|
(29)
ديندار خان
(متعلق، ص 164، ح 2)
هن جو اصل نالو سيد بهووه هو، مرتضى خان بخاريءَ
جي عزيزن سان تعلق ٿي رکيائين. 18 سال جلوس
جھانگيري ڌاري دهلي جو حاڪم ٿيو. پوءِ جڏهن مهابت
خان گستاخي جو مرتڪب ٿيو ۽ سلطنت جي نافرماني
ڪيائين ته هن کي ان جي پٺيان ويل فوج سان شامل ڪيو
ويو. اهي اجمير پھچي هڪ ٻئي سان دوبدو ٿيا. انھيءَ
وچ ۾ جھانگير جو انتقال ٿيو ۽ شاهجھان انھي مھم کي
سر ڪرڻ لاءِ ويو. هي پھرئين سال جلوس شاهجھاني
ڌاري ٻه هزاري منصب ٻارهن سؤ سوارن ۽ ديندار خان
جي لقب سان سرفراز ٿيو. کيس خلعت، جڙائو خنجر ۽
گهوڙو عنايت ڪري دوآبي جي فوجداريءَ تي رکيو ويو.
اٺين سال جلوس ڌاري شاهجھان لاهور کان آگري جي
دارالخلافـﮧ ڏانھن اُسهيو ۽ اسلام خان کي هڪ فوج
سان گڏي دوآبي جي وڳوڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ روانو
ڪيائين. ديندار خان به ان جي همراهي ۾ اوڏانھن
ويو. ان کان پوءِ ساڳئي سال شهزادي محمد اورنگزيب
بھادر سان گڏ جڏهن هو ججهار سنگهه بنديلي سان منھن
ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو ته هن کي به ان مھم تي مقرر
ڪيو ويو. ٿوري عرصي کان پوءِ (1045هه) وفات ڪيائين
(ماثر الامراء، جلد 2، ص 23-24).
ذخيرة الخوانين، جي مؤلف لکيو آهي: هي شاهجھان جي
دور ۾ ديندار جي خطاب سان سرفراز ٿيو. کيس سيوهڻ
سرڪار جاگير طور ڏني وئي. اتي چڱا ڏينھن
گذاريائين. هر مھيني هڪ بزرگ جو عرس پي ڪيائين،
جنھن ۾ ديڳيون جام پي چڙهيون. نماز، روزي، اشراق،
اضحى ۽ تهجد ڏانھن گهڻو مائل هو. خيرات به گهڻي ٿي
ڪيائين. مرتضى خان کي ياد ڪري سدائين پيو روئندو
هو. پنھنجي پٽ تي شيخ فريد نالو رکيو هئائين، جيڪو
قطب الاقطاب ميران سيد جلال ولد ميران سيد محمد
بخاري گجراتي جو ناٺي هو. ديندار خان جو جھڙو نالو
هو اهڙا ئي اوصاف هئس. هي طبعي موت مري ويو هو.
قلندر جي درگاهه ۽ شيخ ڇٽي امراڻي جي مزار تي هن
جيڪي ڪتبا لڳرايا هئا، انھن مان معلوم ٿئي ٿو ته
هي سال 40-41-42-1043هه تائين سيوهڻ ۾ هو.
(30)
جان نثار خان
(متعلق، ص 169، ح 1)
ڪمال الدين حسين نالي، جان نثار خان جنيري،
شاهجھان جي شهزادگي واري زماني ۾ سندس چڱن
خدمتگارن مان مزاج شناس وفادار ۽ فداڪار ملازم هو.
ٽئين سال جلوس شاهجھاني ڌاري ديانت خان جي انتقال
کان پوءِ هي احمد نگر جو قلعي دار مقرر ٿيو. کيس
چاليهه هزار روپيا راه خرچ جي مدد طور مليا. چوٿين
سال جلوس شاهجھاني ڌاري هن کي پنج سـؤ منصب ۽ پنج
سـؤ سوارن سان سرفراز ڪري، مکي جهنگل جو فوجدار
مامور ڪيو ويو. ان کان پوءِ هي سيوهڻ جو فوجدار
مقرر ٿي آيو. يارهين سال جلوس ڌاري جڏهن شاهي فوجن
قنڌار واري قلعي تي چڙهائي ڪئي، ۽ اوسي پاسي جا
صوبيدار توڙي فوجدار پنھنجي سپاهه سميت مدد طور
اوڏانھن وڃي پهتا ته، جان نثار خان به پنھنجي
علائقي مان اوڏانھن ويو ۽ پنھنجون خدمتون ان مھم
سر ڪرڻ لاءِ سرانجام ڏنائين. جان نثار خان، قنڌار
جي صوبيدار قليچ خان جي همراهيءَ ۾ قلعي تي
چڙهائيءَ دوران ڏاڍي سورهيائي ڏيکاري چڪو هو. سال
ٻارهين جلوس ڌاري سندس منصب ۾ پنجن سون سوارن جو
اضافو ڪري کيس سيوهڻ کان بکر موڪليو ويو، جتي يوسف
محمد خان جي بدلي سبب پنھنجي عهدي تي فائز ٿيو، ان
سال ئي سندس رحلت ٿي.
ذخيرة الخوانين ۾ لکيل آهي: جان نثار خان جڏهن
سيوهڻ جو حاڪم هو ته اتان جي وڏيرن سميجن ۽ سوڍن
مان ڪيئي ڇوڪريون پنھنجي نڪاح ۾ آنديون هئائين.
تنھن ڪري سندس عملداريءَ وڌيڪ جٽاءُ ڪيو ۽ ڪو به
گوڙ وڳوڙ پيدا نه ٿيو. جڏهن مري ويو ته وڏيرن مان
هرڪو پنھنجي ڌيءَ کي پنھنجي پنھنجي گهر وٺي ويو.
شايد اهي واقعا بکر سان تعلق رکندا هجن، جا سيوهڻ
جي سرحد سان لڳ آهي. اهو گمان ان ڪري پيدا ٿئي ٿو
ته هن جي وفات سيوهڻ ۾ نه ٿي هئي.
(ماثر الامراء، ج1، ص 527- 529)
ضميمو/ضميما
ايم.ايڇ.پنھور
• پيش لفظ
i،
الف،
انتظامي يونٽ
ii،
ب، جاگرافيائي ڏسڻي
• نوٽ ۽ درستگي
•
حرف آخر
تاريخ مظھر شاهجھاني
(پيش لفظ)
مظھر شاهجھاني،
سنڌ جي سترهين صديءَ واري شروعاتي دور جو جھڙوڪر
هڪ گزيٽيئر آهي، جنھن ۾ انتظامي سرڪارون (سرڪاريون)،
پرڳڻا، شھر، ڳوٺ، رستا، قبيلا، فصلن جا قسم،
محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا هڪ ٻئي سان
لاڳاپا وغيرهه بيان ڪيل آهن. پر اها معلومات ترتيب
وار ڏنل نه آهي، خاص ڪري جاگرافيائي ماڳ ۽ نالا ته
گهڻن هنڌن ۽ بابن ۾ منجهائيندڙ آهن. اها کوٽ محسوس
ڪندي
”سنڌي
ادبي بورڊ“
مون تي انھيءَ دور جي جاگرافيائي ڏسڻي مرتب ڪرڻ جو
ڪم رکيو، پر مون خيال ڪيو ته هن باري ۾ رڳو
جاگرافيائي ڏسڻي ڪارائتي نه ٿيندي، ان ڪري اهو ڪم
ٻن حصن ۾ ورهائڻو پيو:
الف - انتظامي يونٽ.
ب - شھرن ۽ ڳوٺن جي نالن جي جاگرافيائي
ڏسڻي.
پھرئين
حصي ۾ شاهجھان جي دور ۾، سنڌ جي انتظامي بندوبست
تي لکيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئين حصي ۾ ڪجهه
مشهور شھرن، ڳوٺن ۽ قبيلن جا نالا ڏنا ويا آهن.
اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته جاگيرداري نظام جي اوائلي
دور ۾ قبيلا سماج جو هڪ اهم حصو هئا. انھيءَ اهميت
جي ڪري مختلف قبيلا جدا جدا پرڳڻن ۾ رهندا هئا.
اهي
ڪجهه
انتظامي يونٽن سرڪار (سرڪارين): صوبي
”ٺٽي“،
”سيوهڻ“
۽
”بکر“
سرڪار هيٺ ڏيکاريا ويا آهن. تنھن زماني ۾ سبيءَ کي
سرڪار جي نه پر هڪ پرڳڻي جي حيثيت حاصل هئي ۽ اهو
پرڳڻو بکر جي تابع هو. پر وري به الڳ حيثيت هئس.
نالن جي جاگرافيائي ڏسڻي واري حصي ۾ اهم شھر، ڳوٺ،
انھن جا اصلي ماڳ، هاڻوڪا نالا ۽ هنڌ بيان ڪيا ويا
آهن. سن 1009هه/1600ع
کان اڳ ڳاها، جوڻيجا ۽ خطي جو اڌ بکر سرڪار جو حصو
هئا. انھن جو
سيوهڻ جي سرڪار سان ڪوبِه
تعلق نه هو. پرڳڻن جي انھيءَ حد بنديءَ جو بنياد
سنڌ ۾ دراصل سمن جي صاحبي دوران پيو هو.
مون جاگرافيائي نالن جي چڪاس جو ڪم اٽڪل ٻارهن
ورهيه اڳ شروع ڪيو هو. انھي جاکوڙ ۾ مون کي ڪافي
حد تائين مقامي ڄاڻ حاصل ٿي آهي. هن ڏس ۾ آءٌ انھن
سڀني دوستن ۽ بزرگن خاص ڪري محترم جي. ايم. سيد ۽
پنھنجي
ماروٽ قمر الدين پنھور
جو ٿورائتو آهيان، جن جي مڪاني ڄاڻ مون لاءِ
مددگار ثابت ٿي.
03 آڪٽوبر 1978ع
ايم. ايڇ. پنھور
حيدرآباد،
سنڌ
الف- سترهين صديءَ ۾ سنڌ جا انتظامي يونٽ
بکر سرڪار - اَٺ پرڳڻا
ٽي سکر واري پاسي ۽ پنج روهڙيءَ جي پاسي
|
سکر وارو پاسو
1- جتوئي پرڳڻو
هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بُڙدي، ڪورائي،
دردشت ۽ لولئي (لورلائي) قبيلا آباد
هئا، جيڪي سڀئي بلوچي نسل جا هئا.
شاهه بيگ سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه
ڪري ڇڏيا هئا(1).
ٻيو قبيلو مھرن جو هو. مھرن جي
موجودگي ڏيکاري ٿي ته انھيءَ علائقي ۾
اوڀارئون جيڪب آباد ضلعو، سکر تعلقو،
گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي جا اولاهان
حصا اچي ٿي ويا. تڏهن درياءَ هاڻوڪي
وهڪري کان الھندي پاسي وهندو هو.
ڪشمور توڙي سکر تعلقن جا حصا ساڄي ڪپ
تي اچي ٿي ويا.
لاکيارن
(لاکيرن)
جو ڳوٺ ساڄي ڪپ تي هوندو هو.
2- چانڊڪا پرڳڻو
بکر سرڪار جو اهو سڀ کان وڏو پرڳڻو هو.
منجهس وسندڙ قبيلا: سميجا، بُڪيا (ٻُگهيا)،
سانگي ۽ ابڙا هئا. ٻيو اهم قبيلو
مهديجي شيخن جو هو. انھيءَ علائقي ۾
ڪافي ٻيلا هئا.
انھن قبيلن کان سواءِ جابلو قبيلا
جھڙوڪ: مگسي، لاشاري، دردشت، ديناري،
رند، ڊومبڪي ۽ بڙدي به رهندا هئا،
جيڪي سڀئي بلوچ سڏائيندا هئا. هنن جو
ڳوٺ مير ابڙي واري واهه جي ڪپ تي هو،
جيڪو سندن ئي کڻايل هو.
منهه ۽ پوپٽي ٻئي ابڙن جا مشهور ڳوٺ
هئا، جيڪي نندي ابڙي ٻڌايا هئا.
3- ٽڪر پرڳڻو
پٽيجي هن پرڳڻي جو مکيه شھر هو. پرڳڻي
۾ وسندڙ قبيلا سميجا، بُڪيا
(ٻگهيا) ۽ لاکيار
(لاکير)
هئا. ٽڪر پرڳڻي جا اهي رهاڪو بلڪل
جاهل هوندا هئا.
|
|
روهڙيءَ
وارو پاسو
1- ماٿيلو پرڳڻو
ماٿيلو مکيه شھر هو، جنھن ۾ هڪ پراڻو
قلعو هو. هن پرڳڻي ۾ مھرن ۽ ڌاريجن جا
قبيلا رهندا هئا. اهي قبيلا هڪ صديءَ
کان انھي علائقي ۾ رهندا ٿي آيا. اهي
شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون سان وڙهيا
هئا، پوءِ وري ترخانن سان به وڙهيا.
سترهين صديءَ جا ٻيا مشهور شھر
اُٻاوڙو، گنجابو ۽ لانگاهن جي رپڙي
هئا، جيڪي سڀئي مير ابوالقاسم جي
جاگير ۾ اچي ٿي ويا.
2- اَروڙ پرڳڻو
هتي قديم
دور جو
قلعو موجود هو. شاهه بيگ ارغون قديم
قلعي کي ڊهرائي بکر جي قلعي جي تعمير
ڪرائي. هي پرڳڻو ڌاريجن سان تعلق رکي
ٿو. هن علائقي ۾ پنھور به رهن ٿا.
انھن وٽ اُٺن جا وَڳ آهن. اهي اٺ ڀاڙي
تي جيسلمير، ملتان ۽ قنڌار تائين وڃن
ٿا.
3- لڌو گاگن (فتح پور؟) پرڳڻو
هن ۾ گهوٽڪي ۽ ماٿيلي جو وارياسو حصو
اچي ٿي ويو.
4- ڪاڪڙي پرڳڻو
ڪنب، ديجر (ديجار؟)، بحيرهه (بُڇيري)
اهي شھر اتر نواب شاهه ۽ ڏکڻ خيرپور
ضلعن ۾ هوندا هئا، اتي مڱڻيجن جا
قبيلا رهندا هئا.
5- درٻيلو پرڳڻو
هن پرڳڻي ۾ درٻيلو ۽ ڪاڪڙي مشهور شھر
هئا. هي پرڳڻو درياءَ جي ٻئي ڪپ تي
چانڊڪا پرڳڻي جي سامهون هوندو هو. اهي
ٽيئي علائقا چانڊڪا، درٻيلو ۽ ڪاڪڙي،
مير معصوم جي جاگير ۾ اچي ٿي ويا. هتي
سهتا، راڄپر ۽ بهڻ قبيلا رهندا هئا. |
سبي پرڳڻو
سبي پرڳڻو جيتوڻيڪ سنڌ صوبي جو حصو هو، ۽
بکر
سرڪار جي تابع هو پر مٿس الڳ عملدار مقرر ڪيل هو.
ان ڪري هن پرڳڻي کي ٻين سرڪارن کان الڳ حيثيت ڏني
وئي آهي. هن ۾ هاڻوڪا سبي ۽ ڪڇي ضلعا اچي ٿي ويا.
1. سبيءَ
۾ ڪانگلومريٽ
(Conglomerate)
پٿرن مان ٺهيل هڪ قلعو هوندو هو. اهو قلعو هينئر موجود ته ناهي پر اتي پيل پٿرن ۽ مٽيءَ جي مٿاهين
دڙي مان ڊٺل قلعي جي چوديواري جا ڪي نشان ملن ٿا.
2. انھيءَ
زماني ۾ بولان نئن پڻ وهندي هئي، جنھن جي پاڻيءَ ۾ زهريلو مادو هوندو هو، ان جي پيئڻ سان ماڻھو بيمار ٿي پوندا هئا،
بعضي مري به ويندا هئا. پر اڪبر بادشاهه جي دور ۾
انھيءَ نئن پنھنجو وهڪرو ڪن هنڌن تان بدلائي ڇڏيو
۽ زهريلي پاڻي جا ذريعا پري رهجي ويا. اڄ به انھي
پراڻي نئن جي پيٽ جا نشان، سبي ۽ ڍاڍر جي وچ ۾ ڏسي
سگهجن ٿا.
3. بولان
نئن پنجاهه ميل ڏکڻ ۾ ساراواڻ جي زمينن کي سيراب ڪندي هئي ۽ بچيل پاڻي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. بولان جو اهو وهڪرو
1932ع ۾ ايف پي بند ٻڌڻ تائين قائم رهيو. ان کان
پوءِ به بولان نئن جو پاڻي وقت بوقت منڇر ڍنڍ
تائين پھچندو رهي ٿو.
4. سبيءَ
جي ڀرسان ڇٽ
(ڇتر؟)
۽ ڪهيرين جا ڳوٺ آباد هئا، جتي
ڪپهه جو ڊگهي جنس وارو فصل ٿيندو هو. ليکڪ جي چوڻ
پٽاندر انھي فصل جي ٻوٽي جي ڊگهائي سان ٻٻر جو وڻ
به مقابلو نه ٿي ڪري سگهيو سا ڳالھه غلط آهي.
5. گنڌاواهه
جو شھر سبي پرڳڻي ۾ هو.
گنڌاواهه
جي ڀرسان گرم پاڻيءَ جو
چشمو آهي، اهو چشمو سترهين صديءَ ۾ به هوندو هو.
6. گنڌا
واهه جون ڀر واريون زمينون موزاهه يا موج واهه مان آباد ٿينديون هيون. اهو واهه (ڪوهه سليمان) جبلن جي مٿئين حصي مان
نڪرندو هو. اڄ به اتي ساڳئي نموني جا واهڙ موجود
آهن، جيڪي اولهه وارن جبلن جو پاڻي کنيو اچن ٿا.
گنڌا واهه ۾ رهندڙ قبيلا لاشاري، مگسي، رند ۽
ديناري هئا.
7. بارڪان (بارکان)
جو شھر بکر، سيتپور ۽ سبيءَ جي وچ تي هوندو هو. بارڪان، لورالائي جي اوڀر ۾ آهي. تنھن زماني ۾ بارڪان جو شھر ڀلن
گهوڙن جي ڪري مشهور هوندو هو، جيڪي عراقي نسل جي
گهوڙن کان گهٽ نه هوندا هئا. انھي خصوصيت سيتپور
کي ديري غازي خان ضلعي جو هڪ اهم شھر بنائي ڇڏيو.
مختصر عرصي ۾ اهو شھر تمام گهڻو وڌيو ۽ ويجهيو. پر
شايد سنڌو درياءَ جي کاڌ جي ڪري جلد ئي پنھنجي
اهميت وڃائي ڇڏيائين.
8. بولان
نئن جي وهڪري واري احوال مان سُڌِ پوي ٿي ته اها نئن سبي ۽ پاٽ جي وچ ۾، يا پاٽ جي ڏکڻ تائين ٻن سَوَن ميلن جي ڊيگهه ۾
وهندي هئي ۽ درياءَ ۾ وڃي ڇوڙ ٿي ڪيائين. ليکڪ جي
اندازي پٽاندر سبيءَ جي ريگستان جي ويڪر هڪ سؤ
چاليهه ميل ذري گهٽ درست آهي، ڇو جو اهو ريگستان
اتر کان ڏکڻ تائين جبلن کان هاڻوڪي جيڪب آباد شھر
تائين ڦهليل آهي.
9. آراڙي
هڪ ٻيو ڳوٺ هو جو بولان نئن جي ڪپ تي هو.
10. سمن
جي صاحبي کان وٺي سبي پرڳڻو سنڌ جو حصو هو. ارغونن پڻ ان کي فتح ڪيو هو، پر پوءِ پٺاڻن جي هڪ قبيلي (پني) وري
ارغونن کان ان کي هٿ ڪيو، جن کان ابوالقاسم نمڪين
1003هه/1594ع ڌاري فتح ڪيو. سن 1740ع تائين اهو
پرڳڻو سنڌ جو حصو رهيو. پر پوءِ نادر شاهه ايراني
اهو پرڳڻو قلات جي خان کي منتقل ڪري ڏنو.
ٺٽو صوبو - چار سرڪارون
(سرڪاريون)
ٽي ٺٽي جي طرف، هڪ درياءَ جي اوڀر ۾
مغل دور ۾ ٺٽو صوبو هو، جنھن ۾ چار ڊويزنز (سرڪار)
هيون، انھن مان ٽي ٺٽي جي طرف، ۽ هڪ درياءَ جي
اوڀر ۾ هئي، ۽ اهي مختلف پرڳڻ ۾ ورهايل هيون.
|
ٺٽي جي طرف
1. ٺٽو سرڪار
هن سرڪار ۾ ڪيهر ۽ نڪامرهه (نڱامڙهه)،
ٻه اهڙا قبيلا هئا، جن مان حاڪمن کي
انديشو رهندو هو. ٻنهي قبيلن کي ترخان
حاڪمن مطيع ڪيو. جھانگير جي دور ۾
نڱامره ۽ ڪيهر ڏنگايون ڪندا رهيا، پر
ٺٽي جي عملدارن انھن کي اٽڪل بازيءَ
سان پي هلايو. قبيلن جي اڪثريت امن
پسند هئي ۽ حاڪمن سان سهڪار ڪندڙ هئي.
2. چاچڪان سرڪار
هن سرڪار جي رعيت غريب ۽ سنئين سڌي
آهي، مينڌرا (منڌار) سرڪش هئا. ترخانن
جي دور کان سندن اها ريت رهي. بعد ۾
مير ابوالبقا ۽ مظفر خان معموريءَ جي
دور ۾، انھن کي سيکت ڏئي قابو ڪيو
ويو. البت نصرپور سرڪار سان تعلق
رکندڙ سوڍا ۽ سميجا دل، چاچڪان سرڪار
جي حدن ۾ داخل ٿي مسئلا پيدا ڪندا
هئا.
3. نصرپور سرڪار
هن سرڪار ۾ رهندڙ ڪجهه قبيلا:
سميجا کيبر، سميجا ساند، سميجا
جوڻيجا، سميجا ڪيريا، ۽ سميجا دل
’مظھر شاهجھاني‘
لکجڻ واري عرصي ۾ حڪومت مخالف هئا.
انھن مان سميجا دل وڌيڪ اڙانگا آهن.
اهي سرڪاري ڍَلَ به نه ٿا ڏين!
|
|
درياهه جي اوڀر ۾
4. چاڪر هالا سرڪار
هي سرڪار جابلو پٽن تي مشتمل آهي.
جابلو ماڻھو ڏاڍا سرڪش آهن. هتي شورا،
سميجا دل ۽ ٻٻر ٻروچ آهن. اهي حد کان
وڌيڪ حرڪتي ۽ فسادي آهن. پليجا،
ڪوريجا، لنجار ۽ ناريجا به هن سرڪار ۾
رهن ٿا. اهي حڪومت جا فرمانبدار آهن.
ٺٽي جي حاڪم خسرو بيگ جو وڏو پٽ رستم،
شورن، دلن ۽ ٻٻرن هٿان قتل ٿي ويو.
بعد ۾ خسرو بيگ انھن جو پيڇو ڪيو، پر
هن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو. |
|
سيوهڻ سرڪار - يارهن پرڳڻا |
|
اٺ سيوهڻ (قلعي) جي پاسي
1 - باغبان پرڳڻو
هي وڏو پرڳڻو آهي، هن ۾ چار ذاتيون
رهن ٿيون، ملڪ، پنھور، ابڙا ۽ سميجا.
هن پرڳڻي ۾ جوڻيجا، پريا، بُڪيا
(ٻگهيا) رهن ٿا. هي قبيلا پر امن رهن
ٿا. حاڪمن لاءِ مسئلا پيدا نه ٿا ڪن.
سرڪاري ڍل به ڀرين ٿا. هن پرڳڻي ۾
ٿيٻا به رهن ٿا. اهي سخت جان آهن. ڍل
نه ٿا ڏين ۽ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪن
ٿا. اهي ڇني، پٽيجي ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ رهن
ٿا. پٽيجي ڳوٺ جو تعلق بکر سرڪار سان
آهي. هن پرڳڻي ۾ چانڊين ۽ ٿيٻن جي
اڪثريت آهي. اهي وڳوڙي آهن. ان ڪري
ٿاڻا قائم ڪرڻ به مشڪل آهي. سمن جي
دور ۾ باغبان پرڳڻو گهڻو آباد هو، ۽
وڏي پيدائش ڏيندو هو.
2 - پاٽ پرڳڻو
هن پرڳڻي ۾ خَواجه اڪثريت ۾ رهن ٿا.
اهي سرڪار دوست آهن، ۽ هميشه لاءِ
جاگيردار جي دلاسي جا محتاج آهن.
3 - نيرون قلعو پرڳڻو
اڳ ۾ هن ڳوٺ کي واهي سڏيو ويندو هو.
هتي جبلن مان ڪاريز نڪري ٿي. ڪاريز ۾
ايندڙ پاڻي چئن واهن (واهي) ۾ ايندو
آهي، جن تي پوکي راهي ٿئي ٿي. شروع ۾
اتي ماڇي رهندا هئا ۽ ڍل نه ٿي
ڏنائون. بختيار ترڪمان ماڇين کي
ڊوڙايو. ڳوٺ جو نالو واهي ختم ڪري
اڪبر آباد رکيائين. چار ئي واهيون
پنھورن کي ورهائي ڏنائين. پنھور سرڪار
سان سهڪاري آهن. احمد بيگ جي دور ۾ هي
پرڳڻو ويران ٿي ويو.
4 - ڳاها پرڳڻو
هي هڪ وڏو پرڳڻو آهي. هتي ڪجهه قومون
هن ريت رهن ٿيون. هن پرڳڻي ۾ پنھور
رهن ٿا، جي پاڻ کي قريشي سڏائين ٿا.
ڪوريجا، سميجا بُڪيا (ٻگهيا)، سميجا
ٿيٻا، راهه پوٽا (سميجن جي قوم مان
آهن)، بهڻ، سادات ۽ شيخ. هن پرڳڻي ۾
سميجن ۽ پنھورن جي اڪثريت رهي ٿي. اهي
فرمان بردار آهن ۽ ڍل ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه
ٿا ڪن. احمد بيگ جي ظلمن سبب هي پرڳڻو
ويران ٿي ويو آهي. خاص ڪري ٽڪر وارا
ڳوٺ بلڪل ختم آهن.
5 - بوبڪ پرڳڻو
هن ڳوٺ ۾ بوبڪ رهن ٿا، ۽ پنھنجو تعلق
خلجي قوم سان ملائين ٿا. مخدوم جفعر
جي اولاد مان اڄ به ڪجهه ماڻھو بوبڪن
۾ رهن ٿا. سميجا دل، سميجا بُڪيا
(ٻگهيا)، خواجه يعني نوان مسلمان،
ڀچا، انھن جو تعلق به سميجن سان آهي،
پنھور ۽ هندو، هن پرڳڻي جي رعيت غريب
آهي، ۽ حاڪم جا ظلم برداشت ڪندي ٿي
رهي. پرڳڻي جي ويراني ان ڪري ٿي آهي،
جو هتي چغل خوري گهڻي آهي.
6 - سيوهڻ حويلي پرڳڻو
هتي جي رعيت بي حد غريب ۽ نادار آهي،
ڪڏهن به ڪاوڙ جو اظھار نه ٿا ڪن.
7 - پرڳڻو نيرون
ڪنھن زماني ۾ هن جو نالو منڇر (ڍنڍ)
هو. هتي پوکي راهي نه ٿيندي آهي. هتي
جي رعيت غريب ملاحن جي آهي. هنن جو
گذران پکين ۽ مڇيءَ تي آهي، جي هن ڍنڍ
۾ وڏي مقدار ۾ موجود آهن، هنن ماڻھن
زمين تي پير نه رکيو آهي. اهي منڇر ۾
ئي پنھنجين ٻيڙين ۾ رهن ٿا. سياري ۾
ڪروڙن ۾ پرديسي پکي اچن ٿا. انھن جو
شڪار گهڻو ٿيندو آهي. هي ڍنڍ ڪوهن ۾
آهي. هن ڍنڍ ۾ سورهن وڏا ڳوٺ آهن.
8 - سن پرڳڻو
هي وڏو پرڳڻو آهي، جنھن ۾ ڪيئي ذاتيون
۽ قبيلا رهن ٿا. سادات، لاکا، ڪوريجا،
اهي سرڪار جا سهڪاري آهن. ڇڇر،
مانجهند، کماڻ ۽ ڳاهيجا. هي سرڪش
قبيلا آهن، پر ٿوري گهڻي سرڪاري
تنبيهه تي خاموش ٿي وڃن ٿا.
هتي سيدن جا چار ڳوٺ آهن. لڪيءَ وارا
نِج سيد آهن ۽ ٻين ساداتن سان سڱابندي
نه ٿا ڪن. لڪيءَ جا سادات ڪجهه حالتن
جي ڪري ٽڙي پکڙي ويا هئا، پر پوءِ
ابوالقاسم نمڪين انھن کي ڳولي وري
پنھنجن ماڳن تي آباد ڪيو. مختلف قبيلن
جي ويڙهه ڪري، هي پرڳڻو ويران ٿيندو
ٿي رهيو.
|
|
ٽي درياءَ جي اوڀر ۾
1 - جوڻيجا پرڳڻو
هي وڏو پرڳڻو آهي. ان ۾ ڪوريجا، پنھور
۽ شيخ رهن ٿا. اهي فرمان بردار قبيلا
آهن. سميجا بُڪيا (ٻگهيا) نافرمان
آهن. سندن تعلق سميجن انڙن سان رهي
ٿو. مير ابوالبقا سيوهڻ جو جاگيردار
ٿي آيو، تڏهن حڪومت مخالفن قبيلن کي
سيکت ڏنائين.
ڪوريجا ۽ پنھور حڪومت جا سهڪاري رهيا،
ان هوندي به هي پرڳڻو سميجن انڙن جي
اثر هيٺ آهي. هن پرڳڻي ۾ ڦاڙهي، هرڻ ۽
روجهه جو گهڻو شڪار ٿئي ٿو. هتي ريل
نالي هڪ ڍنڍ آهي، جتي آڙي پکي وڏي
تعداد ۾ اچي ٿو. انھن پکين جو شڪار
ٿئي ٿو. پوپري مڇي به ڍنڍ ۾ گهڻي
ٿيندي آهي.
2 - خِطو پرڳڻو
هن پرڳڻي ۾ يارهن قبيلا: هالي پوٽا،
شيخ، سميجا اوٺا، سميجا پريا، سميجا
بُڪيا (ٻگهيا)، راهوجا، ڪوريجا، ترڪ،
ڏيٿا، پلي ۽ لاکا رهن ٿا. هي سڀ قبيلا
پرامن آهن، ۽ حاڪمن جا وفادار آهن.
البت هن پرڳڻي ۾ ڏاهري به رهن ٿا. اهي
بلڪل بي چيا ۽ چپيٽ لائق آهن.
3 - لاکاٽ پرڳڻو
شاهجھان جي دور ۾ هن پرڳڻي ۾ ٻَه تپا
هئا. هڪ سميجن انڙن جو، ۽ ٻيو لاکن
جو. هي ٻئي قبيلا هڪ ٻئي جا مخالف رهن
ٿا.
لاکاٽ جي وسندي اڄ به قاضي احمد شھر
جي ڏکڻ ۾ قائم آهي، جتي جتوئي رهن ٿا.
آس پاس ۾ لاکا ۽ انڙ به آباد آهن. |
ب- جاگرافيائي ڏسڻي
(1)
اگهم: چاچڪان پرڳڻي جو هي شھر
سترهين صدي ۾ اگهاماڻي سڏبو هو. اهو شھر ستين صدي
عيسوي ۾ راءِ، ۽ برهمڻ گهراڻن جي
زماني ۾ به موجود هو. هي حيدرآباد جي ڏکڻ ۾،
اڻٽيھه ميل پري ماتلي تعلقي ۾ آهي، جتي هاڻي ٿوري
آبادي رهي ٿي. ان کي اڄ به اگهاماڻي سڏين ٿا. شاهه
بيگ ارغون 930هه/1524ع ۾ هتي فوت ٿيو هو. مير علي
شير قانع جي لکت موجب اهو شھر ارڙهين صديءَ ڌاري
به موجود هو. هن وقت هڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ آهي (1).
(2)
اروڙ يا الور: سنڌ جي گادي جو
اڳوڻو هنڌ جو گهڻو ڪري موسيڪئنس
(Musicanus)
جي گاديءَ
جو ماڳ پڻ هو، جنھن کي سڪندر
اعظم 325 ق.م ڌاري شڪست ڏني هئي ۽ هن شھر تي قبضو
ڪيو هئائين. ان وقت کان شھر جي چوڌاري هڪ قلعو هو
پر شاهه بيگ ارغون 1524ع ۾ بکر جي نئين قلعي اڏائڻ
لاءِ اهو پراڻو قلعو ڊهرائي ڇڏيو. هي قديمي شھر اڄ
ڪلهه ننڍي واهڻ جي حالت ۾ موجود آهي. منجهس مغلن
جي جوڙايل مسجد به ڏٺي وڃي ٿي. ڀانئجي ٿو ته هي
شھر يارهين صدي ڌاري درياءَ جي وهڪري بدلائڻ ڪري
ڦٽي ويو هو. اهو شھر روهڙيءَ کان پنج ميل پرتي ڏکڻ
کان ڏکڻ-اوڀر پاسي ٽيھن درجن جي ڪنڊ تي آهي.
سترهين صدي ۾ ان کي بکر سرڪار جو هڪ پرڳڻو ليکيو
ٿي ويو (2).
(3)
انون ٻيلو: هي ٻيلو سيوهڻ
پرڳڻي ۾ هو، هن ۾ سرمي ۽ ٽامي جون کاڻيون هونديون
هيون.
(4)
امرڪوٽ: تاريخ طاهري، ۾ اهو
نالو امرڪوٽ ڄاڻايل آهي پر،
تاريخ مظھر شاهجھانيءَ
۾ اهو نالو ڪو نه ٿو ملي. ترخان نامي، ۾ اهو
عمرڪوٽ لکيل آهي. ساڳيءَ ريت معصومي به عمرڪوٽ
لکيو آهي. جيئن ته هن مسودي جو مواد پوري دور سان
واسطو رکي ٿو، تنھن ڪري پڪ ناهي ته پراڻن متنن
(ڪتابن) ۾ اهو لفظ
”ع“ سان اچاريل آهي يا
”الف“ سان؟ (3)
(5)
آراضي: پنھورن جو هي ڳوٺ اڪبر
آباد جي ڀرسان نيرون ڪوٽ پرڳڻي ۾ هو.
(6)
ابڙيجا: هي ڳوٺ هالا ڪنڊيءَ جي
ڀرسان هو ۽ اڃا تائين هالن لڳ موجود آهي.
(7)
اُردبيل: سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو، پر
اڄ ڪلهه موجود ناهي.
(8)
آراڙي: ڳاهن واري پرڳڻي ۾
سيوهڻ کان ٻٽيھه ميل ۽ جبلن کان ٻاويھه ميل پرتي
هڪ وستي هوندي هئي.
(9)
عزيزاڻي: سيوهڻ کان ٽيھه ميل ۽
جبلن کان سورهن ميل پرتي هڪ ڳوٺ هو.
(10)
آمري: احمد بيگ هتي هڪ قلعو اڏايو هو. اهو ڳوٺ ليکڪ جي زماني ۾ ڦٽي ويو هو.
(11)
بوبڪ: هي شھر اڃا سوڌو موجود آهي. هيٺاهين هنڌ هئڻ ڪري هر سال ٻوڏ ۾ اچي ٿي ويو، جنھن ڪري ماڻھو پنھنجي چوپائي مال
سميت جبلن ڏانھن لڏي ويندا هئا. انھيءَ لڏپلاڻ ۾
هڪ ڀيري نومڙيا کانئن ساڍا 4 هزار چوپايو مال ڦري
ويا هئا. انگريزن جڏهن منڇر ڍنڍ تي بند ٻڌرايو
تڏهن شھر جو ٻوڏ کان بچاءُ ٿيو.
بوبڪ پرڳڻي جون زمينون،
درياءَ
جي اٿل تي آباد ٿينديون هيون.
ڇاڪاڻ ته بوبڪ جو پرڳڻو درياءَ سان دنگئي هو. هتي
هر سال ٻوڏ اچڻ جي ڪري ماڻھو پنھنجو چوپايو مال ڪاهي
الھندي پاسي جبلن ڏانھن هليا ويندا هئا.
(12)
باغبان: اڃا تائين ڏسجي پيو. ان لاءِ لکيل آهي ته هي سيوهڻ کان ٻاويھه ڪوهه پري هو، حقيقت ۾ اهو فاصلو
چوٽيھه ميل هئڻ کپي.
(13)
باجارا: سيوهڻ پرڳڻي جي اولاهين حصي ۾ سيوهڻ ۽ جبلن کان يارهن ميل اورتي هڪ ڳوٺ انھي نالي سان آباد هو.
اڄ به هي ماڳ موجود آهي.
(14)
ڀِٽڙو: سيوهڻ شھر جي اتر ۾،
سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.
(15)
ٻيلي شيخ ممون:
درياءَ
جي کاٻي ڪپ تي پر سيوهڻ پرڳڻي ۾ هوندي هئي.
(16)
داديجي واهه: نار ڳوٺ جي ڀرسان بوبڪ پرڳڻي ۾ هڪ وستي هئي.
(17)
نارنگ: قلعي جي صورت ۾ شايد بوبڪ پرڳڻي ۾ هو. ان ڏانھن نار کان رستو ٿي ويو.
(18)
دولت آباد: شايد سنڌو
درياءَ
جي کاٻي ڪپ
تي
ليڪن سيوهڻ پرڳڻي ۾
هڪ ڳوٺ هو.
(19)
ديهه ڳوٺ: سنڌو
درياءَ
جي کاٻي ڪپ تي پر سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.
(20)
گرنگ: درٻيلي پرڳڻي ۾، درٻيلي شھر جي اتر ۾ هو، شايد گڙنگ نالو هجيس.
(21)
جيسلمير جون ڀٽون:
نواب شاهه ۽ سانگهڙ ضلعن جي اوڀر واري ريگستان کي جيسلمير جون ڀٽون سڏيو ويندو هو. ڏکڻ ۾ وري
اهو ريگستان عمرڪوٽ جي ڀٽن نالي مشهور هو.
(22)
جسروت: اهو ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي ۾ هوندو هو. هن وقت موجود ناهي.
(23)
جهانگارا: سيوهڻ پرڳڻي جي الھندي ڀاڱي ۾ سيوهڻ کان ڇهه ميل ۽ جبلن کان ڏهه ميل اورتي هوندو هو. هن
وقت سيوهڻ جي اولهه ۾ ڏهه ميل کن اورتي آهي.
(24)
جندائي: نصرپور کان ڏهه ٻارهن ميل پرتي هڪ ڳوٺ هوندو هو. اهو ڳوٺ ارڙهين صدي ۾ ٻڏي ويل ٿو ڏسجي.
(25)
جوڻيجا: خطي پرڳڻي ۾
درياءَ
جي کاٻي ڪپ تي سيوهڻ کان ٽيھن ميلن تي هڪ ڳوٺ هوندو هو.
(26)
جهيجا يا بوهري جهيجا: انھن جو ڳوٺ نصرپور پرڳڻي ۾ هوندو هو، جنھن کي اڄ ڪلهه اڏيرو لال سڏيو وڃي ٿو.
بوهري به هن وقت بوهريون مشهور آهي جو اڏيري لال
جي ڀرسان پيو ٻڌجي. هتي مرزا جاني بيگ هڪ قلعو
اڏايو هو. هي اهو ئي هنڌ آهي جتي اڪبر بادشاهه جي
فوجن خان خانان ۽ خان زمان (شاهه قاسم خان، مرزا
جاني بيگ جي سپهه سالار) جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي (4).
(27)
ڪڇي: سيوهڻ کان نارنگ ڏانھن ويندڙ رستي تي سيوهڻ کان ڏهه ميل پري سيوهڻ ۽ نار جي وچ تي نيرون ڪوٽ
پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
(28)
ڪاڪي جو ڳوٺ: سنڌو
درياءَ
جي ساڄي ڪپ تي سيوهڻ شھر جي ڀرسان ۽ سيوهڻ پرڳڻي ۾ هڪ پتڻ هو، جنھن ۾ هڪ ننڍو قلعو به
بيان ڪيو وڃي ٿو.
(29)
ڪانڀو جبل: سيوهڻ پرڳڻي ۾ ڪارچٽ (کارڇٽ) جي ڀرسان هوندو هو.
(30)
کروتي: ڳاهن جي پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ جنھن جو هينئر ڪو نالو نشان ڪو نه آهي.
(31)
ڪائي ۽ نئيگ جا چشما: جبلن ۾ سيوهڻ کان اٺاويھه ميل پري هئا ۽ هاڻي به موجود آهن، پر ٻه ميل کن
پرتي ٿيندا. سرهه ۽ گڊ اڃا سوڌو جابلو چشمن تي موجود آهن. نوحاڻي بلوچ ان وقت کان وٺي ان پاسي
رهندا اچن ٿا. اڄ به پپر ۽ ڄمونءَ جا وڻ اتي موجود
آهن.
(32)
کجي: هي ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي جي اولهه ۾ سيوهڻ شھر ۽ جبلن کان ڏهه ميل پري انھي نالي سان مشهور هو.
(33)
ڪائي
ماجوبي: سيوهڻ کان چار ميل اولهه تي ۽ لڪي جبلن جي قطار کان ٻه ميل پري، سيوهڻ ۽ ڀڳي ٽوڙهي جي وچ ۾ پراڻي لڪي،
سيوهڻ روڊ تي هڪ ڳوٺ هو. ممڪن آهي، هتان پراڻو
رستو درياءَ کان پار ٿي جبلن ۾ وڃي پوي ٿو، سو اهو
ئي هنڌ هجي. هي ڳوٺ سمن
(سميجن)
تباهه ڪري ڇڏيو هو پر وري سيد جلال ان کي نئين سرآباد ڪيو ۽
مٿس ڪمال پور نالو رکيائين. هينئر ان ڳوٺ جو نالو
نشان ڪونهي.
(34)
کٻڙوٽ: سيوهڻ پرڳڻي ۾ سيوهڻ شھر جي اتر ۾ هو.
(35)
لاکاٽ: هن نالي هڪ ڳوٺ لاکاٽ پرڳڻي ۾ درياءَ جي کاٻي ڪپ تي هوندو هو، جتي شير خواجا هڪ قلعو جوڙايو هو. اهو ڳوٺ
سيوهڻ کان سورهن ميل پرتي ۽ ٽلٽي کان ڇهن ميلن جي
فاصلي تي هو. انھي نالي واري ديهه اڄ به موجود
آهي.
(36)
لنجار: سنڌو
درياءَ
جي کاٻي ڪپ تي پر
سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.
(37)
لڪي: هي ڳوٺ اڳ آباد هو پوءِ ويران ٿي ويو. هتي پاڻي جا چشما هئا، جتي هندو زالين مردين اگهاڙا ٿي وهنجندا هئا.
مرزا جاني بيگ سندن اوگهڙ ڏسڻ لاءِ هتي هڪ حجرو
ٺھرايو هو، جنھن ۾ ٽي ڄڻا ويهي اهو نظارو ڪري ٿي
سگهيا. هن وقت انھيءَ هنڌ تي هڪ مسجد آهي. چون ٿا ته جبلن ۾ ڇهه ميل پري حضرت هارون نبيءَ جي قبر
هئي پر ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. اهو ڳوٺ هن
پرڳڻي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.
(38)
مَنديجي/مَديجي:
سيوهڻ کان ٻه ميل پري جبلن ۾ هڪ
لنگهه هو.
(39)
مھري:
اڄ ڪلهه
انھيءَ شھر جي ڪا خبر نه
ٿي پوي. اهو سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.
(40)
مها ڍنڍ: گهڻو ڪري اها جاکپاري ڍنڍ هئي، جنھن مان مارئي نالي هڪ واهه نڪري مارئي ديهه ڏانھن ٿي ويو.
اهي دادو تعلقي ۾ ابراهيم ڪڇي ۽ پياري ڳوٺ ريلوي
اسٽيشن جي وچ تي آهن. مارئي هڪ ميل جي فاصلي تي
آهي. جاکپاري، مارئي کان ٽي ميل پرتي ٿيندي. اهي
مڙئي باغبان پرڳڻي ۾ هئا.
(41)
منڇر ڍنڍ: سترهين صديءَ
۾ کٻڙوٽ، (سکپور) سانڪپور ۽
ڀوتڙو جي وچ تي هوندي
هئي. ان جي پکيڙ مٿس بند ٻڌڻ کان اڳ وڏي هوندي
هئي.
سترهين صدي ۾ مغل گورنر هر سال منڇر ڍنڍ جي مڇيءَ جو نيلام ڪندا
هئا. اهو رواج اڄ سوڌو هلندو پيو اچي.
(42)
نوحاڻي بلوچ: بوبڪ پرڳڻي ۾ سيوهڻ کان اَٺاويھه ميل پري اولهه تي ٻن چشمن ڪائي ۽ نئيگ تي رهندا هئا، جيڪي اڄ به
موجود آهن. انھيءَ هنڌ اڃا تائين پپر ۽ ڄمون جا وڻ بيٺل آهن.
(43)
نار: بوبڪ پرڳڻي ۾ پير گاج جي ڀرسان قلعي جي گهيري ۾ هڪ ڳوٺ هو. قلعي جي ڀِت شهمير خان جوڙائي هئي.
اهو ڳوٺ جبلن جي هنج ۾ گاج جي ڪپ تي سيوهڻ کان
چوڏهن ميل پرتي هو.
(44)
نيرون قلعو ۽ پرڳڻو: قلعو سيوهڻ کان پنجاهه ميل پري سڌو جبلن ۾ هو. جبلن جي پڇاڙي کان پرڳڻو شروع پي ٿيو، جنھن
۾ منڇر ڍنڍ اچي ٿي وئي ۽ سيوهڻ کان ٻه ميل پري
پرڳڻو پورو ٿيو ٿي. اهو پرڳڻو ڳاهن جي پرڳڻي بوبڪ
۽ سيوهڻ حويلي جي پرڳڻن ۾ گهيريل هو. انھيءَ زماني ۾ اهو پرڳڻو پنھورن سان آباد هو.
(45)
نار ڳوٺ: سيوهڻ کان سورهن ميلن تي ۽ جبلن کان اَٺ ميل پري هوندو هو. اهو ڳوٺ گدرن جي ڪري مشهور هو. هتي پاڻي چار ميل
پري کان جبلن منجهان ايندو هو، جنھن تي پنجويھه
ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. آري شنيهاڻي
(شينهاري)
جو قبو انھيءَ ڳوٺ کان هڪ ميل جي پنڌ تي آهي. اهو
ڳوٺ نئن ناري ڀوري ۽ نئيگ جي ڀرسان هوندو هو. ٽيئي
نيون نار جي زمين ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، جن ۾ نئن گاج
جو پاڻي به اچي پوندو هو. اهو ڳوٺ نيرون پرڳڻي ۾
هو.
(46)
نيهه بدرا (نئن بدرا): سترهين صديءَ ۾ هي ڳوٺ بکر سرڪار ۾ نئن جي ڀرسان هوندو هو پر هاڻي ان جو ڪو
نالو نشان ڪونهي. اهو ڳوٺ پڪ سان ٻڏي ويل ٿو ڏسجي.
ٻوڏ جي زماني ۾ پَٽ يا ڪچي جي زمين جي ايراضيءَ ۾
سترهين صدي وانگي اڄ به گدرا جام ٿيندا آهن. اهي
گدرا اڪبر بادشاهه ڏانھن به اُماڻيا ويندا هئا، جو
انھن جو ڏاڍو شوقين هوندو هو.
(47)
پوٺو:
پنھورن
جو ڳوٺ جيڪو نيرون ڪوٽ پرڳڻي
۾، اڪبر آباد جي ڀرسان آباد هو.
(48)
پير توفن جي مزار: سترهين صديءَ
۾ سيوهڻ کان
ٻاهر باجارن جي ڀرسان هڪ مشهور جاءِ هئي.
(49)
هڪ قلعو: ڦلجي تعلقي جوهي ۾ هوندو هو، جو محمود بارتڪاڻي ارغون جوڙايو هو. ان وقت کان اهو باغبان
پرڳڻي ۾ هو.
(50)
پاهڻي ڪوٽ: سيوهڻ کان ڇويھه ميل ۽ جبلن کان سورهن ميل اورتي بوبڪ پرڳڻي ۾ هوندو هو.
(51)
سنڌو
يا انڊس:
اڄ ڪلهه
اسان هن کي سنڌو ندي يا انڊس سڏيون ٿا، جنھن جون پنج ڀرتي ڪندڙ نديون آهن پر
سترهين صدي ۾ هن کي ست درياهو سڏبو هو. ان مان
ظاهر ٿئي ٿو ته اهو نالو مکيه درياءَ تي پنجاب جي
پنجن ندين جي ميلاپ کان پوءِ پيو. مکيه درياءَ کي
انھيءَ زماني ۾ به مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو.
ان سلسلي ۾ ست درياهو نالو وڌيڪ موزون لڳي ٿو.
ڇاڪاڻ ته ڪابل ندي به سنڌو نديءَ جي ڀرتي ڪندڙ
ندين مان هئي پر کيس اها اهميت نه ڏني وئي آهي.
انھن ستن درياهن کان مراد ڪابل، جهلم، چناب، راوي،
بياس، ستلج ۽ خود سنڌو ندي آهن، جيڪي هيٺئين
سنڌوءَ کي ڀرتي ڪندڙ آهن.
سترهين صدي ۾ سنڌو ندي جو پيٽ سڌو سيوهڻ جي قلعي ڏانھن اتر ڏکڻ جي سڌائي ۾ هو. قلعي جي ڀرسان ڀڳي ٺوڙهي جبل پاسي
ڏکڻ اوڀر ڏانھن هڪ سوڙهو موڙ هو. راورٽي ۽ ليمبرڪ
جي چوڻ پٽاندر درياءَ جو پيٽ سيوهڻ کان او ڀر طرف
پنج ست ميل پرتي هو. هي راءِ درست نه آهي.
(52)
سيتپور ناهران:
درياءَ
جي ساڄي ڪپ تي شايد ديري غازي خان ضلعي ۾ هڪ شھر هو، جتي درياءَ تي پتڻ به هو. سترهين
صديءَ ۾ سکر به آباد هو پر بکر ۽ روهڙيءَ جيتري مشهوري نه ملي هيس. سکر جي ڀرسان سنڌو ندي جون ٻه شاخون هيون. سکر
واري پاسي ڏانھن جنھن ۾ سياري جو پاڻي لهي ويندو
هو، پاڻيءَ جي سطح فقط هڪ ٻه فوٽ
وڃي رهندي هئي. گذريل ٽي سؤ پنجاهه ورهين جي عرصي
۾ درياءَ جو پيٽ کاڌ جي ڪري چڱو ويڪرو ٿي ويو آهي.
(53)
سيڪڙجي: نيرون پرڳڻي ۾ عيسى
پنھور
جو ڳوٺ هو جتي ٽي سؤ گهوڙي
سوار ۽ ٽي هزار پيادا سپاهي رهندا هئا.
(54)
صفئه صفا: سترهين صديءَ
۾
بکر سرڪار جي روهڙي شھر جي ڀرسان
هو. اهو
”ستين جي آستان“ نالي سان مشهور آهي. ان
جو احوال ڪزنس
”The
Antiquities of Sind“
۾ ڏنو آهي. هتي مير ابوالقاسم نمڪين ۽ سندس خاندان
جون قبرون موجود آهن.
(55)
شاهه ڳڙهه: نصرپور پرڳڻي ۾ قلعي وارو شھر هو، جنھن جو ذڪر بيگلارنامي ۾ ملي ٿو. هتي ابوالقاسم جو هيڊ
ڪئارٽر هو، جنھن تي 1591ع ڌاري خان خانان جي فوجن
چڙهائي دوران گهيرو ڪيو هو. سنڌ ۾ ان کي اَبل جو
ڪوٽ سڏيندا آهن. هيءَ نصرپور کان ست ميل پرتي اوڀر
پاسي آهي. ان جي ڀرسان لوهاري نالي هڪ ننڍو قلعو
ٻڌجي ٿو(5).
(56)
ساڌ ٻيلو: سترهين صديءَ
۾ بکر کان هڪ ميل پري اولهه ڏکڻ ڏانھن پندرهن درجن تي هڪ ننڍو ٻيٽ هو. اتر ۾ زندهه پير، اوڀر
۾ روهڙي، اولهه ۾ سکر، ۽ بکر جي ڏکڻ ۾ ٽيھن درجن
تي اروڙ جو شھر هو.
ساڌ ٻيلو ٻيٽ جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي. ٻيٽ جو ڪجهه حصو جنھن جو گهيرو هڪ ميل هو، ٻوڏ جي ڏينھن ۾ درياءَ اندر اچي ٿي ويو. ان
ڪري ڪيتريون ٻيڙيون ٻيٽ سان لڳي تباهه ٿي وينديون
هيون. مير معصوم درياءَ جو اهو حصو پٿرن سان ڀرائي
مٿائنس سائو قبو جوڙايو ۽ سيتا سر نالو رکيائينس.
ليکڪ ساڌ ٻيلي جي مندر جو ذڪر نه ڪيو آهي جو هندن جو ڌرمي
آسٿان آهي، پر اتي وڃڻ جو ذڪر ڪيو اٿس. ممڪن آهي ته ساڌ ٻيلو هندن جي عقيدي
پٽاندر پاڻيءَ جو ڪو ديوتا هجي. هن وقت ساڌ ٻيلي
جو گهيرو ميل کان به گهٽ ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته مير
معصوم سائي گنبذ وارو مندر هندن لاءِ جوڙايو هجي.
ساڌ ٻيلي جي سامهون ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پاڻي جي جهاز جي شڪل تي هڪ مسجد هئي، جنھن مان هڪ ڏاڪڻ درياءَ تائين ٿي
وئي، جتي نمازي وضو ساريندا هئا. روهڙي ۽ سکر جا
ماڻھو عيد جي موقعي تي انھيءَ هنڌ ايندا هئا. ممڪن
آهي اها مسجد منزل گاهه جي ايراضي هجي، جا پوءِ
1939ع ۾ هندو-مسلم فساد جو ڪارڻ بَني.
(57)
سن جو شھر: پندرهين صديءَ کان آباد آهي. هن جا ڪي حصا وقت به وقت ٻوڏن جي ڪري درياءَ هيٺ اچي ٿي ويا ته، به شھر جو
مکيه هنڌ ساڳيو آهي. ٺٽي ولي محمد اڄ به موجود
آهي، پر درياءَ جي ٻئي ڪپ تي. سن جي ڀرسان ريلوي
اسٽيشن به آهي. سن 1044هه/1634ع ۾ احمد بيگ سن جي
چوڌاري هڪ قلعو ٺھرايو هو.
سيوهڻ کان اٺٽيھه ميل (حقيقت ۾ هاڻي چوٽيھه ميل)، ۽ جبلن کان چوڏهن ميل (ذري گهٽ صحيح) پرتي هو.
(58)
سواهه (سوراهه) واهه: نيرون ڪوٽ پرڳڻي ۾ جبلن جو پاڻي ڍنڍ ڏانھن موڙڻ لاءِ ڄام نظام الدين پنھنجي
هندو وزير چاڳلا کي دريا خان سان اهو واهه کوٽائڻ
لاءِ موڪليو هو. اهو پاڻي آبادي لاءِ ڪتب اچڻ لڳو.
منڇر جو اتريون پاسو ڳاها قبيلي جا ماڻھو آباد
ڪندا هئا. ڏاکڻو پاسو وري بوبڪ
وارن آباد ٿي ڪيو. اهو واهه سيوهڻ کان اٺٽيھه ميل
۽ جبلن کان ٻٽيھه ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو.
(59)
سيوهڻ: سترهين صديءَ
۾ سيوهڻ کي قلعو هو، جو تمام پراڻو چيو وڃي ٿو. اهو قلعو بچاءَ لاءِ موزون نه هو، ان ڪري ديندار
خان سيوهڻ ۾ ٻيو قلعو جوڙايو.
(60)
سانڪپور: هيءُ ڳوٺ سيوهڻ پرڳڻي ۾ سيوهڻ کان اتر ۾ هو.
(61)
سيد جو ڳوٺ: سنڌو
درياءَ
جي کاٻي ڪپ تي سيوهڻ پرڳڻي ۾ هو.
(62)
شاهه اويس قرنيءَ
جي قبر: سن پرڳڻي ۾ سن کان پندرهن ميل پري
آهي.
(اها ٽي ميل پري مانجهند جي ويجهو آهي).
(63)
ٺٽي ولي محمد: سيوهڻ کان ويھه ميل ۽ جبلن کان چوئيتاليهه ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو ۽ هاڻي ديهه
آهي. ساڳئي نالي واري آبادي آمريءَ جي ڀرسان به
آهي، جا آمري کان ٽي ميل اتر اولهه ۾ ڏسائي ٿي.
پراڻين قبرن ۽ دڙن مان پتو پوي ٿو ته اتي ڪنھن وقت
۾ ڪو وڏو شھر هو ۽ اهو سن پرڳڻي ۾ هو.
(64)
ٺيڙهي (تيرهي): سيوهڻ کان ڇهه ميل ۽ لال باغ کان اڌ ميل جي فاصلي تي نارنگ طرف ۽ بوبڪ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ هو. انھيءَ
مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڳوٺ به هاڻوڪي اڙل واهه
تي بوبڪ پاسي هوندو. هتي احمد بيگ هڪ قلعو جوڙايو
هو.
عمرڪوٽ: ڏسو
”امرڪوٽ“.
(65)
اٿل: سيوهڻ کان ٻٽيھه ميل ۽ جبلن کان سورهن ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو. اهو لس ٻيلي ضلعي وارو اٿل نه سمجهڻ گهرجي.
(66)
وينجهار: سَنَ جي سامهون
درياءَ
جي ٻئي ڪپ
تي هوندو هو، جيئن هينئر آهي. اهو ڳوٺ سن پرڳڻي ۾
هو.
(67)
يڪ ٿنڀي: مشهور غار، جو هاڻي
به موجود آهي. اهو سترهين صديءَ ۾ به موجود هو ۽ حضرت علي جو نظرگاهه سڏيو ٿي ويو. پر اها روايت تاريخي
بنياد موجب ناهي. جبل جي چوٽي تي مير ابوالقاسم
چئن ٿنڀن وارو هڪ ٿلهو جوڙايو هو، جنھن تي ”صفئه
وفا“ نالو رکيو هئائين. اهو ٿلهو اڄ به موجود آهي
۽ چوٿنڀي سڏجي ٿو. هي سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ٻه ميل
ريلوي لائين جي اوڀر ۾ آهي.
انھن شھرن
کان سواءِ
سترهين صدي جي ٻن چئن
تاريخن (6)،
مان پتو پوي ٿو ته ان وقت هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ به
موجود هئا، جھڙوڪ:
جهم پير، ريل، ڪلان ڪوٽ يا تغلق آباد، بٺورو (ميرپور)، پريالو، گمبڊ (گمبٽ)، ڪينجهر ڍنڍ، لڊڪاڻو (لاڙڪاڻو)،
سنڌڙي، لاهري بندر، جوڻ، فتح باغ، پيرآر يا پير
پٺو، رحمٰن يا راهومه (رحمڪي
بازار يا رامڪي)، شاهه ڳڙهه (ابل جو ڪوٽ)، مڪليءَ جو قبرستان، منهوڙي جو شھر، ونگو، اگهاماڻي (اگهم ڪوٽ)، انڙپور، ٻڍاپور،
ٿرڙي، ٻٻرلوءِ، گجو، جهرڪ، ڏيپارجا ۽ هڱورا (اڏيري
لال لڳ) وغيرهه. اهي سڀئي شھر هن وقت به موجود
آهن. انھن کان سواءِ ٻيا ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ جن جو هن
وقت وجود نه آهي يا رڳو چند گهرن جي صورت ۾ موجود
هجن.
حوالا:
1.
فرشته (بمبئي 1832ع) جلد ٻيو، ص 621، طبقات اڪبري، جلد ٽيون،
ص 250، معصومي، ص 126-127، چچ نامو، ص 156.
2.
متن ص 195 ۽ ص 5، طاهري، ص 25- 26 ۽ ص 84، معصومي ص، 8- 9- 10- 15- 16- 17- 18- 20-
21- 23- 24- 27- 29- 69- 124- 132- 242-263.
طاهريءَ جو اهو چوڻ ته درياءَ جو پيٽ سيف الملوڪ
جي ڪاني ڪرامت سان رخ مٽائي ويو هو، نھايت عجيب
پيو لڳي. درياءَ پيٽ انھي ڪري مٽايو جو
پاڻي
بکر جي اندرئين ڀاڱي
(Gorge)
۾ وڃي پيو هو: سوڀراج نرملداس:J.S.
H.S
،
جلد
سَتون،
ڀاڱو
1-2،
ص
1 ۽ ص 5، سال 1944ع.
3. تاريخ معصومي، بيگلارنامه، البت طاهري ۾
”عمرڪوٽ“ لاءِ الف توڙي عين (ع) ٻئي استعمال ٿيا
آهن (فارسي ڇاپو، مختلف صفحا).
4.
بيگلارنامه،
ص 232، طاهري، ص 180، معصومي،
ص 252.
5.
بيگلارنامه، ص ص 227-237، طاهري، ص ص 19-40-95،
ترخان نامه، ص 77، معصومي، ص 237.
6.
بيگلارنامو، ترخان نامو، طاهري ۽ معصومي.
نوٽ
۽ درستگي
حديقة الاولياء تاليف 1016هه تي لکيل جناب پير
حسام الدين راشديءَ جي مقدمي ۽ اصل متن جو مطالعو
ڪندي، مظھر شاهجھاني ۾ آيل ڪجهه ڳوٺن ۽ پرڳڻن جي
نالن کان سواءِ ڪي ٻيا نالا به مليا آهن، جيڪي
وڌيڪ معلومات لاءِ هتي درج ڪجن
ٿا.
مترجم
1-
جانھري (جانڙو): خطي پرڳڻي جي هڪ وستي جا لاکاٽ
پرڳڻي جي ڳوٺ سکپور (سانڪپور) جي پاسي مبارڪ واهه
تي آباد هئي.
2-
کيبر: هالا ڪنڊي جي هڪ ديهه هئي.
3-
ڀيڏيو: چاڪر هالا جي هڪ ديهه هئي.
4-
جکيجي: دڪي پرڳڻي ۾ امام واهه جي ديهه هئي.
5-
علي پور: چاچڪان جي هڪ ديهه جنھن ۾ مسجد چاڪر هئي،
هتي اولياءَ اچي رهندا هئا.
6-
ٺري: روپاهه پرڳڻي جي هڪ ديهه هئي.
7-
کيبراڻي: چاڪر هالا جي هڪ ديهه هئي.
8-
بلڙي: بهرام پور جي ديهه هئي.
9-
فتح پور: دڪي پرڳڻي جي هڪ ديهه هئي.
10-
هڱورا: چاڪر هالا ۾ هڪ ڳوٺ هو.
11-
ڪاتيار: چاڪر هالا جي هڪ ديهه هئي، جا پھريان
سمواتي (سماواتي) پرڳڻي ۾ ليکي ٿي وئي.
12-
راهو: دڪي پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.
13-
تلهار: چاچڪان جو هڪ شھر هو.
14-
نارو: سيتا پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
15-
وهيرو: ٽڪر پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
16-
ريل: سيوهڻ جي آس پاس ۾ هڪ وسندي هئي.
17-
سڪرياڙي: ٽڪر پرڳڻي ۾ هئي.
18-
رفيعان: خطي پرڳڻي جو هيءُ ڳوٺ اوائل ۾ رسول پور
سڏبو هو.
19-
ڪنڊيارو: بکر کان سٺ ميلن جي پنڌ تي درٻيلي پرڳڻي
۾ هو.
20-
ٻوڦو: بدين پرڳڻي ۾ بدين شھر کان ميل کن پرتي هڪ
ڳوٺ هو.
21-
ونگو: چاچڪان سرڪار جو هڪ ڳوٺ هو.
22-
تورڪي: سانڱري درياهه جي ڪپ تي هڪ وستي هئي.
23-
ساڪر (شايد ساڪرو)، لاڙ پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.
24-
برهمڻ آباد: ٽڪر پرڳڻي جو هڪ شھر هو.
25-
مورياڻي: ٽڪر پرڳڻي جي هڪ وستي هئي.
ساڳئي ڪتاب ۾ هيٺين ڳوٺن، شھرن ۽ ٻين ماڳن جا نالا
به ملن ٿا:
پير پٺو، ساموئي، روهڙي، بکر، بکر جو قلعو،
باغبان، هالا ڪنڊي، ڀاڻوٽ، نيرون ڪوٽ، انڙپور، لڪي
جبل، هزارو ڳوٺ، اگهم، ساڱرو (درياهه)، پراڻ
(درياهه)، اٻاوڙو، ولهار، ريڻ (درياهه) آمري، ڍوري
هڱورو، نصرپور، مڪلي، چاچڪ، گنجو ٽڪر، ڀنڀور ۽ ڪي
بگڙيل نالا جھڙوڪ: ڪند ڪلائي، ڪندي اُباره، ڪلهان
(ڪله) اُباره ديڪ، رائدن، ديده، حلج ۽ نُهه (شايد
ناهيو) ڳوٺ. جندائي ديرو، مير جندائي ولد شاهه
قاسم خان زمان جو ڳوٺ نصرپور کان پنجن- ڇهن ميلن
جي فاصلي تي هو.
(مثنوي چنيسر نامه، تاليف 1010هه)
حرف آخر
تاريخ مظھر شاهجھاني (فارسي)، سال 1962ع ۾ ڇپجي
آيو، اهو محض هڪ تاريخي اتفاق (حادثو) هو، جو ساڍا
ٽي سئو سال اڳ لکيل هڪ ڪتاب، ۽ پوءِ ان جو لاڳيتو
گُم رهڻ، گذريل صديءَ جي پنجاه واري ڏهاڪي ۾،
مشهور اسڪالر پير حسام الدين راشدي صاحب کي هٿ
لڳو. راشدي صاحب وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان ڪتاب جو متن
تيار ڪيو. ان باري ۾ هڪ مفصّل مقدمو، ضروري حاشيا
۽ گهُربل تعليقات به تيار ڪري ڪتاب ڇپرايو. هي اهم
تاريخي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو هو.
سال 1979ع ۾ مذڪوره ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ، سنڌي
ادبي بورڊ پاران ڇپجي ظاهر ٿيو. جناب پير حسام
الدين راشدي، ان سال ۾ ”مير محمد معصوم بکري“ جھڙو
يادگار ڪتاب ڇپرائي، پيش لفظ جي آخر ۾ ’الله
واهي‘ لکي، تحقيق ۽ تاليف جو ڪم ختم ڪري چڪو هو.
سنڌي ترجمي جو ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ نڪتو هو.
مون مدرسن جي نصاب جي حد تائين، فارسي زبان پڙهي ۽
سکي آهي. سال 1980ع ۾ واندڪائي هوندي، مون نياز
همايونيءَ جو ترجمو ڪيل ڪتاب (مظھر شاهجھاني) پڙهي
ورتو. ڪتاب جو ايڊيٽر ۽ مترجم سنڌي ادب جا وڏا
نالا هئا. ليڪن مون ضروري سَمجهيو ته، ڪتاب ۽ سنڌي
جي ترجمي جي ڪوتاهين تي خاموش رهڻ، ڪتاب سان، ۽
خاص ڪري سنڌ جي تاريخ سان زيادتي ٿيندي!
مون ڪتاب جي فارسي ۽ سنڌي ڇاپن کي سامهون رکي، هڪ
تنقيدي مضمون تيار ڪيو. ان دور ۾ عمرالدين بيدار
ڊيلي ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ ۾، هفتي وار ادبي
صفحو ڇاپيندو هو. مون پنھنجو مضمون اخبار ۾ ڇاپڻ
لاءِ، بيدار صاحب کي موڪلي ڏنو. بيدار مرحوم اڃا
مس لفافو کوليو ته، ان وقت ڊاڪٽر نواز علي شوق بِه
سندس آفيس ۾ داخل ٿيو. شوق صاحب جي صلاح سان
منھنجو اهو تنقيدي مضمون، ماهوار ”اديون“ ڊسمبر
1980ع واري پرچي ۾ ڇپجي نروار ٿيو. ڊاڪٽر صاحب
پرچي جون ٻه ڪاپيون، پير حسام الدين کي مطالعي
لاءِ ڏئي آيو. جڏهن شوق صاحب، وري پير صاحب سان
ملڻ ويو، تڏهن کيس حڪم ٿيو ته، ”غلام محمد لاکو
ڪٿان به پيدا ڪري مون سان ملاقات ڪراءِ.“ هو ڇا
ڪندو آهي، عمر ڪيتري اٿس ۽ تعليم ڇا اٿس؟ اهڙا
سوال به مون بابت پير صاحب پڇي ورتا! حالانڪه اسان
ٻه دوست سال 1977ع کان، ڪڏهن ڪڏهن هن معتبر عالم
سان ملڻ لاءِ ويندا هئاسين.
خبر نه آهي ته شوق صاحب منھنجو پَتو ڪِٿان حاصل
ڪيو؟ پر ڊاڪٽر صاحب خط لکي مون کي اهڙو اطلاع ڏنو.
آءُ پنھنجي هڪ دوست سان گڏ، هڪ ڏينھن وڃي راشدي
صاحب جي گهر پهتس. ڏسڻ سان چيائين ته: ابا اوهان
ته مون وٽ ايندڙ ويندڙ آهيو. اوهان ٻنهي مان غلام
محمد لاکو ڪھڙو آهي؟ مون پاڻ ڏي اشارو ڪيو. پاڻ
مون کان منھنجي مطالعي بابت ڪجهه سوال پڇيائين.
پوءِ چيائين ته، ”مظھر شاهجھانيءَ، تي تنھنجي لکيل
تنقيد پڙهي اٿم. واقعي مترجم ڪتاب جو سُٺو ترجمو
نَه ڪيو آهي؟ مون بورڊ جي سيڪريٽريءَ کي خط لکيو
آهي ته، ڪتاب جي نئين ڇاپي وقت، ان جي اصلاح ڪرائي
پوءِ شايع ڪن. بابا، آءُ مسلسل بيمار رهان ٿو.
زندگي گهڻو وقت ساٿ نَه ڏيندي. اگر اڳتي هلي توکي
ڪڏهن موقعو ملي ته ”تاريخ مظھر شاهجھاني“ جي، سنڌي
ترجمي جي اصلاح ڪري، ڇپرائڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪجانءِ!“
راشدي صاحب، 01 اپريل 1982ع تي هي فاني جهان ڇڏيو.
مون کي فيبروري 1982ع ۾ سرڪاري ملازمت ملي.
جيتوڻيڪ مون لِکڻ پڙهڻ جي جهان کي جاري رکيو، البت
”مظھر شاهجھاني“ واري ڳالھه آئي وئي ٿي وئي.
سال 2009ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ساڳئي ڪتاب جو اردو
ترجمو نروار ڪيو. ذڪر ڪيل ترجمو سنڌي ڇاپي کي
سامهون رکي تيار ڪيو ويو هو. مون ڪتاب جي ڪاپي
لاهور ۾، هڪ عالم فاضل دوست محمد اختر مسلم کي
موڪلي ڏني. مھيني کن جي اندر ان دوست طويل خط لکي،
ڪتاب ۾ موجود سنگين غلطين طرف منھنجو ڌيان ڇڪايو.
ان سان گڏ ڪتاب پڙهندي قلم سان، ان ۾ ٿيل ڪوتاهين
جي به نشاندهي ڪري ڏني. ان کان علاوه درست ڪيل
ڪاپيءَ جي فوٽو ڪاپي بِه موڪلي ڏني.
 
(17صديءَ جي سنڌ جو انتظامي نقشو، ماخذ: تاريخ
مظھر شاهجھاني،
عمل: ايم.ايڇ.پنھور)

(سنڌ مغل دور ۾، عمل: عرفان حبيب
مون اصلاح ڪيل ڪتاب جي ٻي فوٽو ڪاپي ٺھرائي، ۽
مسلم صاحب جي خط جي به فوٽو ڪاپي ڪرائي. سنڌي ادبي
بورڊ جي ان وقت جي چيئرمين، جناب مخدوم جميل
الزّمان کي خط ۽ ڪتاب جون فوٽو ڪاپيون موڪلي
ڏنيون. مخدوم صاحب بورڊ جي سيڪريٽري، الهڏتي وگهيي
کي، 13 ڊسمبر 2011ع تي خط لکي تاڪيد ڪيو ته، هڪ
تاريخي ڪتاب سان ٿيل ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيو وڃي.
خط جي ڪاپي مون کي به موڪلي وئي.
سيد سڪندر علي شاه، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي
خَطَ، مـﺆرخه 23 مئي 2022ع سان گڏ ”تاريخ مظھر
شاهجھاني“ (سنڌي ترجمو)، جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي، ۽ هڪ
ٻئي ڪتاب جي تياريءَ لاءِ، مون کان گهربل تعاون جي
اميد رکي وئي. مون سوچ ويچار کان پوءِ 01 جون
2022ع تي هڪ خط تيار ڪيو. آءُ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ
هليو ويس. شاه صاحب سان روبرو ملي ڪم ڪار جي نوعيت
۽ پنھنجن خدشن کان آگاه ڪري، جوابي خَط پبليڪيشن
برانچ جي حوالي ڪيم. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ مون کي
ڪم کي جاري رکڻ ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ، سيڪريٽري سنڌي
ادبي بورڊ پاران هڪ خط موصول ٿيو.
سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي به فارسي ڪتاب لکيا ويا
آهن، اهي بقَيه اسلامي دنيا يا هندستان ۾ لکيل
ڪتابن وانگر ئي لکيا ويا. مشڪل سان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ
اهڙو ڪتاب لکيو ويو، جو تاريخ سان گڏ بادشاهن ۽
حاڪمن جو ٻيو پَهلو به ڏيکاريندو هجي، يا وري
پنھنجي دور جي انتظامي ڍانچي تي تنقيدي انداز سان
لکيو ويو هجي. تاريخ ”چچ نامه“ کان وٺي ”لب تاريخ
سنڌ“ تائين جيڪي به ڪتاب لکيا ويا، اهي روايتي ۽
عمومي سطح جا ڪتاب آهن.
جڏهن ته ”تاريخ مظھر شاهجاني“ هڪ بِنهه مختلف قسم
جو تاريخي ڪتاب آهي. هي ڪتاب شاهجھان جي دور ۾، هڪ
سرڪاري عملدار تيار ڪيو. ليکڪ يوسف ميرڪ جو والد ۽
وڏو ڀاءُ، مغل دور ۾ سنڌ کان علاوه هندستان جي جدا
جدا، پرڳڻن ۾ مکيه عهدن تي رهيا هئا. ان پس منظر ۾
لِکندڙ ان وقت جي حالتن کان پوري طرح واقف هو. ان
کان علاوه يوسف هڪ پڙهيل لکيل عالم به ٿي گذريو.
يوسف ميرڪ پنھنجي ڪتاب ۾، پنھنجي دور جي تاريخ تي
سرسري طرح لکيو آهي. ان ۾ بِه هن سنڌ جي تاريخ تي
بِنهه گهٽ لکيو آهي. ميرڪ سيوهڻ بابت نھايت تفصيل
سان لکيو آهي. سال 1591ع ۾ اڪبر پوري سنڌ تي قبضو
ڪيو. ميرڪ موجب ٺٽو صوبو بنايو ويو، جنھن کي چئن
سرڪارن (سرڪار) ۾ تقسيم ڪيو ويو. سيوهڻ کي سرڪار
جو درجو مليو، جنھن ۾ يارهن محال (پرڳڻا) هئا. بکر
(سرڪار) تي 1574ع ۾، اڪبر طرفان قبضو ڪري، ان کي
صوبي ملتان ۾ شامل ڪيو ويو هو. بکر سرڪار ۾ اٺ
محال (پرڳڻا) مقرر ٿيل هئا. يوسف ميرڪ سبي پرڳڻي
جو الڳ ذڪر ڪندي، پوءِ به ان کي بکر سرڪار جو حصو
لکيو آهي. لکندڙ ٺٽي، سيوهڻ، بکر ۽ سبيءَ کي ملڪ
سڏيو آهي. شايد ان دور ۾ ”ملڪ“ جي صراحت اڄ جي دور
کان مختلف هئي! جيڪڏهن اصل ڪتاب (ڇپيل) ۾ اڍائي
سئو صفحا شمار ڪجن، ان صورت ۾ پنجاهه صفحا سبي،
بکر ۽ ٺٽي لاءِ وقف آهن، جڏهن ته پورا ٻه سئو صفحا
سيوهڻ کي مليا آهن. سيوهڻ بابت جزئيات جي حد تائين
مواد ڏنو ويو آهي. شايد ان پس منظر ۾ نامور اسڪالر
ايم.ايڇ. پنھور، هن ڪتاب کي سترهين صدي عيسويءَ جي
سنڌ جي گزيٽيئر
(Gazetteer)
لکيو آهي! جيتوڻيڪ گزيٽيئرز لکڻ جو رواج گهڻو پوءِ
انگريزن شروع ڪيو، جڏهن انھن هندستان تي قبضو ڪرڻ
جي ابتدا ڪئي.
تاريخ مظھر شاهجھانيءَ جي سنڌي ترجمي لاءِ، نياز
همايوني صاحب بلاشڪ موزون اميدوار هو، ڇو ته پاڻ
سنڌي، فارسي ۽ اردو ٻولين جو شاعر توڙي عالم شخص
هو. ليڪن ڪتاب جي نوعيت ڪجهه اهڙي هئي، جو علم
تاريخ جي ڏکڻ ايشيا جي اتهاس جي هڪ معتبر عالم،
خاص ڪري وچئين دور
(Medieval)
جي تاريخ جي هڪ بهترين ڄاڻو ۽ انگريزي زبان کان
واقف اديب ان جو ترجمو ڪري ها ته بهتر ٿئي ها!
نياز مرحوم آخري ذڪر ڪيل چيزن (ڳالهين) کان واقف
نه هو. اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب جي ترجمي ۾ بي
شمار غلطيون رهجي ويون. ان ڪري جڏهن ڪتاب جي فاضل
ايڊيٽر (پير حسام الدين راشدي)، منھنجي لکيل تنقيد
پڙهي، تڏهن پنھنجي برهميءَ جو اظھار ڪيو. ايم.ايڇ.
پنھور هن ڪتاب جي انتظامي يونٽن ۽ ان دور جي ماڳن
متعلق، تشريحي مواد لکيو ته هن صاحب به، سنڌي
ترجمي جي غلطين کي دهرايو. البت ڪتاب جي ڇپائي
مڪمل ٿي، تڏهن خود اداري جي اهلڪارن کي به ان جو
اندازو ٿيو. ان ڪري ڪتاب جي ص 40 (؟) تي ڪجهه
غلطين جي درستي ڇپرائي وئي.
مون مظھر شاهجھاني، جو هي سنڌي ڇاپو تيار ڪندي، هن
طرح ڪجهه ڪتاب سامهون رکيا آهن:
1.
Abul-Fazal ‘Allami’: “The Ain-i-Akbari”,
translated: H. Blockhman & Col D.C. Phillot (03
Volumes), 1873, reprint: Sang-e-Mell
publications, Lahore 2004.
2.
Irfan Habib”: “An Atlas of the Mughul Empire”,
1982, reprint: O.U.P 1986.
3.
P. Saran: “The Provincial Administiation of
the Mughuls”, Sunita publications, Delhi
1988.
4.
M.Athar Ali: “The Mughul Nobility under
Aurangzeb”, 1966, reprint: O.U.P. Delhi
1997.
5.
Humera Faiz Dasti: “Multan A Province of the
Mughul Empire”, Karachi 1998.
6.
Ansar Zahid Khan: “History & Culture of Sindh”,
Karachi 1980.
7.
M.
Saleem Akhtar: “Sindh under the Mughuls”,
Dep. of Culture, Gov: of Sindh, Karachi 1990.
انصار زاهد خان پنھنجي ڪتاب ۾، ارغون، ترخان ۽ مغل
دور جو (سنڌ جو) جائزو پيش ڪيو آهي. خان صاحب بورڊ
جي ڇپيل ڪتابن، خاص ڪري پير حسام الدين جي ايڊٽ
ڪيل، فارسي ڪتابن مان خوب فائدو ورتو آهي. محمد
سليم اختر جو ڪتاب، اصل ۾ ”مظھر شاهجھاني“ جو
انگريزي ترجمو آهي. سليم اختر صاحب هي ڪم، پير
حسام الدين جي تحقيق کان هٽي ڪري، پنھنجي طريقي
سان ڪيو آهي. عرفان حبيب مغل سلطنت بابت، نقشن جي
حوالي سان هڪ بهترين ڪم ڪيو آهي. سندس ماخذن ۾
راشدي صاحب جو ايڊٽ ڪيل ”مظھر شاهجھاني“ به شامل
آهي. يوسف ميرڪ ”آئين اڪبري“ جو ذڪر ته، نه ٿو
ڪري، پر سندس لکيل ڪتاب ان طرز جو ئي آهي. پي
سارن، حميره فيض دستي ۽ محمد اطهر عليءَ جا ڪتاب،
مغل انتظاميه کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا.
تاريخ مظھر شاهجھاني (سنڌي)، جو هي ڇاپو تيار
ڪندي، مون ڪوشش ڪئي آهي ته اصل فارسي ايڊيشن جي
ترتيب کي بحال ڪيو وڃي. ترجمي واري ڪم تي به جيتري
ضرورت هئي، ان حساب سان ان کي درست ڪيو ويو آهي.
عام طرح ڪتاب جا ٻه- ٽي پروف ٿيندا آهن. مون هن
ڪتاب جا پنج پروف ڏٺا آهن. بورڊ جي عملي خاص ڪري
عبدالصمد ٻٻر ان ڏس ۾ مڪمل تعاون ڪيو. جيڪڏهن
منھنجو ڪيل پورهيو قبول پيو ۽ ڪتاب ڇپجي ويو ته،
آءُ پاڻ کي خوش نصيب سمجهندس. ان لاءِ آءٌ سيد
سڪندر علي شاهه (سابق سيڪريٽري)، ميڊم گلبدن جاويد
مرزا (سابق سيڪريٽري) ۽ موجوده سيڪريٽري ميرزا
دبير حسين بيگ جو شڪرگذار رهندس.
04 سيپٽمبر 2024ع
غلام
محمد لاکو
ونگو- چچنامي هن کي وڄروٽ لکيو آهي، جو
صحيح ناهي. اهو وڄروٽ اڄ به نئين ڪوٽ کان
مٺي ڏانھن ويندڙ گس تي ڪلوئي جي ڀرسان
موجود آهي. ساڱرو- فارسي ۾ ساڪره آهي، ان
کي ساڪرو نه سمجهڻ کپي، جيئن چچنامي لکيو
آهي.
اهڙيءَ ريت جهم پراڻي ساڱري جي ڪپ تي ٽنڊي
الهيار تعلقي ۾ ڪرهل جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي
صورت ۾ موجود آهي. اهو جهم، جهمپير ٿي نه
ٿو سگهي ۽ وڌا واهه يا داداهه (بدين پاسي)
اصل ۾ ڏاڏاهه آهي.
|