|
(3)
مرزا انور
(متعلق، ص 191، ح 2)
مرزا انور، زين خان ڪوڪه جو ڄاٽو هو (ماثر الامرا،
ص 693-1). ذخيرة الخوانين، ۾ لکيل آهي ته هو سهڻو،
سيبتو ۽ چڱين خصلتن وارو جوان هو. زين خان ڪوڪه جي
ڌيءَ هن جي گهر ۾ هئي. بکر جي حڪومت دوران پنجاب ۾
مينھن پاڻيءَ جي قلت جي ڪري ڏڪار جو خطرو پيدا
ٿيو. هن ڇا ڪيو جو اتان جي هارين وانگر گوڏ ٻڌي
ٻنيءَ تي وڃي هر هلائڻ لڳو. سندس زال (زين خان
ڪوڪه جي نياڻي) ٻهراڙي جي زالن وانگي جوار جو ڍوڍو
۽ لسيءَ جو لوٽو مٿي تي رکي کيس پھچائڻ وئي.
اوڏيءَ مهل خدا جي فضل سان مينھن جا وسڪارا ٿي ويا
۽ پنجاب جا درياءَ پاڻيءَ سان اٿلڻ لڳا. سنڌ ۾
پنھنجين نيڪين جي ڪري چڱو نالو ڪڍيائين.
(ذخيره، قلمي، ص 372)
(4)
سعيد خان
(متعلق، ص 111، ح 3)
سعيد خان چغتو، يعقوب بيگ ولد ابراهيم بيگ جو پٽ
هو (ماثرالامراء، 403-2) ۾ هن بابت هيٺين عبارت
آيل آهي: مرزا غازي بيگ جڏهن (1011هه) ڌاري پنھنجي
پيءُ مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ ٺٽي ۾ خود
سريءَ جي روش اختيار ڪئي ته اڪبر بادشاهه، ملتان ۽
بکر جي جاگير سعيد خان کي ڏئي، کيس مرزا غازي بيگ
جي مٿان مقرر ڪيو. سعيد خان جڏهن بکر ۾ آيو ته
مرزا پنھنجي خود سريءَ وارو خيال بدلائي ڇڏيو،
پوءِ هو خسرو خان سان گڏجي سعيد خان وٽ آيو ۽ ان
جي پٽ سعدالله کي وٺي سعيد خان جي همراهيءَ ۾
بادشاهي درٻار ۾ ويو (404-2). ذخيرة الخوانين جو
مصنف جيڪو مير نمڪين جو شاگرد ۽ همعصر هو، تنھن
لکيو آهي ته 1011هه ۾ ملتان ۽ بکر جي جاگير ملڻ
کان پوءِ هن کي مرزا غازي بيگ ترخان کي هٿ ڪرڻ
لاءِ مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي پنھنجي وڪيل خسرو
خان سان گڏجي بکر سرڪار جي ڳوٺ سيٺارجا
۾ اچي سعيد خان سان مليو، ۽ ان جي پٽ سعدالله خان
کي ساڻ (سيٺارجا مان) ڪري بادشاهي درٻار ۾ پهتو.
(قلمي، 113)
(5)
(متعلق، ص 112، ح 2)
اڪبر نامي ۾ لکيل آهي ته- 14 مھر الاهي (1013هه) ۾
سعيد خان پنھنجي پٽ سميت ۽ مير ابوالقاسم نمڪين
شاهي ملازمت ۾ آيا. مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني
بيگ ترخان ٺٽي مان اچي بادشاهي درٻار ۾ پهتو ۽
پنھنجا نذرانا پيش ڪيائين. مرزا غازي بيگ، ۽
ابوالبقا اوزبڪ ۽ خواجه جمڌر کي ارڙهين سال شاهي
اڪرام سان نوازيو ويو (839-3).
(6)
توخته بيگ خان
(متعلق، ص 113، ح 2)
ماثر الامراءَ (481-1) ۾ لکيل آهي ته، هيءُ مرزا
حڪيم جي ماڻھن مان هو. هڪ جنگ ۾ (جيڪا هن اڪبري
فوجن سان ڪئي هئي) دليري جي ڪري ناميارو ٿيو. مرزا
جي وفات کان پوءِ ان جي پٽن کي ساڻ ڪري ٽئين سال
جلوس اڪبري ڌاري شاهي درٻار ۾ ويو ۽ کيس ڪيئي
انعام اڪرام مليا. پوءِ هن کي ڪابل صوبي لاءِ مقرر
ڪري ڪنور مان سنگهه ۽ زين خان ڪوڪه سان گڏي، يوسف
زئي قبيلي کي سڌو ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. 39 سال
ڌاري هي شهزادي سلطان سليم جو مقرب مقرر ٿيو ۽ کيس
لاهور جي پسگردائي ۾ جاگير ڏني وئي. پڇاڙي ۾ پشاور
۾ ٿاڻيدار ٿيو ۽ ڪيئي دفعا سرڪشن کي سيکت ڏنائين.
چڱين خدمتن جي ڪري هن کي 49 سال ڌاري ”خاني“ جو
خطاب مليو. جھانگير بادشاهه جي جلوس کان پوءِ هرات
جي حاڪم حسين شاملو سان قنڌار واري قلعي کي گهيري
۾ آڻڻ ڪري کيس ٻه هزاري منصب ۽ سردار خان جو خطاب
ڏئي، مرزا غازي بيگ جي همراهيءَ ۾ قنڌار جي حاڪم
شاه بيگ خان جي مدد لاءِ اوڏانھن اماڻيو ويو. ليڪن
هنن جي پھچڻ کان اڳ قزلباشن جي فوج قلعي جو گهيرو
ڇڏي چڪي هئي، سو هي واپس وطن هليا آيا. شاه بيگ جي
بدليءَ کان پوءِ هن کي قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو
ويو، ۽ ٿورن ڏينھن گذرڻ تي (1016هه) ۾ اتي ئي وفات
ڪيائين.
(7)
قنڌار تي چڙهائي
(متعلق، ص 113، ح 3)
ماثر الامراءَ (643-2) جي لکت مطابق، سال 39 ڌاري
جڏهن مرزا مظفر حسين قنڌاري صفويءَ، بادشاهي
بندگيءَ جي خواهش ڪئي، تڏهن شاه بيگ خان (شاه بيگ
ارغون خان دوران ولد ابراهيم بيگ چريڪ) قنڌار جو
حاڪم مقرر ٿيو.... سال 42 ۾ هن کي ٽي هزار پنج سـؤ
جو منصب مليو. پھرئين سال جلوس جھانگيري، حسين خان
شاملو، اڪبر بادشاهه جي وفات جو ٻڌي (هرات جي حاڪم
جي حيثيت ۾) خراسان جي لشڪر سان اچي قنڌار جي ڪنڌ
تي چڙهيو. شاه بيگ همت سان دل ٻڌي روزانو پنھنجي
ماڻھن کي سنبرائي جنگ جي ميدان ۾ موڪليندو رهيو ۽
رات جو قلعي ۾ عيش عشرت جي محفل مچائڻ لڳو.
قزلباشن جو ايلچي هڪ ڏينھن قلعي ۾ آيو ته ان جي
اڻاٺ ڏٺائين. هيڏانھن شاه بيگ سڄي ملڪ جي ڳوٺن ۽
بازارين مان اناج هٿ ڪري گڏ ڪندو رکندو ويو، جيئن
مخالف ڌر وڌيڪ جٽاءُ نه ڪري سگهي. اها چڙهائي
ايراني بادشاهه عباس صفويءَ جي اجازت کان سواءِ
شروع ڪيل هئي، تنھن ڪري حسين خان پوءِ شاهي عتاب
سبب خالي هٿين واپس هليو ويو.
جھانگير پنھنجي تزڪ ۾ لکي ٿو، ”آءُ اربع ڏينھن
نائين محرم تي، (1015هه- بيورج جي قول موجب 8 محرم
نو روز جي پھرئين جشن ڀيري) مبارڪيءَ لاءِ لاهور
جي قلعي ۾ آيس. سڀني درٻارين عرض ڪيو ته اڄ ڪلهه
ان حالت ۾ جڏهن گجرات، دکن ۽ بنگال جي صوبن ۾ گوڙ
گهمسان لڳا پيا آهن، بهتر آهي ته آگري ڏانھن ڪوچ
ڪجي، جتان ويجهي هئڻ ڪري هر معاملي سان منھن ڏيڻ
آسان ٿيندو. اها صلاح مون کي نه وڻي ڇو ته قنڌار
جي فسادي اميرن ۽ مرزائن جي ڪجهه لشڪرين سدائين گڙ
ٻڙ پي ڪئي ۽ مخالفن کي قنڌار هٿ ڪرڻ لاءِ
ڀڙڪائيندا ٿي رهيا. خطرو هو ته متان قنڌار تي ڪا
چڙهائي ٿئي. ٻيو وري هي شڪ جاڳيو ته متان عرش
آشياني (اڪبر بادشاهه) جي لاڏاڻي جي صورت کان پوءِ
خسرو انھي مخالفت جو فائدو وٺي قنڌار تي ڪاهه
ڪرائي سو جيڪي پهه پچايم پي انھن جو نتيجو نيٺ
ظاهر ٿيو. هرات ۽ سيستان توڙي ٻين پاسن جي
جاگيردارن پاڻ ۾ ملي، حسين خان هرات جي حاڪم سان
گڏجي، قنڌار تي ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪيا. پر آفرين آهي
شاه بيگ خان جي همت ۽ مردانگي تي جنھن مڙسا مڙسيءَ
قلعي کي قابو ڪيو، ۽ پاڻ محلات جي ٽين منزل تي
اهڙو محڪم ٿي ويٺو جو، ٻاهرين کي سندس مجلسن جي
سڄي ڪارروائي ڏسڻ ۾ پي آئي. هي قلعي تي گهيري وارن
ڏينھن ۾ اگهاڙي مٿي سان عيش عشرت جون محفلون
مچائيندو رهيو. ڪو ڏينھن اهڙو نه هو جو پنھنجون
فوجون غنيم جي لشڪر سان لڙڻ لاءِ قلعي کان ٻاهر نه
پئي موڪليائين ۽ پنھنجا حوصلا بلند رکندو پي آيو.
جيسين تائين قلعي ۾ هن اها ئي مڙسي ڏيکاري،
مخالفن جو لشڪر ٽن پاسن کان قلعي تي گهيرو ڪري
ويٺو رهيو.
اها خبر جڏهن لاهور پهتي، ته محسوس ٿيو ته اسان جو
هن پاسي رهڻ وقتائتو ۽ ڪمائتو ٿيندو. بروقت مرزا
غازي ۽ سندس ماڻھن سان گڏ درٻار جي ٻين منصب دارن
۽ ملازمن قرا بيگ کي قراخاني جو خطاب ۽ تخته
(توخته بيگ) کي سردار خاني جو خطاب ڏئي مامور ڪيم.
مرزا غازي بيگ کي پنج هزار ذات (منصب) ۽ سوارن سان
گڏ نغارو پڻ عنايت ڪيم“ (تزڪ، نولڪشور، ص 33).
مرزا غازي تاريخ 12 شوال 1015هه قنڌار پهتو. اهو
اطلاع تاريخ 22 ذوالقعد 1015هه تي جھانگير کي
لاهور ۾ مليو، جنھن لاءِ پاڻ تزڪ ۾ لکي ٿو ته ”هن
مبارڪ ڏينھن تي قنڌار مان عريضو آيو ته لشڪر مرزا
غازيءَ جي سرڪردگي ۾ شاه بيگ جي مدد لاءِ رسيو.
ساڳئي سال تاريخ 12 شوال هن جو قنڌار ۾ پير پيو.
هوڏانھن قزلباش شاهي لشڪر جي آمد جو ٻڌي پريشان ۽
پشيمان ٿي پوئتي هٽيا ۽ هلمند کان پنجاهه سٺ ڪوهه
پري وڃي دنگ ڪيائون، هاڻ پوئتي واڳ نه ٿا ورائين.“
(تزڪ، ص 42).
(8)
(متعلق، ص 114، ح 5)
مرزا غازي قنڌار کان بکر آيو، اتان ئي لاهور ڪوچ
ڪيائين. جھانگير انھن ڏينھن ۾ ڪابل جي سفر تان
واپس ٿي لاهور ۾ اچي قيام ڪيو هو. تزڪ ۾ آهي ته
سومر 12 شعبان (1016هه) مرزا غازي، جيڪو لشڪر جو
اڳواڻ ٿي قنڌار ويل هو، درٻار ۾ وري آيو، جنھن تي
ڪيئي عنايتون ڪيون ويون.
(تزڪ، نولڪشور، ص 63).
(9)
(متعلق، ص 114، ح 3)
شاهه بيگ قنڌار کان پوءِ ڪابل جو حاڪم ٿيو. ماثر
الامراءَ جو مصنف لکي ٿو: شاهه بيگ خان حڪم موجب
1016هه ۾ قنڌار کان ڪابل اچي شاهي ملازمت تي مامور
ٿيو. کيس پنج هزاري منصب سان گڏ خان دوران جو خطاب
ڏئي ڪابل جي صوبيداريءَ ۽ افغانستان جي نهگداري
سونپي، حسن ابدال وٽان رخصت ڪيو ويو. هو اتي ڪيئي
سال انتظام سنڀاليندو رهيو.
(10)
(متعلق، ص 115، ح 2)
جنھن وقت مرزا غازي بيگ (12 شعبان 1016هه) لاهور ۾
جھانگير جي حضور پھچي، لاهور ۾ ئي رهي پيو. ان کان
هڪ مھينو پوءِ اتان 10 رمضان 1016هه ڌاري هن کي
قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.
جھانگير اهو واقعو تزڪ ۾ هن ريت درج ڪيو آهي: سال
2 جھانگيري (10 رمضان 1016) کيس پنج هزاري ذات
(منصب) ۽ سوارن سان سرفراز ڪري، ٺٽي جي سڄي جاگير
سان گڏ جا اڳ ۾ ئي کيس مليل هئي، ڪجهه حصو ملتان
مان به سندس تحويل ۾ ڏنو ويو. پوءِ هن کي قنڌار جي
حڪومت ۽ حفاظت لاءِ متعين ڪيو ويو، جو هندستان سان
دنگئي آهي. آخر ۾ جڙائو تلوار ۽ خلعت سان نوازي
کيس رخصت ڏني وئي“ (تزڪ، نولڪشور، ص 64).
مرزا موڪلائي ٻئي حڪم پھچڻ تائين بکر ۾ اچي ٽڪيو.
جھانگير تزڪ ۾ لکيو آهي: 14 رجب 1017هه مرزا غازي
کي قنڌار وڃڻ جو حڪم موڪليو ويو. اتفاق سان بکر
مان مرزا جي اسهڻ کان اڳ خبر پهتي ته اتان جو حاڪم
سردار خان فوت ٿي ويو آهي. هي سردار خان، مرزا
محمد حڪيم جھڙي داناءَ امير جي ملازمن مان هو ۽
کيس تخته (توخته) بيگ خان سڏيو ٿي ويو
(تزڪ، نولڪشور، ص 73).(11)
شير بيگ
(متعلق، ص 118، ح 2)
صحيح شير بيگ آهي. جنھن وقت مرزا غازي بيگ، قنڌار
کان ٺٽي جي نائب خسرو بيگ جي معزوليءَ جو حڪم
موڪليو، ۽ قاسم خان ارغون جي اولاد کي به نصرپور
جي حاڪميت تان لاٿائين، تڏهن انھن خسرو بيگ سان
ملي بغاوت شروع ڪئي. نصرپور ۾ راءِ سنگهه (ماڻڪ
راءِ جي پٽ) قاسم خان جي اولاد سان جنگ ڪئي ۽ کين
شڪست ڏنائين. انھيءَ جنگ (11 رمضان 1020هه) ۾ شير
بيگ شھيد ٿيو. سندس قبر خان زمان جي قبرستان ۾
(نصرپور لڳ) هن ڪتبي سان موجود آهي:
”تاريخ رحلت نمود مير شير بيگ (مرحوم بن) مير علي
شير ارغون، روز دو شنبہ وقت دو پاس يازدهم شھر
رمضان المبارک 1020هه در جنگ بمرتبہ شهادت رشيد“
(ڏسو: مقدمه ”مثنوي چنيسرنامه“، سيد حسام الدين
راشدي، ص 56).
(12)
مير ابوالقاسم نمڪين (پير غلام)
(متعلق، ص 120، ح 1)
مظھر شاهجھانيءَ جي مؤلف يوسف ميرڪ پنھنجي پيءُ
مير ابوالقاسم نمڪين کي ”پير غلام “ لکيو آهي. مير
ابوالبقا، لقب امير خان، مير نمڪين جو وڏو پٽ ۽
يوسف ميرڪ جو ڀاءُ هو، جنھن جو پڻ ذڪر اچي چڪو
آهي. امير خاني سيد هن جي ئي اولاد مان آهن. سندس
پٽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ فاضل شخص، يگانو شاعر ۽
صاحب ديوان هئڻ کان علاوهه مثنوي ”پري خانھ
سليمان“ جو مصنف به هو. هن جو پٽ امين الدين حسين
خان (امير خان جو پوٽو) عالمگيري عهد جي پڇاڙيءَ ۾
ٺٽي جو حاڪم هو. ”رشحات الفنون“ ۽ ”معلومات
آلافاق“ هن جي تاليف آهن.
مير نمڪين پنھنجي قبرستان کي ”صفہء
صفا“ جو نالو ڏئي، روهڙي لڳ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي
تعمير ڪرايو هو. پاڻ اتي ئي دفن ٿيل آهي ۽ ٽي ڪتبا
سندس مزار تي موجود آهن:
|
(1)
(2)
(3) |
مير ابوالقاسم آن يگانـﮧء
عصر
که بجز تخم دين و داد نـﮧ کشت.
ملک و اقبال در تصرف داشت
چون اجل در رسيد جمله بهشت
ديدۀ
دل کشاده برگيرد
عبرت اي عاقلان پاک سرشت
گر بود بستر از حرير چـﮧ سود
چون نهد مرگ زير بالش خشت
خلف خير اوز ”داغ ابي“
چونکـﮧ تاريخ سال فوت نوشت
گفت ملهم مرا بگوش ضمير
سال فوتش که ”باد جاش بهشت“
خان زمان مير ابوالقاسم آنکـﮧ او
لوح وجود از رقم غير ساده کرد
.... دودمــــــان ....
گــــــلــــــبــــــن
حــــــيــــــا
سال وفات او طلب از ”داغ داده“ کرد |
1018هه
1019هه |
(ڏسو: تذڪره امير خاني).
(13)
ميران صدر جهان
(متعلق، ص 121، ح 1)
لکنو جي پاسي جو هو، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ شيخ
عبدالنبيءَ جي واسطيداري سان مقبوضه علائقن جو
مفتي ٿيو..... سال 40 تائين ستن سون جي منصب تي
پھچي، صدارت جو عهدو ماڻيائين. پوءِ ترقي ڪندي
امير جي مرتبي تي پهتو ۽ کيس ٻه هزاري منصب ڏنو
ويو. جھانگير جي دور ۾ به کيس ٻه هزاري منصب مليو.
هڪ سـؤ ويھه سال جيئرو رهيو. 1020 هه ۾ رحلت
ڪيائين (ماثر الامراءَ، جلد 3، ص 349).
(14)
شمشير خان اوزبڪ
(متعلق، ص 121، ح 2)
ماثر الامراءَ، ۾ لکيل آهي، ”شمشير خان ارسلان بي
اوزبڪ جھانگيري عهد جي اميرن مان هو. ان کان اڳ
کمرد
جي حاڪميت مليل هيس. اصل ۾ ولي محمد خان (توران جي
والي) جي وچولن نوڪرن مان هو، جڏهن کمرد کي سرڪار
شاهي (مغل بادشاهت) جي حوالي ڪيائين ته ٽئين سال
جلوس ۾ اچي جھانگير جي درٻار ۾ ملازم ٿيو. کيس
مناسب منصب ۽ خلعت سان نوازيو ويو. پڇاڙيءَ ۾
سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽو به سندس
تحويل ۾ رهيو. سال پنجين جلوس جھانگيريءَ ۾ هن کي
شاهي اميرن ۾ شامل ڪيو ويو. نائين سال جلوس
جھانگيريءَ ۾ جڏهن ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مظفر خان
معموري کي مقرر ڪيو ويو ته، هي معزول ٿي شاهي
درٻار ۾ آيو ۽ راڻي واري مھم ۾ شهزادي سلطان خرم
سان همراهه ٿيو، واپسيءَ تي سندس وفات ٿي. چون ٿا
ته زندگي سادگي سان بسر ڪيائين. هميشه عبادت ۽
قرآن جي تلاوت ۾ منھن هئس. سندس همت ۽ نيڪيءَ ۾ ڪا
گهٽتائي نه هئي. کيس ٽي هزاري منصب مليل هو (ص
633-2). ذخيرة الخوانين ۾ سندس احوال هيٺينءَ ريت
تفصيل سان موجود آهي. هي توران جي وڏن ماڻھن مان
هو. جھانگيري درٻار مان ٽي هزاري منصب حاصل ڪري
شمشير خان جي لقب سان ٺٽي جو صوبيدار ٿيو. اتي
امير خسرو خان چرڪس (مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي
بيگ) جي خاندان مان شادي ڪيائين. پوءِ وري سيوهڻ
جي جاگير ۾ آيو ۽ ڪي ڏينھن اتي گذاريائين. سندس
سادگي جون ڳالهيون لاڳيتيون شاهجھان وٽ پھچنديون
رهيون، جنھن کانئس جاگيرداريءَ جو منصب واپس ورتو.
ڪي سال لاهور ۾ رهي فوت ٿيو. سندس ڳالهين مان هڪ
هيءَ بِه آهي ته ڪنھن ڏينھن محل ۾ ويو. ڏٺائين ته
هن جي گهر واري جنھن سان تازو نڪاح ڪيو هئائين.
هار سينگار ڪري ٺهي ٺڪي ويٺي هئي. پڇا ڪيائين ته
هيءَ ڪير آهي؟ ڪنھن عورت گار ڏئي چيس ته هيءَ
تنھنجي گهر واري آهي. اهڙي ريت هن جون ڪي ٻيون به
بي وقوفي واريون ڳالهيون هيون. پاڻ ديندار ۽ عارف
ڪامل انسان ٿي گذريو. رات ڏينھن روزي نماز ۽ قرآن
جي تلاوت ۾ محو ٿي رهيو. خيرات گهڻي ٿي ڪيائين ۽
پنھنجي قبيلي تي خاص مھربان هو .
(قلمي، ص 355).
(15)
مرزا رستم
(متعلق، ص 123، ح 1)
مرزا رستم (متوفي 1051هه) هڪ سال ٺٽي ۾ رهيو ۽
معزول ٿي ويو. ذخيرة الخوانين ۾ هن بابت هنَ ريت
لکيل آهي: مرزا رستم ابن سلطان حسين مرزا بِن
بهرام مرزا بن شاهه اسماعيل صفوي.....سال 1021هه
ڌاري جھانگير جڏهن اجمير پهتو، ۽ مرزا غازي جي
وفات جي خبر ٻڌائين جو ٺٽي ۾ حاڪم هو ته، ان جي
جاءِ تي مرزا رستم کي ٺٽي ۾ مقرر ڪيائين. کيس
هدايت ڪئي وئي ته ٺٽي جي حاڪميت هڪ صديءَ کان وڌيڪ
ترخانن جي هٿ هيٺ رهي چڪي آهي. خسرو خان چرڪس انھن
جي پيڙهين جو وڪيل رهندو اچي ٿو. متان ڪا غداري
ڪري. سو ٺٽي پھچي ان کي درٻار ڏانھن موڪلي پاڻ ٺٽي
۾ رهي پوي، ۽ عبدالرزاق معموري جي شراڪت سان ٺٽي
جي جمعبندي ڪري. هي جيتوڻيڪ ٺٽي پھچي جمعبندي کي
لڳي ويو، ۽ خسرو خان کي مرزا غازي توڙي مرزا
جانيءَ جي عزيزن ۽ ملازمن سان ٺٽي روانو ڪيائين.
پر ماڻھن سان شانائتي نموني نه هليو، جنھن ڪري
ڪيئي ماڻھو وطن ڇڏي ويا. قاضي محمود جيڪو اتان جو
اعلم العلماء هو، مرزا جي زيادتين سبب پنھنجا ٻار
ٻچا وٺي بکر ۾ آيو ۽ راقم (ذخيرة الخوانين جي
مصنف) جي شيخ معروف صدر بکر سرڪار جي گهر ۾ اچي
رهيو. اها خبر جھانگير کي ملي، جنھن مرزا کي
پنھنجي درٻار ۾ گهرايو. ڪيترا ڏينھن هو درٻار کان
ٻاهر پي ڀٽڪيو. نيٺ درٻار ۾ سڏ ٿيس ۽ قدم بوسيءَ
کان مشرف ٿيو (ص 58، ماثر الامراء ج 3، ص 437).
جھانگير تزڪ ۾ لکي ٿو: سال نائون جلوس (نائين صفر
جي رات 1023 هه کان شروع ٿيو)، مرزا غازي ترخان
جنھن کي ٺٽي، قنڌار ۽ آسپاس جي حڪومت مليل هئي،
پنھنجي خدا ڏانھن ويو. خيال ڪيم ته مرزا رستم کي
ٺٽي موڪليان جيئن اتي وڃي پنھنجا ذاتي جوهر
ڏيکاري، ۽ انھيءَ علائقي جي حفاظت ڪري. بروقت کيس
پنج هزار ذاتي منصب ۽ سوارن سان سرفراز ڪري ٻه لک
روپيا روڪ خرچ جي مدد طور ڏئي روانو ڪيم. اميد هئي
ته هو اتي وڃي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. ليڪن
توقع جي خلاف هن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. ماڻھن سان ايڏا
ظلم ۽ تعديون ڪيائين، جو چئوطرف دانھن پئجي وئي.
ٻيون به ڪيئي خراب خبرون هن بابت ٻڌڻ ۾ آيون. ان
ڪري کيس واپس گهرايم. تاريخ 26 اردي بهشت منھنجو
هڪ خاص ماڻھو کيس مون وٽ وٺي آيو. جيئن ته خلق کي
هن ڏاڍو آزاريو هو، تنھن ڪري کيس عدالت ڏانھن رجوع
ڪرڻو پيو، جنھن لاءِ هن کي راجا اني راءِ سنگهه جي
حوالي ڪيم، جيئن کانئس حقيقت حال بابت باز پرس
ڪري، کيس جوڳي سزا ڏئي. جنھن مان ٻين کي عبرت جو
سبق ملي.
(نولڪشور، ص 129- 130).
(16)
تاج خان
(متعلق، ص 123، ح 2)
تاش بيگ خان عرف تاج خان ڪابلي، مرزا حڪيم جي
ماڻھن مان هو. بعد ۾ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ پھچي
وڏي رتبي تي پهتو. جھانگير جي زماني ۾ ”تاج خان“
جي خطاب سان مشرف ٿيو. پھريائين بکر جو جاگيردار
ٿيو. پوءِ کيس ٺٽي ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي وفات
ڪيائين (ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 397).
لب تاريخ سنڌ، مان پتو پوي ٿو ته 1020هه ڌاري بکر
۾ حاڪم ٿي آيو ۽ مرزا رستم جي معزولي کان پوءِ
1023هه ۾ بکر کان ٺٽي ويو ۽ انھي سال رحلت ڪيائين.
تنھن کان پوءِ شمشير خان سيوهڻ مان ٺٽي ويو.
ماثر الامراء، جو مصنف تاش بيگ جي باري ۾ لکي ٿو:
جلوس جھانگيريءَ کان پوءِ ٽي هزاري منصب جي اضافي
سان سر بلند ٿيو. ٻئي سال جڏهن بادشاهه ڪابل کان
هندستان ڏانھن واپس وريو (1016هه)، تڏهن ان صوبي
جي حڪومت شاهه بيگ (خان دوران) کي ڏني وئي، جيڪو
قنڌار مان معزول ٿي هيڏانھن اچي رهيو هو. تاش بيگ
کي حڪم مليو ته خان دوران جي ڪابل کان اچڻ تائين
هوشيار رهي. پڇاڙيءَ ۾ منصب حاصل ڪري، هي ٺٽي جي
صوبيداريءَ تي مامور ٿيو. نائين سال (مطابق
1023هه) اتي ئي وفات ڪيائين (483-1). هي ڪابل مان
روانو ٿي پھريائين بکر آيو ۽ مرزا رستم جي معزولي
کان پوءِ ٺٽي پهتو هو.
(17)
مير ابوالبقا
(متعلق، ص 123، ح 2)
مير ابوالبقا (لقب امير خان) سال 1019هه جي پڇاڙي
يا 1020هه جي اڳياڙي ۾ اُٻاوڙي ۽ گنجابي جو
جاگيردار مقرر ٿيو. هي آگري مان اچي پنھنجي جاگير
تي پهتو. جڏهن (1023هه) ڌاري تاش بيگ ٺٽي ۾ لاڏاڻو
ڪيو ته، انھي سال شمشير خان ٺٽي ۾ حاڪم مقرر ٿيو،
۽ مير ابوالبقا اُٻاوڙي – گنجابي مان تبديل ٿي
سيوهڻ ۾ آيو.
(ڏسو: تذڪرة امير خاني)
(18)
عتيق الله
(متعلق، ص 125، ح 1)
مير عتيق الله، مير ابوالبقا جي وڏي پٽ جو احوال
ڪنھن ٻئي هنڌان نه ملي سگهيو. هن جي قبر سندس والد
(مير ابوالبقا امير خان) جي مزار لڳ روهڙي جي
”صفئه صفا“ ۾ هن ڪتبي سان موجود آهي:
(1)
عتيق الله مرزا کــــــز فراقش
محبان را جگر هــــــا چاک آمد
چو در خيل شھيدان شد خرامان
فلک را ديدهءَ نمنــــــاک آمد
ز روي درد گفتا سال تاريخ
عتيق الله شھيد پاک آمد
1037هه.
(2)
يکتاي روزگار عتيق الله آن جواد
کاندر جهانِ جود نبودش کسي عديل
نگذاشت آسمان....ازانــــــکہ بــــــود
مشتــــــاق.... اوفــــــردوس سلسبيل
سال شهادتش چو نوشتم بصفحه بر
از غم بريخت آب زچشمم چو رود نيل
لا اِلٰہ الا الله محمّد رسول الله-
(3)
بتاريخ روز پنجشنبہ چهارم
شھر رجـــــــب الـــــمـــــــرجب سنه 1037هه
بــــــدرجــــــہء شهادت شــــــد.
هن ڪتاب مظھر شاهجھانيءَ مان به معلوم نه ٿي سگهيو
ته، هي ڪھڙي معرڪي ۾ شھيد ٿي ويو. انھيءَ سال سندس
پيءُ (مير ابوالبقا) ملتان ۾ يمين الدولہ جو نائب
هو. گمان آهي ته مير عتيق الله سنڌ ۾ سميجن سان
وڙهندي مارجي ويو هوندو.
(19)
مظفر خان معموري
(متعلق، ص 128، ح 1)
مظفر خان معموري، مرزا غازي جي وفات (1021هه) کان
پوءِ، ٺٽي صوبي جي جمعبندي لاءِ (تزڪ، ص 111)،
مرزا رستم کان اڳ ٺٽي پهتو ۽ مرزا رستم جي اچڻ کان
پوءِ (10 محرم 1022هه) ترخانن جي واسطيدارن سان گڏ
جھانگير جي خدمت ۾ اجمير ويو (تزڪ، ص 118)، ۽ کيس
مظفر خان جو خطاب مليو (ترخان نامـﮧ).
مرزا رستم جي معزوليءَ ۽ تاش بيگ جي وفات (1023هه)
کان پوءِ ٺٽي جي حڪومت شمشير خان جي حوالي ٿي.
يارهين سال جلوس (15 ربيع الاول 1025هه) مظفر خان
معموري ٺٽي جو حاڪم ٿيو (ماثر، جلد 2، ص 633 ۽
تزڪ، ص 157).
ماثر الامراء، جي مصنف معموريءَ جي باري ۾ هن ريت
لکيو آهي: مير عبدالرزاق معموري مظفر خان،
معمورآباد جي چِندُ سيدن مان هو. اهو ڳوٺ نجف اشرف
جي پسگردائي ۾ آهي. هن جا وڏا هندستان ۾ آيا هئا.
هي پنھنجي قابليت ۽ تدبر جي لحاظ کان يگانو شخص
هو. اڪبر بادشاه جي زماني ۾ حالتن جي گردش سبب
بنگال جي لشڪر جو مير منشي مقرر ٿيو.... مرزا
غازيءَ جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو صوبو مغل سلطنت ۾
آيو ته، مرزا رستم صفويءَ کي اتي جو حاڪم ڪري رکيو
ويو. مظفر خان منشي گيري ۾ قابل هئڻ ڪري ٺٽي ۾
مامور ٿيو. پنھنجي ڪم ۾ هوشيار هئڻ سبب جمعبندي
پوري ڪري، ۽ مرزا کي پوري حساب ادا ڪرڻ کان پوءِ
وري واپس هليو آيو. جھانگيري عهد جي پڇاڙيءَ ۾ کيس
مالوه صوبي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو (378-3).
(هن حاشيه جي بقايا لاءِ، ڏسو نمبر 20)
مير معموري سال 1022هه ڌاري ٺٽي ۾ هڪ جامع مسجد
تيار ڪرائي، جيڪا خضري مسجد جي نالي اڃا تائين
مشهور آهي. مسجد جي محراب جي مٿان هي ڪتبو موجود
آهي:
1- خاک آستان حضرت نبوي صلي الله عليـﮧ وسلم
عبدالرزاق
2- الحسيني المعموري الملقب بمظفر بتاريخ اتمام شد
سنه 1022هه
(ڏسو راقم جو مقالو: مير مائل، مھراڻ بهار، 1955ع)
(20)
(متعلق، ص 128، ح 2)
ماثر الامراء جو مصنف لکي ٿو: نائين سال (9 صفر
1023هه کان 7 صفر 1024هه تائين) جڏهن ٺٽي جي
حڪومت، مظفر خان معموريءَ جي حوالي ٿي ته هو معزول
ٿيڻ کان پوءِ شاهي درٻار ۾ آيو، ۽ شهزادي خرم
سلطان سان گڏ راڻي جي مھم تي ويو (ج 2، ص 633).
ليڪن اها روايت هن ڪتاب جي متن موجب صحيح نه آهي.
شمشير خان، مظفر خان معموري جي مقرري کان پوءِ،
ٺٽي کان سيوهڻ آيو، ۽ ڪي ڏينھن اتي رهيو، جيسين
تائين شير خواجه سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿي آيو. تزڪ
جھانگيري جي لکت مطابق (157) شمشير خان جي بدلي
سال يارهين جلوس (15 ربيع الاول (1025هه) ۾ ٿي، نه
ڪي سال نائين ۾ جيئن، ماثر الامراء جي مصنف لکيو
آهي.
(21)
بھادر خان اوزبڪ
(متعلق، ص 141، ح 1)
سندس نالو ابوالنبي ۽ تعلق توران جي بزرگن سان هو.
عبدالمؤمن خان جي دور ۾ ترقي ڪري مشهد جو حاڪم
مقرر ٿيو. ان جي قتل کان پوءِ جيتوڻيڪ باقي خان
کيس گهڻي ئي دلداريون ڏنيون پر ڪعبي وڃڻ جو بهانو
ڪري هندستان هليو آيو. سال 41 جلوس جي اڪبر
بادشاهه جو ملازم ٿيو. کيس منصب سان گڏ جڙائو خنجر
به عنايت ڪيو ويو. جھانگيري جلوس کان پوءِ کيس
چاليهه هزار روپيا راهه خرچ ڏئي، ستونجاهه
منصبدارن سان گڏ شيخ فريد مرتضى خان جي مدد لاءِ
موڪليو ويو، جو خسرو جي پويان ويل هو. پنجين سال
تاج خان (ملتان جي صوبيدار) جي بدلي کان پوءِ هي
اوڏانھن ويو. اٺين سال اصل عهدي سان گڏ ٽي هزاري
منصب، ٽن هزارن سوارن ۽ بھادر خاني خطاب سان
سرفراز ٿيو. مرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ کيس
قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، تنھن کان پوءِ مختلف
اضافن سان پنج هزاري منصب ۽ ٽي هزار پنج سـؤ سوارن
جي عهدي تي پهتو. پندرهين سال (15 ربيع الثاني
1029هه) اکين جي روشني گهٽ هئڻ جو عذر پيش ڪري
قنڌار جي تعلقه داريءَ تان استعيفا ڏنائين. چون ٿا
ته جڏهن ايران جي بادشاهه جي فوج جي ڪاهي اچڻ جو
امڪان پيدا ٿيو ته هن پنھنجي بي پرواهيءَ سبب، ٻه
لک روپيا مھم سازيءَ ۾ خرچ ڪري اها تعلقه داري ڇڏي
هئي. پڇاڙي ۾ کيس اڪبر آباد ۾ جاگير ڏني وئي.
(ماثر الامراء، جلد 1، ص 401).
(22)
سيد بايزيد بخاري
(متعلق، ص 142، ح 2)
سيد بايزيد بخاري، قطب الاقطاب حضرت دمد به (؟)
مدفن پٽنه (؟) جي اولاد مان هو. مرتضى خان هن جي
تربيت ۽ عنايت ۾ ڪين گهٽايو. ڪي ڏينھن اڪبر
بادشاهه جي دور ۾ داغ
جو داروغو هو. ان کان پوءِ ڪيئي حيلا هلايائين ته
کيس مرتضى خان وارو عهدو ملي پر ڪجهه نه وريس. آخر
مصطفى خاني خطاب ۽ ٽي هزاري منصب کي رَسي، ٺٽي جو
صوبيدار مقرر ٿيو ۽ اتي ئي مري جهان ڇڏيائين. سندس
لاش اُچ ۾ مخدوم سيد جلال بخاري جي روضي اندر دفن
ڪيو ويو.
هن جا پٽ ڏاڍا قابل هئا. سيد عبدالواحد ۽ محمد
باقر وغيرهه منصب ماڻي، ڪابل جي مھم تي مامور ٿيا.
ميان ٻڌو دنيا کي ترڪ ڏئي وڃي گوشي نشين ٿيو. اهي
پٽ پنھنجي پيءُ جا فرمانبردار هئا، جيڪو منصب کين
مليل هو تنھن موجب سڀ ڪُجهه حاصل ڪندا ٿي رهيا. هر
هڪ لاءِ روزينو مقرر ٿيل هو، جنھن کان وڌيڪ ڪجهه
به طلب نه ٿي ڪيائون. وقتي ميران جيو ساڻن بي
غرضيءَ واري هلت ڪندو هو پر هي ڪڏهن به کانئس
بيزار نه ٿيا.
ميران جيو وڏي شان شوڪت ۽ نالي وارو هو، پنھنجي ۽
پٽن جي منصب توڙي خطاب تي ڏاڍو پيسو خرچ ٿي
ڪيائين. بکر جي حڪومت جي زماني ۾ منھنجو والد شيخ
معروف صدر هڪ ڏينھن، شيخ عبدالرحمان مير عدل، قاضي
ابو سعيد ۽ قاضي محمد حسين گڏجي ميران جيو وٽ وڃي
پهتا. هن خوش طبعي مان کين چيو ته – الضدان لا
يجتمعان (هڪ ٻئي جا ضد پاڻ ۾ گڏجي نه ٿا سگهن)، پر
اڄ اوهان چار ئي ضد هتي اچي مڙيا آهيو جا ڳالھه
نحو جي اصول مطابق ناهي. چڱو ائين آهي ته اوهان
چئني کي قتل ڪيو وڃي، جيئن بکر جي سرڪار رڳڙي فساد
کان آجي ٿي پوي. اهو ٻڌي ٻين ته کڻي ماٺ ڪئي پر
ميران صدر جهان جيڪو خدا ئي جلال جو مظھر هو، تنھن
جواب ڏنو: ائين ته برابر آهي پر پنجون سرادر شمار
۾ نه ٿو اچي.... جيڪڏهن ان کي به قتل ڪيو ويندو ته
بکر جي سرڪار جو ڀلو ٿي پوندو. ميران جيو پڇيو اهو
پنجون ڪھڙو آهي؟. هن چيو، اوهان ئي آهيو. ان تي
ميران جيو ڏک مان اٿيو. ان کان پوءِ .... ڪنھن سان
اهڙو چرچو نه ڪيائين، نه وري ڪنھن کي ڌيءَ تي گار
ڏنائين. هي صحيح نسب وارو سيد، ڀلارو شخص بردبار ۽
ڪم آزار هو. منجهس ڪا به عيب جھڙي ڳالھه ڪا نه
هئي، سواءِ ان جي ته رعيت مٿان ڪا به سختي نه ٿي
ڪيائين (ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 349).
جھانگير پنھنجي تزڪ ۾ لکي ٿو: يارهين سال جلوس جي
(جيڪو 01 ربيع الاول 1025هه کان شروع ٿئي ٿو) بکر
جي حاڪم بايزيد کي (28 ربيع الاول 1025هه) ۾ هڪ
هاٿيءَ جي واڳ حوالي ڪيم (158). ان سان ظاهر ٿئي
ٿو ته هو انھيءَ ئي سال بکر جو حاڪم مقرر ٿيو هو.
لب تاريخ سنڌ، جي مؤلف به اهو ئي سال لکيو آهي:
سال پندرهين جلوس جھانگيري ۾ هو بکر کان بدلي ٿي
ٺٽي ويو. جھانگير تزڪ ۾ سال پندرهين جي واقعن بابت
جيڪو (جمعي ڏينھن 15 ربيع الثاني 1029هه ۾ شروع
ٿئي ٿو) لکيو آهي، ڇنڇر 25 ربيع الثاني 1029هه
ڌاري سيد بايزيد بخاري کي بکر جي فوجداريءَ جي
عهدي تان ٺٽي جي حاڪميت تي مامور ڪيو ويو. کيس اصل
منصب سان گڏ اضافي طور ٻه هزار ذاتي ۽ پنڌرهن سؤ
سوارن جو عهدو ۽ جهنڊو عنايت ڪيم (309).
هن بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته بايزيد 1025هه ۾ بکر
جو حاڪم مقرر ٿي، چئن سالن تائين اتي رهيو، ۽
1029هه ڌاري اتان تبديل ٿي ٺٽي ۾ آيو، اتي ئي وفات
ڪيائين، جتان سندس لاش کڻائي وڃي اچ ۾ دفن ڪرايو
ويو.
سندس وفات جي تاريخ بابت جھانگير تزڪ ۾ ويهين سال
جي واقعن تي لِکندي بيان ڪيو ته: (سال 20 جھانگيري
تاريخ 10 جمادي الثاني ڇنڇر ڏينھن 1034هه کان شروع
ٿيو) ٺٽي جي حاڪم مصطفى خان (سيد بايزيد) 11 محرم
1035هه تي وفات ڪئي، تنھن کان پوءِ اهو صوبو
شھريار جي حوالي ڪيو ويو (407).
انھيءَ مان خبر پوي ٿي ته ذوالحج جي پڇاڙي 1034هه
يا محرم مھيني ۾ 1035هه ڌاري هن وفات ڪئي هوندي.
(23)
باقي جان خواجه
(متعلق ص 145، ح 1)
ماثر الامراء (ج 2، ص 650) ۾ هن بابت لکيل آهي:
بادشاه خواجه نالي آتائي سيدن مان، ۽ ماءُ جي
پاران نقشبندي هو. سندس بھادريءَ جي ڪارنامن سبب
اڪبر بادشاهه کيس شير خواجه جو نالو ڏنو. اڪبر جي
وفات کان پوءِ جھانگير هن کي خلعت عطا ڪئي. ڀت
درياءَ
واري وڳوڙ ۾ جڏهن مهابت خان (جھانگير سان) زبردست
گستاخي ڪئي هئي ته هي جھانگير سان شامل هو.
جھانگير جي وفات کان پوءِ هي آصف جاهي سان گڏجي
شهزادي شھريار خلاف لڙيو. شاهجھان جي پھرئين سال
جلوس ۾ قدم بوسيءَ کان مشرف ٿيو. کيس چار هزاري
ذات هڪ هزار سوارن جو منصب ۽ خواجه باقي خان جو
خطاب مليو. پوءِ ٺٽي جي صوبيداريءَ تي فائز ٿي،
اوڏانھن روانو ٿيو. واٽ ويندي 1037هه ۾ وفات
ڪيائين. سندس پٽ خواجه هاشم پنج سؤ ذات ۽ هڪ سؤ
سوارن جي منصب تي فائز ٿيو.
ماثر الامراء ۾ سندس سيوهڻ واري صوبيداريءَ جو ذڪر
نه ٿو ملي. بادشاهه نامه (ص 1-181)، مان خبر پوي
ٿي ته شاهجھان 1- رجب 1037هه ڌاري خواجه باقي کي
ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو.
(24)
شرير الملڪ
(متعلق، ص 150، ح 2)
هن جو اصل نالو نواب شريف الملڪ هو. شهزادو
شاهجھان جنھن زماني ۾ ٺٽي آيو ته شريف الملڪ قلعي
جا دروازا بند ڪري مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ ڪي
نازيبا حرڪتون ڪيائين. جنھن ڪري شاهجھاني مؤرخن هن
کي شريف الملڪ بدران شرير الملڪ جو نالو ڏنو. اهو
واقعو ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ هن ريت آيل آهي:
نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (هڪ اک کان ڪاڻو)
ٺٽي جو حاڪم ٿيو. سندس دور ۾ سال 21 جلوس جھانگيري
مطابق 1035هه شهزادو شاهجھان پيءُ کان ڪاوڙجي عراق
عجم جي بهاني پنھنجي خاص ماڻھن سان گڏجي ٺٽي پهتو.
سندس ارادو هو ته ڪي ڏينھن اتي رهجي. ان بهاني
شريف الملڪ ساڻس مهاڏو اٽڪايو ۽ ٻنهي پاسن کان
لڙائي هلي. شهزادي شھر جي ڪيترن پاسن کان حملا ڪيا
پر شڪست کاڌائين. مڪليءَ لڳ پير بدر جي ڀرسان ٻنهي
ڌرين پاڻ ۾ ڏاڍيون چڪريون ڏنيون، جتي اڃا سوڌا
مُئلن جا هڏا موجود آهن.
چون ٿا ته هڪ ڏينھن شاهجھان جي ڳورهاري بيگم ڏاڙهن
جي طلب ڪئي. شهزادي پنھنجي هٿ اکرن سان چٺي لکي
شريف الملڪ کي ڏياري موڪلي. هن جواب ۾ لکيو ته اهي
ڏاڙهون آءُ پاڻ بيگم ڏانھن اماڻيان پيو. ائين چئي
فرنگي توب انداز کي حڪم ڪيائين ته بيگم ڏانھن توب
جا گولا اڇلاءِ. پوءِ واڪو ڪري چيائين ته هتي اهي
ئي ڏاڙهون آهن. توب جي صدمي کان بيگم جو ٻار ڪهائي
ٿي پيو. اها توب خود شريف الملڪ دوربين مان ڏسي
باهه ڏئي ڇوڙي هئي. سندس خيال هو ته خود شهزادو
نشاني تي اچي ويندو. پر شهزادو اڳ ئي اک ڇنڀ ۾
پاسيرو ٿي ويو هو، جنھن ڪري توب جو وارو خطا ٿي
ويو. شريف الملڪ وار خالي ڏسي خار مان آڱر پنھنجي
اک ۾ وهائي ڪڍي، جنھن سان نشانو ٻڌو هئائين. طيش ۾
سندس تارو ٻاهر نڪري چڪو هو. ان ڏينھن کان کيس
ڪاڻو ڪوٺيو ويو. ڪنھن چواڻي پنھنجا ئي پرڪار کيس
پڄي آيا. آخر ۾ شهزادي جي جلوس (بادشاهي) کان اڳ
انھي انتقام ۾ وٺجي ويو، ۽ سندس ڪي منصبدار به
معتوب ٿيا (ج 3، ص 94).
تزڪ جھانگيري، جي تڪملي ۾ محمد هادي خان 21 سال
جلوس (جنھن جي شروعات 22 جمادي الثاني 1035هه ۾ ٿي
هئي) جي واقعي ۾ لکي ٿو: شاهجھان پنھنجا ڪي ماڻھو
ساڻ ڪري ٺٽي روانو ٿيو، تنھن زماني ۾ ايران جي
بادشاهه، شاه عباس سان سندس دوستي ۽ خط ڪتابت جي
واٽ هئي. خود شاهه عباس به هن جي احوال جو منتظر
پي رهيو. ان ڪري شهزادي سوچيو ته انھيءَ پاسي وڃي،
جيئن شاه عباس جي ويجھڙائي ۾ هجي. ممڪن آهي ته ان
جي مدد سان سڀئي جهڳڙا ختم ٿي وڃن. جڏهن اها ڳڻ
ڪري هو ٺٽي ۾ آيو ته شريف الملڪ اتان جو حاڪم هو،
سو نَوَ هزار سوار ۽ ٻارهن هزار پيادا گڏ ڪري، شھر
جي قلعي جا گهٽ سوگها جهلي، جنگ لاءِ آماده ٿيو.
ٻئي پاسي ٽي چار سؤ سوار شهزادي سان گڏ هئا تنھن
ڪري هو مقابلي بدران شھر ۾ داخل ٿي گهيري اندر اچي
ويو. شريف الملڪ اڳي ئي قلعي جي مرمت ڪرائي اتي
توبچي ۽ بندوقچي ويهاري ڇڏيا هئا ۽ هو هڪدم قلعي
۾ گهڙي آيو ۽ جنگ شروع ڪري ڏنائين. شاهجھان پنھنجي
ماڻھن کي جنگ کان جهلي ڇڏيو، ۽ کين هدايت ڪيائين
ته هروڀرو رعيت کي به ٻوهي ۾ نه آڻين. ان جي
باوجود ڪي ماڻھو همت ڪري قلعي تي چڙهي ويا، ليڪن
ٻيءَ ڌر جي مڪمل انتظام هئڻ سبب ڪجهه نه ڪري
سگهيا. آخر موٽي هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا. ٿورن ڏينھن
کان پوءِ وري قلعي تي ڪاهه ڪيائون. جڏهن مٿي ويا
ته ڏٺائون ته قلعي جو ميدان سنئون سڌو هو، ان ۾ ڪا
به هيٺ مٿانھين يا ٻي ڪا به اڙ ڪا نه هئي. هنن
پنھنجون ڍالون منھن تي ڏئي ڪاهيو پر قضا سان انھن
کي پريان کان پاڻي ڀريل کڏ نظر آئي، جنھن کان وڌي
اڳتي وڃڻ به محال ته پوئتي ورڻ هنن لاءِ مشڪل ٿي
پيو. نيٺ ميدان ۾ ترسي توڪل جو ترهو ٻڌائون. پر
انھيءَ وچ ۾ شاهجھان ڪن حالتن سبب مجبور ٿي پيو.
سندس عراق وارو سفر پوئتي پئجي ويو. تنھن کان
سواءِ کيس شهزادي پرويز جي بيماري جي خبر ملي ۽ پڪ
ٿيس ته هو انھيءَ مرض مان چڙهي نه سگهندو. ان لاءِ
نورجھان بيگم کيس لکيو هو ته مهابت خان ڪي ابتا
پير کڻڻ شروع ڪيا آهن، متان اوهان جي اولاد تي ڪا
مصيبت اچي. ان ڪري ڀلائي ان ۾ آهي ته تون دکن
ڏانھن موٽي وڃ، جيسين تائين حالتون سازگار ٿين.
ستت ئي هو بيماري ۽ ڪمزوري هوندي پالڪيءَ ۾ سوار
ٿي، گجرات ۽ بهار جي پاسي کان دکن ڏانھن ورڻ لڳو.
ايتري ۾ شهزادي پرويز جي وفات جي جي خبر اچي
پهتيس. پرويز جي وفات اربع ڏينھن 7- صفر 1035هه ۾
ٿي هئي (تزڪ، ص 425-426).
(25)
احمد بيگ خان
(متعلق، ص 145، ح 1)
احمد خان (ابراهيم خان فتح جنگ ولد اعتماد الدولہ
جيڪو مرزا غياث جو ڀائٽيو هو). ماثر الامراء، جي
بيان موجب: شاهجھان جڏهن (8- جمادي الثاني
1037هه) هندستان جو بادشاهه ٿيو ته، هن کي ٻه هزار
ذاتي ۽ پندرهن سون سوارن جو منصب عطا ڪري سيوهڻ جو
فوجدار ۽ جاگيردار مقرر ڪيائين. ان کان پوءِ هو
يمين الدولہ آصف خان جي نائب جي حيثيت ۾ ملتان جو
حاڪم ٿيو .
(ج 1، ص 195).
(26)
مرتضى خان مرزا حسام الدين
(متعلق، ص 145، ح 1)
مير حسام الدين مرتضى خان انجو ولد مير جمال الدين
عضدالدولہ، احمد بيگ جي ڀيڻ پرڻيل هو (ماثر ج 3، ص
382). ماثر جي مصنف لکيو آهي: شاهجھان جي تخت
نشينيءَ کان پوءِ گذريل ڪارنامن جي ڪري هن کي چار
هزاري منصب ۽ ٽي هزار سوارن سان سرفراز ڪيو ويو.
انھيءَ سال کيس مرتضى خان جو لقب ۽ پنجاهه هزار
روڪ ڏئي سيد خواجه جي جاءِ تي جيڪو ٺٽي ڏانھن
ويندي واٽ تي فوت ٿيو هو، ٺٽي جي صوبيداريءَ لاءِ
مقرر ڪيو ويو، پر قضا سان هي اڃا اتي ٿانيڪو مس
ٿيو ته سال ٻئي جلوس (1039هه) ۾ گذر ڪري ويو (ج 3،
ص 384).
بادشاهه نامه (ج 1، ص 287) مان معلوم ٿئي ٿو ته
مرتضى خان جي رحلت کان پوءِ مير ابوالبقا امير خان
جيڪو ان وقت ملتان ۾ يمين الدولہ جو نائب هو تنھن
کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. بادشاه نامه جي
عبارت هن ريت آهي: جڏهن خبر پئي ته مرتضى خان ولد
مير جمال الدين حسين خان ٺٽي جو صوبيدار هن جهان
مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته، امير خان (ابوالبقا)
ولد قاسم خان (مير ابوالقاسم) نمڪين کي، جيڪو يمين
الدولہ جي نائبيءَ ۾ ملتان پاسي هو تنھن کي انھي
صوبي.....تي مقرر ڪيو ويو.
(27)
حڪيم صالح
(متعلق، ص 161، ح 1)
جڏهن بکر آصف خان جي جاگير ۾ آيو ته، حڪيم محمد
صالح اتان جو عامل مقرر ٿيو. هي ڪي سال ان عهدي تي
اتي رهيو. تاريخ معصومي جي ضميمي مان معلوم ٿئي ٿو
ته سال 1038هه کان سال 1042هه تائين بکر، نواب آصف
جاهي جي جاگير ۾ هو ۽ حڪيم محمد صالح 1043هه تائين
اتي رهيو. شيخ فريد بکري مؤلف ”ذخيرة الخوانين“
جيڪو ان وقت خان جهان لوڌيءَ جي ملازمت ڇڏي بکر ۾
قيام پذير هو، مرزا حسين جي سلسلي ۾، حڪيم محمد
صالح بابت هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته، ڪتاب (ذخيرة
الخوانين) جو مؤلف دولت خان جي تفرقي ۽ ناراضگي
سبب عجيب غريب حالتن ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندو اچي
پنھنجي وطن بکر ۾ پهتو. مرزا حسين جيڪو انھن ڏينھن
۾ بکر جو صوبيدار هو، تنھن سرڪاري اختيار ۽ اعزاز
هن ڪمترين کي عطا ڪيا. سندس چڱو گذر ٿيڻ لڳو ۽ هن
کي ڪافي ملڪيت به هٿ اچي وئي. اها ڳالھه حڪيم محمد
صالح، نواب آصف جاهي جي عامل کي نه وڻي. هُن مان
سنگهه (وقائع نويس) کان لکرايو ته فلاڻو (شيخ
فريد) هتي اچڻ کان پوءِ افغانن کي هڪ هنڌ گڏ پيو
ڪري. خان جهان جيڪو سرونج
تائين پھچي چڪو هو، تنھن کي بکر اچڻ لاءِ ٿي
ڀڙڪايائين ۽ شير خان ترين، شال ۽ مستونگ کان اچي
بکر جي علائقي ۾، ڳوٺ گنجابي ۾ ڦُرلٽ مچائي ڏني
هئي. ان ڪري هن جو هتي رهڻ نقصان ڪار آهي. نيٺ
فرمان جاري ٿيو ته هن (شيخ فريد) کان معتبر ضامن
وٺي کيس شاهي درٻار ڏانھن موڪليو وڃي. آخرڪار مرزا
حسين به اتان بدلي ٿي، هن سان گڏ برهان پور وڃي،
شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
(ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 385)
(28)
محمد علي بيگ بندري
(متعلق، ص 161، ح 2)
محمد علي بيگ بندري، اصفهاني هو. جھانگير جي زماني
۾ ڪي ڏينھن لاهري بندر جو حاڪم رهيو، ۽ کيس بندري
لقب ڏنو ويو. پوءِ بکر جو فوجدار ٿيو، جتي سميجن ۽
ٻين وڳوڙين جا فساد جاري هئا. انھن کي پنھنجي
سياڻپ سان هٿ آڻي بکر جي قلعي ۾ بند ڪيائين. جڏهن
بکر، نواب آصف جاهي ۽ نورجھان بيگم جي جاگير ۾ آيو
ته هن کان ڪي ڪوتاهيون ٿيون، جنھن ڪري قيد ۾ پيو.
آخر گهڻي خواريءَ کان پوءِ اتي وفات ڪيائين. سندس
ڀاڻيجو سلطان احمد نالي ڏاڍو تعصبي هو. ٽن خليفن
جا نالا جتي جي تري تي لکي هلندو هو. هن جاهل هئڻ
ڪري ائين ٿي ڪيو، جيڪڏهن پڙهيل هجي ها ته ائين نه
ڪري ها پر ٺپ جاهل هو. نيٺ کيس به موت اچي ويو
(ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 402).
تاريخ معصومي جي ضميمي ۾ لکيل آهي:”سال 1038هه بکر
جو صوبو نورجھان جي جاگير مان ڦري نواب آصف کي
مليو. انھي سال محمد علي بيگ بکر جو فوجدار مقرر
ٿيو. هي ڏاڍو چڱو ماڻھو، خدا ترس ۽ بھادر هو. هن
سميجن تي ڪاهي کين تاراج ڪيو هو ۽ بودلي نالي
سميجي کي ٻڌي بکر جي قلعي ۾ آندو هئائين. محمد
عليءَ جي بدلي کان پوءِ بکر سرڪار تي مرزا حسين
حاڪم ٿي آيو.“
(29)
ديندار خان
(متعلق، ص 164، ح 2)
هن جو اصل نالو سيد بهووه هو، مرتضى خان بخاريءَ
جي عزيزن سان تعلق ٿي رکيائين. 18 سال جلوس
جھانگيري ڌاري دهلي جو حاڪم ٿيو. پوءِ جڏهن مهابت
خان گستاخي جو مرتڪب ٿيو ۽ سلطنت جي نافرماني
ڪيائين ته هن کي ان جي پٺيان ويل فوج سان شامل ڪيو
ويو. اهي اجمير پھچي هڪ ٻئي سان دوبدو ٿيا. انھيءَ
وچ ۾ جھانگير جو انتقال ٿيو ۽ شاهجھان انھي مھم کي
سر ڪرڻ لاءِ ويو. هي پھرئين سال جلوس شاهجھاني
ڌاري ٻه هزاري منصب ٻارهن سؤ سوارن ۽ ديندار خان
جي لقب سان سرفراز ٿيو. کيس خلعت، جڙائو خنجر ۽
گهوڙو عنايت ڪري دوآبي جي فوجداريءَ تي رکيو ويو.
اٺين سال جلوس ڌاري شاهجھان لاهور کان آگري جي
دارالخلافـﮧ ڏانھن اُسهيو ۽ اسلام خان کي هڪ فوج
سان گڏي دوآبي جي وڳوڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ روانو
ڪيائين. ديندار خان به ان جي همراهي ۾ اوڏانھن
ويو. ان کان پوءِ ساڳئي سال شهزادي محمد اورنگزيب
بھادر سان گڏ جڏهن هو ججهار سنگهه بنديلي سان منھن
ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو ته هن کي به ان مھم تي مقرر
ڪيو ويو. ٿوري عرصي کان پوءِ (1045هه) وفات ڪيائين
(ماثر الامراء، جلد 2، ص 23-24).
ذخيرة الخوانين، جي مؤلف لکيو آهي: هي شاهجھان جي
دور ۾ ديندار جي خطاب سان سرفراز ٿيو. کيس سيوهڻ
سرڪار جاگير طور ڏني وئي. اتي چڱا ڏينھن
گذاريائين. هر مھيني هڪ بزرگ جو عرس پي ڪيائين،
جنھن ۾ ديڳيون جام پي چڙهيون. نماز، روزي، اشراق،
اضحى ۽ تهجد ڏانھن گهڻو مائل هو. خيرات به گهڻي ٿي
ڪيائين. مرتضى خان کي ياد ڪري سدائين پيو روئندو
هو. پنھنجي پٽ تي شيخ فريد نالو رکيو هئائين، جيڪو
قطب الاقطاب ميران سيد جلال ولد ميران سيد محمد
بخاري گجراتي جو ناٺي هو. ديندار خان جو جھڙو نالو
هو اهڙا ئي اوصاف هئس. هي طبعي موت مري ويو هو.
قلندر جي درگاهه ۽ شيخ ڇٽي امراڻي جي مزار تي هن
جيڪي ڪتبا لڳرايا هئا، انھن مان معلوم ٿئي ٿو ته
هي سال 40-41-42-1043هه تائين سيوهڻ ۾ هو.
(30)
جان نثار خان
(متعلق، ص 169، ح 1)
ڪمال الدين حسين نالي، جان نثار خان جنيري،
شاهجھان جي شهزادگي واري زماني ۾ سندس چڱن
خدمتگارن مان مزاج شناس وفادار ۽ فداڪار ملازم هو.
ٽئين سال جلوس شاهجھاني ڌاري ديانت خان جي انتقال
کان پوءِ هي احمد نگر جو قلعي دار مقرر ٿيو. کيس
چاليهه هزار روپيا راه خرچ جي مدد طور مليا. چوٿين
سال جلوس شاهجھاني ڌاري هن کي پنج سـؤ منصب ۽ پنج
سـؤ سوارن سان سرفراز ڪري، مکي جهنگل جو فوجدار
مامور ڪيو ويو. ان کان پوءِ هي سيوهڻ جو فوجدار
مقرر ٿي آيو. يارهين سال جلوس ڌاري جڏهن شاهي فوجن
قنڌار واري قلعي تي چڙهائي ڪئي، ۽ اوسي پاسي جا
صوبيدار توڙي فوجدار پنھنجي سپاهه سميت مدد طور
اوڏانھن وڃي پهتا ته، جان نثار خان به پنھنجي
علائقي مان اوڏانھن ويو ۽ پنھنجون خدمتون ان مھم
سر ڪرڻ لاءِ سرانجام ڏنائين. جان نثار خان، قنڌار
جي صوبيدار قليچ خان جي همراهيءَ ۾ قلعي تي
چڙهائيءَ دوران ڏاڍي سورهيائي ڏيکاري چڪو هو. سال
ٻارهين جلوس ڌاري سندس منصب ۾ پنجن سون سوارن جو
اضافو ڪري کيس سيوهڻ کان بکر موڪليو ويو، جتي يوسف
محمد خان جي بدلي سبب پنھنجي عهدي تي فائز ٿيو، ان
سال ئي سندس رحلت ٿي.
ذخيرة الخوانين ۾ لکيل آهي: جان نثار خان جڏهن
سيوهڻ جو حاڪم هو ته اتان جي وڏيرن سميجن ۽ سوڍن
مان ڪيئي ڇوڪريون پنھنجي نڪاح ۾ آنديون هئائين.
تنھن ڪري سندس عملداريءَ وڌيڪ جٽاءُ ڪيو ۽ ڪو به
گوڙ وڳوڙ پيدا نه ٿيو. جڏهن مري ويو ته وڏيرن مان
هرڪو پنھنجي ڌيءَ کي پنھنجي پنھنجي گهر وٺي ويو.
شايد اهي واقعا بکر سان تعلق رکندا هجن، جا سيوهڻ
جي سرحد سان لڳ آهي. اهو گمان ان ڪري پيدا ٿئي ٿو
ته هن جي وفات سيوهڻ ۾ نه ٿي هئي.
(ماثر الامراء، ج1، ص 527- 529)
کمرد (کهمرد) جو قلعو ڪابل جي حدن ۾
واقع آهي (ماثر الامراء اردو، ج 2، ص 633،
مطبوعه مرڪزي اردو بورڊ، لاهور 1969ع)
(مترجم).
اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ سڃاڻپ لاءِ
جانورن جي مختلف عضون تي داغ ڏنا ويندا
هئا، جنهن لاءِ ڪي قاعدا قانون وضع ڪيل
هئا. (ڏسو آئين اڪبري، جلد پھريون، ص 374
کان 378، مطبوعه جامع عثمانيه دکن)،
(مترجم جو نوٽ).
ڀت، جهلم درياهه جو پراڻو نالو آهي
(ماثر الامراء ج 2، ص 157) (مترجم).
ڏکڻ هند جو هڪ علائقو، خان جهان انهيءَ
پاسي شاهجھان جي فوجن سان لڙندي، 1040هه ۾
مارجي ويو هو (ماثر الامراء، جلد پھريون،
اردو، سال 1968ع، ص 723). (مترجم)
|