

چپائيندڙ پاران
سنڌ ۾ مغليه دؤرِ حڪومت جي مستند تاريخي
ماخذ ”تاريخ مظھر شاهجھاني“ مؤلف: يوسف ميرڪ بن
مير ابوالقاسم ”نمڪين“ آهي، جيڪو سن 1044هه ۾
فارسي زبان ۾ تصنيف ڪيو ويو. اِها ساڍا ٽي سؤ سال
اڳ جي تصنيف، جيڪا جڳ مشھور اسڪالر سيد حسام الدين
راشدي صاحب کي سنڌ جي ڪنھن وسنديءَ مان دستياب ٿي.
پاڻ وڏي محنت سان ان جو فارسي متن تيار ڪيو، مفصل
مقدمه سان حاشيه ۽ گهربل تعليقات جو ڪم مڪمل ڪري
سال 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو.
جنهن بعد ان ناياب ۽ اهم تصنيف جو سنڌي ترجمو،
فارسي جي ڄاڻو عالم نياز همايوني صاحب بورڊ کي ڪري
ڏنو، جيڪو سال 1979ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو
1994ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب جي مؤلف هيءَ تاريخ لکندي ڪافي سچايون ظاهر
ڪيون آهن، جيڪي هن کان اڳ ۾ عوام الناس جي ڄاڻ ۾
اڻپوريون بلڪ نه هجڻ جي برابر هيون. هيءَ تاريخ
ائين لکي وئي آهي، جيئن تاريخ لکڻ کپي.
هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو بيحد مثالي ۽ قيمتي
تاريخ آهي. هن ڪتاب ۾ ايم.ايڇ پنهور صاحب ان دور
جي جاگرافيائي تاريخ ۽ انتظامي يونٽن سان گڏ نقشا
به تيار ڪري ڏنا، جيڪي هن ۾ شامل آهن. ”تاريخ مظھر
شاهجھاني“ جي سنڌي ترجمي ۾ ڪجهه رهيل خامين طرف
نامياري محقق جناب ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ڌيان
ڇڪايو. جنهن لاءِ سڄي مواد تي نظرثاني ڪرڻ جو ڪم
لاکي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب اهو ڪم
انتهائي باريڪ بينيءَ سان مڪمل ڪري ڏنو، جنهن لاءِ
ادارو سندن ٿورائتو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران هن ڪتاب جو ٽيون
ڇاپو آءٌ مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان
”عاطف“ صاحب جن جي رهنمائي ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري
خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ آءٌ سيڪريٽري
اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنھن
بورڊ سان سھڪار ڪري هيءُ ڪتاب شايع ڪري منظرِعام
تي آندو.
اميد آهي ته، سنڌ جي تاريخ تي مشتمل هيءَ
منفرد تصنيف محققن ۽ تاريخ جي شاگردن وٽ مڃتا
ماڻيندي.
30 صفر المظفر 1446هه ميرزا
دبير حسين بيگ
5- سيپٽمبر 2024ع
سيڪريٽري
عرض حال
منھنجي مربي جناب پير حسام الدين راشديءَ جي سفارش
تي، سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب ترجمي لاءِ منھنجي
حوالي ڪيو. انھي کان اڳ هي ڪتاب منھنجي مطالعي هيٺ
اچي چڪو هو، ۽ خود منھنجي دلي خواهش به هئي ته هن
ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کپي. ليڪن جڏهن ترجمي
جو بار منھنجي ڪلهن تي اچي پيو ته، مان پنھنجي
علمي ڪم مايگيءَ جي ڪري ڏاڍو منجهي پيس. بهرحال
پير صاحب جي حڪم کي پاڻ لاءِ آزمائش تصور ڪندي،
فارسيءَ جي عام چوڻيءَ موجب، اسان ته پنھنجي ٻيڙي
پاڻيءَ ۾ لاٿي، هاڻي جيڪي ٿيو سو ڏٺو ويندو.
اصل ڳالھه ته هن ڪتاب جو مؤلف هڪ وڏو عالم هو ۽
فارسي هن جي مادري زبان هئي. ٻئي پاسي آءٌ اڃا
طالب علم ۽ فارسي زبان جي عبور کان عاري هئس، تنھن
ڪري هيڪر ته هن تاليف جي ترجمي کان هٻڪي ويس. پر
ٻيهر جڏهن انھيءَ اڻائي ڪم ۾ الاتوهار ڪيم ته سنڌي
۽ فارسيءَ جي زور آزمائيءَ ۾ مون کي هٿي ملندي
وئي. ويتر جو تاريخ جي دلچسپ رازن ۽ رمزن کان آشنا
ٿيس ته قلم سان گڏ ذهن کي به تقويت رسندي رهي.
اهڙي ريت ٻيڙي سير مان اُڪاري ويس.
جيتري قدر ڪتاب جي اصل متن جو تعلق آهي، اها حڪايت
يا شڪايت ضرور ڪندس ته ڪتاب جو مؤلف هڪ سڄاڻ ۽
سڌير جي حيثيت ۽ ان حالت ۾ هو، جو سنڌ کي پنھنجو
وطن بنائي، سنڌين سان لاڳاپي ۾ اچي چڪو هو. تنھن
هوندي به هن ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جو انھن
کي درگذر ڪري نه ٿو سگهجي.
مثال طور: مؤلف سنڌ ۾ گهڻو عرصو گهارڻ ۽ سنڌين سان
لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پوءِ به سنڌي ٻولي سان اها ئي
ڪار ڪئي آهي، جيڪا هر نئون ماڻھو هتي اچي پراڻي
ٿيڻ کان پوءِ دهرائيندو رهي ٿو. سنڌ جي ڳوٺن ۽
دِهن جا نالا هن اهڙي انداز ۾ ڄاڻايا آهن، جو انھن
جي اصليت ناس ٿي وئي آهي.
اهو حال ڏسي اسان کي اڄوڪي دور جي اها واردات
واڳون ٿي وري پئي، جنھن موجب سنئين سڌي ياسَولي
سنڌي واري اکر الهڏني ساند کي الاڊينو سانڊ (مينھن
جو سانھه) ته، رڻ پٽاڻي کي وري رَن پٺاڻي جو جامو
پھرايو ويو آهي.
ٻيو هي ته تاريخ نگار جي حيثيت ۾، مؤلف لاءِ غير
جانبداري واري خصوصيت لازمي ليکي وڃي ٿي. مغل
شاهيءَ ڪارندن هٿان سنڌين تي نازل ٿيندڙ مصيبتن جو
احوال اهڙي خاص انداز سان پيش ڪيو آهي، جو هر
عبارت پڙهڻ کان پوءِ ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ سنڌي
مظلوم نه پر وڏا ظالم هئا. حالانڪ سندس ئي لکڻي
موجب ملڪ ۾ جيڪي بد انتظاميون ظھور ۾ آيون، ان جا
مجرم سرڪاري گماشتا ئي هئا ۽ مغل شاهي پڻ انھيءَ
جرم کان آجي ڪا نه هئي. جيئن هڪ هنڌ اهو اعتراف
ڪندي، مؤلف لکي ٿو:
سيد بايزيد بخاري جي عملداري دوران جوکين کان ڪا
خطا ٿي، جنھن جو ذميدار شاهه محمد نالي سيد بايزيد
جو پٽيلو هو. هن جي طبيعت نھايت تيز هئي، ايتري
قدر جو ٿوري گهڻي ڳالھه تي آپي کان ٻاهر نڪري ٿي
ويو.
هڪ دفعي هن حاجيءَ نالي هڪ جوکيي سان تکو پوندي
کيس پادر اڇلائي هنيو. جوکيا غيرت ۾ اچي گهر گهاٽ
ڇڏي جبل ڏانھن روانا ٿيا. شاهه محمد (پشيمان ٿي)
سندن ڪڍ لڳو ۽ کين صلح لاءِ آزيون نيزاريون ڪيائين
پر جوکين هن جي هڪ به نه ٻڌي. انت جهيڙو اچي جاڳيو
جنھن ۾ شاهه محمد سان گڏ سندس پنجاهي ماڻھو نامراد
جوکين هٿان شھيد ٿي ويا.
هن اقتباس ۾ مظلوم جوکين کي نامراد، ليڪن ظالم
شاهه محمد ۽ سندس ساٿارين کي شھيد جي لقب سان
نوازيو ويو آهي. يعني ڪنھن چواڻي: خوني به خان
محمد خان ته چڱو مڙس به اهو ئي ٿيو!
ان کان سواءِ به سڄو ڪتاب مھذب فارسيءَ جي طرز
تخاطب ۾، سنڌين مٿان دشنام طرازي جي ڌوڙين سان
چڪار نظر اچي ٿو. هن باري ۾ مغل شاهي کي مجرم
ٺھرائڻ جو سبب اهو آهي ته انھيءَ خانوادي سنڌين کي
زوري غلام بنائڻ کان پوءِ مٿن مرزا احمد بيگ ۽
بايزيد بخاري وغيره، جھڙا هٿ ٺوڪيا حاڪم مڙهي
ڇڏيا، جن جو خانداني ڌنڌو ئي ستمگري هو.
احمد بيگ ۽ سندس ڀاءُ ته ظلم ستم ۾ پنھنجا ثاني
پاڻ هئا، پر بايزيد جي سدا سدورن پٽن جو به ڏاڍ
ڏمر ۾ پوئتي پير ڪو نه هو. هنن عيد جي مبارڪ ڏينھن
تي (انھي خيال سان ته سنڌين جا راڄ عيد نماز ۾
مصروف هوندا)، موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان گهوڙا
ڪاهي، وڃي سهتن ۽ سميجن تي ڪڙڪو ڪيو، جنھن ۾ هنن
ويچارن جا ڪئين ماڻھو مارجي ويا. پڇاڙي مقتولن جي
ٻارن ٻچن کي قيد ڪري بکر آندو ويو.
ڪتاب جي مؤلف يوسف ميرڪ جي لفظن ۾ سنڌين تي متمرد
۽ مفسد ( وڳوڙي ۽ فسادي) جا جيڪي لقب لاتا ويا
آهن. اهي مغل شاهيءَ ۽ ان جي ڪارندن سان هن جي
طرفداري واري جذبي جي غمازي ڪن ٿا. جيڪڏهن اهڙا ئي
القاب مخالف ڌر جي بلي ڪيا وڃن ها ته مؤلف جي غير
جانبداري جو ڀرم رهجي اچي ها.
ايترين شڪايتن هوندي به اسان هن فاضل مؤرخ، عالم ۽
انشاپرداز جا تھدل سان شڪر گذار آهيون، جيڪو مغل
شاهيءَ جي پهاڙ سان سر ٽڪرائيندڙ غيرتمند، بھادر ۽
وطن دوست سنڌين جو طويل تر داستان (ڪنھن به ريت)
قلمبند ڪري چڪو آهي. خاص ڪري سندس اهو حق جو ڪلمو
ته ڪڏهن به فراموش ٿي نه ٿو سگهي، جنھن جو هن مرزا
احمد بيگ جھڙي سفاڪ مغل شاهي حاڪم اڳيان وڏي واڪي
اظھار ڪيو آهي ته:
”تو هٿ وٺي خدا جي خلق کي پنھنجي ظالم ڀاءُ جي ور
چاڙهي، راڄن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. مرڻ کان
پوءِ خدا توکان ان جو حساب ضرور وٺندو!“
هن ڪتاب جي تدوين توڙي ترجمي جي سفارش لاءِ سنڌ جو
نئون نسل جناب پير حسام الدين راشديءَ جو واقعي
شڪر گذار رهندو، جنھن تاريخ جي نئين باب جي بِناءَ
رکي، مھاڳ ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي. هونءَ به تاريخ
جي مطالعي جي اها افاديت آهي ته ماضي جي واقعن جي
روشنيءَ ۾ ملڪ جي سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي حالتن
کان روشناس ٿي، ان جي آڌار تي مستقبل جي تعمير
لاءِ ڪجهه سوچيو وڃي. اهو ئي تاثر اسان کي پير
صاحب جھڙي قومي مزاج شناس مدبر جي علمي محنت ۽
صحبت مان حاصل ٿئي ٿو. بشرطيڪ اسان ۾ ڪنھن فيض جي
حصول جو مادو هجي، ٻي حالت ۾ پارس به سڀ ڪنھن پٿر
کي سون بنائي نه ٿو سگهي.
پڇاڙي ۾ عرض ته مون پنھنجي وس آهر هن ڪتاب جي
ترجمي تي ڌيان ڏئي، مٿس ڪافي محنت صرف ڪئي آهي.
اڃا به ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪا ڪسر رهجي وئي هجي،
تنھن لاءِ اڳواٽ معافيءَ جو طلبگار آهيان. ان سان
گڏ حضرت خواجه محمد زمان جي بيت سان پنھنجي عرض
حال جي پڄاڻي ڪريان ٿو:
پرت ڇڏ پرڏيھه جي، ساڻيهه ڪر سنڀال
لکن سندي لال، مڇڻ مفت وڃائين!
نياز همايوني
مقدمو
ڪراچي ۾ هونءَ ته ڊسمبر جون شامون ايتري قدر سرد
نه ٿيون ٿين، جو هڪ چڱو ڀلو ماڻھو به ويڙهجي
سيڙهجي ڳنڍ ٿي
پوي. پر اتفاق سان ان ڏينھن واري شام نھايت سرد
هئي، جڏهن آئون پيراڊائز سينيما جي سامهون هڪ
ميخاني (Ritz
Bar)
جي مٿئين منزل ۾ صوفي تي ويٺو هئس. خشڪ خنڪي دار ۽
انسان جي کل اُڊيڙيندڙ بلوچستان جون تکيون هوائون،
ڏاڍي زور سان سوساٽ ڪنديون، بند ٿيل درن ۽ درين کي
ڌوڏي رهيون هيون.
بيٺڪ ۾ هڪ پاسي منھنجي ڪتاب ’تذڪره امير خاني‘ جو
مسودو پيل هو، ۽ ان جي ڀرسان هڪ ملائڪ صورت پوڙهو
عالم، جنھن جي مٿي جا مختصر وار ۽ گهاٽيون ڀرون
برف جيئان اڇيون ٿي چڪيون هيون، هڪ قلمي ڪتاب
پنھنجي ٻنهي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان جهليو ويٺو هو. هي
پوڙهو عالم جنھن جي نماڻي ۽ سٻاجھڙي منھن تي
خانداني شرافت ۽ علمي فضيلت جا نقش پوريءَ طرح
اُڀريل هئا، اهو مرحوم مغفور ڊاڪٽر محمد ناظم هو،
جنھن گرديزيءَ جي تصنيف ”زين الاخبار“ کي سڀ کان
پھريان شايع ڪيو ۽ محمود غزنويءَ جي زندگي تي
انگريزي ۾ پھريون مستند ۽ تحقيقي ڪتاب لکيو هو. هو
هاڻي حياتي جا سڀرا ڏينھن آثار قديمه جي محڪمي ۾
صرف ڪرڻ کان پوءِ رٽائر ٿي، ڪراچي جي مذڪوره
ميخاني جي مٿين منزل ۾ اچي قيام پذير ٿيو هو.
ڊاڪٽر مرحوم ايڏو ته نيڪ، با مروت ۽ منسڪر المزاج
هو جو انڪار جو لفظ سندس لغت ۾ ئي ڪو نه هو.
انھيءَ بنا تي هن کي پاڻ تي ايترو ڀروسو ڪو نه هو
ته اهو مخطوطو، جيڪو نه ڏيڻ جي ارادي سان هن
پنھنجي هٿن ۾ قابو ڪري جهليو هو، جيڪڏهن آءٌ کانئس
گهران ته هو ڪھڙي ريت پنھنجي هٿن کي ڍري ٿيڻ کان
روڪڻ تي قادر ٿي سگهندو؟ هو پنھنجي نفسي شرافت جي
ڪري نه فقط ان وقت وڏي آنڌ مانڌ ۾ هو، بلڪ پوري
بيوسيءَ سان پنھنجي ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا هو. مان هن
جي ششدر ٿيڻ جا آثار سندس کُليل ڪڻڪ رنگي منھن مان
معلوم ڪري رهيو هئس، جنھن مان خوبصورتي ۽ معصوميت
بکي رهي هئي.
تذڪره اميرخاني، جو مسودو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ
ملاحظي لاءِ مون ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو هو.
اتفاق سان عين انھيءَ زماني ۾ پروفيسر آذر مرحوم
جي ذخيري مان هن کي هڪ قلمي ڪتاب مطالعي لاءِ مليو
هو، جنھن ۾ ابوالقاسم نمڪين ۽ ابوالبقا امير خان
جا نالا بار بار پي آيا. ڊاڪٽر صاحب اهي نالا
”تذڪره اميرخاني“ ۾ به ڏسي چڪو هو. هو اهو قلمي
ڪتاب ڏيکارڻ لاءِ مون کي انھيءَ شام جو پنھنجي
فليٽ ۾ وٺي ويو هو، جنھن بابت پاڻ هميشه مرڪي
فرمائيندو هو ته ڪراچي ۾ اچي کيس ميخاني جي
پاڙيسري هجڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي. ليڪن انھيءَ
وعدي تي مون کي پاڻ سان وٺي ويو هو ته، آءٌ کانئس
ڪتاب جي گهر نه ڪندس.
ڪتاب ڏسڻ کان پوءِ اسان ٻنهي جي دلي ڪيفيت ئي
بدلجي وئي. نه مان پنھنجي وعدي تي قائم رهي سگهيس،
نه وري ڊاڪٽر صاحب مرحوم مروت جي آئين ماتحت
پنھنجي ارادي جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب
ٿي سگهيو. هن جي منھن تي لالاڻ وري آئي ۽ سندس ڪنڌ
جهڪي ويو. ٻه منٽ غور ڪرڻ کان پوءِ ذهني ڇڪتاڻ مان
پاند ڇڏائي، چيائين ته ”ادا سڀاڻي شام تائين ڪتاب
ضرور واپس ڪجانءِ“. اهو ئي اهو حسن اتفاق بلڪ ائين
کڻي چئجي ته خوشگوار حادثو هو، جنھن مون کي
”مظھرشاهجھاني“ جھڙي نادر روزگار سنڌ جي تاريخ کان
روشناس ڪرايو، جنھن جو پتو گذريل ٽي سؤ سالن ۾
ڪنھن به عالم کي ڪو نه پئجي سگهيو ۽ خود سر هينري
ايليٽ جھڙو با وسائل مستشرق به ان جي زيارت کان
محروم رهيو، جنھن پنھنجي تصنيف ”تاريخ هند“ جي
سلسلي ۾ ڪتابن هٿ ڪرڻ لاءِ هندستان ۽ يورپ جي ڪنڊ
ڪڙڇ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي هئي.
جنھن زماني ۾ ”مظھر شاهجھاني“ تاليف ٿي، انھيءَ
دور ۾ سنڌ جي تاريخ تي سنڌ اندر هي ڪتاب لکيا ويا
، جن جو هيل تائين اسان کي علم ٿي سگهيو آهي:
(1)
تاريخ سنڌ، مير معصوم بکري (1009هه- 1600ع).
(2)
تاريخ طاهري، محمد طاهر نسياني ٺٽوي (1030هه
1621ع).
(3)
بيگلارنامہ، ادراڪي بيگلاري (1034هه-1625ع).
(4)
ترخان نامہ، سيد مير محمد ٺٽوي (1065هه-1654ع).
مير معصوم جي تاريخ ۾ مغلن جي سنڌ هٿ ڪرڻ تائين
واقعا درج ڪيا ويا آهن. باقي تاريخون جيتوڻيڪ
مغليه تسلط ۽ مير معصوم جي تاريخ کان پوءِ لکيون
ويون، ليڪن اصل ۾ اهي ارغونن ۽ ترخانن جي تسلط جون
تاريخون ليکجن ٿيون. خاص مغل دور بابت اسان کي هن
وقت تائين ڪا به اهڙي تاريخ نه ملي هئي، جنھن مان
ان زماني جي سياسي يا اندروني روئداد معلوم ڪري
سگهجي. ان ڪري لاچار اسان کي مغليه دور جي انھن
عام تاريخن جي آڙ وٺڻي پوندي هئي، جن ۾ سنڌ بابت
اٽي ۾ لوڻ برابر احوال آيل آهي.
مظھر شاهجھاني پھريون ڪتاب آهي، جيڪو مغليه دور جي
پھرئين اڌ صديءَ جي حالتن تي تفصيلي روشني وجهي
ٿو. هن ڪتاب جي هٿ اچڻ سان اهو مونجهارو ۽ اها
دشواري ۽ گهاري جيڪا سنڌ جي تاريخ جي تسلسل ۾
درپيش هئي، دور ٿي وئي آهي. هي ڪتاب تاليف واري
سال جي لحاظ کان مٿي ذڪر ڪيل تاريخن جي سلسلي ۾
بيگلارنامہ ۽ ترخان نامي جي وچ ۾ اچي ٿو، ڇا لاءِ
ته هن جي تڪميل 1039هه ۽ 1044هه جي وچ ڌاري ٿي
هئي.
مؤلف جو احوال
خانداني پس منظر: هن ڪتاب بابت بحث جاري رکڻ ۽ ان
جي خوبين توڙي خصوصيتن تي روشني وجهڻ کان اڳ،
ضروري آهي ته پڙهندڙن کي مؤلف ۽ سندس خاندان جي
احوال کان متعارف ڪرايو وڃي.
مظھرشاهجھاني، جي مؤلف يوسف ميرڪ جي والد مير
ابوالقاسم
نمڪين
بن ملا مير سبزواريءَ جو اباڻو وطن سبزوار
(اسفزار) جي پسگردائي ۾ بجق
نالي هڪ ڳوٺ هو. اهو سبزوار، خراسان جي دارالحڪومت
هرات جو مشهور ۽ مردم خيز شھر شمار ڪيو وڃي ٿو،
جتان جي ڀلاري ڀونءِ مان علم ۽ هنر جي ٻين مشاهيرن
کان علاوه ”روضة الجنات في اوصاف مدينة الھرات“ جو
مؤلف معين الدين اسفزاري
به هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. ملا مير بابت صرف
ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ مشهد مقدس جي
توليت (متولي جي گادي) سندس تحويل ۾ هئي ۽ جڏهن
خراسان ۾ اوزبڪن
جو فتنو پيدا ٿيو ته هي ان وقت پنھنجو ڳوٺ ڇڏي
قنڌار هليو آيو، جتي سندس انتقال ٿيو.
ملا مير جو فرزند مير ابوالقاسم، هن ڪتاب جي مؤلف
يوسف ميرڪ جو والد، شروعات ۾ ڪابل جي حاڪم مرزا
حڪيم بن همايون وٽ ملازم هو. اڳتي هلي، مرزا حڪيم
جي ٻين ملازمن وانگي هن به هندستان ڏانھن رخ رکيو
۽ جنھن زماني ۾ اڪبر بادشاهه لاهور ۾ مقيم هو،
تڏهن هي ان جي درٻار ۾ پيش ٿيو،
۽ هميشه لاءِ اڪبري اميرن جي حلقي ۾ شامل ٿي ويو.
مير ابوالقاسم، جنھن کي پوءِ اڪبر بادشاهه
”نمڪين“ جو لقب عطا ڪيو،
پنھنجي سرڪاري عهديداري سبب گهڻو ڪري سنڌ ۾ رهيو.
هتان جي آب هوا کيس ايتري قدر ڀانءِ پئجي وئي، جو
پنھنجي خاندان جي مستقل رهائش لاءِ هتي ئي ديرو
دمايائين. بکر ۾ هن ڪيئي جايون جوڙائي پنھنجي
خاندان کي اتي آباد ڪيو، جيسين تائين جيئرو هو،
تيسين تائين سندس خانداني وطن بکر ئي رهيو. ليڪن
ان کان پوءِ جڏهن سندس وڏو پٽ مير ابوالبقا امير
خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو ته انھي خاندان جو هڪ
حصو بکر مان لڏي اچي ٺٽي ۾ سڪونت پذير ٿيو، جنھن
جي رهائش لاءِ مير ابوالبقا اميرخان، حاڪم نشين
قلعي جي سامهون ۽ ٺٽي جي جامع مسجد جي اوڀارين ڀت
سان لڳ، هڪ پاڙو آباد ڪيو، جيڪو سندس نالي تي امير
خاني محلو مشهور ٿيو. بکر ۾ هن خاندان جا باقي
جيڪي ماڻھو هئا، اهي مير ابوالقاسم جي نسبت سان
”قاسم خاني“ سڏجڻ لڳا ۽ جيڪي ٺٽي ۾ ڄاوا نپنا، سي
مير ابوالبقا امير خان جي نالي تي ”امير خاني“
سادات مشهور ٿيا.
هن خاندان جا ڪي مشاهير سيوهڻ ۾ وڃي ويٺا، جيئن
خود ”مظھر شاهجھانيءَ“ جي مؤلف جي زندگي جو گهڻو
حصو سيوهڻ ۾ گذريو. ان کان علاوه ابوالمڪارم
”شهود“ جي زندگيءَ جو خاتمو به اتي ٿيو
هن خاندان اٽڪل اڍائي صدين تائين لاڳيتو عروج ۽
اقبال منديءَ جا ڏينھن ماڻيا. اڪبر بادشاهه کان
وٺي ڪلهوڙن حاڪمن جي دور (ٻارهين صدي هجري جي
پڇاڙي) تائين هن خاندان جا ڪيئي فرد وڏن وڏن
سرڪاري عهدن تي فائز رهندا آيا، جن اميراڻي اوج ۽
مان مرتبي سان زندگي بسر ڪئي. انھن ماڻھن اميري
سان گڏ ادب، تاريخ، شعر سخن ۽ تصوف جي ميدانن ۾ به
پنھنجي شهسواريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ سنڌ جي ادبيات
توڙي تهذيب ۽ تمدن ۾ پڻ نھايت نشانبر ۽ سدا حيات
آثار ۽ اهڃاڻ ڇڏيا. جھڙوڪ: منشات نمڪين، مظھر
شاهجھاني، رقائم ڪرائم، معلومات الآفاق، رشحات
الفنون، مثنوي پري خانھ سليمان، مثنوي بديع الجمال
وسيف الملوڪ ۽ ڪيئي فارسي ديوان هن خاندان سنڌ کي
علمي ورثي ۾ ڏنا. تمدني آثارن ۾، به هن خاندان سنڌ
۾ ڪيئي مسجدون، آرائش گاهون، عمارتون، عيدگاه ۽
قلعا ٺھرايا. ان کان سواءِ ڪي نوان شھر پڻ
وسايائون. سندن انھن ڪارنامن مان ڪن جا نشان اڃا
تائين موجود آهن. مثال طور: روهڙي ۾ درياءَ جي
ڪناري ”صفئه صفا“ جھڙي بي نظير عمارت تيار
ڪرايائون، جنھن جي مٿاهينءَ منزل تي هن خاندان جو
قبرستان واقع آهي. اها عمارت تعميري فن جي لحاظ
کان پنھنجي نوعيت جي خاص شئي آهي. اهڙي طرح ٺٽي جي
جامع مسجد جنھن کي ”جامع شاهجھاني“ سڏيو وڃي ٿو،
ڪاشيءَ جي ڪاريگري سبب يادگار عمارت شمار ٿئي ٿي،
جنھن کي ڏسڻ سان هر ڪنھن جي طبيعت ۾ تازگي اچي
ويندي آهي. اها پڻ هن خاندان جي حسن ذوق جي
نشاندهي ڪري ٿي. مير ابوالقاسم نمڪين، مير
ابوالبقا اميرخان ۽ يوسف ميرڪ کان سواءِ به هن
خاندان ۾ ڪيئي اهڙا مشاهير ٿي گذريا آهن، جن ملڪ
داريءَ سان گڏ پنھنجيون زندگيون علم جي خدمت ۽
اشاعت لاءِ وقف ڪيون هيون، جھڙوڪ: مير عبدالرزاق،
ضياءُ الدين يوسف، عبدالڪريم امير خان، اشرف خان،
ابوالمڪارم شهود، امين الدين خان، متين الدين خان،
مير گدا، رضي الدين فدائي، مير ابو تراب ڪامل، مير
محمد عطا، مير حفيظ الدين ۽ مير معين الدين وغيره.
هڪ ئي خاندان ۾ ايترن مشاهيرن جو پيدا ٿيڻ بجاءِ
خود هڪ نادر مثال آهي. هن مقدمي جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ
نسب نامو شامل آهي، جنھن مان انھن مڙني مشاهيرن جو
هڪ ٻئي سان لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو.
مؤلف: مؤلف جي حالات بابت سندس هن تاليف کان سواءِ
ٻيو ڪو به ماخذ موجود ناهي، جنھن مان هن جي سوانح
حيات تي ڪا روشني پئجي سگهي، بلڪ هن جي نالي توڙي
شغل جي پھريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي ئي ڄاڻ ملي آهي.
مظھر شاهجھاني، ۾ مؤلف جتي ڪٿي ضمني طور پنھنجي
متعلق جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان سندس ابتدائي
زندگي، تعليم ۽ تربيت يا تصنيف تاليف جي باري ۾ ڪو
به اشارو نه ٿو ملي. سال 1016هه کان 1044هه تائين
رونما ٿيل واقعن ۾، هن جيڪي ٿورو گهڻو پنھنجي بابت
لکيو آهي، ان مان هيٺيان حالات ترتيب هيٺ اچن ٿا.
معلوم ٿئي ٿو ته يوسف ميرڪ جي ابتدائي زندگي اڪثر
پنھنجي والد جي خدمت ۾ گذري هئي ۽ مير ابوالقاسم
نمڪين پنھنجي ملازمت دوران جتي به ويو هيءُ ان سان
گڏ رهيو. 1016هه ۾ جڏهن مير ابوالقاسم باجوڙ ۾
قلعي دار هو (ص 144)، ته هي به اتي موجود هو، ۽
جڏهن انھي سال
سردار خان جي تبادلي کان پوءِ ٻيهر (ص 112) مير
نمڪين کي سيوهڻ جي جاگير ملي ته، هن يوسف ميرڪ کي
سپاهين جي جٿي سان گڏ اڳواٽ روانو ڪيو. جيسين
تائين مير ابوالقاسم پاڻ اتي نه پهتو ايسين
تائين يوسف ميرڪ انھي جاگير جو انتظام سنڀاليندو
رهيو. مير نمڪين، باجوڙ کان اڳ بکر، گجرات، سيوهڻ
۽ جلال آباد وغيرهه ۾ مامور رهيو. اندازو به اهو
آهي ته يوسف ميرڪ پڻ انھن سڀني هنڌن تي پنھنجي
پيءُ سان گڏ رهيو هوندو.
رجب 1017هه جي آخر ۾ مير نمڪين، شاهي فرمان موجب،
مرزا غازي ولد مرزا جاني بيگ ترخان سان گڏ مدد طور
قنڌار
ويو، ۽ پنھنجي وڏي پٽ مير ابوالبقا امير خان کي
سيوهڻ جي انتظام سنڀالڻ لاءِ پويان ڇڏيائين
(ص 115). مير نمڪين اٽڪل هڪ سال کان پوءِ اُتان
1018هه ڌاري واپس ايندي رستي ۾ فوت ٿيو. جھانگير
سندس انتقال جي خبر ٻڌڻ شرط سيوهڻ جو صوبو مير
ابوالبقا امير خان ۽ شمشير اوزبڪ جي گڏيل عهدي
داري ۾ سندن سپرد ڪيو. ليڪن مير ابوالبقا کي اها
شراڪت پسند نه پئي، ۽ هو پنھنجي اهل عيال کي ساڻ
ڪري درٻار ڏانھن راهي ٿيو (ص 121).
يوسف ميرڪ هن سڄي عرصي ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ وٽ سيوهڻ
۾ رهيو. ائين ٿو ڀانئجي ته کيس مغل حڪومت پاران ڪو
منصب مليو هو، جڏهن مير ابوالبقا سيوهڻ مان
موڪلائي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ هندستان روانو
ٿيو ته هي اهو منصب ترڪ ڪري، جزوي مدد معاش تي
قانع رهي، سيوهڻ ۾ گوشي نشين ٿي ويهي رهيو (ص
122). انھن واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته يوسف ميرڪ
1016 کان 1038هه تائين سيوهڻ ۾ ئي مقيم رهيو. ليڪن
گوشي نشينيءَ جي باوجود ملڪي معاملن سان سندس
دلچسپي برابر قائم رهندي آئي. سنڌ جي معاملن توڙي
حالتن جي سلسلي ۾ سندس مطالعو ايڏو گهرو ۽ صحيح
هو، جو وقت جا ڪي صوبيدار کانئس صلاح وٺڻ ضروري
سمجهندا هئا. شمشير خان جي عملداري جو انحصار گهڻو
ڪري يوسف ميرڪ جي مشورن تي هو: هو جيسين تائين
ڪنھن معاملي ۾ هن جي راءِ معلوم نه ڪندو هو، تيسين
تائين ڪنھن به ڪم ۾ هٿ نه وجهندو هو (ص
131-133-134-139). جن به معاملن ۾ شمشير خان هن جي
راءِ توڙي مشوري تي عمل ڪيو تن ۾ کيس سؤ فيصدي
ڪاميابي حاصل ٿي. انھي مان اها خبر پوي ٿي ته
”مظھر شاهجھاني“ جو مؤلف ڪيتري قدر دانشمند،
تجربيڪار ۽ صحيح راءِ جو مالڪ هو، ۽ سنڌ جي باري ۾
هن جو تجربو ۽ مشاهدو پڻ ڪيتريءَ حد تائين سند جي
حيثيت وارو هو.
مؤلف جي حياتي جي پوئين دور بابت هن ڪتاب مان صرف
ايترو پتو پوي ٿو ته هو احمد بيگ خان جي
ايامڪاريءَ ۾ سيوهڻ مان نڪري، بکر کان ٿيندو،
ملتان ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان وٽ
وڃي پهتو. اتان پوءِ انھي سان گڏ (1039هه) ۾ ٺٽي
آيو، جتي 19 محرم 1044هه ڌاري پنھنجي تاليف ”مظھر
شاهجھاني“ مڪمل ڪيائين.
يوسف ميرڪ جي ڪيتري عمر ٿي، ڪڏهن سندس انتقال ٿيو،
1044هه کان پوءِ پنھنجي وفات تائين هو ڪٿي رهيو، ۽
سندس مصروفيت ڪھڙي هئي؟ تنھن بابت ڪا به خبرچار
ناهي، نه وري سندس مدفن بابت ڪا به ڄاڻ ملي ٿي. هن
خاندان جا ٻه قبرستان موجود آهن: هڪ ”صفئه صفا“
نالي بکر ۾، ۽ ٻيو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪو
”گورستان امير خاني“ جي نالي مشهور آهي. انھن ٻنهي
قبرستانن ۾ يوسف ميرڪ جي مزار جو ڪو نشان نه ٿو
ملي. ڪيتريون قبرون ڊهي پٽ ٿي چڪيون آهن ته ڪن جا
ڪتبا ضايع ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته انھن مان ڪا
مزار يوسف ميرڪ جي به هجي. يا ائين به ٿي سگهي ٿو
ته هو پاڻ گهڻو عرصو سيوهڻ ۾ رهيو ۽ ان کي پنھنجو
اختياري وطن (ص 160) بنائي چڪو هو. ان ڪري اتي ئي
سندس انتقال ٿيو هجي، ۽ اتان جي مٽيءَ کيس پنھنجي
آغوش ۾ پناهه ڏني هجي. ڇاڪاڻ ته اها ئي ڀلاري
ڀونءِ هئي جنھن جي ترقي ۽ خوشحالي توڙي ظالمن جي
ظلم ۽ ستم کان ان کي بچائڻ ۽ ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ
هن پاڻ پتوڙيو هو. اهو احوال اڳتي اچي رهيو آهي.
مظھر شاهجھاني، جي ذريعي اها سڌ پوي ٿي ته مؤلف
پنھنجي عقيدي جي لحاظ کان ڪٽر سني هو. مرزا يوسف
(احمد بيگ خان جي ڀاءُ) جي ظلمن جو ذڪر ڪندي، هڪ
هنڌ ڏاڍيءَ تلخيءَ سان طنز ڪندي، هڪ فقرو سندس قلم
مان نڪري ويو آهي، جو هن جي عقيدي تي روشني وجهڻ
لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو. هو لکي ٿو ته:
”شيعي مذهب وارن وٽ، سنين کي آزارڻ
وڏي عـــــــبـــــــــادت سمجهي وڃـــــــي ٿي.“
يوسف ميرڪ جي علم، فضل، فارسي توڙي عربي داني،
مطالعي جي وسعت، شاعريءَ ۽ نثر نگاريءَ لاءِ، درحق
سندس هي ڪتاب ”مظھر شاهجھاني“ وڏي دليل جي حيثيت
رکي ٿو. ڪتاب جي عبارت ۽ انداز بيان مان واضح آهي
ته ان جو لکندڙ زبان ۽ انشاءَ تي وڏي دسترس رکندڙ
هو.
سليس زبان ۾ نکريل نثر لکڻ ڪنھن معمولي سمجهه واري
جو ڪم
نه آهي. ان لاءِ وڏي ڪمال جي ضرورت آهي. مؤلف سادي
زبان ۾ پنھنجي
ما في الضمير جو اهڙي خاص ادا سان اظھار ڪري ٿو،
جو ان جو اثر دماغ مان ٿيندو، دل جي اونهائيءَ
تائين پھچي ٿو وڃي.
ڪتاب جي پھرئين حصي جي مطالعي مان جيڪو هن سان گڏ
شايع ٿيل نه آهي، چٽيءَ ريت ظاهر ٿئي ٿو ته مؤلف
جو مطالعو تمام وسيع ۽ نھايت گهرو هو. هي روشن
دماغ ۽ ذهين اهل قلم هو. سندس فهم توڙي فراست جي
ڪا حد نه هئي. حڪمراني ۽ ملڪ داريءَ جي معاملن سان
گڏ حاڪم جي فرضن ۽ رعيت جي حقن کان هو پوري طرح
باخبر هو.
مظھر شاهجھاني
ترتيب ۽ عُنوانَ: هي ڪتاب جنھن جي حصي ٻئين کي،
اسان ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ٻن حصن تي
مشتمل آهي. مؤلف جي لفظن ۾: قسم اول ۽ قسم ثاني
انھن مان قسم اول ۾ رموز جَهان باني، امور
حڪمراني، ملڪي ۽ انتظامي سياست جو بيان ٿيل آهي.
هي حصو ان انداز جو آهي، جيئن نظام الملڪ جو
”سياست نامہ“ يا ان قسم جي ٻين ڪتابن وانگر لکيل
آهي.
قسم اول (پھرئين حصي ۾) چئن بابن تي مشتمل آهي، ۽
ان جي ٻئين باب کان سواءِ باقي باب ڪجهه فصلن تي
مشتمل آهن. انھن جي عنوانن جي فهرست هن ريت آهي:
راقم (پير حسام الدين راشدي) عالمن ۽
اميرن جي هن نامور خاندان جو مفصل احوال
”تذڪره امير خاني“ ۾ درج ڪيو آهي. انهيءَ
تاليف مان ضروري حالات اختصار سان هتي پيش
ڪيا وڃن ٿا.
”تحفـﺔ الڪرام“ (ڇپيل) ۾ بيجڪ (ب ي ج ڪ)
لکيل آهي، خطي نسخي ۾ پيجڪ (پ ي ج ڪ) آيل
آهي ۽ ”مظھر شاهجھاني“ جي ٻنهي نسخن ۾ بجق
(ب ج ق) لکيل آهي (ديباچو)، افغانستان جي
”قاموس جغرافيائي“ ۾ هڪ نالو پتچڪ. (پ ت چ
ڪ) ملي ٿو، جنهن لاءِ لکيو ويو آهي ته هي
نئين قلعي جي ڏکڻ ۾ هرات جي دنگ سان
بادغيسات جي علائقي اندر هڪ بيابان آهي،
جيڪو 63 درجن، 20 دقيقہ، 24 ثانيہ ۽ 34
درجن 42 دقيقـﮧ 34 ثانيہ اتراهين ويڪرائي
ڦاڪ ۾ اچي ٿو. (جلد 1، ص 313).
سبزوار جو هڪ نالو اسفزار به هو. خراسان
جو هي شهر هن وقت افغانستان واري ايراضي ۾
قنڌار کان هرات ڏانھن ويندڙ رستي تي موجود
آهي. انهيءَ جو هاڻوڪو افغاني نالو شين
دَند ٻڌايو وڃي ٿو.
هيءَ ”تحفـﺔ الڪرام“ جي روايت آهي.
اوزبڪن جي فتني مان مير علي شير قانع جي
مراد شايد محمد خان شيبانيءَ جي خراسان تي
چڙهائي آهي، جا 913هه ڌاري ٿي چڪي هئي.
”تحفـﺔ الڪرام“ (ڇپيل) ج 3، ص 137- ملا
مير گهڻو ڪري 913هه ۾ قنڌار آيو هوندو،
جڏهن محمد خان شيباني، حسين بابقرا جي
وفات (911هه) کان پوءِ سندس شهزادن کي
شڪست ڏئي، 913هه ۾ سڄي خراسان تي قبضو ڪري
چڪو هو. قنڌار تي تڏهن ارغون خاندان جي
حڪمراني هئي، جيڪو پوءِ (927هه) سنڌ تي
اچي مسلط ٿيو.
مرزا حڪيم (ولادت 961هه) تاريخ 12 شعبان
993هه (16 جولاءِ 1585ع) ڌاري ڪابل ۾ فوت
ٿيو. کيس پنھنجي ڏاڏي بابر بادشاهه جي قبر
جي کاٻي پاسي (باغ بابر ڪابل) ۾ دفن ڪيو
ويو. بابر جي پاسي ۾ سندس پٽ مرزا هندال ۽
ان جي ڀر ۾ مرزا حڪيم پوريل آهي. انهيءَ
ٽنهي قبرن تي جھانگير بادشاهه 1016هه ۾
پنھنجي تخت نشيني کان پوءِ پھريون ڀيرو
ڪابل وڃڻ تي ڪتبا لڳرايا هئا. انهن مان
مرزا حڪيم جي مزار جو ڪتبو هيٺ ڏجي ٿو،
جيڪو راقم (پير حسام الدين راشدي) آگسٽ
1958ع ڌاري ڪابل جي سفر دوران پاڻ نقل ڪيو
هو:
(1) الله اڪبر
ابوالمظفر نورالدين (2) محمد جھانگير
بادشاهه غازي ابن حضرت جلال (3) الدين
محمد اڪبر غازي جي فرمان موجب (4) محمد
حڪيم ابن جنت آشياني همايون بادشاهه (5)
غازي جي مزار تعمير ٿي، جلوس 2 (6)
جھانگيري مطابق 1016هه.
اڪبر نامه ۾ ان جو ذڪر 980هه کان شروع
ٿئي ٿو، تنهن ڪري اندازو آهي ته مير
ابوالقاسم ان کان اڳ اڪبري درٻار ۾ آيو
هوندو.
جڏهن نمڪسر (پنجاب) جو علائقو هن جي
جاگير ۾ هو، تڏهن لوڻ مان هڪ ٿالهي تيار
ڪرائي، اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ ڏياري
موڪلي هئائين، جنهن ۾ سندس نمڪ حلاليءَ جي
رمز رکيل هئي. بادشاهه انهي ڳُڻ کان خوش
ٿي، کيس ”نمڪين“ جو لقب عطا ڪيو
(ماثرالامرا، ج 3، ص 73).
شاهجھان جي طرفان هن کي
پھريان ”مير خان“ پوءِ ”امير خان“ جو لقب
مليو هو.
مير نمڪين، صفر 1016هه ۾ باجوڙ جو
ٿاڻيدار مقرر ٿيو ۽ اٺن مھينن کان پوءِ
رمضان 1016هه ڌاري هن کي سيوهڻ ۾ جاگير
ملي.
مرزا غازي رجب 1017هه ۾ حڪومت جو نائب ٿي
قنڌار هليو ويو ۽ پنھنجي انتقال 1021هه
تائين اتي رهيو.
هن گورستان ۾ يوسف ميرڪ جو والد ۽ وڏو
ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان ۽ انهيءَ
خاندان جا ڪيئي فرد دفن ٿيل آهن.
هي خاندان شروعات کان پڇاڙي تائين مختلف
عقيدن جو پائبند رهيو آهي. ان مان ڪي شيعا
ته ڪي سني هئا. هن بابت ”تذڪره امير خاني“
۾ پوري وضاحت ڪئي وئي آهي.
|