|
باب چوٿون
•
ملڪ سيوهڻ جي باري
۾
•
۽
هي باب پنجن فصلن تي مشتمل آهي
فصل پھريون
هن ملڪ جي پرڳڻن جو احوال
سيوهڻ، پراڻي ڪچي قلعي جي صورت ۾ مٽيءَ جي وڏي دڙي
تي درياهه جي سيتپور ناهران طرف واري ڪناري تي
آباد آهي. درياهه، قلعي جي اترئين پاسي ۽ شھر ان
جي ڏاکڻين طرف اچي ٿو. قلندر شهباز
جو مقبرو شھر جي آخر ۾، ۽ مخدوم ڇٽي امراڻي
جي مزار شھر کان اڌ ميل جي مفاصلي تي آهي. ٿورو
پريان جبل نظر اچي ٿو، جنھن جو پٿر ڪچو ۽ واريءَ
گاڏڙ سائي رنگ تي آهي. ان جي ڊيگهه (266-2) ڇهه
ميل ۽ ويڪر اڌ ميل کن ٿيندي. جبل جي مهاڙي ۾ هڪ
ٿنڀي
تي ننڍي ٽڪريءَ تي هڪ جاءِ آهي، جا ڪنھن زماني ۾
هڪڙي ٽڪريءَ مان گهڙي ٺاهي، هڪڙي ٿنڀي تي بيهاري
وئي هئي، ان کي حضرت عليءَ جي نظرگاهه به سڏيو وڃي
ٿو. انھي ٽڪريءَ تي مؤلف جي والد (مير ابوالقاسم
نمڪين) بکر جي ”صفه صفا“ وانگي ”صفه وفا“ نالي
ويڪرو ٿلهو ٺھرايو هو، جتي چانڊوڪين راتين ۾ سندس
ڪچهريون لڳنديون هيون. دستور موجب اهل علم مهمانن
توڙي سپاهين جي خاطر تواضع نار جي گدرن سان ڪئي
ويندي هئي. اها جاءِ اڃا سوڌي (1044هه تائين) قائم
آهي، جنھن جي پکيڙ اڌ ميل ۾ ٿيندي. هتي ڳاڙهي واري
عام آهي، ان ۾ ريگ ماهي
جام ٿئي ٿي، جنھن جو شڪار اونهاري جي مند ۾
مينهوڳي کان اڳ ڪيو وڃي ٿو (267-1). هتان جي
وارياسي زمين مان قدرتي پاڻي جا ڪيئي چشما لعل
شهباز جا ليکايا وڃن ٿا. قلندر جا مجاور انھن جي
پاڻي تي پوکون ڪندا آهن
شھر جا ماڻھو جيڪي وڏي ”دڪري“ (وهندڙ چشمي) تائين
نه ٿا پھچي سگهن، انھن مان خاص ڪري هندو زالين
مردين هتي اچي وهنجندا آهن. هيءَ ننڍي واهي سڏبي
آهي
وڏي واهيءَ جو احوال اڳتي ايندو. شھر کان ٽي ڪوهه
پرتي پڪو پهاڙ آهي، جنھن جو پٿر اڇو ۽ سخت ٿئي ٿو.
اهو پهاڙ ڏکڻ ڏانھن وڃي سمنڊ ۽ ڪيچ مڪران سان ملي
ٿو، اتر ۾ قنڌار، ڪابل ۽ ڪشمير جي (267-2) پهاڙن
سان ڳنڍيل آهي. هن جي وچ ۾ گهڻي آبادي ٿئي ٿي.
آسپاس جا بلوچ توڙي ٻيا ماڻھو هتي هڪ هنڌ وهڻ
بدران جتي به گاهه پٺو گهڻو ٿا ڏسن اتي لڏو لاهي
وهن ٿا. هتي ڪي قلعا به آهن، جن ۾ پوکي راهي ٿئي
ٿي، جھڙوڪ: ڪانھري
وارو قلعو، انون ٻيلو، ڪوهيار ۽ وڻڪار وغيره.
انھيءَ پهاڙ جي پويان لڪيءَ واري جبل تي پڪ سرو
قبو نظر اچي ٿو، جو اڄ ڪلهه ويران آهي. اهو قبو
شھر کان چئن ڪوهن تي ٿيندو ۽ مرزا محمد باقيءَ جي
ماڙيءَ نالي مشهور آهي، هن جبل مان ٻه واٽون نڪرن
ٿيون، هڪڙي باقي جي واٽ سڏجي ٿي، جنھن لاءِ چيو
وڃي ٿو ته اها مرزا محمد باقي ترخان
ٽڪر ٽڪائي ڪڍرائي هئي، ٻي گهاڻي واري واٽ آهي جا
مٿين ماڙي وٽان لنگهي ٿي. انھي واٽ تي (268-1)
گهاڻي جھڙو پٿر پيل آهي، جنھن تان هن تي اهو نالو
پيو هو. هي ٻيئي ڏکيون واٽون آهن، جنھن ڪري ورلي
هتان لنگهندڙن جي جان بچي سگهي ٿي. ڪيئي ماڻھو هن
پاسي جي بلوچن هٿان شھيد ٿي چڪا آهن. هن ٽڪر ۾
ڪيئي شھيد ۽ غيب وارا پيا ٻجهن. ڪيترا ڀيرا اڌ رات
جي وڳڙي ۾ انھن جي ذڪر جو آواز وڏي واڪي ٻڌڻ ۾ آيو
آهي. انھيءَ ٽڪر جي هيٺاهين ۾ مرزا جاني بيگ
ترخان، اڪبر بادشاهه جي فوجن سان مقابلو ڪيو هو،
جن کي خان خانان سيوهڻ جي قلعي تي گهيرو ڪرڻ لاءِ
ڇڏي پاڻ چاچڪان جي سرڪار ۽ جون (جوڻ) ڏانھن هليو
ويو هو. مرزا جاني بيگ کي نيٺ شڪست آئي، جنھن سندس
چيلهه ڀڃي ڇڏي. راجا توڏرمل جو پٽ دارو
انھي جنگ ۾ مارجي ويو.
انھيءَ سيوهڻ واري قلعي سان (268-2) يارهن پرڳڻن
جو لاڳاپو رهي ٿو، جن مان اٺ پرڳڻا درياهه جي هن
ڀر قلعي طرف ۽ ٽي پرڳڻا درياهه جي پرئين پاسي آهن.
مٿين اٺن پرڳڻن مان هڪ وڏو پرڳڻو باغبانن جو آهي،
جنھن ۾ هيٺيون چار قومون ۽ ذاتيون رهن ٿيون.
باغبانن جا ملڪ، پنھور، ابڙا ۽ سميجن جو گروه جنھن
۾ چار ذاتيون آهن:
1. جوڻيجن جي قوم،
2. پرين جي قوم،
3. بُڪيا (ٻگهيا) قوم.
اهي ڇهه قومون رعيت ليکجن ٿيون. منجهن ڪا به
ڏنگائي ناهي. ساڳئي وقت سرڪاري ڍل به پرين ٿيون.
4.
ٿيٻن جي قوم.
اها قوم سميجن انڙن وانگي ڏاڍي شوم آهي. جيڪڏهن
فصل لهڻ مهل سرڪاري عملدارن جي مٿانئن چڙهائي ٿئي
ٿي ته ڪجهه نه ڪجهه ڍل ڏين ٿا، نه ته ڪا شيءِ
وٽانئن وصول نه ٿي ٿئي. هن قوم جا چار ڳوٺ آهن، جن
مان ٽن جو تعلق (269-1) مٿئين پرڳڻي سان آهي. انھن
ڳوٺن کي ڪنڌ ڪوٽ، ڇني
۽ ٿيٻن جو ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. چوٿون پٽريجي
ڳوٺ آهي، جيڪو بکر جي سرڪار واري ٽڪر جي پرڳڻي سان
تعلق رکي ٿو.
سمن جي دور ۾ هي پرڳڻو حد کان وڌيڪ آباد ۽ سرسبز
هو. مخدوم جعفر بوبڪائي جيڪو سنڌ جي مشهور عالمن
مان هو، مرزا عيسى ترخان
کان نقل ٿو ڪري، ته شاهه بيگ ارغون جي فوج جيڪا
قنڌار کان سنڌ تي مقرر ٿيل هئي، تنھن هتي پھچي
باغبان پرڳڻي کي تاراج ڪيو. هتي هڪ هزار اٺ باغن
جي نارن ۾ وهندا هئا، جيڪي هنن هٿ ڪيا. اهڙيءَ طرح
هن پرڳڻي جي آبادي ۽ وسنديءَ جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو. اهو پرڳڻو ترخانن جي زماني ۾ پڻ چڱيءَ
طرح آباد هو.
سلطان محمد برتتڪاني
ارغون هن پرڳڻي جو ٿاڻيدار هو. هي ڪيترين جاين تي
قلعا جوڙائي (269-2) پنھنجا ماڻھو اتي مقرر ڪري،
پاڻ ڦلجي
وارو قلعو وسائي ويٺو، جنھن ڪري رعيتي ماڻھو
وڳوڙين جي گهمسان کان امن امان ۾ هئا.
هن علائقي ۾ جيئن ته بد بخت چانڊين ۽ ٿيٻن جي
گهڻائي آهي ۽ هتي پوريءَ ريت ٿاڻا قائم ڪري نه ٿا
سگهجن. ان ڪري ڪيئي ديهون ويران رهن ٿيون. هن
پرڳڻي ۾ مها نالي وڏي ڍنڍ آهي، جنھن ۾ پرڪلڪي
(پوپري)
مڇي جام ٿئي ٿي.
ٻيو پرڳڻو پاٽ آهي
هتي خواجن جو امن پسند راڄ رهي ٿو، جنھن کي
جاگيردار جي ٽيڪ جي ضرورت رهي ٿي.
ٽيون پرڳڻو نيرون وارو قلعو
آهي. اڳئين زماني ۾ هن ڳوٺ کي واهي سڏيو ٿي ويو.
واهي سنڌي زبان ۾ ننڍي شاخ کي چون ٿا. هتي جبلن
مان پاڻيءَ جي ڪاريز وهي اچي ٿي، جنھن مان چار
واهيون نڪرن ٿيون (270-1). اهي واهيون پٽن ۾ وڃي
پون ٿيون جتي ماڻھو پوکي راهي ڪندا آهن. پھريان
هي ڳوٺ ماڇين جو هو، جيڪي ڏاڍا اڙي باز هئا ۽
جاگيردار کي ڪا به ڍل نه ٿي ڏنائون. بختيار بيگ
ترڪمان انھن تي ڪاهي کين مت ڏني. پوءِ انھيءَ ڳوٺ
تي اڪبرآباد نالو رکي، ان کي پنھورن جي حوالي
ڪيائين، جيڪي رعيتي ريت هلندا ٿي رهيا. هر هڪ
واهيءَ تي انھن کي مقرر ڪيائين. هڪ واهي موسيٰ
پنھور کي، ٻي عيسيٰ پنھور کي، ٽين دائود پنھور کي
۽ چوٿين جلال پنھور کي ملي. اڃا تائين اهو ڳوٺ
پنھورن وٽ آهي، جو هن کان اڳ باغبانن جي پرڳڻي ۾
داخل هو. شمشير خان اوزبڪ جي ڏينھن ۾ اهو ڳوٺ
باغبانن جي پرڳڻي کان الڳ ڪري، ان تي نيرون قلعو
نالو رکي، سيوهڻ سرڪار جي حوالي ڪيو ويو، احمد بيگ
جي زماني ۾ (270-2) بلڪل ان کي ويراني ورائي وئي.
چوٿون ڳاهن وارو پرڳڻو آهي، هن وڏي پرڳڻي ۾ هيٺيون
قومون ۽ ذاتيون رهن ٿيون.
1- پنھور جيڪي قريشي سڏائين ٿا، بيبي حليما ”حضور
اڪرم جي دائيءَ“ جو اولاد چوائين ٿا.
2- ڪوريجا.
3- سميجا بُڪيا (ٻگهيا).
4- سميجا ٿيٻا .
5- راهه پوٽا، هي پڻ سميجن مان آهن .
6- ڀان.
7- سادات.
8- شيخ.
هن پرڳڻي ۾ پنھورن ۽ سميجن جي گهڻائي آهي. هي
پرڳڻو ڪنھن حد تائين پر امن رهي ٿو. هتان جي رعيت
جاگيردار کي ڍل ڏيڻ يا وڳوڙين تي ڪاهڻ مهل ڪا به
ڪوتاهي نه ٿي ڪري، ۽ هر وقت سندس مددگار رهي ٿي.
ليڪن احمد بيگ جي ظلم سبب (271-1) هي پرڳڻو پوئتي
پئجي ويو آهي، خاص ڪري ٽڪر وارا ڳوٺ وسنو کان خالي
آهن.
پنجون بوبڪ پرڳڻو آهي، هتي به ڪجهه ماڻھو (قبيلا)
رهن ٿا:
1-
بوبڪ، جيڪي پاڻ کي خلجي ٿا ڪوٺائين. هنن ۾ مخدوم
جعفر
بوبڪائيءَ جي اولاد مان ڪي مخدوم آهن، جيڪي بوبڪن
جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا.
2-
سميجا دل.
3-
سميجا بُڪيا (ٻگهيا).
4-
خواجا، جيڪي نو مسلم آهن.
5-
ڀَچا
جيڪي سميجن مان آهن.
6-
پنھور .
7-
هندو.
هن پرڳڻي جي رعيت نھايت غريب آهي، جاگيردار ان تي
جيڪي به ظلم ڪري ٿو، صبر سان سهندي رهي ٿي. منجهس
ڪا به خرابي ڪانھي. هي پرڳڻو ڏاڍو آباد ۽ سرسبز ٿي
سگهي ٿو، جيڪڏهن ماڻھن جي دل ورتي وڃي. پر هتي چغل
خور ۽ مَسهو ماڻھو گهڻا آهن (271-2). جڏهن به ڪو
نئون جاگيردار اچي ٿو ته هڪ ٻئي جي مسهائپ کان
ڇيڻاڀور ڪري، فتني جي باهه ڀڙڪائيندا رهن ٿا. جنھن
۾ ٻين سان گڏ پاڻ به سڙن پچن ٿا، جا ڳالھه هن
علائقي جي تباهيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿي.
ڇهون حويلي سيوهڻ پرڳڻو، هتان جي رعيت ڏاڍي مسڪين
آهي، ڪڏهن به دل ۾ غير نه ٿي آڻي.
ستون نيرون ڪوٽ
وارو پرڳڻو آهي، ڪنھن زماني ۾ هن جو نالو منڇر ڍنڍ
هو.
هتي ڪا به پوک نه ٿيندي آهي پر مڇين ۽ پکين جي کوٽ
ڪانھي. پوک نه هئڻ ڪري ماڻھو ڍل ڏيڻ کان انڪاري
رهن ٿا. هتي جي رعيت غريب ملاحن جي قوم آهي، جنھن
جو ڪڏهن به زمين تي پير نه ٿو پوي. هنن اکين سان
اَنُ ڪو نه ڏٺو آهي ۽ ڪپڙو به ڪين ڍڪي ڄاڻن
(272-1). هتي ماڻھو گاهه ۽ ڪانن مان مڏ ٺاهي ان تي
پڙڇ وجهي پاڻيءَ ۾ لهن ٿا، جنھن کي ترهو چيو وڃي
ٿو. انھيءَ ترهي جي وسيلي مڇين ۽ پکين جو شڪار
ڪندا آهن. هي تڏن کان پوشاڪ جو ڪم وٺن ٿا، مڇيون ۽
گاهه جون پاڙون سندن خوراڪ آهي. انھن کي بِههَ،
ڪُمَ، لوڙهه چوندا آهن. جيڪڏهن کين زمين تي آندو
وڃي ٿو ته گهمي ڦري نه ٿا سگهن.
هن ڍنڍ ۾ سورهن وڏيون دِهون آهن. هيءُ ڏهاڪو ڪوهن
۾ آهي. سياري ۾ هتي (272-2) آڙين، بدڪن ۽ ٻين پکين
جا ولر اچي گڏ ٿيندا آهن.
جن جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. اهي پکي جيڪي ڪروڙن تائين
هوندا آهن انھن جو شڪار ڪيئي طريقن سان ڪيو ويندو
آهي پر سڀ کان سٺو شڪار بندوق سان ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ
ته ان لاءِ ڪنھن لِڪ ڇپ جي ضرورت ناهي. اهو شڪار
ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿو ۽ هڪ ڌڪ سان ڪيئي پکي ڪيرائي
سگهجن ٿا. مؤلف (يوسف ميرڪ) پاڻ به ڪيئي ڀيرا هتي
بندوق سان شڪار ڪيو آهي.
ڍنڍ جي اوسي پاسي ڏير جو گاهه گهڻو ٿئي ٿو، جنھن
سان تڏا (پڙڇ) ٺهن ٿا (273-1). ربيع جي فصل کان
پوءِ جڏهن پاڻي لهي وڃي ٿو ته سيوهڻ ۽ بکر جا
ماڻھو هتي اچي ڏِير جون پاڙون ڪڍي، گرم ڪري، ان
مان ٻنڍ ٺاهي ٿا رکن، جن تي سڄو سال سندن گذارو
ٿيندو آهي. انھيءَ تي ئي پنھنجي ربيع ۽ خريف
گذارين ٿا. ڏير جي گاهه نه ٿيڻ ڪري ڪيترن
جاگيردارن جي عملداريءَ ۾ مؤلف هتي گهڻا ماڻھو
موجود نه ڏٺا، سواءِ ڪن ٿورڙن جي جيڪي هن علائقي
کي پنھنجو اباڻو ماڳ سمجهي لاچار کان هتي رهي، ٻنڍ
تي گذران ڪندا ٿي رهيا. منڇر توڙي ٻين ڍنڍن ۾
گيهر نالي گاهه به جام ٿئي ٿو، جيڪو گهوڙن کي
چاريو ويندو آهي (273-2) اهو گاهه جيڪڏهن، ڍڳي،
مينھن ۽ رڍ ٻڪريءَ کي کارايو وڃي ته انھن ۾ ٻجههَ
جو مرض پيدا ٿئي ٿو، جو يقيني طرح موت جو ڪارڻ
آهي.
اها ڍنڍ ڪڏهن حويليءَ سيوهڻ پرڳڻي ۾ داخل هئي.
شمشير خان اوزبڪ جي عملداري دوران ان کي نيرون ڪوٽ
جو نالو ڏئي، سيوهڻ سان ڳنڍي ڇڏيائون. هن ڍنڍ ۾ به
پوپري مڇي گهڻي ٿئي ٿي.
هن سرڪار ۾ اٺون سن جو وڏو پرڳڻو آهي، جنھن ۾ ڪيئي
ذاتيون ۽ قومون رهن ٿيون.
سادات .
لاکا .
ڪوريجا.
اهي ٽيئي قومون بلڪل مسڪين رعيتي آهن.
مانجهند .
کماڻ.
ڇڇر.
ڳاهيجا .
هي چار ئي سرڪش قومون آهن پر جاگيردار جي ٿوري
تنبيهه سان سڌيون ٿي وڃن ٿيون.
هتي سيدن جا چار ڳوٺ (274-2) سن، لڪي، آمري ۽ ٺٽي
ولي محمد آهن.
لڪيءَ وارا نج سيد آهن ۽ ٻين سيدن سان سڱابندي نه
ٿا ڪن. جڏهن جنت آشياني (همايون بادشاهه) ڪنھن
زماني ۾ هن پاسي آيو هو ته، انھن سيدن سندس خوب
خدمت چاڪري ڪئي هئي. جيتوڻيڪ سڄو ملڪ مرزا شاهه
حسن
ارغون جي حڪم سان ويران ٿي چڪو هو، تڏهن به سيد
سڳورا اتي ئي هئا. بادشاهي سپاه کي گاهه داڻي توڙي
رڍ ٻڪريءَ جي جيڪا به ضرورت پئي ٿي، سا هنن پوري
ٿي ڪئي. بادشاه هنن تي ڏاڍو راضي ٿيو ۽ کين جاگيرن
جا پروانا عطا ڪيائين. سيوهڻ جو پرڳڻو جڏهن
ابوالقاسم نمڪين جي جاگير ۾ آيو ته، ان کان اڳ
لڪيءَ جا سيد ڪن حادثن جي ڪري پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي
ڳاهن واري پرڳڻي ۾ وڃي ويٺا هئا. هنن کي اها سگهه
ڪا نه هئي ته وري پنھنجي ٿاڪن تي هليا اچن. مير
ابوالقاسم دم دلاسو ڏئي سڀني کي پنھنجي ڪکن ۾ آباد
ڪرايو. اهي اڃا تائين اتي ئي ويٺل آهن. مير
ابوالقاسم کي هنن جڏهن همايون بادشاهه جا پروانا
ڏيکاريا ته هن کين اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ وڃي
بخشش وٺڻ جو تاڪيد ڪيو. انھيءَ وچ ۾ اوچتو لڪيءَ
(275-1) جي ڳوٺ کي باهه لڳي، جنھن ۾ اهي پروانا
سڙي ويا.
هي پرڳڻو شمشير خان جي عملداريءَ جي شروعات ۾ گهڻي
قدر آباد هو، ڇا لاءِ ته هتي لاکا قوم جي ماڻھن جي
ڪثرت هئي. جن جي سميجن انڙن لعنتين سان دشمني
هلندي ٿي آئي. لاکن جا ڪي ڳوٺ درياهه جي اورينءَ
ڀر سن جي پاسي هئا جيڪي جابلو ماڻھن سان مقابلي ۾
آيا. هنن جا ڪي ڳوٺ درياهه جي پرينءَ ڀر سميجن
انڙن سان به لاڳيتا هئا، ۽ اُتي هو انھن سان
وڙهندا رهندا هئا. جيسين تائين شمشير خان اتي هو
تيسين تائين رعيت انھن ٻنهي قومن (لاکن ۽ سميجن
انڙن) جي کؤنس کان آجي هئي. ان ڪري جو هن درياهه
جي ڪنڌيءَ تي سن ۾ ٿاڻو قائم ڪري خواجه جان کي اتي
ويهاري ڇڏيو هو. ليڪن (275-2) شمشير خان جيئن هتان
قنڌار هليو ويو ته هي پرڳڻو ڏينھون ڏينھن ويران
ٿيندو رهيو. ويتر جو سميجن ۽ جابلو ماڻھن جا هٿ
لڳس ته هن جو خانو ئي خراب ٿي ويو. انھيءَ وٺ پڪڙ
۾ سيدن جا ٻه ڳوٺ آمري ۽ ٺٽي ماڳهين ويران ٿي ويا.
ڪيترن سيدن کي سميجن ۽ جابلو ماڻھن قتل ڪري ڇڏيو ۽
رعيت ڪک پن ٿيندي وئي. اهڙيءَ ريت ادرٻيلي وارو
ڳوٺ لاکن هٿان ۽ جيسروت جو ڳوٺ ڪوريجن هٿان ويران
ٿي ويو. ان کان پوءِ ديندار خان جي عملداريءَ ۾
ماڻھن وڃي ڪجهه سامت جو ساهه کنيو.
درياهه جي هُن ڀر هيٺيان ٽي پرڳڻا آهن:
پھريون جوڻيجن
وارو پرڳڻو، جيڪو هڪ وڏو پرڳڻو آهي، هتي هي قومون
رهن ٿيون:
1- ڪوريجا (272-1) .
2- پنھور .
3- شيخ.
اهي سڀئي هر طرح فرمان برداريءَ ۾ آهن.
4- سميجا بُڪيا (ٻگهيا).
هي ماڻھو ڏاڍا نافرمان آهن. سندن تعلق سميجن انڙن
سان رهي ٿو. شروعات ۾ هي به سميجن انڙن وانگر باغي
هئا، ۽ جاگيردار کي پنھنجي فصل مان فقط نالي ماتر
ڍل ڏيندا ٿي رهيا.پر مؤلف جي ڀاءُ مير ابوالبقا جي
زماني ۾ جڏهن مٿن ڪاهون ڪيون ويون ته شرافت سان هر
حڪم جي تعميل ڪندا رهيا، ۽ پوکي راهيءَ ڏانھن به
پورو ڌيان پي ڏنائون. اهي اڃا تائين حڪم هيٺ آهن.
هي پرڳڻو سميجن انڙن بد بختن جي هٿ وس آهي. ڪنھن
زماني ۾ ڪوريجا ۽ پنھور به هتي پڄنديءَ وارا هئا.
سميجن سان به پي ڳن ڏنائون ( 276-2)، ۽ جاگيردارن
سان به پورا رهندا ٿي آيا. هاڻي هنن جا حال زبون
آهن. ان ڪري سميجن جي مٿن هلان ٿيندي رهي ٿي. هن
پرڳڻي ۾ ڦاڙهي، هرڻ، روجهه وغيرهه جو شڪار گهڻو
ٿئي ٿو. هتي ريل نالي هڪ ڍنڍ آهي، جنھن ۾ آڙين جي
انگ جو شمار ڪونهي. اهي باز ۽ ڪوڙڪيءَ سان ڦاسايون
وڃن ٿيون. هن ڍنڍ ۾ به پوپري مڇي گهڻي ٿيندي آهي.
ٻيو پرڳڻو خطه
نالي سان آهي. هن ۾ هيٺيون قومون رهن ٿيون،
1-
هالي پوٽا.
2-
شيخ .
3-
سميجا اوٺا .
4-
سميجا پريا.
5-
سميجا بڪيا (ٻگهيا).
6-
راهوجا .
7-
ڪوريجا .
8-
ترڪ (277-1) .
9-
ڏيٿا.
10-
پلي .
11-
لاکا.
اهي سڀ ئي غريب مسڪين ۽ چئي آکئي ۾ آهن.
12- سميجا ڏاهري.
۽ اهي فسادي ڪن مهٽ جي لائق آهن.
راءِ سنگهه، گوريه
هندو جو ڏوهٽو جڏهن هن پرڳڻي جي ڪنھن ڀاڱي تي
جاگيردار هو، ته هنن ماڻھن سان ڪي چڪريون ڏنيون
هئائين. انھيءَ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هن وٽ
هڪ سؤ سوار هئا، ۽ انھن کان علاوه رعيت مان به سؤ
ڏيڍ پيادا ساڻ ڪري ٽلٽيءَ
کان ڏاهرين تي وڃي ڪاهه ڪيائين. جنھن وقت سندن ڳوٺ
جي ويجهو پهتو ته هنن کي پتو پئجي ويو، سو هڪ هزار
ڏاهري ( سوار ۽ پيادا) نڪري نروار ٿيا. راءِ سنگهه
جا ماڻھو ڀڄي جان ڇڏائڻ لڳا پر جيڏانھن ٿي ويا
ڏاهرين سندن پيڇو ٿي ڪيو. آخرڪار جهنگ جي وچ ۾
پھچي (277-2) پنجاهه پنجاهه سوار آسيرا پاسيرا ڪري
خالي پيل گس وٺي ويهي رهيا،جيئن ڪو ڏاهري اتان ٿي
لنگهيو ته ان کي تير هڻي ڪيرائيندا ٿي ويا. اٽڪل
ٽيهارو کن ڏاهرين جا پريا مڙس ماري وڌائون، ۽
ڪيترن سردارن کي قيد ڪيائون جن جا نالا شهمير ۽
ساند وغيره هئا. هن پاسي کان به ڪيترا ماڻھو قتل
ٿي ويا پر ڏاهرين کي شڪست اچي وئي. ان ڏينھن کان
پوءِ اهي ڏاهري سڀ ڏنڊ ۽ ڏن ڀريندا رهيا. وري هنن
جو جاگيردار سان ڪو وير ويڇو نه رهيو.
ٻي طاقتور قوم هالي پوٽن جي آهي، جا سميجن انڙن
سان پوري پوندي ٿي اچي. اهي پوکي راهيءَ سان گڏ
جاگيردار جي پوئواري به ڪندا رهن ٿا. شمشير خان
اوزبڪ جي عملداريءَ کان اڳ ۽ پوءِ (278-1) هن
پرڳڻي جي رعيت ڪجهه جاگيردارن جي ظلم ۽ زيادتين
سبب بد حال ٿي وئي، ۽ هاليپوٽن ۾ به ڪو حال نه
رهيو. ان ڪري سميجا زور وٺي ويا ۽ ٻنهي ڌرين ۾
رڳڙا هلي رهيا هئا ته ايتري ۾ احمد بيگ جي عملداري
شروع ٿي، جنھن ۾ سميجن انڙن هيڪاري وڌيڪ هن پرڳڻي
جا کنڌا کڻي ڇڏيا. ماڻھو دربدر ٿيندا ويا ۽ سميجن
جا هٿ بوبڪن کان وٺي حويلي سيوهڻ ۽ سن جي پرڳڻي
تائين ڊگها ٿيندا رهيا. ڇاڪاڻ ته هي پرڳڻو درياهه
جي ڪنڌيءَ سان لاڳيتو آهي، ۽ لاکاٽ واري پرڳڻي سان
وڃي ملي ٿو، جو سميجن انڙن جي حد ۾ آهي. تنھن
زماني ۾ هتي ڇڙ وڇڙ ماڻھو ويٺل هئا. سميجا ندورا
(278-2) ۽ ڪار مُنهان ويڙه ۾ جيڪي تعديون ڪري ٿي
سگهيا، تن جو شڪار هن پرڳڻي جا رعيتي ماڻھو ٿيندا
پي رهيا ۽ جاگيردار بادشاهي رعيت جي حمايت ۾ نڪري
ٿي آيو. پر وري به سميجا ڪڏهن به اتاوليءَ مان
رعيت کي هيسائي درياهه کان هِن ڀر اچي ڪنھن کي
آزار ۾ وجهي نه ٿي سگهيا. هنن جيڪي وڳوڙ پي ڪيا
اهي درياهه جي هُن ڀر هئا، ۽ ان پرڳڻي جي ويراني
کان سميجن انڙن کي وڏي هٿي ملندي وئي.
ديندار خان خطي، لاکاٽ ۽ سن پرڳڻن جا ڪي ڳوٺ سميجن
انڙن، سن جي سيدن ۽ لڪيءَ وارن سيدن کي جاگير طور
ڏئي صلح جي راهه پيدا ڪئي. سميجن مان ڪرن نالي
سردار کي آڻي خطي واري پرڳڻي جي وچ ۾ ويهاريائين،
جنھن ڪري هن پرڳڻي جا ڪي ڳوٺ وري آباد ٿيڻ لڳا
(279-1)، ان هوندي به هن پرڳڻي کي سميجن انڙن جي
اُچاٽ کان بچاءُ ۾ رکڻ ضروري آهي. انھيءَ سان گڏ
آباديءَ جو به اُپاءُ ڪرڻو پوندو. هن پرڳڻي جي
آبادي دراصل سميجن انڙن جي زبونيءَ لاءِ ڪارائتي
ٿيندي. والله اعلم الصّواب
ٽيون پرڳڻو لاکاٽ
وارو آهي. هن پرڳڻي ۾ سميجن انڙن جي ڌماچوڪڙي قائم
رهي ٿي. هن جا ٻه تپا هڪڙو سميجن جو ۽ ٻيو لاکن
وارو، جيڪي سميجن انڙن جا سدائين دشمن رهندا اچن
ٿا. اڳئين زماني ۾ سيوهڻ جا جاگيردار لاکن جو پاسو
وٺندا ٿي آيا، ۽ فصل لهڻ وقت سميجن انڙن تي پڻ
چڙهايون پي ڪيائون. تڏهن اهي لاکا اڳ ۾ پي ٿيا ۽
جاسوسيءَ جو ڪم ٿي ڏنائون. جتي به لاکا سميجن جي
ور ٿي چڙهيا ته انھن کي ٻارين ٻچين تلوارن جو بک
پي ڪندا رهيا. ٻئي پاسي لاکن وارو تپو چڱيءَ طرح
آباد ۽ سرسبز هو ۽ هي دستوري ڍل ڀريندا ٿي آيا
(279-2). سميجن انڙن جي اها حالت هئي، جو لاکن جي
ڊپ ۽ شاهي لشڪر جي دٻاءَ سبب ڍنڍن جي ڪَپ تي ٿوري
گهڻي پوک ڪندا ٿي رهيا ۽ خريف ربيع جا فصل ( جوَ ۽
جوار) پوٺي تي پي پوکيائون. بادشاهه جا ڪارندا
سميجن جي اها پوکي راهي به لاکن جي سنگ ساٿ سان
تاراج ڪري ٿي ويا، ٻيءَ حالت ۾ سميجن کي ڍل ڏيڻ
لاءِ مجبور ڪيو ٿي ويو، انھيءَ ڪري سميجا ڪر کڻي
نه ٿي سگهيا. رعيت جي رجوعات به لاکن ڏانھن هئي.
شمشير خان اوزبڪ جي عملداريءَ کان پوءِ ڪن
جاگيردارن جي بڇڙائين جي ڪري لاکا پٺتي پوندا ويا،
جن جون زمينون سميجن انڙن جي قبضي ۾ اچي ويون. ڪي
لاکا سميجن هٿان ڪنگال ٿي ويا ته ڪن وڃي سن ۾
پناهه ورتي. رعيت به ڦري سميجن انڙن ( 280-1) جي
ريءَ رکڻ لڳي. پڇاڙيءَ سميجا آزادي سان پڪين پوکن
جا مالڪ ٿي ويا، ڪوبه سندن آڏو نه ٿي آيو. اهڙيءَ
طرح لاکاٽ جو پرڳڻو اوڳاڙيءَ کان نرهه ٿي ويو، ۽
هوريان ڏاڍيان سميجن جي سگهائي ٿيندي وئي. ديندار
خان جڏهن سميجن سان صلح ڪيو ته لاکن جا باقي ماڻھو
درياهه جي هُن پاسي ڪجهه ڪجهه آرام سان رهڻ لڳا.
هن پرڳڻي ۾ اعتماد جوڳن ماڻھن جي انتظام جي ضرورت
آهي، جيئن اهي ماڻھو سرڪش سردارن سان هر حال ۾
پورا پئجي سگهن.
والله اعلم الصّواب
فصل
ٻيو
هن ملڪ جي وڳوڙين ۽ فسادين بابت
هنن ماڻھن جي فسادن سبب هي ملڪ زبون ٿي چڪو آهي،
ايتري قدر جو بکر، ٺٽو ۽ جيسلمير به سندن وڳوڙ کان
آجا نه آهن.
*
معلوم هجي ته، هي ٽي گروه آهن. هڪ سميجن جو گروه
جنھن ۾ ٻارهن قومون اچي وڃن ٿيون:
1.
بُڪيا (ٻگهيا).
2.
ٿيٻا .
3.
جوڻيجا .
4.
پريا .
5.
دل .
6.
کيبر .
7.
اوٺا .
8.
لاکيار /لاکير.
9.
راڄپر .
10.
بهڻ.
هي ڏهه قومون ٿيٻن کان سواءِ، باغبانن جي پرڳڻي ۾
رهن ٿيون. دل، سمواتي (سماواتي)، ۽ شال
پرڳڻي جا رهاڪو آهن. فرمانبردار رعيت وانگر
جاگيردار جي ڍل کان انڪاري ناهن. جيئن اڳ بيان ٿي
چڪو آهي.
11- منگواڻا اهي حرامزاده آهن.
12- انڙ، جن جون پنج ذاتيون ٿين ٿيون.
(الف) – راهو .
(ب) – ڏاهري .
(ج)- ساند .
اهي ٽيئي جاگيردار جي حڪم هيٺ رهندڙ آهن.
(د) – سانريه (ساريا) هنن ۾ چار ذاتيون آهن،
1.
ڌاريجا .
2.
راهوجا .
3.
مناهيجا .
4.
فيروزجا .
5.
ڪيريا .
هنن مان ڪيريا ۽ منگواڻا، سارين جي قوم سان ڳنڍيل
آهن. انڙن جي (281-1) قوم مان اهي ئي ساريا جهيڙي
جي جَڙ ليکيا وڃن ٿا، جيڪي ڪڏهن ڌمڪائڻ سان به
قابو ۾ نه ٿا اچن. انڙن مان ٻيون قومون به سارين
سان گڏجي فتنا پيدا ڪن ٿيون. انھيءَ ڪري سميجن جي
هر فساد ۾ انڙن جو ئي نالو ورتو وڃي ٿو. ساريا
پنھنجي ليکي لاکاٽ جي پرڳڻي ۾ پنجن هزارن تائين
ٿيندا. انھن وٽ هڪ هزار سوار ۽ چار هزار پيادا
آهن. جنگ جي وقت هنن جا پيادا سوارن کان وڌيڪ
بھادر ثابت ٿين ٿا. بلڪ اهي سوار جيڪي جنگ ۾ ڪٽار
جا ڪوڏيا هوندا آهن، پيادا ٿي جنگ ۾ ڌوڪي پون ٿا.
اهي لاکاٽ واري پرڳڻي ۾ ئي رهن ٿا. اهي ستن قومن
جي وچ ۾ آهن، جيڪي شاهي رعيت وانگر هلن ٿيون.
هنن منھن ڪارن جون اهي مخالف ذاتيون آهن. اهي هي
آهن (281-2) نصرپور جي سرڪار ۾ هالا ڪنڊي (هالن)
واري پرڳڻي جي هالا قوم، اتر ۾ ڪوريجا ۽ پنھور-
جيڪي جوڻيجن واري پرڳڻي جا آهن، بکر سرڪار ۾
درٻيلي واري پرڳڻي جا سهتا، اولهه ۾ لاکا ۽
هاليپوٽا جيڪي لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي ۾ رهن ٿا، ۽ اوڀر
۾ جيسلمير جي ڀٽن ۾ رهندڙ راجپوت، جي جيسلمير جي
راجا جا رعيتي آهن.
سارين جي قوم پنھنجن ڳوٺن ۾ پوک ڪندي رهي ٿي پر
ٻيءَ رعيت وانگي اناج يا روڪڙ جي صورت ۾ ڍل البت
گهٽ ڏئي ٿي. جيڪڏهن جاگيردار وقتي مٿن ڪو زور بار
وجهي ٿو ته ٺيڪيدارن وانگر روڪڙ يا اناج ڏئي جند
ڇڏائي ٿا وڃن. اها موڙي به نالي ماتر ٿئي ٿي جا
گهڻو ڪري بيڪار وهٽن، اٺن، گهوڙن، ڍڳن ۽ گَڏهن جي
جنس ۾، اناج ۽ روڪڙ جي عيوض ڏيندا آهن. شير خواجه
جي عملداريءَ ۾ ته ايترو به نه ڏيندا هئا، اٽلندو
رعيت کي قتل ۽ تاراج ( 282-1) ڪري دربدريءَ ۾ پي
وڌائون. انھيءَ هڻ مار ۾ خطي پرڳڻي سان گڏ لاکن
جون ڪي دِهون به ڦٻائي ويهي رهيا.
لاکاٽ واري پرڳڻي ۾ هونءَ ته هنن جي ماتحت هي پنج
ڳوٺ آهن، جتي پوکي راهي ڪرائين ٿا، پر ڪيترا ٻيا
واهڻ به سندن ڌاڪ ۾ رهن ٿا:
1.
ڏيڙان، جتي ڌاريجا رهندا آهن. هي سيوهڻ جي قلعي
کان اٺن ڪوهن تي آهي.
2.
ڪاٺڙي، جيڪا سيوهڻ کان يارهن ساڍا يارهن ڪوهه پرتي
ٿيندي.
3.
ويجره/ وينجھڙو، هي سيوهڻ کان ٻارهن ڪوهن تي آهي،
هنن ٻنهي ڳوٺن ۾ مناهيجا رهن ٿا.
4.
سابہ (صابو؟)
5.
پرياڙي، هي ٻئي راهوجن ۽ فيروزيجن جا ڳوٺ آهن،
ٻنهي ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو آهي، اهي سيوهڻ
جي قلعي کان چوڏهن ڪوهن تي آهن.
هي عجيب قسم جا ماڳ آهن (282-2) سيوهڻ ته ٺهيو پر
بکر، ٺٽي توڙي ملتان ۾ به هنن جھڙا شڪارگاهه يا
پوکيءَ راهيءَ لائق پَٽ مشڪل سان ملندا. هتي ڪيئي
ڍنڍون آهن، جن جي چوڌاري پيل پٽن ۾ خريف جون ڀليون
جواريون ٿين ٿيون. زمين ۾ پڻ ريج گهڻو آهي، جنھن
لاءِ ربيع ۾ هر هلائڻ جي حاجت نه ٿي رهي. هتي
ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي مٿان گاهه وجهي ٿا ڇڏين، جيئن پکي
۽ ٻيا جانور زيان نه ڪري وڃن. خدا جي قدرت، ائين
ئي پوک پچي تيار ٿئي ٿي، ۽ هنن نڀاڳن جو قوت بنجي
ٿي. ان مان جيڪڏهن ڏهون حصو به ڍل اڳڙي اچي ته
سرڪار لاءِ لک ٿيو.
هتي ٻيو فسادي گروه چانڊين بلوچن جو آهي. اهي
نڀاڳا باغبانن جي پرڳڻي ۾ جبل پاسي رهن ٿا. پوکي
راهي پڻ ڪندا آهن (283-1). هنن وٽ چوپايو مال ججهو
آهي. بختيار بيگ توڙي مير ابوالقاسم جي عملداريءَ
۾ هنن کان ڪنھن به ڪا ڍل نه اُوڳاڙي. چانڊين جا ٻه
پاڙا آهن:
هڪڙا گورا چانڊيا.
ٻيا ڪارا چانڊيا.
ان جو سبب هي آهي ته، چانڊيي نالي جابلو بلوچ کي
ٻه پٽ هئا، هڪ جو نالو گورو ٻئي جو ڪارو هو. گوري
جو ڪهول گورا چانڊيا، ۽ ڪاري جي آڪهه وارا ڪارا
چانڊيا ڪوٺجڻ لڳا: هي سڀ هڪ هزار ڄڻن تائين سوار ۽
پيادا آهن- ٽي سؤ سوار ۽ ست سو پيادا. هي بي پير
ورلي هٿ اچن ٿا. هنن بدبختن جو ڌنڌو ئي چوري، برده
فروشي ۽ سَنڌ هڻڻ آهي.باغبانن جي سڄي علائقي جي
ستيا ناس ڪري چڪا آهن. ڳاهن وارو پرڳڻو پاٽ توڙي
اڪبر آباد جو علائقو به هنن ڀيلي ناس ڪري ڇڏيو
آهي.
ٽيون فسادي گروه (283-2) نامراد نومڙين جو آهي.
هنن جي اصليت بابت روايت آهي ته سميجن جا نو ماڻھو
پنھنجي قوم کان الڳ ٿي جبل ۾ وڃي رهيا، ۽ هي بدبخت
انھن نڀاڳن جي بُڻ منجهان آهن جن کي نومڙيا ڪوٺيو
وڃي ٿو. هنن وٽ ڇهه هزار کن پنھنجا بازو ٿيندا،
جيڪي ڏاڍا سگهارا ٿين ٿا، جن ۾ پندرهن سؤ سوار ۽
ساڍا چار هزار پيادا آهن. پاسن کان ڪانڀو، هارون،
چولي ۽ لشڪري نالي ٽڪريون اٿن. هنن جي رهائش
ڪوهستاني علائقي ۾ سيوهڻ جي حويلي ۽ سن پرڳڻن جي
ڀرسان آهي. هنن جا ڪي ماڻھو، جن کي چاڪر هالا جي
جاگيردارن پاران زمينون انعام ۾(284-1) مليل هيون،
هاڻي به اتي ئي رهن ٿا.
هيءَ قوم ڪٿي به هڪ هنڌ رهي پوکي راهي ڪا نه ٿي
ڪري. جنھن جاءِ تي هي ديرو ڪن ٿا، ان کي ٿاڻو چيو
وڃي ٿو. وٽن اُٺ، گهوڙا، ڍڳا، دنبا توڙي ٻي جابلو
مڏي گهڻيري آهي ۽ سدائين سکيا ستابا ٿي پيا
گذارين. رنگ دار اٺ هنن وٽان ئي ملن ٿا. هنن جو
اصل پيشو ڌاڙا هڻڻ آهي، جن جو پُکو وڃي سيوهڻ جي
پرڳڻن ۾ درياهه جي اورينءَ ڀر وارن قلعن تي پوي
ٿو. چاڪر هالا واري سرڪار به سندن اک ۾ رهي ٿي.
هيل تائين سيوهڻ جي ڪنھن به جاگيردار يا ٺٽي جي
صوبيدار هنن جو نالو نه ورتو آهي. انھن سان اهو ئي
پڄي سگهي ٿو، جيڪو سندن تاڙ ۾ رهي، ۽ عين موقعي تي
هنن جا ڪي (284-2) همراهه تلوارن مان ڪڍندو رهي.
والله اعلم بالصّواب
فصل
ٽيون
ملڪ سيوهڻ جي زبوني ۽ وڳوڙين جي زور وٺڻ جو احوال
هي موضوع اڳين جاگيردارن جي عملداري سان تعلق رکي
ٿو. ترخانن جي دور ۾ رعيت جون اهي قومون جن جو
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، انھن جي سٺي سلوڪ ۽ رواداري
جي ڪري حڪمرانن جون فرمانبردار رهنديون ۽ ڍل
ڏينديون ٿي آيون. انھن ڏينھن ۾ هر هنڌ ٿاڻا محڪم
ڪيل هئا، جنھن ڪري ڪنھن به قوم ٻيءَ قوم سان هٿ
چراند ڪا نه ٿي ڪئي. هرڪو باغين جي آزار کان امن ۾
هو. رعيت به ٿاڻيدارن جي مدد جي ڪري پاڻ ۾ ايڏو
ڀوتو پي ڀانيو، جو وقت سر هڪ ٻئي جي مدد سان
وڳوڙين کي منھن ڏيندي ٿي رهي. ان جو فائدو اهو ٿيو
جو رعيت جي وچ ۾ ڪو به رڳڙو اڀري نه ٿي سگهيو. هر
ڪنھن (285-1) دلجاءِ سان پوکي راهي پي ڪئي. ماڻھن
کي پوک کان سواءِ ڪا به ٻي ڳڻتي ڪا نه هئي، جنھن
کي جتي به ٿي وڻيو غير آباد زمين کي آباد ٿي
ڪيائين، جنھن مان سرڪاري ڍل به پي ڀريائين ته
پنھنجو پيٽ به ٿي پاليائين.
سميجا انڙ به رعيت واري ريت سان هلندا ٿي رهيا، پر
جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي ڪجهه هلندي پڄنديءَ وارن
هنن سان سڱابندي ڪري، هنن سان مٽي مائٽي ڳنڍي، ته
هي سرڪش ٿي ويا. مرزا صالح خان ترخان
جي هنن سان ڏاڍي پوندي هئي. مرزا محمد باقي خود هڪ
دفعي ٻيڙين ۾ چڙهي هنن وٽ ويو هو. بهرحال، هڪ رات
سميجن سندس لشڪر تي چڙهائي ڪئي ۽ مرزا جي ٻيڙيءَ
تي انھن مان ڪي چڙهي ويا، پر ايتري ۾ مرزا هڪ
ڊونڊي تي چڙهي پاسيرو ٿي ويو. پويان مرزا جي زال
رائحه بيگم (ناهيد بيگم جي ڌيءَ) کي باغي قتل ڪري
رمندا رهيا.
هن واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اهي سميجا
انڙ، ترخانن جي دور ۾ به پنھنجين بڇڙائين کان باز
نه ٿي آيا (285-2).
ٻئي پاسي چانڊيا بلوچ ۽ نومڙيا حڪومت جا سلامي
هئا. هي اٺ، گهوڙا ۽ گهٽا توڙي ٻي مڏي ڍل ۾ ڏيندا
ٿي رهيا. هنن جو رعيت تي ڪو به آزار نه هو ۽ جتي
به لشڪر چڙهائي ٿي ڪئي اتي ساڻس ٻانھن ٻيلي پي
ٿيا.
جڏهن سنڌ ولايت الاهي عنايت ۽ بادشاهي اقبال جي
برڪت سان خان خانان هٿ ڪئي ته، هن ترخانن کان وڌيڪ
سنڌي رعايا سان سهڻو سلوڪ ڪيو، جنھن ڪري سنڌ وارا
مرزا جاني جي هوندي هن ڏانھن مائل رهيا ۽ هنن ۾ ڪو
به تفرقو پيدا نه ٿيو. جڏهن مرزا جاني بيگ،
بادشاهي درٻار مان مشرف ٿي چڪو ته اڪبر بادشاهه
سلطنت جي تدبير مطابق (186-1) سيوهڻ ۽ لاهري وارا
علائقا پنھنجي قبضي ۾ آڻي، مرزا جاني بيگ کان الڳ
ڪري، شاهي تحويل ۾ آندا، ۽ باقي چار راڄڌانيون
(سرڪار) مرزا جاني بيگ کي جاگير طور بخش ڪيائين.
خدا ٿو ڄاڻي ته سيوهڻ سرڪار ان زماني ۾ جنھن جي به
هٿ وسي رهي ته، سهتن جي قوم ڪا به سرڪشي نه ڪري
سگهي. انھن ڏينھن ۾ مقصود بيگ
خان خانان جي پاران سيوهڻ جو حاڪم هو.
بختيار بيگ ترڪمان جي عملداري
مقصود بيگ کان پوءِ بختيار بيگ ترڪمان سيوهڻ جو
حاڪم ٿي آيو.
هي سرجوش سپاهي هو. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هن هتان جي
ترخانن مان چونڊ ماڻھو هٿ ڪري انھن کي پاڻ وٽ
رکيو، جن سرڪش ماڻھن کي سيکت ڏئي سڌو پي ڪيو.
پھرين ڳالھه ته هن جي سپاه پروري هن ريت هئي ته
وٽس هڪ هزار
(286-2) سورهيه ۽ سگها نوڪر چاڪر هئا، جي سواريءَ
۾ بي مثال ليکيا ٿي ويا. هي حاڪم هميشه پنھنجي
لشڪر کي خوشحال رکندو ٿي آيو، جيئن شيخ سعدي
”بوستان“ ۾ لکيو آهي:
دلاور کہ باري تهوّر نمود
ببايد بمقدارش اندر فزود
اهو بھادر جيڪو ڪا بھادري ڏيکاري
ته ان جو درجو وڌائڻ کپي
کہ بار دگر سر نهد بر هلاک
ندارد زِ پر خاش ياجوج باک
جيئن هو ٻئي ڀيري بي ڊپو ٿي موت جي منھن ۾ وڃي
۽ ڪنھن بــــــه اڙٻنگ کـــــــان هيسجي نَه سگهي
سپاهي در آسودگي خوش بدار
کہ در حالت سختي آيد بِکار
سپاهيءَ کي سدائين سکيو رک ته
جيئن ڏکئي وقت تي توکي ڪم اچي
کنون دست مردان جنگي ببوس
نه آنگہ کہ دشمن فرو کوفت کوس
ان کان اڳ جو دشمن ڀير تي ڏونڪو هڻي
تون پنھنجي سورهين جا هَٿَ چُمي ڇَڏ
سپاهي کہ کارش نباشد بہ برگ
کجا دل نهد روز هيجا بمرگ
سڃو سکڻو سپاهي جنگ جي ميدان ۾
ڪڏهن به دل ٻڌي نَه وڙهندو
نَواحيءَ ملک از کيف بدسگال
بِلشکر نگهدار و لشکر بِمال
ملڪ جا اوسا پاسا باغين کان محفوظ رکڻ جو ڪم لشڪر
تي رک
اهو ڪم لشڪر تي رک ۽ ان کي ملڪيت سان پَلي ڇَڏ
ملک را بود برعدو دست چير
چو لشڪر دل آسوده باشند و سير
اهو ئي بادشاهه دشمن تي حاوي ٿي سگهندو
جنھن جو لشڪر سکيو سَتابو هوندو
بَهائ سِــــــر خويشتن خورنــــــــد
نہ انصاف باشد کہ سختي برند
جيڪي سر جي بازي لائي ڄاڻن انھن تي
سختي ڪرڻ انصاف جي خلاف آهي
چــــو دارنــــد گنــــج از سپاهي دريغ
دريغ آيدش دست بردن بتيغ (287-1)
سپاهيءَ لاءِ اگر خزاني جو در بند رهيو ته
هن جو هٿ تلوار ڏي وڌي نه سگهندو
چہ مردي کند در صــــف کــــار زار
کــــه دستش تهــــي باشد از روزگار
اهو ماڻھو جنگ ۾ ڪھڙي مڙسي ڏيکاريندو
جنھن جا هٿ ڪمائيءَ کان خالي هوندا!
ٻيو هاڻي سندس سپاهه گيريءَ جو ذڪر ڪجي ٿو. هن
پنھنجي لشڪر لاءِ حڪم ڪري ڇڏيو هو ته هر سپاهيءَ
وٽ ٽن ڏينھن جو ڀتو سدائين موجود هئڻ کپي. جيڪڏهن
ڪنھن به انھي امر جي خلاف ورزي ٿي ڪئي ته اهو ان
جي پگهار مان پورو ڪيو ٿي ويو. هن ڪيترن جابلو
ماڻھن ۽ سميجن انڙن کي ريجهائي جاسوسيءَ لاءِ پاڻ
وٽ ملازم ڪري رکيو هو، جيڪي سندس راضپي موجب کيس
وڳوڙين جون خبرون چارون پھچائيندا ٿي رهيا. هن جو
لشڪر ستن حصن ۾ ورهايل هو، جنھن مان واري سان هر
فوجي هڪ رات- هڪ ڏينھن، وٽس حاضر ٿي رهيو. اها هن
جي ”جي حضوري فوج“ هئي. هي نفير ۽ شرناءِ پاڻ وٽ
رکندو هو ۽ حڪم ڏئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن به هو
گهوڙي تي لانگ ورائي (287-2)، ته سپاهي به ساڻس ئي
گڏ گهوڙن تي سوار ٿين ۽ جيئن بگل وڄي ته لشڪر جا
سڀئي سپاهي منشين مڙن جي اشاري کان سواءِ ئي ٽن
ڏينھن جو ڀتو پاڻ سان کڻي وهٽن تي لانگ ورائين. هن
باري ۾ هدايت ٿيل هئي ته ڪو به ٻيو ماڻھو لشڪر سان
گڏ سوار ٿيڻ جي جرئت نه ڪري. هيءَ سپاهه گيريءَ جي
اهڙي نرالي تدبير هئي جو، ڪنھن ٻئي کي ان جي ڪا به
ڪل نه ٿي پئي. هن وقت هي حال آهي، جو، جيڪڏهن ڪو
حاڪم سواريءَ جو ارادو ٿو ڪري ته، کيس ٻه مھينا
سنبت ۾ لڳي وڃن ٿا.
ٽيون، هن جي ڪن شهسوارن جو بيان: جيتوڻيڪ هن جا
گهڻي ۾ گهڻا شهسوار پنھنجي مڙسيءَ سان وڳوڙين کي
مات ڪري چڪا هئا، تڏهن به انھن مان ٿورڙن بابت
ڪجهه لکجي ٿو.
بختيار بيگ پھريون جڏهن سيوهڻ پهتو ته شهسوار نالي
پنھنجي شقدار کي لاکاٽ جي پرڳڻي ۾ سميجن انڙن جي
تپي ڏانھن موڪليائين (288-1) هو اتي وڃي ڍل اوڳاڙڻ
لڳو. هڪ ڏينھن سميجن وجهه وٺي کيس قتل ڪري ڇڏيو.
جيئن ئي بختيار بيگ تائين خبر پهتي ته قوج علي
شاملو سان لشڪر ساڻ ڏئي کيس سميجن ڏانھن روانو
ڪيائين. ٻئي ڏينھن انھيءَ لشڪر سميجن انڙن تي ڪاهي
منجهائن ڪيترن نڀاڳن کي ختم ڪري ڇڏيو. پوءِ چئني
پاسن کان سميجن جا سردار، هر هڪ پريو، بودلو،
محمود، فريد، جيئندو ۽ جوڌو گاهه جا سلا وات ۾
وجهي قوج علي وٽ ميڙ کڻي آيا، جنھن قتل ٿيل وڳوڙين
جون منڍيون کارن ۾ ڀرائي، انھن سردارن سان گڏ
بختيار بيگ ڏانھن سيوهڻ ڏياري موڪليون. بختيار بيگ
سردارن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو. آخرڪار قاسم خان ارغون
جيڪو هن کان اڳ مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ (288-2)
نصرپور
جو حاڪم هو، تنھن چوويھه هزار لاري (لاڙي) جي
ضمانت ڏئي سميجن جي جان ڇڏائي. بختيار بيگ پنھنجا
ماڻھو نصرپور موڪلي قاسم خان ارغون کان ضمانت وارن
ڏوڪڙن جي تقاضا ڪئي. سميجا سڃائيءَ جي ڪري پنھنجا
گهر ڇڏي بي گهر ٿي ويا ۽ نصرپور ۾ وڃي ديرو
ڪيائون. هنن ڪجهه ڏنڊ ڏوڪڙن جي صورت ۾ ڀريو، باقي
رقم اٺن، گهوڙن، ڍڳن ۽ گڏهن جي جنس ۾ ڏيڻي ڪيائون.
بختيار بيگ جي ماڻھن جڏهن اها خبر بختيار بيگ کي
ڏني ته هن وٺڻ کان نابري واري ۽ درياهه اڪري
وينجھڙي واري قلعي ۾ وڃي مورچا ٻڌي ويٺو. اتان
قاسم ارغون (289-1) کي خط لکيائين ته ڪيئن به ڪري
سميجن کان روڪڙ جي صورت ۾ ڏنڊ وٺي ڏياري موڪل، نه
ته تنھنجي سر جو خير نه هوندو. ان سان گڏ اهو به
کيس چوائي موڪليائين ته سميجا منھنجي رعيت آهن.
توکي اهو نه ٿو سونهين ته انھن کي پاڻ وٽ وهاري
ڇڏين! قاسم خان کي جڏهن خط پهتو ته حيلا بهانا ڪري
لنوائڻ لڳو. بختيار بيگ لشڪر سميت نصرپر روانو
ٿيو، جيئن هن سرڪار جي دنگئي ڳوٺ ”نگر“ تائين پهتو
ته قاسم خان کي اچي ڊپ ورايو ۽ هڪدم باقي رهيل ڏنڊ
جي رقم پنھنجي خزاني مان ڀري معافي ورتائين. ان
کان پوءِ پنھنجا ماڻھو مقرر ڪري انھن کي حڪم ڏئي
ڇڏيائين ته جتي به ڪو سميجو ڏسن ته ان کي نصرپور
مان ڪڍي سيوهڻ ڏانھن ڌڪي ڇڏين. اهڙي ريت سميجن جي
ضمانت کان پنھنجا پلوَ آجا ڪرايائين. (289-1).
آخرڪار سميجا در در ڀٽڪي، خوار خراب ٿي، وري
پنھنجن ماڳن تي موٽي آيا ۽ رعيتي ريت سان هلي گذر
ڪندا رهيا. هنن کان ٻيهر ڪا به حماقت يا بغاوت
ظاهر نه ٿي. بختيار بيگ واپس سيوهڻ هليو آيو. سندس
شقدار سميجن انڙن وٽ وڃي کانئن اُوڳاڙيون ڪري ٿي
آيا، جيئن ٻيءَ رعيت مان وصوليون ٿي ڪيائون تيئن
هنن جو به حساب چڪتو ڪندا رهيا. سميجن جيڪي ٻنيون
ٿي پوکيون تن جي ڍل به عملدارن کي برابر ملندي ٿي
رهي.
ٻيو رحمان قلي نالي هڪ چرڪس غلام هن جو پٽيلو هو،
جنھن جي بھادري بي مثل هئي، ان کي پنجاهه سوار ڏئي
سن ۾ رهايو هئائين. ڪنھن ڏينھن نومڙين اچي ماڻھن
جي مال تي ڌاڙو هنيو. ٻِپھريءَ جي نماز مهل جيئن
هن کي اها خبر پئي ته هڪدم گهوڙا زين ڪري ٻئي
ڏينھن منجهند جو انھن ڪارمنھن جو پيڇو ڪندي
(290-2) وڃي کين جهليائين. انھن جو تعداد ٽن هزارن
پيادن ۽ سوارن تائين هو. اهي ڪاهيل مال ڇڏي جبل تي
چڙهڻ لڳا. رحمان قلي مال مالڪن جي حوالي ڪيو، جيڪي
سن کان ساڻس گڏ هئا. پوءِ پاڻ جبل ڏانھن وڌيو ۽
ڌاڙيلن جا ڪيئي بازو قتل ڪيائين. آخر ۾ انھن جون
منڍيون لاهي هن بختيار بيگ ڏانھن اماڻيون. اهو
ڏينھن اهو شينهن، وري نه انھن نومڙين بختيار بيگ
جي عملداري ۾ ڪو ڌاڙو هنيو ۽ نه ڪنھن وڳوڙ جو
امڪان باقي رهيو.
انھن کان علاوه ماڇين جي قوم به هئي، جنھن جو ٺام
ٺڪاڻو اڪبرآباد ڳوٺ ۾ هو. هي رعيتي ٿي صلح ۾ نه ٿي
رهيا. بختيار بيگ پنھنجي سر انھن ڏي ڪاهي انھن کي
سنوت ۾ آندو، جيئن اڳ بيان ٿي چڪو آهي.
هڪ دفعي نوحاڻي بلوچ (جن جو احوال اڃا اڳتي ايندو)
نافرمان ٿيا، جن کي پڻ بختيار بيگ پاڻ سوار ٿي
سيکت ڏني (290-2) انھن نوحاڻين جا سترهن جنگي
سردار ڪسجي ويا. انھيءَ ويڙهه ۾ توتا (توتان) نالي
هڪ بلوچ ڏاڍي چڪري ڏني جنھن ڪري بختيار بيگ جا به
ڪيترا ماڻھو پريشان ٿي ويا. نيٺ رحمان قلي وڃي
انھي بلوچ کي رسيو ۽ بلوچ هڪل ڪري رحمان قلي جي
گهوڙي جي پويان پيو. رحمان قلي وڃي پٽ تي ڪريو ۽
ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا. رحمان قلي زرهه بند هو،
تنھن ڪري بلوچ جو وار مٿس ڪارگر ٿي نه پي سگهيو.
هوڏانھن رحمان قليءَ جا ڌڪ بلوچ کي چچريندا ٿي
ويا. آخر بلوچ جا پساهه وڃي پورا ٿا. انھيءَ
ويڙهاند کان پوءِ بختيار بيگ، نوحاڻين کي پرچائي
پنھنجو ڪيو ۽ کين ڪيئي انعام اڪرام ڏنائين. سيوهڻ
جي حويلي پرڳڻي، جي پاسي جبلن ۾ جيڪي لَڪَ هئا،
اهي نوحاڻين کي مليا، جيئن هو نومڙين کي نگاه ۾
رکندا اچن.
ٻئي ڀيري، چاڪر هالا سرڪار ۾، جا ان وقت مرزا جاني
بيگ ترخان جي جاگير ۾ هئي (291-1)، انڙپور
خاسائي شورا،
۽ ٻڍاپور
جي ڳوٺن جي مھم سر ڪرڻ لاءِ بختيار بيگ ساڳئي
رحمان قليءَ کي پنجاهه سوار ڏئي حڪم ڪيو ته انھن
ڳوٺن جون زرعي زمينون سن جي پرڳڻي ۾ داخل ڪيون
وڃن.
رحمان قلي، سن پرڳڻي جي ڳوٺ کماڻ
لڳ خاسائي شورا ۾ پهتو، ۽ ربيع جي پوک جو اَنُ
قبضي ۾ ڪيائين ۽ اهو ان ٻيڙين ۾ وجهرائي، سيوهڻ
اماڻي، پاڻ وري ٻڍاپور جي ٻنين جي ٻار هٿ ڪرڻ لاءِ
اوڏانھين روانو ٿيو. انھيءَ وچ ۾ خسرو بيگ جيڪو
مرزا جاني بيگ پاران ٺٽي جو حاڪم هو، تنھن ڇا ڪيو
جو چاڪر هالا ۽ نصرپور سرڪار جا لشڪر ڪانڍي، رحمان
قلي سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿيو. اهو ايڏو سارو
لشڪر ٺهي ٺڪي اچي شورن ۾ ويٺو. هوڏانھن رحمان
قليءَ، بختيار بيگ کي چوائي موڪليو ته ٺٽي جو
اڙٻنگ لشڪر ڪٽڪ ساڻ ڪري اچي ڪڙڪيو آهي، جيڪڏهن
توهان مھرباني ڪري پنھنجو جنگي هاٿي جبري سپاهه
سان گڏ مون ڏانھن ڏياري موڪليو ته هنن سان اوس هڪا
هڪ ڪري رهندس. بختيار بيگ آڪڙجي کيس لکيو ته تو
نامراد به جيڪا کيپ کٽي سا ڏيھه ڏسندو! مون کان
ڪھڙي منھن سان هاٿي ۽ سپاهه جي گهر ڪري رهيو آهين؟
اهو ٻڌندي رحمان قلي مايوس ٿيڻ بدران دل ٻڌي
پنھنجي سپاهه سان جشن ملهايو ۽ پيلا ڪپڙا پائي
چيائين ته سڀاڻي پنھنجي صفائي آهي. جڏهن صبح ٿيو
ته جنگ جو سانباهو ڪري خاسائي شورن ڏانھن روانو
ٿيو. ٻئي پاسي ٺٽي جو لشڪر پوريءَ طرح هٿياربند ٿي
سامهون آيو. رحمان قلي پريندي ئي پنجاهي جوان اڳ ۾
ڪري دشمنن جي لشڪر تي وڃي پيو ۽ ان جي صفن وچان
لنگهي هن پاسي ٿي بيٺو. سن جا جيڪي همراهه ساڻس گڏ
هئا، انھن ڊپ مان وٺي ڀاڄ کاڌي. ايتري ۾ ٺٽي جي
لشڪر (291-1) رحمان قلي ۽ سندس ساٿيارين کي گهيري
۾ آندو ۽ ويرم ئي ڪا نه ٿي ته رحمان قلي پنجويهن
سپاهين سميت اجل جو شڪار ٿي ويو، ۽ ٻيا پنجويھه
ڄڻا جنگ جو ميدان ڇڏي وڃي بختيار بيگ وٽ پهتا.
بختيار بيگ سڄي ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ ڏاڍو پشيمان
ٿيو. آخر پاڻ وڃي چاڪر هالا سرڪار تي چڙهائي
ڪيائين.
انھي دوران بکر جي سرڪار، خان اعظم
مرزا ڪوڪه کي جاگير ٿي ملي، ۽ هن پنھنجي پٽ مرزا
انور کي
بکر ڏانھن اماڻيو. ايتري ۾ چانڊيا بکر ۾ ديهون
ويران ڪرڻ لڳا. مرزا انور پنھنجي ملازم حيدر بيگ
کي ڪٽڪ ساڻ ڏئي چانڊين تي ڪاهڻ لاءِ موڪليو.
چانڊيا ڏينھن ڏٺي جو ساڻس جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي
ويا ۽ سندس مال اسباب نغارن سميت لٽي ڦري ويندا
رهيا. مرزا انور اها خبر ٻڌڻ شرط پاڻ سواريءَ جي
سنبت ڪرڻ لڳو، ۽ بختيار بيگ کي نياپو موڪليائين ته
اهو به پنھنجي پاسي کان اهڙي مدد ڪري (292-1)
بختيار بيگ، مرزا انور کي چتاءُ ڏنو ته آءُ تيار
آهيان، جيئن توهان سوار ٿي نڪرو ته پڪ ڄاڻجو مان
اڳواٽ اتي هوندس. پوءِ چانڊين جي چوڪسيءَ لاءِ
پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيائين، جن جي ڏس پنڌ تي شام جو
شڪار جي بهاني سيوهڻ ڇڏي منڇر ڏانھن راهي ٿيو ۽ هڪ
ٻه آڙيون ڦاسائي، چڱو شگون وٺي، اتان سيوهڻ هليو.
شھر کان اورتي هڪڙي مزار وٽ ترسي گهوڙي تان لٿو ۽
ڀروارن ماڻھن پنھورن، ڪوريجن ۽ سميجن ڏانھن خط لکي
تيز رفتار گهوڙي سوارن هٿان ڏياري موڪليائين ته
صبح جو سوير سڀ اچي ”ڪنور ڪوٽ“ (ڳاهن جي پرڳڻي ۾)
حاضر ٿين. پاڻ اتان سانجهيءَ مهل سوار ٿي (293-1)
سڄي رات پنڌ هڻي، سج اڀرئي ڪنور ڪوٽ پهتو. منجهند
تائين سمورو لشڪر ۽ سڀئي راڄ اچي ڪٺا ٿيا، پنھورن
جي سردارن عيسى، موسى، دائود ۽ جلال کي گهرائي
چيائين ته چانڊين کي هن مهل تائين منھنجي ڪا خبر
نه پئي آهي، مان مٿن چڙهائي ڪرڻ وارو آهيان. سڀاڻي
انھن کي منھنجي سڌ پئجي وئي ته چانڊين بدران اوهان
جون سريون سلامت نه هونديون. پوءِ چئني سردارن کي
ساڻ ڪري سج لٿي جو اتان اسهيو ۽ رات ڏينھن ڌوڙيو
لائي صبح تي چانڊين مٿان وڃي ڪڙڪو ڪيائين. هو به
ميدان ۾ لهي آيا ۽ دليري سان جنگ ۾ پھچي ويا. هنن
ڀانيو ته اڳئين لشڪر وانگي هي ڪٽڪ به بکر کان چڙهي
آيا آهن (293-1) ايتري ۾ خبر پين ته هي بختيار بيگ
ترڪمان آهي، جو سيوهڻ کان پيو اچي. اتي هنن کي
چَڪر اچي ويا ته به لشڪر سان چڱيون چوٽون کاڌائون.
انت چانڊين هارايو، انھن مردودن جا ڪيئي ماڻھو
مارجي ويا ۽ ڪيترن کي لشڪر قيد ڪري ورتو. بختيار
بيگ انھن مان ڪن جون منڍيون لاهي، ٿورن قيدين سان
گڏي، پنھنجي ماڻھن هٿان مرزا انور ڏانھن اماڻيون.
مرزا انور اڃا لشڪر ڪشيءَ جي تيارين ۾ هو ته
چانڊين جون منڍيون ۽ انھن جا قيدي وٽس پھچي ويا.
مطلب ته هن چڙهائي ۾ چانڊين سان اهي جٺيون ٿيون جو
علائقي جي شقدار کي وچ ۾ آڻي توبهه ڪيائون، جيسين
تائين سندس عملداري هئي. تيسين تائين ٻيءَ رعيت
وانگي چانڊين کان زمين جي ڍل وصول ڪندو رهيو.
بختيار بيگ ست سال سيوهڻ ۾ رهيو.
رعيت تان ٻيون چٽيون لاهي اڌو اڌ بٽئي وارو حساب
رکيائين (294-1). ڪٿي ٽيون حصو، چوٿون حصو ۽ پنجون
حصو به معاف ٿي ڪيائين. سندس عملداريءَ جي اهڙي
سلوڪ جي ڪري ربيع جي فصل جي اپت اسي هزار خرارن
تائين وڃي پهتي. خريف جو فصل ان کان سواءِ هو. هن
علائقي جي آبادگارن کي رعيت ڪري ٿي ڄاتائين. سندس
پاران ڪنھن تي به زيادتي ڪا نه ٿي. هر ڪنھن کي ان
جي حيثيت مطابق مان ڏيندو رهيو، تنھن ڪري ڪو به
ڪنھن کان مٿي ڪو نه هو. اربابن ۽ مقدمن کي پنھنجي
هڙان بخششون پي ادا ڪيائين، جيئن رعيت کي ڪو اهنج
نه رسي. عملداريءَ جو اهو طريقو آبادي جو باعث
بنجي ٿو. ڇا لاءِ ته هڪ پاسي غريب رعيت کي حق پلئه
پوي ٿو ته، ٻئي طرف اربابن، مقدمن ۽ قانون گوين
(پٽوارين) جي به حق رسي ٿئي ٿي ۽ ڪنھن تي به ظلم
نه ٿو ڪيو وڃي. ٻيءَ حالت ۾ سرڪاري عامل (294-2)
وصوليون وڌائي رعيت کي آزار ۾ وجهي ڇڏين ٿا، جو
سراسر ظلم آهي. ضرورت آهي ته چڱا عامل مقرر ڪيا
ويا وڃن، جيڪي سرڪاري ڪارندن، اربابن، مقدمن ۽
پٽوارين جي حرڪتن تي ڪڙي نگاهه رکندا رهن، ۽ هر
ڳالھه حق حساب سان فيصل ٿيندي رهي. اهڙا ڪي نڪتا
اڳئين باب ۾ مير معصوم بکريءَ بابت پيش ڪيا ويا
آهن. گهٽ پيدائش ڏيندڙ زمينن تي معافي ڏيڻ سان
رعيت وڌيڪ زمين آباد ڪري ٿي. هونءَ به هرڪو ماڻھو
ڪوشش ڪري وڌيڪ پيداوار واري زمين آباد ڪرڻ لڳي ٿو،
۽ گهٽ پيداور واري زمين کي ڪو به هٿ نه ٿو لائي.
اڪبر بادشاهه جي حڪم سان جڏهن مير ابوالقاسم،
سبيءَ واري قلعي سر ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ته ساڻس
ماڻھن جا ڪيئي ڪٽڪ ساڻ هئا،
۽ هن پنھنجي ننڍي پٽ ابا بيگ سان ٽي هزار سوار گڏي
کيس قنڌار موڪليو هو (295-1).
هنن ڳالهين جو مقصد هي آهي ته بختيار بيگ جي
عملداري دوران سيوهڻ جو سڄو علائقو باقائدي انتظام
سان سرسبز ۽ آباد پي رهيو، ۽ لشڪر به ملڪ جي آبادي
مطابق طاقتور هو،
جو ٻين علائقن جي خوشحال فوج وانگي شاهي مهمن ۾
ڪارگر ٿيندو رهيو
ايتري قدر جو لشڪر جي دٻد ٻي سبب بکر ۽ ٺٽي جي
سرڪارن جا رهاڪو بنهه دٻيل هوندا هئا. اهو سڀ
ڪُجهه ان ڪري پي ٿيو جو اڪبر بادشاهه جي هر معاملي
تي پوري نظر هوندي هئي. پاڻ جيڪو به ڪم ٿي ڪيائون
(خريد فروخت ۽ ڍل اوڳاڙڻ تائين) ته، شھر جي قاضين
۽ مفتين کي انصاف ڪرڻ جي آزادي مليل هئي، جيئن
ڪنھن سان به ڪو ظلم نه ٿئي. انھيءَ ۾ ئي رعيت جي
ڀلائي ۽ وڳوڙين جي تباهي جو راز سمايل آهي. والله
اعلم بالصّواب.
بختيار بيگ جڏهن بيمار ٿي پيو ۽ سندس حالت ڏينھون
ڏينھن نازڪ ٿيندي وئي ته هن جي پٽن عبدالرحمان ۽
بابا بيگ، پنھورن جي سردارن کي سڏائي سيوهڻ جي
قلعي ۾ بند ڪرايو. پر بهاءُ الدين پنھور نالي هڪڙو
سردار (295-2) ٻاهر هو ۽، جيئن ربيع جي فصل ۾
لابارو پيو ته بختيار بيگ اکيون پوري ڇڏيون.
ڪوريا/گهوريا هندوءَ جي عملداري
اهو لاباري پيل فصل ڪوريا هندوءَ شاهي درٻار مان
ٺيڪي تي کڻي جيسر نالي پنھنجي هڪ هندو گماشتي جي
حوالي ڪيو، جو سيوهڻ جي قانون گوئي جي عملداري ۾
وٽس زيردست هو، انھيءَ ارادي سان ته هو ان جو
انتظام سنڀاليندو رهي. ايتري ۾ سميجن کي موقعو ملي
ويو، جن چاهيو ٿي ته پنھورن ۽ ڪوريجن کي جيڪي
پرامن رعيتي هئا، ڌڪي ڌار ڪري پاڻ اڇي ڪاري جا
مالڪ بنجي وڃن ۽ بکر کان وٺي سيوهڻ تائين سندن ئي
راڄ هجي. پنھورن ۽ ڪوريجن سان هٿ ڳنڍڻ لاءِ هنن
درياهه جي اورينءَ ڀر بکر جي سرڪار ۾ لاکيرن
(لاکيار) جي ڳوٺ، ۽ ڳاهن جي پرڳڻي ۾ بهڻ ڳوٺ کي
اچي باهيون ڏنيون. ائين هڻندا ماريندا ڳاهن جو
پرڳڻو ڳاهيندا ويا، ۽ وڃي ڪانھري ۽ سامتاڻي کان
نڪتا، جتي (296-1) بهاءُ الدين پنھور ويٺل هو.
هوڏانھن درياهه جي پرينءَ ڀر سميجن انڙن سندرو ٻڌي
جوڻيجن واري پرڳڻي ۾ ڪوريجن ۽ پنھورن جون کنڌيون
کڻي ڇڏيون. سيوهڻ جو سڄو علائقو جهيڙن فسادن جي
جنجل ۾ اچي ويو. ڪوريجا ۽ پنھور ٻيو چارو نه ڏسي
پاڻ ۾ ملي ويا ۽ اهو پهه ڪيائون ته پھريان سميجن
انڙن جي لاک لاٿي وڃي،جيڪي فساد جو منڍ آهي.
جيڪڏهن فتح ٿي ته واهه نه ته ملڪ ڇڏي وڃي ٺٽي جا
وڻ وسائينداسين.
اها سِٽاء ڪري چار پنج هزار پيادا ۽ سوار ڪوريجن ۽
پنھورن مان مڙي، درياهه ٽپي، جوڻيجن جي پرڳڻي اندر
”ٻٻري“ ڳوٺ ۾ ٿانيڪا ٿيا، جتي جيسر هندو به پنھنجا
ماڻھو ساڻ ڪري اچي هنن سان گڏيو. هوڏانھن سميجا
انڙ به پنج ڇهه هزار پيادا ۽ سوار (296-2)
سنبرائي، گچيري
جي ڳوٺ ۾ اچي گڏ ٿيا، جو پڻ ساڳڻي پرڳڻي ۾ آهي.
ڪوريجن ۽ پنھورن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته پيش قدمي ڪري
سميجن تي ڪاهيو وڃي. پوءِ رات وچ ۾ سنبري تيار ٿي
ٽي هزار سوار بهاءُ الدين وٽ ٿمائي اڳتي وڌيا. ٻئي
پاسي سميجن به اهڙي ڳڻ ڪئي ۽ راتو واهه گهوڙن تي
چڙهي پيا. علي الفجر جو ٻئي لشڪر اچي هڪ ٻئي جي
سامهون ٿيا ۽ خونا خونيءَ جي جنگ لڳي وئي. ٻنهي
ڌرين مان ڪيئي ماڻھو رتورت ٿي، ڪسندا ويا. آخر
شاهي رعيت (ڪوريجن، پنھورن ۽ جيسر جي ماڻھن) ميدان
ماريو. ان موقعي تي بهاءُ الدين پنھور به اچي
پهتو، جنھن پنھنجي جاني دشمن ۽ سميجن انڙن جي
سردار پريي (پريو) تي ڪڙدي ڪري سندس سري ڌڙ کان
ڌار ڪري ڇڏي. اهو ئي هن سڄي فساد جو ڪارڻ هو.
سميجن جو منھن وڃي ڀت ساڻ لڳو (297-1). اهڙي ريت
رعيت سوڀاري ٿي، واپس وري ۽ هرڪو پنھنجي هنڌين
ماڳين سک ۽ سلامتي سان اچي آرامي ٿيو.
خواجه نورالدين ڪروڙيءَ جي عملداري
هن کي خريف واري فصل جي شروعات ۾ سيوهڻ موڪليو
ويو. هن پنھنجي ڀائٽئي تيمور بيگ کي ٽي هزار سوار
ڏئي سميجن انڙن ڏانھن اماڻيو، جيئن ربيع واري فصل
جون بقايائون وٽانئن اوڳاڙي اچي. کيس تاڪيد ڪري
ڇڏيائين ته خريف جو فصل تيسين تائين تقسيم نه
ڪرائي، جيسين تائين ربيع جي فصل جي بقايا جو ڪو
فيصلو نه ٿيو آهي. تيمور بيگ وينجھڙي جي قلعي ۾
وڃي ويٺو. سميجا سونهري ڍنڍ جي وچ ۾ اچي پر گهٽ
ٿيا، جنھن جي چوڌاري پاڻي هو. هنن ربيع واري فصل
جي بقايائن ڏيڻ ۾ اڙي پي ڪئي. اٺ گهوڙا ۽ ڍڳا ته
ڏنائون ٿي پر جيئن انھن نڀاڳن جي پر آهي، انھن جي
بها ٻيڻي ٿي ٻڌايائون. اها اڙي تيمور بيگ کي نه
آئڙي، سو سميجن سان وچڙي پيو، جڏهن سونهري ڍنڍ تي
پهتو ته (297-2) سميجن جو هڪ واهڻ سندس آڏو آيو.
هن جي ماڻھن واهڻائن کي ٻائيتال ۾ وڌو. ائين ڪندي
تيمور بيگ کي پريان ڌوڙ نظر آئي. پڇا ڪيائين ته
اها ڌوڙ ڇا جي آهي؟ ڪن وراڻيو واچوڙو هوندو ته ڪن
چيو ٿي سگهي ٿو ڪو غنيم هجي.
اهڙي سوال جواب هلندي سميجن منھن ڪڍيو. تيمور بيگ
جا پير اکڙڻ لڳا ۽ هن جا ماڻھو ڀڄڻ لڳا. سندس لشڪر
ته شڪست کاڌي پر ڪيئي ماڻھو پڻ مارجي ويس. سميجا
سندس هٿيار پنهوار ۽ وهٽ گهوڙا کانئن ڦري هڪلي
ويا. ان ڏينھن انڙن جي ساري ٿي. تيمور بيگ ڀڄي اچي
وينجھڙي واري قلعي ۾ لڪي ويٺو. سميجن قلعي کي
گهيري ۾ آندو ۽ خريف جي اناج سان گڏ رعيت جو ارڪو
ترڪو به هٿ ڪري (298-1) بي اونا ٿي ويهي رهيا.
خواجه نورالدين، گهورئي هندو جي پٽ ماڻڪ کي جيڪو
ڳاها پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ هتان جي قانون گوئي سان
به تعلق هئس، پنھنجن ماڻھن سان گڏ رعيت جا ڪٽڪ ڏئي
تيمور بيگ جي مدد لاءِ موڪليو. هي جڏهن درياهه
اُڪري هن ڀر ٿيو ته سميجا قلعي جي پچر ڇڏي،
جيسلمير جي ڀٽن ڏانھن هليا ويا. ماڻڪ، تيمور بيگ
سان ملي، ڀٽن پاسي سميجن جي ڪڍ ويو پر ڪي به ڪين
وريس. تيمور بيگ واپس سيوهڻ آيو. نورالدين به ڪو
ٻوٽو نه ٻاريو. اهائي ڳالھه رعيت جي اڀرائي ۽
وڳوڙين جي سگهائي جو ڪارڻ هئي.
شيخ موسيٰ گيلاني جي عملداري
نورالدين کان پوءِ سيوهڻ شيخ موسى جي جاگير ٿيو،
جنھن پنھنجي پٽ جان محمد کي (298-2) هن پاسي
اماڻيو، جان محمد وٽ ماڻھن جي ڪمي هئي، تنھن ڪري
هي علائقو ويتر زبون ٿي ويو. هن ۾ ايتري همت ڪا نه
هئي، جو قلعي کان ڪوهه پنڌ ٻاهر اچي ڪو شڪار ڪري.
وڳوڙي ته رهيا پنھنجي ماڳ! شھر ۾ قلعي جي ڀرسان
چورن ماڻھو پي مارايا. ساڳيو حال سرحدن جو هو، هتي
به رعيت جي هيڻائي ۽ وڳوڙين جي ڏاڍائي جو سبب اهي
ئي افعال هئا.
قره بيگ جي عملداري
ان کان پوءِ قره بيگ هتان جو حاڪم ٿيو. هن به
پنھنجا عامل هيڏانھن ڏياري موڪليا. پھرينءَ سٽ جان
محمد ۽ قره بيگ جي ماڻھن سيوهڻ شھر جي ڀريءَ بازار
۾ وڙهي هڪ ٻئي جا هڏ ڀڳا. قره بيگ جو ڪارندو آقا
محمد ٿڏي تي جان محمد جي هٿان قتل ٿي ويو. ان جي
مرڻ تي قره بيگ جي ماڻھن جوش مان جان محمد تي
جُلهون ڪيون، جيڪو وڃي قلعي ۾ بند ٿيو. ڪو وقت
ٻيءَ ڌر جو قلعي تي گهيرو رهيو (299-1) آخرڪار جان
محمد هڪ رات درياهه جي پاسي کان قلعي جي ڪنڌي ڀڃي
فرار ٿي ويو.
قره بيگ جي ماڻھن جا به ساڳيا ئي پرڪار هئا. اهو
ئي سبب هو جو ملڪ هيڪاري وڌيڪ وڳوڙ ۾ پئجي ويو.
انھن ٽنهي عملدارين دوران وڳوڙي گهڻو زور وٺي ويا
۽ رعيت جي ٻيڙي ٻڏي وئي، جا وڳوڙين جي وڪڙ ۾ هئڻ
ڪري پنھنجو سڀ ڪُجهه سير تي چاڙهي چڪي هئي. باقي
ڪسر جاگيردارن پوري ڪري ڇڏي. ٻئي طرف هتان جي
وڏيرن جڏهن جاگيردارن جي لشڪر کي لانجهو ڏٺو ته
هنن جي پاڻ ۾ اچي لڳي ۽ هڪ ٻئي جي ڄنڊن پٽڻ ۾ لڳي
ويا، جنھن ڳالھه ويتر ملڪ جو خانو خراب ڪري ڇڏيو.
جيئن ڏيهي آکاڻين ۾ مشهور آهي ته ڪو شخص ڪنھن
ڀڙڀانگ شھر ۾ پهتو (299-2)، جتي راڪاس گهمي ويو
هو. حقيقت ۾ ڪو به راڪاس ڪنھن به ظالم عملدار کان
وڌيڪ بد تر نه آهي.
مير ابوالقاسم جي عملداري، پھريون ڀيرو
قره بيگ جي تبديلي کان پوءِ مير ابوالقاسم کي بکر
کان آڻي سيوهڻ ۾ جاگيردار مقرر ڪيو ويو.
تڏهن ڳاها، جوڻيجن وارا سڄا پرڳڻا ۽ خطي جو اڌ
پرڳڻو سيوهڻ کان الڳ هو. مير ابوالقاسم هتي اچي
ملڪ ڀينگ ڏسي، قانون گوين کي پاڻ وٽ سڏائي چيو: هر
پرڳڻي جا ڳوٺ تفصيل وار لکي ڪاغذ مون وٽ پيش ڪيا
وڃن ته انھي ۾ ڪيترا ڳوٺ آهن، ڪھڙا آباد ۽ ڪھڙا
ويران ٿا رهن؟ پوءِ ڪاغذ هٿ ڪري ڦٽي ويل ڳوٺن جي
ماڻھن جي ڳولا ڪيائين، جتان به ڪو مليس، ان کي آڻي
ساڳئي هنڌ ويهاريائين. هر ڪنھن کي دم دلاسي سان گڏ
فصل جي معافي ۽ بٽئي جي رعايت جو پروانو لکي ڏيندو
ويو (300-1). رعيت جي باري ۾ ڪنھن به چغل خور جي
ڪن ڀرڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنائين. ملڪ جون سرحدون نئين
سر ٿاڻن سان محڪم ٿي ويون، ۽ اهڙي طرح سميجن انڙن
جي تپي تي شقدار مقرر ٿيا. انھيءَ نموني پھرئين
سال ئي ملڪ جا سڪا وڻ ساوا ٿيڻ لڳا ۽ جتي به ڪو
وڳوڙي هو، تنھن کي دڙڪا دهمان ڏئي، ڍل ڏيڻ لاءِ
مجبور ڪيو ويو.
هڪ دفعي سندس خدمتگار بايزيد (جيڪو سن جي پرڳڻي تي
رکيل هو) جي موجودگي ۾ سميجا سانجهي جي مهل گجر
ڳوٺ
مان زور تي لاکن جو مال ڪاهي ويا. اهو ڳوٺ سن جي
سامهون درياهه جي پرينءَ ڀر آهي. بايزيد کي جو
غيرت آئي ته اڪيلي سر بنا ڪنھن بازوءَ جي گهوڙي
سميت ننڍي ٻيڙيءَ تي چڙهي هن ڀر پھچي، سميجن تي
ڪڙدي ڪيائين. هنن سدا سدورن (300-2) سندس گهوڙي جو
پيڇو ڪري کيس اڦٽ ماري ڇڏيو. اها خبر امير
ابوالقاسم کي پهتي، ته هن گهوڙي تي سوار ٿي سميجن
جو گس ورتو. ان کان اڳ سندس ساٿاري درياهه جهاڳي
سپاهه سميت سميجن تائين وڃي رسيا ۽ انھن جا ڪم
لاهي ڇڏيائون. پوءِ سندن سِسيون وڍي سرها ٿيا.
هوڏانھن سميجن جا پريا مڙس ڌڻي پرتو/ ڌڻي بخش، طيب
۽ فريد به اچي پيش پيا، جن کي مئلن جي منڍين سميت
ابوالقاسم وٽ آندو ويو، جو پڻ درياهه پار ڪري، خطي
پرڳڻي جي ڳوٺ ”مھراڻ“ ۾ اچي ترسيو هو. صبح جو
سميجن جا باقي رهيل سردار به ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري
ابوالقاسم وٽ آيا ۽ چند ڌيئن جي ميڙ سان گڏ ڏنڊ
ڏوهه ڀري ٺاپر ۾ اچي ويا (301-1).
مير ابوالقاسم پوءِ وينجھڙي وارو قلعو مضبوط ڪيو،
جو سميجن وارين وستين جي دُن ۾ آهي. ٻيو قلعو ديهه
جي ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ سان مضبوط ڪيائين، جو
حويلي (سيوهڻ جي حويلي) واري پرڳڻي ۾ داخل آهي ۽
ٿاڻن تي به پنھنجا ماڻھو وهاري ڇڏيائين. اڄ ڏينھن
تائين ڪتيءَ ڪن وڍايا جو سميجا ڪجهه ڪڇن، ۽ هاڻي
رعيت سارو ڍل ڏيندا رهن ٿا.
ٻئي دفعي باغبانن جي پرڳڻي جا سميجا ٿيٻا جن جي
ارڏاين جو احوال اڳ به اچي چڪو آهي، چانڊين سان
ملي وڳوڙ پکيڙڻ لڳا. مير ابوالقاسم پاڻ وڃي ٿيٻن
جي ڳوٺن، ڪنڌڪوٽ، ڇني ۽ ٻيٽي
۾ ڊاٻو ڪيو. خريف جو ڀلو فصل پنھنجي قبضي ۾
ڪيائين. ٿيٻا ۽ چانڊيا ڪا ڀيڻي نه ڏسي، منھن ڀلڙو
ڪري وٽس آيا ۽ معافيون وٺي مطيع ٿي ويا ۽ وري ڪو
ڏڦيڙ ڪو نه ڪيائون (301-2). سندن ڍل ٺيڪ ملندي ٿي
رهي.
اهڙي ريت ڪنھن لڱان نومڙين کي کُٽيءَ کنيو سو
سيوهڻ جي حويليءَ وارن ڳوٺاڻن جا مال هڻي ويا.
ٺيڙهيءَ
جو ٿاڻيدار قلي جان پنھنجي ماڻھن سان هنن جي ڪڍ
پيو ۽ کين اهڙي مت ڏنائين جو وري ڪر نه کنيائون.
هنن جي سردارن به ابوالقاسم سان قول ڪري کيس
پرچايو. ان کان پوءِ انھن جا قافلا چئن پنجن هزارن
اٺن سان سيوهڻ شھر ۾ اچي وڻج واپار ڪرڻ لڳا
(302-1) جنھن جي عيوض هتان جو اناج پنھنجي پاسي
سودائي پي ويا. محصول طور اٺ ۽ دنبا هر ڀيري پي
ڀريائون.
جڏهن مرزا جاني بيگ فوت ٿيو
ته، سندس پٽ مرزا غازي بيگ ٺٽي ۾ هو، ان جي ڪن مهٽ
لاءِ اڪبر بادشاهه، سعيد خان
کي بکر ۽ سبي جي جاگير ڏئي روانو ڪيو. هو درٻيلي ۾
اچي ويٺو. مير ابوالقاسم کي حڪم ٿيو ته پاڻ وڃي
مرزا غازي بيگ کي مڃائي ٺٽي مان ڪڍي، شاهي درٻار ۾
آڻي پيش ڪري.
حڪم موجب هن لشڪر تيار ڪري اهو ارادو ڪيو ته سعيد
خان جي پھچڻ کان اڳ ٺٽي پڄي، مرزا غازي کي زير بار
ڪري، آگري وٺي اچي. انھيءَ سانگي هو نصرپور کان
وڃي نڪتو، جو شھر ٺٽي واري علائقي جي وچ تي آهي، ۽
پنھنجي پھچڻ کان اڳ نوڪرن مان مير عطاءُ الله
مشهدي کي جيڪو شعر ۽ خط جي فضيلت ۾ ڀلي ڀت ڀڙ هو،
ايلچي ڪري اڳتي اماڻيائين (302-2). مرزا غازيءَ
کيس چوائي موڪليو ته مون شاهي حڪم جي آڻ مڃي آهي،
توهان ڀلي واپس هليا وڃو. آءُ به اوهان جي پٺيان
اچي رهيو آهيان. ابوالقاسم موٽ کائي سيوهڻ آيو.
سندس پويان مرزا غازي به پھچي ويو. ابوالقاسم ان
کي ساڻ ڪري سعيد خان وٽ آندو ۽ ٽيئي ڄڻا اتان گڏجي
گادي جي هنڌ آگري ۾ آيا.
هي جڏهن شاهي درٻار مان بارياب ٿيا ته بادشاهه
قنڌار جو صوبو ابوالقاسم جي حوالي ڪيو ۽ کيس بکر،
سبي ۽ سيوهڻ جا علائقا به تنخواهه طور ڏنا ويا، ۽
شهه بيگ خان کي اتان بدلي ڪيو ويو. جڏهن اڪبر
بادشاهه دنيا کان منھن موڙيو
ته جھانگير، شاهي تخت تي ويٺو.
سردار خان جي عملداري
جھانگير، توخته بيگ خان کي ڪابل مان بدلي ڪري
(303-1)، کيس ”سردار خان“ جو لقب ڏئي، بکر، سبي ۽
سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو. قنڌار جو صوبو پڻ شهه
بيگ جي بدران هن جي هٿ هيٺ رهيو. مير ابوالقاسم کي
جلال آباد جي مھم تي رکيو ويو. سردار خان اڃا
ملتان پهتو مس ته شهه بيگ خان کي شاه عباس
(ايراني) جي لشڪر قنڌار جي قلعي ۾ سوگهو کڻي ڪيو.
جھانگير، مرزا غازي ۽ قره بيگ کي ڌار ڌار لشڪر ڏئي
قنڌار موڪليو، جي اچي سردار خان سان مليا ۽ گڏجي
قنڌار ڏانھن راهي ٿيا. رستي ۾ قره بيگ فوت ٿي ويو.
مرزا غازي ۽ سردار خان قنڌار وڃي رسيا. شاه عباس
جو لشڪر چغتائي فوج اڳيان ڪو چارو نه ڏسي، جتان
آيو هو اوڏانھن هليو ويو.
مرزا غازي بيگ کي واپسي جو فرمان مليو
۽ قنڌار جي صوبيداري سردار خان تائين رهي.
تڏهن درويش بيگ نالي سردار خان جو ملازم سيوهڻ جو
حاڪم هو. هو گهورئي جي پٽ ماڻڪ سان ملي سميجن تي
ڪاهي ويو ۽ ڏيڙان جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو. هڪ رات سميجن
تاڙ وٺي هن جي لشڪر کي راتاهو هنيو، جنھن ۾ هن جا
پنج سـؤ ماڻھو مارجي ويا. انھيءَ رات ماڻڪ پير
کوڙي پاڻ ملهايو، صبح ٿيڻ تي درويش خان دل نه جهلي
سگهيو، ۽ سيوهڻ موٽي آيو، جتي فوت ٿيو. وقائع
نويسن اها خبر جھانگير تائين پھچائي.
مير ابوالقاسم جي عملداري، ٻيو ڀيرو
سردار خان جي تبديليءَ تي سيوهڻ جي جاگير (304-1)
مير ابوالقاسم کي ملي
هي ان وقت باجوڙ جي ٿاڻي تي مامور هو. اتان راقم
الحروف (يوسف ميرڪ) کي پنھنجن ماڻھن جي جٿي سان
سيوهڻ موڪليائين ۽ پٺيان پاڻ هلندو آيو، پنھنجي
اکين سان ملڪ جي ويرانيءَ جا حال ڏٺائين ۽ وري
رعيت کي سرچائي ملڪ آباد ڪيائين. ايتري ۾ سردار
خان قنڌار ۾ فوت ٿي ويو.
سندس جاءِ تي مرزا غازي مقرر ٿيو. مير ابوالقاسم
کي پڻ حڪم مليو ته مرزا غازيءَ سان گڏجي قنڌار
وڃي. حڪم موجب هي سيوهڻ ڇڏي بکر ۾ وڃي مرزا غازيءَ
سان مليو. ٻئي اڃا سنبت ۾ هئا ته ايتري ۾ مير
ابوالقاسم کي جھانگير پاران هڪ حڪم مليو، ان جو
تفصيل هن ريت آهي ته ”اڳئين عملداريءَ دوران بَد
بَخت سميجن انڙن، لاکن مٿان ڪاهي کين تاراج ڪيو هو
۽ سندن ملڪيتون ڦٻائي ويٺا هئا (304-2)، سو هنن
جھانگير بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي دانھن ڏني هئي.
جھانگير کين مير ابوالقاسم ڏانھن داد رسيءَ لاءِ
پروانو لکي ڏنو هو ته، ”لاکن جون ملڪيتون سميجن
کان هٿ ڪري هنن کي ڏيارجن ۽ سميجن کي پوريءَ طرح
سيکت ڏني وڃي، جيئن وري اهڙي بڇڙائي نَه ڪن.
جيڪڏهن اهو ڪم توکان نه پڄي سگهي ته جلد جواب
موڪل، جيئن اهو بار ڪنھن ٻئي تي رکيو وڃي ۽ مظلومن
کي ظالمن وٽان ڪو حق پلئه پوي.“
اهڙي ريت مير ابوالقاسم کي هڪ ئي وقت ٻه حڪم مليا
ته مرزا غازيءَ سان گڏجي قنڌار وڃي، ٻيو هي ته
سميجن کي سيکت ڏئي لاکن جون ملڪيتون واپس ڪرائي
(305-1). ٻئي پاسي سيوهڻ ائين ئي ويران پيو هو ۽
اڍائي پرڳڻا اڃا مير ابوالقاسم جي جاگير کان الڳ
نه ٿيا هئا، جن جي آبادي اوج تي هئي. مير
ابوالقاسم جو خيال هو ته. پنھنجي پٽ ابوالبقا کي
ڀرجهلا ماڻھو ساڻ ڏئي مرزا غازي بيگ جي همراهي ۾
روانو ڪري ۽ پاڻ سميجن انڙن کي سيکت ڏيڻ لاءِ
سيوهڻ ۾ رهي پوي. پر مرزا غازي اها ڳالھه قبول نه
ڪئي، چي: اوهان منھنجي پيءُ جي جاءِ تي آهيو، مون
سان سياڻن وارو سنگ ڪري، هڪ دفعو مون سان گڏ قنڌار
هلي، ملڪ جي انتظام ۾ منھنجو ساٿ ڏيو. پوءِ ڀلي
پنھنجي جاگير ڏانھن واپس هليا اچو. مير ابوالقاسم
لاچار ٿي چار پنج سـؤ قديمي مغل ساڻ ڪري مرزا غازي
جي رفاقت اختيار ڪئي. ويندي ويل ابوالبقا کي
پنھنجي جاءِ تي سيوهڻ ۾ ڇڏيائين ۽ هڪ فرمان لکي
کيس ڏنائين ته توکان جيتري قدر پڄي سگهي (305-2)
بَد بَختن سيجن تي سختي ڪندو رهجانءِ، جيئن لاکن
کي پنھنجو مال موٽي ملي. ابوالبقا، مرزا غازي
ڏانھن منھن ڪري چيو: جڏهن سميجن سان ڪا سختي ڪئي
وڃي ٿي ته هو نصرپور ڀڄي ٿا وڃن، جنھن جو تعلق
اوهان سان آهي. انھيءَ لاڳاپي جي ڪري هو قاسم خان
ارغون وٽ وڃي پناهي ٿا ٿين، ان حالت ۾ مون لاءِ
ڪھڙو حڪم آهي؟ مرزا غازي جواب ڏنو ته ڪيئن به ڪري
سميجن کي سيکت ڏيڻي آهي، سو اهي جتي به اوهان کي
هٿ اچن کين بنا پڇئي قتل ڪري ڇڏيو. هنن جا ٻار ٻچا
ٻڌي، سندن الهه تلهه باقي نه ڇڏيو. مير ابوالبقا
چيو ته پوءِ ڀلائي ڪري مون کي ٻه لفظ لکي ڏيو،
جيئن پوءِ مون تي ڪا ميار نه اچي. مرزا غازي
پنھنجي مھر سان اهڙو اختيار لکي، ابوالبقا کي ڏئي
ڇڏيو (306-1) ۽ پاڻ مير ابوالقاسم سان قنڌار ڏانھن
راهي ٿي ويو.
مير ابوالبقا بکر کان سيوهڻ روانو ٿيو. واٽ تي
جڏهن جوڻيجن واري پرڳڻي ۾ پهتو ته، اهو پرڳڻو مرزا
غازيءَ جي جاگير ۾ هو، اتان جي عاملن ابوالبقا وٽ
اچي کيس دانھن ڏني ته گچيري وارا سميجا بُڪيا
(ٻگهيا) نافرماني ٿا ڪن ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪاري
آهن. ابوالبقا اتان ئي گچيري ڏانھن وريو. بُڪيا
(ٻگهيا) کاهيون کوٽي، چوڌاري لوڙها ڏئي ويٺا هئا.
جنگ جون تياريون ته اڳ ۾ ئي ٿيل هيون، سو ٻنهي
ڌرين ۾ اچي ٻڙڌڪ متو. ابوالبقا جا ڪيئي سپاهي ۽ ٻه
گهوڙا زخمي ٿي پيا. نيٺ لوڙها ٽپي، هو اندر ٿيو
(306-2) ۽ ڪيترن کي قتل ڪيائين. ٻيا سردار ڪک وات
۾ ڪري اچي پيش پيا، جن کي هو مرزا غازي جي عملدارن
جي هٿ ۾ ڏئي پاڻ سيوهڻ پهتو ۽ سميجن جي وڌيڪ سُڌ
وٺڻ لاءِ درياهه اورانگهي اڳتي وڌيو.
ان کان اڳ سميجا ٽڙي پکڙي ڀاڄ ۾ پيا، ۽ ڪي جيسلمير
جي ڀٽن ڏانھن ته ڪي نصرپور هليا ويا. مير ابوالبقا
سندن پٺ نه ڇڏي ۽ نصرپور جي سرڪار ۾ هالا ڪنڊي
تائين هڪليندو ويو. اتي خبر پيس ته طالب نالي
سميجن انڙن جو سردار پنھنجن ماڻھن سميت ساڱري جو
پاڻي جهاڳي نصرپور جي ڀٽن ڏانھن پيو وڃي. هو ان جي
ڪڍ پيو، انت وڃي اڳي ورتائينس. طالب سميجي کي
(307-1) نصرپور جي وارياسين ڀٽن تائين پھچڻ جي به
مهلت نه ملي. انھي دِس ۾ صدگر (صيدگر) نالي قلعو
هو، جنھن ۾ قاسم خان ارغون جو ڄاٽو شير بيگ
پي رهيو. طالب پنھنجي ساٿارين سميت اتي وڃي ٿانيڪو
ٿيو. ابوالبقا به اچي قلعي کي ڪوڙو ڏنو ۽ اندران
تيرن، توبن ۽ بندوقن جي ڌُم لائي ڏني. شاهي لشڪر
پھريون وار سهسائي، جنگي هاٿي اڳيان ڪري، قلعي جو
در اچي جهليو. خدا جي فضل ۽ بادشاهي اقبال سان
هاٿين هڪ ئي ڌڪ ۾ قلعي جي در جا تختا ڪڍي ڇڏيا ۽
لشڪر اندر ڌوڪي ويو. سميجن نڀاڳن جي اچي ڦٽي، هزار
ٻارهن سؤ ٿڏي تي قتل ٿي ويا. طالب قتل ٿي ويو.
ائين مير ابوالبقا جي سوڀ ٿي.
پوءِ هو واپس ٿي (307-2) سميجن انڙن جا ڳوٺ- صابو،
وينجھڙو، ڪاٺڙي، ڏيڙان ۽ جانڙو زير ڪندو، سيوهڻ جي
سامهون منديهجي (منديجي) واري گهيڙ وٽان درياهه
اُڪري سيوهڻ ۾ آيو. سميجن پنھنجي ”بد ذاتي بد
بنياديءَ“ موجب اتان ڦري خطي واري پرڳڻي ۾ اچي
مانڌاڻ مچايو. ابوالبقا وري سيوهڻ ڇڏي باغبانن ۾
سميجن ٿيٻن تي ڪاهي وڃڻ جو بهانو ڪري اڳتي وڌيو.
جڏهن پاٽ ۾ پهتو ته اڳياڙي جي نماز مهل مھري وارو
گهٽ ٽپي، سانجهيءَ ڌاري سميجن تي ڪاهه ڪيائين. ان
رات، ٻئي ڏينھن ۽ ٻيءَ رات جيسلمير جي رڻ پٽ جو
پاسو ڏئي ڪاهيندو ويو، ۽ صبح جو سوير سٺ ڪوهه پنڌ
جا هڻي ڏيڙان جي ڳوٺ تي ڪاهي، سميجن انڙن جا پنج
سـؤ ماڻھو (308-1) ماري وڌائين ۽ ڪيترا قيد ٿي
ويا. پوءِ انھن جا ڍور ڍڳا جيڪي شمار کان ٻاهر هئا
ابوالبقا جي ماڻھن پنھنجي قبضي ۾ آندا. ابوالبقا
اتان منزل پٽي گجرن جي ڳوٺ ۾ آيو، جتي لاکن ستوهه
ڀريس ته اسان جي حفاظت لاءِ به هتي ڪو قلعو هئڻ
کپي، جنھن ۾ سرڪاري ٿاڻو قائم ڪيو وڃي. سندن چوڻ
تي قلعو اڏائي، ان تي جھانگير آباد جو نالو رکي،
مير ابوالقاسم جي پراڻي ملازم فتح علي کي پنھنجي
ڪٽڪ سان اتي ٿاڻيدار مقرر ڪيائين ۽ پاڻ سيوهڻ هليو
ويو.
سندس واپسي جي خبر نصرپور ۾ جڏهن قاسم خان ارغون
تائين پهتي ته ٻاهران ڦڪائي ظاهر ڪندي، صيدگر
جي قلعي ڊاهڻ جي بهاني پنھنجن پٽن، جندائي ۽ فتحي
کي، سميجن انڙن ۽ سوڍن سان هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار
پيادا ساڻ ڏئي جھانگير آباد جي قلعي ڏانھن چاڙهي
موڪليائين. اهو لشڪر جڏهن (308-2) جھانگير آباد جي
قلعي جي ويجھڙائي ۾ پهتو ته، ابراهيم نالي هڪ
افغان شڪار سانگي اتي پي ڦريو، جنھن فتح عليءَ کي
وڃي خبردار ڪيو. فتح علي پنھنجا توبچي ۽ تيرانداز
قلعي جي ٻانھينءَ تي بيهاري، پاڻ ڦڙتائيءَ مان
پنھنجن ماڻھن سميت جيڪي وٽس موجود هئا، قلعي کان
ٻاهر اچي، قلعي جي کاهيءَ ۽ لوڙهي جي وچ تي ٿي
بيٺو. هن ڌر جو لشڪر ڊوڙي قلعي کي گهيرو ڪرڻ وارو
هو ته مٿانئس تيرن ۽ گولين جا وسڪارا ٿي ويا.
پھرئين ئي حملي ۾ خدا جي فضل سان دشمن جا ڏهه
پندرهن ماڻھو جيڪي بروقت قلعي ڏانھن وڌي آيا هئا،
پٽ تي ڇڙيون هڻڻ لڳا. باقي لشڪر بيهي نه سگهيو ۽
شڪست کائي موٽي ويو.سندس فتح جو ڀروسو هن آيت جي
آڌار تي هو:
كَمْ مِّنْ فِئَةٍ
قَلِيْلَةٍ غَلَبَتْ فِئَةً كَثِيْرَةًۢ بِاِذْنِ
اللّٰهِ
(خدا جي حڪم سان ڪڏهن ٿورائي وارا گهڻائي تي غالب
پئجي وڃن ٿا).
انھن جي پويان پئي (309-1) ويهارو کن ٻيا ماڻھو به
سندن لشڪر مان ماري وڌا، ۽ انھن جون سسيون ڌڙن کان
ڌار ڪري مير ابوالبقا ڏانھن سيوهڻ ڏياري موڪليائين
ته، ان کان پوءِ سميجن انڙن، ابوالبقا جي عملداري
۾ ڪا به هوڙهيائي نه ڪئي. لاکن کي پنھنجو مال
موٽائي ڏنائون ۽ ٻيءَ ريت وانگر ڍل پھچائيندا
رهيا.
مير ابوالقاسم هڪ سال تائين مرزا غازيءَ سان گڏ
قنڌار ۾ هو. ان کان پوءِ اجازت وٺي پنھنجي جاگير
ڏانھن روانو ٿيو. اڃا پنڌ ۾ ئي هو ته سندس ڏينھن
اچي پورا ٿيا ۽ وڃي پنھنجي مولا سان مليو.
هنن واقعن بيان ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته مير
ابوالقاسم باوجود ان جي جو سيوهڻ جي سڄي سرڪار
سندس جاگير ۾ نه هئي، ٻئي دفعا سيوهڻ جي علائقي کي
جيئن چئجي تيئن پنھنجي ضابطي هيٺ رکيو. ان جي
مهابي ئي هتان جو لشڪر ٻين علائقن جي وڳوڙين جي
گوشماليءَ لاءِ سرڪار جو ساٿ ڏيندو رهيو. ملڪ جي
آبادي ۽ فسادين جي برباديءَ جو انھي کان وڌ ٻيو
ڪھڙو مثال ٿي سگهي ٿو (309-2).
مير ابوالقاسم جي عملداري جو دور (ٻئي ڀيرا) ڇهن
سالن تائين هو. هن رعيت کي انصاف جي روءِ سان فصل
۾ معافيون ڏنيون، ڪيترن هنڌن تي پوکي راهيءَ مان
صرف ٽيون يا چوٿون حصو وصول پي ڪيائين. پاڻ وقت جي
عالمن ۽ فاضلن کي چڱو مان ڏيندو هو. انھن لاءِ
روزگار جي وسيلن جو بندوبست رکيائين. هتان جي
ڪيترن عالمن فاضلن کي اڪبر بادشاهه جي زماني ۾
پنھنجي پاران وظيفا ڏئي پاڻ سان ميران صدر جهان
جي خدمت ۾ وٺي ويو، ۽ پوءِ هر ڪنھن کي پنھنجي
لياقت موجب شاهي پروانا ۽ راهه خرچ ڏياري وري
سيوهڻ پھچايائين.
شمشير خان جي عملداري، پھريون ڀيرو
جھانگير کي جڏهن مير ابوالقاسم جي وفات جي خبر
پهتي ته، شمشير خان اوزبڪ
کي پنھنجي غلام زادن سان گڏ سيوهڻ ۾ مقرر ڪيائين.
مير ابوالبقا (310-1) شمشير خان جي شراڪت قبول نه
ڪئي ۽ پنھنجا ٻار ٻچا وٺي دارالخلافه آگري ۾
جھانگير وٽ وڃي پهتو. بادشاهه سيوهڻ جو سمورو
علائقو شمشير خان اوزبڪ جي جاگير ۾ ڏئي چڪو هو. پر
اوٻاوڙو، گنجابو ۽ لانگاهن جي رپڙي ابوالبقا جي
حوالي ڪيائين ۽ شاهي فرمان موجب اتي جا مڙئي قبيلا
هن جا مطيع ٿي ويا. ”راقم الحروف (يوسف ميرڪ) ان
ڏينھن کان پنھنجو منصب ترڪ ڪري روزگار جي جزوي مدد
معاش تي قانع رهي سيوهڻ ۾ گوشي نشين ٿيو.“
شمشير خان اوزبڪ به هن ملڪ کي چڱو آباد ڪيو ۽ گهڻو
لشڪر گڏ ڪيائين. هن وٽ ست سؤ اهڙا اوزبڪ جوان
موجود هئا، جن مان سؤ کن سگهارن جوانن کي سدائين
جڙائون پٽڪا مٿي تي ٻڌل هوندا هئا. سندن چيلهه
سوني خنجر ۽ تلوار سان سنواريل هوندي هئي ۽ روپھري
زينون ران هيٺان ٿي رکيائون. هر هڪ وٽ (310-2) ست
اٺ عراقي ۽ ترڪي گهوڙا هوندا هئا، باقي ٻين وٽ
گهڻو ڪري ٻه گهوڙا (عراقي ۽ ترڪي) هئا. سندن
تلوارن جا مُٺيا چانديءَ مان ٺهيل هئا.
هن هر هنڌ مضبوط ٿاڻا قائم ڪري سرحدون سوگهيون
ڪيون. سندس سپاهه کي ڏسي سميجن انڙن توڙي ٻين
وڳوڙين ڪا به سرڪشي نه ٿي ڪئي ۽ جيئن تيئن وقت پي
گذاريائون. مرزا غازيءَ
جي مرڻ کان پوءِ
مرزا رستم قنڌاريءَ
سان گڏجي، ٽي هزار چار سؤ اوزبڪ سوار ساڻ ڪري
شمشير خان ٺٽي ڏانھن روانو ٿيو. واٽ تي سمواتي
(سماواتي) علائقي وارن سميجن دلن سان ڏاڍا ڪلور
ڪيائين، جيئن اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ائين ملڪ
هڻندو، وڃي ٺٽي پهتو ۽ هڪ سال تائين اتي شاهي
خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
ساڳئي وقت سيوهڻ جو انتظام به سندس سنڀال هيٺ
رهيو. هڪ سال کان پوءِ وري سيوهڻ واپس آيو.
مير ابوالبقا جي عملداري
ٺٽي جو صوبيدار تاج خان (311-1) وفات ڪري ويو ته
شمشير خان کي اتان جي صوبيداري ڏني وئي. ابوالبقا
کي مرزا دوست محمد جي شراڪت سان سيوهڻ جي جاگير تي
مقرر ڪيو ويو. پر مرزا دوست محمد کي وري ملتان جو
خزانو قنڌار پھچائڻ جو حڪم مليو. هو اوڏانھن هليو
ويو ۽ ابوالبقا پنھنجي استعداد موجب سيوهڻ جا
(هيٺيان) ٻه ٽي پرڳڻا ضابطي ۾ رکيا، ۽ هن علائقي
جي ڪن فسادين تي چڱيون ڪاهون ڪيائين.
1- باغبانن واري پرڳڻي ۾ چانڊين ۽ سميجن ٿيٻن
کؤنس شروع ڪري ڏني. انھيءَ پرڳڻي جا ٻه حصا مرزا
دوست بيگ جي جاگير هئا. هن جي عملدارن اچي
ابوالبقا جو در ورتو، جنھن سيوهڻ مان سنبري، رات
ڏينھن منزلون هڻي، ٻئي ڏينھن مانجهاندي وقت اڪبر
آباد پھچي، گهوڙن کي داڻو پاڻي ڏئي، ساهي پٽائي،
سانجهيءَ جو (311-2) اڳتي وڌڻ جي ڪئي. ائين رات
ڏينھن رَئي اڏائيندي آخر وڃي داڙو بند واري ٽڪر جي
هيٺانھينءَ ۾ چانڊين تي چڙهائي ڪيائين، جنھن ۾
انھن ”چنڊالن“ جا ڪيئي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪيترا
ٻڌجي پيا. موٽ تي وري باغبانن جي پرڳڻي ۾ سميجن
ٿيٻن جا تختا ڪڍيائين، سندن سردار گهوريو ٿيٻو قيد
ٿي ويو، جنھن کي پاڻ سان گڏ سيوهڻ وٺي آيو. نتيجو
اهو نڪتو جو وري چانڊين توڙي سميجن ٿيٻن ڪنھن جو
به نالو نه ورتو ۽ ماٺڙي ڪري ڍل پڄائيندا رهيا.
2- هڪ دفعي نومڙين ڏاڍائي ڪري سيوهڻ جي پرڳڻن وارن
ڳوٺن ۾ رڻ ٻاري ڏنو. ابوالبقا، لنڊي جبل ۾ وڃي،
ساڻن اٽڪيو. انھن بد بختن جا ڪيئي ماڻھو مارجي ويا
۽ رعيت کي مال واپس مليو (312-1) ۽ هنن پيش پئي،
قول قرار ڏئي، جان ڇڏائي. انھن جا قافلا وڻج واپار
سانگي سيوهڻ ۾ ايندا رهيا ۽ هر فصل تي اٺ ۽ دنبا
پي پھچايائون.
3- مير ابوالبقا پنھنجي هڪ خدمتگار منظور کي
جھانگير آباد جي قلعي (لاکن واري تپي) ۾ پنجاهه
سوارن سان مقرر ڪيو ۽ جمال خدمتگار کي سميجن انڙن
واري تپي تي رکيائين. اتفاق سان منظور خدمتگار ڪن
سميجن تي ڪاهه ڪئي جا خبر اڳواٽ سميجن کي پئجي
وئي. سميجن حاڪمن تي حملو ڪري ڏنو، انھيءَ ڇڪتاڻ ۾
ڏهه پندرهن سپاهي مارجي ويا. سندن گهوڙا، هٿيار ۽
نغارا سميجن پنھنجي هٿ ڪيا. منظور ميدان هارائي
جھانگيرآباد جي قلعي ڀيڙو اچي ٿيو.
جڏهن ابوالبقا کي پتو پيو ته پاڻ بخار ۾ پيو هو، ۽
سواري نه ٿي ڪري سگهيو، تنھن ڪري پنھنجي وڏي پٽ
عتيق الله
کي پنھنجن ماڻھن (مٽن مائٽن ۽ سپاهين) سان گڏي کين
سميجن جي مھم سپرد ڪيائين. هو جڏهن جھانگيرآباد جي
قلعي ۾ پهتو، تڏهن سميجا ڪجهه ماڻھن کي وچ ۾ آڻي
مقتول سپاهين جا گهوڙا سامان سميت ڪاهي آيا ۽
نغارا به ڏنائون ۽ ڏنڊ ڏيڻ لاءِ به تيار ٿيا. عتيق
الله کي جيئن ته جواني جي هوا مٿي ۾ هئي، ان ڪري
صلح بدران جنگ لاءِ ضِد ڪيائين. هوڏ منجهان اڃا
سابو (صابو؟) واري ڍنڍ تي پهتو ته پريان جوار جي
پوک جي پويان پرو پيس (313-1)، جتي سميجا ٻار ٻچا
۽ ڍور ڍڳا جيسلمير جي پٽن ڏانھن روانا ڪري پاڻ گهٽ
وٺيو ويٺا هئا. عتيق الله سندن پيرو کنيو، ويهارو
کن جانٺا جوان پنھنجي سوٽ ڪامل سان اڳتي ڏياري
موڪليائين ۽ پاڻ به هڪيو تڪيو انھن جي پويان روانو
ٿيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڃا ڪوهه ٻن جي وِٿي هئي
ته، سميجن عتيق الله جي فوج جي سامهون اچي ويڙهه
شروع ڪري ڏني. الاتوهار ۾ ٽيھه چاليهه جوان جيڪي
لشڪر جي اڳ ۾ ويا پي، سميجن انھن جي گهوڙن کي
ورائي، سڀني جو خاتمو ڪري ڇڏيو. خود سميجن جا به
ڪيئي همراهه قتل ٿي ويا. مرزا عيسى ترخان جو سالو
لاکو پٽ پريو سميجو، هن جنگ جو بک ٿي ويو. پوءِ
سميجا، نغارن واري اٺ جي ڪڍ پيا (313-2) ۽ لشڪر جي
هار ٿي وئي. عتيق الله اٺ تان نغارا لاهي، خچر تي
رکي ڏهن پندرهن سوارن سميت شڪست کاڌل لشڪر جي
پٺيان جھانگيرآباد جي قلعي ۾ اچي پهتو.
ابوالبقا اها خبر ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ جيئن بخار ۾
پيو هو، تيئن ئي بسترو ڇڏيائين ۽ درياهه ٽپي خطي
واري پرڳڻي جي ڳوٺ ”مھراڻ“ ۾ آيو. انھيءَ ڳوٺ ۽
جھانگيرآباد واري قلعي جي وچ ۾ يارهن ڪوهن جو
فاصلو هو. سميجن سڀ ڪُجهه پي جاچيو ۽ آخر ڪي ماڻھو
وٺي اچي ساڻس گڏيو. سميجن ڏوهه بخشائي ڍل ڏيڻي
ڪئي. ابوالبقا اتي ئي ”مھراڻ“ ڳوٺ ۾ ترسي پيو ۽
خريف ۽ ربيع جا معاملا (314-1) نبيريائين.
اتان ٿي وري سميجن انڙن جي ٻئي پاسي ڏانھن رخ
ڪيائين، انھيءَ وچ ۾ ڌاريجا ۽ مناهيجا ساڻس وعدا
وعيد ڪري وڃي پنھنجي گهرن ۾ قراري ٿيا. سندن سردار
ڌڻي پرتو ۽ طيب، ابوالبقا سان گڏجي نڪتا، ۽ واٽ
تي راهوجن، فيروزيجن ۽ منگواڻن به اچي پرچاءُ ڪيو.
ابوالبقا تتل اونهاري ۽ سيوهڻ جي ڪوسين هوائن ۾
ڪچڙي منجهند جو ”مھراڻ“ جي ڳوٺ مان هلي، ٻپھريءَ
جو وينجھڙي ۾ آيو جو، سميجن انڙن جي ٿاڪن جو دُن
هو. هن جا سپاهي جهنگ جهر ۾ جاکوڙون ڪري ٻه هزار
ڍڳا ۽ راهوجن جا ڪي ماڻھو گهلي آيا. هيءُ اها رات
وينجھڙي جي ڍنڍ تي ديرو دمائي ويٺو. پنھنجي سپاهه
کي چيائين ته آءُ اڳتي وڃڻ چاهيان ٿو. مون کي
سميجن جا سر کپن، انھن جي مال سان منھنجو ڪو مطلب
ناهي. ائين چئي کين حڪم ڏنائين ته اهي ڍڳا تلوارن
سان ڪهي ڇڏيو، جيئن اوهان کي انھن جي ڪا چنتا نه
رهي. سپاهين حڪم جي پوئواري ڪئي. ٻئي ڏينھن
ٻپھريءَ تائين اتي رهي، اڳينءَ جي نماز کان پوءِ
سوار ٿي، سميجن ڏانھن ڪاهه ڪيائين. رات ڏينھن
سواري ڪري فجر جو ڪٽوهڙ واري ڍنڍ تي پڳو. نماز
پڙهي، هٿيار ٻڌي گهوڙن تي هنو رکيائين. اڃا منجهند
ڪا نه ٿي هئي ته هالا ڪنڊي واري
پرڳڻي جي ڳوٺن وٽ پھچي، منگواڻن جي مٿان وڃي پيو.
ڪيترن ڀاڳ ڦٽن کي ڦٿڪائي، ڪن کي چوکنڀو ڪري
ٻڌائين، ۽ ولر مال جا پنھنجي پنھنجي هٿ ڪيائين.
پڇاڙيءَ مئلن جون منڍيون لاهي ٺٽي جي مير مظفر خان
وٽ موڪليائين. وري ساڳئي رستي موٽي اچي سميجن انڙن
جي ماڳ تي (315-2) جھانگيرآباد
جي قلعي ۾ پير کوڙيائين. چئني پاسن کان سميجن انڙن
اچي هٿيار ڦٽا ڪيا، ۽ پنھنجن وڏيرن سان گڏجي
پنھنجن تپن ڏانھن واپس ويا. هاڻ وٽانئن ڍل جي
اوڳاڙي ٿيندي ٿي رهي.
ٻئي دفعي، سيوهڻ جي خاسائي شورن واري ڳوٺ تي ڪاهي
ويو. اتان ڦري، سن وٽان ٿي، وينجھڙي واري قلعي جي
مرمت ڪرائي اتي خيما کوڙيائين. روزانو آڙين، تترن
۽ ڦاڙهن جا شڪار ڪندو رهيو. سميجن جتان ڪٿان ڍلون
پي ڏنيون. وينجھڙي وارو پاسو شڪار لاءِ ڏاڍو
ڪارائتو آهي، سو ابوالبقا خريف تائين اتي رهيو.
پوءِ سميجن انڙن مان هڪ هڪ کي هٿيڪو ڪري، مير ڪامل
کي سپاهه سان قلعي ۾ رهائي، جوڻيجن جي پرڳڻي ڏانھن
وک وڌايائين.
ايتري ۾ خبر پهتي ته ٺٽي جي صوبيداري مظفر خان
کي ڏئي (315-2)، شمشير خان اوزبڪ کي سيوهڻ موڪلي
ابوالبقا کي مظفر خان جي تابع ڪري، ٺٽي ۾ جاگير
ڏني وئي آهي. ابوالبقا اهو ٻڌي جوڻيجن جي ڳوٺ کان
پوئتي وري خطي پرڳڻي واري ڳوٺ ”رفيعان“ ۾ آيو، جو
سميجن جو سرداري ماڳ آهي. هتي پھچي سميجن کان
بقايائون وصول ڪرڻ لڳو. وينجھڙي ۾ جيڪو لشڪر هو،
تنھن کي هيڏانھن گهرائي، سميجن کي دٻائي، انھن کان
اٺ گهوڙا بقايا ۾ وصول ڪندو ويو. ائين ڪندي شمشير
خان جا ماڻھو اتي پھچي ويا. ابوالبقا ڏٺو ته هاڻي
ڳالھه هٿن مان وڃڻ واري آهي، سو جتي رهيل هو،
وسندي مينھن ۾ اتان چڙهي سميجن جا ٻه ٽي هزار ڍڳا
ڦري، ڪاهي وڃي سيوهڻ نڪتو. شمشير خان ٺٽي مان اچي
ساڻس ملاقات ڪئي، ۽ پاڻ واپس ٺٽي روانو ٿي ويو
(316-1) سميجن جو اڃا نڀاڳ ۾ منھن هو، تنھن ڪري
سڌا نه پي هليا. ابوالبقا بدين وڃي، سندن ڪيترن ئي
سرڪردن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو.
شمشير خان جي عملداري، ٻيو ڀيرو
هن دفعي شمشير خان سيوهڻ ۾ آيو ته سميجن انڙن وري
سرڪشي شروع ڪئي،
ڪيترن سوداگرن کي خشڪي ۽ تريءَ وارن رستن سان
تاراج ڪيائون. هڪ ڀيري ڪي سوداگر هزار کن اٺن جي
وڳ سان ٺٽي کان بکر پي ويا، جڏهن هالا ڪنڊيءَ ۾
آيا ته کين درياهه اڪري سيوهڻ ڏانھن وڃڻ ۾ دشواري
نظر آئي، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پرئين پاسي سميجن جو
راڄ هو، ۽ اورئين پاسي کين جبل جيڏو پنڌ جهاڳڻو ٿي
پيو. لاچار ڪن سميجن کي ساڻ ڪري انھن رهزنن وارو
گس ڏئي هليا. اڃا سميجن جي ديهه ۾ پير پاتائون ته
هو سوداگرن سان ڪيل سڀ اقرار پٺيءَ پويان اڇلائي
مٿن ڪاهي آيا ۽ ڌاڙو هڻي انھن کي ڦري فقير ڪيائون.
ٻئي ڀيري ٺٽي جا سوداگر (316-2) اوني ۽ ريشمي ڪپڙن
جون ٻيڙيون ڀري درياهه مان ٿي آيا ته ساڳيا سميجا
ويچارن سوداگرن جي ڪيترن ماڻھن کي ماري، سڄو سامان
ڦري هليا ويا. شمشير خان همت ڪري ڪجهه سامان
موٽايو. باقي مڏيءَ جي عيوض سميجن کان ڏنڊ ۾ اٺ
وٺي سوداگرن کي ڏياريائين ۽ جيڪو نقصان ٿيو تنھن
جي رقم پنھنجي پاران ڀري ڏنائين. پوءِ انھن ڌاڙيلن
جي بنياد پٽڻ لاءِ لشڪر چاڙهي درياهه جي هن ڀر ويو
۽ سپاهگري جي چال سان سميجن جي ستيا ناس ڪري
ڇڏيائين.
هڪ ڀيري هي چال هليو، هي (شمشير خان) جڏهن درياهه
ٽپي هن پار ويو ته سميجن جا سردار، هڪ ڌڻي پرتو
ڌاريجن طرفان ٻيو طيب مناهيجن پاران، اچي پيش پيا.
پر راهوجن ۽ فيروزيجن مان ڪو به نه آيو. شمشير خان
چيو ته هرڪو سميجو پنھنجن ڪکن ۾ پيو گذاري، منھنجو
ڪنھن سان ڪو واسطو ناهي. جيڪي ماڻھو ڀڄن ٿا آءُ
انھن جي ڪڍ ٿو پوان. اهڙي دلجاءِ ڏيارڻ تي سميجا
انڙ خاص ڪري ڌاريجا ۽ مناهيجا ڏيڙان جي ڳوٺ ۾
پنھنجي اهل عيال سان وڃي جائيتا ٿيا، ۽ صلح جي
سانگي پنھنجا هٿيار ڦٽا ڪري رعيت ٿي گهارڻ لڳا،
جنھن وقت شمشير خان جو گذر انھيءَ ڳوٺ وٽان ٿيو ته
آءُ (يوسف ميرڪ) به دوستيءَ جي ناتي وٽس حاضر هئس.
مون کيس صلاح ڏني ته اهڙو موقعو وري هٿ نه ايندو.
پنھنجن ماڻھن کي ميڇ ڏي ته هن ڳوٺ جو تختو اونڌو
ڪن، ان لاءِ ته سميجن جي هڪڙي سريءَ کي هٿ ڪرڻ جي
گمان ۾ گهوڙا ڊوڙائڻ، پوءِ به اها ور چڙهي الائي
نه (317-1) تنھن کان چڱو ائين آهي ته اهڙيون
هزارين سريون هتي ملنديون، ڇو نه انھن تي چنبا
کوڙيا وڃن!
جيتوڻيڪ سيوهڻ جي ڪجهه زميندارن کي منھنجي اها
صلاح ڪا نه وڻي، ته به شمشير خان ان مان ڏاڍو خوش
ٿيو. سميجن سان ته اڳ ۾ ئي راضي نامو ٿي چڪو هو،
انھي حيلي بهاني پنھنجي لشڪر ۽ رعيت کي تاڪيد
ڪيائين ته جيڪي فلاڻو چوي تنھن تي عمل ڪيو. انھي
هشيءَ تي خدا جي مھر ۽ بادشاهي اقبال طفيل، سميجن
۾ ڪٽڪو پئجي ويو. ڌڻيءَ جي قدرت سان سندن هٿ وڍجي
ويا ۽ وري ڌڌڙ ۾ پير نه وڌائون. اٽڪل هڪ هزار
سميجا قتل ۽ ست سـؤ کن قيدي ٿي ويا، جن ۾ ڪي سردار
به هئا. آخرڪار سندن مال اسباب جنھن جو حساب خدا
وٽ آهي، سپاهين ۽ رعيتي ماڻھن ۾ ورهايا ويا، جيڪي
شمشير خان سان گڏ هئا. (318-1) هن ويڙهه ۾ ڌڻي
پرتو ۽ طيب مارجي ويا. هيءُ پاڻ جنگ جي ئي ميدان ۾
منزل ڪري ويهي رهيو. صبح ٿيڻ تي اتان نڪري وينجھڙي
واري قلعي ۾ آيو. ان جي مرمت کان پوءِ ٻي منزل اتي
ڪيائين. هر روز هڪ فوجي جٿو ڇڙ وڇڙ ٿيل سميجن تي
ڪاهڻ لاءِ روانو ڪندو ٿي رهيو، ۽ سپاهي پنجاهه سٺ
سميجن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري ٿي آيا، جنھن
ڳالھه هيڪاري وڌيڪ سميجن کي زبون ڪري ڇڏيو.
سميجن ۾ جيڪي هوسڙا ملاح هئا، انھن به هنن جي زور
تي درياهي مسافرن تي ڌاڙا ٿي هنيا. انھن مان به سؤ
کن ماڻھو سپاهي هٿ ڪري آيا. شمشير خان حڪم ڏنو ته
سڀني کي لاکاٽ ڳوٺ جي گهيڙ وٽ درياهه جي ڪنڌيءَ
مٿان سوريءَ تي لٽڪايو وڃي. ان کان پوءِ هي پاڻ هڪ
هفتو وينجھڙي جي قلعي ۾ رهيو. جيڪڏهن وڌيڪ ٻه
مھينا اتي رهيل هجي ها ته سميجا ڳوليا نه لڀن ها ۽
انھن جون ملڪيتون پنھنجي مرضيءَ موجب رعيتي ماڻھن
۾ ونڊي ورهائي ها (318-2). مون کيس گهڻو ئي
سمجهايو ته ٻه مھينا اڃا هتي رهيو پيو هج! پر ڪو
نه مڃيائين. انھن زميندارن جي چوڻ تي جيڪي سميجن
سان سازباز ۾ هئا، هو وينجھڙي واري قلعي مان قيدين
کي ساڻ ڪري نڪتو ۽ لاکاٽ جي ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪپ تي
اچي لٿو، جتي ننڍڙو قلعو اڏائي ويهي رهيو. جبل
واري پاسي جي سميجن، شمشير خان کي هڪ هزار اٺ ڏيڻا
ڪيا پر هن ڪو نه ورتا. سميجن پنھنجي ساٿاري
زميندارن کي وچ ۾ آڻي، شمشير خان سان ڳالهيون
ڪيون. آخر زميندارن هن کي پڪ ڏياري ته سميجا هر
طرح مطيع ٿي چڪا آهن. تنھن ڪري اوهان کي سيوهڻ وڃڻ
گهرجي. هو خدا ترس ۽ سادو ماڻھو هو، ان ڪري سندس
روح ۾ رحم پئجي ويو.
جمعي ڏينھن سڀني سميجن کي جيڪي وٽس قيد هئا، ڏوهه
بخشي سندن مائٽن جي حوالي ڪيائين. پوءِ اتان
درياهه (319-1) اڪري سيوهڻ ۾ آيو.
هڪ دفعي چانڊين بلوچن، باغبانن ۽ ڳاهن واري پرڳڻي
۾ اڪبر آباد تائين لٽ ڦر شروع ڪئي ۽ زوري ماڻھو
کنيو ٿي ويا. انھن پرڳڻن جي رعيت شمشير خان وٽ
دانھن کڻي وئي. شمشير خان انھيءَ ئي مهل چانڊين تي
چڙهائي ڪرڻ لاءِ اٿي هليو. راقم الحروف (يوسف
ميرڪ) به دوستي جي ڪري ساڻس گڏ هو. مون کيس راءِ
ڏني ته چانڊين تي جاسوسي ذريعي يڪو چڙهائي ڪري
سگهجي ٿي. شميشير خان ائين يڪي چڙهائيءَ لاءِ راضي
نه ٿيو ۽ واٽ تي منزلون ڪندي ڪندي وڃي چانڊين کي
رسيو. هو اڳ ۾ ئي سندس اچڻ جو ٻڌي جبل ڏانھن نڪري
ويا هئا. شمشير خان جبل جي وٽ سان پوکيل چانڊين جي
جوارين تي قبضو ڪيو ۽ لشڪر جي چوڌاري کاهيون ۽
لوڙها ڏياري تاڙ ۾ ويهي رهيو. رات جو چانڊين اچي
لشڪر تي تير وسايا ويا، (319-2) پر خدا کڻي خير
ڪيو. صبح جو سوير شمشير خان جبل تائين ڪاهي ويو،
چانڊيا جبل جي چوٽيءَ تي بيهي دهل وڄائڻ لڳا. هي
ساڻن پڄي نه سگهيو. آخر سپاهين کي حڪم ڏنائي ته
جوار جو فصل (جيڪو اڃا ڪچو هو) تلوارن سان ڪپڻ
شروع ڪري ڏين، جيئن چانڊيا پنھنجي اکين سان زيان
ٿيندي ڏسي ساڙ کان پڄرڻ لڳن. سپاهين ائين ڪيو ۽
جيتري تائين پڄي سگهيا، جوار کي وڍي پٽ ڪري ويا.
رات ٿي ته شمشير خان واپس اچي ساڳئي هنڌ تي ويٺو.
چانڊين هيسجي پنھنجي پاڙيسرين پنھورن کي وچ ۾
آندو. شمشير خان ڍل جي آڇ تي ساڻن راضي نامو ڪيو.
ان کان پوءِ سيوهڻ جي علائقن ۾ ڪجهه ٺاپر ٿي.
ٻئي ڀيري پرڳڻي بوبڪ ۾ جبل پاسي رهندڙ باريجن
بلوچن وصوليءَ ۾ گهٽتائي ٿي ڪئي. ان کان اڳ اهي هر
فصل تي اٺ ۽ دنبا جاگيردار کي ڏيندا ٿي رهيا.
شمشير خان، مون (مؤلف) کان پڇيو ته هنن تي ڪھڙو
قدم کڻجي؟ (320-1) مون ورندي ڏني: جيڪڏهن چانڊين
وانگي هنن تي به منزلون ڪري چڙهائي ڪندين ته ڪجهه
به، نه ورندئي. هنن جا گهٽ ڏکيا آهن، سندن ڳوٺ
هتان پنجن پھرن جي پنڌ تي ٿيندا، جي اتي يڪو چڙهي
هلين ته ڪجهه نه ڪجهه ٿي سگهي ٿو. منھنجي اها صلاح
قبول ڪيائين. آخرڪار سانجهيءَ جي نماز کان پوءِ
نڪري هليو. سڄي رات پنڌ ڪيائين. پوئين اسر جو جبل
جي هيٺاهين ۾ پھچي باريجن تي باهه ٻاري ڏنائين.
هنن جا ڪيئي ماڻھو سندن سردار قاسم باريجي ۽ پٽس
سميت مارجي ويا. هنن جي زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪري
قتل ٿيل ماڻھن جون منڍيون کڻي سيوهڻ آيو. باريجن
مان جيڪي باقي (320-2) بچيا هئا، ميڙ کڻي اچي ساڻس
مليا. باندين کي ڇڏيو ويو ۽ اڳ وانگي وٽانئن ڍل
وصول ٿيندي رهي.
ٻئي ڀيري سيوهڻ کان چوڏهن ڪوهن تي جبل جي ڀرسان
ويٺل نوحاڻي بلوچن ڦيٽاڙو ڪيو. معلوم هئڻ گهرجي ته
جبل مان ٻه چشما ڦٽن ٿا: هڪ کي ڪائي
ڪوٺجي ٿو ۽ ٻيو نئيگ سڏجي ٿو.
نوحاڻين جون ٻه ڌريون آهن، هڪڙا ڪائيءَ واري چشمي
تي، ٻيا نئينگ واري چشمي تي رهن ٿا. سڀني جو ڌنڌو
پوکي راهي آهي. اهي بوبڪن جي پرڳڻي سان واسطو رکن
ٿا. بختيار بيگ ۽ مير ابوالقاسم جي عملداري دوران
هر فصل تي رڍون ٻڪريون ڏيندا هئا ۽ شاهي لشڪر جي
مدد پڻ ڪندا ٿي رهيا. شمشير خان جي عملداريءَ ۾ به
ساڳئي نموني ڍل ڀريندا ٿي آيا ۽ لشڪر جو به ساٿ پي
ڏنائون. سميجن تي لشڪر ڪشيءَ مهل به درياهه ٽپي هن
ڀر وڃي، پنھنجون خدمتون سرانجام پي ڏنائون (321-1)
جابلو ماڻھو، جيتوڻيڪ جهنگ ۽ بيابان اندر ڏتڙيل
حال ٿا گذارين، تڏهن به شمشير خان سيوهڻ جي ڪن
وڏيرن جي چوڻ تي (جيڪي هنن جا دشمن هئا) لڳي،
سميجن انڙن تي ڪاهڻ جو منھن ڪري سيوهڻ کان اڌ مُنو
ڪوهه پرتي منديجي واري گهٽ وٽ اچي ويٺو. اتان
ٻپھريءَ جي نماز مهل نوحاڻي بلوچن تي حملي ڪرڻ جو
سوچيائين. اڃا صبح ٿيڻ تي هو ته انھن ۾ وڃي ٽاڪوڙا
وڌائين، ڪيئي ماڻھو مارجي ويا. نئيگ جو سردار
ناتالو به پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ ڏهن ٻارهن ماڻھن
سميت قتل ٿي ويو. ٻئي پاسي وارا بلوچ بچي ويا پر
هنن جون پاڙون پٽجي ويون، اڃا تائين ڪڇي نه ٿا
سگهن. هنن جو ٻه هزار کن آدم هو ۽ هن جنگ ۾ سندن
پنجاهه سٺ ماڻھو مارجي ويا ۽ ٻين ڀڄي جند ڇڏائي
(321-2).
شمشير خان جي انھي ارڏائي جو نتيجو اهو نڪتو جو
نوحاڻي بلوچن جن کي بختار بيگ ۽ مير ابوالقاسم،
جبل ۾ ويٺل نومڙين جي سڌ سماءَ لهڻ لاءِ دلداريون
ڏئي پاڻ ڏانھن ڪيو هو ۽ جڏهن به نومڙين سيوهڻ جي
ڳوٺن تي پي ڪاهه ڪئي ته هنن پھرينءَ سٽ ۾ اچي رعيت
کي خبردار ٿي ڪيو ۽ رعيت سُچيت ٿي پنھنجا ڍور ڍڳا
منڇر ڍنڍ ڏانھن ڪڍي ٿي وئي، ۽ هوڏانھن سيوهڻ جي
جاگيردار به انھي کڙڪ پوڻ تي لشڪر ڏياري پي موڪليو
جو، ڳوٺن جي وچ تي اچي مورچا ٻڌي ٿي ويٺو، جيسين
تائين نومڙيا ڪک پن ٿي هيڏانھن هوڏانھن هليا ٿي
ويا، تيسين تائين لشڪر واپس نه پي وريو ۽ انھيءَ
ڪري نومڙين سيوهڻ جي ڳوٺن کي هٿ نه پي لاتو. ليڪن
هن واقعي کان پوءِ نوحاڻين جا پونير ٽڙي پکڙي وڃي
نومڙين جي ماڳن ۾ مڙيا ۽ هن علائقي جي پويان هو
پاڻ ئي ڏائڻ ٿي لڳا. هنن نومڙين کي گس وٺائي،
کانئن اهو ڪي ڪرايو، جو سندن وڙ هو (322-1). انھن
لاهي پاهي سيوهڻ جي حويلي ۽ سن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
شمشير خان آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، مجبور ٿي، مريد
نالي نومڙين جي سردار کي ريهي ريبي پنھنجي پاسي
ڪري، کيس ٽهڻيءَ
واري ديهه بوبڪن واري پرڳڻي کان الڳ ڪري جاگير ۾
ڏني، جنھن جي آمدني ٻه ٽي هزار هئي. اها پھرين
بدعت هن ملڪ ۾ پيدا ٿي، جو هڪ حاڪم هتان جي وڳوڙين
کان هيسجي، کين جاگير بخش ڪئي ۽ مريد جھڙي سرڪش
ماڻھوءَ سان ٺاهه ڪيائين. پڇاڙي شمشير خان پنھنجي
خرچ سان نار ڳوٺ جي چوڌاري قلعو اڏايو ۽ پنھنجو
لشڪر اتي ويهاريائين. پر پوءِ به نومڙيا پنھنجن
بڇڙاين کان نه مڙيا. صلح کان پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي ته
ڳاهن ۽ بوبڪن جا رعيتي پراڻي دستور مطابق پنھنجا
ڍور ڍڳا (322-2) مٿي جبل ڏانھن ڪاهي ويا. نومڙين
مريد جي صلاح کان سواءِ انھن جو ڌاڙو هنيو ۽ بوبڪن
جي پرڳڻي وارن ماڻھن مان ڪيترن کي قتل ڪري
ڇڏيائون. هنن کان پنجيتاليهه هزار ڍور ڍڳا ڦري ويا
۽ ٻيو به ڪيترو سامان کانئن کسيائون. تڏهن مريد
سيوهڻ ۾ شمشير خان وٽ حاضر هو. هن خبر ٻڌڻ سان
سڀني ماڻھن شمشير خان تي زور آندو ته مريد کي قيد
ڪرڻ کپي، جيئن رعيت جي ملڪيت سئيءَ سڳي سميت واپس
ڪرائي ڏيڻ ۾ سڻا ئي ٿئي. اها ڳالھه شمشير خان نه
مڃي. هٿئون مريد کي گهرائي کيس چيائين ته متان
بوبڪن جا ماڻھو توتي دانھين ٿي مون وٽ اچن، سو تون
في الحال هتان نڪري هليو وڃ. ان کان پوءِ ڀلي مون
وٽ اچجانءِ!، مريد رات وچ ۾ وڃي پنھنجي ڳوٺ پهتو.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ جڏهن جهيڙو ٽريوته شمشير خان
وٽ موٽي آيو (323-1).
هڪڙي ڏينھن وچينءَ نماز ڀيري جبل پاسي سيوهڻ جي
حويلي وارن ڳوٺن مان خابرن اچي شمشير خان کي ٻڌايو
ته، نومڙيا پنھنجن ٿاڪن مان نڪري سندن ڳوٺن ڏانھن
ڪاهيو پيا اچن. اتفاق سان ان ڏينھن لشڪر جا ڪيترا
ماڻھو حاضر هئڻ بدران ٿاڻن ۽ جاگيرن ڏانھن موڪل تي
وڃي چڪا هئا. بهرحال هن وٽ جيڪي موجود هئا، تن مان
سٺ ستر سوارن کي تيار ڪري، پنھنجي سالي بادشاهه
خواجه سان گڏي، نار جي ڳوٺ ڏانھن موڪليائين، جو
سيوهڻ کان ستن ڪوهن تي جبل جي هيٺانھين ۾ آهي. هو
رات جو وڃي نار
جي قلعي ۾ ويهي رهيو. ٻئي ڏينھن صبح جو شمشير خان
پاڻ روبرو وڃي داديجيءَ واري واهه جي ڪپ تي ويٺو.
اتان پنھنجي هڪ عزيز شاهه خواجه کي ويهارو سوارن
سان روانو ڪيائين ته نار (323-2) واري لشڪر سان
وڃي ملي.
انھيءَ وچ ۾ مؤلف به شمشير خان وٽ اچي نڪتو. شمشير
خان کيس ٻڌايو ته اجهو هي خبرون پيون ٻڌجن پر مون
ڳوٺن جي نگهباني لاءِ لشڪر ڏياري موڪليو آهي. مؤلف
چيس: جيڪڏهن تون پاڻ وڃين ها ته ڏاڍو چڱو هو، ڇو
ته اوزبڪ تنھن جي غير موجودگي ۾ دل لائي نه ٿا
وڙهن، ليڪن تنھنجي هوندي ڏاڍي سورهيائي سان سر ڌڙ
جي بازي لڳائين ٿا. منھنجي اها راءِ کيس وڻي ۽
اوڏي مهل ڏهه ٻارهن ماڻھو جيڪي وٽس حاضر هئا، ساڻ
کنيائين. مؤلف به ساڻس گڏ هليو. انھيءَ وچ ۾
بادشاهه خواجه کي پنھنجن ماڻھن سان گڏي نارنگه
واري قلعي تي اماڻيائين. هو اڃا سيوهڻ کان ٽي ڪوهه
پرتي ٺيڙهي جي ڳوٺ تائين مس پهتو ته مٿان نومڙين
جي ڊنب اچي ٺڪاءُ ڪيو، جنھن ۾ ٽي هزار سوار ۽ ست
اٺ سو (324-1) پيادا شامل هئا. انھن ڏينھن ڏٺي جو
ڪڇيءَ
واري ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي جو سيوهڻ کان پنجن ڪوهن تي
آهي ۽ اهو ڊنب جو ڊنب ڪيترا ماڻھو قتل ڪري، سمورو
مال هڪلي وري جبل ڏانھن هليو ويو. بادشاهه خواجه
سڀ ڪُجهه اکين سان ڏسي، هڪليندو وڃي نومڙين جي ڊنب
کي رسيو. اتي پھچي اندازو لڳايائين ته هتي تير ۽
تلوار جي جنگ جي جاءِ ناهي. ڇو ته نومڙيا گهڻي
تعداد ۾ هئا ۽ هڪيا تڪيا ٿي تير پي هلايائون. سو
هٽي پوئتي هي بندوق هٿ ۾ ڪري پريان ئي پريان فائر
ڪندو ويو. غنيم ڦري جڏهن مٿانئس الر پي ڪئي ته هي
چورن وانگي ان جو ڌڪ گسائي پنھنجو بچاءُ ڪندو ٿي
رهيو. ان جي پاسيري ٿيڻ تي وري ان پويان لڳي،
بندوق جا فائر ٿي ڪيائين. شمشير خان اها خبر ٻڌي،
تڏهن ڪڇيءَ واري ڳوٺ تائين آيو ۽ رعيت مان جيڪي
ماڻھو قتل ٿي چڪا هئا، تن جي مٿان بيهي دل ۾ چوڻ
لڳو (324-2). آءٌ بروقت لشڪر تائين پھچي نه سگهيس،
هاڻ منھنجي ۽ لشڪر جي وچ ۾ غنيم جي کيپ آهي، ايڏو
لشڪر به پاڻ سان ڪو نه اٿم جو مٿن چڙهائي ڪري
سگهان. اهو ويچاريندي هو اتان واپس وريو. هوڏانھن
بادشاهه خواجه غنيم سان وڙهندو ۽ وڌندو ٿي ويو.
بيگ محمد قرق نالي هڪ اوزبڪ جيڪو شمشير خان جو خاص
ماڻھو هو، انھيءَ ويڙهه ۾ مارجي ويو. بادشاهه
خواجه ”نار“ ڳوٺ جو پاسو وٺي اڳيان آيو ۽ غنيم
پويان واهه جي پوئين ڀر ورتي، جتي جبل مان ايندڙ
مينھن جي پاڻي جو لنگهه هو. نومڙين، رعيت جا هٿ
آيل ڍور ڍڳا پنھنجن ماڻھن سان جبل ڏانھن روانا ڪري
ڇڏيا، ۽ پاڻ پير کوڙي تيرن سان جنگ ڪرڻ لڳا. ايتري
۾ رات ٿي وئي. اوزبڪن جو لشڪر لاچار ٿي، آخر
پنھنجي مالڪ وٽ واپس آيو (325-1). اهڙي ريت
نومڙيا، سن ۽ سيوهڻ جي ڳوٺن سان جاڙون ڪندا ٿي
رهيا ۽ شمشير خان ساڻن صلح جون ڳالهيون پي هلايون.
ڏسو تعليقات، ڪتاب جي پڇاڙي ۾.
انهي هڪ ٿنڀي بابت ”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف
لکي ٿو ته اها ٽڪريءَ جي دڙي تي هڪڙي ٿنڀي
مٿان بيٺل آهي. ماڻهو ان کي عقيدت مان
قدرتي جاءِ ڪري ٿا سمجهن. هتي هرڪو سير
لاءِ اچي ڇت تان بيهي نظارو ڪري ٿو. چون
ٿا ته چار ولي مخدوم جلال جهانيان (؟)،
شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد (وفات 664هه)
۽ شيخ بهاءُ الدين (وفات 661هه)، هتي چلي
۾ ويٺا هئا. هيءَ نھايت هاڪاري ۽ سڳوري
جاءِ آهي (جلد ٽيون، ص 136).
اها هڪ ٿنڀي اڃا سوڌي سيوهڻ جي ريلوي
اسٽيشن جي سامهون موجود آهي. هينري ڪزنس
(Henry Cousens
پنھنجي ڪتاب
(The Antiquities of Sind, 1929)
۾ لکي ٿو:
There is a small cave between the town
of Sehwan and the Bandar, called the “Ek
Thamb” or ‘one pillared cave’ which was
visited by Dr, Wilson and is noticed in
his “Memoir on the Cave Temples, Etc, of
Western India: P. 45.
حققت ۾ اها هڪ ٿنڀي توڙي ٻيا غار جيڪي
سيوهڻ جي جبلن ۾ ڏٺا وڃن ٿا، تمام آڳاٽي
زماني ۾ هتان جي اصلي رهاڪن جا ماڳ هئا.
(ڏسو ساڳيو مٿيون ڪتاب)
ريگ ماهي
Sand Lizard
جنهن کي سنڌي ۾ مکڻي چوندا آهن. هيءَ چچي
(ڪرڙي) جيتري، ان جھڙي، مگر سهڻي ۽
چلڪيدار ٿئي ٿي. حڪيم انهي کي دوائن ۾ ڪتب
آڻيندا آهن (مترجم) .
اهي چشما اڃا تائين موجود آهن ۽ قلندر
جا مجاور انهن جي پاڻي تي پوک ڪندا رهن
ٿا. زمين جو اهو ٽڪرو قلندر جو باغ سڏجي
ٿو. ان کي لعل جي واهي به چون ٿا.
تحفـﺔ الڪرام جي لکت موجب ٽڪر جا وهندڙ
چشما عجائبات مان آهن، جتي مريض غسل ڪري
شفاياب ٿين ٿا. هتي پاڻي سدائين وهندو رهي
ٿو ۽ هندو خاص موقعن تي پوڄا ڪرڻ ايندا
آهن (جلد ٽيون، ص 135).
مرزا محمد باقي ولد مرزا عيسى ترخان سنڌ
جو حڪمران. 974-993هه سندس حڪومت جو زمانو
هو.
ذخيرة الخوانين (قلمي) ۾ اهو نالو ڌارو
لکيل آهي.
ذخيرة الخوانين (قلمي) سان انهي جنگ
بابت هن ريت معلوم ٿئي ٿو: 35 سال اڪبري،
مطابق 998هه ملتان ۾ بکر جي حڪومت جيئن
خان خانان کي ملي ته کيس سنڌ ۽ ٺٽي جي
حڪومت هٿ ڪرڻ جو حڪم پهتو. انهيءَ مھم سر
ڪرڻ لاءِ ميان محمد خان نيازي، فريدون خان
برلاس، شاه بيگ خان ڪابلي، سيد بهاءُ
الدين بخاري، شير خان، جانش خان بھادر،
مير معصوم بکري ”نامي“ (مؤلف تاريخ سنڌ)
بختيار بيگ، قرا بيگ ترڪمان، ڌارو ولد
راجا توڏر مل وغيرهه خان خانان سان گڏ
روانا ڪيا ويا. ملڪ الشعرا فيضي انهي
روانگي جي تاريخ ”قصد تته“ مان ڪڍي. (خان
خانان) ٺٽي لڳ جوڻ پرڳڻي ڏانھن هليو ويو.
سيد بهاءُ الدين بخاري وري بختيار بيگ،
قرا بيگ ترڪمان، مير محمد معصوم بکري، حسن
علي عرب ۽ ٻين سپاهين کي ساڻ ڪري سيوهڻ
پهتو. اها خبر جڏهن خان خانان کي ملي ته
هڪدم ميان دولت خان لوڌي سپهه سالار ۽
بينظير بھادر (وقت جي رستم)، خواجه رستم
بخشي، ميان محمد خان نيازي، ڌارو پٽ راجا
توڏرمل، دلپت ولد راءِ رائسنگهه ڀرتو ۽
بھادر خان ترين کي سيوهڻ اماڻيائين. اهي
روزانو اسي ميلن جو پنڌ هڻي، سيوهڻ وڃي
پهتا. ٻئي ڏينھن مرزا جاني بيگ پنھنجيون
فوجون سنبرائي سامهون ٿيو، جن جو تعداد
پنجن هزارن سوارن تائين هو، ۽ هيڏانھن صرف
ٻه هزار سوار هئا، جن بادشاهي اقبال جي
آسري مهاڏو ڏنو. ٻنهي ڌرين ۾سخت جنگ لڳي.
راجا توڏر مل جو پٽ ڌارو مڙسي سان وڙهندي
مارجي ويو. ميان محمد خان نيازي پنھنجي سر
پاڻ پتوڙي پنھنجن ماڻهن کي موت جي منھن ۾
ڌڪيندو رهيو. دولت خان لوڌي ايڏا جتن ڪيا
جي ان کان پڄي سگهيا ٿي. دلپت چئن سون
راجپوت سوارن سان دل ٻڌي جنگ ۾ ثابت قدم
رهيو. مير محمد معصوم بکري ۽ شاه بيگ خان
به وسان ڪين گهٽايو. مرزا جاني بيگ جي
ڏاڍي ڳولا ڪئي وئي، جيڪو هيل تائين شاه
قاسم ارغون سان گڏ جنگ جي ميدان ۾ موجود
هو پر شڪست جا آثار ڏسي شاه قاسم، مرزا
جاني بيگ جي پٺيان اهو چوندي فرار ٿيو ته
حياتي آهي ته ٻيهر جنگ ڪئي ويندي. پوءِ
ٻئي ڄڻا ”نواري“ طرف هليا ويا ۽ وري
”انڙپور“ ۾ مرزا جاني بيگ مورچا ٻڌي ويهي
رهيو. خان خانان ٻيهر مٿس گهيرو ڪيو.
ڏهاڙي چڪريون لڳنديون رهيون. آخر توبن
بندوقن جي هڻ هڻان وڃي هنڌ ڪيو ۽ صلح جا
سانباها ٿيا--... (قلمي 16-17-18) (هن
واقعي جي وڌيڪ تفصيل بابت ڏسو: تاريخ سنڌ،
مير معصوم ص 251-کان 256).
ڇني ڳوٺ اڃا تائين موجود آهي.
شايد پٽيجي. اهو ڳوٺ اڃا تائين موجود
آهي.
مرزا عيسى ولد عبدالعلي ترخان سنڌ جو
حاڪم (962 کان 974هه تائين).
مير معصوم تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو. انهن
ماڻهن (ارغونن) 17 ذوالقعد 921هه ڌاري
ڳاهن ۽ باغبانن کي اچي ڦري ناس ڪيو. مخدوم
جعفر (ولد عبدالڪريم عرف ميران ولد يعقوب
بوبڪائي) سنڌ جي گذريل دور جو برک عالم.
مرزا عيسيٰ کان روايت ڪندو هو ته هن حملي
۾
[مغل]
هڪ هزار اُٺ ڪاهي ويا، جيڪي رات جو باغن
جي نارن ۾ ڪم ڪندا هئا، ٻين شين جو يا
انهيءَ ملڪ جي آباديءَ جو اندازو هن ڳالھه
مان لڳائڻ گهرجي. لشڪر انهيءَ آس پاس ۾ هڪ
هفتو رهي موٽي ويو.“ ص 110.
نسخي (پ) ۾ برنتقاني لکيل آهي.
پاٽ جو شهر اڄ تائين باقي آهي. اڳئين
زماني ۾ هي شهر پرڳڻي جو مرڪزي شهر هو.
هن وقت اهڙي نالي وارو ڪو به ڪوٽ يا ڳوٺ
موجود نه آهي.
ڳاهن جو ڳوٺ سيوهڻ کان 21 ميلن جي فاصلي
تي اتر اولهه طرف آهي.
مخدوم محمد جعفر ولد عبدالڪريم عرف
ميران ( متوفي 949هه) ولد يعقوب بوبڪائي.
مؤلف البصارة في العمل بالاشارة، (2) حاصل
النهج، (3) حل العقود في طلاق السنود، (4)
عجالة الطالبين، (5) فتح الدارين، (6)
قرنہ في مرنہ و پرنہ، (7) ڪشف الحق، (8)
المتانة في مرمة الخزانة (9) منهج العمال
(منتخب ڪنزالعمال).
فارسيءَ ۾ بهجہ لکيل آهي اها (ڀچا قوم)
اڃا تائين سنڌ ۾ آهي.
منڇر ڍنڍ اڃا تائين موجود آهي، جنهن جي
پکيڙ 20 ميل ۽ ڊيگهه 21 ميل ٿيندي.
آمري ۽ سن جي وچ تي ٻه مشهور ڳوٺ ڇڇر
وڏا ۽ ڇڇر ننڍا اڃا تائين موجود آهن.
ٺٽي ولي محمد، آمري ريلوي اسٽيشن کان
ميل ڏيڍ جي وٿيءَ تي آهي.
مرزا شاهه حسن ولد شاهه بيگ ارغون، سنڌ
جو حڪمران (928 کان 962هه).
هن وقت اهڙي نالي سان ڪو به ڳوٺ يا
پرڳڻو موجود ناهي.
هاڻي انهيءَ نالي سان ڪابه وسندي نه ٿي
ٻڌجي.
لاکاٽ ضلعي نواب شاهه تعلقي سڪرنڊ (هاڻي
تعلقو قاضي احمد) ۾، قاضي احمد ڀرسان هڪ
ديهه جي صورت ۾ انهيءَ ئي نالي سان موجود
آهي. شايد انهيءَ زماني ۾ هن علائقي کي
لاکاٽ جو پرڳڻو سڏيو ٿي ويو.
شال ڪوٽڙيءَ لڳ آهي. ان کي اڄ ڪلهه سال
سڏيو وڃي ٿو هتي جا گدرا مشهور آهن
(مترجم) .
مرزا عيسى ترخان اول جو پٽ، موت 23
رمضان 970هه (تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص
225 ۽ تعليقات مڪلي نامه، سماهي مھراڻ ۾
شايع ٿيل).
تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 212 ۽ بيگلار
نامه، قلمي.
خان خانان جو ملازم جيڪو سنڌ هٿ ڪرڻ وقت
ساڻس گڏ هو. ان کان پوءِ هو سيوهڻ جو
پھريون صوبيدار ٿيو، جتي ڪي مھينا يا هڪ
سال رهيو. کانئس پوءِ بختيار بيگ آيو.
طبقات اڪبري جي مصنف هن کي سيوهڻ جو
صوبيدار ڄاڻايو آهي (455-2). ان مان ظاهر
آهي ته بختيار بيگ جي عملداري 1001هه کان
شروع ٿي ۽ 1003هه تائين هلي. انهيءَ پڄاڻي
واري سال هي مير ابوالقاسم نمڪين سان گڏ
سبي هٿ ڪرڻ لاءِ اُسهيو (ڏسو اڪبر نامه
666-3).
امير شاهه قاسم، خان زمان (وفات 14
رمضان 1019هه). (ڏسو بيگلارنامه، قلمي، ۽
مقدمو مثنوي چنيسر نامه).
مرزا محمد باقي 992هه ڌاري پنھنجي پٽ
مرزا شاه رخ (نصرپور جي صوبيدار) جي وفات
کان پوءِ، نصرپور جو علائقو شاه قاسم خان
زمان کي جاگير طور ڏنو. ان کان پوءِ ڪيترن
ورهين تائين اهو پرڳڻو انهيءَ خاندان جي
تحويل ۾ رهيو.
اهو ڳوٺ، گوپانگ (کاڻوٽ) جي ريلوي
اسٽيشن لڳ موجود آهي.
ٻڍاپور به اڃا تائين ريلوي اسٽيشن سميت
موجود آهي.
خان اعظم مرزا عزيز ڪوڪه (وفات 1033هه)
بن خان اعظم شمس الدين محمد خان آتڪ (وفات
970هه) سال 41 اڪبري مطابق 4-1005هه ملتان
جو صوبيدار ٿيو (ماثر الامراء 685-1).
شايد ان زماني ۾ بکر به سندس جاگير ۾ ڏنل
هو.
بختيار بيگ 1001 ڌاري سيوهڻ ۾ آيو، ۽
ست سال 1007هه تائين اتي رهيو.
اها ڪمڪ 1003هه ڌاري سبيءَ موڪلي وئي
هئي
1003هه ۾ سبيءَ جي سوڀ کان پوءِ قنڌار
تي چڙهائي ڪئي وئي. مير معصوم سبيءَ مان
اوڏانهين ويو هو. ممڪن آهي ابا بيگ به
ساڻس گڏ ويو هجي.
نسخي (پ) ۾ 224-228 تائين ورق گم آهن.
هن جي وفات جي تاريخ نه ٿي ملي. اندازو
آهي ته ستن سالن کان پوءِ (1-1002-1008هه)
سال 1008هه ۾ فوت ٿيو.
هن وقت ڳچيرو، ضلعي نوشهري فيروز جي حدن
۾ آهي.
مير ابوالقاسم نمڪين، گهڻو ڪري 1008هه
يا 1009هه ڌاري سيوهڻ آيو ۽ لڳ ڀڳ هڪ سال
ڪي مھينا گهورئي، نورالدين، موسى گيلاني،
۽ قره بيگ جي هتي عملداري رهي.
گجر ڳوٺ درياهه جي هن ڀر، سن کان 2/1-1
ميل پري، محراب پور جي لڳ آهي، جتي مائي
رونجهي راڻي جي درگاهه تي ماڻهو ايندا
ويندا رهن ٿا.
ڇني ۽ ٻيٽو ضلع دادوءَ ۾ آهن.
ٺيڙهي اڃا سيوهڻ پاسي موجود آهي.
اڪبر نامي مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو
فرمان (47 سال اڪبري 1011هه) صادر ٿيو هو.
ان باري ۾ ابوالفضل لکي ٿو ته، ابوالقاسم
نمڪين کي حڪم مليو ته، مرزا غازي کي
پنھنجي غلام خسرو خان سان، جو سندس اعتماد
جوڳو آهي، شاهي درٻار ۾ ڏياري موڪلي
(816-3).
12 جمادي الثاني 1014هه (25 آڪٽوبر
1605ع).لاڻهن
جي فسادن سبب هي ملڪ زبين ٿي چڪو آهي،
ايتري قدر جو بکر، ٺ
مير
ابوالقاسم صفر 1016هه ۾ باجوڙ جو ٿاڻيدار
مقرر ٿيو. اٺن مھينن کان پوءِ رمضان
1016هه ۾ ٻيهر سيوهڻ جو صوبيدار ٿي آيو
(ڏسو تذڪره امير خاني، ص 40، سيد حسام
الدين راشدي).
سردار خان ان کان اڳ 10 رمضان 1016هه تي
فوت ٿيو (ڏسو: تذڪره اميرخاني).
مير ابوالقاسم جي عملداري ٻئي ڀيري شوال
1016هه کان رجب 1017هه تائين هلي. رجب
1017هه جي آخر ۾ مرزا غازي سان قنڌار ويو
(تذڪره امير خاني).
انهي قلعي جا آثار اڃا تائين نصرپور جي
پسگردائي ۾ موجود آهن.
11 صفر 1021هه، قنڌار ۾ فوت ٿيو.
مرزا رستم 10 محرم 1022هه ۾ ٺٽي پهتو
(ڏسو ماثرالامراءَ ج 3، 434-440)، پڻ
ذخيرة الخوانين، ص 57، ۽ تحفـﺔ الڪرام، ۽
مقالات الشعرا 488.
شمشير خان جي اچڻ کان پوءِ (1025هه)
ابوالبقا کي چاچڪان جي پرڳڻي مان بدين ۽
چاڪر هالا سرڪار مان نيرون ڪوٽ ۽ شال جي
جاگير ملي هئي.
يوسف ميرڪ جھڙي عالم فاضل کي قاضي قاضن
واري اهڙي ڪارنامي تي بيشڪ مبارڪون ڏيڻ
کپن
(مترجم).
سبحان الله، سندس سادگي ۽ خدا ترسي جي
حالت اها هئي جو خود مؤلف چواڻي سميجن سان
ويساه گهاتي ڪري انهن جا هڪ هزار ماڻهو
قتل ۽ ست سـؤ کن قيد ڪيائين (مترجم).
چشمو ڪائي اڃا موجود آهي. هتي نوحاڻي قوم
جو سردار رهي ٿو. ڀرسان جبل ۾ عاد ثمود جي
طرز جھڙن گهرن جا نشان موجود آهن. اهي گهر
دراوڙ قوم جا آثار آهن (مترجم).
ٽهڻي، ڳوٺ شاهه حسن ۽ ڇني (ضلع دادو)
جي لڳ موجود آهي.
اهو ڳوٺ اڃا سوڌو مشهور آهي. هتي ڪڇار
ذات جا ماڻهو رهن ٿا.
|