ ڌوڙ ڇائيءَ جي صورت ۾
نروار ٿئي ٿو.“
(5)
هر هڪ دهه ۽ تپي جي زمين جو تعداد چئن پنجن هزارن
جريبن کان مٿي هو. ڪٿي ڪٿي ته اها ايراضي ويهن-
ٽيھن هزار جريبن تائين به هوندي هئي.
(6)
چانڊڪا (هاڻوڪو لاڙڪاڻوضلعو) جيڪو بکر سرڪار جو هڪ
پرڳڻو هو، تنھن مان ٻارنهن لک تنڪا ڍل وصول ٿيندي
هئي.
(7)
هر جريب تان ڏهه تنڪا سرڪاري ڍل وصول ڪئي ٿي وئي.
(8)
پوک جي جَمع بندي ۽ پوک جي وصولي توڙي ٻئي انتظام
لاءِ عامل، ارباب، رئيس، قانون گو ۽ شقدار مقرر
ٿيل هئا.
(9)
ڍل في جريب جي حساب سان ورتي پي وئي، جنھن ۾ وقت
بوقت ڪمي پيشي ٿيندي پي رهي، يعني اهو نرخ تبديل
ٿيندو پي رهيو.
(10)
عدل انصاف جي کاتي ۾ قاضي، مفتي ۽ منصف جون ٽي
آساميون هونديون هيون. حاڪم کي پڻ اهڙو اختيار هو
ته هو عدالت جي عملدارن کي پاڻ وٽ گهرائي اجلاس
ڪرائي ٿي سگهيو.
(11)
محمد علي بيگ بندري پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ بروقت ئي
بگڙيل انتظام کي درست ڪري، مقرر ٿيل قانون تحت
ماڻھن کي حڪم جي تعميل جو پائبند بنائي ڇڏيو. رعيت
جي دل ورتائين، ۽ ڍل وغيرهه جي ايتري حد مقرر
ڪيائين جو ماڻھو آرام ۽ اطمينان سان پوک ۽ ملڪ جي
آبادي ڏانھن مائل ٿيندا ويا. ڪنھن به ماڻھوءَ کي
ان زماني ۾ اها طاقت نه هئي ته، دستور جي خلاف
آبادگارن کان ڪا پائي به وڌيڪ وصولي ڪري سگهي. هڪ
دفعي ڪنھن ڪڙميءَ کيس اچي دانھن ڏني ته ڪو عملدار
مقرر ٿيل ڍل کان ٻه تنڪا وڌيڪ وصول پيوڪري، تنھن
تي محمد علي بيگ نه رڳو نائب جاگيردار کي تنبيهه
ڪئي پر آئندي لاءِ به کيس چتاءُ ڏئي ڇڏيائين ته،
جيڪڏهن هو هڪ پائي به وڌيڪ وصول ڪندو ته کيس انھي
هنڌ تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو. محمد علي بيگ اهڙو
انتظام ڪري ڇڏيو هو، جو کيس هر هڪ ديهه ۽ تپي مان
ڍل وصول ٿيڻ وقت يا وصولي کان پوءِ اتان جي صحيح
حالتن جو پتو پئجي ٿي ويو، ان ڪري وصولي ۾ ڪنھن به
گهٽ وڌائي ٿيڻ جو امڪان نه ٿي رهيو.
هن کي جيڪڏهن ڪنھن ملازم بابت ڪا شڪايت ملندي هئي
ته، ان تي وڏا ڏنڊ وجهي ڇڏيندو هو. ٺيڪي تي زمين
ڏيڻ جو رواج به بند ڪري ڇڏيو هئائين. جيئن رعيت
ٺيڪيدارن جي ظلمن کان محفوظ رهي.
(12)
مير ابڙي نالي هڪ زميندار چانڊڪا پرڳڻي ۾ وڏو ۽
ويڪرو واهه کوٽايو، جيڪو درياءَ مان پاڻي ڇڪي انھن
علائقن ۽ برن پٽن ۾ پھچائيندو هو جتي ڪڏهن به ڪا
آبادي ڪا نه ٿي هئي، نه وري اتي پوکي راهيءَ جو ڪو
سوال پيدا پي ٿيو.
انھن ويران علائقن کي آباد ڪرڻ کان پوءِ اتي نوان
ڳوٺ ٻڌرايا ويا، جن مان مير خان ابڙي جوڪي ’هرڻي‘
۽ ’منھن‘ نالي ڳوٺ ٻڌرايا، نندي ابڙي ’پوپٽيءَ‘ جو
ڳوٺ آباد ڪيو ۽ شاهه علي ابڙي ڪوٽلي جو ڳوٺ
ٻڌرايو. اهڙي طرح چانڊڪا جي علائقي کي اتان جي هر
قوم ۽ هر قبيلي آباد ڪيو، ڪيترا شھر اڏجي ويا ۽
ڪيئي واهه کوٽايا ويا. ابڙن، سانگين ۽ سميجن جي
قبيلن جي چانڊڪا پرڳڻي ۾ گهڻائي هئي ۽ اهي مال
ملڪيت وارا به هئا.
(13)
انھن ڪوششن جي ڪري، خريف جو فصل، مثال طور تي:
چانور (شالي)،
۽ جوار ڪثرت سان ٿيڻ لڳي. هنن ٻن جِنسن جي پوکي،
هڪ لک (جريب) کان وڌيڪ رقبي تي ٿيڻ لڳي. ربيع جي
پوکي ان کان سواءِ پي ٿي. ان ۾ ڪڻڪ، مَٽر، ۽ سرنهن
(سَرشف)
وغيرهه ٿيندي هئي، ڍل جي اوڳاڙي به چاليهه سيڪڙو
وڌي وئي.
(14)
ترخاني دور ۾ فوج جو جيڪو تعداد هو سو اڄ تائين
معلوم ٿي نه پي سگهيو. هي ڪتاب ئي آهي، جنھن مان
پتو پوي ٿو ته مرزا جاني بيگ وٽ ارغون ۽ ترخان
قبيلي جا پندرهن هزار سوار موجود هئا، ۽ مقامي
ماڻھن سان پڻ ويھه هزار فوج وٽس هئي. اها پنجٽيھن
هزارن جي فوج پوري هڪ سال تائين اڪبر جي فوجن جو
زوردار مقابلو ڪندي رهي.
(15)
ان جي ڀيٽ ۾ مؤلف جي ڏينھن ۾ مغل فوج جي ڏاڍي خراب
حالت هئي. ان جي ڪا به نگهباني نه پي ٿي. ٿاڻا
توڙي چوڪيون مضبوط نه هيون. فوج ان حد تائين
پنھنجيون وايون بتال ڪري چڪي هئي، جو ان کي دم
دلاسي جي ترت ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي.
اهڙي طرح مؤلف پھرئين حصي جي ٽئين باب جي ٽئين فصل
۾، جيڪو صوبيدارن جي تربيت بابت آهي، بادشاهه کي
مشورو ڏيندي لکي ٿو:
”اهو نھايت ضروري آهي ته صوبيدارن جي بدل سدل ڪرڻ
۾ اچي. شروعات ۾ جيئن خريف جو فصل اڃا ڪچو هجي ته
ٻئي صوبيدار کي اتي آندو وڃي، جيڪو پنھنجا ماڻھو
سرحدن تي مقرر ڪري ۽ ملڪي حالتن کي ضابطي ۾ آڻي.
ان کان پوءِ اڳئين صوبيدار کي ٻئي هنڌ اماڻيو وڃي.
ائين نه ٿئي جو نئون صوبيدار فصل جي لهڻ کان پوءِ
اچي واڳ وٺي ۽ اڳيون صوبيدار انھي کان اڳ چوڪس ٿي
وڃي ۽ بي دليءَ وچان فصل جي سنڀال نه ڪري، جيئن
پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ سندس ريت هئي. انھي مان رعيت
جو به نقصان ٿئي ٿو. ٻئي صوبيدار جي اچڻ سان به
ڪيئي گهٽ وڌايون ٿيڻ لڳن ٿيون. خود غرض ماڻھو وقت
جو فائدو وٺي، نئين صوبيدار جي ڪارندن سان بد عملي
جو مظاهرو ڪرڻ لڳن ٿا، جنھن ڪري رعيت توڙي انھي
صوبي جي ٻي خلق پريشان ٿئي ٿي.
ٻيو هيءُ ته ان صوبيدار کي (جنھن جو صوبو آباد ۽
پيداوار وارو هجي)، ٻئي صوبي ڏانھن بدلي ڪرڻ جي
حالت ۾ يقين آهي ته بادشاهه کي ان صوبي جي سرحدي
سُڀاءَ ۽ صوبي جي پيداوار بابت امين جي ذريعي سڀ
خبر هوندي. انھيءَ صورت ۾ صوبي جي پيداوار کي
سرحدي سڀاءَ جي اندازي سميت ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي.
جيڪڏهن صوبي جي پيداوار مان سپاه جي پورائي ٿي
سگهي ٿي ته پوءِ صوبيدار جي پھرين جاگير بدلائي
کيس ٻئي صوبي ۾ جاگير ڏني وڃي، جيئن سهڻي نموني
پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهي. پر جيڪڏهن انھي
صوبي جي پيداوار سپاه جي پورائي مطابق نه آهي ته
ان کي اڳئين جاگير تي رهڻ ڏنو وڃي. کيس بدلي ڪرڻ
حڪومت لاءِ مناسب ناهي. بلڪه ان کي اڳين جاگير تي
ڇڏيو وڃي، جيئن لشڪر ۽ عام ماڻھو سندس تصرف هيٺ
رهن. ٻئي پاسي جيڪڏهن ان کي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ موڪلڻ
جي ضرورت هجي ته، منشي ۽ ديوان ساڻس گڏ چورا
ڪاريءَ واري ملڪيت به هٿ ڪري سرڪاري خزاني ۾ آڻي
ڇڏي. جڏهن اهو صوبو اوڳاڙجي وڃي ۽ آباد ٿي رهي ته،
پوءِ ان صوبيدار کي اڳين جاگير بدران نئين صوبي ۾
ٻي جاگير ڏني وڃي، جنھن مان هو پنھنجي پگهار جو
پورائو ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويندو ته هن لاءِ
ڪيئي ڏکيائيون پيدا ٿي پون ٿيون. اڳيون سپاه کانئس
الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ نوان ماڻھو سندس هٿ وس رهي نه ٿا
سگهن. سپاه کي پگهار ضرور ڏيڻ کپي. ان حالت ۾ جڏهن
صوبي جي پيداوار مان ان جي داڻي پاڻي جي پورت ٿي
نه ٿي سگهي ته اهو صوبو کيس ڏوڪڙ ڪٿان ڏيندو؟
البته هو پھرين وانگي جيئن تيئن ڪري منھن پيو
ڏيندو. هن باري ۾ جيڪڏهن ڪا ڳڻ ٿي، ته ٺيڪ نه ته
ڪو چاڙهو نه ٿيندو“.
مٿينءَ عبارت مان نه فقط هيءَ خبر پوي ٿي ته ان
دور ۾ صوبيدارن جون بدليون ڏاڍي بي ترتيب نموني
ٿينديون هيون، جنھن ۾ ڪو به اصول يا قانون روا نه
ٿي رکيو ويو. ان لاءِ مؤلف پنھنجي ڀاءُ (ابوالبقا)
جي تبادلي جو داستان مثال طور پيش ڪيو آهي، جيڪو
پڙهندڙن جي معلومات ۾ نئون اضافو ڪري ٿو. هن لکيو
آهي ته:
(1) مون ٺٽي صوبي جي تبديليءَ وقت پنھنجي ڀاءُ
ابوالبقا جي حالت ڏٺي، جنھن کي جهوناڳڙهه
طرف بدلي ٿي وڃڻ جو حڪم مليو هو. ٺٽي جي ايامڪاري
۾ هن وٽ پندرهن سؤ اهڙا ڪارائتا ماڻھو موجود هئا،
جيڪي بادشاهي حڪم جي چڱيءَ طرح پيروي ڪري پي
سگهيا. جڏهن کين جهوناڳڙهه اُسهڻ جي سُڌ پيئي ته
انھن مان هڪ هزار ماڻھو ٺٽي مان ئي ابوالبقا کان
الڳ ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته هنن کي سورٺ
صوبي جي مهانگائي ۽ ڀينگ جي ڀُڻڪ پئجي چڪي هئي.
پنج سؤ ماڻھو جيڪي ڏهن ويهن ورهين کان وٽس رهندا
ٿي آيا، تن کي ٻن مھينن جي پيشگي پگهار چڱن واڌارن
سان ڏئي، پنھنجي وڏي پٽ ضياءُ الدين يوسف سان گڏي
اوڏانھن اُماڻيائين ۽ پاڻ انھن جي پٺيان بدين آيو.
جڏهن ضياءُ الدين يوسف جهوناڳڙه کان انـﮧ
پاسي روانو ٿيو ته چار سـؤ پنجاهه ماڻھو جيڪي ابن
ڏاڏن کان سندن خانداني خادم هئا، پويان پير ڪري
وٺي ڀڳا ۽ ٺٽي اچي ساه پٽيائون. باقي لشڪر کان
سواءِ پنجاهي ماڻھو دل ٻڌي ساڻس ساٿ ڏيڻ لڳا.
واقعي جي ڪري سپاه ۾ بي دلي پيدا ٿي ۽ ابوالبقا
گهڻيءَ آئيءَ ۾ اچي ويو. ليڪن هن دل نه لاٿي ۽ پاڻ
ست، اٺ سـؤ ٻيا ڪارگر ماڻھو مٽن مائٽن ۽ قديم
ماڻھن سان ميڙي سيڙي سورٺ صوبي ڏانھن روانو ٿيو.
آخر مؤلف ڪڇ جي هڪ ڳوٺ رحمان مان ان کان موڪلائي
سنڌ ۾ واپس آيو.
(3) مغل اميرن جي لشڪر يا ملازمن کي پگهار ملڻ جي
سلسلي ۾، حاڪمن تي ڪو به ڀروسو نه هو. انھن کي هر
مھيني پگهار ملڻ جي ڪا به پڪ نه هئي. هو ڏسندا هئا
ته جنھن امير سان انھن جو واسطو آهي، جيڪڏهن
انھيءَ جون ڪافي جاگيرون آهن، ۽ انھن مان ايتري
آمدني ٿيندي، جنھن مان کين پگهارون ملي سگهنديون،
ته هو انھيءَ امير وٽ رهندا هئا، نه ته ڀڄي جان
ڇڏائيندا ٿي ويا. اهوئي سبب هو جو امير خان کان
جڏهن ٺٽي واريون جاگيرون واپس ورتيون ويون، ۽ ٻئي
پاسي سپاه کي جهوناڳڙه جي مهانگائي ۽ ڀينگ بابت
خبر پئي ته هو ڀڄڻ تي مجبور ٿي ٿيا.
اهائي بي اعتمادي هئي جنھن جي ڪري سپاهين کي بعضي
ٻن ٽن مھينن جي پيشگي پگهار ڏيڻي ٿي پئي.
(4) ان زماني ۾ جهوناڳڙه وڃڻ جو رستو هن ريت هو:
بدين کان رحمان ڳوٺ، ڪڇ جو رڻ، پوءِ ڪڇ ٽپي
جهوناڳڙه پھچڻو پوندو هو. هي اهو ئي زميني رستو
آهي، جو اڄ به بدين کان ڪڇ تائين وڃي ٿو.
متن جي تياري ۽ درستي
قلمي نسخا: جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو ته ”مظھر
شاهجھاني“ جا هيل تائين ٻه نسخا هٿ اچي چڪا آهن.
هڪ اهو نسخو جيڪو مؤلف جي ذاتي ملڪيت هو، جنھن کي
ڪي سال اڳ پنجاب يونيورسٽيءَ مرحوم سراج الدين
”آذر“ جي پوين وٽان خريد ڪيو هو. هي اهو ئي نسخو
آهي جو ڊاڪٽر محمد ناظم مرحوم جي ذريعي مون کي
مليو، ۽ مون انھي وقت ان جو فوٽو ڪڍي ورتو هو.
انھيءَ ئي نسخي کي هتي بنيادي متن جي حيثيت ڏني
وئي آهي.
ٻيو نسخو اهو آهي، جيڪو مون کي قطعي طرح پھرئين
نسخي جو نقل معلوم ٿئي ٿو، ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي
قلمي ذخيري ۾ موجود آهي. ان نسخي کي مون متن جي
ڀيٽ لاءِ ڪتب آندو آهي، ليڪن ٻنهي جي عبارت ۾ ڪو
خاص اختلاف نظر نه آيو. هيٺين سٽن ۾ ٻنهي نسخن جي
ڪيفيت پيش ڪئي وڃي ٿي.
نسخو پھريون
تقطيع
82/1x52/1،
هر صفحو 13 سٽون. خط هندي نسخ نھايت صاف ۽ پڌرو.
سڄو ڪتاب هڪ ئي ڪاتب جو لکيل آهي. ڪاغذ ديسي، اوٺي
رنگ جو ٿلهو ۽ مضبوط، جنھن جي تازگي اڃا تائين
قائم آهي. صفحن تي جدولون آهن، ۽ عنوان ڳاڙهي مس
سان لکيل آهن. پھرئين صفحي جي پيشاني تي معمولي ڪم
ٿيل آهي. ورق 407، (صفحا 814). قسم اول (پھريون
حصو) ورق 4-2 کان شروع ٿي 228-2 تي ختم ٿئي ٿو ۽
قسم ثاني (حصو ٻيو) انھيءَ ورق جي پڇاڙيءَ وارين،
ٻن سٽن کان شروع ٿي 704-2 تي ختم ٿئي ٿو. ديباچو
1-2 کان 4-1 ورقن تي لکيل آهي، ان کان سواءِ
شروعات ۾ ٻه ورق ٻيا آهن، جن تي مضمونن جي فهرست
ورقن جي حوالن سميت ڏنل آهي.
ڪتاب جي پھرئين ورق جي ٻاهرئين صفحي تي مختلف
عبارتون درج آهن، جن مان هڪ عبارت پنھنجي مفهوم جي
لحاظ کان خود مؤلف جي پنھنجي هٿ سان لکيل معلوم
ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان انھيءَ نسخي کي
مؤلف جو نسخو تصور ڪري رهيا آهيون، اها عبارت هن
ريت آهي:
(1)
هو الفياض
(2)
قد وقفت على يد اکبر ابناءِ الاخ الکبير
ابي البقا
(3)
الملقب باميرخان سلمہ الله تعالى
(4)
بل افضلهم بالتحقيق ضياءَ الدين
(5)
يوسف في شهور
(6)
ثمانية و اربعين
(7)
و الف من
(8)
الهجرة النبويہ
(9)
عليہ افضه......
(10)
الصہ ..... (2)
مؤلف هيءَ عبارت لکي، ڪتاب، تاليف کان گهٽ وڌ پنج
سال پوءِ 1048هه ۾، پنھنجي وڏي ڀاءُ ابوالبقا امير
خان جي وڏي پٽ ضياءُ الدين يوسف کي ڏنو آهي.
انھيءَ صفحي جي مٿان هڪ ڪنڊ ۾ هيءَ عبارت ملي ٿي:
(1)....تاريخ 16 شعبان 39
(2) ...جمع کن(5)
(3) ....محب
ساڳيءَ عبارت جي وچ ۾ لکيل آهي:
(1)
بتاريخ 10 صفرالمظفر 1284 هجري نبوي
(2)
داخل ڪتب خانه نموده شد.
انھن ٻن سٽن جي هيٺان خط طغرا ۾ دستخط ٿيل آهن،
جيڪي ”اشرف محمد عفي عنه“ پڙهڻ ۾ اچن ٿا.
انھيءَ صفحي جي پاسي ۾ هڪ مھر آهي، جيڪا دستور
موجب ميٽي وئي آهي ۽ پوري ريت پڙهڻ ۾ نه ٿي اچي.
ان جي هيٺان هيءَ عبارت آهي:
(1)
تاريخ غره ربيع الثاني 8.
(2)
ديده
شد.
ڪتاب جي اختتام واري جا عبارت آهي،تنھن
جي هيٺان هڪ ئي ماڻھوءَ جون ٻه مھرون لڳل آهن، جن
جي عبارت هيءَ آهي:
موسس الــــــــــدوله، اســــــــــاس الملڪ
مرزا فاضل بيگ خان جنگ بھادر
ٻنهي مھرن تي سال 1288هه اڪريل آهي.
نسخو ٻيو
هي نسخو ”دستور العمل“
جي غلط نالي سان پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾
71-111
PH
نمبر تي موجود آهي. تقطيع 5X9
ورق ڪل 300. ان جي يارهين ورق تي مختلف ماپن جون
ٽي مھرون لڳل آهن، جن تي محمد رب نواز خان اُڪريل
آهي. هڪ مھر تي 1234هه،
ٻيءَ تي 1200هه،
(؟) ۽ ٽينءَ تي 1255 هه
لکيل آهي.
اهي ٽيئي مھرون ڪتاب جي پوئين صفحي تي پڻ موجود
آهن. خط معمولي نستعليق، ڪاغذ اوٺي رنگ جو ٿلهو،
ديسي ڪتب آيل آهي. هن نسخي جا ڪي ورق گم ٿيل آهن،
جن جي اسان متن ۾ نشاندهي ڪئي آهي. عبارت جي
اختلافن جي درستي ڪندي متن جي حاشين ۾ ان نسخي کي
(پ) جي نشان سان پڌرو ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي شروعات: جيئن ته هن ڪتاب جو رڳو ٻيو حصو
ڇپايو وڃي ٿو، ان ڪري موقعي جي مناسبت سان ڪتاب جي
ابتدائي عبارت يعني پھرئين حصي جي شروعات واريون
ڪي سٽون هتي درج ڪجن ٿيون.
”حمد است مر خالقي را که انسان را براي معرفت خود
آفريده. چنانچه در کلام مجيد خود فرموده که: و ما
خلقت الجن و الانس الا ليعبدون ــــ يعني آفريدم
من جن و انس را، مگر براي آنکه بشناسند مرا. و نيز
در حديث قدسي آورده که: کنت کنزاً مخفياً فاحببت
ان اعرف فخلقت الخلق لاعرف ـــ يعني من خداوندم
گنجي پنهان بودم و غير من، عالم بحال و عارف بجلال
کمال نبود. و دوست ميداشتم که مرا بشناسند، پس
مخلوق را آفريدم تا شناخة شوم و بادشاهان را،
برخلائق خود نگهبان و راعي
شناخته که هر آئينه در شعاع دولت ايشان، هيچ قوي
بر ضعيف ستم نکند ..... الخ.
ترجمو:
شڪرانا انھيءَ خالق جا جنھن انسان کي پنھنجي سڃاڻپ
لا پيدا ڪيو جيئن پاڻ ڪلام مجيد ۾ فرمائي ٿو: مون
جنن توڙي انسانن کي پنھنجي سڃاڻپ (عبادت) لاءِ
خلقيو آهي. حديث قدسيءَ ۾ پڻ آيل آهي ته مان (خدا)
خزاني وانگي مخفي هئس، مون کان سواءِ ڪائنات ۾ ڪا
بحالي نه هئي. عارف لاءِ به ڪو جلال يا ڪمال نه
هو. مون پنھنجي سڃاڻپ لاءِ مخلوق کي پيدا ڪيو ۽
بادشاهن کي ان جو نگهبان ڌنار بنايم، جيئن ڪڏهن به
ڪو ڏاڍو ڪنھن هيڻي تي ظلم نه ڪري.
متن جي اشاعت جو احوال: هي ڪتاب جيئن ته سنڌ جي
تاريخ جي سلسلي ۾ غير معمولي اهميت رکي ٿو، ان ڪري
هن کي ترتيب ڏيڻ وقت مون چاهيو ٿي ته مؤلف جيڪي
اشارا ڏنا يا واقعا بيان ڪيا آهن، يا پوکي راهي،
ڍل، دستور العمل، جنسن ۽ ماپ تور بابت جيڪي
ڳالهيون لکيون آهن يا هِتي جن قبيلن ۽ ماڻھن جو
ذڪر ڪيو آهي، يا ڪي جاگرافيائي نالا ۽ هنڌ لکيا
آهن، يا هو پنھنجي عبارت ۾ جيڪي مقامي يا غير
مقامي لفظ يا محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪري چڪو
آهي، تن سڀني تي مفصل حاشيا ۽ وضاحتي نوٽ لکان.
ليڪن پوين ٻن ٽن سالن دوران صحت جي خرابيءَ ۾
مبتلا رهڻ جي ڪري افسوس اٿم جو آءُ ائين ڪرڻ کان
معذور رهيس. بلڪ ڇپيل متن به ٻن ورهين تائين مھاڳ
وغيرهه نه لکڻ سبب رُڪيل رهيو. بهرحال ان مجبوريءَ
جي باوجود به مون حسب خاطر خواهه نه سهي ته به
ڪنھن حد تائين جتي ڪٿي ضروري حاشيا لکي ڇڏيا آهن.
سنڌي نالن توڙي ماڳن جون سنڌي ۾ املائون پڻ ڏنيون
اٿم. ڪجهه تاريخي آثارن، ڳوٺن ۽ ماڻھن بابت به
حاشيا لکيا ويا آهن. ليڪن مڪمل طرح هيءَ عملي مھم
سرانجام ڏيڻ ڏاڍي ڏکي ۽ محنت طلب هئي. ضرورت هئي
ته جن قبيلن جو ذڪر آيو آهي انھن جي مختصر تاريخ ۽
نسب ناما به شامل ڪجن ها، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. ان
حالت ۾ جڏهن انسان واقعن ۽ حالتن جي ناسازگاريءَ
سبب مجبور ٿي ويندو هجي؟ اهڙي سمي سواءِ ان جي ٻيو
ڪو چارو نه ٿو رهي ته هر درد سر جو قصو مختصر ڪجي.
انھيءَ عالم ۾ مون کي به گهڻيءَ
حد تائين ڪوتاهه قلميءَ کان ڪم وٺڻو پيو. بهرحال
اهي سڀ شيون ۽ ضرورتون پنھنجي جاءِ تي ايتريون اهم
آهن، جو وري جڏهن هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن تيار ڪرڻ
جو موقعو مليو ته انھن سڀني ڳالهين جو خيال رکڻ
لازمي ٿيندو، جيئن ٻيون ايڊيشن وڌيڪ جامع ۽ مڪمل
بنجي وڃي، بلڪه ان وقت ضرورت ان ڳالھه جي به ٿيندي
ته پھرئين حصي کي پڻ ان سان شامل ڪيو وڃي، جو
بجاءِ خود حڪمراني نظام جي ڪتابيات جي هڪ اهم ڪڙي
آهي.
فهرستون ۽ شجرا: ڪتاب جي آخر ۾ مختلف فهرستون
ڏنيون ويون آهن، مثال طور: ماڻھو، جاگرافيائي ماڳ
۽ قومون قبيلا ۽ ڪتابن جا نالا، ان کان سواءِ
مخصوص مقامي محاورن ۽ نادر لفظن جي جدول به ڏني
وئي آهي، جيڪي مؤلف هر هنڌ ڪتب آندا آهن. انھن
فهرستن سان گڏ ٻه ٻيون فهرستون به شامل آهن: هڪ
مقامي قومن ۽ قبيلن جي ۽ ٻئي انھن جاگرافيائي ماڳن
۽ شھرن جي، جن جو خاص ڪري سنڌ سان لاڳاپو آهي.
مقدمي جي آخر ۾ مؤلف جي خاندان جو شجرو به ڏنو ويو
آهي. جيئن پڙهندڙن کي هن خانوادي جي رشتيدارن جي
به خبرچار پئجي سگهي.
انھيءَ شجري کان علاوه ٻه ٻيا نسب ناما به ڏنا ويا
آهن، جيڪي نورجھان بيگم جي خاندان بابت آهن. هڪ ۾
هن جي مادري سلسلي (نانگ)، ۽ ٻئي ۾ سندس پدري
سلسلي (ڏاڏنگ) کي اجاگر ڪيو ويو آهي. پڙهندڙ ٻنهي
شجرن مان ڄاڻي سگهن ٿا ته هي هڪ قافلو هو، جو بي
سرو سامانيءَ جي عالم ۾ ايران کان ڪهي اچي هتي
پهتو. هن پنھنجي رشتيدارين جي ڪڙين ۾ ڪھڙن ڪھڙن
شاهن ۽ شهزادن، اميرن ۽ امير زادن کي جڪڙي، اڳوڻي
هند سنڌ جي سرزمين جي سياست توڙي حڪومت کي پنھنجي
اقتدار هيٺ آندو هو. انھن ٻنهي شجرن جي ترتيب لاءِ
راقم الحروف کي ڪيئي ڪتاب نظر مان ڪڍڻا پيا، جن
مان ڪن جا نشان نسب نامن ۾ ڏنا ويا آهن، جيئن هن
خاندان جي فردن تي جيڪڏهن ڪو صاحب ڪم ڪرڻ گهري ته
ان لاءِ آساني رهي.
هن ۾ هڪ جدول ٻي به آهي جا مقدمي جي پڇاڙي ۾ اچي
ٿي، جنھن مان سنڌ جي انھن خاص واقعن جون تاريخون
ملن ٿيون، جيڪي انھي دور ۾ ٿي چڪا هئا، جنھن سان
”مظھر شاهجھاني“ جو تعلق آهي.
شڪرگذاري: آخر ۾ سڀ کان اول آءٌ پنھنجي مرحوم شفيق
محمد ناظم
جي حق ۾ دست بدعا آهيان ته رب پاڪ ان مرحوم مغفور
کي پنھنجي اڪيچار رحمتن ۽ بخششن مهابي فردوس مڪاني
۽ جنت آشياني بنائي. حقيقت ۾ اهڙا ئي نيڪ، پاڪيزه
اخلاق ۽ ڪردار جا انسان بهشتين مان آهن. هي ڪتاب
انھي ئي مرحوم جي مھرباني سان مون تائين ڇا پهتو،
ڄڻ عدم مان عالم وجود ۾ آيو. ان کان پوءِ مون تي
لازم آهي ته آءٌ پنھنجي بزرگ ڀاءُ پير علي محمد
راشديءَ جو ٿورائتو ٿيان، ان لاءِ ته جڏهن هي ڪتاب
فقط هڪ ڏينھن لاءِ مليو ته، هن انھيءَ هڪڙي ئي
ڏينھن ۾ سوين روپيا خرچ ڪري سڄي ڪتاب جون تصويرون
ڪڍرائي مون کي عنايت ڪيون هيون. آءٌ پنھنجي عزيز
دوست ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي جو پڻ شڪرگذار
آهيان، جو جڏهن خطي نسخا اڃا مون وٽ نه پهتا هئا
ته هن پنھنجو قيمتي وقت سيڙائي، اتي ئي لاهور ۾
منھنجي مسودي جي ڪن عبارتن جي اصل نسخن سان ڀيٽ
ڪري درستي فرمائي هئي. انھيءَ کان پوءِ پنھنجي
همڪار ۽ رفيق جناب حبيب الله صاحب، ”رُشدي“ جو
احسان مند آهيان، جنھن نه فقط ڇپائي ۽ پروفن ڏسڻ ۾
پوري ذميواري پاڻ تي کنئي پر سڄي انڊيڪس به ٺاهي
جوڙي ڪتاب ۾ شامل ڪيائين. خدا تعاليٰ انھن سڀني
عزيزن کي اجر خير عطا ڪري.
حرف آخر: هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ وڏي
اهميت رکي ٿو ۽ خصوصي مواد جي اعتبار کان به سڀني
سنڌي تاريخن ۾ ممتاز ۽ افضل آهي. ان ڪري مان
پنھنجي هم وطن حضرات ۽ سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي ۽
همدردي رکندڙ سڀني ٻاهرين تاريخ جي عالمن مان اها
اميد رکان ٿو ته، هو هن ڪتاب جي ورقن ۾ سنڌ جي
ماضيءَ جي صحيح تصوير ذهن نشين ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي
جستجو ڪندا.
ڪراچي
حسام الدين راشدي
12 فيبروري 1961ع
25 شعبان المعظم 1380هه
آچر ڏينھن 10 وڳين صبح.
ببليوگرافي
ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ وقت، هيٺ ڏنل ڪتاب منھنجي سامهون
رهيا.
|
(1) تاريخ سنڌ، مير معصوم بکري |
دائود پوٽي وارو ايڊيشن. |
|
(2)
تذڪره امير خاني، حسام الدين راشدي |
سنڌي ادبي بورڊ. |
|
(3) ذخيرة الخوانين، شيخ فريد بکري
|
قلمي ذخيرو،
حسام الدين راشدي. |
|
(4) لب تاريخ سنڌ، خان خداداد خان |
امرتسر وارو ايڊيشن. |
|
(5) اڪبر نامه (جلد 3)، ابوالفضل
|
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي. |
|
(6) ماثر الامراء (جلد 3)، شاهنواز
خان |
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي. |
|
(7) بادشاهه نامه، عبدالحميد لاهوري
|
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي. |
|
(8) بيگلار نامہ، ادراڪي بيگلاري
|
قلمي ذخيرو،
حسام الدين راشدي. |
|
(9)
ضميمه تاريخ سنڌ، محمد بن زنده علي
بيگ |
حسام الدين راشدي. |
|
(10) مقالات الشعراء، مير علي شير
قانع |
ڇپيل ايڊيشن،
حسام الدين راشدي. |
|
(11) تحفـﺔ الڪرام، مير علي شير قانع |
قلمي ۽ ڇپيل (فارسي). |
|
(12) طبقات اڪبري (جلد 3)،
خواجه نظام الدين
|
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي. |
|
(13) تعليقات مڪلي نامه، حسام الدين
راشدي سماهي مھراڻ |
سنڌي ادبي بورڊ. |
|
(14) مقدمه مثنوي چنيسر نامه
|
سنڌي ادبي بورڊ. |
|
(15) تزڪ جھانگيري |
مطبوعہ نولڪشور. |
|
(16) تاريخ فيروز شاهي، ضياءَ برني |
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي. |
|
(17) تاريخ طاهري، طاهري نسياني
|
قلمي ذخيرو،
حسام الدين راشدي. |
|
(18) آئين اڪبري (جلد1)، بلاخمن |
بينگال ايشياٽڪ سوسائٽي. |
|
(19) مرزا غازي ترخان، حسام الدين
راشدي |
مطبوعه مجله،
تاريخ وَ سياسات. |
|
(20) مير مائل (مقاله)، حسام الدين
راشدي |
سماهي مھراڻ. |
|
(21) مجله علوم اسلاميه، پرچو پھريون |
علي ڳڙهه. |
|
(22) قرنيه، عنايت خان آشنا |
خطي ذخيره ضيائي. |
(23)
The Antiquities of Sind, H. Cousens, 1929.
واڌارا
صفحي 141 تي جکر (جڪر) جو لفظ آيو آهي. هي مٽي
ڀريل هوائن جي لاءِ ڪم اچي ٿو. اردو زبان ۾ جهڪڙ
لکجي ٿو. مثال طور: سنڌيءَ ۾ به جهڪڙ لکجي ٿو. هي
اصل ۾ هندي لفظ آهي. عرفي شيرازيءَ ”وصف ڪشمير“ جي
عنوان سان قصيدو لکيو آهي. ان جو هڪ شعر آهي:
در چاشت کہ از شبنم، گل گرد فشاند
آن باد کہ در هند گر آيد، جکر آيد
ڪتاب ۾ جتي فوج عليءَ جو نالو اچي، اتي قوج علي
پڙهڻ گهرجي. هي ٻه ڀائر هئا، جن بابت ”ذخيرة
الخوانين“ جي مصنف لکيو آهي ته،
قوج علي ۽ برج علي ٻه ڀائر هئا. سندن لِڇ ترڪمانن
مان هئي ۽ ٻيئي منصور جي سپاهه مان هئا. برج علي
ايتري ترقي نه ڪئي، پر قوج علي منصب ماڻيو ۽ جاگير
هٿ ڪيائين، ۽ ڪو وقت گجرات ۾ متعين هو. جنت مڪاني
(جھانگير بادشاهه) جي زماني ۾ سبي ۽ گنجابي وارن
پرڳڻن (بکر جي سرڪار) ۾ کيس جاگير مليل هئي. ڪاڇي
(ڪڇي؟) ۾ بلوچن ۽ افغانن مٿان حاڪم ٿي رهيو. اُتي
ايڏا ماڻھو ماري ڏهڪاءُ پيدا ڪيائين جو ڪو ٻار
روئندو هو ته ان کي قوج عليءَ جي اچڻ جو ڊپ ڏياري
روئڻ کان بس ڪرائي ويندي هئي.
هي ٻه لوهي ڪڻاهيون پاڻيءَ سان ڀرائي باهه جي مچ
تي رکائيندو هو، چور ۽ ڏوهيءَ جا هٿ پير ٻڌي ان کي
تتل ڪڻاهيءَ ۾ ڦٽو ٿي ڪرايائين، جنھن ۾ هو چيچلائي
مري ويندو هو. اهڙي ريت هزارين ماڻھو مارائي
ڇڏيائين. انھي سفاڪيءَ ۽ بي رحميءَ ۾ پنھنجو مَٽ
پاڻ هو.
بدقسمتيءَ سان کيس پٽ جو اولاد ڪو نه هو. هڪڙي
ڌيءَ هيس، جنھن تي خضر خان (مرداڻو نالو) رکيو
هئائين. ان جي سختي سان نگهداري پيو ڪندو هو. سڄي
ڄمار کيس شادي نه ڪرايائين. ان تي ئي قسم کڻندو هو
۽ ساڻس ڏاڍو پيار هئس.
اٽڪل هڪ لک روپيا اڪبر آباد، لاهور ۽ ملتان جي
ڀلاوڻن کان قرض وٺي، سبي ۽ گنجابي واري پرڳڻي
ڏانھن هليو ويو. شاهوڪارن کي پاڻ وٽ گهرائي، انھن
کان زوري وصوليون ڪري، کين مارائي ٿي ڇڏيائين.
اتان بدلي ٿي بادشاهي درٻار ۾ آيو ۽ مون (شيخ فريد
بکري، مصنف، ذخيرة الخوانين) سان اچي وير وڌائين
ته سندس جاگير جيڪا کانئس کسجي بايزيد بخاري جي
پٽن کي ملي هئي، تنھن ۾ منھنجو ئي هٿ هو. گهڻي
جاکوڙ کان پوءِ بکر جي سرڪار واري فوجداريءَ وسيلي
مون کي مصيبت ۾ وڌائين. خدا حق وڪيل هو، جنھن
منھنجي ٻڌي ۽ هن کي مقرب خان سان گڏ ”پٽني“ جا وڻ
ڏيکاريائين، جتي مري جهان ڇڏي ويو. جنھن، جيڪي
پوکيو سو ئي لڻندو. (ذخيرة الخوانين، قلمي، ص
8-409)
جڏهن هي صفحا ٿي ڇپيا تڏهن راقم کي پنھنجي ڪتابن
جي ذخيري مان ”ديوان حافظ“ مطبوعه منشي نولڪشور،
مطبع مطلع نور
جو هڪ نسخو مليو، جنھن جي سر ورق تي مخدوم محمد
جعفر بوبڪائي ابن مخدوم ميران جو نسب نامو ڪنھن
نامعلوم شخص جي هٿ اکرن ۾ لکيل مليو، جيئن ته اڄ
تائين مخدوم موصوف جو نسب نامو ڪٿي به، نه مليو
آهي ۽ هي ٻئي شخصيتون پھرين ٻاريءَ جي سنڌي عالمن
مان هيون، ان سان گڏ هن ڪتاب (مظھر شاهجھاني) جي
متن ۾ به انھيءَ مخدوم جو ذڪر آيو آهي، ان ڪري
ضروري سمجهيو ويو ته اهو نسب نامو به هتي درج ڪجي،
جيئن مٿين ٻنهي بزرگن جي گهراڻي سان دلچسپي رکندڙ
علم دوست حضرات ان مان استفادو ڪري سگهن:
شجره متبرکه مخدومان قريشيان بني عباس بوبکان
عبدالمناف- هاشم- عبدالمطلب- عباس- عبدالله- هاشم-
ابوبڪر- سلطان اندس (؟)- بزدار خان- سالار خان-
سلطان ترڪ- سلطان خلجي خان- ابوبڪر- شيخ محمد-
شيخ ابوبڪر- عاري- ميره- مروتہ (؟)- شيخ قلندر-
مرزوق-
نورالدين- محمد يعقوب- محمد ميران بوبڪائي (استاد
شاه حسن
ارغون وغيره)- مخدوم جعفر بوبڪائي (صاحب متانة)-
نصيرالدين- خير محمد- عبدالصمد- خير محمد-
عبدالصمد
 عرف
وڏل- پير محمد- اميد علي.
مير محمد ميان نصير محمد
هي شجرو قياسي (شڪي) معلوم ٿئي ٿو ته، مير محمد
ولد امير علي نالي ڪنھن شخص ”ديوان حافظ“ جي خالي
ورق تي لکيو آهي.
ڪراچي، 25 مارچ 1962ع

(1) يوسف ميرڪ جي اکرن جو عڪس

(2) ڪتاب جي پھرئين صفحي جو عڪس

(3) ٻئي ڀاڱي جي شروعاتي صفحي جو عڪس

(4) ڪتاب جي پوئين صفحي جو عڪس
اهم تاريخي واقعن جا گوشوارا
(1135- 1044)
|
11 محرم 1035هه |
سيد بايزيد بخاريءَ جي وفات وقت
جھانگير بادشاهه ٺٽي جو صوبو شهزادي
شھريار (نورجھان بيگم جي ڄاٽي) جي
جاگير ۾ ڏنو، جنھن جو نائب شريف الملڪ
مقرر ٿيو. |
|
آچر 28 صفر 1037هه- (11- ابان 22 سال
جھانگيري)
|
جھانگير ڪشمير کان موٽندي ”راجور“ جي
منزل تان اُسهڻ بعد سٺ ورهين جي ڄمار
۾ واٽ تي وفات ڪري ويو، سندس حڪومت جو
عرصو 22 سال اٺ مھينا ۽ پندرهن ڏينھن
هو.
آصف خان ابوالحسن يمين الدولہ بر وقت
خسرو جي پٽ داور بخش کي تاج پھرايو.
نورجھان پنھنجي ڄاٽي شھريار کي
بادشاهه بنائڻ ٿي گهريو، پر سندس ڀاءُ
يمين الدولہ کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو ۽
پنھنجي نياڻي شاهجھان کي تخت تي وهارڻ
جي منصوبي تي ڪاربند رهي، بنارسي نالي
هڪ هندو گماشتي کي ”چڪر هٽي“ واري
منزل تان، جيڪا ڪشمير ۽ لاهور جي وچ
تي واقع آهي، بادشاهه جي انتقال جي
خبر پھچائڻ لاءِ دکن جي پاسي روانو
ڪيو، جتي ان وقت شاهجھان جو قيام هو. |
|
آچر 19 ربيع الاول 1037هه
|
بنارسي ويهن ڏينھن کان پوءِ دکن جي
آخري سرحد تي پھچي، اها خبر مهابت خان
وٽ رسائي، جنھن اوڏيءَ مهل شاهجھان کي
اطلاع ڏنو. |
|
22 ربيع الاول 1037هه |
شاهجھان گجرات رستي دکن کان آگري
روانو ٿيو. |
|
18 ربيع الثاني 1037هه |
محمود آباد (احمد آباد) وٽ شاهجھان،
شير خان کي گجرات ۽ مرزا عيسى ترخان
ثانيءَ کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو. |
|
23 جمادي الاول 1037هه |
شاهجھان جي تخت نشينيءَ جو آگري ۾
اعلان ڪيو ويو. ڪتاب ”مظھر شاهجھاني“
جي مؤلف يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ مير
ابوالبقا امير خان، ان وقت شاهجھان جي
سهري يمين الدولہ آصف خان پاران ملتان
جو نائب هو. |
|
25 جمادي الاول 1037هه |
شاهجھان جي حڪم سان، آصف خان يمين
الدولـﮧ، جيڪو ان وقت لاهور جو
صوبيدار هو، خسرو جي پٽ داور بخش کي
لاهور ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کي هن پاڻ
جھانگير جي وفات وقت عارضي طور تخت تي
وهاريو هو. ان سان گڏ داور بخش جي
ڀاءُ گرشاسپ، ۽ شھريار جي پٽ طهمورث ۽
دانيال جي پٽ هوشنگ کي به زندگيءَ جي
نعمت کان محروم ڪري ڇڏيائين. |
|
26 جمادي الاول 1037هه (خميس جي رات) |
شاهجھان، اڪبرآباد (آگره) ۾ داخل ٿي،
باغ نورجھان ۾ منزل انداز ٿيو. |
|
27 جمادي الثاني 1037هه |
شاهجھان جي تخت نشينيءَ جي باقاعدي
رسم ادا ڪئي وئي. |
|
1 رجب 1037هه |
مرزا عيسى ثانيءَ کي ٺٽي مان بدلي ڪيو
ويو، سندس جاءِ تي خواجه باقي عرف شير
خواجه جي مقرريءَ جو فرمان صادر ٿيو.
مرزا عيسى 18 ربيع الثاني کان وٺي 01
رجب 1037هه تائين ٺٽي جو حاڪم رهيو. |
|
؟رمضان 1037هه |
خواجه باقي ٺٽي ايندي رستي تي فوت ٿي
ويو (حڪومت صرف ٻه مھينا 20 ڏينھن
سندس نالي رهي). |
|
22 رمضان 1038هه |
خواجه باقيءَ جي جاءِ تي مرزا حسام
الدين مرتضى خان کي، ٺٽي جي حاڪم ٿيڻ
جو فرمان مليو. |
|
؟؟ 1038هه |
احمد بيگ خان (نورجھان جي ڀائٽي) کي
سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. |
|
8 ربيع الاول 1038هه |
مرزا عيسى ترخان ثاني کي ”مٿرا“ ۾
جاگير ڏني وئي. |
|
7 ربيع الثاني 1038هه |
مرزا عيسيٰ ٺٽي کان واپس آگري ۾ درٻار
۾ پهتو. |
|
؟؟1039هه- |
يوسف ميرڪ، احمد بيگ ۽ ان جي ڀاءُ
يوسف جي ظلمن کان تنگ ٿي سيوهڻ مان
نڪتو، جيئن ملتان پھچي انھن ظلمن جو
داستان لکي، اتان درٻار ۾ پھچي
بادشاهه جي حضور ۾ داد رسيءَ لاءِ پيش
ڪري. |
|
؟؟ 1039هه |
مرزا حسام الدين مرتضى خان جيڪو احمد
بيگ جو مائٽ هو، دل جي عارضي سبب ٺٽي
۾ گذاري ويو. |
|
12 ربيع الاول 1039هه (رات) |
مير ابوالبقا امير خان کي ملتان مان
يمين الدولہ جي نيابت تان هٽائي،
مرتضيٰ خان جي جاءِ تي ٺٽي جو صوبيدار
مقرر ڪيو ويو.
-- احمد بيگ خان کي سيوهڻ مان بدلي
ڪري ابوالبقا جي جاءِ تي ملتان ۾ رکيو
ويو.
-- احمد بيگ خان جي جاءِ تي سيوهڻ ۾
ديندار خان مقرر ٿيو.
--يوسف ميرڪ اڃا سيوهڻ مان نڪري، بکر
کان ٿيندو، ملتان ۾ پنھنجي ڀاءُ وٽ
پهتو مس ته، هي سڀئي واقعا ظھور ۾
آيا. |
|
ربيع الثاني 1039هه |
گهڻو ڪري ابوالبقا جي ملتان کان ٺٽي
ڪوچ ڪرڻ وقت ساڻس گڏ يوسف ميرڪ به ٺٽي
واپس آيو. |
|
1 شوال 1040هه |
ملتان مان احمد بيگ جي بدلي ٿي ۽
نجابت خان ولد مرزا شاهه رخ کي اتي
مقرر ڪيو ويو. |
|
28- رجب 1041هه- |
شاهجھان کي اطلاع مليو ته ارسلان بيگ
شمشير خان، جيڪو ان وقت بنگش جو قلعه
دار هو، وفات ڪري ويو. |
|
01 ذي الحج 1041هه |
ملتان مان نجابت خان کي بدلي ڪري سندس
جاءِ تي قليچ خان کي اتي مقرر ڪيو
ويو. |
|
؟؟ 1043هه
|
يوسف ميرڪ ٺٽي يا سيوهڻ ۾ ”مظھر
شاهجھانيءَ“ تي نظرثاني ڪئي هوندي. |
|
19- محرم 1041هه
|
شام جي وقت ”مظھر شاهجھاني“ جي تڪميل
ٿي. |
|
؟؟ 1044هه |
سيوهڻ جو حاڪم جان نثار خان هو. |
|
1044هه |
يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا
امير خان جهوناڳڙهه ۾ حڪومت جو نائب
هو.
|
شجرا
(1) ڪتاب جي مؤلف جو شجرو.
(2) نورجھان بيگم جو ناناڻو شجرو.
(3) نورجھان بيگم جو ڏاڏاڻو شجرو.
نورجھان جي ڏاڏنگ ۽ ناننگ جا شجرا
(1) پيءُ جي وفات کان پوءِ زماني کان تنگ ٿي، فرار
جي راهه اختيار ڪري هندستان ڏانھن روانو ٿيو. واٽ
تي سندس سڀ ڪُجهه لٽجي ويو. حالت وڃي اها ٿيس جو
سڄي موڙي صرف ٻه گهوڙا وڃي رهيس، جن تي واري سان
سواري ڪري رهيا هئا. مرزا علاءُ الدولہ آقاي ملا
جو ڄاٽو هو. سندس زال تاريخ (29- مھر) 13- ذوالقعد
1030هه (16 جلوس جھانگيري) هي جهان ڇڏيو. هو انھي
حادثي کان پوءِ ٽي مھينا ويھه ڏينھن جيئرو رهيو
(ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 127-128، بلاخمن، ص
573).
(2) ڏسو تزڪ جھانگيري ۽ ماثر، جلد ٻيو، ص 729 وڏو
پٽ.
(3) جھانگير جي قتل جي سازش ۾ شهزادي خسرو سان
شريڪ هو. انھيءَ الزام ۾ جھانگير کيس ”سرخاب“ ۾
مارائي ڇڏيو، ڏسو تزڪ، ص 145.
(4) بلاخمن جي قياس موجب، احمد بيگ، محمد شريف جو
پٽ هو. انھيءَ احمد بيگ جا ظلم ستم ”مظھر
شاهجھاني“ جي تاليف جو سبب بنيا. سال 1030هه ڌاري
جھانگير ان کي ”خاني“ جي خطاب سان نوازيو.
(5) ڏسو بادشاهه نامو، حصو ٻيو، ص 307.
(6) ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 382، ٻيو پٽ.
(7) ملا محمد ٺٽوي هن جو استاد هو. لاهري بندر،
بکر ۽ سيوهڻ سندس جاگير ۾ شامل هئا. ابوالبقا امير
خان (مظھر شاهجھاني جي مؤلف جو وڏو ڀاءُ) هن جي
پاران ملتان ۾ نائب هو. هي ڏاڍو پيٽوڙي هو ۽
سدائين بک هوندي هيس. سندس رات ڏينھن جي خوراڪ هڪ
مڻ شاهجھاني تائين پهتل هئي. لاهور ۾ ويهن لکن
رپين جي خرچ سان هن جي حويلي تيار ٿي هئي، جا سندس
وفات کان پوءِ داراشڪوه کي ڏني وئي. دهلي، آگري ۽
ڪشمير ۾ ٻن ڪروڙن ۽ پنجاهه لکن جي ملڪيت هيس. سندس
نوابيءَ ۾ جيڪي هن جا خرچ کاٻار هئا تن جو ڪاٿو ئي
ناهي. ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 158- 159، جلد
ٽيون، ص 370- ٽيون پٽ.
(8) حاجياڻي حور پرور خانم ”نورجھان“ جي ماسي سندس
زال هئي. ابراهيم خان پنھنجي ڀائٽيي احمد بيگ سان
ڏاڍي محبت ڪندو هو. سال ڏهين جھانگيري (1024-
1025هه) ۾ ڪوڪره (بهار) جي فتح کان پوءِ جھانگير
کيس اجمير جي منزل تي ”فتح خاني“ جو خطاب ڏنو. هي
شاهجھان جي فوجن هٿان اڪبر نگر ۾ قتل ٿيو ۽ انھيءَ
ڳوٺ ۾ پنھنجي پٽ جي مقبري اندر جيڪو هن پاڻ تعمير
ڪرايو هو، ان ۾ دفن ٿيو. احمد بيگ جيڪو ان وقت
ساڻس گڏ هو سو زخمي ٿيو. ڏسو تزڪ، ص 333.
(9) صادق خان وفات 9- ربيع الاول 1043هه. ڏسو
ماثر، جلد ٻيو، ص 729.
(10) جھانگير هن کي 1023هه ۾ ”خاني“ جو خطاب ڏنو.
ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 180.
(11) ولادت جو سال يقيني طور 984هه. ٻاهتر ورهين
جي ڄمار ۾ 29 شوال 1055هه (17 ڊسمبر 1645) ڌاري
وفات ڪيائين ۽ لاهور ۾ دفن ٿي. ربيع الاول 1025هه
ڌاري اجمير ۾ جھانگير کيس ”نورجھان“ جو لقب ڏنو.
ڏسو تزڪ، ص 337.
(12) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 622.
(13) قاسم خان، صاحب ديوان هو، سندس انشاء نويسي
(خط) مشهور آهي. ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 67.
(14) مؤلف خلاصہء ڪونين: رعنائيءَ ۽
مرزائيءَ ۾ ناميارو هو. هر معاملي ۾ تڪلف ۽ تصنع
کان ڪم ٿي ورتائين. هر قسم جي ٺٺ ٺانگر، ڏيک ويک
توڙي رعب تاب ۽ نرالي اٿڻي ويهڻيءَ وارو ۽
دنياداري ۾ ڀڙ هو. ايتري قدر جو پنھنجي رتبي وارن
بلڪه مٿاهين مرتبي وارن کان به گوءِ ٿي کنيائين.
سندس نازڪ مزاجي ۽ آڏ وڏائي ايڏي حد تائين هئي، جو
اڃا پٽڪي ٻڌڻ ۾ ئي پورو هوندو هو ته شاهي درٻار
برخاست ٿي ويندي هيس. ڪڏهن ته پٽڪي ٻڌندي ٻڌندي
ريچڪ اچي ويندو هئس ۽ سواري موٽائي ڇڏيندو هو.
پنھنجي ڏاڏاڻي آڊنبر تي آڪڙجي ايڏي آڏ وڏائي ۽ سيٽ
پي ڪيائين جو ڪنھن ۾ به اک نه پي ٻڏيس. ماثر، جلد
ٽيون ص 513.
(15) شاهجھان جي زماني ۾ بکر جو حاڪم ٿي آيو، جتان
سميجن جي قوم مان شادي ڪيائين، جنھن مان مرزا
طهمورث پيدا ٿيو. ڏسو، ذخيرة الخوانين، قلمي، ص
512.
(16) ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 26.
(17) افتخار خان يا مفاخر خان، ڏسو ماثر، جلد
پھريون، ص 234.
(18) ڏسو ذخيرة الخوانين، ص 311.
(19) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 310، آصف الدولہ لقب
هئس.
(20) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 814، خدا بنده کي ان
مان ڪو به اولاد ڪونه هو.
(21) ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 830.
(22) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 731 پھريون پٽ جعفر
خان، ٻيو صلابت، ٽيون عبدالرحمان مرحمت خان ۽
چوٿون مرزا بهرام خان.
(23) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 454.
(24) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 457.
(25) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 457.
(26) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 416، ذخيرة، ص 307.
ماثر جي ذڪر مطابق صفي خان جي وفات 1049هه جي
پڇاڙي ۾ ٿي. بادشاهه نامه جي بيان موجب محرم
1050هه. ڏسو بادشاه نامو، جلد ٻيو، ص 198-280،
بنگال ۾ فوت ٿيو. شهنشاهه اها خبر 28 صفر ڌاري
مشرقي علائقن جي خابرن وٽان ٻڌي ۽ پاڻ پھرين ربيع
الاول 1050هه تي ملڪه بانو جي جاءِ تي ويو. صفي
خان کي سلطان نظر نالي هڪ ڀاءُ هو، جنھن کي ديوان
خاقاني، انوري، مثنوي ۽ حديقه ياد هئا. ڏسو ماثر،
جلد ٻيو، ص 431.
(27) ڏسو، بادشاه نامه، جلد ٻيو، ص 198.
(28) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 167-775 مير ميران
يزيدي کي ايراني زال مان اهو پٽ هو.
(29) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 277. بيگم صاحب مان
ڪو اولاد نه هئس پر سريتن مان ڪافي ڪهول هئس. سندس
وڏي پٽ مرزا اسحاق کي
”اميرخاني“ خطاب مليل هو، جنھن بهره مند خان عزيز
الدين مير بخشي (ولد مرزا بهرام ولد صادق خان مير
بخشي) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. هن جا ٻيا پٽ مرزا
جعفر عقيدت خان، مرزا ابراهيم مرحمت خان، هادي
خان، يوسف خان ۽ اسد خان هئا. مرزا ابراهيم مرحمت
خان، مرزا اسحاق امير خان ۽ خديجه بيگم (زال روح
الله خان ثاني) هڪ ئي ماءُ مان هئا.
(30) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 309.
(31) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 823.
(32) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 315.
(33) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 736.
(34) مرزا باقر خان نجم ثاني، خديجه بيگم (زال
حاڪم بيگ ڪابلي ۽ نورجھان جي ڀيڻ) جي ڌيءَ سان
شادي ڪئي هئي.
(35) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 421.
(36) شايد اهو سلطان نظر جو پٽ هجي، ڏسو ماثر، جلد
پھريون، ص 185.
(37) ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 830.
(38) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 93- ذوالفقار خان
1067هه ڌاري پيدا ٿيو ۽ 57 ورهين جي عمر ۾ 16-
محرم 1124هه تي وفات ڪيائين. کيس ڪو اولاد نه هو.
ناصر عليءَ هن جي تعريف ۾ غزل لکيو، جنھن جو مطلع
آهي:
اي شان حيدري ز جبين تو آشکار
نام تو در نبرد، کند کار ذوالفقار
ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 104).
(39) جڏهن گوهر آرا ڄائي ته هن برهان پور ۾ وفات
ڪئي.
(40) مونس الارواح، نالي هڪ رسالو خواجه معين
الدين چشتي، سجزي، اجميريءَ جي سوانح تي لکيائين.
(41) دلرس بانو بيگم (ڌيءَ شاهنواز خان پٽ مرزا
رستم صفوي قنڌاري) سندس زال هئي. ڏسو، رقعات
عالمگيري، نجيب اشرف ندوي، جلد پھريون، ص 153.
(42) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 785. خان زمان مير
خليل جي زال (عالمگير جي ماسي) هڪ ڏينھن زين آبادي
کي (جا خان زمان جي درٻار جي ڳائڻي ۽ سندس سريت
هئي) شهزادي عالمگير وٽ وٺي وئي. شهزادو کيس ڏسندي
مٿس عاشق ٿي پيو. ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 790.
(43) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 707.
(44) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 690، ۽ بلاخمن ص 575.
هن جي زال شاهنواز مرزا ايرج ولد عبدالرحيم خان
خانان جي ڌيءَ هئي، جنھن مان ڪو اولاد نه هئس.
(45) ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 28.
(46) ٻئي سال عالمگيري جي پڇاڙي ۾ روح الله خان
سان پرڻي.
(47) ذوالفقار خان پٽ مھرالنساءِ بيگم (ڌيءَ يمين
الدولـﮧ). انھيءَ زال مان کيس ڪو اولاد نه هو. ڏسو
ماثر، جلد ٻيو، ص 93.
(48) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 292، جلد ٽيون، ص
35.
(49) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 814، اسد خان جي
ڌيءُ مان کيس ڪو به پٽ نه هو، پر ٻين زالن مان
ڪيئي پٽ هئس.
(50) جوانيءَ ۾ مرهٽن هٿان ڇهين سال جھانگيريءَ ۾
قتل ٿيو.
(51) ڏسو ماثر، جلد ٽيون، ص 335- 341- 828.
(52) مير ميران يزديءَ جو نسب نامو (شجرو) هن ريت
آهي:
مير ميران امير خان متوفي 1109هه (مڙس صاحب جي
بيگم) بن مير خليل الله ثاني يزدي متوفي 1072هه
(حميده بانو ڌيءَ ملڪه بانو يمين الدولہ جي نياڻي
جو مڙس) بن مير ميران يزدي (پيءُ سان گڏ هندستان
آيو، صالحه بيگم ڌيءَ يمين الدولہ جو مڙس) بن شاهه
خليل الله يزدي (صفيه سلطان ڌيءَ شاه اسماعيل
ثاني- 84-985هه جو مڙس، سال 1016هه ڌاري هندستان
آيو ۽ جھانگير جي اميرن ۾ شامل ٿيو) بن مرتضى
الممالڪ اسلام ۽ پيشوا طوائف انام امير غياث الدين
محمد مير ميران يزدي متوفي 998هه بن مرتضى الممالڪ
اسلام شاه نورالدين نعمت الله باقي يزدي (خانش
بيگم ڀيڻ شاهه طهماسپ صفوي 30- 984هه جو مڙس) بن
امير نظام الدين عبدالباقي مقتول 920هه (صدر شاهه
اسماعيل صفوي متوفي 930هه) بن امير حبيب الله
(؟ڏسو جامع مفيدي، ص 83 ۽ ماثرالامرا، جلد ٽيون، ص
828) بن شاهه نعيم الدين نعمت الله ثاني (سلطان
قلي قطب شاهه باني سلسله قطب شاهي دکن، سلطان
محمود شاهه بهمنيءَ جي موت کان پوءِ 924هه ۾ هن
بزرگ جي دعا سان تخت ماڻيائين. سيد موصوف شهزادي
خانم ڌيءَ مرزا جهان شاهه بادشاهه آذر بائيجان 41-
882هه جو مڙس هو) بن شاهه ظهير الدين علي (؟) بن
شاهه حبيب الدين محب الله (سلطان علاءُ الدين احمد
شاهه بهمني 38- 862هه جي ڌيءَ خوانزه حميرا جو مڙس
هو ۽ دکن ۾ وفات ڪئي هئائين) بن برهان الدين خليل
الله 775-847هه (پنھنجي ٻن پٽن شاهه محب الدين
حبيب الله متوفي 864هه، (احمد شاهه بهمنيءَ جي
ڄاٽو) ۽ شاهه حبيب الدين محب الله سان گڏ ماهان
(ڪرمان)، مان دکن آيو. احمد شاهه بهمني، خواجه
گيسو دراز جي وفات، (825هه)، کان پوءِ شاه نعمت
الله ولي ڪرمانيءَ جو معتقد ٿيو هو. انھي ڪري
پھريان ملڪ المشايخ شاه نورالله بن شاه برهان
الدين خليل الله ڪرمان کان دکن آيو ۽ احمد شاهه
بهمني جي نياڻي سان شادي ڪيائين ۽ شاه نعمت الله
وليءَ جي وفات کان پوءِ برهان الدين خليل الله پڻ
پنھنجي پٽن سميت دکن آيو ۽ اتي ئي گذاري ويو، بن
شاه نعمت الله ولي ڪرماني (730- 834هه). ڏسو جامع
مفيدي، فرشته، حبيب السير، ماثر الامراء، حديقة
العالم. رياض السياحـﺔ، عماديہ ۽ سوانح الايام في
شاهدة العوام صنع الله، بمبئي ڇاپو.
(53) ڏسو ماثر الامرا، جلد ٽيون، ص 828- مير خليل
الله يزدي ٻيو (حميده بانو ڌيءَ ملڪه بانوءَ جو
مڙس) سندس ڀاءُ هو، پر مير خليل الله هڪ ايراني
خاتون يعني ٻيءَ ماءُ جو پٽ هو.
(53- الف) خواجه حبيب الله ساوجي هن جو ممدوح هو.
دورميش خان (ڏسو: عالم آراي عباسي ۽ هفت اقليم) يا
درميش خان، متوفي 931هه، سال 927هه ۾ حبيب الله کي
پنھنجو وزير مقرر ڪيو، جو 950هه تائين جيئرو هو
(ميخانھ، لاهور، ص 144). خواجه موصوف وڏو علم پرور
هو، ڪيئي ڪتاب سندس نالي ممنون ٿيل هئا، مثال طور:
تاريخ حبيب السير، تحفـﺔ الحبيب فخري هروي، ترجمه
مجالس النفائس فخري هروي ۽ رساله هيئت عبدالعلي
برجندي.
(54) شيخ شهاب الدين سهروردي متوفي 633هه جي اولاد
مان هو. ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 92- 107- 126-
135- 203.
(55) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 90- آصف خان اول
عبدالمجيد هو، آصف خان ثاني اهو ئي غياث الدين بن
علي قزويني ۽ آصف خان ٽيون جعفر بيگ ۽ اهڙي ريت
آصف خان چوٿون ابوالحسن يمين الدولہ هو.
(56) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 139.
(57) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص558.
(58) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص90.
(59) مرزا حسام الدين (بن مير جمال الدين حسين خان
”انجو“ مصنف (فرهنگ جھانگيري) ٺٽي ۾ فوت ٿيو. ان
کان پوءِ ابوالبقاءُ امير خان (يوسف ميرڪ جو وڏو
ڀاءُ) ملتان مان بدلي ٿي ٺٽي آيو. ماثر الامراء ۾
لکيل آهي ته مرزا حسام الدين، احمد بيگ خان
(ابراهيم خان فتح جنگ جي ڀائٽيي) جي ڀيڻ سان پرڻيل
هو. انھيءَ جي مهابي وڏي عزت ۽ عهدي کي رسيو. هي
پنھنجي زال جو ڏاڍو فرمانبردار ۽ سندس رضا تي راضي
رهندڙ هو. عيد يا نوروز جي موقعي تي جڏهن هوءَ
شاهي دولت سرا ۾ ويندي هئي ته هي بنا اجازت جي
محلات ۾ نه ويندو هو. معتمد خان تڪمله تزڪ
جھانگيري ۾ لکي ٿو ته، مير حسام الدين، نورجھان
بيگم جي ماروٽ جو مڙس هو، ڏسو تڪمله تزڪ، نولڪشور،
ص 379.
(60) ڏسو بادشاهه نامه، جلد ٻيو، ص 606- 736.
(61) ڏسو بادشاهه نامه، جلد پھريون، حصو پھريون، ص
327.
(62) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 151- 152 جھانگير جي
زماني ۾ انھيءَ خواجه غياث جي ڌيءَ گلاب جو عطر
ايجاد ڪيو. تزڪ، ترجمو اردو، لاهور، ص 379.
(63) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 107. هن وٽ ڪيئي
زالون هيون. آخري بيماريءَ ۾ سندس محل مان هڪ سـؤ
سريتون نڪتيون. مثنوي خسرو شيرين ۽ مثنوي ليلى
مجنون جو ليکڪ هو. امير الامراء شريف خان جي بستري
تي پوڻ کان پوءِ، جھانگير جڏهن ڪابل پي ويو ته
”بساول“ جي منزل تي خميس 3 صفر سال 1016هه تي
وزارت جو قلمدان مرزا قوام الدين جي حوالي ڪيائين.
(64) ڏسو تزڪ، ص 85.
(65) علي احمد بيگ خان ڪابليءَ جو ڏاڏو. مير غياث
الدين ترخان تيموري اميرن مان هو.
(66) ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 429، بلاخمن 518.
انھيءَ سعيد خان کي 22 پٽ هئا، جن مان ڪن جا نالا
نسب نامي (شجري) ۾ اچي چڪا آهن.
(67) ڏسو بادشاهه نامه، جلد پھريون، حصو ٻيو، ص
327.
هن جي پٽن بابت معلوم نه ٿي سگهيو ته اهي احمد بيگ
خان ڪابليءَ جي ڪھڙين زالن مان هئا.
(68) ڏسو تزڪ، ص 128- 129.
(69) ڏسو تزڪ، ص 140، پڻ ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص
203.
(70) شريف خان. ڏسو ماثر، جلد ٻيو، ص 665.
شريف خان ولد ملا عبدالصمد مصور شيرازي (شيرين
قلم) بن خواجه
نظام الملڪ وزير شاه شجاع شيرازي. آصف خان جعفر
بيگ جي وفات کان پوءِ، جھانگير، جارالله کي مجبور
ڪيو ته هو مصري بيگم کي طلاق ڏئي، جنھن کان پوءِ
ان کي مرزا لشڪري ولد مرزا يوسف سان پرڻايو ويو.
(71) شاه بيگ خان، ٺٽي جو صوبيدار ٿيو هو پر اتي
پھچي نه سگهيو (بلاخمن 415، بادشاهه نامه، جلد
پھريون، حصو ٻيو، ص 140-327. شاه بيگ خان نوي
ورهين جي ڄمار ۾ لاهور ۾ (شوال 1029هه ) فوت ٿيو
(ڏسو تزڪ 642). شاه بيگ (خان دوران) بن ابراهيم
بيگ چريڪ کي چار پٽ هئا. عبدالعزيز شاهه، محمد
غزنين خان، يعقوب بيگ ۽ اسد بيگ. جھانگير بادشاهه،
خان دوران کي 26 شوال 1026هه ۾ ٺٽي جو صوبيدار
مقرر ڪيو، پر هن پنھنجي پيري ۽ ضعيفيءَ سبب معافي
ورتي. پڇاڙيءَ ۾ هو خوشاب پرڳڻو ملڪيت ۽ جاگير طور
حاصل ڪري لاهور ۾ رهي پيو. انھيءَ جاگير مان کيس
ٽيھن لکن جي اُپت ٿيندي هئي.
(72) ڌيءَ معتمد خان بخشي (مؤلف اقبال نامه
جھانگيري)، مرزا علي اصغر جي نالي ٿيل هئي پر ٻنهي
جي شادي نه ٿي سگهي. شاهجھان انھيءَ ڇوڪريءَ کي
خان دوران سان پرڻائي ڇڏيو.
(73) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 174 ،۽ سرو آزاد ص
146، سرو آزاد ۾ سندس وفات جي تاريخ 1058هه ڄاڻايل
آهي.
(74) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 785- 254. اهو مير
خليل خان زمان، راڳ رنگ جو شوقين هو، ڪيئي سريتون،
سريليون ۽ ٺاهوڪيون ڳائڻيون پاڻ وٽ ڪٺيون ڪيون
هئائين. مشهور ڳائڻي زين آبادي (شهزادگيءَ واري
زماني ۾ عالمگير جي محبوبه) پڻ انھن مان هئي. چون
ٿا ته اها مير خليل خان جي سريت هئي. ڏسو ماثر،
جلد پھريون، ص 79.
(75) ڏسو سرو آزاد، ص 146، ماثر جلد پھريون، ص
203. محمد باقر اعظم خان جھانگيريءَ جو ٽيون نمبر
پٽ هو. پھريان مير اسحاق ارادت خان، مرزا بديع
الزمان ولد آقائي ملا ثاني جھانگيري (جعفر بيگ آصف
خان جي ڀاءُ) جي ڌيءَ پرڻيو. پوءِ زاهد خان ڪوڪه
جي ڌيءَ سان (جيڪا بيوه هئي) نڪاح ڪيائين، جنھن
مان سندس وڏو پٽ محمد جعفر هو.
(76) صاحب ديوان هو. ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 204
۽ سروآزاد، ص 146- 147.
(77) فارسيءَ جو شاعر هو.
(78) ڏسو ماثر، جلد، ص 205، پنھنجي پيءُ جي وفات
کان پوءِ موروثي لقب ارادت خاني مليس شعر گهڻا
چوندو هو، زالن هٿ ڪرڻ ۾ حريص ۽ گهڻي اولاد وارو
هو.
(79) ڏسو ماثر، جلد پھريون، ص 206.
(اهي ٻيئي شجرا هڪ سال ۽ ٽن مھينن جي عرصي ۾ پورا
ٿيا. تاريخ 7 جنوري 1961ع ڌاري مون هي ڪم هٿ ۾
کنيو، اڄ تاريخ 27 مارچ 1962ع تي پورو ڪيم. هتي
پڙهندڙن کان اها اميد رکڻ مناسب ٿو سمجهان ته، هن
باري ۾ جيڪڏهن کين ڪو به شڪ پيدا ٿئي ته مھرباني
ڪري مون کي اطلاع ڏين ته جيئن ايندڙ اشاعت ۾ درستي
ڪئي وڃي. پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي ساٿين جناب رشدي
[حبيب
الله]،
مسلم ضيائي، ۽ مولانا
[اعجاز
الحسن]
قدوسيءَ جو تھدل شڪريو ادا ڪيان ٿو جن منھنجي هن
ڪم ۾ مدد ڪئي).
شريف الملڪ، جيڪو شهزادي شهريار پاران
ٺٽي جو نائب هو.
اهو واهه اڃا تائين ”ميرواهه“ نالي
موجود آهي.
جهونا ڳڙه جي سڄي علائقي کي ”سورٺ“ سڏيو
وڃي ٿو.
اُن زماني ۾ جهونا ڳڙهه ڏانھن بدين وٽان
وڃڻو پوندو هو.
الاخ الڪبير جي مٿان ڪنهن هي لفظ لکيا
آهن. وڏو ڀاءُ (و) والد مير ضياءُ الدين.
تذکرة اميرخاني (مؤلفه راقم الحروف) ۾
سوانح ڏسڻ کپي.
ممڪن آهي ته هي ”عرض ديده شد“ هجي، ۽ ان
جو پھريون لفظ ضايع ٿي ويو هجي.
جناب ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله پنھنجي
فاضلانه ڪتاب ”ادبيات فارسي مين هندون کا
حصه“ ص 50 تي اهوئي نالو لکيو آهي (دهلي،
1942ع).
وفات 24 مئي 1955ع (1- شوال 1374هه)،
ڏينھن اڱارو، عيدالفطر، وقت هڪ وڳي
منجهند. مدفن قبرستان سوداگران پنجاب،
ڪراچي.
ديوان حافظ جي انهيءَ ڇپيل نسخي جي
ڪتابت منشي محمد شمس الدين ”المخاطب
باعجاز“ ڪئي هئي. هي پنجون ايڊيشن اپريل
1897ع مطابق 1314هه ڌاري لکنو مان ڇپيو
هو. ان جي پڇاڙي ۾ مولوي عبدالعلي مدراسي
جو لکيل قطعه تاريخ درج ٿيل آهي، جنهن جي
ڇپائي جو سال (”ڪلام معجز نماي حافظ“
1301هه) مان نڪري ٿو. ان جي تقريظ مرحوم
مولانا محمد هادي علي ”اشڪ“ لکي هئي، جنهن
ساڳئي نسخي تي ڪي حاشيا به لکيا آهن.
|