سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ مَظهر شاهجهاني

 

صفحو:2  

 

قسم اول: (ورق 1 کان 228 (1)

هن ۾ اهي ڳالهيون درج ٿيل آهن، جيڪي اجمالي طور بادشاهن جي لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. هي چئن بابن تي مشتمل آهي.

 

باب اول:

سلطنت سان تعلق رکندڙ ترغيب ۽ دٻدٻي بابت هن جا ٻه فصل آهن.

 

 

فصل اول: حڪومت ۽ سلطنت جي ترغيب

(ورق 4)

 

فصل ٻيو: سلطنت جو رعب ۽ دٻدٻو

(ورق 8)

باب ٻيو:

بادشاهن طرفان ماڻھن کي فهمائش ڪرڻ

(ورق 14)

باب ٽيون:

ملڪ راني ۽ ملازمن جي تربيت. هي باب چئن فصلن تي مدار رکي ٿو

(ورق 16)

 

فصل پھريون: ملڪ جي رعيت

(ورق 16)

 

فصل ٻيو: ملازمن جي تربيت ۽ تاديب

(ورق 29)

 

فصل ٽيون: صوبيدارن جي تربيت

(ورق 88)

 

فصل چوٿون: ملازمن جي اصلاح

(ورق 93)

باب چوٿون:

انھن خوبين بابت جيڪي بادشاهن ۽ اميرن کي مٿانھين درجي جو حقدار بنائين ٿيون. هن باب جا ويھه فصل آهن.

 

فصل پھريون: توڪل

(ورق 105)

 

فصل ٻيو: همت

(ورق 107)

 

فصل ٽيون: پڪو ارادو

(ورق 109)

 

فصل چوٿون: جدوجهد

(ورق 111)

 

فصل پنجون: بَقاءَ

(ورق 114)

 

فصل ڇهون: عدالت

(ورق 116)

 

فصل ستون: خيرات ۽ نيڪي

(ورق 135)

 

فصل اٺون: شفقت ۽ مھرباني

(ورق 140)

 

فصل نائون: سخاوت ۽ احسان

(ورق 144)

 

فصل ڏهون: ضرورتن جي پورائي

(ورق 158)

 

فصل يارهون: صلاح مصلحت

(ورق 160)

 

فصل ٻارهون: هوشياري، ڏاهپ

(ورق 165)

 

فصل تيرهون: غيرت

(ورق 168)

 

فصل چوڏهون: سياست

(ورق 174)

 

فصل پندرهون: چوڪسي، جاسوسي

(ورق 180)

 

فصل سورهون: ڏاهپ

(ورق 191)

 

فصل سترهون: رازداري

(ورق 192)

 

فصل ارڙهون: نيڪ ناميءَ جي طلب

(ورق 193)

 

فصل اڻويهون: چڱن جي نصيحت

(ورق 199)

 

فصل ويهون: برن ماڻھن کان ٽارو

(ورق 202-228)

ورق 228-1 جي پڇاڙيءَ وارين ٻن سٽن کان ڪتاب جي قسم دوم (ٻئي حصي) جي شروعات ٿئي ٿي، جنھن جو اختتام ورق 401 تي ٿئي ٿو. هي حصو صرف سنڌ جي تاريخ لاءِ مخصوص آهي. هن ۾ مؤلف گهڻو ڪري پنھنجي ئي دور جي سياسي، انتظامي، اقتصادي، معاشرتي، جغرافيائي ۽ قبائلي حالتن ۽ واقعن جو معاصرانھ بلڪ اکين ڏٺو تفصيل چئن بابن اندر بيان ڪيو آهي. پھريون باب بکر بابت، ٻيو سبيءَ جي باري ۾، ٽيون ٺٽي جي سلسلي ۾، ۽ چوٿون سيوهڻ جي تفصيلي واقعن بابت ڏنل آهي، جيڪو پنجن فصلن ۽ خاتمي تي مشتمل آهي. ڪتاب جا پھريان ٽي باب جيتوڻيڪ مختصر آهن ته به انھن ۾ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، سو پنھنجي نوعيت جي لحاظ کان تمام قيمتي ۽ اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. مؤلف سيوهڻ جا حالات نھايت شرح ۽ تفصيل سان پيش ڪيا آهن. اهو ان لاءِ ته اصل ۾ هن ڪتاب جي تاليف جو سبب ئي سيوهڻ جا واقعات هئا، جيئن اڳتي هلي واضح ڪيو ويندو.

في الحال ڪتاب جي قسم ثاني (ٻئي حصي) کي سنڌ جي تاريخ تي مشتمل هئڻ سبب شايع ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان جو پھريون حصو به علمي اعتبار کان خاص اهميت رکي ٿو. ليڪن هن وقت ان کي ڪنھن ٻئي موقعي لاءِ مخصوص رکجي ٿو. البته مؤلف ڪتاب جي قسم اول ۾ چند موقعن تي دليل طور پنھنجي مقصد جي وضاحت لاءِ سنڌ جا جيڪي واقعا مثال طور پيش ڪيا آهن، سي هن ڪتاب جي حاشيي توڙي مقدمي ۾ خاص عنوان تحت درج ٿيل آهن.

تاليف جا سبب: هن کان اڳ ٻڌايو ويو آهي ته، مؤلف جيتوڻيڪ پنھنجو منصب ترڪ ڪري ٿوري ’مدد معاش‘ تي سيوهڻ ۾ گوشي نشين ٿي ويٺو هو، پر ان هوندي به ملڪي سياست توڙي ان جي ٻين معاملن سان سندس دلچسپي جيئن جو تيئن قائم پي رهي. هن جي اها ئي دلچسپي نيٺ هن ڪتاب جي تاليف جو سبب بني، جنھن جو داستان هن ريت آهي:

شاهجھان جيئن ئي (8 جمادي الثاني 1037هه) تخت نشين ٿيو ته هن اعتماد الدولہ مير غياث جي پوٽي، مرزا احمد بيگ خان کي، سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪري موڪليو.(1) هي تمام سست مزاج، نا اهل ۽ نڪمو ماڻھو هو. هن مردن جي مجلس ۽ حڪومت جي ڪاروبار تي عورتن جي صحبت ۽ زنان خاني جي بيٺڪ کي ترجيح ڏني، ۽ حڪومت جي واڳ پنھنجي هڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ مرزا يوسف کي سونپي ڇڏيائين، جو پنھنجي فطرت جي لحاظ کان نھايت ڪريل ذهنيت وارو، ذليل ۽ بيهودو ماڻھو هو. يوسف ميرڪ هن بابت لکي ٿو ته هي ايڏو سفاڪ هو، جو حجاج بن يوسف جھڙو ظالم اظلم به هن جي آڏو هڪ ادنى شاگرد واري حيثيت رکندڙ هو (ص 154). هن پنھنجي قهر، ڪلور ۽ ظلم ستم سان سڄي صوبي جي ستياناس ڪري ڇڏي هئي. ماڻھن ۾ گهڻي بي آرامي پيدا ٿي، ۽ چوطرف واويلا مچي وئي، تنھن هوندي به ڪنھن جي مجال نه هئي جو ڪا ٻڙڪ به ڪڇي سگهي. يوسف ميرڪ پنھنجي هن همنام جي ظلمن جي جيڪا روئداد قلمبند ڪئي آهي، ان مان جا تصوير ذهن ۾ اڀري ٿي سا هن ريت آهي.

ظلمن جي تصوير:

1-   مرزا يوسف، روزانو بي گناهه ماڻھن کي شھر مان ڪوٺائي، انھن کي پنھنجي سامهون ڦٽڪا هڻائيندو هو. انھيءَ دٻڙ دونس ۾ نه رڳو مظلومن جي کل لهي ويندي هئي، بلڪه مارڪٽ هلندي ڪيئي ويچارا مري به ويندا هئا. اهڙي طرح ٻن ٽن سَون بيگناهن کي ڦيهه ڏيارڻ هن جي روزاني ڪرت هئي. هڪ ابريشم فروش کي هميشه اتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هئائين، ته جيئن ڦٽڪن هڻندي انھن جون ڪهيون ڇڄي پون ته اهي هڪدم درست ڪيون وڃن، جيئن مارڪٽ ڪندي ڪا ويرم وچ ۾ نه پوي. هي سڀ ڪُجهه صرف دل وندرائڻ ۽ تماشي طور ڪيو ٿي ويو. ان ۾ ڏوهيءَ نه ڏوهيءَ جو ڪو سوال نه هو (ص-156).

2-   احمد بيگ، اتفاق سان جڏهن به رات جي وڳڙي ۾ زنان خاني مان نڪري مرداني ۾ اچي ويهندو هو، تڏهن سندس سامهون مرزا يوسف جي اها ڪارستاني پئي هلندي هئي. احمد بيگ کي اها توفيق نه هئي ته پنھنجي ڀاءُ کان، انسانيت کي انھي حد تائين ذليل ۽ خوار خراب ڪرڻ جو ڪو سبب وغيرهه پڇي سگهي.

3-  مارڪٽ ڪرڻ وقت جيترا به مظلوم مري ويندا هئا، تن جي پڇا ڪرڻ وارو ڪو به نه هو. عزيز قريب سڀ گهرن ۾ ٻوساٽجي رهجي ويندا هئا. انھي ظلم جي ڪاروبار ايڏو ته انڌير مچائي ڇڏيو هو، جو عدل انصاف جي دانھن ڪوڪ لاءِ ڪو به چارو ڪو نه هو. مغلن جي موڪليل جاگيردار (احمد بيگ) کي زنان خاني مان ئي ايتري مهلت نه ٿي ملي، جو ڪا گهڙي ٻاهر اچي، اهو مانڌاڻ پنھنجي اکين سان ڏسي ها. ڪنھن جي مرڻ جيئڻ سان هن جو ڪو به واسطو نه هو. نه ملڪ پنھنجو نه ماڻھو پنھنجا، ڪنھن کي ڪهل اچي ته ڪيئن اچي، ڪو داد فرياد ٿئي ته ڪينءَ ٿئي؟ ۽ ڇا جي لاءِ؟

4-  سڄي صوبي ۾ مرزا يوسف کي جنھن ماڻھوءَ بابت ڪا به خبر پوندي هئي ته هو شاهوڪار آهي، تڏهن ان تي ڪوڙا الزام مڙهي کيس پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ معمولي پڇا ڳاڇا کان پوءِ پھرينءَ سٽ ۾ ان کي ڦٽڪن سان نيستو ڪرائي ڇڏيندو هو. پوءِ ان جي مال ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. اهو سلوڪ نه فقط مردن سان ڪيو ٿي ويو، پر مالدار عورتن سان به اهڙي تعدي ڪئي ويندي هئي. ان ۾ به مرزا يوسف کي ڪو حياءُ شرم محسوس نه ٿيندو هو.

5-  مرزا يوسف کي پرائي مال ملڪيت ميڙڻ جي ايتري حد تائين بڇڙي بيماري هئي، جو ماڻھن جا ڌاريل جانور به هن جي هٿ چراند کان بچي نه ٿي سگهيا. سنڌ جا اُٺ ڏاڍا قيمتي هوندا هئا، ماڻھو پنھنجي سواري جي سهوليت توڙي مال برداريءَ لاءِ انھن کي وڏي شوق سان پاليندا هئا. اهي اُٺ جيڏا سهڻا تيڏا ڪمائتا هوندا هئا. مرزا يوسف انھن ساهوارن کي به پنھنجي مالڪن وٽ پلجندي نه پي سٺو. هر هنڌ حڪم ڏئي ڇڏيو هئائين ته جتي به ڪو ڀلو ۽ قيمتي اُٺ نظر اچي، ان کي هڪدم جهلي سندس شترخاني ۾ داخل ڪيو وڃي (ص 156).

6-  ڏوڪڙن ميڙڻ لاءِ هن ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا هئا. مثال طور: خشڪي ۽ درياهي رستن تي پھرا لڳرائي ڇڏيا هئائين. هر آئي وئي کان بنان ڪنھن سبب جي محصول اُوڳاڙيا پي ويا. ايتري تائين جو سکڻن هٿن وارا واٽهڙو به انھيءَ رهزني کان آجا نه هئا. حالت وڃي انھيءَ حد تائين پهتي، جو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃڻ لاءِ راهداري ضروري هئي، جنھن لاءِ ماڻھن کي پيسا ڀرڻا پوندا هئا. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنھن مٽ مائٽ جي موتِيءَ تي ٻئي ڳوٺ تائين ويو ٿي ته ان کي ڏوڪڙ ڏئي راهداري حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڳوٺ مان ٻاهر پير رکڻ نه ٿي ڏنو ويو. انھيءَ ڪارگذاري سبب مغل حاڪمن جا ذاتي خزانا ته ڀرجندا پي ويا، ليڪن ملڪي ڪاروبار، واپار، وهنوار ۽ ماڻھن جي آمد و رفت ۾ رخنو پوندو ويو. تجارت ۽ ڏيتي ليتي پوئتي پئجي وئي. آخرڪار هرڪو پنھنجي شھر ۽ ڳوٺ ۾ بند ٿي ويهي رهيو. ان جو لازمي نتيجو اهو به ٿيو هوندو ته غريب پورهيت به، روزگار جي سانگي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ کان نِرهه ٿي چڪا هوندا.

7-  درياءَ ۾ جيڪي سکڻيون ٻيڙيون هلنديون هيون، تن کان به محصول ورتو ٿي ويو. ڪنھن ٻئي علائقي جي ڪا خالي ٻيڙي جيڪڏهن ڀُل چُڪ مان سيوهڻ جي حد ۾ داخل ٿيندي هئي ته اها به انھي ناجائز ۽ جبري محصول جي چٽيءَ کان بچي نه ٿي سگهي. وصولي جي انھي اڍنگي طريقي سبب خشڪيءَ جي رستن سان گڏ درياهي آمد و رفت به بند ٿي وئي، ۽ سڄو ملڪ انھن پائبندين جي ڪري تنگ ٿي رهجي ويو. شھري آزادي توڙي انفرادي جدوجهد بلڪل ختم ٿي وئي.

8-  سوداگرن جي ٻيڙين تي ته طرحين طرحين مصيبتون نازل ٿينديون پي رهيون. انھن کي ڪيترا ڏينھن هروڀرو روڪيو ٿي ويو. ان سان گڏ سوداگرن کي مجبور ڪيو ويندو هو ته، هو پنھنجو قيمتي سامان ڀڳڙن مٺ تي سيوهڻ ۾ نيڪال ڪري ڇڏين. اها روش سيوهڻ جي ماڻھن کي ڪنھن فائدي رسائڻ لاءِ ڪا نه اختيار ڪئي وئي هئي، بلڪه ان جو مقصد اهو ئي هو ته واپاري تنگ ٿي پون ۽ مرزا يوسف کي ڳاٽي ڀڳيون رشوتون ڏئي پنھنجي جند ڇڏائين. اڪثر ائين ئي ٿيندو هو ته هو رشوتون ڀري انھيءَ اوچتي آفت کان پاڻ کي ڇوٽڪارو ڏياريندا هئا.

9-  رشوت ڏيڻ کان پوءِ به ويچارن غريب واپارين جي جان نه ڇٽندي هئي، جيسين تائين  مرزا يوسف انھن جي مال اسباب مان پنھنجي پسند جون شيون تحفي طور وصول نه ڪندو هو.

10-     جڏهن مرزا يوسف، سوداگرن سان سڀ ڪُجهه ڪري گذرندو هو ته، ٻيڙيائتن ۽ عام مسافرن جي خبر چار ورتي ويندي هئي. ڪيئي حيلا بهانا بنائي انھن جي کيسن تي هٿ ڦيريا ويندا هئا ۽ انھن مان ڪيترن کي مرزا يوسف جي ڦٽڪن جو عذاب سهڻو پوندو هو.

11-      مرزا يوسف سڄي ملڪ جا چور چڪار ۽ ڌاڙيل پاڻ وٽ ٿمائي ويهاريا هئا، جن جي مدد سان ملڪ ۾ چوريون ۽ ڦريون ڪرائيندو ۽ ڌاڙا هڻائيندو ٿي رهيو. لٽ ڦر جو سمورو سامان سندس مال خزاني ۾ داخل ٿيندو پي رهيو. انھن ذليل حرڪتن جا جيڪي لازمي نتيجا نروار ٿيا، اهي نھايت اندوهناڪ هئا. هڪ طرف چور چڪار ۽ ڌاڙيل بي ڊپا ٿي پيا ته، ٻئي پاسي سرڪاري سرپرستي حاصل هئڻ ڪري چوري ڪرڻ ۽ ڌاڙي هڻڻ جي ڪُڌي ڪم تي کين فخر ٿيڻ لڳو. ساڳئي وقت ملڪ ۾ هورا کوري ۽ ڏهڪاءَ جي واڌ ٿيندي وئي. امن امان ڪو نه رهيو ۽ هرڪو پنھنجي مال ملڪيت کي محفوظ سمجهڻ جو آسرو پلي ويهي رهيو.

12-     مرزا صرف انھن طريقن تي بس ڪا نه ڪئي پر عوام کي ڦري ڀينگ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو طريقو به رائج ڪيائين. بنگال مان نامي گرامي جواري گهرائي، انھن کي شھر جي چو واٽن تي ويهاري ڇڏيائين، جيڪي نه رڳو واٽهڙن جا کيسا خالي ڪري ڇڏيندا هئا، بلڪه انھن ويچارن جا ڪپڙا به بدن تان لهرائي وٺندا هئا.

چوري ۽ جوا جي سڄي آمدني شام جو اهڙي طرح حلال جي ڪمائي سمجهي ”خزاني“ ۾ جمع ڪرائي ويندي هئي، ڄڻ ته اها به ملڪ مان اوڳاڙيل ڍل ۽ ٻي جائز آمدني هئي.

13-     شھر جي شريف، زاهد ۽ عابد ماڻھن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ ۾ مرزا يوسف جھڙي رذيل ماڻھوءَ کي ڏاڍو مزو ايندو هو. خاص ڪري اهو لطف کيس ان ڪري به ايندو هو ته، سڀئي ماڻھو هڪ فتح ڪيل ملڪ جا رهاڪو هئا، جن جي ڪا به دانھن ڪوڪ ٻڌڻ جوڳي نه هئي ۽ نه سندن ڪو حمايتي ئي هو. بهرحال مرزا يوسف هزارن حيلن بهانن سان سيوهڻ جي شريف ماڻھن سان المناڪ عقوبتون ڪندو پي رهيو. هڪ دفعي ڪنھن نئين قلعي جو بنياد رکندي حڪم جاري ڪرايائين ته، شھر جا سڀئي ماڻھو اچي پنھنجي مٿي تي سرون ڍوئين. پاڻ ئي گارو تيار ڪري ان کي قلعي تائين پھچائين ۽ پنھنجي سر اوساريءَ جو ڪم ڪن. ڪي بيمار، معذور يا پوڙها ماڻھو مزدور وٺي آيا ته جيئن پنھنجي بدران انھن کان اها بيگر وهرائي پر مرزا يوسف کي اها ڳالھه نه وڻي. سو انھن معذورن کان هر قسم جو ڪم ورتو ويو. ڀلا ائين ڪرڻ ۾ هن کي ڪھڙي ڪسُ هئي، ان حالت ۾ جڏهن سندس منشا به اهائي هئي، ته مظلومن کي وڌيڪ مظلوم بنائڻ سان گڏ کين ڍَوَ تي خوار خراب به ڪيو وڃي!

14-     هڪ ڀيري شھر جي آبرومند ماڻھوءَ قاضي عبدالواحد تي ڪوڙو الزام مڙهي کانئس سؤ روپيا ڏنڊ جو دستاويز لکرائي ورتائين. پوءِ اهو دستاويز ڄاڻي واڻي ٺٺولي جي نيت سان شھر جي هڪ ڪميڻي ماڻھوءَ ابراهيم بلوچ وٽ وڪرو ڪيائين. ٿورن ڏينھن کان پوءِ قاضي عبدالواحد (مرحوم مغفور) کي گهرائي ان سان جيڪا تعدي ڪرايائين، تنھن جي روئداد يوسف ميرڪ (مؤلف) جي لفظن ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ مناسب لڳي ٿي. هن لکيو آهي ته،

يک کره دار، ابراهيم بلوچ راکره ميزد و ميگفت

هان، صد روپيه بده!

و ابراهيم بلوچ قاضي عبدالواحد راکره ميزد و ميگفت

هان صد روپيه بده!(1)

يعني: هڪ ڦٽڪي هڻندڙ ابراهيم بلوچ کي ڦٽڪو هڻي پي چيو ته سؤ روپيا ڪڍ!

ابراهيم بلوچ وري قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي ٿي چيو ته سؤ روپيا ڪڍ!

مرزا يوسف ڳچ وقت اهو تماشو ڏسندو رهيو ۽ ان سان گڏ مفتوح انسانن جي ذلت ۽ رسوائي ۽ پنھنجي ڏاڍ ۽ آڏ وڏائيءَ تي کڳيون هڻندو پي رهيو. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته شھر جي ماڻھن لاءِ اهو ڏينھن ڪاريءَ قيام برابر هو. شريف رت جا ڳوڙها ٿي رنا ۽ ڪميڻا ڏند ٽيڙي کلندا ٿي رهيا.

15- مرزا يوسف چغل خورن جي به وڏي لوڌ پاڻ وٽ پالي رکي هئي، جن کي هن ”حقيقت دان“ (گامون سچار) جو لقب ڏئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خاص هدايتن سان انھي ڌنڌي تي لڳائي ڇڏيو هو ته، هو شريف ۽ شاهوڪار ماڻھوءَ تي چغليون هڻندا رهن ته جيئن مرزا يوسف کي انھن جي خوار خراب ڪرڻ جو وجهه ملي. انھيءَ ٽولي پنھنجين ڪار گذارين سان سڄي علائقي ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو.

16- ٻنين ۾ جڏهن پوک پچي تيار ٿيندي هئي ته، مرزا يوسف پنھنجا هٿ ٺوڪيا ماڻھو ڍل مقرر ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليندو هو. اهي هر هنڌ وڃي ايڏي جمعبندي هڻي ايندا هئا، جو فصل لُڻڻ کان پوءِ ڪُڙميءَ کي پنھنجي سڄي ڪمائي سرڪاري خزاني ۾ داخل ڪرائڻ بعد به مٿس مڙهيل جمعبندي (ڍل) کان ڇوٽڪارو ملي نه ٿي سگهيو. آخر ڍڳن سميت ان جو سڄو ارڪو ترڪو ضبط ڪري، بقايا جي وصولي ڪئي ويندي هئي. ڪڙمي ويچارا سڄو سال پگهر جو پورهيو ڪندي به ڪنگال ۽ بکيا اگهاڙا رهجي ويندا هئا. مغل سلطنت جي ڪارندن کي ان ڪلور جي ڪا به پرواهه نه هوندي هئي.

17-                       هڪ دفعي آسماني آفت جي ڪري پوکون تباهه ٿي ويون. ليڪن مرزا يوسف تنھن هوندي به پنھنجي مرضيءَ مطابق جمعبندي ڪرائي ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو جو غريب، بيوس، مجبور ۽ مظلوم ڪڙمي رات جي اونده ۾ پنھنجا گهر گهاٽ، ٻنيون ۽ ڳوٺ ڇڏي ڀاڄڙ ۾ پئجي ويا. مرزا يوسف کي جڏهن اها کڙڪ پئي ته سندن پٺيان سپاهي ڊوڙايائين، جن انھن جي سڄي مَڏي موڙي کانئن کسي ورتي.

18-                       جھانگير بادشاهه پنھنجي ايا مڪاري ۾ گاؤ شماري تي داغ ڏيڻ (ڏنڀ جي نشان) جو رواج ختم ڪري ڇڏيو هو. ليڪن شاهي منسوخيءَ (حڪم رد ڪرڻ) جي باوجود احمد بيگ جي دور ۾ سندس ڀاءُ (مرزا يوسف) حڪم ڏئي ڇڏيو هو ته، نئين سر سيوهڻ جي ڏهن پرڳڻن ۾ گاؤشماري ڪرائي ڍورن تي زوري داغ لڳرايا وڃن. ماڻھن کي اهو قانون ڏکيو ته ڏاڍو لڳو پر ڇا ٿي ڪري سگهيا؟، جن جو گذر ئي ڍورن ڍڳن تي هو انھن لاءِ اهڙي قسم جي وصولي وڏو عذاب هئي.

19-                       سڄي صوبي جي عملدارن کي گهرائي بنا ڪنھن ڏوهه گناهه جي
قيد خاني ۾ وجهرايو ويو. اهڙيءَ طرح ملڪ جا ارباب، شريف ۽ مانائتا ماڻھو به جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پھچايا ويا. اهو حال ڏسي بهاءُالدين پنهوار جھڙا معزز ماڻھو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ وڃي پناه گير ٿي ويٺا. مرزا يوسف، بهاءُالدين جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي، ان جي ٻن مخالفن کي هُشي ڏني، جن انھيءَ ارباب جي ڳوٺ اڪبر آباد تي وڃي چڙهائي ڪئي. ارباب بهاءُ الدين کي جڏهن انھي سازش جي سڌ پئي ته عين موقعي تي پھچي ڳوٺ ۽ ملڪيتن جو بچاءُ ڪري ورتائين ۽ مخالف سندس هٿان مارجي ويا. مرزا يوسف، ارباب جي انھن قدمن کان ايڏو ته اچي ڏمريو، جو سڄي علائقي جي اربابن، مقدمن، پٽوارين، قانون گوين ۽ گماشتن کي ٻڌي جيل اماڻي ڇڏيائين.

20- مرزا يوسف اهڙي اڍنگائي سان ملڪ جي شريفن ۽ ٻين رهاڪن کي ٽيڪرون ڏئي پاڻ ۾ ويڙهائيندو هو. ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ملڪ جا اثر رسوخ وارا ماڻھو ڪمزور ٿيندا ويا ته ٻئي پاسي ملڪ جي ايڪي کي وڏو ڇيهو رسندو ويو. کيس پنھنجي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ اهو ئي رستو سجهيو ٿي.

21- علائقي ۾ جيڪي به باراني توڙي معافيءَ جون زمينون هيون، ۽ جن تي ايامن کان ڪا به ڍل يا ٻي سرڪاري وصولي مڙهيل نه هئي، مرزا يوسف انھن تي ٻيهر ڍل وجهي ڇڏي.

هي هئي مختصر صورت حال مرزا يوسف جي ڪار گذارين جي، جنھن کي ”مظھر شاهجھاني“ مان ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آهي.

نورجھان بيگم جي ڀائٽئي ۽ اعتماد الدولہ (1) مير غياث جي، پوٽي يعني مغل شاهي حاڪم مرزا احمد بيگ خان جون دلچسپيون جڏهن زنان خاني جي اندر انت کان ٻاهر ٿينديون ويون ۽ سندس ڀاءُ مرزا يوسف جون ڪار گذاريون حرم سرا کان ٻاهر حدون ٽپي ويون ته، سيوهڻ جو سڄو علائقو ڀينگ ٿي ويو، ڳوٺ ويران ٿي ويا، آباديون برباد ۽ زمينون بنجر ٿي ويون. ماڻھن حيران پريشان ٿي سنڌ جي ٻين وسندين ۽ واهڻن ۾ وڃي پناهه ورتي. ’مظھر شاهجھاني‘ جو مؤلف انھن دردناڪ حالتن ۽ افسوسناڪ واقعن جو بيان دهرائيندي لکي ٿو:

چو خواهد کہ ويران کند عالمي

نهد ملک در پنجہء ظالمي

”خدا جڏهن ڪنھن ملڪ کي ويران ڪرڻ چاهي ٿو ته، ان جي واڳ ظالم جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي ٿو.“

اهي ڪيس جيئن جو تيئن ٿيندا رهيا پر ڪنھن جي واتان ڪا به ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتي. ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو اهو عالم هو، جو مرڪزي حڪومت جي ديوان خاص تائين داد رسيءَ لاءِ پھچڻ ته ٺهيو، پر انھن مظلومن ۽ ستم رسيدن کي خود محل سرا اندر مرزا احمد بيگ جي ايوان تائين، پنھنجي آهن ۽ دانھن پھچائڻ جي به سگهه ڪا نه هئي. ميرڪ يوسف چواڻي:

”هيچ آفريده نبود..... کہ بيان واقع را بِہ احمد بيگ خان بگويد کہ: برادر تو اين قسم ظلم وستم برداشته، عالم را خراب وضايع کرده“

(ص 159).

يعني: اهڙو ڪو ماءُ جو پٽ ئي ڪو نه هو، جو اها آپدا احمد بيگ خان جي ڌيان تي آڻي ته تنھنجي حلالي ڀاءُ جي انڌير ۽ انياءَ کان هينءَ ملڪ جي ٻيڙي سير تي چڙهي چڪي آهي!

يوسف ميرڪ (مؤلف) کي هڪ شريف انسان وانگر پنھنجي وطن سان بي انتها محبت هئي. پاڻ هو به وڏي ڪردار ۽ جرئت جو مالڪ. جڏهن پاڻي حد کان وڌيڪ گذرندو ڏٺائين، ته هڪ ڏينھن انھيءَ حرم نشين حاڪم (احمد بيگ) کي وڃي مند جي ٻڌايائين ته:

”تو اين خلق الله را بدست برادر خود داده خراب و ضايع ساختي! چون متوجہ به آن جهان شوي خالق علي الاطلاق از تو خواهد تحقيق کرد“ (ص 159).

يعني: تو خدا جي خلق کي پنھنجي خونخوار ڀاءُ جي حوالي ڪري ان جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو آهي، خدا قيامت ڏينھن توکان ضرور ان بابت پڇاڻو ڪندو.“

ليڪن ان کان پوءِ به ڪو خاطر خواه نتيجو نه نڪتو. هن ظالم ۽ ناخدا ترس حاڪم جي ظلمن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به واهه ڏسڻ ۾ نه پي آئي. نيٺ يوسف ميرڪ اهو ارادو ڪيو ته پاڻ ئي مرڪزي سرڪار وٽ وڃي شاهي ايوان جا ڳرا زنجير کڙڪائي، ۽ هن دردناڪ داستان کي شاهجھان بادشاهه جي ڪنن تائين رسائي. ممڪن هو ائين ڪرڻ سان ڪا ڇوٽڪاري جي واٽ نڪري پوي!

تاليف جو ارادو: يوسف ميرڪ پوءِ خيال ڪيو ته هيءَ ڏکن ڀري آکاڻي زباني طور ٻڌائڻ بدران طومار جي صورت ۾ لکي شاهي درٻار ۾ پيش ڪرڻ مناسب ڳالھه ٿيندي، جيئن چوي ٿو ته:

”...... راقم الحروف، پريشاني احوال وطن اختياري خود ديده......عازم عتبہ بوسي آستان فلڪ نشان گرديده، وَ به خاطر آورد کہ احوال اين ملک و عمل احمد بيگ خان را در يک طوماري نوشتہ بنظر اقدس گذراند“ (ص- 160).

يعني: راقم الحروف (يوسف ميرڪ) پنھنجي اختياري وطن کي حال کان بيحال ڏسي، شاهي درٻار ڏانھن ڪهي وڃڻ جي سنبت ڪئي ته، جيئن ملڪ جي احوال ۽ احمد بيگ خان جي عملداري جو لکيل طومار بادشاهه وٽ پيش ڪري.“

انھيءَ نيت سان هو سيوهڻ مان نڪري بکر پهتو، جتي ان وقت محمد علي بيگ بندري، حڪيم محمد صالح ۽ مان سنگهه وغيرهه مغل سلطنت جا نائب مقرر ٿيل هئا. انھن کي جڏهن يوسف ميرڪ جي انھيءَ ارادي جي خبر پئجي وئي ته، پنھنجو خاص ماڻھو موڪلي مرزا احمد بيگ کي آگاهه ڪيائون. پر ايتري ۾ خير جو يوسف ميرڪ سيوهڻ ڇڏي چڪو هو، نه ته هن جي انھيءَ ارادي جي جيڪڏهن بروقت احمد بيگ کي سڌ پئجي وڃي ها ته پوءِ هن ويچاري جي سر جو بِه ڪو خير نه هو.

هاڻي جڏهن پکي سندس پھچ کان پري ٿي پيو ته ان کي وري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائڻ لاءِ احمد بيگ، بکر جي عملدارن کي ميڙ منٿ ڪئي ته ڪيئن به ڪري يوسف ميرڪ کي سيوهڻ واپس ڪيو وڃي. ان سان گڏ هو مظلومن تي هٿ ڦير ڪري سندن دل وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو.

ان کان اڳ جو احمد بيگ جو ملازم سندس پيغام کڻي بکر پھچي، يوسف ميرڪ بکر جا وڻ ڇڏي ملتان ڀيڙو ٿي چڪو هو. تڏهن ملتان جو صوبو شاهجھان جي سهري وزيراعظم آصف خان يمين الدولہ(1) جي جاگير ۾ هو، ۽ يوسف ميرڪ جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان، آصف خان پاران اتي نائب مقرر ٿيل هو.

ڪتاب جي تاليف: يوسف ميرڪ جو ارادو هو ته ملتان ۾ پنھنجي ڀاءُ وٽ رهي، دارالخلافه وڃڻ لاءِ سفر جو سامان تيار ڪري ۽ اتي ئي انھيءَ طومار کي ترتيب ڏئي درٻار ڏانھن اسهي وڃي. ليڪن 1039هه ۾ هي جيئن ئي ملتان پهتو ته مير ابوالبقا امير خان کي ٺٽي جي نائبيءَ جا احڪام مليا(2).

مير ابوالبقا امير خان وڏو تجربيڪار ۽ مغل بادشاهن جي شاهاڻي مزاج جي نزاڪتن کان چڱيءَ طرح واقف هو. هن کي خبر هئي ته سندس ڀاءُ جو هي غيظ غضب ۽ حب الوطنيءَ وارو جوش خروش، انصاف طلبي ۽ داد خواهيءَ جو جذبو يا درٻار تائين رسائي ڪرڻ واري رٿا مصلحت مطابق نه هئي، ان ڪري کيس ان مان ڪنھن حاصلات يا نتيجي نڪرڻ جي ڪا به امڪاني صورت نظر نه پي آئي. ان پس منظر ۾ هو في الحال يوسف ميرڪ کي پاڻ سان گڏ واپس ٺٽي وٺي آيو، ۽ کيس چيائين ته اتان ئي سفر جو سامان تيار ڪري هندستان روانو ٿي وڃي. يوسف ميرڪ جڏهن ٺٽي پهتو(1) ته، آب هوا جي خرابيءَ سبب بيمار ٿي پيو، تنھن ڪري سندس سفر جي تياريءَ ۾ ليٽ ٿي وئي. ان بيماريءَ جي عالم ۾ ارادو ڪيائين ته شڪايتي طومار بدران، صحتياب ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي صحيح حالتن تي هڪ ڪتاب تاليف ڪرڻ مناسب ٿيندو، ۽ اهو ئي ڪتاب شاهي حضور ۾ پيش ڪرڻ لائق ٿي سگهندو. ان باري ۾ لکي ٿو ته:

”بخداي خود نذر بست کہ: چون ازين مرض خلاص يابد، احوال ولايت سنده را کتاب کرده دست آويز خود ساختہ احرام کعبہء خلائق هفت اقليم بر بندد.“ (ص 162).

”انھي لاءِ باس باسي وئي ته بيماري مان اٿڻ کان پوءِ سنڌ جي حالتن تي ڪتاب لکي، اهو بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويندو“ (ص- 162).

هي اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو يوسف ميرڪ بيماريءَ مان نجات حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي صحيح حالتن بابت، بلڪ ائين چوڻ گهرجي ته سنڌ اندر ”مغل شاهي“ جي اندروني حقيقتن متعلق تاليف ڪيو هو. هن ڪتاب جي وجود ۾ اچڻ جا اهي ئي اسباب ۽ محرڪات هئا، جن جو ذڪر گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي. مؤلف ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو:

”و بعد ميگويد بندۀ ضعيف نحيف محتاج بسوي رحمة الله الغني، خانہ زاد درگاه، يوسف ميرک بن ابوالقاسم الحسيني نسباً والهروي البجقي مولداً و وطناً والنمکين لقباً، کہ چون بر احوال ولايت سِند مطلع شد لا علاج بمقتضيٰ اين آيہء کريمہ- ولاتکتموا الشهادة و من يکتمها فانہ آثم قلبہ والله بِما تعملون عليم“

هي ضعيف بندو ۽ خدا جي رحمت جو طلبگار يوسف ميرڪ پٽ ابوالقاسم نمڪين حسيني بجقي چوي ٿو ته جڏهن سنڌ جي حالتن کان واقف ٿيس ته مذڪوره آيت جي تقاضا موجب:

”لاتکتموا الشهادت و من يکتمها فانہ آثم قلبہ والله بما تعملون عليم“.

توهان پنھنجي گواهي کي نه لڪايو ۽ جنھن به پنھنجي گواهي کي مخفي رکيو تنھن جي دل گنهگار آهي، توهان جيڪي ڪيو ٿا خدا ان جي ڄاڻ رکي ٿو.“

مؤلف جي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿي ته سموري حقيقت زماني جي شهنشاهه، صاحب قران، عضد الاسلام، فخرالمسلمين، شهاب الملڪ والسلطنت والدين بيت:

آنکہ ايوان کامراني او

برتر از طاق گنبذ خضر است

اهو بادشاهه جنھن جي بزرگي جو سج

جتي پھچي ٿو، اتي روشني اچي ٿي.

جنھن جي ڪامرانيءَ جو ايوان

آسمان کان اتاهون آهي

ان جي خدمت ۾، زماني جا لاڳاپا لاهي، پنھنجي حقيقت حال پيش ڪئي وڃي، جيئن سندس رعيت تان ظلم جو وبال دَفع ٿئي ۽ ملڪ ۾ هر هنڌ عدل انصاف جو واءُ ورڻ لڳي.

جنھن جي سوڀ جو ايوان،

گنبذ خضرا جي محراب کان مٿانھون آهي

ابوالمظفر شهاب الدين محمد، صاحب قران ثاني شاهجھان بادشاه غازي (الله تعاليٰ سندس ملڪ کي قائم ۽ دائم رکي، ۽ سمورن جهانن تي سندس ڀلائي، عدل ۽ احسان جو فيض جاري رکي)

شهي کہ صيت جلالش چو رايت خورشيد

بهر طرف کہ رسد آن ديار را بکشاد

اهو بادشاهه جنھن جي جاه جلال جي ڳالھه، سِجَ وانگر جنھن طرف به پھچي، اتان جي شھرن کي خوشحال بنائي ڇڏي.

کان لم يکن بين الحجون الي الصفا

انيس ولم يسمر بمکة سامرٌ

ڄڻ حجون کان صفا جبلن تائين ڪو يار نه هو

۽ ڪو مڪي ۾ رات جو ڪچهري ڪندڙ مليو.

مطلب ته بادشاهت کي نون بنيادن تي بيهارجي، مخلوق جا سندس حوالي آهي، ان تان ظلم کي ختم ڪري، عدل انصاف قائم ڪجي. ان ريت طبيعت جي فيض مان ڪجهه حصو، ۽ اڪابرن جي ڪلام مان چونڊ ڪري پيش ڪجي ٿو. شايد اهي ڳالهيون بادشاه سلامت وٽ منظور ٿين. ان جو نالو ”مظھر شاهجھاني“ رکيو اٿم. اهو ٻن قسمن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي.

جهان خسر وا زير هفت آسمان

طرفدار بنجم (کذا) تــــــوي بيگمان

ستن آسمانن هيٺ جهان جو بادشاه

تون بِنا گمان جي ستاري جو طرف دار آهين

جهان را بفرمان چنديــــــن بِلاد

ستون در تســــــت ذات العماد

جهان تي چند شھرن جي فرمان سان

تنھنجو در سهارو آهــــــي اي ذات العماد

همہ شب کــــــہ مــــــہ، طوف گردون کند

چــــــراغ تــــــرا روغــــــن افــــــزون کند

هر رات جڏهن چنڊ دنيا جو ڦيرو ڪندو آهي

تنھنجي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪندو آهي

همــــــہ روز خورشيد بــــــا تــــــاج زر

بپائين تخــــــت تــــــو بنــــــدد کمــــــر

سدائين سج ســــــوني تــــــاج ســــــان

تنھنجي تخت جي هيٺان سندرو ٻڌندو آهي

ســـــــپــــــارنــــــــــــدۀ بــــــادشــــــــــــاهــــــي بِــــــتــــــــــــو

سپرد از جهان هر چــــــہ خواهي بتو

بادشاهي ڏيندڙ توکي مــــــلڪ ڏنو آهي

ملڪ تنھنجي حوالي آهي، جيئن چاهين ائين ڪر

بدان داد ملکت کــــــہ شاهي کني

چو داور شــــــوي، داد خواهي کني

توکي ملڪ مِليو آهي ته بادشاهي ڪر

قاضي ٿي انصاف ڪرڻ وارو ٿيءُ

نـــــہ بادي کند، بر پَر پشہ زور

نـــــہ پيلي نهد پاي، بر پشت مور

ڪا هوا مڇر تي به حملو نه ڪري

نَه هاٿي ڪِول جي مٿان پير رکي

سپاس از خداوند گيتي پناه

کہ پيش است زين قصہ انصاف شاه

الله جو شڪر ڪر ۽ ان جي پناه گهر

ڇو ته ڳالھه بادشاه جي انصاف جي آهي

با نصاف شہ چشم دارم يکي

کہ بيند درين داستان اندکي

بادشاه جي انصاف سان مون هڪڙي کي ڏٺو

جنھن ۾ ڪيئي داستان ڏسڻ لاءِ ملندا

گر افسانہء بيند از کار، دور

نہ سايہ برو گستراند نہ نور

جيڪڏهن ڳالھه ڪم جي نظر نه اچي ته

ان تي نَه ڇانو ڪجان نَه روشني

و گر بيند از در درو موج موج

سرائنده را سر بر آرد باوج

جيڪڏهن ان ۾ دروازي کان مَستيون ڏِسي

ته شعر ڳائيندڙ، شاعر کي اوج تي پھچائي ڇڏي

نشاط از تو دارد گهر سفتنم

سزاوار تست، آفرين گفتنم

منھنجي هن موتي پوئڻ ۾، اوهان جي ڪري چستي ايندي آهي

اوهان کي جڳائي ته، مون کي آفرين چئو

درين گنج نامہ ز رازِ جهان

کليد بسي گنج کردم نهان

هن گنج نامي ۾ جهان جي رازن مان

گهڻن گنجن جي ڪنجي لڪائي رکندس

کسي کين لکيد رر آرد بدست

طلسمي بسي گنج دادند شِکست

جيڪو دنيا جي چاٻي هٿ ۾ آڻيندو

جادو جا گنج هن جي هٿان شڪست ڏسندا(1)

ڪتاب جو نالو: هن ڪتاب جا ٻه نالا نظر اچن ٿا. ٻئي حصي ۾ جتي مؤلف پنھنجي بيماريءَ جو ذڪر ڪري ٿو، اتي ڪتاب جو نالو ”مظھر التدبير“ ملي ٿو:

الحمدلِله والمنہۡ کہ بمقتضيٰ اين بيت:

الٰهـــــــــــي تـــــــــــو برنيتم آگهـــــــــــي

چونيت بخير اســـــــــــت خيرم دِهي

اي خدا تون منھنجي نيت کان واقف آهين

جيئن نيت نيڪ آهي، تيئن خير جي نوازش ڪجانءِ.

مظھر التدبير، جو نسخو تڪميل تي پهتو، آءُ اميد رکان ٿو ته امير عادل شاهجھان بادشاهه... ان تي عنايت جي نظر ڌريندو (ص 162).

ڪتاب جي پھرئين حصي ۾ حمد ۽ نعت کان پوءِ مھاڳ ۾ ان جو نالو ”مظھر شاهجھاني“ لکيل آهي:

”بنا بر آن، پاره اي از فيض طبيعت

و برخي از کلام اکابر جمع کرد،.....

و نام نهاد او را ’مظھر شاه جهاني‘

و بد و قسم و يک خاتمہ تمام کرد“

ڪجهه پنھنجي طبيعت جي فيض مان ۽ ڪجهه اڪابرن جي ڪلام مان جمع ڪري هن ڪتاب جو نالو ”مظھر شاهجھاني“ رکيو ويو، جيڪو ٻن حصن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل آهي.

ڪتاب جي ان قلمي نسخي ۾ جنھن جي بنياد تي هي متن تيار ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو خود مؤلف جي پنھنجي ملڪيت هو، تنھن جي مٿين عبارت ۾ ”مظھر“ کان پوءِ وارو لفظ ڊاهي، ان جي مٿان ساڳيءَ صورتخطيءَ ۾ ”شاهجھاني“ لکيل آهي. ڊاٿل لفظ ”تدبير“ پڙهي سگهجي ٿو. ان موجب اندازو اهو آهي ته شروعات ۾ ڪتاب جو نالو ”مظھر التدبير“ رکيو ويو هوندو، ۽ پوءِ شاهي نالي جي نسبت سان پويون لفظ بدلائي ان کي ”مظھر شاهجھاني“ جو نالو ڏنو ويو. ڪتاب جي مھاڳ ۾ ته اهو نالو ڊاٿو ويو پر ان جي ٻئي حصي واي متن ۾ ساڳيو پھريون نالو ”مظھر التدبير“ باقي رهجي ويو.

تاليف جو سال: مؤلف ڪتاب لکڻ جو ارادو (جيئن اڳ بيان ٿي چڪو)، سال 1038هه جي پڇاڙيءَ ۾ ڪري چڪو هو. ليڪن ڪتاب لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي وئي، تنھن بابت ڪٿي به ڪو اشارو نه ٿو ملي. البته متن ۾ ڪجهه جاين تي واقعات جي ضمن اندر (1044هه) جو حوالو ڏنل آهي.(1)

اهڙي ريت ڪتاب جي خاتمي تي به تاليف جي تڪميل جو سال ساڳيو 1044هه دهرايل آهي.

”وقد تم الکتاب بعون الملک الوهاب يوم سبت وقت الظهر في تسع عشر من شھر محرم الحرام سنة الف و اربع و اربعين من الهجرة النبويہ عليہ افضل الصلواة والتحياة، موفق بسنة السابع من الجلوس الشهنشاهي خلد الله ملکہ و بقائه و ثبت عدلہ و انصافہ.“

هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته 19 محرم 1044هه تي ٽپھريءَ مهل هي ڪتاب لکجي پورو ٿيو، ليڪن متن جي درمياني عبارتن کي هن عبارت سان ملائڻ کان پوءِ اهو خيال ڪرڻ درست نه آهي ته، ڪتاب جي تاليف انھيءَ سال جي پھرئين مھيني ۾ ٿي هوندي. ڇا لاءِ ته 814 صفحن کي صرف 19 ڏينھن جي اندر لکي پورو ڪرڻ بلڪل ناممڪن آهي. قياس ڪيو وڃي ٿو ته مؤلف 1039هه کان پوءِ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هوندو ۽ مڪمل ٿيڻ تي جڏهن 1044هه ۾ مسودو تيار ٿيو هوندو ته، انھيءَ وقت منجهس اهڙن واقعن جو واڌارو ڪيو هوندائين، جن جو تعلق ان سال سان هو. هي اهو ئي سال آهي، جڏهن سندس وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا، جهونا ڳڙهه ۾ حڪومت جو نائب هو.

ڪتاب جا ماخذ: ڪتاب جي پھرئين حصي کي ڏسي اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته مؤلف ”سياست نامه“ يا انھيءَ قسم جي ٻين ڪتابن کي آڏو رکي اهو حصو تاليف ڪيو هوندو. فرصت نه هئڻ ڪري انھيءَ حصي کي ٻين ڪتابن سان ڀيٽڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، نه ته اهو معلوم ڪرڻ مشڪل نه هو ته ڪتاب جي پھرئين حصي جي تاليف لاءِ مؤلف جا ڪھڙا ماخذ هئا. ڪتاب جو ٻيو حصو جيئن ته مؤلف جي دور ۽ اکين ڏٺل حالتن توڙي واقعن تي مشتمل آهي، ان ڪري انھيءَ لاءِ ڪنھن ٻئي ڪتاب تان مدد وٺڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. البته مؤلف بکر ۽ سبيءَ واري باب ۾ مير معصوم بکريءَ جي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ تان ڪجهه استفادو ڪيو آهي، جنھن کي نظر ۾ رکي متن اندر مير معصوم جي ان ڪتاب جي صفحن جا حوالا ڏئي ظاهر ڪيو ويو آهي.

شاه جهان ۽ ڪتاب: هن ڪتاب يا ڪنھن ٻئي ذريعي سان اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته، يوسف ميرڪ پنھنجو هي ڪتاب شاهي حضور ۾ پيش ڪري سگهيو هو يا نه. يعني هن جي پنھنجن لفظن ۾ هي ڪتاب ”بادشاهه جي نظر مان“ نڪتو ۽هن جي اها آس ته:

با نصاف شہ، چشم دارم يکي

کہ بيند درين داستان اندکي

مون کي اميد آهي ته بادشاه سلامت

هي داستان ضرور نظر مان ڪڍندو.

ڪتاب لکڻ جي مراد پوري ٿي به يا نه؟ اندازو آهي ته جيئن ته هي ڪتاب مرزا احمد بيگ جي ظلمن ۽ جبر استبداد جي داستان بابت هو ۽ اهو احمد بيگ نورجھان جو ڀائٽيو، شاهجھان جي بيگم ارجمند بانو ”ممتاز محل“ جو سڳو سؤٽ هو، ۽ هن جي چاچي مرزا ابوالحسن يمين الدوله آصف خان جي نيابت ۾ خود مؤلف جو وڏو ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان به رهي چڪو هو، تنھن ڪري انھن حالتن جي پيش نظر اها مصلحت ڌيان ۾ رکي، خيريت انھي ۾ سمجهي وئي هوندي ته هي ڪتاب ڪنھن به صورت ۾ مغل شهنشاهه جي حضور ۾ پيش نه ڪيو وڃي. ان ڪري هي ڪتاب مؤلف وٽ ئي رهجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو ڪتاب نه ته مشهور ٿي سگهيو، نه وري ان جا نقل ٿيا، ۽ نه ئي ان جو ڪٿي ذڪر اچي سگهيو. ڪتاب جو مسودو مؤلف وٽ محفوظ رهيو. پڇاڙيءَ ۾ هن (جيئن ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن کي خبر پوندي)، اهو مسودو پنھنجي ڀائٽئي مير ضياءُ الدين يوسف کي ڏئي ڇڏيو. انھيءَ وچ ۾ ڪتاب جي تاليف کي اٺ سال ٿي چڪا هئا. هي ڪتاب مؤلف جي خاندان ۾ ئي رهيو، ان جو فقط هڪڙو نقل ٿيو، جو گهڻو ڪري انھيءَ ئي خاندان جي ڪنھن فرد جي ملڪيت معلوم ٿئي ٿو. بهرحال، اصل ڪتاب ۽ ان جو هي نقل اتفاق سان زماني جي حادثن کان بچندو، اڄ تائين محفوظ رهندو آيو ۽ ڪنھن نه ڪنھن نموني اسان جي دور تائين پھچي ويو.

ڪتاب جون خاصيتون: ايران هجي توڙي خراسان، عرب هجي توڙي عجم، سنڌ هجي يا هند، مشرق ۾ جتي به گذريل زماني ۾ جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، اهي گهڻو ڪري شاهن، شهزادن، وزيرن توڙي اميرن جي ساراهه سان ڀريون پيون آهن. يعني انھن جو مرڪزي نقطو ڪنھن نه ڪنھن شخصيت تي مبني هو، ۽ سڀئي واقعا انھيءَ نقطي جي چوڌاري گردش ڪندا ٿي رهيا. جنگ جا داستان، بھادريءَ جا افسانا، ملڪ گيريءَ جا قصا، سخا ۽ عدل انصاف جون حڪايتون، موافق جي تعريف، مخالف جي مذمت وغيرهه اهي ئي اسان وٽ تاريخ نويسيءَ جا اسلوب پي رهيا آهن. اسان جي تاريخن ۾ واقعن ۽ شخصيتن کي مصلحتن ۽ عاقبت انديشين جي پيش نظر لحافن ۽ غلافن ۾ ويڙهي اهڙي ريت بيان ڪيو ويو آهي، جو نه ته ڪا حقيقي شخصيت ظاهر ٿئي ٿي، نه ان جا اصل ڪردار سامهون اچن ٿا، ۽ نه وري واقعات پنھنجي صحيح شڪل صورت ۾ اجاگر ٿين ٿا. ملڪ جي حالتن، معاشي ۽ اقتصادي صورت حال توڙي عوام جي طرز زندگي کي ڪڏهن به تاريخ نويسيءَ جي دائري اندر ڌيان ۾ آڻڻ لائق نه سمجهيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو مشرق جي ڪنھن تاريخ پڙهڻ کان پوءِ مطالعي ڪرڻ وارو ان دور جي صحيح صورت حال کان واقف ٿيڻ بدران شخصن ۽ فردن جي ڪوڙي ڪردار ۽ فرضي واقعن جي چڪر ۾ اڙجي ٿو وڃي. انھيءَ حالت ۾ تاريخ جا ڪي اهڙا فرد اسان وٽ اهميت حاصل ڪري ويا آهن، جيڪي حقيقت ۾ پنھنجي افعالن توڙي عملن جي لحاظ کان نه ڪنھن احترام جي لائق هئا، نه وري کين تحسين جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ان ڪري ڪيئي واقعا محض تاريخ دانن جي مصلحت بينيءَ يا غلط بيانيءَ سبب هروڀرو اسان جي آڏو تاريخ جي شاهه راهه تي سنگ ميل جي حيثيت اختيار ڪري ويا. بلڪ اهي اسان جي لاءِ تاريخي طور عقيدا بنجي چڪا آهن، جيڪي پنھنجي اصليت جي اعتبار کان هرگز انھي لائق نه هئا. اهو سڀ ڪُجهه صرف ان ڪري ٿيندو رهيو ته مشرقي تاريخون شخصي حڪمرانن جي سرڪاري ڪارخانن ۾ جڙنديون رهيون، ۽ بادشاهن لاءِ لکيون ويون، جنھن ۾ اميرن جو وڏو دخل هو. پوءِ انھن کي شهزادن پنھنجي نالي معنون ڪرڻ جو رواج وڌو. جيڪڏهن ڪن ماڻھن انھيءَ روش کان هٽي، ڪڏهن ڪا تاريخ لکي به ته شخصي حڪومت جي ڪرڙيءَ نظر جي تيزيءَ ۽ تلخيءَ ان کي مصلحت ۽ عافيت جو دامن وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جا ڪيئي پهلو گهڻو ڪري مسخ ٿي ويا. انھن ۾ سچ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪيئي هفت خوان طئه ڪرڻ کان پوءِ به مشڪل سان ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي. انھي قسم جي ڪھڙي به تاريخ جي منڍ کان پڇاڙي تائين ورق گرداني ڪئي ويندي ته ظل الله جي بارگاهه کان وٺي يمين السلطنت ۽ امير الامراءِ جي ايوان تائين طواف ڪرڻو ئي پوندو. ناجائز ملڪ گيريءَ جي هوس ڪاريءَ ۾ جنگ ۽ قتل جا جيڪي به ميدان سنواريا ويا، انھن جو قهري نظارو اڃا تائين اڳيان ڦرندو رهي ٿو. پيءُ جو لاش، ڀائرن جون سسيون، پٽن جا ڳچ تلوارن جو بک ٿيندي پيا پسجن، ليڪن باشندن جي اصلي تصوير ۽ صحيح حالتن تي اهڙا لوهي پردا پيل پيا ڏسجن، جو ڪنھن به طرح سرڪاري ايوانن جي هن پار جي ڪا به جهلڪ نظر نه ٿي اچي.

سنڌ جون تاريخون به تاريخ نويسيءَ جي انھي عام نگارش واري اصلوب مطابق لکيون ويون. ”چچ نامي“ کان وٺي ”لب تاريخ سنڌ“ تائين سڀني جو اهو ئي حال آهي. انھيءَ لحاظ کان يوسف ميرڪ جي هن ڪتاب ”مظھر شاهجھاني“ جو وجود نه صرف غنيمت ڀانئجي ٿو، پر سندس تاليف کي تاريخ نويسيءَ جي تاريخ ۾ هڪ حادثي يا اتفاق جي حيثيت ۾ به شمار ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هن ۾ سنڌ جي تاريخ جي اهڙن گوشن ۽ لڪل پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي، جيڪي تاريخ جي صحيح تعريف ۾ اچي وڃن ٿا. مؤلف جيئن ته خاص ڪري هڪ مغل حاڪم جي ظالماڻي طرز عمل کان بيزار ٿي هي ڪتاب لکيو آهي، ان ڪري ڪتاب ۾ هن اهڙا واقعا آڻي ڇڏيا آهن، جيڪي ملڪ جي اندروني، سياسي ۽ انتظامي صورت حال جي نقاب ڪشائي ڪن ٿا. انھن واقعن جي پڙهڻ سان ان دور جي سنڌ جون صحيح حالتون ۽ سنڌ تي مغل شاهيءَ وارو نقشو چٽيءَ ريت اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. مؤلف مغل حاڪمن ۽ جاگيردارن جا سڀ پار پتا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ انھن جا ڪھڙا ذاتي مشغلا هئا، ۽ ڪيتري حد تائين منجهن ملڪ داريءَ جي اهليت هئي، هو عقلمند هئا يا مورڳوئي بي وقوف، ظالم هئا يا نيڪ دل، انھن سڀني معاملن کي ذري پرزي بيان ڪيو ويو آهي.

اهي سڀ سنڌ جي تاريخ جا اهڙا لڪل گوشا آهن، جيڪي ڪنھن به ٻئي ذريعي سان اسان جي علم ۾ نه ٿي اچي سگهيا. سياسي، انتظامي توڙي ملڪي واقعن کان علاوهه هن ڪتاب سان اسان کي جغرافيائي ۽ اقتصادي حالتن بابت به تفصيلي احوال ملي ٿو. ان سان گڏ پوک جي نمونن، زمينن جي مختلف خصوصيتن، زمينداري ۽ جاگيرداري جي طريقن، فصل، بٽئي، ڍل، محصول، ماپ تور جي اصولن ۽ وزنن وغيرهه بابت پڻ نھايت ڪارآمد ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، جيڪي هن ۾ قلمبند ٿيل آهن. شھر، ڳوٺ، ڍنڍون، پهاڙ، ننڍا وڏا رستا، درياءَ، گس، ۽ اچ وڃ جي وسيلن جا تفصيل به ڪتاب ۾ هر هنڌ موجود آهن. سنڌ جا قبيلا ۽ انھن جي رهڻي ڪهڻي تي به مؤلف ڪافي ڪجهه لکيو آهي. هو اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي ڪھڙن علائقن ۾ ڪھڙا قبيلا رهن ٿا، سندن گذر بسر ڪھڙو آهي ۽ هنن جون مشغوليون ڪھڙيون آهن، انھن مان ڪھڙا چڱا ۽ ڪھڙا اڍنگا آهن. غرض ته مؤلف اهڙي ڪا به ڳالھه نظرانداز نه ڪئي آهي، جيڪا ذڪر لائق هجي. هن سڀني حالتن ۽ واقعن جو جزئيات جي حد تائين جائزو ورتو آهي. ايتري قدر جو روزمرهه جي معمولي ڳالهين کي به ڪتاب ۾ درج ڪري ڇڏيو اٿائين. ان ڪري هن ڪتاب جي ذريعي اسان وٽ نه فقط تاريخي مواد جي فراهمي ٿي وئي آهي. بلڪ خود مؤلف بابت به اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيڏو ذهين هو، جو ڪا به شئي سندس مشاهدي ۽ ذهني گرفت کان بچي نه سگهي. پڙهندڙ جڏهن ڪتاب ختم ڪري ٿو ته کيس ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ته هو پاڻ به مؤلف سان گڏ ان دور جي سنڌ جو سير ڪري رهيو آهي، ۽ ڪتاب جا سمورا واقعا توڙي سموريون حالتون هن پنھنجي اکين سان ڏٺيون آهن.

خود مؤلف جي پنھنجي شخصيت ڪتاب ۾ ان بلند مناري وانگر اڀريل ۽ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو راتين جي اونداهين ۾ ڀٽڪيل جهازن کي پنھنجي روشنيءَ سان سڌي دڳ لائي ڇڏي ٿو. هن جو سڄو خاندان جيتوڻيڪ مغل حڪومت جو پاليل نپايل هو، ۽ سنڌ سان پڻ انھيءَ خاندان جو مستقل ۽ گهرو تعلق رهندو پي آيو: ان ڪري انھي نسبت ۽ وطني رشتي جي آڌار تي جيڪي حق مؤلف تي عائد ٿيا پي، تن کي هن هڪ محب وطن وانگي چڱي طرح ادا ڪيو آهي. پنھنجي لکڻي ۾ هو بي قرار به آهي ته ڇرڪ به ڀرڻ لڳي ٿو ۽ روحاني اذيت به محسوس ڪري ٿو. هو جڏهن حڪومت جي نا اهل ۽ ظالم ڪارندن طرفان پياري وطن ۽ ان جي رهاڪن تي ناحق ظلم ٿيندي ڏسي ٿو ته، کيس هن سرزمين جي هر شئي سان دلي لاڳاپو ۽ اُنس پيدا ٿئي ٿو. هو هتان جي هر شئي کي پنھنجي شئي ڪري سمجهي ٿو. ان ڪري ڄڻ پنھنجي ذاتي ملڪيت کي تباهين ۽ ٻين جي ناجائز تصرف کان بچائڻ لاءِ سينو تاڻي ميدان تي لهي پوي ٿو.

احمد بيگ جڏهن سيوهڻ مان ملتان بدلي ٿي وڃي ٿو ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي. اهو خيال لاهي ته هي ڪتاب شاهجھان بادشاهه جي حضور ۾ پيش ڪرڻو آهي، هندستان جي ملڪه (راڻي) جي سڳي سئوٽ، ۽ مملڪت جي وزير جي ڀائٽئي بابت صاف لفظن ۾ لکي ٿو ڇڏي ته، احمد بيگ کي بجاءِ هن جي ته پنھنجي عملن جي ڪا سزا ڏني وڃي ها، کيس ملتان جھڙي زرخيز علائقي جو والي بنايو ويو، جيڪو سنڌ کان وڌيڪ ورسيل آهي!

”سواي تغير اين ملک، اثري برو مترتب نگرديد،

بلکـہ اثر رحمت بظھور رسيد، کہ از تغير،

سيهوان صاحب صوبہ ملتان شد کہ جاي عمده است.“

ان سان گڏ لکي ٿو ته سنڌ جو مظلوم پنھنجي داد رسي لاءِ ڪھڙي ريت شاهي درٻار تائين پھچي سگهي ٿو. جڏهن ته ملتان ان جي رستي ۾ اچي ٿو، جتي احمد بيگ جو حڪم ٿو هلي! هو بادشاهه کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو ته

”جيڪڏهن احمد بيگ جي عملن جي تحقيق ڪرائي وڃي ها، ۽ شرعي حڪم موجب سندس ظلمن جو بدلو مظلومن طرفان ورتو وڃي ها، ۽ جيڪي ناحق خون کانئس ٿيندا رهيا تن جو حساب پڻ شاهي عدالت ذريعي وٽانئس ڇڪايو وڃي ها، ته ڪو به جاگيردار هن کان پوءِ ملڪ جي ويرانيءَ تي آماده نه ٿئي ها، پر ٻين ملڪن جا جاگيردار پڻ ظلم کان پاسو ڪري، سهڻي نموني سنئين راهه هلڻ جي ڪن ها“ (ص 178).

هڪ موقعي تي جوش ۾ اچي لکي ٿو ته،

”ملڪ جي ٻيڙي ان ڪري سير تي آئي، جو هيءُ نامرادن، ظالمن، ۽ بيڪسن جو ملڪ ٿي ويو!“

يوسف ميرڪ جيتوڻيڪ بعض واقعا مصلحت جي ٻيڻن غلافن ۾ ويڙهي بيان هيٺ آندا آهن، ته به سندس دل جو ڌڙڪو ۽ هن جي ذهني اذيت صاف ظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

مظلوميت جي داستان کان علاوهه هن ڪتاب ۾ سڀ کان اهم شئي سيوهڻ جي تاريخ آهي. ايتري حد تائين جو ايڏي تفصيل سان سيوهڻ جي تاريخ هن ڪتاب کان سواءِ ڪٿي به نه ٿي ملي. ڪجهه تاريخن ۾ ٺٽي ۽ بکر جي حالتن يا انھن علائقن ۾ مغل دور جي حاڪمن جي فهرست ته موجود آهي، پر سيوهڻ جي جاگيردارن جا نالا صرف هن ڪتاب جي ذريعي اسان جي سامهون اچن ٿا. هيءَ اها ئي تاريخ آهي، جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته ارغون ۽ ترخاني عهد ۾ سنڌ اندر ڇهه سرڪار (سرڪاريون) هيون، يعني: بکر، سيوهڻ، نصرپور، چاچڪان، ٺٽو ۽ چاڪر هالا. هر هڪ سرڪار ۾ ڪيئي پرڳڻا پڻ ڄاڻايا ويا آهن. مؤلف هر پرڳڻي جو نالو ڏئي، ان جي زرعي ۽ معاشي حالتن جو تفصيل لکيو آهي. ان سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته هر پرڳڻي ۾ ڪھڙيون قومون ۽ قبيلا آباد آهن. ترخانن جي فوجي تعداد جي ڄاڻ به پھريون دفعو هن ڪتاب مان پئي آهي. اتان ئي اها ڳالھه به ظاهر ٿئي ٿي ته اڪبر بادشاهه سنڌ هٿ ڪرڻ کان پوءِ لاهري بندر سان گڏ بکر ۽ سيوهڻ جي سرڪار پاڻ لاءِ مخصوص ڪري، باقي سنڌ مرزا جاني بيگ کي جاگير طور ڏئي ڇڏي هئي. هي ڪتاب هونءَ ته مغل حڪومت جي انتظام ۽ نگرانيءَ تي آئيني مثال آهي، پر منجهس ارغون ۽ ترخان دور جي انتظامي جهلڪ به ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿي.

سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هن ڪتاب کان وڌيڪ آڳاٽو، اهم، صحيح ۽ راز درون پردن کي واشگاف ڪرڻ وارو ڪتاب ڪنھن به مؤرخ ڪو نه لکيو. جيڪڏهن مير معصوم کان وٺي مير علي شير قانع تائين جا مؤرخ مصلحت ڪوشيءَ کي ڇڏي، يوسف ميرڪ وانگي خدا لڳ سچ چوڻ جي سگهه سارين ها ته، سنڌ جي گذريل تاريخ پنھنجي اصلي روپ ۾ اسان جي اڳيان پڌري ٿئي ها.


(1) ورقن جو هي شمار ان نسخي تي مدار رکي ٿو، جيڪو مصنف جي ملڪيت هو. اسان ان جي بنياد تي متن تيار ڪيو آهي.

(1)   مائرالامراءِ، ج 1، ص 195، ۽ ڪتاب جو متن، ص 104.

(1)  ڪتاب جو متن، ص 158.

(1)  نورجھان جي پيءُ، ماءُ ۽ احمد بيگ جو نسب نامو مقدمي سان ملحق آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مغل سلطنت جي بادشاهن، شهزادن توڙي اميرن جو هن خاندان سان ڪھڙو رشتو هو، ۽ انهيءَ رشتيداريءَ جي ڪري هن گهراڻي ڪيئن سڄي هندستان کي پنھنجي وڪڙ ۾ آندو هو ۽ ڪيئن سرطان جي بيماريءَ وانگي اهو هتان جي سياسي ڍانچي ۾ وِرُ ڪري چڪو هو.

(1)  مرزا ابوالحسن آصف خان.

(2)  ٻارهين ربيع الاول جي رات 1039هه، شاهجھان، ابوالبقا جي بدليءَ جو فرمان جاري ڪيو (”بادشاهه نامه“ ج 1، ص 287).

(1)  ربيع الثاني 1039هه جي پڇاڙي يا جمادي الاول جي وچ ڌاري يوسف ميرڪ ٺٽي پهتو هوندو.

(1)  ص 3-5، قسم اول کي اسان في الحال نه ٿا ڇپيون، ان ڪري هتي پوري عبارت ڏيڻ مناسب سمجهي وئي.

(1)  ڏسو متن، ص 5- ص 58- ص 163.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org