|
مقصد هي آهي ته فسادي ۽ وڳوڙي ماڻھو تلوار هلائڻ
کان سواءِ سڌا ٿي نه ٿا سگهن، خاص ڪري نومڙيا، جن
جو ڪو به مڙهه مقام نه آهي. هي جبل ۾ جتي به ڪا
آبادي ٿا ڏسن ته اتي جهڪو ٻڌي ويهي ٿا رهن. جڏهن
اها جوءِ گاهه پٺي کان خالي ٿئي ٿي ته وري ٻئي هنڌ
چارو جام ڏسي مال چارڻ لاءِ ترسي ٿا پون. هي ڪٿي
به هڪ هنڌ رهي پوکي راهي نه ڪندا آهن. انھن جو
ڌنڌو چوراڪاري ۽ ڦرلٽ آهي.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ شمشير خان کي جھانگير بادشاهه
طرفان بھادر خان اوزبڪ
جي مدد لاءِ قنڌار وڃڻ جو حڪم مليو، جنھن موجب هي
چار پنج سؤ سگهارا اوزبڪ ساڻ ڪري قنڌار هليو ويو.
پويان قمبر خواجه نالي پنھنجي هڪ خاص ماڻھوءَ کي
حاڪم مقرر ڪيائين، جيڪو ٿوري عرصي اندر گذاري ويو
(325-2). شمشير خان قنڌار مان قمبر خواجه جي جاءِ
تي وري خوشم بيگ کي حاڪم ڪري موڪليو. هي جڏهن
سيوهڻ پهتو ته نا تجربيڪار هئڻ جي باوجود سميجن
انڙن تي ڪاهه ڪرڻ جي هام هنيائين ۽ تڪڙ ۾ لشڪر
سنبرائي، رعيت جي ڪن ماڻھن سان گڏجي، درياهه ٽپي
سيوهڻ ۾ وڃي ويٺو، ۽ ماڻھن جي گڏ ٿيڻ جو انتظار
ڪرڻ لڳو، جيسين تائين سندس ماڻھو گڏ ٿين تنھن کان
اڳ هوڙهيائي ڪري اڳتي وڌيو، ۽ ڪاڪي ڳوٺ جي گهيڙ
وٽان درياهه جي ڪنڌيءَ تي پھچي، لوڙها ڏياري، وچ ۾
ويهي رهيو. سندس مٿئين پاسي کان لشڪر ۽ هيٺان
ٻيڙيون هيون. اڳياڙي جي مهل هئي، ماڻھن نماز شروع
ڪئي ته خوشم بيگ به وڃي صف ۾ بيٺو. اوچتو سميجن
طرفان طوفان کڙو ٿي ويو. ماڻھن کان رڙيون نڪرڻ
شروع ٿيون. خوشم بيگ ۽ سندس لشڪر جي ڪنن تائين
انھن جو آواز پهتو. هي نماز ڇڏي پنھنجا ماڻھو
گڏائڻ لڳو، جيڪي سندس آڏو هئا (326-1). ڪي همراه
لوڙهي کان ٻاهر موڪليائين ته جيئن ڪا خبر چار لهي
اچن. ويرم ئي ڪا نه گذري ته سميجا لوڙها لتاڙي
سندس لشڪر تي ڪاهي آيا. بروقت ڪيترا اوزبڪ مارجي
ويا. شمشير خان جو مير منشي ملا راجو ڪمبوه به
انھي ويڙهه ۾ قتل ٿي ويو. باقي سپاهي ڀڄي وڃي
پاڻيءَ ۾ پيا، ۽ سميجا سندن هٿيار ۽ ٻيو سامان
گهوڙن سميت هٿ ڪري ويندا رهيا. خوشم بيگ هڪڙي
سياڻپ ڪئي ته پوياڙي جي نماز کان پوءِ باقي بچيل
سوار ساڻ ڪري، ڪاڪي واري قلعي
تي پھچي، اندر وڃي ٿانيڪو ٿيو، جنھن تي سميجا اچي
گهيرو ڪري ويهي رهيا. انھن ڏينھن ۾ ابوالبقا جو
وڏو پٽ مير عتيق الله جنھن کي جھانگير بادشاهه
روجھڙين جي شڪار لاءِ ڏياري موڪليو هو (326-2)
تڏهن سيد بايزيد بخاري
جو پٽ سيد باقر بکر جو حاڪم هو ۽ هن کي به پڻس
روجھڙين جي شڪار لاءِ اماڻيو. اهي ٻئي ان وقت
سيوهڻ ۾ هئا. مير عتيق الله سندس همراهن سان گڏ
راقم الحروف (يوسف ميرڪ) سميت ڪاڪي واري قلعي تي
پھچي، خوشم بيگ سان مليا. ٻئي ڏينھن سيد باقر
پنھنجا ماڻھو وٺي آيو. خوشم بيگ کي ڏَڍُ ملي ويو.
سميجا اهو حال ڏسي، قلعي جون ڪنڌيون ڇڏي پري هليا
ويا. هي لشڪر ڪيترو وقت اتي رهي پيو، ايتري ۾
سميجا ڪن ماڻھن کي وچ ۾ ڪري صلح جون ڳالهيون هلائڻ
لڳا. آخر گهوڙا، هيٿار ۽ ٻيو سامان جيڪو پاڻ سان
کڻي ويا هئا، واپس ڏئي ٺاهه ڪري پنھنجن گهرن ڏانھن
هليا ويا. خوشم بيگ به سيوهڻ اچي پهتو. آئيندي
لاءِ اهڙي چڙهائي جي پچر ڇڏي (327-1) ملڪي معاملن
۾ لڳي ويو.
شمشير خان ٽي چار سال قنڌار ۾ رهي شاهي خدمتون
سرانجام ڏيندو رهيو. هيڏانھن سيوهڻ به سرسبز ۽
آباد هو. اهو شمشير خان ئي هو، جنھن سڀ کان پھريان
شاهه عباس جي لشڪر تي توب ڇوڙي هئي،
جڏهن هو قنڌار جي قلعي تي گهيرو ڪري چڪو هو. پوءِ
قنڌار جو قلعو شاه عباس جي هٿ ۾ آيو ته اتان جا
امير ملتان ۾ سپيرا افغان وٽ ويا، جنھن ٻه هزار
اُحدي
سوار ۽ ڪي منصبدار سميجن انڙن جي سيکت لاءِ شمشير
خان سان گڏي سيوهڻ روانا ڪيا. افغان وارا (احدي)
شمشير خان سان نه ٺهيا، تنھن ڪري هو سميجن ڏانھن
نه وڌيو ۽ لشڪر کي ملتان ڏياري موڪليائين.
مطلب ته هي ملڪ شمشير خان جي عملداري ۾ بهرحال
سرسبز ۽ آباد هو. هتان جو لشڪر (327-2) ٻين پاسن
ڏانھن پڻ شاهي مهمن سر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو
رهيو. اها ئي رعيت جي آبادي ۽ وڳوڙين جي تباهيءَ
لاءِ مکيه ڳالھه هئي.
شمشير خان ٻَئي ڀيرا جيڪا عملداري هلائي، تنھن جو
عرصو پندرهن سالن جي لڳ ڀڳ هو. هن انصاف جي روءِ
سان رعيت کي چرخي فصل ۾ بٽئي ٿي ورتي. ڪن جاين تي
ٽيون حصو ۽ چوٿون حصو به پي ورتائين. اهڙي طرح ڪچي
۾ داڻي بندي روا ٿي رکيائين. سپاهين کي به هن وٽان
جاگيرون مليل هيون، جن ۾ فراش توڙي سيس شامل هئا.
پنھنجي حڪومت جي آخر ۾ رعيت جي عرض ڪرڻ تي چرخي
فصل تي به داڻي بندي عائد ڪيائين ٿي. ملڪي حالتن ۽
شاهي دستور جو هن کي هر طرح خيال پي رهيو. سندس
گهڻو وقت مسجد ۾ ٿي گذريو. پنھنجي چوبدارن کي حڪم
ڏئي ڇڏيو هئائين ته ڪو به رعيت جي مٿان ظلم نه ڪري
(328-1). رعيت کي جنھن مهل به وڻي مون وٽ ايندي
رهي. عدالت ڪرڻ وقت هن ڪنھن کي به نه ٿي ڇڏيو،
جيتوڻيڪ هن وٽ ڪي اوزبڪ اهڙا به هئا، جن بعضي سندس
حڪم نه ٿي مڃيو. پوياڙي جي نماز مهل سندس ڪچهري ۾
جيڪي نوڪر چاڪر ۽ عدالت ڪرڻ وارا اچي گڏ ٿيندا
هئا، تن کي چوندو هو ته ”دوستو اوهان سڀئي مون کي
سڃاڻو ٿا، جيڪو به مظلوم مون وٽ اچي ٿوته آءُ ان
جي داد رسيءَ لاءِ تيار ٿو ٿيان، ڪي اوزبڪ پنھنجين
جاگيرن توڙي شھرن ۾ رهن ٿا، جن تي مان اعتبار ته
ڪيان ٿو پر اهي سراسر نالائق آهن. هي ماڻھن تي ظلم
ڪن ٿا پر ڪو به سندن ڊپ جي ڪري مون وٽ دانھين ٿي
نه ٿو اچي. توهان کي خبر هجي ته مون کي ٻڌايو!، نه
ته قيامت جي ڏينھن خدا اوهان کان ان جي پڇا ڪندو.
سيوهڻ هن جي عملداري دوران ايڏو سرسبز ۽ آباد هو
جو هند، عراق توڙي مغربي ملڪن جي هر شئي هتان ملي
ويندي هئي (328-2). سوداگرن تي اصل محصول کان وڌيڪ
ڪا به سختي نه ٿي ڪئي وئي ۽ هڪ ٻيڙيءَ تان رڳو هڪ
سير وڌيڪ ثمر ورتو ٿي ويو. سندس عملداريءَ ۾ رعيت،
ڪاريگر ۽ سوداگر سڀ خوش پيا گذاريندا هئا. جيڪڏهن
اتفاق سان سندس جاگير ۾ ڪنھن سوداگر کي لٽيو ڦريو
ٿي ويو ته ڪوشش ڪري ان جو مال ساڳيءَ جنس جي صورت
۾ واپس ٿي ورايائين. ان وچ ۾ ڪا به شئي ضايع ٿيندي
هئي ته اها پنھنجي هڙان ڀري سوداگر کي ٿي
رسايائين، جيئن هو راضي رهي. خدا شاهد آهي ته هن
جي عملداري دوران هرڪو امن ۾ هو ۽ سڀ ڪنھن شڪرانا
ٿي ڪيا. مسجدون آباد رهنديون ٿي آيون. هي پاڻ به
روزي نماز ۽ تهجد جو پائبند هو. هن ٻيڙيون تيار
ڪرائي ڇڏيون هيون، جن جي ڪمائي مان پنھنجي خوراڪ ۽
پوشاڪ جي خرچ جو پورائو ٿي ڪيائين. رعيت مان ڪا به
شئي پنھنجي خرچ لاءِ بلڪل نه اوڳاڙيندو هو.
شير خواجه جي عملداري
شمشير خان جي بدليءَ کان پوءِ هيءُ ملڪ (329-1)،
شير خواجه (باقي جان خواجه)
جي عملداري هيٺ آيو. جنھن کي اهو ربيع سچقان ئيل
سال 1032هه (هڪ هزار ۽ ٻٽيھه) ڌاري تنخواه طور
مقرر ڪري ڏنو ويو. هو پنھنجا عامل هن پاسي اماڻي
پاڻ جنت مڪاني (جھانگير بادشاهه) جي خدمت ۾رهيو.
قضا سان ملڪ جا ڀاڳ اهڙا اچي ٿيا جو ان سال ربيع
وارو اهو فصل، ماڻھن داڻي بندي جي آسري حد کان
وڌيڪ ته پوکيو پر ان تي الاهي آفت اچي پئي. جنھن
ڪري ڪيتري ايراضي خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿي وئي، جتي
ڪا ٿوري گهڻي پوک ٿي هئي ته ان مان پنج ڪاسا
(ٽويا) في جريب مس پلئه ٿي پيا، جن جو وزن ٽيھه
سير جھانگيري هو ۽ چڻن جا ٽي ٽويا جريب مان ٿي
آيا. شير خواجه جا عملدار جڏهن هتي پهتا ته چغل
خور ۽ خود غرض ماڻھن موقعي جو فائدو وٺي سندن خوب
ڪن ڀريا. نتيجو اهو نڪتو، جو (329-2) هنن، اشراف ۽
ڪيمني جا کنڌا کڻي ڇڏيا. ڪنھن وٽ به ان جو داڻو نه
رهايائون. هنن کي الاهي آفت جو ڪو به احساس نه هو.
ڳري داڻي بندي ڪري ان تي ڳاٽي ڀڳا اگهه چاڙهي،
رعيت کان وصولي ڪيائيون. رعيت سان ڏاڍا ناحق ٿيا
پر جيئن ته اها رعيت ڪو وقت اڳ شمشير خان جي
عملداري ۾ خوشحال رهي چڪي هئي. ان ڪري هن شير
خواجه جي هرڪا زيادتي گوارا ڪئي ۽ هر ڪنھن جيئن
تيئن گهاٽو سهي، ٻنيءَ جي پيدائش ۽ مال اسباب وڪڻي
ظالمن جا ڀڀ ٿي ڀريا. انھن عملدارن، چغل خورن جي
چوڻ تي لڳي، وڏ وڏيرن جون زمينون پنھنجي قبضي ۾
آنديون ۽ مٿن ڳريون ڍلون مڙهي، ڪيترن وڏيرن کي
بازارين ۽ گهٽين ۾ چوکنبو ٻڌي ڪاٺ چاڙهيو ويو ۽
کانئن زوري اوڳاڙيون شروع ڪري ڏنائون. ساڳي ريت
سوداگرن جي ٻيڙين تي به محصول مڙهيندا ويا جيڪو هر
حالت ۾ دستور کان زياده هو. هر هڪ ٻيڙي تان اڪي
اوڳاڙي ٿي ڪيائون. اوڌر ۾ جا شئي گهٽ پي ٿي، سا
ٻيڻي ڪندا ٿي ويا (330-1). انھن ظلمن جي ڪري راڄ
ڀاڳ جي چڱن مڙسن رعيت جي ڪن ماڻھن سان گڏجي
جھانگير جي درٻار ڏانھن رخ رکيو. بادشاهه سلامت
انھن ڏينھن ۾ لاهور واري دارالاخلافه ۾ هو ۽ شير
خواجه به سندس حاضريءَ ۾ هو. جڏهن فريادي لاهور
پهتا ته سندن داد خواهي کان اڳ شير خواجه (جيڪو
پنھنجي عملدارن جي افعالن کان واقف هو) اٽڪل ڪري
فريادين کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو، ۽ هر هڪ کي دم
دلاسو ڏئي گذر سفر لاءِ پروانا هٿ ۾ ڏنائين ته هو
اڳئين دستور موجب پنھنجين زمينن تي وڃي قبضو ڪن.
عملدارن جيڪي کانئن زوري کسيو هو، سو به سڀ ڪنھن
کي واپس ڏياريائين. اهڙي طرح رعيتي ماڻھن کي به
دلداريون ڏئي شمشير خان واريون رعايتون پَلئه
وڌائين (330-2). جيئن ته ماڻھو هن جي عملداري
دوران ڏاڍي آزار ۾ اچي چڪا هئا، ان ڪري سندس
ايترين رعايتن مان به راضي نه پي ٿيا. هن ڇا ڪيو،
جو انھن ظالم عملدارن کي (جن ماڻھن سان تعديون ڪري
ڇڏيون هيون) قيد ۾ وجهي مٿانئن ڏنڊ مڙهي ڇڏيائين ۽
انھن جي جاءِ تي وري ٻيا عملدار اماڻيائين. غرض ته
ماڻھن سان جيڪي ظلم ٿي چڪا هئا، تن جو ازالو ٿي
ويو. انھي وٺ پڪڙ جي ڪري هن جا عملدار وري ڪنھن تي
ظلم ڪرڻ کان باز اچي ويا. رعيت سان گڏ وڏيرن به
سامت جو ساهه کنيو، ليڪن ٻيڙين تان ساڳيو حد کان
وڌيڪ محصول اوڳاڙيو ٿي ويو ۽ سوداگرن سان ساڳيو ئي
ويل هو.
انھيءَ شير خواجه جي عملداري ۾ سميجن انڙن سان
چڱيون جٺيون ٿيون. هن مير عاقل نالي هڪ سيد کي
لاکاٽ پرڳڻي جو فوجدار مقرر ڪري، پنھنجي پاران
سميجن انڙن مٿان رکيو، جنھن پنھنجا پنجاهي سوار
(331-1) اهڙي نموني سميجن مٿان ٿاڦي ڇڏيا، جو بيان
ڪري نه ٿو سگهجي. هي لاکاٽ جي ڳوٺ ۾ درياهه جي
ڪنڌيءَ سان قلعو تيار ڪرائي ان ۾ ويٺو رهيو، ۽
جيڪي ٻيڙيون ٺٽي کان ٿي آيون يا ٺٽي ڏانھن پي ويون
تن کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ بدران چوڪيءَ پاسي روانو ڪيو
ٿي ويو، جتان اڪيلي ٻيڙي يا ٻه ٻيڙيون گڏجي فراغت
سان اينديون وينديون پي رهيون. هن هڪ هنڌ ٻيڙين جي
گڏ ٿيڻ يا چوڪي تي بيهڻ جو رواج ختم ڪري ڇڏيو.
سميجن انڙن توڙي هوسڙن مان ڪنھن کي به مجال يا حرص
نه پي ٿيو، جو ٻيڙين سان ڪا هٿ چراند ڪن. ان باري
۾ سميجن سان ڪي چڪريون به لڳي چڪيون هيون، جن ۾
کين شڪست آئي هئي. سميجن مان جيڪي ماڻھو جهلجي ٿي
پيا تن کي وڪرو ڪيو پي ويو.
آخرڪار شير خواجه جي سيوهڻ واري عملدار يار محمد
ڪوڪه جي مير عاقل سان عداوت شروع ٿي. هيءُ پنجاه
ماڻھو مير عاقل جا ۽ چاليهه ماڻھو پنھنجا ساڻ ڪري
(331-2) باغبانن جي پرڳڻي ڏانھن روانو ٿي ويو. مير
عاقل وٽ هاڻي باقي ڏهه ماڻھو وڃي بچيا. جن سان گڏ
هو لاکاٽ واري قلعي ۾ ويهي رهيو. سميجن جڏهن ڏٺو
ته مير عاقل اڪيلو آهي ۽ سيوهڻ وارو (يار محمد جو
لشڪر) به پري نڪري چڪوآهي، تڏهن پوياڙيءَ جي نماز
مهل وجهه وٺي قلعي جي ٻاهران بيٺل سندس اُٺ ڪاهي
ويا. مير عاقل پنھنجا ڏهه ماڻھو وٺي انھن بدبختن
جي ڪڍ پيو ۽ سانجهيءَ جي نماز مهل وڃي کين رسيو.
هن پنھنجن ڏهن ماڻھن کي چيو: منھنجي دل چوي ٿي ته
آءُ هتي شھيد ٿيندس! توهان وڃي پنھنجي پوين جي سار
لهو! اهو ٻڌي پنج ڇهه ماڻھو انھن ڏهاڪو ماڻھن مان
دل نه جهلي واپس لاکاٽ جي قلعي ۾ موٽي آيا. باقي
همراهه مير عاقل جو ساٿ ڏئي بيهي رهيا. سميجن اچي
سڀني کي گهيرو ڪيو ۽ مير عاقل کي چيائون، تو پاڻ
چيو هو ته جڏهن مڙس تي ڪا اوکي ويل اچي ته کيس
گهوڙي تان هيٺ لهي اچڻ کپي. هيءَ اها ئي ويل آهي
سو تون پنھنجي قول کي پاڻي ڏي! مير عاقل ائين ئي
ڪيو (332-1) ۽ گهوڙي جي مُشڪن ۾ هٿ وجهي، خدا کي
ياد ڪري، هيٺ لهي آيو. اتي ئي ٻن ٽن ماڻھن سان
منھن ڏيندي شھيد ٿي ويو. اِنالله واِنا اليہ
راجعون!
خان خانان مهابت خان
جي فتور وقت شريف الملڪ
جيڪو سلطان شھريار کان اڳ ٺٽي جو صوبيدار هو،
سميجن انڙن تي چڙهائي ڪرڻ جي سانگي لاکاٽ واري ڳوٺ
۾ اچي ويٺو هو ۽ يار محمد ڪوڪه کي لشڪر سميت اتي
گهرايو هئائين، جيئن هڪ ٻئي جي ساٿ سان سميجن انڙن
تي ڪاهه ڪئي وڃي. جڏهن يار محمد ڪوڪه پنھنجي لشڪر
سان ان وٽ ويو ته شريف الملڪ
پنھنجي فوج کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو، جا قلعي ۾ اچي
داخل ٿي. ائين هن بنا ڪنھن تحريري حڪم جي سيوهڻ جو
علائقو شير خواجه جي ماڻھن کان هٿ ڪري پنھنجي قبضي
۾ آندو.
شمس الدين جي عملداري
پوءِ هو پنھنجي ليکي شمس الدين کي هتان جو حاڪم
مقرر ڪري پاڻ ٺٽي ڏانھن هليو ويو. سميجن انڙن سان
ڪا به ويڙه گير نه ڪيائين. انھيءَ شمس الدين جي
عملداري جھڙي هئي تھڙي نه هئي، ڇاڪاڻ ته هن وڳوڙين
کي هٿ ئي نه لاتو. پر هڪ دفعي (332-2) خواجه عارف
نالي پنھنجي ڪنھن عزيز کي سپاهه ساڻ ڏئي باغبانن
واري پرڳڻي ۾ سميجن ٿيٻن تي ڪاهي وڃڻ لاءِ
موڪليائين. هن اتي وڃي ڪا سوڀ نه ڪئي ۽ واپس
اڪبرآباد جي ڳوٺ ۾ اچي پهتو. هتي ٻه سميجا ٿيٻا،
پاسي وارن پنھورن ۾ مهمان ٿي ٽڪيل هئا، جن کي
خواجه عارف گرفتار ڪري سيوهڻ ڏانھن روانو ٿيو.
پنھورن پنھنجي مهمانن جي پڪڙجڻ تي شورش ڪئي ۽
خواجه عارف سان وڙهي کيس شڪست ڏنائون. سندس لشڪر
مان ٻه سؤ ماڻھو قتل ٿي ويا، جن ۾ ڪي سوار ته ڪي
پيادا هئا، خواجه عارف ٻنهي (گرفتار ٿيل) سميجن کي
ماري ڇڏيو ۽ پاڻ سهڪندو اچي سيوهڻ جي قلعي ۾ پهتو.
بي پير شمس الدين، لطيف بيگ (333-1) ۽ ٻين ارڙهن
ڄڻن (شاهي ملازمن) کي شھيد ڪري هڪ اونهيءَ کڏ ۾
دفنائي ڇڏيو. باقي ظلم ستم جيڪي شريف الملڪ جي
ماڻھن سان ڪيا ويا، سي به ساڳيءَ ريت عمل ۾ آيا.
انھي ڪري هن جي جاءِ تي وري نوروز بيگ نالي ٻئي
عملدار کي رکيو ويو. وڃڻ وقت هن رعيت ۽ واپارين
کان سڀئي بقايائون ڇڪي تاڻي وصول ڪيون. اهڙي طرح
قرض ۽ ڏنڊ اُوڳاڙي، ملڪ جو تختو اونڌو ڪري، ٺٽي
وڃي ڀيڙو ٿيو. اها پھرين بدعت هن ملڪ ۾ شروع ٿي جو
قرآن جي آيت-
وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰي-
تي عمل نه ڪيو ويو.
نوروز بيگ جي عملداري
هن (نوروز بيگ) جي عملداري ملڪ کي ويتر زبون ڪري
ڇڏيو. ليڪن شيخ مصطفى ڪروڙي باغبانن واري پرڳڻي ۾
نومڙين سان منھن ڏيندي چڱي مڙسي ڏيکاري. اهو واقعو
هن طرح ظھور ۾ آيو. هو باغبانن جي پرڳڻي مان وصولي
ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ۾ اچي قلعي جي ٻاهران ترسيو. وٽس
سٺ ستر پنھنجا سوار موجود هئا (333-2) ايتري ۾
نومڙين اچي سيوهڻ جي پرڳڻن مان ڦرلٽ ڪئي. اها خبر
ڏينھن لڙئي مهل سيوهڻ ۾ اچي پهتي. شيخ مصطفى جيئن
قلعي جي ٻاهران ويٺو هو، تيئن تاڙ ٻڌي، انھن نڀاڳن
جو پيڇو ڪيائين ۽ نار جي ڳوٺ وٽ وڃي کين پهتو. اتي
سانجهي ٿي چڪي هئي، تنھن ڪري ماڻھن کيس چيو ته
هاڻي اوير ٿي وئي آهي ۽ غنيم به مال هڪلي وڃي جبل
۾ ٿانيڪو ٿيو، چڱو ائين آهي ته تون واپس هليو وڃ!
پر هو نه مڙيو، گهوڙن کي گاهه پٺو ڏئي وري انھن کي
سنجي، سانجهيءَ جي نماز کان پوءِ اڳتي وڌيو. سڄي
رات پنڌ هنيائين، ٻئي ڏينھن سج ڪانو مٿي چڙهي آيو
ته به ڪاهيندو رهيو. وڳوڙين کي اڃا ڪا به ڪل ڪا نه
پئي هئي. هو بي اونا ٿي گهوڙا ۽ ٻيو مال چاري وارن
پاسن ڏانھن اماڻي، پاڻي جي هڪ تلاءَ تي سمهي پيا.
اوچتو لشڪر مٿن ڪاهي آيو، کن پل ۾ نومڙين جا
چاليهارو ماڻھو مارجي ويا، جن جون سسيون لاهي
(334-1) سندن گهوڙا ۽ ڊڊا هٿ ڪيائين ۽ رعيت کي به
ڍور ڍڳا واپس ڪري ڏنائين.
سيف الملوڪ ڪاشغريءَ جي عملداري
نوروز بيگ جي تبادلي کان پوءِ سيف الملوڪ ڪاشغري
هتان جو حاڪم ٿيو. هن سان ٻن منصبدارن جو جٿو به
ساڻ هو. کيس خريف تنخواه ۾ ڏنل هئي پر هي خريف جي
فصل کڄڻ کان پوءِ آيو ۽ ربيع به اڪلاءَ ۾ هو.
نوروز بيگ اڳواٽ ئي خريف تي قبضو ڪري چڪو هو. سيف
الملوڪ پنھنجو حصو وصول ڪري کانئس دستاويز لکرائي
ورتو، جيئن خريف جي جوابداريءَ لاءِ ان کي ثبوت
طور درٻار ۾ پيش ڪري سگهي. باقي ربيع جي فصل تي هن
پاڻ ئي ڌاڪو ڄمايو. هيءُ هڪ جري سپاهي هو.
هڪ دفعي مهدي سُلطان نالي پنھنجي ڀاءُ کي لشڪر ساڻ
ڏئي سن جي پرڳڻي ڏانھن موڪليائين، انھيءَ خيال سان
ته جيئن ماڻھن تي لشڪر جو رعب قائم ٿئي، ۽ سميجا
انڙ به ڏهڪاءَ ۾ اچي وڃن (334-2). هن جي مرضي هئي
ته سن جي گهيڙ وٽان سميجن انڙن ڏانھن ٽپي وڃي، پر
ايتري ۾ سميجا سن جي سيدن کي وچ ۾ آڻي، پنھنجا چار
سردار اڳ ۾ ڪري، مهدي سلطان سان اچي مليا. هو کين
پنھنجي ڀاءُ وٽ سيوهڻ ۾ وٺي آيو. ڀاڻس سپاهگيري جي
تدبير موجب انھن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ سميجن تي
ڪاهي وڃڻ جا گهاٽ گهڙيندو رهيو.
ٻئي دفعي نومڙين حويلي پرڳڻي وارن ڳوٺن تي چڙهائي
ڪئي، جنھن جي خبر ماڻھن وڃي سيف الملوڪ کي ڏني. هن
وري مهدي سلطان کي لشڪر ساڻ ڏئي نار جي ڳوٺ ڏانھن
اماڻيو. مهدي سلطان پنڌ هڻي وڃي نار جي قلعي ۾ رات
رهي پيو. صبح تي نومڙيا ٽڪر جو پاسو وٺي، نار ڳوٺ
جي مٿان لگنهي (335-1)، ڪڇيءَ واري ڳوٺ تي (جيڪو
نار جي اورئين پاسي سيوهڻ جي قلعي طرف هو) ڪاهي،
ماڻھن جو مال ڪڍي ويا. پوياڙيءَ جي مهل اها خبر
سيف الملوڪ تائين پهتي، جيتوڻيڪ اڳ ۾ ئي لشڪر کي
پنھنجي ڀاءُ سان ڏياري موڪليو هئائين ۽ وٽس ڪجهه
پوڙهن سوارن کان سواءِ ڪو سپاهه به ڪو نه هو، ته
به اها خبر ٻڌڻ شرط غيرت ۾ اچي اتاولي مان چار پنج
سوار ساڻ ڪري نڪتو. سندس ڀاءُ مهدي سلطان کانئس اڳ
نار جي ڳوٺ مان نڪري سانجهي جي نماز مهل وڳوڙين
سان وڃي منھن مقابل ٿيو. هنن جبل جو پاسو ورتو ۽
ٻنهي ڌرين ۾ تيرن بندوقن جي ويڙهه شروع ٿي وئي.
انھي ويڙهه ۾ ڪو به ماڻھو نه مئو، پر غنيم شڪست
کائي پوئتي موٽي ويو. آخر مهدي سلطان به ماڻھن جا
ڍور ڍڳا نومڙين کان ورائي (335-2) پوئتي موٽ کاڌي
۽ واٽ تان ٻئي ڀائر گڏجي سيوهڻ هليا ويا.
احمد بيگ خان جي عملداري
جيئن خريف جي فصل جو اڪلاءُ ٿيو ۽ سميجن تي چڙهائي
ڪرڻ جو وقت آيو ته سيف الملوڪ کي بدلي ڪري جوڻيجن
جي پرڳڻي کان سواءِ باقي سمورو علائقو احمد بيگ
خان جي حوالي ڪيو ويو. احمد بيگ خان جي اچڻ تائين
مرتضى خان مرزا حسام الدين
جيڪو ان وقت ٺٽي جو صوبيدار هو، پنھنجن ماڻھن محمد
رضا بيگ کي حاڪم ۽ ابراهيم بيگ کي ديوان جي حيثيت
۾ هتان جي عملداريءَ لاءِ موڪليو. هنن اچي خريف جي
فصل تي قبضو ڪيو. ايتري ۾ احمد بيگ خان به اچي
پهتو. هن پنھنجي اوائلي ڏينھن ۾ ماڻھن سان سٺو
سلوڪ ڪيو هو. هوريان ڏاڍيان سڀني پرڳڻن ۽ ڳوٺن جا
ارباب توڙي مقدم وٽس اچي رسيا. احمد بيگ خان جڏهن
ڏٺو ته سڀئي ٻاهريان ماڻھو سيوهڻ ۾ پھچي چڪا آهن
ته پنھنجي ڀاءُ مرزا يوسف کي (336-1) جو ساڻس گڏ
هو ۽ ظلم ستم ۾ حجاج بن يوسف جي استاد جو درجو ٿي
رکيائين، سڀ ڪُجهه حوالي ڪري، پنھنجي مھر سان کيس
اختيار جو پروانو ڏئي ڇڏيائين. هن پوءِ پنھنجي گهر
کي سرڪاري دفتر بنائي، ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون.
مرزا يوسف پريندي ئي اهو ڪارنامو ڪيو جو اڳين
عملدارن کي بنا ڪنھن پڇا ۽ حساب ڪتاب جي قيد ۾
وجهي ڇڏيائين. ان کان پوءِ ملڪ جي اربابن کي تپائي
ڏنائين. ٻيو ڪم اهو ڪيائين جو چغل خورن جي چوڻ تي
لڳي پوٺي جي آبادي وارن پنھورن جي ڳوٺن جھڙوڪ
آراڙي وغيرهه (انھن جو تفصيل اڳتي ڏنو ويندو)، ۽
اڪبر آباد واري واهي جيڪي اڳ ڪڏهن به ضبطيءَ هيٺ
نه آيل هئا ۽ انھن تان ڪا به ڍل نه ورتي وئي، انھن
تي زوري قبضي ڪرڻ ۽ مٿن ڍل مڙهڻ جو ارادو ڪيائين.
تنھن کان سواءِ سيوهڻ جي ٻنهي پرڳڻن جي مال (ڍورن
ڍڳن) لاءِ حڪم ڪيائين ته، انھن تي داغ (ڏنڀ) لڳايا
وڃن ۽ مال جي ڳڻپ ڪرڻ ۾ اچي. ان کان اڳ جھانگير
بادشاهه جي زماني ۾ اهو ڏنڀ ڏيڻ وارو رواج مغل
سلطنت اندر ختم ڪيو ويو هو (236-2) ۽ اڄ ڏينھن
(1044هه) تائين اهو فرمان هن ملڪ ۾ جاري هو. اهو
حال ڏسي پڄنديءَ وارا ڪي ارباب جھڙوڪ بهاءُ الدين
پنھور ۽ ٻيا رات وچ ۾ ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا.
ليڪن پنھورن جا ٻيا سردار ارباب علي ۽ ارباب دائود
جيڪي بهاءُ الدين جي برخلاف هئا، تن ڀڄڻ جي ڪا نه
ڪئي. انھن مان ايڪيتاليهن ڄڻن کي حڪم مليو ته اڪبر
آباد واري واهيءَ جي ڳوٺ کي وڃي ضبطيءَ ۾ آڻين. ان
لاءِ ڪي پنھنجا ماڻھو به ساڻن گڏي موڪليائين. جڏهن
اهي اڪبرآباد واري واهيءَ ۾ پهتا ته بهاءُ الدين
پنھور جي ماڻھن جابلو ماڻھن ساڻ گڏجي انھن
ايڪيتاليهن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. باقي رهيل ارباب،
مقدم، پٽواري (237-2)، ۽ قانون گو وغيرهه پنھنجي
گماشتن سان گڏ دشمنن جا قيدي ٿي ويا. ان واقعي کان
پوءِ هن بيت جي مطلب موجب آسمان گردش ۾ اچي ويو:
چو خواهد کہ ويران کند عالمي
نهد ملک در پنجہء ظالمي
”خدا جڏهن ڪنھن ملڪ کي ويران ڪرڻ گهري ٿو ته ان کي
ظالم جي هٿ ۾ ڏئي ٿو ڇڏي.“
اهڙي ريت ماڻھن سان عقوبتون ٿيڻ لڳيون. ڳالھه وڃي
ايسين تائين پهتي، جو هر روز وقت جي حاڪم ٻن کان
ٽن سون ماڻھن کي ناحق ڦٽڪا پي هڻايا. اهي ڦٽڪا سو
کان وٺي ٻن سون تائين هڪ ماڻھو جي پٺيءَ تي لڳندا
ٿي رهيا. هڪ پاٽولي خاص انھي ڪم لاءِ سيڙائي
وهاريو ويو هو ته ڦٽڪا لڳندي، جيڪڏهن انھن جون
ڪهيون ڇڄي پون ته اهي بر وقت سبي ٺاهي ٺيڪ ڪيون
وڃن.
احمد بيگ خان پنھنجي عادت موجب سارو ڏينھن محل
اندر پي رهيو. رڳو رات جو ٻاهر اچي ڪچهري ٿي
لڳرايائين ۽ اها ڪچهري رات جي پوئين پھر تائين
هلندي هئي. مرزا يوسف ان وقت به پنھنجي ڀاءُ وٽ
اچي ان جي روبرو به ماڻھن کي ڦٽڪا پي هڻايا. ڦٽڪن
هڻندي جيڪڏهن ڪو ماڻھو مري پوندو هو ته ان جي کيس
ڪا به پرواهه نه هوندي هئي. هونئن به عام طرح شيعي
مذهب وارن لاءِ سنين کي آزارڻ (337-2) وڏي عبادت
سمجهي وڃي ٿي.
اهو ظلم ايتري تائين وڌي ويو، جو سيوهڻ شھر جي
ڪنھن به زال يا مرد بابت جيئن به خبر پئي ٿي ته هن
وٽ ڪا شئي آهي ته ان کي گهرائي مٿس ڪا نه ڪا تهمت
ڌري کيس ڦٽڪا لڳرايا ٿي ويا ۽ جيڪي ڪجهه وٽس هو
تنھن تي قبضو ڪيو ٿي ويو. ملڪ ۾ جنھن وٽ به ڪو اُٺ
يا وهٽ هو ته زوريءَ کانئس کسي ان کي سرڪاري ملڪيت
۾ داخل ڪيو ٿي ويو. اها هئي سندس ظلم جي نرالي
نوعيت، جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جا
ٻيا ڪلور ڪھڙا هوندا.
هن سڀني گهٽن تي پنھنجا ماڻھو وهاري ڇڏيا هئا.
سندس حڪم هو ته منھنجي مھر کان سواءِ ڪنھن کي به
نه ڇڏيو وڃي. جيڪا ٻيڙي مٿان کان هيٺ تي يا هيٺان
کان مٿي پي آئي وئي، ان جي ماڻھن کي پاڻ وٽ
گهرائي، قابو ڪري، ڪي ڏينھن ٻيڙيءَ کي اک ۾ ٿي
رکيائون. سوداگرن تي زوربار وجهندا ٿي رهيا ته اتي
ئي پنھنجي مڏي لاهين ۽ نيٺ اهي ويچارا تنگ ٿي سندن
زوربار کان هر ٻيڙيءَ تي ڏن ڏئي جند ڇڏائيندا ٿي
ويا. انھيءَ کان پوءِ (338-1) سوداگرن ۽ مهاڻن کي
ڇڏي باقي نوڪرن چاڪرن کي قيد ڪري کين ڦٽڪا هڻي زور
ڀريو ٿي ويو ته سرڪاري غلام ٿين. سوداگرن کان جن
به موڙي هٿ پي ڪئي، تن کان اها موڙي اڌ بها ۾ ورتي
وئي. جنھن ڳوٺ جا رهاڪو ٻيڙي تي ڌاڙو هڻي مال کڻي
ٿي آيا، تن کي قيد کان معافي ڏئي سروپا ڍڪائي،
سرڪاري ملازمت ۾ رکيو ٿي ويو. مستقبل لاءِ انھن کي
تاڪيد ڪيو پي ويو ته اوهان کي جتان به ڪا ملڪيت هٿ
اچي سا حاڪم اڳيان آڻي حاضر ڪيو.
بنگال مان جوئارين جا ٽولا گهرائي انھن کي شھر جي
گهٽين ۾ ڇيڪ ڇڏيو ويو. اهي جوئاري آئي وئي کي زوري
جوئا کيڏڻ تي مجبور ڪري انھن جا کيسا خالي ڪندا ٿي
رهيا. جيڪڏهن هارائڻ کان پوءِ ڪنھن ڏانھن ڪجهه
باقي ٿي رهيو ته ان ويچاري جا ڪپڙا بدن تان لهرايا
ٿي ويا.
سيوهڻ جي شريف ۽ معزز ماڻھن کي گهرائي، انھن کان
شھر جي چوڌاري قلعي جو آثرو (بنياد) کڻائي، کين
حڪم ڏنو ويو ته هرڪو پنھنجي مٿي تي مٽي ڍوئي،
اڏاوت ۾ بيگار وهي (238-2)، جيڪو ماڻھو پاڻ ڪم ڪرڻ
جھڙو نه هو ۽ پنھنجي بدران ڪو مزدور مڙو ٿي وهائڻ
گهريائين ته ان ويچاري سان جٺيون ٿي ڪرايون ويون.
هڪ دفعي سامتياڻين جي قاضي عبدالواحد کان زبردستي
سؤ رپين جو دستاويز لکرائي ابراهيم بلوچ کي وڪرو
ڪيو ويو. پوءِ قاضي ۽ بلوچ کي آمهون سامهون
بيهاري، ڦٽڪن هڻندڙ کي حڪم ٿيو ته تون ابراهيم
بلوچ کي هڪڙو ڦٽڪو هڻي کانئس سؤ روپين جي گهر ڪر.
هوڏانھن ابراهيم بلوچ کي حڪم مليو ته تون وري قاضي
عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي وٽانئس هڪ سؤ روپيا طلب ڪر!
جنھن ڏينھن تي سيوهڻ ۾ اهو سانگ رچايو ويو، اهو
ڏينھن شھر جي ماڻھن لاءِ ڪاري قيام برابر هو. ڪي
ماڻھو اهڙا به هئا، جيڪي تماشائي بنجي کلندا ٿي
رهيا.
ان کان علاوه چغل خورن ۽ ڪميڻن ماڻھن کي ”حقيقت
دان“ جو لقب مليل هو ۽ تور ماپ جي دستور ۾ به گهڻي
قدر واڌ کان ڪم ورتو ٿي ويو. ماڻھن جون زمينون ضبط
ڪري، انھن تي ڳريون ڍلون مڙهي، زوريءَ وصوليون
ڪيون ٿي ويون (339-1). اهي چالون (چال) اهڙيون
اڻايون هيون جو ماڻھو پنھنجي جان ڇڏائي نه ٿي
سگهيا. آخرڪار انھن کي پنھنجي پوک جي اپت سان گڏ
ڍور ڍڳي ۽ ٻني ٻاري سميت گهر تڙ وڪڻي پورت ڪرڻي ٿي
پئي. هڪ ڀيري ربيع جي فصل تي اهڙي آسماني آفت اچي
نازل ٿي، جو بيٺل فصل صفا سوڪ ٿي ويا، جتي ڪو ٻوٽو
باقي رهيو تنھن ۾ به ان ڪڻو ڪو نه هو. مرزا يوسف
جي مرضي هئي ته ٻنيون داڻي بندي هيٺ آڻي، آسماني
آفت جي ڳالھه درگذر ڪري، ماڻھن کان ايندڙ خريف جي
فصل تان اوڳاڙي ڪئي وڃي. رعيت ويچاري کي خريف جي
وصولي ادا ڪرڻ جي طاقت ڪا نه هئي. تنھن ڪري هر
ڪنھن ڀاڄ ۾ منھن وڌو (339-2). نتيجو اهو نڪتو جو
راڄن جا راڄ پنھنجي پوک ڇڏي ڀڄي ويا. رڳو جيڪي
ماڻھو اڳواٽ قيدن ۾ قابو هئا، اهي اتي ئي رهيا.
جيڪي تڙ تڪڙ ۾ گهر ڇڏي وٺي ڀڳا، تن جو ارڪو ترڪو
احمد بيگ خان جا سپاهي تڳائي ويا. رهي کهي ڪسر وري
وڳوڙين اچي پوري ڪئي.
اهڙو ڪو ماءُ جو پٽ ڪو نه هو، جيڪو دل جهلي مرزا
يوسف جون قهري ڪار روايون وڃي احمد بيگ خان وٽ
بيان ڪري ته، تنھنجي ڀاءُ اجهو هي رڻ ٻاري ڏنو
آهي. نيٺ راقم الحروف (يوسف ميرڪ) هڪ رات وجهه
وٺي احمد بيگ خان کي چئي ڏنو ته ”هيءُ ملڪ خدا جو
آهي، جنھن ان کي بادشاهه جي حوالي ڪيو ۽ بادشاهه
توکي پنھنجو نائب مقرر ڪري ملڪ جو والي بنايو، ۽
تو وري خدا جي مخلوق کي پنھنجي ظالم ڀاءُ جي تحويل
۾ ڏئي ان جو خانو خراب ڪري ڇڏيو. قيامت جي ڏينھن
توکان ضرور پڇاڻو ٿيندو. ان کان اڳ بادشاهه پڻ
توکي وٺ ڪندو ( 340-2). قدرت سان انھن ڳالهين جو
مٿس ڪجهه اثر پيو. اتفاق سان ڀاڻس ان وقت هڪڙي چغل
خور کي سروپا ڍڪائي، انھيءَ چبوتري جي هيٺان وٺي
آيو، جنھن تي احمد بيگ خان ويٺل هو. اهو چغل خور
ڀنگ پيتل هو ۽ پنڪيون پي کاڌائين. سندس وات آل
ڪانوَ وانگر ڦاٽل هو. احمد بيگ خان پنھنجي هڪ
ماڻھوءَ کي حڪم ڏنو ته هن ڀنگيءَ جي وات ۾ مٽي
وجهه! هن ائين ڪيو. ان رات ٻه ٽي سَؤ ماڻھو قيد
مان آزاد ڪرايائين ۽ ماڻھن کي قلعي جي بيگار کان
روڪيو ويو. تنھن کان پوءِ پنھنجي مھر مرزا يوسف
کان کسي پاڻ وٽ رکيائين. پر ان مان ڪھڙو فائدو ٿي
سگهو ٿي. ان حالت ۾ جڏهن ملڪ ڀينگ ٿي چڪو
هو ۽ ماڻھو پنھنجيون ٻنيون ڇڏي بر منھن ڪري ڀڄي
ويا هئا؟ ڪي ڳوٺاڻا جيڪي بوبڪن ۽ ڳاهن وارن پرڳڻن
۾ (340-2) آرام سان ويٺا هئا، تن کي به پنھورن،
جابلو ماڻھن سان ملي، اچي تاراج ڪيو هو. احمد بيگ
خان کي جڏهن ان جو پتو پيو ته سيوهڻ مان نڪري ڳاهن
واري پرڳڻي جي ڳوٺ سامتياڻين ۾ اچي ويٺو، جو
بهاءُالدين پنھور جو ماڳ هو. اتي پھچي رعيت کي
گهڻيون دلداريون ڏنائين، پر ڪنھن به مٿس اعتبار نه
ڪيو. حالت اها هئي جو جيڪو شخص رات جو وٽس ٿي آيو
سو صبح ٿيڻ تي ڀڄي هليو ٿي ويو.
راقم الحروف (يوسف ميرڪ) پنھنجي اختياري وطن جون
اهي حالتون ڏسي، انھيءَ ئي هنڌان احمد بيگ کان
موڪلائي، سير جي بهاني ملڪ سيوهڻ سرڪار جي جوڻيجن
واري پرڳڻي ڏانھن روانو ٿيو، جيڪو ان زماني ۾ مير
ابوالبقا جي جاگير ۾ هو. اهو بهانو ان ڪري ڪيائين
ته جيئن اتان شاهجھان جي دربار ۾ پھچي، احمد بيگ
خان جي عملداريءَ جا ڪارناما (341-1) وٽس پيش
ڪري. هي جڏهن اهو ارادو ڪري بکر پهتو ته حڪيم
صالح،
محمد علي بيگ
۽ مان سنگهه جيڪي تنھن زماني ۾ بکر جا حاڪم هئا،
تن کي کڙڪ پئجي وئي، ۽ هنن احمد بيگ خان ڏانھن سڄي
روئداد لکي موڪلي. احمد بيگ خط پڙهي اچي ششدر ٿيو
۽ ماڻھن تان ظلم جي باهه ڍري ڪري ڇڏيائين. ڪيترن
کي ربيع جي فصل ۾ اَن جون ٻاريون بخش ڪيائين.
وڏيرن کان به ساڳئي فصل ۾ جيڪي آني بهاني اوڳاڙيون
ڪيون هئائين، سي به کين واپس ڏنائين. ان سان گڏ
راقم الحروف (يوسف ميرڪ) ڏانھن مير هاشم نالي
پنھنجي ملازم کي اماڻيائين، ۽ حڪيم صالح، محمد علي
بيگ بندري ۽ مان سنگهه کي ستوهه ڀريائين ته دم
دلاسو ڏئي مون کي سيوهڻ موڪلين ۽ منھنجو خيال
رکندا اچن، جيئن درياهه اُڪري ٻئي پاسي نه هليو
وڃان. ليڪن مير هاشم جي پھچڻ کان اڳ (341-2) آءٌ
بکر ڇڏي پنھنجي منزل مقصود ڏانھن روانو ٿي چڪو
هئس.
انھيءَ زماني م جڏهن مؤلف جو ڀاءُ مير ابوالبقا
ملتان جو صوبيدار هو، تنھن وٽ پھچي مون اهو سعيو
ڪيو ته هندستان جي سفر لاءِ سنبت ڪري نڪران. پر
انھيءَ وچ ۾ مير ابوالبقا ملتان مان بدلي ٿي ٺٽي
جي صوبيداريءَ لاءِ وڃي رهيو هو،
۽ مون کي ٺٽي وٺي آيو، انھيءَ آسري تي ته ٺٽي پھچي
مون کي هندستان جي سفر تي اماڻيو ويندو. قضا سان
آب هوا جي تبديليءَ سبب مون کي نزلي جي تڪليف ٿي
پئي، جنھن ڪري مسافري ملتوي ڪرڻي پيم. بهرحال مون
خدا جي در باس باسي ڇڏي هئي ته بيماريءَ مان اٿڻ
شرط سنڌ جي صورت حال کي ڪتابي صورت ۾ آڻي، پاڻ سان
کڻي وڃي بادشاهه جي حضور ۾ پيش ڪندس. خدا جو شڪر
جو هن تقاضا مطابق:
الاهي تو بر نيّتم آگهي،
چو نيت بخير است خيرم دهي!
خدايا، تون منھنجي نيت کان واقف آهين،
نيت چڱي آهي ته نتيجو به چڱو ڪجانءَ!
آخرڪار هي ڪتاب ”مظھرالتدبير“ مڪمل ڪري ورتم،
انھيءَ اميد تي ته (342-1) امير عادل، مقوي
الاسلام، ملجا الانام، امام المشارق والمغارب،
ابوالمظفر، شهاب الدين محمد، صاحب قران ثاني، شاه
جهان بادشاه غازي، بيت:
اي بميدان خِلافــــــت سالهــــــا صاحب
قـــــــرآن
انس و جان را در ممالک از تو باشد انسِ و جان
جيڪو سالن کان خِلافت جو ميدان سنواريندو اچي ٿو
جنھن کي هرڪو پنھنجو مونس ۽ غمگسار سمجهي ٿو.
هن ڪتاب تي نظر ڪرڻ فرمائيندو!
هوڏانھن احمد بيگ خان جا ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا
چُگهه هئا،. هيڏانھن ڳاهن واري پرڳڻي ۾ پنھورن سان
ڦٽايائين، هوڏانھن خطي واري پرڳڻي کي سميجن انڙن
اچي ويران ڪيو. اهڙيءَ طرح بوبڪن، حويليءَ ۽ سن
وارن پرڳڻن ۾ نومڙين ۽ سميجن تباهي آڻي ڇڏي!
هڪ دفعي نومڙين جي ڪٽڪ چڙهائي ڪري سن جي شھر ۾
گهڙي ماڻھن جو مال ڪاهيو ۽ ڏاڍي ڦر لٽ مچائي
ڏنائون. انھيءَ پرڳڻي جي پڳدارن شيخ فتح خان ۽ شيخ
حبيب (ٻنهي ڀائرن) ڀڄي وڃي پنھنجن گهرن ۾ پناهه
ورتي ( 342-2)، ڪجهه سپاهين ڌاڙيلن جو اڳ ورتو، پر
انھن کي به نڀاڳن پورو ڪري ڇڏيو. احمد بيگ خان کي
جڏهن خبر ٻڌائي وئي ته هن ماڻھن کي سن شھر جي
چوڌاري قلعي اڏائڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو اڃا تائين
(1044هه) قائم آهي.
اهڙيءَ ريت ڳاهن، باغبانن، پاٽ ۽ اڪبر آباد پرڳڻن
کي چانڊين برباد ڪري ڇڏيو هو. انھن چڪرين ۾ چڱا
ماڻھو به چورن سان ملي ٿي ويا. ڇالاءِ ته سڄيءَ
رعيت ۾ وڳوڙ پئجي چڪو هو. ڪي وڏيرا به وڃي وڳوڙين
جي وچ ۾ پناهي ٿيا هئا. ڪجهه ماڻھن ظالم جاگيردارن
جي خطري کان وڳوڙين سان ٺاهه ڪري ڇڏيو هو. انھيءَ
حالت ۾ مضبوط لشڪر جي ضرورت هئي، جنھن جي وسيلي
ماڻھن جي دل وٺي کين ٿانيڪو ڪري ويهاريو وڃي ها.
ساڳئي وقت بلوچن، سميجن توڙي ٻين وڳوڙين (343-1)
جي به ڪن مهٽ ٿيڻ کپندي هئي جيڪي هتان هتان اچي
ملڪ ۾ فساد پيدا ڪندا پي رهيا. احمد بيگ خان جي
ڀاءُ مرزا يوسف جي بدمعاشين سبب لشڪر پاڻ بيزار ٿي
چڪو هو. حالت اهڙي هئي، جو چئن پنجن مھينن کان
سپاهين کي خرچ پکو ڪو نه ٿي مليو. هن وڳوڙ ۾ ويتر
لشڪر جي سار سنڀال ڪا نه لڌي وئي، جنھن جي ڪري
ڪيترا ڀيرا هي پنھورن تي ڪاهي ويا، پر ڪامياب ٿي
نه سگهيا جيڪو فصل الاهي آفت جو شڪار ٿي چڪو هو،
سو به رعيت جي بدران لشڪر جي قبضي ۾ آيو، ڄڻ کين
مفت جي مڏي هٿ اچي وئي. جيسين تائين احمد بيگ ڪو
هٿ پير ٿي هنيو، ۽ کيس ڪجهه نه ڪجهه هٿ ٿي آيو،
تيسين سڀ ڪُجهه لفنگ ماڻھو کڻي ٿي ويا. جيڪا مڏي
وڳوڙين جي ور چڙهي سا انھن جي ٿي وئي. انھيءَ احمد
بيگ خان جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي وستيون ويران ٿي
ويون. سي اڃا تائين اسري نه سگهيون. رعيت جي ڪمزور
ٿيڻ ( 343-2) ۽ وڳوڙين جي زور وٺڻ جا اصلي ڪارڻ
اهي ئي هئا.
ديندار خان جي عملداري
احمد بيگ خان جي انڌير جون خبرون جڏهن بکر ۽ ٺٽي
جي واقعه نويس ابوالقاسم تبا تبا (طبا طبا)
۽ مان سنگهه جي وسيلي بادشاهي درٻار ۾ پهتيون ته،
هن کي هتان بدلي ڪري ملتان موڪليو ويو. سندس جاءِ
تي ديندار خان آيو.
ديندار خان
جڏهن هتي پهتو ته ساري ملڪ جي ستيا ناس ٿي چڪي
هئي، ليڪن ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندي، هن سڀ
ڪنھن سان سانتيڪي سلوڪ جي روش اختيار ڪئي. هتان جي
راڄ ڀاڳ وارن وڏيرن کي هڪ هڪ ڳوٺ جاگير طور
ڏنائين. سڄي ملڪ ۾ سواءِ ڪن محالڪارين جي باقي
زمينون پنھنجي قبضي ۾ رکيائين، جيڪي سپاهين کي
جاگير ڪري ڏنيون ويون. هن جي ماڻھن پھرئين سال
جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو فائدو حاصل ڪيو، پر ٻئي سال
جڏهن رعيت کي دم دلاسو مليو، ته سڀ ڪنھن لاءِ گهڻو
ڪجهه ٿي پيا. ڪن جاگيردارن کي پگهار کان گهڻي
وصولي ٿي. اهڙي نموني ملڪ وري آباد ٿي ويو
(344-1).
ملڪ جي وڳوڙين سميجن، نومڙين توڙي چانڊين سان سٺي
روش هلي، کين ڪي ڳوٺ جاگير ڪري ڏنائين. هنن
جيتوڻيڪ گهٽ وڌايون به ڪيون، پر انھن سان چڱايون
بِه ڪندو رهيو. سميجن انڙن سيوهڻ شھر مان سپاهين
جا وهٽ ڪاهيا، قلعي لڳ ماڻھو ماريائون ۽ ڦرلٽ ڪندا
رهيا. مان سنگهه جو گماشتو جيڪو سيوهڻ جو واقع
نويس هو، تنھن کي قلعي جي لڳ ڪُٺو ويو. سانجهيءَ
جي نماز کان پوءِ ڪو به ٻاهريون شخص شھر ۾ داخل ٿي
نه ٿي سگهيو ۽ ڪنھن کي به شھر کان ٻاهر وڃڻ جي
اجازت نه هئي. شھر جي ڀرسان رعيتي ماڻھن جون جيڪي
پوکون هيون، تن کي سميجن رات جو اچي تاراج پي ڪيو.
جيڪڏهن ٻنيءَ جي مالڪ ڪجهه ڪڇيو ٿي ته ان کي قتل
ڪيو ٿي ويو. شھر کان ڪوهه سوا پري (344-2) منديجي
واري گهٽ تي سميجن ڌاڙا هڻي مهاڻن کي ٿي ماريو ۽
ڦرلٽ پي ڪيائون. اتان جي مهاڻن جو سامان ساڙيندا
ٿي رهيا، جيڪو به کين منھن پي چڙهيو تنھن جي سسي
ڌڙ کان ڌار ڪري ٿي ڇڏيائون. سيوهڻ لڳ توڙي ڳوٺ جي
مهاڻن کي به بيدرديءَ سان قتل ڪندا ٿي رهيا، ۽
انھن جي گهرن کي باهيون ٿي ڏنائون، جيڪي اتان لڏي
اچي شھر جي ڀر ۾ ويٺا هئا. شھر ۾ جيڪي ڪپڙي جا
واپاري هئا، سميجن انھن کي به ڪو نه ڇڏيو.
نومڙيا ۽ چانڊيا ڏينھن ڏٺي جو سيوهڻ جي شھر مان
ماڻھن جو مال ڪاهيو ٿي ويا ۽ برده فروشي پي
ڪيائون. ديندار خان سڀ ڪُجهه ڏسندي به سيوهڻ جي
قلعي ۾ ويٺو رهيو. نه پاڻ ڪنھن تي چڙهائي ڪيائين،
نه وري لشڪر کي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ٿي ڏنائين
(345-1). سيوهڻ جي شھر ۾ سميجن چورا ڪاريءَ کان
ڪين گهٽايو. ديندار خان پنھنجي خرچ تي سيوهڻ جي
چوڌاري نئون قلعو تعمير ڪرايو. بس اهو ئي وڏو
ڪارنامو ڪري ڏيکاريائين.
هن پنھنجي سانتيڪي سلوڪ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ۽ هر
تدبير سان ملڪ پنھنجي وس ۾ آڻيندو رهيو. هڪ دفعي
سن پرڳڻي جا ارباب سيد يوسف ۽ سيد جُنگ، جن کي
جاگيرون ڏنيون هئائين، کانئس ڪنھن ڳالھه تان ناراض
ٿي پيا. سيد يوسف درياهه ٽپي سميجن وٽ ويو ۽ سيد
جُنگ جبل تي وڃي نومڙين سان مليو ۽ انھن کي ساڻ
ڪري ٻپھري جي وقت سن جي قلعي جا دروازا ڀڃي شھر ۾
داخل ٿي لٽ ڦر مچائي ڏنائين. پوءِ سن کان ٻاهر عيد
گاهه ۾ وڃي ويهي رهيو. خليل الرحمان نالي (345-2)
سن جو شقدار وڳوڙين کان هيسجي پنھنجي گهر ۾ لڪي
ويٺو. ديندار خان اها خبر ٻڌندي، سيوهڻ جي قلعي
کان نڪري اچي شھر جي ٻاهران پير ٽوپڻ جي مزار وٽ
ترسيو. سيد جلال کي ڪٽڪ ڏئي سن موڪليائين. جڏهن هو
سن جي ڀرسان پهتو ته نومڙين جبل جو پاسو ورتو. سيد
جلال سن ۾ ويهي، ٻنهي اربابن (سيدن) کي سميجن ۽
نومڙين وٽان پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين دلاسن سان گڏ
انعام اڪرام ڏنائين، ۽ اڳي کان وڌيڪ مانائتو ڪري
پنھنجي ماڳن تي آندائين. ائين فتني جي باهه ڍري
ڪري، هو ديندار خان وٽ اچي پهتو.
ٻئي دفعي عربي نالي ”حلال خور“ سميجو راهوجو جيڪو
حد کان وڌيڪ ڪاٽڪو هو ۽ خشڪي توڙي (346-1) درياهي
رستي ڌاڙا هڻي ماڻھن کي تنگ ڪري ڇڏيو هئائين.
ڪيترا ماڻھو هن جي هٿان قتل ٿي چڪا هئا، سوداگرن ۽
سپاهين جون به کنڌيون کڻي ڇڏيون هئائين. اهو
شاهينگ سميجن سان صلح ٿيڻ کان پوءِ به سن ۾ ايندو
ٿي رهيو. شيخو بيگ نالي هڪ جوان، جنھن جو ڀاءُ
مٿئين ڪاٽڪوءَ هٿان قتل ٿيو هو. هڪ ڏينھن انھيءَ
ڪاري چور کي ڏسي ورتو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين.
ديندار خان کي پتو پيو ته شيخو بيگ کي ڪيترا ڏينھن
قيد ۾ هڻي اهو ارادو ڪندو رهيو ته انھيءَ چور جي
قتل تي هن کي مارائي ڇڏجي پر ڪن ماڻھن جي سفارش تي
کيس مارڻ بدران نوڪري مان ڪڍي ڇڏيائين. ديندار خان
جي نيڪين جي ڪري وڳوڙين آخر نرمي اختيار ڪئي ۽
سندس جاگير مان وڳوڙ گهٽجي ويا ۽ سڀني سندس
فرمانبرداري ڏانھن رخ رکيو.
ٿوري وقت ۾ ملڪ هن جي ضابطي هيٺ اچي ويو
(346-2). خريف تخا قوئيل(1043هه)
جي موسم ۾ پاڻ سان برجستو لشڪر ساڻ ڪري درياهه
اڪري، هو جھانگيرآباد جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو، ۽ اتان
جي لاکن جون پوکيل ٻنيون پنھنجي قبضي ۾ ڪيائين.
پوءِ سميجا انڙ ميڙ وٺي وٽس آيا ۽ جتي هئا اتي ئي
آرام سان رهي پيا ۽ ڍل ڏيڻ لڳا. انھيءَ پاسي جا
لاکا، سميجن انڙن جي قهري ڪاررواين کان تنگ ٿي،
شاهي درٻار ڏانھن دانھين ٿي ويا هئا. اتان کان
قليج خان جي نالي پروانو جاري ٿيو ته سميجن انڙن
کي سيکت ملڻ کپي. هن بھادر خواجه نالي منصبدار کي
لاکن سان گڏي سميجن کي سيکت ڏيارڻ لاءِ ديندار خان
ڏانھن ڏياري موڪليو. ديندار خان فريادي ڌر کي
پنھنجي پاران زمين ۽ روڪڙ انعام (347-1) ڏئي کانئن
اقرار نامو لکرائي ورتو. پوءِ پاڻ جھانگيرآباد
ڏانھن ڪوچ ڪري سميجن جا ڳوٺ وينجھڙو وغيرهه زير
ڪندو، اڳتي وڌندو ويو. سميجا پنھنجن ماڳن تي ئي
رهيا پر سندن سردار ديندار خان سان گڏ هئا. هو
منديجي واري گهٽ کان سيوهڻ جي شھر ۾ آيو. سميجن جا
سڀ سردار وٽس موجود هئا. اهي پوءِ سيوهڻ ۾ رهي پيا
۽ ڪو به ڦڏو نه ڪيائون. ديندار خان ساڳئي سال
درياهه اڪري سميجن انڙن وٽ وڃي ويٺو، جن پنھنجي
پوک مان کيس اناج جو حصو ڏيڻو ڪيو. هاڻي اهو وقت
اچي چڪو هو جو هي سپاهگري جي تدبير سان انڙن کي
مات ڪري، پنھنجي هٿ وس آڻي ٿي سگهيو. پر ايتري ۾
هن جي بدلي ڪري سندس جاءِ تي جان نثار خان
کي آندو ويو (347-2). سميجن کي جڏهن ديندار خان جي
بدلي جي خبر پئي تڏهن هنن سندس ماڻھن کي قتل ڪري
ڇڏيو، جيڪي اناج جي اوڳاڙي لاءِ سندن ديهن ۾ ويل
هئا، ان سان گڏ سندن گهوڙا ۽ وهٽ به پنھنجي قبضي
ڪيائون. باقي جيڪي بچيا اهي ڀڄي ديندار وٽ اچي
پهتا پر هو ماٺ ميٺ ۾ درياهه اڪري سيوهڻ جي قلعي ۾
هليو آيو. انھيءَ واقعي کان پوءِ سميجا ”ڪتي جا
پُڇ“ سڏجڻ لڳا، جيئن ڪتي جي پڇ سان ڪنھن ريت ور
نڪري نه ٿو سگهي، تيئن سميجا هزار احسان هوندي به
پنھنجي بڇڙائي کان باز نه ٿا اچن ۽ تلوار جي ڌڪ
کان سواءِ سڌا ٿي نه ٿا سگهن.
ديندار خان جي عملداري رعيتي راڄ توڙي پڳدارن ۽
سپاهين لاءِ هر طرف ڪارائتي ثابت ٿي. هي صوفين ۽
مجذوبن جو ڏاڍو معتقد هو (348-1)، سدائين بزرگن جا
عرس پئي ڪيائين. ڪو ڏينھن يا ڪا رات اهڙي نه هئي
جو ڪنھن نه ڪنھن بزرگ جو عرس سندس جاءِ تي نه پي
ٿيو. هر مھيني ڪيئي عرس ڪندو رهيو، جن ۾ راڳ ۽
سماع جون محفلون به ٿينديون هيون. هن وٽ ڪيئي قوال
۽ ميراثي موجود هئا. اهڙي ريت قرآن جي تلاوت سان
به گهڻو چاهه رکندو ٿي آيو. گهڻو ڪري روزي ۾ پي
گذاريائين. شعبان جي مھيني ۾ اونهاري توڙي سياري
چنڊ وارن ڏينھن تي روزا رکندو هو. رمضان سان خاص
ڪري ڏاڍي دل هوندي هئس. انھيءَ مھيني خرچ گهڻو ٿي
ڪيائين. سڄو سال رمضان جو سامان گڏ ڪندو ٿي رهيو،
جيڪو انھيءَ مھيني ۾ صرف ڪري ٿي ڇڏيائين. روزي
کولڻ مهل سندس مجلس ۾ بهترين کاڌا، ميوا ۽ مٺايون
مال هوندا هئا. تراويحن جي نماز تي به ٽي چار سؤ
ماڻھو وٽس ٿي آيا. هي قرآن جو ختم پيرن ڀر بيهي
ٻڌندو هو ۽ ستاويهين جي رات تائين اهو سلسلو جاري
رکندو پي آيو. عالمن، حافظن (348-2) توڙي ٻين
ڀلارن کي خوب خيراتون پي ڏنائين ۽ صبح کان پوءِ
وري پاڻ قرآن کي هڪ ڏينھن ۾ پڙهي پورو ٿي ڪيائين.
سياري ۾ سڀني سپاهين ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي سروپا
ڍڪائيندو هو. ڪيترن اميرن ۽ رعيت جي پڳدارن کي
ايتريون پوشاڪون پي ڏنائين، جيڪي هو سڄو سال
چوڙيندا ٿي رهيا. جيڪڏهن سفر ۾ هوندو هو ته سڀني
ننڍن وڏن کي الڳ الڳ پنھنجي دولت خاني مان طعام
رڌرائي موڪليندو پي رهيو. ڪنھن بزرگ جي مزار بابت
پي ٻڌائين ته ان جي زيارت لاءِ پي ويو ۽ ان جي
مرمت يا مزار تي عمارت لاءِ خرچ ڪندو ٿي رهيو.
ديندار خان جي ذاتي جاگير واري رعايا سندس وڪيل
قاضي پيري (پيرو) جي جڙتو ٺيڪيداري جي ڪري ڏاڍي
عذاب ۾ مبتلا هئي. هو عين موقعي تي ڳوٺ جي وڏيرن ۽
مقدمن کي پاڻ وٽ سڏائي، قيد ۾ وجهرائي (349-1)
کانئن زبردستي گذريل سال جون هيڪوڻين جون، ٻيڻيون
بقايائون لکرائي وٺندو هو. هنن تي اهو زور به پي
وڌائين ته آئينده هيتري يا هيتري ٻني پوکائيندا.
ٻيءَ حالت ۾ کين بيدخل ٿيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.
هن اهو نه پي ڄاتو ته انھن جي گهر ۾ ڪجهه به موجود
ناهي ۽ پوک جي اپت رعيت جي دل وٺڻ سان ئي وڌائي
سگهجي ٿي. انھن کي اهي ئي ڳالهيون وڌيڪ پورهئي ڪرڻ
لاءِ همٿائي سگهن ٿيون، جيڪي سندن دل وٽان هجن،
ٻيءَ حالت ۾ ڪو به ظلم يا زور ڪارگر ٿي نه ٿو
سگهي. هو فصل لهڻ وقت قانون گوين کي تاڪيد ڪندو هو
ته اُپت جو اندازو لڳايو وڃي. سندس ڪوشش هئي ته ڪا
به شئي گهٽ وڌ شمار نه ٿئي. پوءِ وري سڄي حساب کي
ڏهوڻ، ويهوڻ تائين وڌائي اهي انگ اکر اربابن ۽
مقدمن کي ٿي ڏيکاريائين. انھيءَ طرح سندس ظلم ستم
جي ڪا حد ئي نه هوندي هئي. آخرڪار ارباب ۽ مقدم
سندس ٺيڪي جا شرط قبول ڪري دستاويز لکي ڏيندا هئا.
رعيت گهڻيون ئي دانھون ڪوڪون ڪندي ٿي رهي. پر هن
کي ڪا به پرواهه نه هئي (349-2). اهڙي طرح رعيت کي
اربابن ۽ مقدمن جي حوالي ڪيو ٿي ويو ۽ اربابن ۽
مقدمن وري پنھنجا حصا وڌائي ٺيڪي جي پورائي جو بار
رعيت مٿان ٿي وڌو. رعيت کي فصل جا ٻئي پاسا ڏئي
پورت ڪرڻي پوندي هئي ته به ان جي جند ڪا نه ٿي
ڇٽي. انھيءَ زيادتيءَ جي ڪري هڪ دفعي بوبڪ جا پربت
نالي هڪ هندو ۽ ٻيا شاهي درٻار ۾ دانھن کڻي ويا،
جن کي ٺيڪي جي رد ٿيڻ ۽ عام معافي ملڻ جو پروانو
مليو. انھيءَ کان پوءِ قاضيءَ جو دماغ جاءِ تي اچي
ويو.
هن سوداگرن جي ٻيڙين تي به ڳرو محصول وجهي ڇڏيو هو
۽ ڌراوت به دستور کان وڌيڪ رکي هئائين. اناج جي هڪ
خرار تي ٻه ڪاسا ٿي وصول ڪيائين (350-1) هن ملڪ جي
هڪ خرار ۾ سٺ ڪاسا ٿين ٿا. ساڳي طرح نير جي هڪ مڻ
تان به ٽي روپيا محصول ورتو پي ويو، جنھن ۾ ٻه
روپيا وڪرو ڪندڙ کي ۽ هڪ رپيو خريدار کي ڏيڻو ٿي
پيو. تڏهن نير جو مڻ ويهين رپئين تي وڪاڻو ٿي.
تماڪ جي هڪ مڻ تي به ست دام (هڪ دام هڪ روپئي جو
چاليهون حصو ٿئي ٿو) اوڳاڙيا ٿي ويا. هڪ مڻ تماڪ
جي قيمت اَٺ تنڪا (رائج سڪو) هئي. انھيءَ حساب سان
هر محصول حد کان وڌي ٿي ويو. ٻيڙين جي محصول جو ڪو
به تفصيل ڄاڻايل نه هو. خالي توڙي ڀريل ٻيڙي جڏهن
به سيوهڻ جي چئن ئي پتڻن تان لنگهندي هئي ته ان
تان ٽيھه چاليهه روپيا يا گهٽ وڌ محصول وٺڻ ۾ ٿي
آيو. ڪن سوداگرن ۽ مهاڻن پنھنجي ماڻھن کي واٽ تي
بيهاري ٿي ڇڏيو (351-2)، ۽ لڪ ڇپ ۾ سامان ڪڍائي ٿي
ڇڏيائون. اها ڳالھه قانون گوين جي ڪاغذن جاچڻ مان
معلوم ٿي سگهي ٿي. راقم الحروف جي خيال ۾ سيوهڻ جي
جاگيردارن جا احوال ٻڌڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان تعلق رکن
ٿا. هنن جا ڪارناما آءُ خود اکين سان ڏسي چڪو
آهيان ۽ مون کي ملڪ جي آبادي توڙي ويراني جو چڱو
تجربو ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه مون ٻين ملڪن جا
حال به ڏٺا آهن، جن کي ڌيان ۾ رکندي هتان ۽ هُتان
جو فرق معلوم ڪري سگهجي ٿو، انھي ڪري ئي مون ارادو
ڪيو ته هر جاگيردار جي عملداري ۾ ملڪ جي جيڪا
آبادي توڙي ويراني ٿي چڪي آهي، تنھن جو تفصيل
قلمبند ڪري ڇڏيان (351-1)، جنھن مان نيڪ بد نتيجو
نروار ٿئي ۽ ان سان گڏ اهي حقيقتون به ذهن نشين
ٿين جيڪي هن باري ۾ پھرئين جلد اندر آنديون ويون
آهن ته بادشاهن کي هر ملڪ ۾ خطبي ۽ سڪي جاري ڪرڻ
سان گڏ، هنن ٻنهي فائدن مان هڪ فائدو نظر ۾ رکڻو
آهي: يا ڍل ۽ ٻي رقم جي وصولي جيڪا جاگيردار
وغيرهه جي خرچ کان پوءِ هر سال هر فصل کان پوءِ
شاهي خزاني ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي، يا لشڪر جيڪو هر
ملڪ جي ضرورت مطابق ملڪ گيري ۽ سرحدي حفاظت واسطي
رکيو وڃي ٿو. ان لاءِ اهو ڏسڻو پوندو ته ڪھڙي
جاگيردار جي عملداري ۾ سڀ انتظام مڪمل ٿيا ۽ ڪھڙي
جاگيردار جي ايامڪاريءَ ۾ ملڪ جي نگهبانيءَ لاءِ
تدارڪ نه ڪيو ويو يا ماڳهين رعيت جيڪا بادشاهه
لاءِ خزاني برابر ٿئي ٿي، تنھن کي تباهه ۽ برباد
ڪيو ويو، جنھن جو نتيجو سواءِ بدناميءَ جي ٻيو
ڪجهه به نه نڪتو (351-2). هن ملڪ جي حالت وڃي
انھيءَ انتها کي پهتي آهي، جو هيءُ ملڪ نڌڻڪو، رڳو
ظالمن ۽ مظلومن جو ملڪ وڃي رهيو آهي، جيڪڏهن سيوهڻ
جو جاگيردار سؤ ماڻھن کي ناحق ۾ مارائي ڇڏي يا
تاراج ڪري ته کانئس ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، ۽ جي ڪو به
فريادي ڏک ڏاکڙا سهي، ڪشالا ڪڍي شاهي درٻار ۾ وڃي
دانھين ٿي اتان ڪو پروانو وٺي ٿو اچي ته ان جي هتي
ڪا به پذيرائي نه ٿي ٿئي. ظلم تي ظلم وري اهو جو
اهڙو ماڻھو چغل خورن جي آئيءَ ۾ اچي وڃي ٿو. ٿوري
وقت اندر ان غريب کي سيوهڻ جي جاگيردار هٿان خوار
خراب ٿيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن هڪڙي جاگيردار کي
به خدا جو خوف يا بادشاه سلامت جو لحاظ هجي ته
رعيتي ماڻھو ۽ راڄ جا چڱا مڙس ظلم کان محفوظ رهي
سگهن ٿا نه، ته ٻنهي کي برباد ٿيڻو پوي ٿو. ملڪ جي
عملدارن مان اهڙو ڪو هڪڙوُ به عملدار صدر، قاضي،
قانون گو توڙي ارباب ڪونهي جو جاگيردارن کان ڪو حق
حساب وٺي بلڪه (352-1) هرڪو سڀ ڪُجهه درگذر ڪندو
ٿو رهي ۽ نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ قيامت جو مشاهدو
ٿو ڪري. ملڪ جو جاگيردار وڏيرن مان ڪنھن تي به هٿ
ڦيري ان کي پنھنجي پاسي ٿو ڪري ته اهو راڄ سان گڏ
چڱن مڙسن جون به کنڌيون کڻي ٿو ڇڏي.
سڄي ملڪ ۾ شاهي وقائع نويس موجود آهن، ليڪن هن ملڪ
جي وقائع نويسي کي شمشير خان کان پوءِ ڪو به
جاگيردار قبوليت جي لائق نه ٿو سمجهي. ديندار خان
جي عملداري دوران بکر جي هڪ وقائع نويس نعمت الله
کي چورن سيوهڻ جي قلعي هيٺان ڪهي ڇڏيو (جنھن جو
بيان اڳ ٿي چڪو آهي) ته ڪنھن به شخص ان تي ڪو ڌيان
نه ڏنو. حالانڪه ماڻھوءَ جو قتل ته ڇا پر ٻڪريءَ
جو کر به لهي پوي ته قيامت جي ڏينھن حاڪم کان ان
جو به پڇاڻو ٿيندو،جيئن حڪيم ثنائي
لکيو آهي (352-2):
عبدالله پنھنجي پيءُ عمر کي هڪ رات خواب ۾ ڏٺو،
کيس چيائين ته مون کي اتان جو ڪو احوال ٻڌاءِ،
ٻارهن سالن جي عرصي ۾ خدا توسان ڇا ڪيو؟
هن جواب ڏنو ته ان ڏينھن کان اڄ تائين، آءُ هتي
پورو حساب ڏيندو پيو اچان. منھنجا ڪم ڏاڍا ڏکيا
هئا پر ڌڻي پنھنجو رحم ڪيو. اهو ان طرح ته بغداد ۾
هڪ ڏٻرو دنبو پل تان لنگهندي ڪري پيو، جنھن جي ٽنگ
ڀڄي پي هئي. دنبي جي مالڪ اچي مون کي دامن کان
جهليو، ۽ چوڻ لڳو ته منھنجو انصاف ڪر، ڇا لاءِ ته
تون اسلامي امير آهين.
بس انھيءَ تان آءُ اڄ ڏينھن سوڌو پورا ٻارهن سال
سوال جواب ۾ پورو هئس. چڱي اوصاف ۽ چڱي اخلاق وارا
بادشاهه! توکان به هڪ ڏينھن ائين پڇاڻو ٿيندو.
جيڪڏهن عمر کي اهڙي وٺ پڪڙ ٿي سگهي ٿي ته ٻئي ڪنھن
جو حشر جي ڏينھن ڪھڙو حال هوندو؟، پنھنجي ذميدارين
کي ويسلائيءَ ۾ نه وسار، نه ته ڏينھن قيامت جي
وٺجي ويندين (353-1). توکي ائين ٿيڻ کپي. جو جتي
تنھنجو نالو ورتو وڃي ته، هرڪو تنھنجي تعريف ڪرڻ
لڳي، تون ظالمن کي سيکت ڏي ۽ مظلومن جي داد رسي
ڪر. اهڙي عدالت سان جو ڪنھن کي به عمر جو عدل ياد
نه رهي. ٻارن تي رحم ۽ ٻڍڙن تي عزت جي نگاهه ڪرڻ
بادشاهيءَ جي بهترين ريت آهي.
ٻئي دفعي عبدالباقيءَ بکر مان پنھنجي گماشتي مان
سنگهه کي وقائع نويسي لاءِ روانو ڪيو، پر هو ڪي
ڏينھن هتي رهي وري واپس هليو ويو. تنھن کان پوءِ
ٺٽي جي مير منشي پنھنجي ڪارندي کي وقائع نويسي جي
حيثيت ۾ هيڏانھن اماڻيو، ديندار خان ان کي نه
قبوليو. هو جيئن آيو هو تيئن موٽي ٺٽي ويو. جيڪڏهن
ڪنھن کي به ظلم جي نيت ناهي ته واقع نويس جي موجود
هئڻ ۾ ڪھڙو نقصان آهي؟
اهڙي طرح هن جي ئي عملداريءَ ۾ قانون گوين ڏانھن
شاهي فرمان آيو ته ڏهن سالن جي پيداوار جو پورو
احوال لکي موڪلين، ۽ ملڪ جي ويراني جا ڪارڻ به سڄي
تفصيل سان ڏياري موڪلين (353-2) يا پاڻ سان کڻي
اچن ته ملڪ جاگيردارن جي ظلم ستم يا وڳوڙين جي
فسادن ڪري ڪيئن ويران ٿي چڪو آهي. ليڪن ديندار خان
انھيءَ حڪم جي پوئواري کان به نٽائي ويو.
در اصل هن ملڪ ۾ انڌيرنگري جي ابتدا احمد بيگ خان
جي عملداري کان ٿي، جنھن جي ڀاءُ مرزا يوسف جي ظلم
ستم جو داستان بادشاهه سلامت تائين پهتو، ليڪن
بدليءَ کان علاوه کيس ٻي ڪا سزا نه ڏني وئي. بلڪ
مٿس شاهي رحمت جو نزول ٿيو. اهو هن ريت جو هن کي
سيوهڻ مان بدلي ڪري ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو،
جيڪو سيوهڻ کان وڌيڪ اهم درجو هو. اهي ماڻھو جيڪي
انھي آسري ۾ هئا ته احمد بيگ سان گڏ شاهي درٻار ۾
وڃي سندس خلاف دانھن ڏئي کانئس پنھنجو حق حساب وٺي
رهندا، انھن جو اهو حال ڏٺو ته ويچارا واٽ تان ئي
واپس ٿي پنھنجي گهر هليا آيا. جيڪڏهن احمد بيگ خان
کي شاهي فرمان موجب (354-1) چار ڏينھن روڪي، سندس
ظلم ۽ زيادتين جي تحقيقات ڪرائي، هر ڪنھن کي
پنھنجو حق پلئه وڌو وڃي ها، ۽ اهي خون جيڪي هن جي
هٿان ناحقيءَ ۾ ٿي چڪا هئا، انھن جو شرع ۽ شاهي
عدالت موجب احتساب ڪرڻ ۾ اچي ها، ته ڪو به
جاگيردار ملڪ جي تباهي جو باعث نه بنجي سگهي ها.
بلڪه ٻين پاسن جا جاگيردار به ان مان سبق حاصل ڪري
رهن ها ۽ آئنده لاءِ ڪنھن کان به ڪا ڏنگائي ظاهر
نه ٿئي ها. سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته،
سلطان محمد شاهه بن تغلق شاهه ٺٽي جي پسگردائي ۾
فوت ٿيو.
هن جي وفات کان پوءِ سندس وصيت موجب فيروز تغلق
تخت تي ويٺو.
هو دهليءَ ڏانھن روانو ٿيو ته
ڄام خيرالدين
سنڌ جو والي ڪي منزلون هن جي پٺيان ويو (354-2).
آخر سيوهڻ سرڪار واري پرڳڻي سن وٽان واپس وريو.
ڄام خيرالدين، سلطان فيروز تغلق جي وڃڻ کان پوءِ
عدل احسان سان ملڪ هلائي رعيت جي خوشحاليءَ لاءِ
ڪمال جا ڪارناما ڪري ڏيکاريا. هن جي گهڻين نيڪين
مان هڪ نيڪي اها به بيان ڪئي ٿي وڃي ته، هڪ دفعي
هو پنھنجي خاص ماڻھن ۽ خادمن سان گڏ سير تي نڪتو
ته، اوچتو کيس ماڻھن جا هڏا نظر آيا جيڪي هڪڙيءَ
کڏ ۾ پيل هئا. هن سواري روڪائي انھن هڏن کي ڪا
گهڙي غور سان ڏٺو، پوءِ پنھنجي ماڻھن ڏانھن ڪنڌ
ورائي چيائين؛ اوهان کي خبر آهي ته هي هڏا مون کي
ڇا پيا چون؟ اهو ٻڌي هرڪو تپرس ۾ اچي ويو. ڄام
(خيرالدين) چيو ته هي هڏا ڪجهه مظلومن جا آهن جيڪي
مون کي داد رسيءَ لاءِ ٻيا ٻاڏائين. پوءِ انھن جي
دردشا معلوم ڪرڻ لاءِ ڪن ماڻھن تي ڪم رکيائين
(355_1). ائين ڪندي اتان جي هڪ پوڙهي ماڻھوءَ کي
سندس درٻار ۾ آندو ويو، جنھن انھن هڏن بابت ٻڌايو
ته اٽڪل ستر سال اڳ
گجرات جو هڪ قافلو هتان اچي لنگهيو هو، ۽ فلاڻن
ماڻھن سڀني مسافرن کي قتل ڪري سندن سامان ڦٻائي
ڇڏيو هو، انھن مان ڪي اڃا تائين موجود آهن. ڄام کي
جڏهن سڄو احوال معلوم ٿيو ته حڪم ڏئي سڄو سامان هٿ
ڪرايائين، ۽ انھيءَ کان پوءِ گجرات ڏانھن ماڻھو
موڪلي، قتل ٿيل ماڻھن جي وارثن کي سامان واپس
ڏياري، قاتلن کان قصاص ورتائين.
هن وقت حالت اها آهي جو سيوهڻ جا مظلوم اڃا تائين
جيئرا ويٺا آهن، ۽ احمد بيگ خان توڙي سندس ڀاءُ
ٻئي عيش پيا ڪن!
هن شاهي دور ۾ جيڪا ٿوري گهڻي رعيت (355-2)
عملدارن جي ظلم ستم هوندي به ڪن وڏيرن جي زمين
آباد ڪري ٿي، تنھن جو اصل سبب هي آهي ته وڏيرا
پنھنجين ٻنين جي آبادي لاءِ خود هارين نارين جي
مدد ڪندا رهن ٿا ۽ کانئن ٿورو حصو وصول ٿا ڪن.
انھي ڪري هو وڏيرن کان علاوه ڪن جاگيردارن جون
ٻنيون به پوکيندا رهن ٿا. بلڪه انھن جا ڏنڊ به ڀري
ٿا ڏين. جيڪڏهن اها آبادي به نه ٿئي ته ملڪ ماڳهين
ڀينگ ٿي وڃي.
مٿينءَ تحقيقات موجب ملڪ بکر کان علاوه ٺٽي جي
ماتحت چاڪر هالا ۽ نصرپور سرڪار جي تباهي انھن
وڳوڙين جي ڪري ٿئي ٿي، جن جو لاڳاپو سيوهڻ سرڪار
سان آهي. انھيءَ صورت ۾ سنڌ جي بهتري توڙي سيوهڻ
جي آبادي لاءِ سلطاني تدبير ۽ عالي همت جي ضرورت
آهي. ان کان سواءِ اهو پڻ لازمي آهي ته هتي بخشي،
امين ۽ وقائع نويس مامور ڪيا وڃن، ان لاءِ جو
(356-2) هتي هميشه وڳوڙ ٿيندا رهن ٿا ۽ سدائين
لشڪر جي ضرورت درپيش اچي ٿي. هن ملڪ جون سرحدون به
مضبوط رکڻيون پونديون، جيئن وڳوڙين لاءِ ڪا به
واهه نه رهي. هن وقت سيوهڻ جي اها حالت آهي، جو ڪو
جاگيردار پنھنجي جاگير هوندي به، ملڪي معاملن
ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي ڪا ڳالھه نه ٿو ڪري. ڪيترن
ڏينھن کان بي پير سميجن انڙن جي فسادن جون خبرون
شاهي درٻار ۾ پھچنديون رهن ٿيون ۽ ڪيئي عريضيون
ٺٽي توڙي سيوهڻ ۽ بکر جي جاگيردارن ڏانھن اماڻيون
پيون وڃن ته هنن بدبختن جو ترت بلو ڪيو وڃي، ليڪن
اڃا تائين انھن کي سيکت ڏيڻ جو ڪو انتظام نه ٿي
سگهيو آهي، جنھن ڪري سندن ارهه زورايون ڏينھون
ڏينھن وڌنديون پين وڃن.
والله اعلم بِالصّواب (356-2).
شاه عباس، سال 1031هه ڌاري قنڌار واري
قلعي تي قبضو ڪيو (ڏسو تزڪ جھانگيري، طبع
نول ڪشور، ص 350- 346-358). شاهجھان سال
1047هه ۾ اهو قلعو واپس ورتو.
احدي هڪ ذاتي منصب هو، جيڪو اڪبر
بادشاهه جي زماني ۾ مقرر ٿيو هو. اهڙي
منصبدار وٽ سوار ۽ پيادا ڪو نه هوندا هئا
(مترجم).
”سچقان ئيل سال موش“ (ڪوئي جو سال) ترڪن
جي مقرر ڪيل ٻارهن سالن مان هڪ سال جو
نالو (مترجم).
زمانہ بيگ ولد غيور بيگ، خطاب، مهابت
خان خانان. وفات 1044هه اهو فتور سال (21
جلوس جھانگيري جيڪو اڱاري ڏينھن 22 جمادي
الثاني 1035هه) ڀت (جهلم درياهه) وٽ واقع
ٿيو (ڏسو ماثرالامرا، 397 تزڪ 413).
شريف الملڪ 1035هه ڌاري ٺٽي جو حاڪم هو.
شهزادو شاهجھان رمضان جي پڇاڙي يا شوال جي
شروعات (1035هه) ڌاري ٺٽي پهتو (ڏسو تزڪ
421-413-425 ۽ تحفـﺔ الڪرام، ج 3، ص 94).
سيد بايزيد بخاري خطاب، مصطفى خان،
ذوالحج 1034هه يا محرم جي شروعات 1035هه
ڌاري فوت ٿيو. ٺٽي جي حڪومت پوءِ سلطان
شهريار کي ملي (ڏسو تزڪ، ص 407).
مير ابوالبقا، يمين الدولہ پاران ملتان ۾
نائب هو. مرتضى خان حسام الدين انجو، جي
وفات کان پوءِ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. هيءُ
واقعو 1039هه ۾ ٿي گذريو.
ڪتاب جي ٻنهي قلمي نسخن ۾ اهو لفظ تبا
تبا لکيل آهي، جا ڪتابت جي غلطي سمجهڻ
کپي. اصل لفظ ”طبا طبا“ ئي آهي.
ترڪن جي ٻارهين سال جي دوري مان مريخ جي
نالي ڏهون سال (مترجم).
ڏسو تعليقات: قلندر شهباز ۽ ڇٽو امراڻي.
ٺٽي کان 14 ڪوهه پري سنڌوندي جي ڪپ تي
تاريخ 24 محرم 752هه (فيروزشاهي، برني، ص
529 ۽ 537).
جمادي الاخر 752هه جي پڇاڙي ۾ دهليءَ
پهتو، (برني ص 546).
|