سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ مَظهر شاهجهاني

 

صفحو:4  

تاريخ

مظھرشاهجھاني 

-- جڏهن ماڻھن جو وطن کسجي ٿو، تڏهن دين جون ۽ دنيا جون خرابيون منجهن پيدا ٿين ٿيون. ڇالاءِ ته سڄي جهان جو مدار معاشي حالتن تي آهي (53).

-- رعايا تي ظلم جو هٿ ڊگهو ڪرڻ، خرابيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿو (188).

-- هن ملڪ جون حالتون وڃي انھيءَ حد تي پهتيون، جو ماڻھن کان ڪو پڇڻ وارو ڪو نه رهيو، ۽ اهي مظلوم ۽ بي واها بنجي ويا (173).

-- يوسف ميرڪ

 

قسم ثاني

(بتوفيق رباني)

قسم ثاني ولايت سنڌ جو احوال

بکر کان ٺٽي تائين

 

معلوم هئڻ گهرجي (228-2) ته مرزا شاهه حسن ارغون جي حڪومت (928- 962هه) دوران، سنڌ ڇهن سرڪارين (سرڪار)  ۾ ورهايل هئي، جيڪي: 1- بکر، 2- سيوهڻ، 3- نصرپور، 4- چاچڪان، 5- ٺٽو، 6- چاڪر هالا ۽ جوڻ شمار ڪيل آهن.

اڪبر بادشاهه جي فوجن جو سڀ کان اول بکر تي قبضو ٿيو. سيوهڻ ۽ لاهري بندر کي، ٺٽي هٿ ڪرڻ ۽ مرزا جاني بيگ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ، مغل بادشاهت ۾ داخل ڪيو ويو. اڳتي هلي باقي چارئي سرڪارون اڪبر بادشاهه طرفان مرزا جاني بيگ کي جاگير طور بخش ٿي مليون.

ڪتاب جي مؤلف (يوسف ميرڪ) ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ کي ٽن ڀاڱن مان ليکيندي، چوٿون سبيءَ وارو علائقو پڻ ان سان شامل ڪيو آهي، جنھن تي بادشاهي فوجن بکر ۽ ٺٽي مٿان ڪاهه ڪرڻ کان گهڻو عرصو پوءِ ڌاڪ ڄمائي هئي. اهڙي ريت هن ڪتاب (مظھر شاهجھانيءَ) جا به چار باب ترتيب ڏنل آهن.

 

باب پھريون

(229-1) ملڪ بکر جو احوال

 

بکر، قلعي جي صورت ۾، ستن درياهن جي وچ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان واقع آهي.

هن جي ڏاکڻئين پاسي جتي پاڻي جو چاڙهه رهي ٿو، نڪ سامهون درياهه سان لڳ ٽڪر جي مٿاهينءَ تي روهڙيءَ جو شھر ڏسجي ٿو. ٻئي طرف درياهه جي وراڪي ۾ ننڍي ٽڪريءَ تي ننڍي ڪوٽ اندر هڪ آستان اڏيل آهي. انھي هنڌ مير ابوالقاسم نمڪين ”صفهء صفا“ نالي ويڪرو ٿلهو ٺھرائي ان جي چئن ئي ڪنڊن تي ٿنڀا اڏايا هئا. هتي چانڊوڪي راتين ۾ سندس ڪچهريون لڳنديون هيون، جن ۾ وقت جا عالم ۽ فاضل اچي شريڪ ٿيندا هئا. انھن جي خاطر تواضع خوشبودار سوادي گدرن سان ڪئي ويندي هئي، جيڪي چئن ڪوهن جي پنڌ تان ”نيه بدره“(1) نالي هڪ واهڻ مان گهرايا ويندا هئا، ان زماني ۾ انھن گدرن جي ڏاڍي هاڪ هوندي هئي. ايتري قدر جو مير ابوالقاسم چونڊ گدرن جا ٻورا ڀرائي تحفي طور اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليندو هو (229-2)، جيڪي کيس حد کان وڌيڪ وڻندا هئا. هن وقت هتي سندس قبر ۽ خاندان جي ٻين فردن جون قبرون موجود آهن.

قلعي جي اترئين طرف سيت پور ناهران ڏانھن ويندڙ درياهي رستي جي منڍ ۾ البته پاڻي جو ايڏو زور ناهي. خاص ڪري سياري جي مند ۾ درياهه صفا لهي پِنيءَ ٻوڙ تي بيهي ٿو. انھي پاسي درياهه جي ڪپ تي سکر جو شھر آباد آهي. اوڀر طرف قلعي جي آمهون سامهون ننڍڙي ٽڪري تي خواجه خضر جو آستان نظر اچي ٿو، جو پڻ درياهه جي وچ ۾ آهي.

ساڳئي قلعي جي اولاهين پاسي سڏ پنڌ تي پاڻي جي مٿاڇري سان ٺهڪندڙ سنئين پٽيءَ واري ٽڪريءَ مٿان کجين جي جهرمٽ ۾ هڪ گنبذ جوڙيل آهي، جنھن کي ساڌ ٻيلو سڏيو وڃي ٿو. اها ٽڪري (230-1)، شروع ۾ هڪ ميل جي گهيري تائين پاڻي هيٺان هوندي هئي. سياري جي موسم ۾ جڏهن درياهه جهڪو ٿي ويندو هو ته وري ظاهر ٿي پوندي هئي. پر آبڪلاڻي جي مند ۾ ان جو ڪو نشان نظر نه ايندو هو، جنھن ڪري مٿان کان ايندڙ ڪيئي ٻيڙيون ان سان ٽڪرجي پرزا پرزا ٿي درياهه ۾ ٻڏي ٿي ويون. اهو حال ڏسي مير معصوم بکري هڪ وڏي ٻيڙي پٿرن سان ڀرائي اتي وجهرائي ڇڏي. انھي ڀراءَ پوڻ کان پوءِ اتي هڪ سائو گنبذ تيار ڪرائي مٿس ”سيتاسر“ نالو رکيائين. هيءَ ڏاڍي هوادار ۽ نظاري واري جاءِ آهي. ڪيئي ماڻھو سير سواد سانگي هتي اچي لطف اندوز ٿيندا رهن ٿا. ساڳئي وقت ٻيڙيائتا پڻ پري کان عمارت جا نشان ڏسي پاڻ سنڀالي اتان ٻيڙيون هاڪاري ٿا وڃن.

انھيءَ گنبذ جي سامهون درياهه جي ڪنڌيءَ سان هڪ ٽڪريءَ تي جهاز نموني مسجد جوڙيل آهي (230-2) جا ڏاڍي سهڻي ڏسجي ٿي. ان جي پٿرانئن ڏاڪن جو رخ درياهه ڏانھن آهي، جتي نمازي ويهي وضو ڪندا آهن. عيد جي موقعي تي سکر توڙي بکر جي خلق هتي دل وندرائڻ لاءِ ايندي آهي.

بکر جي ملڪ ۾ ڪل اٺ پرڳڻا آهن، جن مان پنج روهڙي پاسي ۽ ٽي سکر جي پاسي اچي وڃن ٿا. روهڙي جي پنجن پرڳڻن مان:

هڪڙو ماٿيلي نالي آهي. ماٿيلو هڪ پڪي ۽ پراڻي قلعي جو نالو آهي. هن پرڳڻي ۾ ڌاريجا ۽ مھر رهن ٿا.

ان جو ٻيو پرڳڻو اروڙ آهي، جنھن جو قلعو قديم زماني کان مشهور ۽ پڪين سرن سان اڏيل هو. اوائل ۾ سنڌوندي اتان وهندي هئي ۽ سنڌ جي اڳين حڪمرانن جي گاديءَ جو هنڌ به اتي ئي رهندو ٿي آيو. مرزا شاه بيگ ارغون(1) جڏهن بکر جو پراڻو قلعو ڊهرائي ان جي جاءِ تي نئون قلعو (231-1) پي ٻڌرايو ته اروڙ جي قلعي کان علاوه بکر جي آسپاس ۾ رهندڙ ترڪن ۽ سمن جون جايون ڊهرائي اتان جون سرون هن قلعي جي اڏاوت ۾ ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو هئائين. اهو قلعو اڃا سوڌو (سن 1044هه) تائين موجود آهي.(2) هي پرڳڻو ڌاريجن سان واسطو رکي ٿو ۽ هتي پنھور پڻ رهن ٿا، جن وٽ اٺن جا ڪيئي وڳ آهن. اهي اُٺ جيسلمير، ملتان ۽ قنڌار تائين ڀاڙي تي ڏنا وڃن ٿا.

ٽيون پرڳڻو لڌو گاگن آهي، هتي به ڌاريجا رهندا آهن. شروعات ۾ هنن مرزا شاهه بيگ ارغون سان مهاڏو اٽڪايو هو پر پوءِ ان جون عقوبتون ڏسي ماٺ ٿي ويا هئا. انھيءَ واقعي بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته (232- 2) مرزا شاه بيگ ارغون جڏهن سلطان محمود کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو ته اتان جي مھم مقامي سيدن کي سونپيائين. ان سان گڏ ڌاريجن جي ڪن پڳدارن کي به حڪم ڪيو ويو ته، هو پڻ قلعي ۾ اچي رهن پر ڌاريجن انھي حڪم جي پوئواري کان نابري واري ڇڏي ۽ پنھنجي منھن ماڻھو ميڙي جنگ جوٽڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. سندن ڪوشش اها هئي ته ڪيئن به ڪري سلطان محمود جي مغز مان هوا ڪڍي وڃي، جيئن هو سنڌ جا وڻ ڇڏي ويندو رهي. انھيءَ ضد تي چڙهي، هنن ڍَل ڏيڻ ته بند ڪري ڇڏي، پر ٻين معاملن ۾ به هن سان پورو منھن نه ٿي ڏنائون. سلطان محمود جا جيڪي به گماشتا وٽن ٿي ويا ته انھن کي ڌوڙ مٿي ۾ وجهي واپس پي اماڻيائون. آخرڪار پنھنجا ڪٽڪ سنبرائي سلطان محمود سان چڪري ڏيڻ لاءِ روهڙيءَ جي ميدان ۾ لهي آيا. انھيءَ وچ ۾ سلطان محمود جيڪو اڃا ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ هو. تيسي ۾ ڏند ڪرٽي ڌاريجن سان وچڙڻ لاءِ وٽ کائيندو رهيو، پر سيد سڳورا کيس اوڀاريون لهواريون ڏئي روڪيندا پي آيا (132-1). هوڏانھن ڌاريجن ٻه ڀيرا اها رٿا ڪئي ته درياهه اڪري، قلعي ۾ داخل ٿي، سلطان محمود کي ڳٿڙ کان جهلي اچن. پر ايتري ۾ بکر جي سيدن کي کڙڪ پئجي وئي، جن قلعي جا سڀئي گهٽ سوگها ڪري ڌاريجن کي منجهائي ڇڏيو، ۽ هو سيدن کي سامهون ڏسي مڙي ويا.(1)

ائين ڪندي مرزا شاه بيگ ارغون، شال (ڪوئيٽا) ۽ سبيءَ کان ٿيندو،(2) سيوهڻ جي ملڪ ۾ داخل باغبان پرڳڻي ڏانھن وريو، جتي ماڇين جي قوم سندس آڻ نه مڃڻ ۽ ساڻس سيني ساهڻ جو اڳواٽ عمل دهرائي چڪي هئي. مرزا شاه بيگ باغبان پھچندي شرط ماڇين کي ٻارين ٻچين قتل ڪرائي، هنن جون ملڪيتون لُٽي ڦري، سندن ڪوٽ ڊهرائي پٽ ڪري بکر ڏانھن روانو ٿيو، ۽ چانڊڪا ۾ اچي ديرو دمايائين، جو بکر کان ٽيھن ميلن جي پنڌ تي اولاهين پاسي آهي (232-2).(1) سلطان محمود جيڪو انھي ئي اوسيئڙي ۾ پاڻ پتوڙي رهيو هو، تنھن پنھنجي هڪ ساٿاري جوجڪ بابا کي پيءُ ڏانھن ڏياري موڪليو ته کيس وڃي سڄيءَ واردات کان واقف ڪري. پڻس مير فاضل اهو احوال جيئن جو تيئن مرزا شاهه بيگ جي ڌيان تي آندو ۽ کانئس موڪل وٺي ڏهه ويھه سوار ساڻ ڪري، چانڊڪا وٽان پاڻي جهاڳي، پنھنجي سردارن ۽ مقدم جي دل ٻڌرائي، منزلون هڻندو ماڳ تي پهتو.

جڏهن بکر جي پس گردائي ۾ پهتو ته لالي مھر نالي هڪ وڏيرو پنھنجي برادريءَ سميت سندس قدمن ۾ اچي ڪريو، جنھن کي ڏسندي ڌاريجن مان به ڪي پريا مڙس جتان ڪٿان ڪهي مير فاضل جي پيش پوندا ويا. آخر مير فاضل ڌاريجن جا پورا ستيتاليهه سرڪردا ماڻھو ميڙي سيڙي بکر ڀيڙو اچي ٿيو، ۽ ان تي سلطان محمود هنبوڇيون هڻي پيءُ جا پير چمڻ لڳو. مرزا شاه بيگ کي جڏهن خبر ملي ته مير فاضل(2) سلامتي سان بکر پھچي چڪو آهي، تڏهن جتي هو اتان رات وچ ۾ بکر ڏانھن ڀڳو ۽ واٽ تي سکر ۾ اچي ساهي پٽيائين. سلطان محمود هڪدم بکر مان وٽس پھچي سندس قدم بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو (233-1)، جنھن کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو. انھي موقعي تي هن ڌاريجن خلاف مرزا شاه بيگ جا خوب ڪن ڀريا، جنھن سڄي روئداد ٻڌڻ کان پوءِ مجلس ۾ موجود سنڌ جي مشهور ديني بزرگ قاضي قاضن ڏانھن ڪنڌ ورائي ڏٺو، انھي خيال سان ته هن باري ۾ سندس ڪھڙي صلاح هئي. قاضي قاضن جھڙي چڱي مڙس هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته قبلا سائين! سنڌ جي زمين سيلابي (ٻوڏائتي) آهي، هتي جيئن ته ڪانڊيرا گهڻا پيدا ٿيندا ٿا رهن، تنھن ڪري ضروري آهي ته جهنگ مارڻ وارو پاهوڙو هٿ ۾ هئڻ گهرجي! شاه بيگ تتو ته اڳ ۾ ئي ويٺو هو، سو قاضي قاضن جي چُرچ ملندي، ڌاريجن جي قتل عام جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. سلطان محمود(3) حڪم جي تعميل ۾ هڪدم ڊوڙي شھر پهتو ۽ اوڏيءَ مهل بنا ڪنھن ويرم جي ڌاريجن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ڪرائي انھن کي هڪ مٿاهين برج تان هيٺ اڇلارائي ڇڏيائين، جيڪو اڃا تائين خوني برج جي نالي سان مشهور آهي (233-2). انھن ڏينھن کان پوءِ ڌاريجن وري ڪا به شورش ڪا نه ڪئي.(1)

روهڙي جو چوٿون پرڳڻو ”ڪاڪڙي“ آهي جتي مڱڻيجا رهن ٿا، انھن به پھريان جڏهن بکر جو ملڪ اڪبر بادشاهه جي ماتحتيءَ ۾ آيو ته، وقت جي حاڪم سيد محمد امروهي ”مير عدل“ سان نافرماني واري روش اختيار ڪئي پر ستت ئي ڏنڊي جي زور تي کين سانت ڪرايو ويو. مير عدل بکر(2) پھچڻ کان پوءِ رعيت سان ڏاڍيون سختيون ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو هن پنھنجي ارهه زورائي سان داڻي بنديءَ(3) جي دستور جو بهانو بنائي هڪ جريب پٺيان پنج ”مڻ“ محصول مڙهي ڇڏيو(4) ۽ پوکي راهيءَ تي اهڙا ڪمدار مقرر ڪيائين، جن هارين نارين جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي. انھي ڪري مڱڻيجا مڇرجي پيا ۽ انھن قهري حڪمن کان منھن موڙي اڳو پوءِ جهيڙي جا جتن ڪرڻ لڳا (234-1). مير عدل جي ڪارندن جڏهن ڏٺو ته ڳالھه زور وٺي وئي آهي، تڏهن گنبد ۽ ديجر(5) نالي ٻن ڳوٺن جي وچ تي هڪڙي قلعي ۾ وڃي مورچا ٻڌي ويهي رهيا. ٻئي پاسي مڱڻيجن به وجهه وٺي لاهي پاهي مٿن تيرن جو وسڪارو لائي ڏنو. انھيءَ مارا ماري ۾ مير عدل جا گهڻا ماڻھو مئا، جن کي مڱڻيجا ٽنگن مان گهلي قلعي واري ڪني کوهه ۾ ڦٽو ڪندا ويا. پڇاڙي هڙ ئي ڪافر مومن کوهه ۾ ٿانيڪا ڪري ان کي لٽي ڇڏيائون. مير عدل کي جڏهن پتو پيو ته سندس سورهين سان اهڙي ويڌن ٿي آهي ته، هڪدم پنھنجي پٽ مير ابوالفضل کي لشڪر سان گڏي وير وٺڻ لاءِ ڊوڙايائين. هوڏانھن مڱڻيجن کي جيئن ڪن ڀڻڪ پئي ته اوسي پاسي ٽڙي پکڙي هليا ويا. مير فضل لاچار ٿي سندن پيڇو ڇڏي بکر جي قلعي ۾ واپس آيو (234-2). ٿورن ڏينھن کان پوءِ مڱڻيجا به دڙڪي داٻ سان ٺاپر ۾ اچي ويا ۽ اڃا تائين خاموش آهن.(1)

پنجون پرڳڻو درٻيلو آهي، جتي سهتن کان علاوهه سميجن مان هڪڙا راڄپر ٻيا بهڻ رهن ٿا. سندن ڌنڌو پوکي راهي آهي. شروعات ۾ اهي به ڏاڍا سرڪش هئا ۽ بکر جي حاڪم سان ٺهي نه ٿي هليا. جڏهن سيد بايزيد بخاري(2) بکر جو فوجدار ٿي آيو ته ان جا پٽ عيد جي ڏينھن، موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان گهوڙا ڪاهي وڃي مٿن ڪڙڪيا. بروقت ٻنهي قومن سهتن ۽ سميجن جا ڪيئي ماڻھو قتل ٿي ويا. پوءِ سندن ٻارن ٻچن کي قيد ڪري بکر آندو ويو. انھن جا پونير اڄ تائين رعيت واري روش سان هلي سرڪاري ڏن ڀريندا رهن ٿا. اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مٿيان ٻئي پرڳڻا مير معصوم بکريءَ جي جاگير هئا،(3) جنھن انھن کي آباد ڪري وڏي اوج تي رسايو هو (235-1). مير معصوم جي ديانتداري پنھنجو مٽ پاڻ هئي هن پنھنجي ڀل ماڻھپيءَ سان رعيت کي جھڙيءَ ريت خوش رکيو تنھن جو پورو بيان هتي نه اچي سگهندو. البته سندس هڪ ڪارنامو مثال طور درج ڪجي ٿو. هي آهي ته هن پنھنجي ڪمدارن کي حڪم ڪري ڇڏيو هو ته، بٽئيءَ جي وقت زمين جي پوري ماپ وٺڻ کپي ۽ فصل جي نفعي نقصان جو پڻ چڱي طرح خيال رکيو وڃي. جيڪڏهن هڪ هنڌ آبادي لاءِ مخصوص ڪيل زمين جي هڪ هزار جريبن مان نو سؤ نوانوي جريب غيرآباد ۽ صرف هڪڙو جريب آباد پي ٿيو ته اهو هڪ جريب شمار ڪيو ٿي ويو. باقي نو سؤ نوانوي جريب (235-1) حساب ۾ نه ٿي آندا ويا. ان کان سواءِ زمين ۾ جتي به پاڻي پھچائڻ لاءِ واهه يا ڪسيءَ جي گهرج پوندي هئي ته مير معصوم پنھنجي خرچ تي ان جو انتظام ڪندو هو. رعيت کي رڳو پوک جي پرگهور سونپيل هئي. مير صاحب جي انھيءَ سهڻي قدم جي ڪري نتيجو اهو نڪتو، جو انھن پرڳڻن ۾ سڀ غيرآباد زمينون آباد ٿي ويون ۽ جهنگ جي ڪا ايراضي نه رهي. ايتري قدر جو مير معصوم جيڪو پاڻ شڪار جو ڏاڍو شوقين هو، تنھن کي پنھنجي شوق جي پورائي لاءِ ٻين پرڳڻن ڏانھن وڃڻو ٿي پيو. درٻيلي جي معتبر ماڻھن وٽان مؤلف کي معلوم ٿيو ته جنھن وقت اهي پرڳڻا مير معصوم جي جاگير ۾ آيا ته پھرئين سال هڪڙي دهه ۾ رڳو پنج سو جريب زمين آباد ٿي (236-1). جڏهن رعيت جي دل ٻڌرائي وئي ۽ مير معصوم جي سهڻي سلوڪ توڙي انصاف تي به کين پورو ڀروسو پيدا ٿيو ته، ٿوري عرصي اندر اتي پوک جي آبادي جملي پنجاهه هزار جريبن تائين وڃي پهتي. انھيءَ مان مير صاحب ۽ ٻين عملدارن جي پرڳڻن جي آبادي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهي پنج ئي پرڳڻا باقائدي واجبي ڍل ڀريندا رهن ٿا، ۽ هتان جي ماڻھن ۾ ڪا به سرڪشي نه ٿي ڏٺي وڃي.

انھن پرڳڻن جو انتظام پوري طرح پٽي جي حساب سان رکيو ويو آهي، جنھن کي اڇو پٽو ۽ سائو پٽو چيو وڃي ٿو جيئن اڳ دستور هو. آبادي وڌائڻ جي خيال کان رعيت لاءِ خاص ڪري اها رعايت رکي وئي آهي ته مقرر ڪيل دستور (236-2) کان وڌيڪ کين ڪنھن به ادائگي لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. بٽئي وقت آباد توڙي غيرآباد زمين جو هر طرح خيال رکڻ گهرجي ۽ انھي کان علاوه اربابن، رئيسن، قانون گوين ۽ عملدارن کان چوڪس رهڻ جو به چتاءُ ڏنل آهي. جيڪڏهن رعيت جي ڀلائي ۽ ديوان جي ڪفايت لاءِ ڪنھن به پٽي مان ڪا به شئي گهٽائي وڃي ته، ان جي پورائي لاءِ وڌيڪ پوک جو اپاءُ ڪرڻ ۾ اچي، جيئن ٻنهي ڌرين جو ڀلو ٿيندو رهي ۽ ماڻھو ڪنھن به وڳوڙ ۾ منھن نه وجهن. پر هوڏانھن سيوهڻ جا سميجا انڙ جن جو ڌنڌو ئي رهزني آهي، پنھنجي تَرَ سميت، ماٿيلي ۽ ملتان جي سرحد ۾ آيل اوٻاوڙي توڙي جيسلمير تائين ڌاڙا هڻندا رهن ٿا. سندن ارڏائي انھيءَ حد تائين آهي جو ڪنھن پرڳڻي جي طاقتور راڄ سان سنئون سڌو هٿ اٽڪائڻ بدران انھن جون چوريون ڪندا ٿا رهن، جيڪڏهن ڪنھن پرڳڻي جي راڄ جي حالت زبون آهي ته (237-1) انھن جا کنڌا کڻي ٿا ڇڏين، جيڪو به هنن جي ور چڙهي ٿو تنھن جو سر ئي گم ڪري ٿا ڇڏين. ان ڪري رعيت جو اُتي رهڻ مشڪل آهي. اڪثر ائين ٿئي ٿو ته سميجا هيڪر جنھن ڳوٺ کي ڦري ناس ٿا ڪن، اتي ٻيهر ڪو به آباد ٿيڻ جو ست ساري نه ٿو سگهي.

اُهي ٽي پرڳڻا(1) جيڪي سکر ۾ اچي ٿا وڃن، تن مان هڪڙو جتوئي پرڳڻو آهي، هتي جا سردار اڳينءَ عملداري وقت بلوچ هئا، جن ۾ جتوئي، بُڙدي، ڪورائي، داردشت، لولئي، شر ۽ ٻيا شامل هئا، اهي به اصل ۾ ڏاڍا فسادي هئا پر مرزا شاه بيگ ارغون کين مات ڪرائي ڇڏيو هو.

شاه بيگ ارغون بکر جي قلعي جي اڏاوت لاءِ (237-2) جڏهن رعيت جي چڱن مڙسن کي ڪوٺائي ميڙاڪو ڪيو ته انھن فسادي بلوچن جي باري ۾ (جيڪي ڪڏهن به فتني کان باز نه ٿي آيا)، سڀني جي صلاح کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته انھيءَ قوم جي باهه کي تلوار جي پاڻي سان اجهائي ڇڏڻ کپي. آخر ڳالھه اچي اتي بيٺي نه هنن جي هر وسندي ۾ ڪافي ماڻھو ٽيڙي پکيڙي ڇڏجن جيڪي سدائين لهه وچڙهه ۾ ايندا رهن. ان کان پوءِ عين موقعي تي اشاري ملڻ شرط انھن جو ٻوٽو گار ڪرائي ڇڏجي. اهڙي ريت هر هنڌ ماڻھن جي مقرري بعد وقت جو انتظار ڪيو ويو، ۽ موقعي ملڻ تي هڪ ئي ڌڪ سان ڪيترن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ٿي ويون ۽ ائين اک ڇنڀ ۾ بلوچن جي ٻائيتاليهه ڳوٺن جا ماڻھو موت جي ٻوهي ۾ اچي ختم ٿي ويا.(1)\ انھي پرڳڻي جي سرداري جي پڳ پوءِ مھرن کي ٻڌرائي وئي (238-2). انھي واردات کان پوءِ اتان جي ٻين ماڻھن ته مڙئي لڙ گوڙ ڇڏي ڏنا ۽ پائبنديءَ سان سرڪاري ڍل پھچائيندا رهن ٿا پر بڙدي بلوچن جو اڃا ڪروڌ ۾ منھن آهي. اهي دريءَ نالي هڪ قلعي ۾ رهن ٿا ۽ جاگيردار جي هلڪي ڪن مهٽ سان هيڪر سڌا ٿي ٿا وڃن.

ٻيو پرڳڻو چانڊڪا جو آهي، جيڪو گهڻو ڪري وڏو پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. هتي سميجا، بڪيجا (ٻگهيا)، سانگي ۽ ابڙا رهن ٿا جيڪي سڀ طاقتور قبيلا آهن. هنن مان ابڙا ۽ سانگي پڻ پاڻ کي سميجا سڏائين ٿا. چوٿين قوم مهديجي شيخن جي آهي. هن پرڳڻي جا رهاڪو ٿوري گهڻي نافرماني ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن بکر طاقتور آهي ته هتان جي ماڻھن کي فصل لهڻ تي زير ڪري، دستور کان وڌيڪ وٽانئن ڪا به گهر نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ساڻن سٺي سلوڪ روا رکڻ جي ڪري انھن ۾ ڪا به گڙٻڙ نه ٿي ٿئي. پر جي لشڪر ۾ ايترو زور ڪونهي ته انھن ماڻھن جو من وڌي ٿو وڃي (238-2)، ۽ هي بي رُخي واري روش اختيار ڪرڻ لڳن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ڳالهين جي ڪري هنن جي پُٺ مضبوط آهي. هڪ ته هي گهڻائي ۾ آهن، ٻيو ته سندن ايراضي ۾ ڪرڙ ڪنڊا جام ٿا ٿين، جنھن ڪري ساڻن منھن ڏيڻ وقت جهنگ ۾ اچ وڃ ڏکي ٿي لڳي. ٽيون ته هي ماڻھو عام طرح جهنگلي ۽ جابلو قسم جا آهن، جن ۾ بلوچ، مگسي، لاشاري، داردشت، ديناري، رند، ڊومبڪي، ڪٽوهڙ ۽ بڙدي اچي وڃن ٿا. انھن جو لاڳاپو سبيءَ واري علائقي سان رهي ٿو. هنن ۾ چانڊيا نڀاڳا به آهن، جيڪي اچن ٿا ته پنھنجا ڍور ڍڳا ۽ ٻار ٻچا جبل ڏانھن اماڻي پاڻ جهنگ ۾ گهٽ تاڙي وِهن ٿا، ۽ جيئن لشڪر اتان لانگهائو ٿئي ٿو ته هي اچانڪ ان تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ٿا وڃن.

ٽيون ٽڪر وارو پرڳڻو آهي (239-1) جنھن ۾ سميجن بڪيجن (ٻُگهين) ۽ لاکيرن جا راڄ رهن ٿا. هي به ٻين سميجن وانگيان اچانڪ بگڙي پون ٿا. ڪڏهن ته هي ڏاڍا ارڏا هئا پر هاڻي منجهن اها ڏنگائي نه رهي آهي، ۽ واجبي طرح ڍل ڀريندا رهن ٿا. هتي به بٽئي مطابق عملداري هلي ٿي، ۽ ماڻھو اوسي پاسي جي شاهينگن کان امن ۾ پيا گذارين، ليڪن چانڊين جي کونس هلندي رهي ٿي. اهي ڏاڍا نامراد آهن، ايتري قدر جو ماڻھن جا ٻار کڻي وڃي وڪڻن ٿا ۽ سندن مال ملڪيت هڙپ ڪري ٿا ڇڏين.(1)

هن ملڪ جي اٺن ئي پرڳڻن ۾ ڪٿي به زمين جي کوٽ ناهي، هتي ڪيترا خالي پٽ به پيا آهن، جيڪڏهن رعيتي ماڻھو سکيا ستابا هجن ۽ کين ڀروسو ڏياريو وڃي ته اهي پنھنجي وس آهر درياهه مان واهڙ ڪڍي انھن پٽن تائين پاڻي پھچائي زمين کي آباد ڪري ٿا سگهن (239-2) جھڙي ريت هن کان اڳ ڪتاب جي پھرئين حصي ۾ مير ابڙي واري باب اندر بيان ٿي چڪو آهي.(2) يا ته ائين ٿئي ته هاري ناري، جاگيردارن جي مدد سان غيرآباد زمين کي آباد ڪندا رهن، جيئن مير معصوم واري باب ۾ ذڪر ڪيو ويو. انھيءَ ريت پوک جي پيداوار ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

اصل ۾ هئڻ ائين کپي ته بٽئي جي باري ۾ ڪو به جاگيردار ڪنھن به آبادگار وٽان مقرر ڪيل دستور کان وڌيڪ ڪا به تقاضا نه ڪري، جيئن هن کان اڳ ٻڌايو ويو. ساڳي طرح حد بندي وقت به اها ڪوشش هئڻ کپي ته زمين جي ماپ ڪندڙن کان ڪا به گهٽ وڌائي عمل ۾ نه اچي ۽، شقدار ايمانداري سان آباد توڙي غيرآباد زمين جي چڱي طرح جاچ ڪندا رهن. انھي سان گڏ هر هڪ پرڳڻي جي پڳدار تي پڻ لازم آهي ته هو جمعبندي کان پوءِ نالي وار سڀ ڪنھن جو حساب چڪتو ڪري ڇڏي، جيئن ارباب، رئيس ۽ قانون گو غريب رعايا جي ميڙي چونڊيءَ ۾ پنھنجون اکيون نه وجهن (240-1). اڳين حاڪمن طرفان اربابن ۽ رئيسن لاءِ جيڪي انعام اڪرام مقرر ٿيل هجن، اهي به پرڳڻي جي پڳدار کي پنھنجي هڙان وڙان ڏيڻ کپن. رعيت کي واجبي ڍل کان سواءِ ڪنھن به ادائگي لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. جتي به ڪا خالي پيل زمين هجي اتي واهن ذريعي پاڻي پھچائڻ جو انتظام ٿيڻ کپي. ان لاءِ دستور ۾ اهڙي ڪتر آڻڻ گهرجي، جيئن غيرآباد زمين آباد ٿي سگهي، ۽ رعيت ۾ به پوکي راهيءَ جي پھچ ۽ سگهه پيدا ٿئي. پڇاڙي ۾ پرڳڻي جي پڳدار کي پنھنجي ئي حصي مان وڌيڪ ڍل ادا ڪرڻ کپي ۽ فسادين سان به کيس ئي منھن ڏيڻ گهرجي، جيئن رعيت انھن جي ڪنھن وڳڙي ۾ نه اچي سگهي. ٻيو هي ته سيد بايزيد جي ايامڪاريءَ ۾ رعيت جي آزار لاءِ ملڪ اندر جيڪا بدعت شروع ٿي چڪي هئي ته، گذريل سال جي چَٽي به انھن تي مڙهي پي وئي سا پڻ بند ٿيڻ گهرجي. (240-2). رعيت تي احسان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به بهتر ڳالھه ٿي نه ٿي سگهي، جھڙيءَ ريت مير معصوم جي عملداري بابت اشارو ڪيو ويو.

جيتري قدر ٿي سگهي، ٺيڪي تي زمين ڏيڻ واري رواج کي ختم ڪرڻ کپي، ڇالاءِ ته اها ڳالھه ملڪ جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بنجي ٿي. غريب رعيت انھي آسري تي پاڻ کي اربابن ۽ رئيسن وٽ وڪڻڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي ته، انھي ٺيڪي جي مالڪي نيٺ انھن کي ملندي، جيڪي وري ٺيڪي جي حاصلات جي لالچ ۾ ان لاءِ ٻُڪ پئسن جا ڀريندا رهن ٿا. پڇاڙيءَ پنھنجي ۽ پنھنجن واسطيدارن جي پوک کي پاسيرو رکي، ٺيڪي واري سڄي ڍل ويچاريءَ رعيت جي هڏن مان ڪڍن ٿا.

جيڪڏهن هڪ سال ائين ٿيو ته ٻئي سال انھن جو ڪھڙو حشر ٿيندو؟ ظاهر آهي ته ٺيڪي ۾ گهٽ وڌائي ٿيڻ ڪري انھن وٽ اهو ڪي نه ٿو بچي، جو واجبات جي پورائي ڪري سگهن. اهڙي حالت ۾ اهي ٻي ڪا واهه نه ڏسي قيد ڪاٽڻ جي ڊپ کان بر منھن ڪري ڀڄي ٿا وڃن. رعيت ويچاري پنھنجن اربابن ۽ رئيسن کان سواءِ پنھنجن جهُڳن ۾ رهڻ محال ٿي سمجهي، لاچار ان کي به انھن جي پويان ٿو ڀٽڪڻو پوي. انھيءَ صورت حال سبب ملڪ ويران ٿي وڃي ٿو. جڏهن وري ڪو نئون عملدار اچي ٿو ته اهو چڱو مڙس پنھنجي اُوڳاڙيءَ کان علاوه اڳئين ٺيڪي کان وڌيڪ وصولي جي طلب ٿو ڪري. عاملن جي انھي لاڳيتي پٽ کوهه جي ڪري ملڪ ۾ سُڃ واڪا ڪرڻ ٿي لڳي. ان ڪري مناسب ائين ٿيندو ته دستور جي انصاف ۾ ڪا ڦير گهير نه ڪئي وڃي، ٻنهي ڌرين جي ڀلائي به ان ۾ ئي آهي.

خدا ٿو ڄاڻي ته اها ٺيڪي واري رسم ڪنھن به حالت ۾ مناسب ناهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته اها ٺهي ئي ڪا نه ٿي. حڪومت سان تعلق رکندڙ اهو ٺيڪي ۽ وڌيڪ وصولي وارو عمل دخل وڳوڙ پيدا ڪرڻ جو باعث بنجي ٿو. رعيت جي واسطيداري ملڪ جي بادشاهه سان رهي ٿي، جڏهن رعيت ان جي هٿ وس آهي، تڏهن ئي ان کي بادشاهه سڏيو وڃي ٿو ۽ سڀئي ماڻھو ان جا رعيتي سڏجن ٿا (241-2).

ارباب ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن: هڪڙن جو تعلق رعيت سان ته ٻين جو لاڳاپو حڪومت سان رهي ٿو. رعيت کان ڍل جي وصولي اربابن مان مقرر ڪيل بادشاهه جي نائب کي ڪرڻ کپي. ان کي اربابيءَ وارو اجورو بادشاهي (سرڪاري) زمين مان ملڻ گهرجي ۽ رعيت کي ان جو ڪو به ڏن ڏيڻو نه پوي. کانئس جيتري قدر پڄي سگهي رعيت کي پنھنجي احسان سان راضي رکي. اربابن کي اهو ئي سونهين ٿو ته هو پاڻ کي به راڄ وانگر، رعيت ڪري سمجهن ۽ ڪنھن به ٻيائي کي پنھنجي دل ۾ جاءِ نه ڏين. جيڪڏهن ٺيڪي ۾ وڌيڪ وصولي جي خيال کان رعيت جي قسمت اربابن جي اختيار ۾ ڏني وڃي ٿي ته، اهي خود حڪومت وانگي رعيت جي مٿان شينهن ٿي چڙهي ٿا وڃن. ساڳئي وقت رعيت به انھن ڏانھن رجوعات ٿي رکي، جنھن جا ٻه سبب آهن، هڪ ته ارباب حڪومت جا عيوضي ٿين ٿا (242-1) ۽ رعيت سان هم وطنيءَ واري حُج به رکن ٿا. ٻيو ته بادشاهه جا نائب پڻ رعيت کي پنھنجي هٿ سان سندن حوالي ڪري ٿا ڇڏين. جڏهن به رعيت، ٺيڪي يا ڍل جي وڌيڪ وصولي جي ادائگي لاءِ کوٽ ۾ پئجي ٿي وڃي ۽ اربابن وٽ به ايتري موڙي ڪا نه ٿي بچي، جو انھيءَ کوٽ جي پورائي ڪري سگهن، تڏهن پنھنجون راهون رَدِ ڏسي، هو اُبتا پير کڻڻ لڳن ٿا ۽ گهر کان بي گهر ٿي وڃن ٿا. اهو حال ڏسندي رعيت به انھن جي پويان رواني ٿئي ٿي. ماڻھن کي ٻن پاسن کان ڊپ رهي ٿو، هڪ اهو ته جيڪڏهن هو پنھنجيءَ جاءِ تي ٿانيڪا ٿا رهن ته حاڪم، ٺيڪي واري کوٽ جي پورائي ۽ وڌيڪ وصولي لاءِ سندن رت ۾ وات وجهن ٿا، تنھن ڪري اڻ هوند واري حالت ۾ کين گهر ٻار وڪڻي به انھن سان سنمک ٿيڻو ٿو پوي. ٻيو اربابن جو ڏمر، جيڪڏهن رعيت به انھن سان گڏ پنھنجو ٿڏو نه ٿي پٽي ۽ ماٺ ڪري ويهي ٿي رهي، ته ارباب سندن بُڻ وڃائي ٿا ڇڏين (243-2).

بکر سرڪار ۾ ٻن هنڌن تي قبضي رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪا دائمي صورت ۾ هئڻ گهرجي. پھريون چانڊڪا پرڳڻي جي وچ ۾ مضبوط قلعو اڏائي اتي برجستن ماڻھن جو ڪٽڪ ٿاڻي طور مقرر ڪيو وڃي، جيئن هرڪو اٿندي وِهندي مغلن جي منھن پوندو رهي، انھن کي چڱي ڀلي جي پروڙ پئجي سگهي، ۽ ڪو به پنھنجي ارڏائي ڏيکارڻ جي نه ڪري.

ٻيو ٽڪر واري پرڳڻي ۾. باقي ٻيا پرڳڻا شقدار ۽ عاملن وسيلي پوري ڍل پھچائيندا رهن ٿا، تنھن هوندي به هڪ شاهي امين جو اتي هجڻ لازمي آهي، جيئن جاگيردار دستور جي خلاف ڪو به قدم کڻي نه سگهي.

والله اَعلم بالصّوابِ

باب ٻيو

ملڪ سبيءَ جو بيان

 

(243-1) سبيءَ جو قلعو ٽڪريءَ جي ڀڪ سان آهي. هن جي اڏاوت ۾ ڪتب آيل پٿر سڀ گول آهن. هتي زمين کي جيترو به کوٽجي ٿو ته هيٺان پٿر نڪرن ٿا. قلعي جي قطب واري پاسي هڪڙي قبي نظر اچي ٿي، جنھن کي سنڌي ۾ ”مارو کير“ جي ماڙي ڪوٺيو وڃي ٿو،(1) ماڻھو جڏهن ان جي ويجهو وڃن ٿا ته انھن کي اتي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. سلطان محمود بکري هڪ دفعي ٻه ٽي هزار ماڻھو گڏ ڪري کين هٿ هٿ ۾ ڏياري، انھن ٽڪرين ڏانھن ويو، پر اتي کيس ڪاري وارا ڪک نظر آيا، ۽ قبيءَ جو ڪو به نشان نه هو. چون ٿا ته اتي آڳاٽن ماڻھن جو طلسم رکيل آهي، جنھن ۾ خزانو محفوظ رهي ٿو. ڪنھن ڏينھن ڪو درويش اتي وڃي پهتو، ان کي ڪا شئي هٿ آئي هئي، تنھن کان پوءِ ڪيئي ماڻھو انھي آسري تي اوڏانھين ويا پر سکڻين هٿين موٽي آيا (243-2). سبيءَ جي هيٺان جيڪا نهر وهي ٿي، ان جو لنگهه گندرف جي چشمي مان آهي، جيڪو به ان مان پاڻي پيئي ٿو سو بيمار ٿي ٿو پوي. ڪيئي ماڻھو انھي وگهي مري چڪا آهن، ليڪن جيڪي ماڻھو اتي رهن ٿا، تن کي اهو پاڻي ڀانءِ پئي ويو آهي. سلطان محمود بکر جو حاڪم سبيءَ واري قلعي جي سنڀال لاءِ انھيءَ ڪري هر سال نوان ماڻھو موڪليندو ٿي رهيو، جن مان ڪن ٿورن کان سواءِ باقي سڀ مري کپي ٿي ويا. آخرڪار اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ ٻوڏ آئي، جنھن انھي چشمي جي پاڙ پٽي، يا ان کي بنهه ڍڪي ڇڏيائين. سو اڄ ڪلهه اها بيماري انھيءَ پاسي گهٽ آهي. اهو پاڻي پنجاهه ميلن کان پوءِ سروا(2) جي سر زمين ۾ وڃي پوي ٿو، جتي پوکي راهيءَ جي ڪم ٿو اچي. وڌيڪ پاڻي (244-2) منڇر ڍنڍ ڏانھن وهي ٿو وڃي، جيڪا سيوهڻ جي ڀر ۾ آهي. انھي پاڻي جي ڪپر سان تمام گهڻا سنها ۽ ڊگها نانگ ٿين ٿا، جن جو ڏنگيل ورلي بچي ٿو. ان ڪري اتي جا ماڻھو زالين مردين موڪريون ۽ وڏيون شلوارون پائيندا آهن. جيئن نانگ جي ڏنگ کان پاڻ کي بچائي سگهن(1). سبيءَ جي آسپاس ”ڇٽ“ (ڇتر) ۽ ”ڪور“(2) واري زمين ۾ ووڻن جا ٻوٽا ٻير جي وڻ جيڏا ٿين ٿا، ماڻھو انھن تي چڙهي ڦٽيون چونڊيندا آهن. هر هڪ وڻ تي گرانٺ جيترا سو کن نانگ هوندا آهن. ڪپهه جي چونڊي کان اڳ ماڻھو وڻن کي لٺين سان ڇنڊي  صاف ڪن ٿا، ته جيئن نانگ کان پاڻ بچائي سگهن. پوءِ پنھنجي ڪرت ۾ لڳي وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪنھن کي نانگ سُنگهي وٺي ته ڏنگ واري جاءِ تي پاڪيءَ سان ڇيهه ڏئي ڪنھن ماڻھو کان رت چوسرايو ويندو آهي (244-2). ٻيءَ حالت ۾ ڏنگيل ماڻھو اڦٽ مري وڃي ٿو.

گنجابي لڳ جيڪو پڻ سبيءَ جي پرڳڻي ۾ آهي، هڪ هنڌان پاڻيءَ جو گرم چشمو ڦٽي نڪري ٿو، جيڪو گهڻي ايراضي والاري ٿو. ان پاڻي ۾ مڇيون جام ٿين ٿيون. انھيءَ گنجابي جي ٽڪرين ۾ هڪ ماٿريءَ تي لوهي پڃرو ٽنگيل آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪا شئي رکيل آهي. پر ڪنھن جو به هٿ انھي پڃري تائين پھچي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن ٽڪريءَ جي مٿئين پاسي ماڻھو کي واڍ تي هيٺ لاهي اُماڻجي ٿو ته اهو پڃرو ويتر پراهون ٿي وڃي ٿو. وري جي هيٺان ڪو ماڻھو وڃڻ جي ٿو ڪري ته به سندس پڄڻ جي ڀيڻي ناهي، ڇاڪاڻ ته ٽڪري جي چوٽي لسي ۽ هيڪاندي آهي، تنھن ڪري زمين ان کان پري پوي ٿي. گنجابي جون پوکون موزاهه(3) جي پاڻي تي آباد ٿين ٿيون، جيڪو جبل مان وهي اچي ٿو. ۽ ٻي ناڙيءَ جي پوک آهي، جا پوٺي تي ٿئي ٿي. هي بلوچن جو علائقو آهي، جنھن ۾ لاشاري، مگسي، رند ۽ ديناري رهن ٿا (245-1).

گنجابو، سبيءَ کان ٻن راتين جي پنڌ تي آهي. سبي، بکر ۽ سيتپور جي وچاڳ ۾ هڪ ايراضي اچي ٿي، جنھن کي ”بارڪان“  (بارکان) سڏيو وڃي ٿو. هتان جا گهوڙا عراقي گهوڙن جو مٽ آهن، جڏهن گهوڙي پيٽان ڦر ڄمي ٿو ته ان جي ٿان تي پٿريون وڇايون ٿيون وڃن، جتي اهو ٻهاڻ سڄو سال دڙها هڻندو رهي ٿو. اهڙي ريت ان جا سنب ايڏا ته پڪا ٿي وڃن ٿا جو نعل هڻائڻ جي ضرورت نه ٿي پوي ۽ هو بنا ڪنھن ڏکيائي جي جبل جهاڳيندو رهي ٿو.

سبي ۽ گنجابي واري وچاهين ايراضي هن طرح آهي ته پاڻيءَ جي ڪناري مان گنجابي، سبي، اراڙي ۽ پاٽ وٽان گولائيءَ ۾ چڪر ڪاٽي وري درياهه جي ڪپ تي اچڻو ٿو پوي. انھيءَ وچ ۾ رڳو رڻ پٽ آهي. هتي ڪيئي ڪوٽ ۽ ڳوٺ اڏيل هئا، جيڪي نابود ٿي چڪا آهن. هتان ئي قنڌار ڏانھن گس وڃي ٿو (245-2) اهو رڻ درياهه کان سبيءَ تائين ڊيگهه ۾ سـؤ ڪوهه ۽ ويڪر ۾ ستر ڪوهه ٿيندو.(1) ماڻھو هن رستي سان رات جو قطب ستاري جي سُجهندي ۾ سفر ڪندا آهن، نه، ته اهڙو سونهون ساڻ کڻڻو پوي ٿو، جيڪو گهٽ گهيڙ کان واقف هجي. جھڙوڪ جهاز جو معلم وغيره. ٻيءَ صورت ۾ اها مسافري ڏاڍي جوکائتي آهي ۽ ميداني ماڻھن وانگي سر تان آسرو پلڻو پوي ٿو. اهڙو هڪ واقعو سلطان محمود جي زماني ۾ پيش آيو هو، جنھن بابت چيو وڃي ٿو ته، سلطان محمود هڪ ميداني جٿي کي گنجابي ڏانھن روانو ڪيو، جيڪو اتي پھچڻ کان پوءِ عملداري جا احڪام پورا ڪري نه سگهيو، تنھن ڪري سلطان ان کي واپس بکر گهرائڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي جٿي کي ان جي جاءِ تي اماڻيائين. اهي ويهارو کن ماڻھو پنھنجي آڪهين سميت گنجابي مان نڪري بکر ڏانھن پنڌ پيا. واٽ تي سندن سونهون رستو ڀلجي ويو ۽ انھن کي ٻڌايائين ته (246-1) منھنجو دماغ جاءِ تي ناهي، ٿورو ترسو ته پوءِ ٿا هلون، پر هنن توائي ۾ اچي تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان کيس پورو ڪري ڇڏيو. آخر اهي سڀ ميداني ماڻھو انھيءَ بنا بوند واري برپٽ ۾ ڀٽڪي، اُڃ جي اَوهه ۾ پنھنجا پساهه پورا ڪري ويا ۽ ڪو هڪڙو به انھن مان باقي نه رهيو. اڃا تائين انھن جا هٿيار پنهوار توڙي ٻيا ٽپڙ ايڪڙ ٻيڪڙ واٽهڙن کي هٿ ايندا رهن ٿا. هتي اڪثر لُڪون لڳنديون رهن ٿيون ۽ ساندهه چار مھينا اها حالت رهي ٿي، اهي جهولي جا ڏينھن اونهاري ۾ شروع ٿين ٿا.

سبيءَ جو قلعو اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، پني قوم جي پٺاڻن کان فتح ڪيو هو(1) جڏهن بکر جي سرڪار عبدالرحيم خان خانان کان ڦيرائي سندس جاگير ۾ ڏني وئي هئي. انھن ئي ڏينھن ۾ ابوالقاسم (246-2) بکر کي ڀرجهلو سمجهي اڪبر بادشاهه کي درخواست ڪئي هئي ته، جيڪڏهن حڪم ڪيو وڃي ته ڪيچ مڪران فتح ڪري مغل سلطنت ۾ داخل ڪيو وڃي. بادشاهه انڪار ڪندي چيو هو ته ڪيچ مڪران جيئن ته شاهه عباس ايراني جي سرحد سان دنگئي آهي، ۽ اسان ٻئي پاڻ ۾ دوستي جي ناتي سان ڳنڍيل آهيون، ان ڪري ايڏاهين هروڀرو اُچاٽ نه ڪرڻ کپي. مير ابوالقاسم سبيءَ جي پٺاڻن تي اناج ۽ روڪڙ جي صورت ۾ جيڪا ڍل وڌي هئي سا اڃا تائين وصول ٿيندي رهي ٿي. فصل لهڻ تي بکر مان مقرر ٿيل ماڻھو اتان جي رعيت وٽ پھچي وصولي ڪري ايندا آهن.

جيڪڏهن ماڻھو ڪم وارا هجن ته انتظام ته ٺيڪ رهي ٿو پر جي ماڻھن جو حال ڪونهي ته انتظام به ڪين جھڙو ٿي پوي ٿو. قوج علي ڪُرد جي وقت ۾ جڏهن سبي سندس جاگير ۾ هئي ته هن اتان جي ماڻھن کي (247-1) چڱو سوگهو ڪيو هو، پر جيئن ئي ڪم وارن ماڻھن جي وٽس ڪمي ٿي پئي ته پني قوم جي پٺاڻن هڪ ئي حملي سان کيس قلعي بند ڪري ڇڏيو. تنھن زماني ۾ تاج خان بکر جو جاگيردار هو. هوڏانھن منھنجي ڀاءُ مير ابوالبقا کي اٻاوڙي ۽ گنجابي واري جاگير مليل هئي.(2) اها خبر جڏهن جھانگير بادشاهه تائين پهتي ته مير ابوالبقا کي تاج خان کان مدد وٺي قوج عليءَ جي ساٿ ڏيڻ جو شاهي فرمان ڏنو ويو ۽ هن اوٻاوڙي مان بکر پھچي تاج خان(1) کان گهوڙي سوارن جي ڪمڪ هٿ ڪئي، تنھن سان گڏ پنھنجي اٽالي سميت جنھن ۾ پنھنجا، ۽ سندس پيءُ جا ماڻھو شامل هئا سبيءَ وڃي رسيو. پٺاڻ هيسجي ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري وٽس آيا ۽ قوج علي بند مان ٻاهر نڪتو. ٻئي (247-2) ڀيري جڏهن گنجابي واري جاگير به قوج علي کي ملي ته پٺاڻن سان ڏاڍيون جٺيون ڪيائين، ڪيئي پٺاڻ هن جي هٿان قتل ٿي ويا ته به جنگ هلندي رهي. هيڏانھن ڪي ٿورڙا مغل هن جي همراهيءَ ۾ هئا ۽ هوڏانھن ٻه ٽي هزار پٺاڻ مڙي ٿي آيا، تڏهن به ويڙهه ۾ پڄي نه ٿي سگهيا. آخر هي پٺاڻن کي مات ڪري، انھن ۽ ٻين ماڻھن جي مدد سان سبي ڇڏي، جبل وٽان چڙهائي ڪري ڪوهيار جي قلعي تي اچي پهتو. انھي ۾ کيس پورا ٽي ڏينھن لڳي ويا. پوءِ قلعي جي اوٽ مان اتان جي بلوچن تي مار ڪندو رهيو. ٻنهي پاسن کان ڇتي جنگ ڇڙي وئي، جنھن ۾ ڪيئي ماڻھو مارجي ويا. جڏهن ٻيو ڪو نبيرو نه ٿي سگهيو ته قلعي جو سردار ابراهيم بلوچ اچي پيش پيو، ۽ نذراني طور اٺ، گهوڙا، گهٽا، شطرنجي وغيرهه جابلو سامان (248-1) آڻي اڳيان رکيائين. قوج علي پوءِ سبي ڏانھن واپس وريو. جيڪڏهن کيس وڌيڪ ماڻھن جي جو ٻَلُ هجي ها ته بروقت انھي قلعي تي ٿاڻي طور پنھنجا ماڻھو مقرر ڪري ڇڏي ها. ٻئي سال وري ايڏانھن وڃڻ جا سانباها پي ڪيائين ته ايتري ۾ بدلي ٿي هندستان هليو ويو. هڪ فوجي منتظم لاءِ قلعي تي قبضو ڄمائڻ ڪا وڏي ڳالھه نه هئي، ڇاڪاڻ ته تاريخ سنڌ (معصومي) جي روايت موجب اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مرزا مجاهد صرف ٽيھن ماڻھن جي مدد سان سلطان محمود بکري جي غلام مبارڪ خان سان منھن ڏنو هو، جنھن وٽ ڏهن هزارن ماڻھن جي فوج هئي. اها جنگ ماٿيلي واري قلعي لڳ لڳي هئي. مبارڪ خان شڪست کائي قلعي اندر قيد ٿي ويو. مجاهد خان اڳتي وڌي بکر جو قلعو سلطان محمود کان هٿ ڪيو ۽ بکر جي سرڪار مغل سلطنت ۾ داخل ٿي وئي (248-2). ان واقعي مان قرآن جي آيت  -كَمْ مِّنْ فِئَةٍ قَلِيْلَةٍ غَلَبَتْ فِئَةً كَثِيْرَةًۢ بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ- جي تصديق ٿئي ٿي.

قوج علي کان پوءِ جڏهن سيد بايزيد بخاري بکر جو فوجدار ٿي آيو ته، شيخ بول(1) نالي پنھنجي هڪ پراڻي ماڻھوءَ کي سبي جو عملدار ڪري موڪليائين، جنھن کي پني قوم جي پٺاڻن پريندي ئي ماري ڇڏيو. پٺيان سندس پٽ پنھنجا ماڻھو گڏ ڪري سبيءَ ويا جن پٺاڻن سان وڃي جنگ جوٽي، ٻنهي ڌرين جي رتوڇاڻ کان پوءِ پٺاڻن پنھنجا ماڻھو مارائي ميدان هارايو ۽ سندن سردار جنگي خان کي جنگي قيدي بنائي بکر آندو ويو.(2)

مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن بکر جي حڪومت (249-1) سلطان محمود جي حوالي ڪئي(3) ته، انھي پاسي جا ڪيئي قلعا جيڪي ايامن کان بلوچن جي قبضي ۾ هئا، سندن هٿان ڇڏرائي، ڪوهستان جي نافرمان ۽ سر ڦرين ماڻھن کي سڌو ڪري، پنھنجو مطيع بنائي ڇڏيائين. ان مان ظاهر آهي ته علائقي ۾ نھايت برجستن ماڻھن جي موجودگي جي ضرورت رهي ٿي، جن جي دل وندرائڻ لاءِ زهري (قوم) جي ڀلن گهوڙن، جابلو اٺن، سؤ کن گهٽن، تازي ڪتن، سنجري شالن ۽ اميراڻي شطرنجيءَ جھڙا ڪيئي مال اسباب اتي موجود آهن.

والله اعلم بالصّواب

باب ٽيون

ملڪ ٺٽي جي احوال بابت بيان

 

ٺٽو درياهه جي ڪناري هڪ وڏو ۽ ورسيل شھر آهي.هن جي ملتان واري پاسي کان ننڍو ۽ پڪو حاڪم نشين قلعو آهي. ٻيو وڏو ۽ پڪو قلعو جنھن کي ڪلان ڪوٽ ۽ طغرل آباد سڏيو وڃي ٿو، شھر کان ٻن ڪوهن جي فاصلي تي آهي پر اڄ ڪلهه اتي ڪا به وسنوَ ڪانھي (249-2).

هتي ڪيئي عالم، فاضل، شاعر، اديب، ڪاتب ۽ عابد زاهد موجود آهن، ۽ هنر مند ماڻھن جي به ڪمي نه آهي، جيڪي پنھنجي هنر ۾ ڪمال رکن ٿا. هتي جيڪو سامان تيار ٿئي ٿو، سو عراق ۽ فرنگ جي مال کان ڪنھن به حالت ۾ گهٽ ناهي. هتان جا رهاڪو دين جا پائبند آهن ۽ نماز، روزي ۽ شريعت جي پيرويءَ ۾ ڪڏهن به پوئتي پير نه ٿا پائين. هن شھر ۾ ڪيئي وڏيون مسجدون آهن، جن ۾ هڪ ئي وقت ويھه، ٽيھه هزار ماڻھو نماز لاءِ گڏ ٿيندا رهن ٿا. انھن کان علاوه ڪيتريون ننڍيون مسجدون پڻ اوسي پاسي وارن پاڙن ۾ آهن. انھن مسجدن ۾ جمعي ڏينھن ايتري جماعت اچي ڪٺي ٿئي ٿي جو، پوئين صلوات مهل جيڪڏهن ڪو جماعتي وڃي ٿو ته، هزارن حيلن کان پوءِ مس کيس نماز پڙهڻ جي جاءِ نصيب ٿئي ٿي.

ٺٽي جي ملڪ ۾ چار سرڪار (سرڪارون) (250-1) آهن.

هڪ سرڪار ٺٽو،

ٻين سرڪار چاچڪان،

ٽين سرڪار نصرپور،

هي ٽئي درياءَ جي هن طرف يعني ٺٽي طرف واقع آهن.

چوٿين سرڪار چاڪر هالا

هي سرڪار درياءَ جي ٻئي طرف، ڪوهستان ۾ آهي، هر سرڪار ۾ ڪيئي پرڳڻا ۽ ڳوٺ آهن.

جيڪڏهن انھن جو تفصيلي بيان ڪيو وڃي ته گهڻي ڊيگهه ٿي پوندي، ان ڪري مختصر طور هنن چئن سرڪارن جو ڪجهه ذڪر پيش ڪيو ويو آهي.

معلوم رهي ته ٺٽي جي سرڪار جا رعيتي ماڻھو ڏاڍا غريب آهن ۽ ڪا به سرڪشي نه ٿي ڪيائون. ليڪن ڪيهرن ۽ نڱامڙن جو هنن کي هر وقت خوف پي رهيو. ان ڪري ترخانن ٻنهي قومن جي سردارن سان صلح ڪري انھن کي اطاعت ۽ امن ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن ٺٽو (250-2) جھانگير بادشاهه جي وڪيلن (عملدارن) جي ماتحتي ۾ آيو.(1) ان سان گڏ ڄام هالي ۽ راڻي عمر کي راضي ڪري پنھنجي راڄ سان آزاد ڇڏيو ويو، جيڪي هميشه ٺٽي جي صوبيدار جي خدمت ۾ رهندا هئا.

پوءِ ملڪ جي ضابطي ۽ بادشاهه جي حڪم سان ڪيهر قوم پنھنجي سردار ڄام هالي سميت خدا جي مھر ۽ بادشاهي اقبال سان مير ابوالبقا هٿان نابود ٿي وئي. ليڪن نڱامڙن آڻ نه مڃي، تنھن هوندي به راڻو عمر جيڪو سندن سردار هو سو سدائين فرمانبردار رهندو آيو.

چاچڪان سرڪار جي رعيت غريب ۽ سنئين سڌي آهي، پر مينڌرن (منڌرا) جي قوم مڙئي سرڪشي ڪندي ٿي رهي، جيئن ترخانن جي (251-1) دور کان سندن ريت هئي. اها قوم ان زماني ۾ جڏهن مير ابوالبقا هتي جاگيردار ٿي آيو،(2) مظفر خان معموري جي صوبيداري ۾(3) ٿوريءَ سيکت سان اهڙي سنوت ۾ اچي وئي ۽ اڄ تائين ڪنڌ کڻي نه ٿي سگهي. هيءَ قوم سڀني راڄن کان هن جاگير ۾ زبون حال سان گذاري ٿي ۽ ڍل ڀريندي ٿي رهي. هن سرڪار کي ڪنھن به پاسي کان وڳوڙين جو اونو نه آهي، پر سوڍا ۽ سميجا دل جن جو لاڳاپو نصرپور جي سرڪار سان آهي، تن جي مٿي ۾ ٿوري گهڻي هوا هئي، جن کي پڻ مير ابوالبقا دٻاءَ هيٺ آڻي ڇڏيو.(4) نصرپور سرڪار ۾ ڪجهه سرڪش ماڻھو رهن ٿا. انھن ۾ سوڍا، سميجا کيبر، سميجا ساند، سميجا جوڻيجا (251-2)، سميجا ڪيريا ۽ سميجا دَل اچي وڃن ٿا. سمواتي (سماواتي) پرڳڻو، جنھن جي پيدائش چاليهن لکن دامن (دام- روپئي جو چاليهون حصو) تائين آهي، انھن جي ڪري پرڳڻو ويران رهي ٿو. دَل قوم مسئلا پيدا ڪيا، ليڪن انھن کي ضابطي ۾ رکيو ويو آهي.

جنھن وقت مرزا رستم قنڌاري ٺٽي ڏانھن ٿي آيو(1) ته سيوهڻ جي جاگيردار شمشير خان اوزبڪ کي پنھنجي فوج جو مهندار ڪري ٺٽي ڏانھن روانو ٿيو، جڏهن سمواتي (سماواتي) پرڳڻي جي ڳوٺ ”پلي سمي“ وٽ پهتو ته ان دِهه جي رهاڪن جا ڍور ڍڳا سميجا دل ڌاڙو هڻي ڪاهي ويا هئا. شمشير خان سندن پٺيان پيو ۽ کين جهلي، سندن ڪيترا ماڻھو مارائي، راڄ جو مال انھن منحوسن کان موٽائي مالڪن کي ڏياريائين.

هن سرڪار جا ٻيا وڳوڙي سميجا انڙ آهن، جيڪي سيوهڻ سان واسطو رکن ٿا ۽ هالن واري پرڳڻي سان دنگئي آهن (252-1)، ۽ انھن سان به سندن واهپو رهي ٿو، انھيءَ پرڳڻي کي جنھن جي پيداوار ويھه لک دام ٿيندي هنن ئي تباهه ڪيو آهي. اهو ئي پرڳڻو هو، جنھن مظفر خان معموريءَ جي زماني ۾ اناج جا يارهن هزار خرار محصول ۾ ڏنا هئا. ليڪن هاڻي سمجهي سگهجي ٿو ته ان مان ڪھڙي حاصلات پلئه پوي ٿي! هن پرڳڻي جي تباهي مرزا حسام الدين مرتضى خان ثانيءَ جي عملداريءَ دوران شروع ٿي چڪي هئي.(2) هن پنھنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدولہ کي سميجن مٿان مقرر ڪيو، جنھن هتي پھچي هالن جي ڀرسان ٺٽيءَ جي ڳوٺ ۾ داٻو ڪيو، جو هالن کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو جو خود هالن سان ڪلهو ٿي هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو، ۽ اُتاوليءَ مان (252-2) هالن جي ٿاڻيدار موسى خان افغان سان هڪ جٿو گڏي کيس سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليائين. هوڏانھن سميجن کي اڳواٽ ئي اها خبر پئجي چڪي هئي ته اجهو ٿو لشڪر حملو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو انھيءَ تاڙ ۾ هئا، جڏهن سڄي فوج انھن جي اجل لاءِ مينھن واءُ هڪ ڪندي رواني ٿي ته، هنن پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي ان جو انتظار ڪيو ۽ گس وٺي ويهي رهيا. جيئن ئي فوج، سميجن جي وسندين کي ويران ڏسي پوئتي موٽ کاڌي، ته سميجن هڪدم ان جي مٿان ڪڙدي ڪئي ۽ ڪيئي فوجي شھيد ڪري ڇڏيائون. يوسف سميجو جيڪو کيبر پرڳڻي جو ارباب هو ۽ پنھنجي پرڳڻي جي شقدار کان ڏکوئجي روپوش ٿي چڪو هو، سميجن انڙن سان ملي ڏينھن ڏٺي جو کيبرن جي ڳوٺ تي وڃي چڙهيو، جو هالن کان چئن ڪوهن تي آهي. پرڳڻي جو شقدار حاجي محمد (253-1) اهو حال ڏسي، شرم وچان پنھنجي زال کي پنھنجي هٿان قتل ڪري، انھن ڌاڙيلن سان وڃي دوبدو ٿيو. آخر ويڙهه ۾ هٿ پير هڻندي ڪُسجي ويو، ۽ ڌاڙيل سڄي ڳوٺ کي تاراج ڪري ويندا رهيا. صمصام الدولہ جڏهن اها واردات ڏٺي ته سندس پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي ۽ هو دل نه جهلي سگهيو. هو پوءِ هالن ۽ سمواتي (سماواتي) پرڳڻن جي اربابن کي قيد ڪري پنھنجي پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنھن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ جڏهن ڏٺائين ته هو ڏنڊ ڀري ڏيڻ جھڙا نه آهن ته کانئن شرعي ضابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيائين. اهي مير ابوالبقا جي زماني تائين انھن ضابطن ۾ اڙيا رهيا، ليڪن پورا نه ٿي پئجي سگهيا ۽ انھي ڇڪتاڻ ۾ رعيت هنن جي وبال کان بچاءَ ۾ رهندي آئي.

صمصام الدولہ جي واپسيءَ کان پوءِ ساڳئي ٺٽي جي ڳوٺ تي سميجن وري راتاهو هنيو (253-2)، جنھن ۾ ڪيئي ماڻھو مارجي ويا، جيڪي بچيا انھن ڀڄي وڃي هالن ۾ پناهه ورتي. اڃا تائين انھيءَ ڳوٺ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ماڻھن جا جهڳا ڀينگ ڏسي هيانءُ پڄرڻ لڳي ٿو.

مير ابوالبقا جي ڪوشش سان هي پرڳڻو وري آباد ٿيڻ لڳو، جو هن سميجن انڙن تي ڪاهي، انھن جي ڪن پرين مڙسن کي مارائي، وينجھڙي (ويجهره) ڳوٺ ۾ ترسي، اتان قلعي جو گهيرو ڪري هڪ فوجي جٿو پنھنجي وڏي پٽ ضياءَ الدين يوسف سان گڏي بکر سرڪار واري پرڳڻي درٻيلي ڏانھن روانو ڪيو، جنھن اتي پھچي ڪيترن سميجن کي قتل ڪرايو ۽ قيد ٿيل ماڻھن کي بکر جي حاڪم حڪيم صالح(1) جي حوالي ڪري ڇڏيائين. باقي فوج کي پنھنجي وچئين پٽ ابوالقاسم(1) جي سربراهي ۾ هالن تي مقرر ڪيائين، جتي هو وڃي سوڀارو ٿيو (254-1)، نيٺ سيوهڻ جي جاگيردار ديندار خان سميجن پاران اچي معافي ورتي، انھيءَ وچ ۾ شير خان پٺاڻ(2) سيوي ۽ گنجابي تي ڪاهه ڪري تباهي مچائي ڏني. ٺٽي جي عملدارن، ۽ منصبدارن پاڻ ۾ گڏجي ٺٽي وڃڻ جي صلاح ڪئي ۽ ديندار خان لاءِ فيصلو ڪيائون ته هو مير ابوالقاسم ۽ فوجي جٿي سان گڏ بکر هليو وڃي. ليڪن ابوالقاسم ٺٽي وڃڻ جي سنبت ڪئي ۽ پنھنجي ننڍي ڀاءُ لطف الله کي ديندار سان گڏ بکر ڏياري موڪليائين جا سندس غلطي هئي. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته سميجن جي پاڙ ئي پٽجي وڃي ها. آخرڪار هن پرڳڻي ۾ ٽي هزار سوار ۽ ڏيڍ سـؤ توبچي ۽ تيرانداز، انھيءَ ٿاڻي تي رهايا ويا.

هن سرڪار ۾ ٻن هنڌن تي (254-2) بندوبست جي ضرورت آهي. انھن مان هڪ سمواتي (سماواتي) پرڳڻي ۾. ٻيو هالن واري پرڳڻي ۾، باقي پرڳڻن مان هڪڙي عملدار هٿان ڍل اُڳڙي اچي ٿي.

چاڪر هالا واري سرڪار ٽڪري جي ڀر ۾ آهي. هتي جابلو ماڻھو ڏاڍا سرڪش آهن، ان ڪري ٻيون ڀرپاسي جون قومون پڻ سرڪشي سان هلن ٿيون. هتي شورا، سميجا دل ۽ ٻٻر بلوچ رهن ٿا، جيڪي حد کان وڌيڪ حرڪتي ۽ فسادي آهن. انھن کان سواءِ پليجا، ڪوريجا، لنجار ۽ ناريجا به هتي رهن ٿا. اهي چارئي قومون اصل کان جاگيردارن جي فرمانبرداري ڪنديون اچن ٿيون. هيءَ سرڪار ترخانن جي دور ۾ ڏاڍي آباد هئي. پر مٿي ڄاڻايل پھريون ٽي قومون ترخانن جي عملداري لاءِ آزار جو باعث هيون. ايتري قدر جو ٺٽي جي حاڪم خسرو بيگ جي وڏي پٽ رستم کي (255-1) شورن قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ شورن جي مٿان فوج چاڙهي وئي ۽ هوڏانھن شورا، نومڙين جي قوم سان ملي جبلن ڏانھن هليا ويا. خسرو بيگ ڪوهيار ۽ وڻڪار تائين جبلن جي وچان انھن جو پيڇو ڪيو، پر کيس ڪو به هٿ نه آيو، نيٺ سيوهڻ کان ڀٽڪندي هو واپس ٿيو ۽ ڪو به ٻوٽو ڪو نه ٻاريائين.

مرزا غازي ترخان(1) جڏهن قنڌار جو صوبيدار ٿيو ته، سائين ڏني نالي هڪ هندوءَ کي ”هندو خاني“ جو خطاب ڏئي خسرو بيگ جي جاءِ تي ٺٽي موڪليائين. ان سان گڏ شهبازي نالي پنھنجي ملازم کي ”خاني“ جو خطاب ڏئي قاسم خان ارغون جي پٽن جي جاءِ تي نصرپور اماڻي ڇڏيائين. سائين ڏنو جيئن ٺٽي پهتو ته خسرو بيگ اتان نڪري هالن ۾ اچي ويٺو، ۽ قنڌار جي جاري ٿيل حڪم جي نتيجي جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ مرزا غازيءَ جي موت جي خبر سائين ڏني جي ڪنن تائين پهتي، ۽ هو تڙ تڪڙ ۾ پنھنجا ماڻھو ساڻ ڪري، درياهه اُڪري، جبل جي وٽِ وٺي سيوهڻ ڏانھن فرار ٿيو. جڏهن شورن جي تر ۾ پهتو ته هي خسرو بيگ جي چورڻ تي ميڙاڪو ڪري ساڻس سامهون ٿيا ۽ نيٺ ان کي ٻڍاپور وٺي آيا، ۽ پوءِ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ نارو کي جيڪو مرزا غازي وٽان ”شجاعت راءِ“ جي خطاب سان نوازيل هو، قيد ڪري ٻنهي جون سسيون لاهي ڇڏيائون. انھن جي قتل کان پوءِ قنڌار کان آندل سندن عراقي گهوڙا، زريءَ ڀريل ڪپڙا، خرجينون، نغارا ۽ ٻيو سمورو سامان تاراج ٿي ويو.

مرزا غازيءَ جي وفات(2) کان پوءِ جھانگير بادشاهه، مظفر خان معموري کي ٺٽي موڪليو. انھيءَ زماني ۾ شمشير خان اوزبڪ سيوهڻ جو جاگيردار هو (256-1). هن ٽي هزار چونڊ سورهيه ماڻھو خواجه جان سان گڏي مظفر خان جي همراهيءِ لاءِ روانا ڪيا. مظفر خان جڏهن ٺٽي پهتو ته خسرو بيگ اوزبڪن کي ڏسي هيسجي ويو، ۽ پهه ڪيائين ته انھيءَ لوڌِ سان کيڏ ڪرڻ کپي. مظفر خان کي چيائين ته شورا، دل ۽ ٻٻر وري ڪر کڻڻ لڳا آهن، اوهان خواجه جان کي اوڏانھين اماڻي ڇڏيو. اوزبڪ جيڪي اڃا هن ملڪ جي ماڻھن کان واقف نه ٿيا هئا، انھيءَ حڪم ملڻ سان ٻڏتر ۾ پئجي روانا ٿيا. ٻئي پاسي هن ڌر جا ماڻھو جيڪي ٻن هزارن تائين سوار ۽ اٺن هزارن تائين پيادا گڏ ٿي چڪا هئا، لشڪر جا گهٽ تاڙي ويهي رهيا. اوزبڪ جيئن نيرون ڪوٽ جي قلعي واري لاڳيتي ميدان وٽ اچي پهتا ته کين پنھنجي ريت موجب اڀيون ٽوپيون مٿن تي هيون. انھيءَ حال ۾ هن ڌر جي ماڻھن جڏهن پري کان کين ڏٺو ته پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته اچو ته اسين به کنڀ پايون، ۽ اهو ائين جو اسان جي هڪ سوار سان چار پيادا گڏ هجن. ٻه هڪڙي پاسي کان ۽ ٻه وري ٻئي پاسي کان. ان کان پوءِ مغلن سان مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي. انھي سٽاءَ سان هو ميدان ۾ لهي آيا. اوزبڪ جڏهن سندن گهيري ۾ آيا ته هنن جي پيادن، گهوڙن جي پٺ ورتي ۽ اک ڇنڀ ۾ گهوڙي سوار پٽ تي پوندا ويا ۽ اجل جي منھن ۾ ويندا رهيا. خواجه محمد سلطان اوزبڪ جيڪو شمشير خان جي بھادرن مان هو، مذڪوره جنگ جو بک ٿي ويو ۽ ٻيا ميدان ڇڏي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾ اچي پناهي ٿيا، ۽ ٻيءَ ڌر وارا قلعي کي گهيرو ڪري ويهي رهيا. اها خبر جڏهن شمشير خان کي پئي ته سيوهڻ مان وڏو ڪٽڪ سنبرائي  پاڻ  به ان سان گڏ سندرو ٻڌي روانو ٿيو (257-1). وڳوڙين کي جڏهن پتو پيو ته شمشير خان پنھنجي هارايل سپاهه جي مدد لاءِ پيو اچي ته قلعي جي پچر ڇڏي، پنھنجن ٿاڪن ڏانھن هليا ويا. خواجه جان، جنھن ڀڄي جان بچائي هئي، پنھنجي سپاهين سميت قلعي مان نڪتو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي سامت جو ساهه کنيائين.

شورن جي قوم ۾ اسماعيل شورو ارڏائي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو. هي سائين ڏني هندو جو ساٿاري رهي چڪو هو. سڀني جابلو قومن توڙي انھيءَ سرڪار جي راڄن ۾ (سيوهڻ تائين) هن سان ڪنھن به قوم جي پڄڻ جي ڀيڻي نه هئي.

ٻيو دائود شورو، جيڪو خاسائي شورن جي ڳوٺ ۾ جبل لڳ رهندو هو. هن جي پاٿاري هوسڙن جي قوم جي چورن ملاحن سان ڀري پئي هوندي هئي، ۽ کليو کلايو درياهن توڙي خشڪي رستن سان ڌاڙا هڻندو ٿي رهيو.

ٽيون دل قوم جو مَناهي به نامي گرامي شاهينگ هو.

ٺٽي جي صوبيداري، شمشير خان اوزبڪ جي زماني ۾

تاج خان(1) جي مرڻ کان پوءِ شمشير خان اوزبڪ کي (257-2) ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. هن جي بدليءَ کان پوءِ سيوهڻ جي سرڪار مرزا دوست بيگ جي شراڪت سان مير ابوالبقا کي جاگير طور ملي.

هڪ دفعي هنن پنھنجي هڪ ملازم محبت هٿان، ٻيڙي رستي نارلم (نار)، جا گدرا شمشير خان ۽ مظفر خان ڏانھن روانا ڪيا، جيڪي تنھن زماني ۾ ٺٽي جا بخشي (پگهار ورهائيندڙ) هئا. جيئن اها ٻيڙي خاسائي شورن جي ڳوٺ وٽ پهتي ته دائود شوري وارا، هوسڙن جي قوم جا ماڻھو پنھنجين ٻيڙين تي چاڙهي، محبت جي مٿان اچي ٽٽا ۽ کيس قتل ڪري گدرا دائود شوري جي حوالي وڃي ڪيائون. مير ابوالبقا کي جڏهن سڌ پئي ته ڏاڍو ڏمريو. ان ئي ڏينھن سانجهي جي نماز مهل سيوهڻ مان ٻيڙين ۾ سوار ٿي، ٽي پھر رات جا پنڌ هڻي، پوئين پھر سن ۽ سيوهڻ واري گهٽ کان هڪ ڪوهه پرتي ٻيڙيون جهلي لهي آيو (258-1)، ۽ خاسائي شورن تي حملو ڪيائين. هي جڏهن انھي ڳوٺ ۾ پهتو ته اتفاق سان دائود شورو، اڳواٽ ٻاڦور پوڻ تي، پنھنجي اهل عيال سميت جبل ڏانھن نڪري ويو. شاهي لشڪر شورن جي ڳوٺ کي باهيون ڏئي سامهون آيل شورن ۽ هوسڙن جا ڪي ماڻھو قتل ڪيا، ۽ ڳوٺ ۾ جيڪو مال متاع انھن جي ور چڙهيو، سو غارت ڪري ڇڏيائون، اها ئي پھرين سيکت هئي، جيڪا شاهي لشڪر طرفان شورن کي ملي.

ٺٽي جي صوبيداري، مظفر خان معموريءَ جي دور ۾

شمشير خان جي بدليءَ کان پوءِ مظفر خان معموري ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ شمشير خان کي وري سيوهڻ موڪليو ويو. مير ابوالبقا کي چاچڪان جي سرڪار ۾ داخل بدين ۽ چاڪر هالا جي سرڪار ۾ آيل نيرون ڪوٽ ۽ شال جاگير طور ڏنا ويا (258-2) هو حڪم ملڻ تي بدين هليو ويو.

مظفر خان، شال جي پرڳڻي ۾ رهندڙ سميجا دل ڏاڍا اڍنگا هوندا هئا، انھن جي سيکت لاءِ پنھنجن انھن منصبدارن سان جيڪي ٺٽي ۾ سندس ملازمت ۾ حاضر باش هئا، گهوڙا سنجي گهران نڪتو. مير ابوالبقا اڃا بدين مان ٺٽي ڪو نه آيو هو، جڏهن مظفر خان جي فوج شال جي پسگردائي ۾ پهتي ته دل قوم جو ناميارو سردار مَناهي پنھنجي ڪٽڪ سان اچي، ان جو گس جهلي، جنگ ۾ لڳي ويو ۽ هن ڪيئي فوجي قتل ڪري ڇڏيا. مظفر خان اکين سان سڀ ڪُجهه ڏسي به ماٺ رهيو، ۽ اتي ئي ديرو دمائي ويهي رهيو. سندس فوجي گاهه پٺي ۽ ڪاٺيءَ ڪِلي لاءِ پريشانيءَ ۾ پئجي ويا. اوچتو مير ابوالبقا بدين مان ڌوڪيندو رات وچ ۾ اچي مظفر خان وٽ پهتو ۽ ٻيءَ رات (259-1) پنھنجي سوار جٿي سان اٿي وڳوڙين جي پويان پيو. ساري رات پنڌ هڻي صبح تي جبل جي ڪنارن سان رهندڙ فسادين مٿان حملو ڪيائين ۽ هزارين ماڻھو سندس هٿان مارجي ويا. انھن جون سسيون لاهي مظفر خان وٽ کڻي آيو. اهڙيءَ ريت سميجن جي مھم سر ٿي وئي. ان کان پوءِ مظفر خان، مير ابوالبقا کي اتي ئي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾ رهائي پاڻ ٺٽي ڏانھن موٽيو. پٺيان مير ابوالبقا ٻيهر سميجن ۽ شورن کي (جيڪي حميد شوري جي ٽولي مان هئا) سيکت ڏئي سڌو ڪيو. انھيءَ سيکت سان دَلَ صفا دٻجي ويا. مناهي دل ۽ حميد شورو به خوار خراب ٿي حاضري ڀرڻ تي مجبور ٿيا ۽ ڍل ڏيڻ لڳا. انھن شورن مان داڙو بند واري ٽڪريءَ تي نورالله ۽ ڀاڻس شھيد ٿي ويا (259-2)، ۽ منھنجي ڀاءُ کي فتح حاصل ٿي.

بعد ۾ منھنجي ڀاءُ کي ڪانگڙي (هندستان) جي مھم تي وڃڻ جو حڪم مليو ۽ هو اوڏانھن هليو ويو.(1) هيڏانھن شورا، اسماعيل شوري جي سرداري ۾ سرڪش ٿي ويا ۽ وري وڳوڙ ۾ منھن وڌائون. هنن رعيت جو ارڪو ترڪو چَٽُ ڪري ڇڏيو ۽ بابو پليجي جو باغ وڍي ويران ڪري ويا. مظفر خان سندن فساد جو ٻڌي پنھنجي ڀائٽئي مرزا محمد کي ڪٽڪ ساڻ ڏئي انھن نڀاڳن جي پاڙ پٽڻ لاءِ روانو ڪيو. مرزا محمد ٺٽي کان نڪري، اسماعيل شوري جي ماڻھن سان مقابلو ڪرڻ لڳو. اسماعيل شوري جا حوصلا خطا ٿي ويا. هن جا ماڻھو پنھنجن ٻارن ٻچن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ اڙجي پيا. آخر اسماعيل هڪڙو گهٽ جهلي، پنھنجن ڀائپي وارن سان گڏ لشڪر سان منھن ڏيندي مارجي ويو(260-1) ۽ مرزا محمد جي سوڀ ٿي وئي. ان کان پوءِ هو شورن واري علائقي ۾ رهي پيو، جتي به کيس شورن، ٻٻرن ۽ دلن جو مال وغيرهه هٿ آيو، سو ميڙي سهيڙي ڪيترن ماڻھن کي باندي بنايائين. شورن کي اهو ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. باقي شورا اباڻا ڪک ڇڏي زبون حالت ۾ جبلن اندر وڃي جهڳيون اڏي ويٺا. سندن گذر بسر چورين چڪارين تي ٿيڻ لڳو، جنھن لاءِ هي جابلو ماڻھن سان ملي راڄن کي ڦريندا ٿي رهيا. دائود شورو اڃا انھي حال ۾ هو.

شمشير خان اوزبڪ، جھانگير بادشاهه جي حڪم ملڻ تي بھادر خان اوزبڪ جي ڪمڪ سان قنڌار ڏانھن راهي ٿي ويو. اتان خوشم بيگ جي بدليءَ تي سيوهڻ جي حاڪميت پنھنجي مائٽ شاهه خواجه جي حوالي ڪري کيس هيڏانھن اماڻيائين. خاسائي شورن جو ڳوٺ شمشير خان جي ئي جاگير ۾ هو (260-2). شاه خواجه قيدين کي سيوهڻ آندو. دائود شورو زال جي ڪري عاجز ٿي، انھي ڪٽڪ جي پٺ وٺي، سيوهڻ آيو. جڏهن زال کي پنھنجي اکين سان پرائي بند ۾ ڏٺائين ته هير دل ٿي، سڀ ڏنڊ ڏوهه ڀري، زال جي ٻانھن ڇڏرايائين (261-1). ان ڏينھن کان پوءِ دائود شوري واري ڌُر ڪُرمش ۾ اچي وئي. پڇاڙي جبل جو پاسو ڇڏي درٻيلي جي ڪچي واري زمين تي سڀ ڪنھن پنھنجا گهر اڏيا ۽ اڃا تائين اهي ماڻھو رعيت جي روش سان هلندا اچن ٿا، اهي سرڪشي نه ٿا ڪن.

ٺٽي جي صوبيداري، سيد بايزيد بخاري جي وقت ۾

سيد بايزيد بخاري ٺٽي جو صوبيدار ٿيو.(1) هن جا پٽ ڏاڍا چالاڪ هئا. جھانگير بادشاهه جي حڪم سان لشڪر ساڻ ڪري جبل پاسي ويا، جتي ڪانھري قلعي ۽ انون ٻيلي تائين گشت ڪيائون. هتان جي سردارن کين مان ڏئي، جھانگير بادشاهه جو خطبو جاري ڪيو ۽ سندس فرمانبردار ٿي ويا. اتان واپس ٿيڻ تي شورن ۽ دلن ڏانھن پيش قدمي ڪري، مٿن وڃي حملو ڪيائون (261-2). جيڪي جبل جي ڀرپاسي پکڙيل هئا، جيئن شڪارگاهن ۾ شڪار ڪيو ويندو آهي، تيئن انھن بدنصيبن جو گهيرو ڪري، منجهائن ڪيترن کي قتل ڪيو ويو ۽ جهونجهار نالي اسماعيل شوري جو پٽ ٻين سان گڏ قيد ٿيو. سندن مال اسباب هڙ ئي تلف ٿي ويا. جيڪي ماڻھو قيد ٿيا، تن کي هنن ٺٽي ۾ پنھنجي پيءُ سيد بازيد وٽ آندو، جتي اسماعيل شوري جو پٽ جيل ۾ مري ويو. هن حملي ۾ شورن ۽ دلن جي پاڙ پٽجي وئي. سندن ڪيترا ماڻھو جبلن ڏانھن وڃي جابلو ماڻھن سان ويٺا ته ڪي رعيتي راڄ وانگي ملڪ ۾ رهي پيا. اڃا تائين ان ريت سان هلن ٿا، ۽ چاڪر هالا سرڪار جي رعيت کي هنن مان ڪو به خوف خطرو ناهي.

ٻٻر قوم جا ماڻھو بابو پليجي جا مائٽ هئا. اهي دلن ۽ شورن جي حمايت کان سواءِ بنهه ڇورا ٿي پيا (262-1). هونءَ به ٿورائي ۾ هئا، تنھن ڪري بابو پليجي جي ڀر ۾ لڏو لاهي اچي ويٺا. بابوءَ ڇا ڪيو جو نيرون ڪوٽ ۾ رهيل سيد بايزيد جي ٿاڻي تي وڃي ٽپال پھچايائين. هنن سج اڀرئي ٻٻرن تي حملو ڪري گهڻن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن رعيتي راڄ ٿي رهڻ جي آڻ مڃي ڇڏي. سيد بايزيد جي زماني ۾ ٽنهي قومن کي چڱي ڦيهه ملي وئي، پر هيڏانھن هي ڍرا ٿيا ته هوڏانھن وري جبل جي نومڙين جي قوم جي ماڻھن جي (جيڪي سيوهڻ پاسي ٽڪر ۾ ويٺل هئا) اچي ٻيگهي متي. انھن چاڪر هالا جي سرڪار جي رهاڪن جو وهڻ وهه ڪري ڇڏيو. اتان جي جاگيردارن پنھنجيون ڪي دِهون سندن حوالي ڪري اهڙي ڏي وٺ وسيلي، ٻيون جاگيرون آباد ڪيون (262-2). هاڻي نيرون ڪوٽ کان وٺي اويس قرنيءَ جي نظرگاه تائين نومڙين جون وستيون آهن، انھي نظرگاه جو بيان اڳتي هلي ڪيو ويندو.

هيءَ سرڪار ۽ چاڪر هالا واري پاسي کان ٺٽي جو ڪجهه حصو، ساڪري جي پرڳڻي تائين انتظام طلب آهي. ساڪري واري پرڳڻي جي پاسي ڪلمتي بلوچ ۽ جوکيا رهن ٿا. هنن جو تعداد پيادن ۽ سوارن سميت ٽن هزارن مڙسن تائين ٿيندو. هي اٺ ۽ دنبا ڍل طور ٺٽي جي صوبيدار کي ڏيندا آهن، ۽ هروڀرو ڪنھن وڳوڙ جي ويجهو نه ٿا وڃن. تنھن هوندي به ٺٽي جي صوبيدار ناريلي واري قلعي کي ٿاڻي جي صورت ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جيئن انھن ماڻھن جي خبرچار پوندي رهي.

سيد بايزيد جي عملداري ۾ جوکين کان ڪا خطا ٿي هئي، جنھن جو احوال هن ريت آهي ته (263-1)، سيد بايزيد، شاهه محمد نالي پنھنجي نيپاج کي پنجاه سوارن سان ناريلي جو ٿاڻيدار ڪري موڪليو. هي ٽرڙي طبيعت وارو هلڪڙو ماڻھو هو، سو هڪ ڀيري بجار جوکيي جي پٽ حاجيءَ سان گهرو پيو ۽ پنھنجو پادر لاهي ڏانھس اڇلايائين. جوکين کي باهه وٺي وئي ۽ سڀئي مڙي سڙي لڏي پلاڻي جبل ڏانھن اُسهيا. شاه محمد پنھنجا ماڻھو ساڻ ڪري سندن پٺيان ويو. گهڻيون ئي صلح جون ڳالهيون ڪيائين پر هنن کيس رکو جواب ڏئي ڇڏيو، آخر ڳالھه وڃي جنگ تائين پهتي. شاهه محمد جي ماڻھن وٽ ڪي ٿورا هٿيار (تلوارون ۽ نيزا) هئا، جن سان جلهون ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف جوکين تيرن جي ويڙهه شروع ڪئي، جنھن ۾ شاهه محمد جا پنجاهي ماڻھو پورا ٿي ويا، جوکيا سندن گهوڙا ۽ هٿيار پنهوار هٿ ڪري وڃي جبل ڀيڙا ٿيا (263-2). انھي معاملي جي ڪري سيد  بايزيد ماڻھن کي جهلي ڇڏيو ته ان يا ٻيون شيون جبل ڏانھن نه کڻي وڃن. ان کان پوءِ جوکين جا چڱا مڙس قول وٺي وٽس آيا ۽ ساڻس راڄوڻي فيصلو ڪيائون. اهي جوکيا ۽ ڪلمتي بلوچ وري به رکي رکي سيوهڻ ۾ پھچي وڳوڙ ڪندا رهن ٿا. هنن جي نومڙين سان به اصل کان دشمني هلندي اچي ٿي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ سدائين هينس کينس رهي ٿي پر نومڙيا گهڻن بازن جي ڪري هنن کان زور آهن.

ٺٽي جي عملداريءَ ۾ ان جي بٽئي جو رواج آهي ۽ اڃا تائين اها ريت هلندي پي اچي. بٽئي جو اهو رواج وڌيڪ آباديءَ جو باعث بنجي ٿو. جيڪڏهن جاگيردار بٽئي ۾ اڌ کان مٿي وصولي نه ٿا ڪن ۽ ٻئي فصل لهڻ تائين ڪوڙن بهانن سان رعيت جو حصو نه ٿا کائين ته آبادي تي ان جو سٺو اثر پوي ٿو.

هن ملڪ جي بهتري ان ۾ آهي ته ملڪي انتظام بابت قانون گوين کان تفصيل گهرائي ان جي تحقيقات ڪرڻ ۾ اچي (264-1). ۽ جاگيردار جيڪا مٿين اوڳاڙي ڪندا ٿا رهن، انھن جا سڀئي ڪوڙا بهانا رد ڪري رعيت تان اهو آزار لاٿو وڃي. هڪ ڀروسي جوڳي امين کي مقرر ڪري ان تي اهو ڪم رکيو وڃي ته ملڪ جي آبادي ۽ ويراني جو هر طرح خيال رکي. جيڪڏهن ڪا به گهٽ وڌائي ٿئي ته ان بابت کانئس ئي پڇا ڪئي وڃي. ان سان گڏ جاگيردار کي جهلي ڇڏجي ته هو دستور کان وڌيڪ رعيت جي فصل مان ڪا به وصولي نه ڪري.

ملڪ جي سرحدن کي وڳوڙين جي کونس کان بچايو وڃي. جيئن هڪڙي ئي ملڪ مان ڏهه ملڪ ٻيا پيدا ٿي سگهن ۽ سڄو ملڪ ترخانن واري دور وانگي آباد ٿيندو رهي. رعيت زور وٺي ۽ جاگيردارن جو ساٿ ڏئي، وڳوڙين جي پاڙ پٽي ڇڏي. ترخانن جي زماني ۾ ملڪ جي آبادي جو ڪارڻ اهو ئي هو ته هنن بٽئي کان وڌيڪ رعيت وٽان ڪا به وصولي نه ٿي ڪئي، ڪٿي ٽيون حصو ته ڪٿي چوٿون حصو (264-2) پي ورتائون. ان ڪري ملڪ به آباد هو، رعيت به راضي رهندي ٿي آئي ۽ وڳوڙين کي هوڏ ۾ اچي رعيت سان هٿ اٽڪائڻ جي ڪا به مجال نه پي ٿي. هن وقت حالت اها آهي جو ڪجهه جاگيردارن جي بڇڙي روش جي ڪري هڪ پاسي رعيت پنھنجي روزگار کان محروم آهي ته، ٻئي طرف وڳوڙي زور وٺي ٿا وڃن ۽ رعيت انھن جي ارڏائين ۾ اڙجي ٿي وڃي. پر جي رعيت جاگيردارن جي اڀل ۾ ٿي اچي ته اهي ظالم ان جو ويتر خانو خراب ڪري ٿا ڇڏين. جيڪڏهن هڪڙو به جاگيردار خدا ترس آهي ته ماڻھن کي آٿت ملي ٿو وڃي ۽ جاگيردار پاڻ به امن ۾ ٿو رهي. ساڳئي وقت هن جي جاگير جو هر فصل سال بسال زياده پيداور ڏيندو رهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ظالم جاگيردار جو فصل سدائين کوٽ ۾ آهي. آخر ۾ نتيجو هي ٿو ٿئي ته اهو جاگيردار بيزار ٿي جاگير بدلائڻ جا جتن ٿو ڪري (265-1)، ليڪن پنھنجي ظلم ستم کان باز نه ٿو اچي، جنھن ۾ هن جي ٻنهي جهانن جي ڀلائي آهي. گهوڙن جي خرچ پکي لاءِ اوڳاڙي ڪرڻ جيئن ته شريعت جي روءِ سان بي واجبي آهي، ان ڪري اهو اجايو بار به ٺٽي جي رعيت کي بخش ڪرڻ کپي. اها اوڳاڙي پرڳڻن جي جمع بندي ۾ آندي وڃي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالھه به رعيت لاءِ ڪنھن آزار کان گهٽ ناهي. انھيءَ اوڳاڙي جي بهاني عاملن، اربابن، رئيسن توڙي قانون گوين جو من وڌي ٿو وڃي. ان کان علاوه جيڪڏهن ٺٽي شھر جي ڪوٽوالي کي به اڳيئن دستور موجب انھي حساب کان الڳ ڪيو وڃي ته ٺٽي جي رهاڪن جو گهڻو فائدو ٿي پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪوٽوالي جو ٿاڪ صوبيدار جي جاگير ۾ رهي ٿو ۽ هن زماني ۾ ورلي ڪو خدا ترس ماڻھو نبيءَ جي شرع جو تابع هوندو. ان ڪري اها پڪ آهي ته ڪي صوبيدار دنيا جي لالچ کي وچ ۾ آڻي ڪيترن اشرافن کي حق پلئه نه وجهندا ۽ ڪا نه ڪا اٽڪل ٺاهي هن ملڪ جي باشندن کي پيا عذاب ڏيندا (265-2). هي محصولن کان وڌيڪ ماڻھن تي چٽيون وجهن ٿا، جيڪي سندن وس کان ٻاهر آهن ۽ ماڻھو هلاڪيءَ ۾ پئجي ٿا وڃن. ”ماڻھن کان جڏهن وطن کسجي ٿو ته دين دنيا جون هزارين خرابيون منجهن پيدا ٿي پون ٿيون، ڇا لاءِ ته جهان جو مدار معاشي وسيلن تي آهي.“ جيڪڏهن شاهي ڪوٽوال سرزمين تي آهي ۽ انصاف ٿئي ٿو ته ماڻھو شرافت سان هلن ٿا ۽ بادشاهت به وسيع ٿئي ٿي. هر شخص تي ڏوهه موجب شرعي ڏنڊ پوي ٿو ۽ اهو بيت المال ۾ داخل ٿئي ٿو. ان حالت ۾ ملڪ جي ڪھڙي به علائقي ۾ ڪنھن به ماڻھوءَ لاءِ ڪو آزار پيدا نه ٿو ٿئي. تنھن ڪري شاهي ڪوٽوال جو هئڻ ضروري آهي. ان لاءِ ته زماني ۾ گهڻا فساد ٿيندا رهن ٿا. چڱائي انھي ۾ آهي ته هن باري ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي.

وَالامرُ اَرفَعُ وَ اَعليٰ، وَالله اعلم بِالصّوابُ


(1)   ممڪن آهي ته سنڌيءَ ۾ اهو لفظ نَئن بڊو يا بڊي واري واهي هجي (مترجم).

(1)     مرزا شاهه بيگ ولد امير ذوالنون ارغون ولد حسن بصري، سنڌ جو ڌاريو حڪمران، وفات 22 شعبان 928هه. تاريخ وفات ”شهر شعبان“- تاريخ سنڌ، فارسي، مير معصوم، ص 127.

(2)   ڏسو تاريخ معصومي، ص 124.

(1)   بکر جي سيدن ڌاريجن خلاف پنھنجي ولي نعمت شاه بيگ ارغون جي حمايت ۾ جيڪي ڪارناما ڪري ڏيکاريا، انهن جو انعام آخر انهن کي اهو مليو، جو شاهه بيگ بدگماني ۾ اچي، کين اهل عيال سميت قلعي مان نيڪالي ڏياري ڇڏي. تاريخ سنڌ، معصومي، ص 122 (مترجم).

(2)   تاريخ 14 محرم 927هه مرزا شاه حسن پنھنجي پيءُ مرزا شاه بيگ ارغون کان ڪوئيٽا مان موڪلائي سنڌ ڏانھن نڪتو ۽ ويهن ڏينھن کان پوءِ سيوهڻ جي ويجھڙائي ۾ اچي رسيو. پويان پڻس شاه بيگ کيس لاڳيتي فوجي امداد پھچائيندو رهيو، ۽ پاڻ دڳ تي داٻو ڪندو پي آيو. (تاريخ معصومي، ص 118). نيٺ ربيع الثانيءَ جي مھيني ۾ باغبان جي اندر قدم رکيائين. تاريخ سنڌ، معصومي، ص 120

(1)    ڏسو تاريخ معصومي، ص 120.

(2)   مير فاضل متوفي 928هه (تاريخ معصومي، ص 125).

(3)   سلطان محمود ولد مير فاضل ولادت 898 هه وفات 982هه. تاريخ وفات ”در بهشت آسود“ (تاريخ سنڌ، ص 237).

(1)   تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ سنڌ (مير معصوم، ص 118-123).

(2)  مير محمد عدل، 11 رمضان 983هه ڌاري بکر ۾ آيو (تاريخ معصومي ص 245). هن باري ۾ وڌيڪ احوال ذخيرة الخوانين، قلمي ص 131، اڪبرنامه (249-3) بدايوني (ص 75-2)، طبقات اڪبري (ص 438-2)، تاريخ امروهه اردو ۽ تاريخ سنڌ، مير معصوم، (ص 118-123) نظر مان ڪڍڻ گهرجن. مير عدل اٺين تاريخ 984هه ڌاري بکر ۾ فوت ٿيو (مير معصوم، ص 246).

(3)   اصل لفظ ڪن ڪوت، ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم تعليقات تاريخ معصومي، نسخه ”ر“ (ص 318) تي ان جي معنى ”داڻي بندي“ لکي آهي.

(4)   ڏسو تاريخ معصومي (ص 245)

(5)  تاريخ سنڌ، لکيو آهي ته مير عدل جا ماڻهو گنبذ ۽ بچراه جي وچ تي هڪ ننڍي قلعي ۾ پناهي ٿيا هئا (ص 245). ٻئي قلمي نسخي ۾ گنبذ ۽ بحيره لکيل آهي، انهي ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ مترجم گنبٽ ۽ ڀچراه لکي ٿو، جو صحيح ناهي. ترجمو (ص 291).

(1)   تاريخ سنڌ (ص 245- 246) .

(2)   لب تاريخ سنڌ ۾ بايزيد بخاري جي فوجدار ٿي اچڻ جو سال (1025هه) ڄاڻايل آهي. هي جلوس جھانگيريءَ جي پنجين سال (1028هه) ۾ بکر مان ٺٽي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين (ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 348).

(3)   اڪبر بادشاهه جڏهن 998هه ڌاري مرزا عبدالرحيم خان خانان کي لاهور مان سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ اماڻيو ته مير معصوم کي به ساڻس گڏ روانو ڪيائين. انهي سال درٻيلي وارو پرڳڻو مير معصوم کي جاگير ٿي مليو. مير معصوم ’تاريخ معصومي‘ ۾ انهي واقعي بابت لکي ٿو ته ”خان خانان کي ٺٽي تي چڙهائي ڪرڻ ۽ بلوچن کي وس ۾ آڻڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جو 22 شوال 998هه ۾ خريف جي وچ ڌاري بکر پھچي پنھنجي مھم ۾ جنبي ويو. انهن ئي ڏينھن ۾ هي فقير (تاريخ معصومي جو مؤلف) گجرات مان هلي بادشاهه جي خدمت ۾ اچي رسيو. اتفاق سان والده طرفان ڪي تحفا آيل هئا، جيڪي حضور ۾ پيش ڪيا ويا. بادشاهه سلامت مھر جي نظر سان نوازيندي فرمايو: توهان کي پنھنجي والده کان وڇڙئي ڪيترو عرصو گذري چڪو آهي؟ مون عرض ڪيو ته ويهه ورهيه گذري چڪا آهن. اهو ٻڌي عنايت فرمائي حڪم ڪيائون ته پھريائين پنھنجي والده جي خدمت ۾ رهي پوءِ اسان وٽ اچي حاضر ٿيو. انهي سان گڏ بخشين (منشين) کي حڪم ڪيو ويو ته منھنجي جاگير واري تنخواهه ادا ڪئي وڃي. ”انهي وچ ۾ محمد صادق خان منھنجي سفارش ڪندي چيو ته جنهن صورت ۾ مير معصوم خود بکر وڃي رهيو آهي، تنهن ڪري ڇو نه انهن محالن (پرڳڻن) مان کيس تنخواهه ڏياري وڃي؟ بادشاهه فرمايو، بکر اڳ ۾ خان خانان جي جاگير بنجي چڪو آهي. خان خانان خود حاضر هو، جنهن عرض ڪيو ته جيڪڏهن مير معصوم کي بکر جي سرڪار ۾ جاگير ڏني ويندي ته آءُ حڪم جي پوئواري ڪندس. ان جي عيوض مون کي  ڪنهن ٻئي هنڌ جاگير عطا ڪئي وڃي. آخر بادشاهه جي حڪم مطابق مون کي بکر  سرڪار مان درٻيلي، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪا وارا پرڳڻا جاگير طور مليا“ (ص 251). مير معصوم 14 صفر 999هه ڌاري بکر پهتو هو.

(1)   چار (ب)

(1)   ڏسو تاريخ معصومي، ص 124-125.

(1)      نسخي پ ۾ هن کان پوءِ هيٺين عبارت شروع ٿئي ٿي: چوٿون پرڳڻو فتح پور آهي، جيڪو گهڻي وقت کان ويران رهي ٿو. ان ڪري ان جي احوال پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس نَه ڪئي وئي (ورق 185).

(2)      محمد علي بيگ بندري (متوفي 1066هه) جيڪو نواب آصف جاه پاران (1038هه) ۾ بکر جو فوجدار هو، تنهن زماني ۾ مير نالي چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙي زميندار درياهه مان وڏو واهه ڪڍرائي غيرآباد زمين ۾ آندو هو، جنهن ڪري انهن پٽن ۾ جتي چرندن، پرندن توڙي آدم ذات جو ڪو اير ڀير ئي نه هو، اتي نيون وستيون آباد ٿي ويون.

انهن مان ”جوکي هرڻي“ ۽ ”منهه“ نالي وارا ڳوٺ مير ابڙي جا ٻڌرايل هئا، ساڳي ريت نندي ابڙي، ”پوپٽي“ نالي ڳوٺ ٻڌرايو هو. ابڙن جي مرشد شاهه علي جيڪو مهديجو سڏائي ٿو تنهن ”ڪوٽلي“ نالي ڳوٺ آباد ڪيو. اهڙي ريت چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙن، سانگين ۽ سميجن واهه کوٽائي انهن جي ڪناري سان نوان ڳوٺ ٻڌرايا. نتيجو اهو ٿيو جو جتان ڪٿان جا ڏتڙيل ماڻهو انهي پاسي رجوع ٿيندا ويا. سارين ۽ جوارين جي خريف واري پوک ۾ واڌارو اچي ويو، جنهن جي آبادي لکن جريبن تائين وڃي پهتي، سواءِ ربيع واري پوک جي جنهن ۾ ڪڻڪ، جوَ، چڻا ۽ سرنهن وغيرهه شامل آهن. انهن پرڳڻن مان ڏهاڪي پٺيان ٽيهارو چاليهارو جي وصولي ٿيڻ لڳي، درٻيلي وارو، پرڳڻو جيڪو بکر جي سرڪار ۾ آهي سو به پوکي راهي ۾ تمام گهڻو آباد ٿي ويو (قسم اول، باب چوٿون، فصل ٻيون).

(1)   تاريخ سنڌ، جي ڇپيل نسخي ۾ ”مارو کهير“ ۽ (ف) قلمي نسخي ۾ ”مارو کهيري“ ثابت آهي. شايد اها ”ماڙِي کير واري“ هجي.

(2)   تاريخ سنڌ ۾ ”سرواهه“ ڄاڻايل آهي (ص 129).

(1)   ساڳي عبارت تاريخ سنڌ ”معصومي“ (ص 129) تي آيل آهي

(2)  ڊاڪٽر دائودپوٽي تاريخ سنڌ جي حاشيه ص 128 تي لکيو آهي ته ڪور واري زمين اصل ۾ ڪهير (کير) آهي. مير معصوم لکي ٿو ته ڇٽ (ڇتر) جي ڳوٺ ۾ هڪ قوم آهي، جنهن کي ڪهيري سيدن جي قوم سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته انهن جي وڏن مان هڪ شخص ڪهير (کير)؟) جي وڻ تي چڙهي، ان کي چهو (سنهون لڪڻ) هڻي، گهوڙي وانگي هڪليو هو ۽ اهڙي طرح اها ڳالھه مشهور ٿي وئي (ص 130).

(3)   موراه (پ).

(1)  تاريخ سنڌ، ۾  لکيل آهي ته سبي ۽ گنجابي واري ايراضي جي صورت حال هن ريت آهي: هڪ ٽڪري سيتپور ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ سان هلندي، رَڪن، سبي ۽ گنجابو ٽپي پاٽ تائين وڃي پھچي ٿي. اتان وڪڙ کائي وري اچي درياهه سان لڳي، انهيءَ جي وچ ۾ بيابان آهي، جتان قنڌار ڏانھن رستو وڃي ٿو. انهي بيابان جي ڊيگهه درياهه کان سبيءَ تائين سـؤ ڪوهه ۽ ويڪر ستر ڪوهن تائين آهي. هتي اونهاري جي مند ۾ پورن چئن مھينن تائين گرم هوائن (جهولي) جو زور هوندوآهي (ص 130).

(1)   مير ابوالقاسم نمڪين، 1003هه ڌاري بکر جي جاگير ۾ پهتو. انهيءَ سال اتان سبيءَ جي سوڀ لاءِ روانو ٿيو. اڪبر نامي ۾ لکيل آهي ته سبي، قنڌار لڳ، هڪ مضبوط قلعي جي صورت ۾ آهي. اهو قلعو اوائل ۾ بکر سرڪار ۾ داخل هو. پوءِ پني قوم جي پٺاڻن ان تي ڌاڪ ڄمائي، جنهن تان سيد بهاءُ الدين بخاري اچ جي عملدار، بختيار بيگ سيوهڻ جي تمندار، بکر جي جاگيردار مير ابوالقاسم ۽ مير معصوم بکري ۽ ملتان صوبي جي فوج کي حڪم مليو ته سبيءَ پھچي پٺاڻن کي ڌت ڪن ۽ جيڪڏهن اهي نه مڙن ته کين مت ڏئي ڇڏين (اڪبرنامه، ص 666-3).

(2)   اوٻاوڙي ۽ گنجابي واري جاگير 1019هه يا 1020 هه ۾، مير ابوالقاسم کي ملي هئي انهي زماني ۾ مير ابوالبقا، قوج عليءَ جي مدد لاءِ پهتو هو.

(1)   هن جو نالو تاش بيگ ۽ لقب تاج خان هو. هي 1020هه ۾ بکر جو حاڪم مقرر ٿيو. 1022هه ڌاري مرزا رستم صفوي جي جاءِ تي ٺٽي جي حاڪميت مليس. اتي ئي 1023هه ۾ فوت ٿيو. (ڏسو مائر الامراء، ص 483-1، ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 397، تحفـﺔ الڪرام ۽ لب تاريخ سنڌ).

(1)   شايد ”بولہ“ (بولو، بُلو) هجي.

(2)   ڏسو تاريخ سنڌ، ص 228- اها جنگ محرم 980هه ۾ لڳي هئي.

(3)   سبي 959هه-960هه، تائين سلطان محمود بکريءَ جي تحويل ۾ هئي (تاريخ سنڌ، ص 186).

(1)   محرم 1000هه ۾ خان خانان سنڌ غصب ڪئي.

(2)   مير ابوالبقا کي اها جاگير 1024هه ۾ ملي هئي.

(3)   مير عبدالرزاق، مظفر خان معموري سال 1024هه (9-جھانگيري) ڌاري ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو.

(4)   سال 1017هه (تذڪره اميرخاني).

(1)  مرزا رستم صفوي (وفات 1048هه) ولد سلطان حسين مرزا ولد بهرام مرزا ولد شاه اسماعيل 10 محرم 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو هو (بيگلارنامہ).

(2)  مير حسام الدين مرتضى خان پٽ جمال الدين حسين انجو. سال 1038هه ڌاري ٺٽي ۾ فوت ٿيو. ان کان پوءِ مير ابوالبقا امير خان (ڪتاب جي مؤلف جو ڀاءُ) ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. بادشاهه نامه ۾ آيل آهي ته جڏهن خبر ملي ته ٺٽي جو صوبيدار مرتضى خان ولد مير جمال الدين حسين خان لاڏاڻو ڪري چڪو آهي، تڏهن امير خان ولد قاسم خان نمڪين کي (جيڪو يمين الدولہ جي نيابت سان ملتان جو حاڪم هو) ان صوبي جي نظامت لاءِ پنج صدي ذات، پنج صدي سوار، ٽي هزار ۽ ٻن هزارن سوارن جي اعزاز سان سرفراز ڪيو ويو. بادشاه نامه (278-1). وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو مائر الامراءَ ص 194-1، ص 139-1، ص 382-3، ص 384-3، ذخيرة الخوانين، ص 117، ص 360).

(1)   حڪيم محمد صالح 1038 کان 1043هه تائين بکر جو فوجدار رهيو (لب تاريخ سنڌ ۽ ضميمه تاريخ سنڌ، مير معصوم)، تاليف محمد بن زنده علي بيگ.

(1)   ابوالقاسم 1045هه ۾ وفات ڪئي ۽ صفہء صفا (بکر) ۾ دفن ٿيو. سندس مزار جو ڪتبو هن ريت آهي:

لاَ اِلہ اِلاَّ اللهُ محمد الرسول الله

فغان از گردش گردون بد عهد

دريغا زين جهانِ عمر فرسا

کہ از بادِ اجل ناگاه بِشکست

بباغستان جان سروِ دل آرا

گل و گلزار اقبال و جواني

ابوالقاسم فروغ بخت والا

سزد گر در فراق او بگريد

بجائي آب، خون چشمِ احبا

چو دلها داغ شد از فرقت او

نوشتم سال فوتش ”داغ دلها“

1045هه

(تذکره اميرخاني، راقم الحروف)

(2)   ذخيرة الخوانين (قلمي 502). شير خان 1040هه ۾ سبيءَ تي ڪاهه ڪئي.

(1)   مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخان، پنھنجي پيءُ جي (وفات 1009هه) وقت، اڪبر بادشاهه پاران ٺٽي جو صوبيدار ٿيو ۽ جھانگير جي دور ۾ کيس قنڌار جي حڪومت سونپي وئي.

(2)   وفات 11 صفر 1021هه.

(1)   وفات 1023هه (ماثر الامراء، ص 483-1، ذخيرة الخوانين، قلمي، ص 397).

(1)   1024هه جي پڇاڙي يا 1025هه جي شروعات ۾ مير ابوالبقا، ان مھم تي روانو ٿي ويو (تذڪره امير خاني).

(1)   مير بايزيد بخاري جلوس جھانگيري جي پندرهين سال (1028هه) ڌاري ٻن هزارن ذاتي ۽ پندرهن سون سوارن جي منصب سان ٺٽي جو صوبيدار ٿيو. ان کان اڳ ۾ هو بکر سرڪار جو فوجدار هو. (مقالات، ص 108). مير بايزيد ٺٽي ۾ وفات ڪئي ۽ مڪليءَ جي قبرستان ۾ سيد جلال بخاري جي ڀرسان کيس دفنايو ويو.  لب تاريخ سنڌ جي مصنف لکيو آهي ته هو 1025هه ۾ بکر آيو هو. وڌيڪ ڏسو تعليقات، نمبر 22

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org