سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي صنعتي اقتصادي ۽ تاريخ

 

صفحو:9  

ترارين جا قسم:

هندي ترارين جا به مختلف نالا هئا، مثلاً: پرمگس (جنھن کي موج دريا به چوندا هئا)، پرالڪ، تراوڪه، روهينيا، مان گوهر، باحري، تورمان، سورمان، نباه. انھن مان موج دريا گهڻو قيمتي هئي. هندي پرالڪ، تراوڪ، ۽ روهينيا قسم گهڻو پسند ڪندا هئا. انھن ترارين کي رات جو پاڻيءَ ۾ رکندا هئا. سندن ڌڪ گهڻو گهاءُ ڪندو هو. باحري قسم به جوهردار هيون. خراسان ۽ عراق جي ڪاريگرن انھن جو نقل ڪيو هو. پر هندستان جهڙيون تيار ڪري ڪونه سگهيا. افغان قبيلا تورمان ۽ سپرمان استعمال ڪندا هئا. بناهه گهڻو خطرناڪ هئي، ان جي زخم جو ڀرجڻ ناممڪن هو. ليڪن سنڌو ماٿريءَ جي ڪاريگرن جون جڙيل تراريون پنھنجو مٽ پاڻ هيون. مثلاً مھراڻ جي ڪناري ليها ۽ بکر جي وچ ۾ حصار گورج جا ڪاريگر جيڪي فولادي تراريون تيار ڪندا هئا، جن جو ڦرکجيءَ جي پنن وانگر هو، تن کي راڻا ۽ قبائلي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. اهي خمدار تراريون گهرا زخم ڪنديون هيون.

ڍالون:

ترار کڻندڙ سان ڍال جو هئڻ ضروري هو. ڍالون اڪثر گورخرن، ڍڳن، هاٿين ۽ گينڊن جي چمڙي مان جڙيل هيون. سنڌ ۾ ان زماني ۾ گينڊا مھراڻ جي ڪناري وارن ٻيلن ۾ هئا. گينڊي جي چمڙي جي ڍالون قيمتي هيون. هندو چمڙي کان پرهيز ڪندا هئا، تنھنڪري ريشم ۽ لوهي ڍالون منقش ۽ مطلا تيار ڪندا هئا. ڪي ڍالون ’ڦري‘ بيد مان جڙيل هيون. چراواه ۽ تلواه به ڍالن جا قسم هئا.

ڪمانون:

سلاطينِ دهليءَ جي زماني ۾ هيٺين قسمن جون ڪمانون رائج هيون: چاچي، خوارزمي، پروانچي، غزنيچي، لاهوري، ڪروري، هندوي ۽ ڪوهي. چاچي گهڻو ڪري توراني فوجي استعمال ڪندا هئا. خوارزمي ڪمانن جا خانا ننڍا ٿيندا هئا. انھن جي زهه گهوڙي جي کل مان ٿلهي جوڙيندا هئا. ان جو تير به ٿلهو هو. پروانچي، غزنيچي، لاهوري ۽ ڪروري، اهي گهڻو ڪري هڪڙي قسم جون هيون. ڪوهي ڪمان سره جي سڱ مان جڙندي هئي ۽ هندي ڪمانون بانس مان جوڙيندا هئا. انھن جي زه به بانس جي هوندي هئي. انھن جو ”تير پري نه ويندو هو. فقط ويجهو مار ڪندو هو، پر گهڻو سخت. امير خسرو مثنوي ”نھ سپھر“ ۾ چاچي کان علاوه لاچي ۽ خطائي، ايبڪ قسم ڏنا آهن. خطائي (چيني) ۽ لاچي (لاچين) ۾ تيار ٿينديون هيون. ڪمانن جي ٻنهي مٿانھن پاسن تي نقاشي به ڪندا هئا. انھن جي ڪاٺي ڊيگهه ۾ چار فوٽ، ٻنهي پاسن کي ڏور يا زه سان ٻڌي جهڪائيندا هئا. چلو گهوڙي، گينڊي، گورخر يا رڍ جي کل مان تيار ڪندا هئا. زه ڇڪڻ واري آڱر کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪڙي منڊي سون، چاندي، بلور، عاج جي پائيندا هئا، جنھن کي زه گير چوندا هئا. هرهڪ تيرانداز پاڻ وٽ اهڙيون ٻه منڊيون (انگشتانا) رکندو هو. ڪمانن جا بعض نالا ”آئين اڪبري“ ۾ ڏنل آهن، جن سان هن صحبت کي واسطو ڪونهي.

تير:

تير گهڻو ڪري بيد ۽ ڪلڪ جا هئا. جن مان ڪلڪ جو تير گهڻو هلڪو هو. انھن تي لوه ۽ فولاد به چاڙهيندا هئا. ڪي تيرڳجهه، شترمرغ، عقاب، باز، ڪنگ، مور، شڪري ۽ هِل جي پرن مان جڙندا هئا. انھن کي زهر ۾ ٻوڙيندا هئا. امير خسرو ”نھ سپھر“ جي پنجين سپھر ۾، هوائي، زميني، برگ بيد، سوري، گزه، تيرگز ۽ بيلڪ تيرن جا قسم ڄاڻايا آهن. ڳئون، مينھن، گڏهه جي هڏن مان تيرن جون نوڪون جوڙيندا هئا. انھن کي به زهر ۾ ٻوڙيندا هئا. سندن زخم مشڪل سان ڇٽندو هو. ورهين تائين ناسور وانگي تڪليف ڏيندو هو. جن کي نوڪ نه هوندي هئي، تن کي تڪو چوندا هئا. ڪن تيرن کي تيرانداز نڙن ۾ وجهي هڻندا هئا. تيرن رکڻ وارين بٿين کي ترڪش چوندا هئا، جي اڪثر چمڙي جا هوندا هئا. اهي ڳوٿريون تيرانداز ڪلھي يا ڳچيءَ ۾ لڙڪائيندو هو. ڪي مخمل جون منقش به ٿينديون هيون. هر تيز انداز پاڻ سان زخمي جسم مان تير ڪڍڻ لاءِ پڪڙ (پيڪان ڪش)  ساڻ رکندو هو.
 


 

نيزا:

عربي، عراقي ۽ خراساني نيزا گهڻو ڪري بيد جا هئا. پر ”آداب الحرب“ باب 11 ۾ ڄاڻايل آهي، ته هندي نيزا، جي نڙن مان جوڙيندا هئا، سڀني کان بهتر هئا: ”پيچ نيزه بهتراز ني هندستان نيست.“ اندريون حصو خالي رکندا هئا، جيئن هلڪا رهن. بگهڙ جي ٽنگ جي هڏي نوڪ ۾ هڻندا هئا، ان لاءِ ته جيئن زخم ڪاري لڳي. حربه هڪڙي قسم جو ننڍو نيزو هو، جو اڪثر بادشاهن جا محافظ پاڻ سان کڻندا هئا.وزوبين ڊگهن نيزن جو قسم هو، جنھن جي لڳڻ سان سوار گهوڙي سميت مارجي ويندو هو. پيل ڪش به نيزي جو قسم هو، جنھن سان هاٿي زخمي ٿي پوندو هو. نيم نيزه، خشت نيره، تير ڪي ننڍن قسمن جا نيزا هئا. تيرڪي تير جيترو هو.299 سوارن وٽ بانس جي دستن جا ڊگها نيزا هوندا هئا. بڙڇي سڄي لوهه مان جڙيل هوندي هئي ۽ بڙڇا پيادن سپاهين وٽ رهندا هئا. سانگ بڙڇن جا مٿا چئن يا ٽن شاخن وارا هئا. مگر ڊيگهه ۾ ننڍا هوندا هئا. سنيهتي، سانگ کان ننڍا ٿيندا هئا. سيلره، سنيهتي کان ننڍو پر سانگ کان وڏو هو. ننڍي قسم جا نيزا ’خورد دستي‘ سڏبا هئا. نيزن جا ٻيا قسم بلم، گرڙسا، پنج مُکي، پندي بلم، لنگي، گڙهيا، علم وغيره.

گرز:

دهليءَ جي سلطانن توڙي مغليه دؤر ۾ گرزن جو رواج هو. ”آئين اڪبري“ ۾ تيموري گرزن جي ڊيگهه اڍائي فوٽن جيتري هئي. سندن ننڍا دستا لوهه جا هئا، جن جا مٿا ٽن قسمن جا گول ٽي لاٽون هوندا هئا. شش پر گرز جو لاٽون وزندار هو. ناچخ به گرز جو قسم هو، جنھن ۾ ترار وانگي ڌار لڳل هئي. اهو شاهي هٿيار هو. ناچخ جي تشريح هن طرح ڪيل آهي.

”سلاح بادشاهانست که هم دوست را شايد هم دشمن را از مهرة ناچخ زنند و بجاي گرز

کارکنند و دشمن را بروي ناچخ زنند، بجاي شمشير کارکند.“

ڌارا ۽ ڪرگز به گرزن جا قسم هئا. ڌارا جي مٿان ڇهه لاٽون ۽ دستو اٺ ڪنڊارو هو. ڪرگز جي مٿان اَٺ لاٽون هئا. سندس قبضو بيد جو هو. ”برهان قاطع“ ۾ هڪڙي قسم جي گرز جو نالو ’چماق‘ ڄاڻايل آهي. ليڪن ”آئين اڪبري“ ۾ ناچخ جو بيان ڏنل ڪونهي.

تبر:

ديلمين جو هٿيار هو، جو سوار گهوڙن جي زين سان ٻڌي کڻندا هئا. پر هندستان ۾ به ان جو رواج هو. ان جي شڪل ڪهاڙيءَ جهڙي هئي. ڪن تبرن جي مٿي تي نيزي جي نوڪ وانگر ڊگهي نوڪ لڳل هوندي هئي. هڪڙي قسم جي نوڪ کي زاغنول (ڪانءَ جي چهنب) چوندا هئا. ڦرجو هڪڙو پاسو ويڪرو، ٻيو نوڪدار هو. بعض ڦرجا ٻئي پاسا نوڪدار هوندا هئا. تبر جي دستن جي ڊيگهه ٻن فوٽن جيتري هئي. ڊگهن دستن وارن کي ’ترنگاله‘ چوندا هئا. تبر کي چقماخ به چوندا هئا. ٻن منھن وارا تبر، جيڪي تيرن جيترا هئا، انھن تي جڙاءُ دار ڪم ڪيل هوندو هو. اڪثر شاهي محافظ ساڻ کڻندا هئا. انھن کي ’چڪر سبوله‘ چوندا هئا. پيازي، جن کي ترڪيءَ ۾ چوگن چوندا هئا، تبر جا قسم هئا.

فلاسنگ:

پٿرن اُڇلائڻ جي کانڀاڻي، جنھن کي فلاخن به چوندا هئا. ريشم يا ڏور مان جوڙيندا هئا، جن سان وزندار پٿر دشمن جي لشڪر تي اڇلائيندا هئا. پٿر جنھن کي مٿي يا ڇاتيءَ تي لڳندو هو مري ويندو هو. اُڦٽ نه مرندو هو، ته به بيحد زخمي ٿي پوندو هو.

ڪمند:

قلعن جي ديوارن تي ڪمند اڇلائي، ان جي وسيلي ديوارن تي چڙهي ويندا هئا. يا جنگ جي ميدان ۾ دشمن جي سوار جي ڳچي ڪمند ۾ ڦاسائي ڇڪيندا هئا. ڪمند جو رواج غزنوي دؤر کان علاوه مغليه دؤر ۾ به رائج رهيو. ڪمند کي ’گو‘ به چوندا هئا.

ڪٽار:

ان لاءِ ”آداب الحرب“ ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آهي: ”سلاح هندوان و هي باکان و غدارانست.“ ترار ۽ خنجر جي شڪل سان هو. سندس ڦر ڪجهه مڙيل هو. قبضي وٽ ويڪر ۾ ٽي انچ ۽ ڇيڙي ۾ هڪ انچ جيترو هو. جهلڻ لاءِ هن ۾ ٻه دستا هئا، جي جهلڻ وقت پاڻ ۾ گڏجي ويندا هئا. ڪٽاري به ننڍو قسم هو دشنه به خنجر جو قسم هو، جنھن جو رواج لاڙ ۽ گجراتين ۾ هو. جمڌر، هن جو دستو ڪٽار وانگر هو، پر ڦر سڌو ۽ موڪرو هو. جنجر جو ڦر ڪجهه مڙيل ۽ دستو ترار جهڙو هو. ان جا گهڻائي قسم هئا مثلاً: جم کاکه، بانڪ، ڪپوه، جنوه، نرسنگهه، موٺ، پيش قبض وغيره. سندن ساخت ۾ ٿورو فرق هو. ڪارد ڪاسائيءَ جي ڇريءَ وانگر اڍائي فوٽ ڊگهي ۽ ڦر ٻه انچ موڪرائي ۾ هو. ڪبتي ڪارد يعني ڊگهي ڇري جا لڪڻ جي اندر پيل هوندي هئي. قمچي ڪارد، ان جي شڪل چهبڪ وانگي هئي. تفنگ دهان نڙيءَ ۾ هڏي يا ننڍا پٿر ڀري وات سان ڦوڪ ڏيئي اڇلائيندا هئا. پشت خار هٿ جي شڪل جو لوهي هٿيار هو. خارماهي، مڇيءَ جو ڊگهو هڏو هوندو هو، جنھن کي پاسن کان ڏند نڪتل هئا. گره ڪشام نيزي وانگر ڊگهي، جنھن جي مٿي سان چانديءَ جو ڦرلڳل هو، جنھن جي نوڪ تکي هئي. اڄ ائٽمڪ دؤر ۾ اهي هٿيار بيڪار آهن.

وڏا هٿيار:

دهلي لشڪر وٽ آتشي هٿيار به هئا. مثلاً بم گولا، توبون. شيرشاهه سوريءَ وٽ وڏيون توبون هيون. مرزا حيدر ”دوغلت“ همايون کي شڪست کائڻ کانپوءِ ڪشمير ڏانھن وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير جي ڏکين پيچرن تي شير شاهه توبون آڻي نه سگهندو.300 قلعن کي ڀڃڻ لاءِ دهليءَ جي لشڪر وٽ منجنيقون ۽ مغربيون ٻه هٿيار هئا. منجنيقن لاءِ امير خسرو چوي ٿو:

چو هستم سپهر است اگر حصن دشمن،

که برجيش هم ز استواريست آهن.

ز همت زنند آن چنان منجنيقي،

که آن بشکند چو ز خارا عقيقي.

که هم مغربي هاز مشرق ز نندش،

هم از غرب کنگر سبک افگنندش.

(نه سپهر)

”ڪلياتِ حسن ساجزي“ ۾ به مغربين ڏانھن اشارو ڏنل آهي:

مغربي چندين هزاران فيل کز خرطوم شان

آسمان را کنگره بر برج هم لرزان شود.

قلعن کي مسمار ڪندڙ سپاهين کي مفرد چوندا هئا، امير خسرو ”قران السعدين“ ۾ چوي ٿو:

هر يکي مفرد که چون او سنگ بردارد بزور،

دست را سازد ستون در زير کوه بيستون.

فوجي انتظام:

شخصي راڄ اندر وقت جو بادشاهه فوجن مٿان ڪمانڊر انچيف هو. حڪومت جي سموري فوج هن جي ماتحت رهندي هئي. ٻين فوجي عھديدارن وانگر جنگ جي ميدان ۾ شامل رهندو هو. سلطان محمود غزنويءَ کان وٺي ويندي ايلتمش، ناصرالدين قباچه، محمد تغلق، فيروز شاهه ، علاءُالدين خلجي، غياث الدين تغلق سمورا جنگين ۾ شريڪ رهيا. پھريان ٻه ته جنگ جي ميدان ۾ شھيد ٿيا. جيڪڏهن بادشاهه ڪنھن سبب ڪري جنگ ۾ شريڪ ٿي نه سگهندو هو، ته شھزادا سندس قائم مقامي ڪندا هئا. مثلاً غياث الدين بلبن جو پيارو پٽ محمد سلطان مغلن سان وڙهندي شھيد ٿيو هو. سلطان جلال الدين خلجيءَ جي ڏينھن ۾ ارڪلي خان ائوڌ جي باغي حاڪم، ملڪ ڇجو جي بغاوت کي مٽايو هو. سلطان علاءُالدين خلجيءَ جي پٽ خضرخان راجپوتانا جي مهم ۾ فوجن جي رهنمائي ڪئي هئي. سلطان غياث الدين تغلق جي پٽ شھزادي جوناخان، تلنگانه ۽ ورنگل فتح ڪيا هئا. محمد تغلق پنھنجي ڀاڻيجي خسروخان کي قراجيل جي مهم تي وڏي لشڪر سان رواني ڪيو هو. انھيءَ طرح تيموري شھزادن کي تيسين ڪومنصب نه ملندو هو، جيسين ڪنھن جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندا هئا.

فوجي عھديدار:

انھيءَ دؤر ۾ سلطنت جو انتظامي نظام بعض اوقات سول جي معزز عھديدارن جي حوالي ڪيو ويندو هو. مثلاً سلطان ناصرالدين محمود جي ڏينھن ۾ الغ خان جو امير حاجب هو، 644هه ۾ ڪوه جواد ۽ نندا نه جي مهم ۾ لشڪر مٿان سپهه سالار ڪري مڪو ويو هو.301 وري جڏهن نائب مملڪت جي عھدي کي پھتو، تڏهن به بعض اوقات فوجن مٿان نگراني ڪندو رهيو. علاءُالدين خلجيءَ جي زماني ۾ نصرت خان وزير هو، پر گجرات ۽ نهرواله هن فتح ڪيا هئا.302 انتظامي معاملات ۾ ملڪ ڪافور علاءُالدين جو نائب هو، پر ديوگري جي مهم ۾ لشڪر مٿان سپهه سالار جي حيثيت ۾ مُڪو ويو.303 مبارڪ شاه خلجيءَ جي ڏينھن ۾ ملڪ دينار ظفر خان گجرات جو والي هو، پر سندس فوجي رهنمائيءَ ڪري سمورو گجرات فتح ڪيو ويو.304 انھيءَ زماني ۾ خسرو خان وزير هو، پر ملڪي معاملات سندس صلاح ۽ مشورن سان طي ٿيندا هئا ۽ وڏين جنگين ۾ هُو بطور سپهه سالار ٿي رهيو.305 فيروز شاهه تغلق جي ڏينھن ۾ خان جھان تاتار خان، ملڪ نائب باربڪ ابراهيم خان، عماد الملڪ بشير سلطاني رزم ۽ بزم ٻنهي ۾ سپاهيانه ڪمال ۽ دانشمنديءَ جا جوهر ڏيکاريندا رهيا.306 لکنوتي جي جنگ ۾ فيروز شاهه جو ميرشڪار ملڪ ديلان ٽيهن هزارن فوجن مٿان سردار هو.307 غرض سول  ۽ فوجي عملدارن جون خذمتون رزم ۽ بزم جي موقعن تي حاصل ڪبيون هيون. صوبن جا والي نائب وزير به هئا ۽ پنھنجن فوجن مٿان سپهه سالار جو عھدو به رکندڙ هئا. ساڳيو طريقو مغليه دؤر ۾ به رائج هو. مثلاً بيرم خان، خان جھان منعم خان نه فقط سلطنت جا مشير هئا، پر ساڳئي وقت فوجن جي ڪمان به ڪندا هئا. صوبن جا گورنر، صوبيدار، ناظم ۽ ڪمانڊر به سڏائيندا هئا. سندن ڪاروبار جو تفصيل ”آئين اڪبري“ ۾ ڏنل آهي.

عارض:

غزنوي دؤر ۾ بادشاهه ۽ شھزادن کانپوءِ وڏو فوجي عملدار ’صاحب ديوان عرض‘ يا ’عارض‘ سڏبو هو. فوجي ۽ جنگي معاملن ۾ بادشاهه جو خاص مشير هو. سندس حيثيت هن دؤر جي وزير جنگ جيتري هئي. وزيراعظم کان سندس رتبو ڪجهه گهٽ هو. فوجن جي سموري جوابداري مٿس هئي. هر سال فوجن جو معائنو ڪندو هو. سپاهين جي وردي ۽ هٿيار جاچيندو هو. بادشاهه به اهڙن موقعن تي موجود هوندو هو. عارض وٽ فوجن جي حاضري، بيماري ۽ موت جو رجسٽر هو، جنھن ۾ حالات درج ڪندو هو. جنگين جي موقعن تي عارض ڪئمپ ۾ حاضر رهندو هو. فوجين، جانورن جي خوراڪ، گاهه داڻي ۽ ٻين ضرورت جي سامان جو انتظام ڪرڻ سندس بلي هو. فوجن جي نقل ۽ حمل لاءِ سهوليتون مھيا ڪرڻ ۽ جنگ جي خاتمي کانپوءِ مالِ غنيمت جي حفاظت ڪرڻ ۽ فوجين کي حصو ڏيڻ سندس ذمي هو. ڪم جي سولائيءَ لاءِ وٽس نائب عارض هو ۽ صوبن جي فوجن کي پگهارن ڏيڻ لاءِ هر صوبي تي جدا عارض مقرر هو. اهي صوبائي عارض وڏي عارض ۽ نائب جي ماتحت رهندا هئا.308 غلامن، خلجين ۽ تغلقن جي ڏينھن ۾ عارض جو عھدو قائم رهيو، پر سندن حيثيت ڪجهه بدلجي ويئي. عرض ممالڪ يا ديوان عرض مَلڪ سڏجڻ لڳا.309 سندس ڪاروبار ساڳيو هو، جيڪو غزنوي دؤر ۾ هو. بادشاهه جي حڪم کانسواءِ ڪو حڪم صادر ڪري نه سگهندو هو. ڪنھن کي نوڪر رکڻ يا برخاست ڪرڻ کان اڳ بادشاهه کان حڪم وٺڻو پوندو هوس. جنگ لاءِ فوجون تيار ڪندو هو، پر سپهه سالار بادشاهه مقرر ڪندو هو. مگر هي عھدو هر دؤر ۾ معزز تصور ڪيو ويندو هو. هن عھدي تي اڪثر معزز امير مقرر ٿيندا هئا. غياث الدين تغلق جي ڏينھن ۾ امير خسرو جو نانو ’عماد الملڪ‘ مامور هو. ’عرضِ ممالڪ‘ بدران راوت ’عرض‘ سڏبو هو.310 بلبن کي مٿن اعتبار هو ۽ سندن ڪمن ۾ ڪو دخل نه ڏيندو هو. سلطان فيروز شاهه جي عھد ۾ عارض جو لقب ڦري ’عمادالملڪ‘ ٿيو ۽ سندس مددگار کي ’نائب عارض‘ جو خطاب ڏنو ويو. مغليه دؤر ۾ عارض جو لقب ’نجشي‘ يا ’بحشي الممالڪ‘ ٿيو. شاهي محل جا محافظ اهلِ ڪشڪ به سندس نگرانيءَ هيٺ اچي ويا. وڪيل السلطنت کانپوءِ وڏو عھديدار نجشي هو.311 پوئين مغليه دؤر ۾ فرخ سير، مير بجشي، سيد حسين علي خان کي اميرالامراء بھادر فيروز جنگ جو خطاب ڏنو هو.

سپهه سالار:

غزنوي دؤر ۾ عارض کانپوءِ سپهه سالار جو عھدو هو. هرهڪ صوبي مٿان ڌار ڌار سپهه سالار مقرر هئا. اهو عھدو شاهي خاندان وارن کي به ڏنو ويندو هو. غزنوي دؤر ۾ سپهه سالار کانپوءِ ’حاجب‘ جو عھدو هو، جنھن جي نگرانيءَ هيٺ پنج سؤ سوار رهندا هئا. حاجب کانپوءِ قائد جو عھدو هو، جنھن جي ماتحت هڪ سؤ سوار رهندا هئا. سندس هيٺان خيل تاش هئا جن جي ماتحت ڏهه ڏهه سوار رهندا هئا. دهلي جي سلطانن جي ڏينھن ۾ سپهه سالار وڏو عھدي دار نه هو. ڏهن سوارن مٿان سردار ’سرخيل‘ سڏبو هو. ڏهه سرخيل هڪڙي سپهه سالار ماتحت هئا. ڏهن سپهه سالارن مٿان ’امير‘ نگراني ڪندو هو. ڏهن اميرن مٿان ’خان‘ سرداري ڪندو هو. خان جي ماتحت هڪ لک سوار هئا، هڪڙي مَلڪ ماتحت ڏهه هزار سوار، هڪڙي امير ماتحت هڪ هزار سوار، هڪ سپهه سالار هيٺان هڪ سؤ سوار، هڪ سرخيل هيٺان ڏهه سوار هئا. بادشاهه جي غيرحاضريءَ ۾ خان لشڪر جي نگراني ڪندو هو. هن کي ’مير لشڪر‘ به چوندا هئا.312 جنگ جي ميدان ۾ هرهڪ فوجي صف مٿان خان نگراني ڪندو هو. اها بادشاهه جي محافظ فوج هوندي هئي. ساڄي بازو ميمنه وارو دستو، جنھن جي عملدار کي سرِ جاندار ميمنه چوندا هئا. کاٻي بازوءَ وارو دستو ميسره جنھن جي اڳواڻ کي سرِجاندار ميسره چوندا هئا. قلب وچ وارا دستا. قربيگ شاهي جهنڊي بردار، جيڪي لشڪر جي ٻنهي پاسن کان بيهندا هئا. شاهي علمبرداري به وڏو فوجي عھدو هو.313 سهم الحشم ۽ شمله حشم پيادن جي نگراني ڪندا هئا. هرهڪ لشڪر سان قاضي، امير، ادبا ۽ ادبڪ رهندا هئا. قاضي نماز جي امامت ڪندو هو. امير، ادبا ۽ ادبڪ سپاهين جي جهيڙن کي نبيريندا هئا.314 هر لشڪر ۾ هڪڙو ڪيفيت نويس رهندو هو، جو فوجن جو احوال لکي بادشاهه ڏانھن موڪليندو هو.315 غزنوي دؤر ۾ ڪيفيت نويس ’صاحبِ بريد‘ سڏبو هو. فوجن جا ٻه قسم هئا: (1) وجهي (2) غير وجهي. پھرين باقاعده فوج ۽ ٻي بي قاعده فوج هئي. خلجي دؤر ۾ في سوار کي ماهوار 234 ٽڪا پگهار ملندو هو. خان جو پگهار هڪ لک ٽڪا، امير کي ٽيھه يا چاليھه هزار ٽڪا ملندا هئا. مَلڪ کي پنجاهه يا سٺ هزار ٽڪا ملندا هئا، پر ساليانو. ڪو امير لشڪر ڏيندو هو، ته هن کي شاهي پروانو ملندو هو ۽ سندس سپاهين کي نقد پگهار ملندو هو. هرهڪ فوجي دستي جي حساب ڪتاب رکڻ لاءِ منشي ۽ رجسٽر مقرر هئا. هر سوار کي خوراڪ، پوشاڪ ۽ گاهه پٺي کانسواءِ معقول پگهار ملندو هو. جهونن سپاهين جي مائٽن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ خاص موقعو ڏنو ويندو هو. شاهي اصطبل جو داروغو، جو لشڪر جي گهوڙن مٿان عملدار هو، امير اخور يا اخربڪ جي لقب سان سڏبو هو. هن عھدي تي به مَلڪ يا ڪوخان مقرر ٿيندو هو. هاٿين جي نگران کي شحنه پيل، اُٺن جي نگران کي شحنه نفر، جنگي هٿيارن جي نگران کي سرِ سلاحدار ۽ شاهي جهنڊن جي نگران کي قوربيگ جا لقب مليل هئا.316 تيمورين فوجي نظم ۽ نسق منصبداري نظام تي قائم ڪيو، مگر عھدا ساڳيا هئا، البت نالن ۾ ڦوري ڦيرڦار ڪئي ويئي. مثلاً شاهي ڪڙه جي عملدار کي آخته بيگي، هاٿين جي نگران کي داروغه فيل، اُٺن جي محافظ کي داروغه شترخانه، آتشي هٿيارن جي نگران کي ميرآتش نالا ڏنا ويا. غزنوي دؤر ۾ امير معزز لقب هو. بادشاهه جو لقب سلطان ۽ شھزادن جو امير هو. فوجي وڏن عملدارن کي فوجي قابليت ڪري امير جو لقب ملندو هو. غورين به ساڳيا لقب ڏنا، پر مَلڪ جو لقب به شروع ڪيائون.

غلام سلاطين جي ڏينھن ۾ شھزادن کي خان جي لقب سان سڏيندا هئا. شير شاهه سوريءَ تائين مٿيون خان جو لقب چالو رهيو. فوجي عملدارن کي به اهو لقب ملندو رهيو، پر سندن فوجي بھادريءَ جي اظهار لاءِ لقب سان دٻدٻي وارا لقب به ڳنڍيا ويا. مثلاً قتلغ خان، الغ خان، ڪزل خان، بغرا خان، طغرل خان وغيره. خان لقب کي وڌيڪ معزز بنائڻ لاءِ ’خانخانان‘ ڪيو ويو. خان جھان ۽ خان معظم فوجي سردارن جا لقب هئا. امير جو لقب هن دؤر ۾ گهٽجي ويو. هندن کي به لقب ملندا هئا، اُهي هئا راءِ، راؤ، راءِ رايان.317 اڪبري دؤر ۾ راءِ رايان جو لقب خانخانان جيترو معزز هو. فوجي سردارن کي بادشاهن پاران جاگيرون ۽ علائقا انعام ملندا رهيا ۽ سندن امتيازي شان کي بلند ڪرڻ لاءِ کين جهنڊا انعام ملندا هئا. هڪڙو خان ست جهنڊا استعمال ڪري سگهندو هو ۽ امير کي ٽن جهنڊن جي اجازت هئي. مغل به سردارن کي قسمين قسمين تحفن، هٿيارن ۽ جاگيرن سان جڙيل، سرپيچ، مرصع تسبيح، مرصع ترار، مرصع خنجر، مرصع ڪلغي، هاٿي، گهوڙ طلائي پالڪين ۽ نقريءَ زين سان، جهنڊا بمع نقارن سميت.318 فوجي مناصب انھن کان علاوه.

عيسوي ٻارهين صديءَ کان چوڏهين صديءَ تائين مھراڻ جي ماٿريءَ کي تاتاري حملن کان خطرو هو. تاتارين جي حملن جو سلسلو لاهور، ملتان ۽ دهلي تائين پھچندو هو. 1233ع ۾ چنگيز جي پٽ چغتائي بلوچستان، مڪران تائين فتح ڪيو هو.319 سنڌ کي دره گومل کان وٺي مڪران تائين خطرو هو. گومل جي لڪ سامهون سنڌ جو تختگاهه ملتان هو. انھيءَ رستي کان 1398ع ۾ امير تيمور جو پوٽو شھزادو پير محمد ملتان پھتو هو ۽ ساڳئي رستي کان امير تيمور ڪاهي آيو هو. ليڪن دهليءَ جي سلاطين جي فوجي قوت مضبوط هئي. شمس الدين ايلتمش، سنڌ ۽ مڪران فتح ڪيا هئا. سلطان بلبن سرحد تي مضبوط قلعا ۽ فوجي چوڪيون قائم ڪيون هيون. لاهور، ديپال پور، ملتان، بکر ۽ سيوهڻ مکيه ڇانوڻيون هيون. مغلن جي ڪاهن ڪرڻ وقت هندوراجائون موقعي مان فائدو وٺي فساد کڙا ڪندا هئا، تنھنڪري دهليءَ  جي بادشاهن کي بيروني حملن کان علاوه اندروني انتظام جي به هروقت ضرورت درپيش رهندي هئي. مثلاً سيوستان (سيوهڻ) جي راجا سهلديو، مغلن جي چرچ تي فساد کڙو ڪيو هو، پر سلطان علاءُالدين خلجيءَ جي لشڪر هٿان قيد ٿي پابجولان دهليءَ ڏانھن روانو ڪيو ويو هو. انھيءَ سلطان جي ڏينھن ۾ غياث الدين تغلق سيوهڻ جي ڇانوڻي ۾ اچي ڀرتي ٿيو هو. هن اڻونجاهه جنگين ۾ مغلن کي شڪست ڏيئي حڪومت کان ’مَلڪ الغازي‘ جو خطاب حاصل ڪيو هو. دهليءَ جي تخت حاصل ڪرڻ کان اڳ ديپال پور جي ڇانوڻيءَ مٿان لشڪر جو امير هو.320 ڌارين ملڪن جا سفير دهليءَ جي بادشاهن جي لشڪر ۽ دٻدٻي کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. 656هه ۾ هلاڪوءَ جو سفير دهليءَ پھتو. سلطان ناصرالدين محمود وڏي شان ۽ شوڪت سان سفير سان ملاقات ڪئي هئي. تاتاري سفيرجي وزيراعظم، خان اعظم الغ خان پنجاهه هزار سوارن ۽ ٻن لکن پيادن ۽ ٻن هزارن هاٿين، ٽن هزارن آتش بازن، نقارن ۽ شرنائن ۽ جنگي باجن سان شھر کان ٻاهر فوجن کي صفن ۾ بھاري سفير جي آجيان ڪئي. سفير فوجن جي زرق برق پوشاڪن ۽ چمڪندڙ هٿيارن کي ڏسي وائڙو ٿي ويو.321 دهليءَ جي لشڪر جي سپه سالارن کي تاتارين وانگر ڊگها چوغا پاتل هئا، جن جي ڳچين، آستينن ۽ ڪلھن تي سوناڪاريءَ ڪم ڪيل هو. سندن ٽوپيون چوڪنڊاريون هيون، جن تي جواهر جڙيل هئا. سندن وار ڪلھن تي لڙڪيل رهندا هئا، جن جون چوٽيون ريشمي هيون. پيادل سپاهين کي به مختلف رنگن جي ڊريس هئي، جيئن جنگ جي ميدان ۾ دوست ۽ دشمن ۾ امتياز رهي. فوجن ۾ ترڪ، چينائي، ايراني، هندو، افغان ۽ سنڌي (مَلڪ ۽ خاصخيلي) ڀرتي ٿيندا هئا.322 بني اُميه وارن جي جهنڊي جو رنگ سفيد، عباسين جو ڪارو، فاطمين جو سائو ۽ غلام سلاطين جو ڳاڙهو، جنھن تي ازدها جي تصوير نڪتل هئي. ڪن جهنڊن تي هلال کانسواءِ مڇيءَ جي تصوير به نڪتل هئي جنھن کي ’ماهي مراتب‘ چوندا هئا.323 بادشاهن جي سواري نڪرڻ وقت، احترام طور عباسين جو ڪارو جهنڊو کڻي نڪرندا هئا. سلطان محمد تغلق ست جهنڊا کڻي ٻاهر نڪرندو هو. اميرن کي ٽن جهنڊن کڻڻ جو حڪم هو. سراج عفيف جي بيان موجب بنگال ۾ شمس الدين سان جنگ ڪرڻ وقت سلطان فيروز شاهه وٽ ست سو جهنڊا هئا. اميرخسرو، خضرخان جي هلالي جهنڊي متعلق فرمائي ٿو:

هلال را تپش را روز تا روز     فلک مي خواست بدرعالم افروز

يوناني، روسي، تاجق ۽ مغل به فوجن ۾ ڀرتي ٿيندا هئا.324 علاءُالدين خلجيءَ جي سنڌ جي والين، نصرت خان ۽ الغ خان سنڌي لشڪر سان گجرات فتح ڪيو هو. هندن کي فوجن ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي زماني کان وڏا عھدا مليل هئا. غزنوي لشڪر ۾ سپهه سالار تلڪ حجام جو پٽ هو.325 قطب الدين ايبڪ وٽ هندن جا سوار دستا هئا، جن کي ’راوت‘ چوندا هئا.326 ڪيقباد ۽ علاءُالدين خلجيءَ جي فوجن ۾ هندو هئا. غياث الدين تغلق جي هڪڙي هندو سپهه سالار جو نالو گلچندراءِ هو. مولانا برني جي بيان موجب هندو سپاهي گهڻو ڪري ڌنوڪ ۽ ڪهار هئا.327 لشڪر جي سپاهين کي صوبن جي خزانن مان چيڪ (اطلاق) ذريعي پگهار ملندو هو. هرهڪ فوجي دستي لاءِ جدا رجسٽر ۽ منشي حساب ڪتاب لاءِ مقرر هو. سلطان علاءُالدين جي لشڪر جو تعداد چار لک پنجهتر هزار هو ۽ محمد تغلق وٽ نَوَ لک فوج رهندي هئي. هن چين ۽ ايران فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، جنھن ڪري خزانو ڏيوالي ۾ اچي ويو. فيروز شاهه وٽ نوي هزار فوج هئي.328 لشڪر کي حڪم هو ته جنگ تي رواني ٿيڻ وقت، جيسين حڪم ملي، تيسين ڳوٺن، کيتين ۽ باغن کي هٿ نه لائين. لشڪر کي ندين ٽپڻ لاءِ ٻيڙو ’بحر‘ مليل هو. ٻيڙين جي نگران کي ’اميرالبحر‘ چوندا هئا. فيروز شاهه تغلق ڄام بابينه سان جنگ ڪرڻ لاءِ نوي هزار سوار ۽ چار سؤ اَسي هاٿين جي دستن سان ديپال پورکان ٻيڙين رستي ساموئي پھتو هو. شاهي فوج جي گهوڙن لاءِ سلاطين وٽ پايه گاه (شاهي اصطبل) هئا.عراق ۽ روم کان گهوڙا خريد ڪندا هئا. محمد تغلق هر سال ويھه هزار گهوڙا خريد ڪندو هو. هاٿي سيلون ۽ گجرات کان گهرائيندا هئا. في هاٿيءَ جي قيمت ساڍا ست هزار روپيا هئي. جنگ جي ميدان ۾ هاٿين جي سونڍن ۾ تراريون ٻڌي ڇڏيندي هئا. ڪوچ ڪرڻ وقت لشڪر کي سيڌي سامان پھچائڻ لاءِ واپاري ساڻ هلندا هئا، جن کي ’بخارا‘ (وڻجارا) چوندا هئا. مالِ غنيمت مان بادشاهه لاءِ پنجون حصو ڪڍندا هئا، باقي لشڪر ۾ ورهائيندا هئا. پيادي جي مقابلي ۾ سوار کي ٻه حصا، بعض ٽي حصا ملندا هئا. بابر ”تزڪ بابري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته هندو مرڻ ڄاڻين، پر وڙهي نه ڄاڻين.

راجپوتن جو جڏهن افغانن ۽ ترڪن سان مقابلو ٿيو، تڏهن هندن جي مدافعت ڪارگر ثابت نه ٿي. جابلو رهاڪن جا جسم مضبوط هئا، جن اڳيان هندن جا پير ڄمي ڪونه سگهيا. ڇاڪاڻ ته افغان ۽ ترڪي سپاهي چست ۽ چالاڪ شهسوار هئا. انھن کي هندستان جي دولت سان بيحد ڪشش هئي. مال غنيمت جي سبب ڪري هر دفعي وڏي تعداد ۾ لشڪرن ۾ ڀرتي ٿيندا ۽ تازه دم هئا. سوار سرعت سان پنھنجن گهوڙن کي موڙيندا هئا. شروعات ۾ سندن گهوڙا هاٿين کان ڇرڪندا هئا، ليڪن رفته رفته عادي بنجي ويا. هندو راجائون هاٿين تي ڀروسو ڪندا هئا. سندن هٿيار به جهوني نموني جا هئا. وري لشڪر به هڪڙي طبقي مان ڀرتي ڪندا هئا. عوام جي وڏي طبقي کي سپهگريءَ لاءِ لائق ڪونه سمجهندا هئا. تنھنڪري عوام کي به انقلابن سان ڪا دلچسپي ڪونه هئي. اهڙن سببن هندستاني سوسائٽيءَ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. ان ۾ شڪ ناهي ته راجپوتن ۾ سپهگري ۽ بھادريءَ جو جوهر هو، ليڪن باهمي اتحاد ۽ تعاون ڪونه هو. اهم موقعن تي مشترڪ ليڊر کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. غرور ۽ تعصب ڪري جدا جدا ٽولين ۾ ورهائجي ويندا هئا. مسلمان جابلو علائقن جا رهاڪو هئا. جنگ جي ميدان ۾ گهڻي محنت ۽ سرگرمي ڏيکاريندا هئا. منجهن تنظيم هئي. قاعدن ۽ قانونن تي پابند هئا. فوجي سردارن جي اهميت ۽ اطاعت کي سمجهندا هئا. ليڪن هندن کي پنھنجي ذات ۽ فرقي جو خيال رهندو هو. سندن نظريي موجب اتحاد مقصد نه هو. نه وري اهڙو خيال رکندا هئا، جو مقصد جي تڪميل لاءِ ضروري هجي. ايران ۽ توران جا سوار تربيت يافته هئا. سندن سپهه سالار بيدار مغز، عالي دماغ فوجي سردار هئا، جيڪي اهم موقعن تي دماغي قوت مان فائدو وٺندا هئا.329

شھري زندگي:

سلاطينِ دهليءَ جي دؤر ۾ سنڌ توڙي برصغير هند ۾ مسلمانن جي مقابلي ۾ هندن جو تعداد گهڻو هو. برصغير ۾ هندن جي رياستن جي ڄار وڇايل هئي. امن جي حالت ۾ مسلمانن سان صلح ۽ سانت سان رهندا هئا. مگر اندروني طور مسلمانن کي ڌڪاريندا هئا. سلطان شھاب الدين غوري، جنھن پھريون دفعو برصغير ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد رکيو هو، هندن تي ڪي شرط عائد ڪيا هئا، جن مان مکيه هن طرح هئا:

”راجائون پنھنجن رياستن اندر رعايا سان انصاف سان هلن. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ مسلمانن سان هندو تعاون ڪن ۽ صلح سان گذرڪن.“

مگر جڏهن مغل ڪاهون ڪندا هئا يا حڪومت اندر ڪو فساد پوندو هو، ته ملڪ ۾ فساد پئجي ويندا هئا ۽ هندو جهٽ بغاوتون ڪندا هئا. سندن راجائن وٽ لکن جي تعداد ۾ لشڪر رهندو هو. ساڻن جنگين ڪرڻ وقت بادشاهن کي سخت دقتون پيش اينديون هيون. مثلاً سلطان ناصرالدين محمود سان راجا هرديو ٻن لکن فوج سان مقابلو ڪيو هو.330 حڪومت جا باغي امير به هندو راجائن کان مدد وٺندا هئا، جيئن ڇلگاني اميرن مان قتلغ خان سلطان محمود خلاف بغاوت ڪرڻ وقت سرمور جي راجا ديپالسنگهه کان مدد ورتي هئي. اسلامي سلطنت جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته مسلمان نوان شھر ۽ ڳوٺ تعمير ڪن ۽ اهڙن شھرن ۽ ڳوٺن کي قلعا ۽ ڪوٽ ڏيارين. مسلمان بادشاهن مسلمانن جي بچاءَ لاءِ وڏن شھرن ۾ محتسب (ڪوٽوال) ۽ قاضي مقرر ڪيا. وچئين زماني جون جيڪي به حڪومتون هيون، تن ۾ ڦرلٽ ۽ رشوت پيل هئي. وچ ايشيا، ايران ۽ عراق ۽ شام کي تاتارين ڦري ساڙي ڇڏيو هو. خيوا، بخارا، نيشاپور، بغداد جهڙا شھر، جي تھذيب ۽ ثقافت جا مرڪز هئا، ويران ٿي ويا هئا. سنڌ ۽ هند ۾ امن امان ۽ آسودگيءَ جو دؤر هو. فوجي ۽ انتظامي لحاظ ڪري چوطرف کان امن امان هو. سلاطينِ اسلام کي رعايا جي آسودگي ۽ امن امان لاءِ اونو رهندو هو. هنن حڪومت جي جوابدار عھدن تي نيڪ ۽ تعليم يافته عملدار رکيا هئا، جيڪي اقرباپروري ۽ رشوت کان پرهيز ڪندا هئا.331 شھرن جا ڪوٽوال شھرين جي حفاظت ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ جوابدار هئا، تنھنڪري کين وڏيون اختياريون مليل هيون. صبح ۽ شام پوليس جو دستو ساڻ وٺي هنٽر کڻي شھرن جو گشت ڪندا هئا. محتسبُ ڏوهاريءَ کي موقعي تي جهلي بروقت سزا ڏيندو هو. شھر جي قاضيءَ کي سندس ڪاروبار ۾ دخل ڏيڻ لاءِ ڪو اختيار ڪونه هو. سندس فيصلن خلاف پبلڪ کي اجازت مليل هئي، ته قاضيءَ کي اپيل ڪري سگهي. محتسب کي وسيع اختياريون انڪري مليل هيون، جو شھر جي صفائي، شفا خانن ، مسافرن، سرائن، مڪتبن، بندرگاهن جي پتڻ، ٻيڙين، رستن ۽ چوسولن، روشنائي، دوڪاندارن جي وڪري جي شين، اگهن مقرر ڪرڻ، غريبن کي شھري دولتمندن جي ڏاڍاين، شرفا جي عزت ۽ احترام ڪرڻ، جوارين ۽ غنڊن کي سزا ڏيڻ، مسجدن ۾ بانگ ۽ صلوات جو انتظام ڪرائڻ، شھرين جي اخلاق کي بلند رکڻ، مٿين سڀني جوابدارين لاءِ ٻڌل هو. ازانسواءِ نشيدار شين تي بندش وجهڻ، جهونين جاين کي ڪيرائڻ، سمورن شھرين جا نالا رجسٽر ۾ داخل ڪرڻ. ڪنھن شھريءَ وٽ ڪو ٻاهريان مھمان ايندو هو، ته سندس نالو رجسٽر ۾ داخل ڪرائڻ ميزبان تي فرض هو. وري جڏهن مھمان ويندو هو ته محتسب کي اطلاع ڏيڻ لاءِ ميزبان ٻڌل هو. شھرن ۾ هندن جو تعداد وڌيڪ هو. مسلمانن جا فقط چند محلا هئا، تنھنڪري محتسب جو هئڻ لازمي امر هو، ته جيئن مسلمان آزاديءَ سان ترقي ڪن ۽ امن ۽ امان سان زندگي بسرڪن. شرابين لاءِ اَسي درا سزا هئي پڻ ٽن مهينن تائين هُن کي آنڌاري ڪوٺيءَ ۾ رهڻو پوندو هو. علاءُالدين خلجي شراب تي بندش وڌي هئي، تنھنڪري شرابين لاءِ هن سخت سزائون مقرر ڪيون هيون. محمد تغلق بيحد سخت هو، مارائڻ کان به ڪونه گسندو هو. دهليءَ جو سمورو دؤر هنگامي گذريو. فوجي ۽ سول عملدارن کي اختياريون مليل هيون. تاهم بادشاهن پاران عملدارن کي تاڪيد ڪيل هئي ته پبلڪ سان اهڙي نموني ۾ پيش اچن، جيئن اهي فوجين جي اخلاق جي تعريف ڪن. شھريت کي غيراخلاقي ادارن قائم ڪرڻ يا خفيه عياشين جي اَڏن ۾ شراب استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪونه هئي. شرع جو احترام ڪرڻ، سلاطين توڙي عوام لاءِ هڪجهڙو هو. ذمين سان اسلام جيڪو عھدنامو ڪيو هو، تنھن جي شرطن تي مسلمان سختيءَ سان پابند هئا. هندن جا فيصلا پئنچائت نبيريندي هئي. ان ڪري هندو مسلم سوال اُٿارڻ جي ڪا گنجائش ڪانه هئي. شين جا اگهه سرڪار مقرر ڪندي هئي، جيئن واپاري رعايا سان ٺڳيون ڪري نه سگهن. شھرن ۾ اُٺ کان وٺي سُئيءَ تائين شين جا اگهه مقرر هئا. خريدارن کي حڪم هو ته ضرورت کان وڌيڪ شيون خريد نه ڪن. ذخيره اندوزيءَ جي سخت ممانعت هئي. وڏن شھرن ۾ سرڪاري دوڪان ’سراء عادل‘ جي نالي سان کليل هئا، جتان ضرورت جون شيون عوام خريد ڪري سگهي. واپارين ديسي خواهه بديسي شين مھيا ڪرڻ لاءِ سرڪار وٽان مالي امداد ملندي هئي. هرهڪ شھريءَ وٽ راشن ڪارڊ رهندو هو. ڪارڊ ڏيڻ جو انتظام شھر جو رئيس ڪندو هو. راشن ڪارڊن جو طريقو، جو پوءِ پاڪستان ۾ رائج ٿيو، اها رسم دهليءَ جي بادشاهن رائج ڪئي هئي.332 رفاه عام جي ڪمن تي حڪومتون دل کولي پئسو خرچ ڪنديون هيون. هڪ پاسي تاتارين جي سونهري ٽولي ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن کي تاراج ڪري رهي هئي، ٻي پاسي برصغيرِ هند ۾ آسودگيءَ جو دؤر هو. محتسب، جنھن کي ڪوٽوال يا ’صاحبِ شرطه‘ چوندا هئا، رات جو پوليس جو دستو وٺي شھرن جي محلن جي نگراني ڪندو هو. محلن جي مدبرن کي حڪم هو ته بدڪارن ۽ غنڊن جا نالا سرڪار کي پيش ڪن.333 ڪوٽوال کي مئجسٽريٽ جون اختياريون مليل هيون. هرهڪ شھر جي ڀروارن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۽ هارين کي حڪم هو ته وٽس شڪايتون پيش ڪن.334 سياسي سازشين کي سزا ڏيڻ جي رسم اسلامي توڙي غير اسلامي حڪومتن اندر سخت هئي. هن دؤر ۾ به سياسي قيدين جي ملڪيتن کي سرڪار ضبط ڪندي هئي. ڪو مسلمان لاوارث مرندو هو، ته هُن جي جائداد تي سرڪار قبضو ڪندي هئي. لاوارث هندوءَ جي ملڪيت سندس قوم جي حوالي ڪندا هئا. غنڊن کي سزا ڏيڻ کان اڳ پوليس کين شھرن مان گهمائيندي هئي.335 گداگريءَ تي محمد تغلق بندش وڌي هئي. بيروزگارن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪوٽوال ذميدار هو. سرڪار زمينون ڏياريندي هئي. عصمت فروشيءَ تي قانوناً بندش پيل هئي. زاني عورت توڙي مرد لاءِ سنگسار سزا مقرر هئي يا زانيءَ کي خصي ڪيو ويندو هو. عطائي ۽ جادوگرن کي ڪرتبن ڏيکارڻ تي بندش پيل هئي.

شھري صنعتون:

ڪپڙي سازي، ڌات سازي، سنگتراشي، شڪرسازي ۽ تيل وغيره شھري هنر بيحد ترقي ڪئي. جڙائودار زيورن جي رواج ڪري زيور سازيءَ بيحد ترقي ڪئي. بنگالي جا سونن زيورن تي سِپ جون ٽِڪون ڪاريگريءَ سان جڙي زيورن ۾ حسن پيدا ڪندا هئا. اُن زماني ۾ اڄڪلھه وانگي شھرن ۾ فئڪٽريون ڪونه هيون. ننڍن شھرن جا ڪاريگر پنھنجو مال وڏن شھرن جي واپارين کي ڏيئي خريد ۽ فروخت ڪندا هئا، يا ميلن جي موقعن تي پاڻ وڃي نيڪال ڪندا هئا. دهليءَ جي بادشاهن ۽ صوبن جي گورنرن وٽ ڪارخانا هئا.336 جن ۾ ريشمي ۽ قيمتي سوٽي ڪپڙن جي علاوه شاهي ضرورتن لاءِ پردا، غلاف، پٽڪا، لونگيون، جوتا، ڪلاه، زينون وغيره تيار ٿيندا هئا. شاهي تحفن جو سامان، باريڪ ململون تيار ٿينديون هيون. شاهانِ دهلي صنعتن تي ڪا پابندي ڪونه وڌي هئي، بلڪ ڪاريگرن جي حوصلي افزائي ڪيائون، ته جيئن هنر ترقي ڪن ۽ آزاديءَ سان مال نيڪال ڪن. علاءُالدين خلجيءَ البت پابندي عائد ڪئي هئي، پر اها انتظامي ۽
 

سياسي سببن ڪري هئي. دهليءَ جي بادشاهن واري زماني ۾ برصغير اندر ڪپڙي سازي جي هنر کي ڪافي اهميت حاصل هئي. ڪپهه، ريشم ۽ اوني ڪپڙا ڪافي مقدار ۾ تيار ٿيندا هئا. ڪپهه جي پيداوار ڪري هي ملڪ هميشه کان مشھور هو. اُن ته ميداني علائقن ۾ رڍن پالڻ ڪري جام هئي، باقي پشم جابلو ملڪن جي اُپت هئي. بنگال ريشم جي اُپت ڪري مشھور هو. وڏن شھرن ۾ زردوزي، رنگسازي، ڪشيده ڪاريءَ جا هنر جاري هئا. هندو خواهه مسلمان اميرن کي ريشمي ڪپڙن جي ضرورت هئي. ڪپڙي سازيءَ جي فروغ ڪري هندستان خود ڪفيل هو. هرهڪ گهر ۾ ڪپڙي اُڻڻ جا آڏاڻا هئا. فقط شادين جي موقعن تي ماڻھن کي قيمتي ڪپڙو خريد ڪرڻو پوندو هو. اميراڻي طبقي کي ململ، سوٽي ڪپڙي، ڪيمخواب، ساٽين، سئمور، پشمينن ۽ ريشمي پارچات جي ضرورت هئي. غريب طبقو سياري ۾ کٿا استعمال ڪندو هو. اميرخسرو شاعرانه انداز ۾ ڪپڙن جي نفاست تي روشني وڌي آهي. ديوگري ڪپڙي سازيءَ ڪري مشھور هو. اتي ڪپڙا نھايت نفيس هئا. عمدن ڪپڙن جا نمونا: براميه، سلاميه، شيرين، ڪتان، رومي، سراج، قباب، جن مان نوعيت ۽ لطافت جو اندازو ڪري سگهون ٿا. دهلي دارالخلافه ململ، ڪيمخواب ۽ ريشمي ڪپڙن ڪري مشھور هو. اميرخسرو توڙي ڊيوريٽ باربوسا ڪپڙي سازيءَ جي تعريف ڪن ٿا. بنگال ۾ ڇهن قسمن جي ململ ۽ ٻين قسمن جا ڪپڙا تيار ٿيندا هئا. ڪن جا نالا هي آهن: بيرام، لذاتي، ڪينتار، دوزار، سينه باف وغيره. علاوه سوٽي، ريشمي ساڙهيون، دهوتيو ۽ رومال به مشھور هئا.گجرات ۽ کنڀات ۾ ڇيٽون، غاليچا، ڪيمخواب،ساٽين وغيره تيار ٿيندا هئا. ڪپڙن کان علاوه دريون، غاليچا، گاديلا، پلنگ پوش ۽ جا نماز به جڙندا هئا. نير جي اُپت ڪري شوخ رنگين ڇيٽون ۽ ساڙهين جي ڪنارن، چادرن ۽ ڄارين تي نقاشڪاريءَ کان علاوه ڪاريگر تحريرون به ڇاپيندا هئا.

ڌات جي سامان مان هندي ۽ سنڌي ترارون مشھور هيون. ڪرج (سنڌ) جون ترارون پھريون نمبر هيون. ترارن کان علاوه بندوقون، برتن، پيالا، چاقو، قئنچيون بهترين قسم جون هيون. سلاطين لاءِ سون ۽ چاندي مان جڙيل هئا، آفتابن، پيالن ۽ پليٽن تي سوناڪاري ڪم ڪيل هو. امير تيمور ڪي ڪاريگر پاڻ سان سمرقند کي سينگارڻ لاءِ وٺي ويو هو.

سنگتراشي ۽ سرون:

هندستاني معمارن جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪابل، غزني ۽ سمرقند تائين نظر اچي ٿو. امير خسرو ڄاڻائي ٿو ته اسلامي دنيا ۾ هندي ڪاريگر سنگتراشيءَ جي هنر ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهن، ڇاڪاڻ ته حڪومت هن فن جي سرپرستي ڪندي هئي. علاءُالدين خلجي سرڪاري عمارتن جي تعمير تي سترهزار ڪاريگر سيهڙايا هئا. فيروز شاهه تغلق پنھنجن چئن هزارن غلامن کي فن معماريءَ جي تعليم ڏيارائي هئي. بابر هتي جي ڪاريگرن جي هنرن کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو هو. آگره جي عمارتن تعمير ڪرائڻ لاءِ 680 ڪاريگر ساڻ وٺي ويو هو ۽ 1491 معمار ٻين شھرن ڏانھن وٺي ويو. ڪاشيءَ جون رنگين سرون به مروج ٿيون.

ننڍيون صنعتون:

سِپ ۽ مرجان، عاج ۽ نقلي جواهرات جا قابل ذڪر هنر هئا. سپ ۽ مرجان جو ڪم گجرات ۽ بنگال جا ڪاريگر ڪندا هئا، جو حقيقت ۾ عمدو هو. هندستان ۾ عقيق عمدي قسم جو لڀندو هو. عاج مان عمديون شيون جڙنديون هيون. ڪاريگر عاج مان چوڙا، ڪنگڻ، ترارين جا قبضا مھارت سان تيار ڪندا هئا. انھن تي ڪاري ڳاڙهي، نيري مختلف رنگن جي نقاش ڪاري ڪندا هئا. نقلي موتي به تيار ڪندا هئا. ڌارين ملڪن جا سياح ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. مصنوعي پکي ۽ گل ٻوٽا بنگالي ڪاريگر تيار ڪندا هئا. ڪاٺ جو ڪم به بهترين قسم جو ٿيندو هو. گهرو سامان جهڙوڪ پلنگ، ڪرسيون (چوڪيون)، ديوار گير ۽ برتن به ڪاٺ مان تيار ڪندا هئا. سنڌ ۾ جنڊيءَ جو ڪم ۽ روغني برتن جڙندا هئا. ڪاغذ سازي ان ۾ شڪ ناهي ته چينائي توتن جي وڻن جي ڇوڏن مان ڪاغذ تيار ڪندا هئا، جن کان عربن اهو هنر سکيو هو. انھن سمرقند ۾ اڳڙين مان ڪاغذ جوڙڻ جو ڪارخانو کوليو هو. برمڪين جي ڪوشش سان بغداد ۾ ڪاغذ جڙندو هو. تنھن کانپوءِ گاهه مان بنگال ۾ اڇو ڪاغذ تيار ٿيڻ لڳو، جو هرڻ جي کل وانگي نرم ۽ چڪنو هو. بعد گجرات ۾ ڪاغذ سازيءَ ترقي ڪئي هئي. دهليءَ ۾ ڪتب فروشن جا دوڪان هئا. سنڌ ۾ مغليه دؤر ۾ پھريون دفعو لاڙڪاڻي ۾ ڪاغذ جڙڻ لڳو هو. کنڊ، بنگال ۾ ڳاڙهي ۽ اڇي داڻيدار جڙڻ لڳي، جا سڀني شھرن ۾ وڪامندي هئي. هرهڪ شھر ۾ مٺاين جا دوڪان هئا. چمڙي سازي جي هنر بيحد ترقي ڪئي. محمد تغلق ساليانو ڏهه هزار گهوڙا تحفن طور ورهائيندو هو. انھن لاءِ ذينن ۽ لغامن جي ضرورت درپيش هئي. علاوه ترارن جون نيامون به چمڙي مان تيار ڪندا هئا. ڪتابن جي جلدن لاءِ به چمڙي جي ضرورت هئي. کنڊ لاءِ ڳوٿريون به چمڙي مان تيار ڪندا هئا. گجرات ۾ چمڙي جون ڳاڙهيون ۽ نيري رنگن جون نرم چادرون جڙنديون هيون، جن تي پکين ۽ جانورن جون تصويرون ڏنل هيون. گجراتي ڪاريگر ٻڪري، ڳئون، مينھن ۽ گينڊن جي چمڙي جي صنعت جا ماهر هئا. انھن تي طلائي ۽ نقرئي ڪم ڪندا هئا. سنڌ ۾ منصوره کانپوءِ ملتاني جتيون مشھور هيون. اڄ به سنڌي موچي ملتاني چمڙو ڪتب آڻين ٿا. افسوس! جو بعض هنر ڪن ذاتين تائين محدود هئا، جن جي مري کپي وڃڻ کانپوءِ سندن هنرن جو سلسلو به بند ٿي ويندو هو.

نظامِ سلطنت:

شخصي راڄ ۾ جيڪڏهن وقت جو حاڪم بيدار مغز هوندا ته رعايا کي انصاف پلئه پوندو. پر جيڪڏهن حاڪم ۾ ڪي ڪمزوريون هونديون، ته اُن جو اثر رعايا تي پوڻ لازمي آهي.

محمود غزنوي:

دنيا جي جليل قدر بادشاهن مان ٿي گذريو آهي. مشرق جي بادشاهن ۾ سندس نالو عزت ۽ احترام سان پڙهڻجڻ ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس دؤر ۾ رعايا کي خوشحالي ۽ امن امان حاصل هو. البت هن کي مال ميڙڻ جو حرص دامنگير هو. هڪڙو بھادر سپاهي هو، جنھن هڪڙي جابلو سلطنت کي وسيع شهنشاهت ۾ بدلائي ڇڏيو. گبن ۽ لين پولي جهڙا مؤرخ هُن جي تعريف ڪن ٿا. جنگين ڪندي لذت محسوس ڪندو هو. هن ڪاهون ڪيون، خونريز معرڪا لڳا، شھرن ۽ مندرن کي لٽيو، غلام بنايائين؛ ليڪن ڪنھن کي قتل ڪونه ڪرايائين، نه وري ڪنھن عورت جي عصمت ريزيءَ جو ڪٿ مثال ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن کي ظلم کان نفرت هئي ۽ عدل پسند هو. هڪڙي ناظم جي حيثيت ۾ رعايا جي خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو.337 هندستان ۾ سندس ڪاهن جو سلسلو مٿرا، ڪالنجر ۽ سومناٿ تائين محدود رهيو. پر اُلھندي ۾ خراسان، خوارزم، طبرستان، عراق، فارس، جبال، نيمروز، طخارستان، بلادِ غور سندس قبضي ۾ هئا. ترڪستان جي حاڪمن به سندس آڻ مڃي هئي. سندس شمار ايشيا جي فاتحن ۾ هو. علوم ۽ فنون جي هُن سرپرستي ڪئي هئي. صوبن جي حاڪمن جي نگراني سندس وزير ڪندو هو. افسوس! جو سندس پويان هن وانگي قابل ڪونه هئا. حڪومت جي جوڙجڪ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. جيئن مغليه دؤر جي شهنشاهن اورنگزيب تائين قابليت سان حڪومت هلائي، مگر سندن پويان حڪومت هلائڻ ۾ ناڪام ٿيا هئا. محمود فطري طور اعتدال پسند ۽ فياض ۽ سخت گير به هو. سندس پٽ مسعود رياضي دان، بھادر ۽ علم پرور هو، پر سندس قسمت کوٽي هئي. سلطنت جا ڪيترائي صوبا ايشيا ۾ وڃائي ويٺو. آخرغزنيءَ جي سلطنت 1206ع ۾ غورين هٿان ختم ٿي. علاءُالدين (جھان سوز) غزنيءَ کي برباد ڪري ڇڏيو. پنجاب جو صوبو، جتي لاهور ۾ غزنوي حڪومت ڪندا هئا، پوئين حاڪم خسرو ملڪ کي شھاب الدين غوريءَ شڪست ڏيئي، غزنوين جو خاتمو ڪيو.

شھاب الدين:

غوري 1192ع ۾ ملتان، سنڌ، لاهور ۽ 1191ع ۾ اجمير جي پرٿوي راج چوهاڻ کي ترائين جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي اجمير ۽ دهليءَ تي قبضو ڪيو. هيءَ جنگ هندستان جي تاريخ ۾ اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن هندن کي شڪست ڏيئي ترڪن جي حڪومت جو هندستان ۾ پايو وڌو. 1194ع ۾ هن قنوج فتح ڪيو. تدبير ۽ تعميري ڪمن ۾ شھاب الدين صلاحيتون رکندڙ هو. محمود فقط دولت حاصل ڪرڻ جي ارادي سان سترهن ڪاهون ڪيون هيون. شھاب الدين اسلامي سلطنت جو بنياد وڌو. هندن جي ڪمزوريءَ مان هن پورو فائدو ورتو. هن کي اولاد ڪونه هو. تنھنڪري پنھنجي حڪومت پنھنجن وفادار غلامن کي ورهائي ڏيئي ويو. 1206ع ۾ قطب الدين ايبڪ غلام دهليءَ جي تخت تي ويٺو.

غلام سلطنت جو نظام:

غلام سلطنت جون حدون ڪڏهن وڌنديون ۽ ڪڏهن گهٽنديون هيون. اُتر ۾ هماليه جي ترائي ۽ اٽڪ کان وٺي، بنگال جو اتريون حصو، اتربھار، بنديلکنڊ، گواليا، رڻٿنڀور، اجمير، ناگور، لاهور، ملتان، سنڌ، مڪران دهليءَ جي ماتحت هئا. اُتر اولهه ۽ اوڀر پنجاب، گنگا ۽ جمنا جي دو آبه وارو اتريون حصو، راجپوتانا ۽ بنديلکنڊ جون هندو رياستون سندن قبضي کان ٻاهر هيون. وقت جو بادشاهه مطلق العنان هو، پر عدل ۽ انصاف جا سرچشما هئا. هو پاڻ قانون جوڙيندو هو ۽ پاڻ کي رعايا جو غير مذهب حڪمران تصور ڪندو هو. ساڳئي وقت مسلمانن جو مذهبي رهبر به هو. سندس اختياريون وسيع ۽ غير محدود هيون ۽ عملي طور محدود به هيون. علماء ۽ صلحاء جا مشورا به ٻڌندو هو ۽ عوام جي بغاوتن ڏانھن به ڌيان ڏيندو هو. اهڙي حالتن ۾ ملڪ جي روايتي قانونن جو به احترام ڪندو هو. فوجي قوت جي ضرورت ڪري بلبن پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪندو هو. باقي ايلتمش ۽ ٻيا اميرن جي صلاح ۽ مشھوري سان حڪومت هلائيندا هئا.

وزراء:

مرڪز ۾ چار وزير هئا. (1) وزير (2) عارض ملڪ (جنھن جو بيان فوجي نظام ۾ ڏنو ويو آهي) (3) ديوان انشا (4) ديوان رسالت. وزيراعظم آمدني ۽ مالي کاتن جي ذميدارين کان علاوه ٻين وزيرن جي نگراني ڪندو هو. فوج سان هن جو تعلق ڪونه هو، پر فوج ڪشي ڪرڻ ۽ سپاهين جي پگهارن جي نظرداري به ڪندو هو. ايڏي ڪاروبار لاءِ وٽس نائب به رهندو هو. سندس ماتحت دبيرن، ڪاتبن ۽ محاسبن جو وڏو عملو رهندو هو. سڀني کان وڏي محاسب کي ’مشرف الممالڪ‘ يعني محاسب اعليٰ جو لقب مليل هو. مستوفي ممالڪ آڊيٽر هو. ’ديوان انشا‘ شاهي فرمانن ۽ احڪامن کي قلمبند ڪندو هو. سندس ماتحت دبيرن ۽ ڪاتبن جو وڏو ٽولو هوندو هو، جيڪي سفر ۽ حضر ۾ بادشاهه سان گڏ رهندا هئا ۽ بادشاهه جون سموريون ڳالهيون قلمبند ڪندا هئا. ’ديوان رسالت‘ وزير خارجه وانگر ٻاهرين ملڪن سان خط و ڪتابت ڪندو هو. ٻاهرين ملڪن مان جيڪي ايلچي يا سفير ايندا هئا، تن سان تعلق رکندو هو. انھن وزيرن کانسواءِ ’بريد الممالڪ‘ ماتحت واقعه نويس ۽ جاسوس رهندا هئا، جيڪي مرڪز کي خبرون پھچائيندا هئا. قاضي ممالڪ جو عدل، انصاف ۽ مذهبي امور جي نگراني ڪندو هو. خاص طور مذهبي معاملات جي سلسلي ۾، سندس لقب ’صدر جھان‘ يا ’صدر الصدور‘ هو. وڪيل جو درجو وزير کان گهٽ، پر ممتاز عھدو هو. سندس ڪم هو شاهي محلات جي نگراني ڪرڻ. سڀني کان وڌيڪ بادشاهه وٽ سندس قربت هئي. تنھنڪري بااثر سمجهيو ويندو هو. سندس وساطت سان عوام توڙي امير بادشاهه سان ملاقات ڪري سگهندا هئا. ڪن بادشاهن نائب مملڪت به مقرر ڪيا هئا، جن کي وڏي وزير کان وڌيڪ اختياريون مليل هيون. پھريون نائب بلبن مقرر ٿيو هو. مرڪزي وزير بادشاهه مقرر ڪندا هئا. اُهي پاڻ کي بادشاهن جا ملازم سمجهندا هئا ۽ بادشاهه اڳيان جوابدار هئا. باقي ماتحت کاتن مٿان سندن اختيار هلندو هو. پر جڏهن ڪو بادشاهه نابالغ هوندو هو، ته اميرحاوي رهندا هئا، پر جيڪڏهن بادشاهه طاقتور هوندو هو، ته سڀ دٻيل رهندا هئا.

صوبائي حڪومتون:

صوبن کي ’اقطاع‘ ۽ اتي جي حاڪمن کي ’مقطع‘ سڏيندا هئا. جيئن اڄڪلھه گورنر ڪوٺجن ٿا. سندن اختياريون وسيع هيون. مگر سمورا هڪجهڙا ڪونه هئا. اُهي مقامي روايتن جو ضرور خيال رکندو هئا. عھديدار مقرر ڪرڻ سندن مرضي تي ڇڏيل هو. صوبي جي ڍلن مان جيڪا آمدني ٿيندي هئي، اُن مال مان خرچ جي پورت ڪندا هئا. باقي جيڪي بچندو هو، سو مرڪز کي موڪليندا هئا. مرڪز کي حق هو ته خرچ پکي جي رجسٽرن جي پڙتال ڪري. ٻيءَ طرح گورنر آزاد هئا. صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ شاهي فرمانن جي تعميل ڪرڻ سندس فرائض هئا. وقت جي بادشاهه کي جيڪڏهن فوجن جي ضرورت پوندي هئي ته صوبيدار لشڪر موڪليندو هو. گونر کي وڏو پگهار ملندو هو، جو صوبي جي آمدنيءَ مان کڻندو هو. وٽس لشڪر کان علاوه وڏو تعداد زيردست عھديدارن جو هو. صوبن اندر جيڪي ڍل ڀريندڙ هندو رياستون هونديون هيون، تن کان ڍل به اُڳاڙيندو هو. مالي نظام جو احوال اقتصادي حالت ۾ ڏبو.

عدالتي کاتو:

پريوي عدالت ته خود بادشاهه جو عدل گستريءَ ۾ پوري مساوات برقرار رکندو هو. هُو پاڻ مقدما هلائي فيصلا صادر ڪندو هو. سندس دربار عدالت عاليه هئي، جنھن ۾ اپيلون پھچنديون. هيون. ڪي اهم مقدما ابتدائي حالت ۾ پاڻ فيصلو ڪندو هو. مذهبي فيصلن ڪرڻ وقت صدرالصدور ۽ مفتيءَ کان مدد گهرندو هو. ٻيءَ صورت ۾ قاضي القضاة ساڻ رکندو هو، جنھن جو عھدو بادشاهه کانپوءِ سڀني کان وڏو هو. صوبن جي قاضين مٿان به صدر جھان نگراني ڪندو هو. صوبن جي قاضيءَ وٽان جيڪي اپيلون وٽس پھچنديون هيون تن جا فيصلا ڪندو هو. قاضي به پاڻ مقرر ڪندو هو. دادبڪ ۽ اميرداد به اهم عھديدار هئا، جن جي حيثيت شھرن جي ماجسٽريٽرن جهڙي هئي. هندن وٽ پئنچايتون هيون. اُهي پنھنجا فيصلا انھن معرفت ڪندا هئا. مگر هندو ۽ مسلمان جي جهڳڙي کي قاضي فيصلو ڪندو هو. شھرن ۾ پوليس جو وڏو عملدار ڪوٽوال هو، جنھن کي مئجسٽريٽ جهڙيون اختياريون مليل هيون. مجرمن کي سخت سزائون ملنديون هيون. غلام سلطنت جي هيءَ عام پاليسي هئي ته علائقن جي زندگيءَ ۾ دخل ڏنو نه وڃي. انھن ڳوٺاڻن کي بنيادي پئنچايتن جا حق ڏيئي ڇڏيا هئا، ته پنھنجا اندروني جهڳڙا پاڻ نبيرين. اها آزادي کين ڏنل هئي. مسلمانن جي مذهبي امور جي نگراني ڪرڻ لاءِ تغلقن جي ڏينھن ۾ شيخ الاسلام جو عھدو قائم ڪيو ويو. کاتن مٿان خانداني ۽ ايماندار عملدار مقرر ڪندا هئا. ”مسالڪ الابصار“ ۽ ”عجائب الاسفار“ ۾ کاتن ۽ عھديدارن جي ورهاست جو بيان هن طرح ڏنل آهي:

کاتا ۽ عھديدار:

(1)  نائب سلطان:                   بادشاهه جي غير حاضريءَ ۾ قائم مقامي ڪندڙ.

(2)  قاضي القضات:               عدالتي کاتي جو سڀ کان وڏو عملدار.

(3)  اميرڪوهي:                    زراعت جي نگراني ڪندڙ.

(4) ميرداد:                           قاضيءَ اڳيان وڏن ملزم اميرن کي پيش ڪندڙ.

(5) باربڪ:                دربار ۾ اميرن جو تعارف ڪرائيندڙ.

(6) ميرعرض:             جنھن اڳيان درخواستون پيش ڪندا هئا.

(7) عرض ممالڪ:                 لشڪر ۽ فوجين جو معائنو ڪندڙ.

(8) مستوفي تمام:       آڊيٽر جنرل. ديوان مراسلات ۽ غلامن جي کاتي جي به نگراني ڪندو هو.

(9) بخشي فوج:                   لشڪر جو خزانچي.

(10) ميرعمارت:                    حڪومت جو چيف انجنير.

(11)  شرف الملڪ:                 مالي کاتي جو ناظم.

(12) وڪيل در:           شاهي محلات جو ڪليدبردار.

(13) ديوان اشراف:                   اعليٰ محاسب.

(14) ميرآخور:             شاهي ڪڙه جو نگران.

(15) اميرشڪار:                    شاهي شڪار گاه جو مهتمم.

(16)  حاحب:              لارڊ چيمبرلين.

(17)  اميرفيلان:           شاهي هاٿين جو نگران.

(18)  اخبارنويس:          غير ملڪين جي آمدورفت، مھانڊن ۽ لباسن جي چڪاس ڪندڙ ۽ رجسٽر ۾ درج ڪندڙ.

(19)  شيخ الاسلام:                مذهبي امور جو نگران

ريونيو عملدار:

(1) شقدار (2) عامل (3) مُحصِل (4) خوط (5) مقدم (6) چوڌري (7) پٽواري (8) خزانچي (9) ديوان اُستخراج (عاملن کان بقايا وصول ڪندڙ) (10) فوجدار مال کاتي جو مئجسٽريٽ.

دربار ۽ محلات جا عھديدار:

(1) دادبڪ (2) باربڪ (3) نائب باربڪ (4) حاجب الحجاب (5) سردوات (بادشاهه جو قلمدان سنڀاليندڙ). (6) سرجامدار (بادشاهه جون مکيون اڏائيندڙ ۽ مورڇل گهمائيندڙ) (7) شربدار (شاهي شربتن جو نگران) (8) مهردار (شاهي مهرن جو محافظ) (9) نائب حاجب (10)  خريطه دار (سلطاني خطن جو محافظ) (11) مقصدي.

شاهي محلات جي در جو داروغو، جو ايندڙ ۽ ويندڙ جا نالا درج ڪندو هو. جيسين نالو ۽ پتو ڪونه لکائيندو هو، تيسين هن کي اندر وڃڻ نه ڏيندو هو. ماڻھن جو تعداد وقت بوقت درج ڪندو هو. اهڙي رجسٽر کي سلطان پاڻ جاچيندو هو. جيڪڏهن محلات جي دروازي تي ڪو واقعو ٿيندو هو، ته اهو به رجسٽر ۾ داخل ڪندو هو.

(12) چاشني گير:         شاهي دسترخوان تي جيڪي کاڌا پيش ٿيندا هئا، تن کي پھريان چکي ڏسندو هو.

(13) نقيب النقبا:          سونهري عصا کڻي محلات اندر ايندڙ ۽ ويندڙ جي نگراني ڪندو هو.

(14) پرديدار شاهي:       شاهي محلات جي دربانن مٿان آفيسر. هن عھدي تي اميرمامورڪيا ويندا هئا.

(15) خطيب الخطبا:                نماز با جماعت جو امام ۽ خطيب.

(16) رسول دار:            دربار ۾ ايندڙن جو حاجب کي تعارف ڪرائيندڙ.

(17) بشمقدار:             ”مسالڪ الابصار“ جي مؤلف جو بيان آهي ته هڪ هزار مسلح بشمقدار سلطان سان پيادل هلندا هئا.

(18) ميرمجلس:                    شاهي دربار منعقد ڪرائيندڙ.

(19) ناظرباغات:                    شاهي باغن مٿان نگراني ڪندڙ.

(20) خزائن الخاص:                 شاهي جواهرات جو محافظ.

(21) شهنه بازار:           بازار جو نگراني ڪندڙ.

عدالتي کاتي جا عھديدار:

عدالتي ۽ پوليس کاتن مٿان هيٺيان عملدار مقرر هئا:

(1) قاضي القضاة يا صدرجھان (2) قاضي (3) مفتي (4) ميرداد، جو وڏن ڏوهارين جي فيصلن ڪرائڻ ۾ قاضيءَ کي مدد ڏيندو هو. (5) نائب قاضي (6) مفتي ديوان سياست، جو سزائن جي احڪامن جي تعميل ڪرائيندو هو. (7) ڪوٽوال، پوليس جو بالاعملدار (8) محتسب، جو بازار جي شين جي تور ۽ ماپ ۽ عوام جي اخلاق جي نگراني ڪندو ۽ مرڪز کي واقعاتن کان باخبر رکندو هو. (9) حاڪم مئجسٽريٽ- (10) منهي. جاسوسي ڪندڙ، لشڪرين ۽ شھري آبادين جون خفيه رپورٽون روانيون ڪندا هئا. هن کاتي ۾ لائق ماڻھن کي ڀرتي ڪندا هئا. ڀنگي به جاسوسيءَ جو ڪم ڪندا هئا. قاضي القضاة بادشاهن کان به ڪونه ٽرندا هئا. کين وڏي عزت هئي.

ٽپال جو کاتو:

ٽپال جي کاتي کي ’بريد‘ چوندا هئا. ٽپال لاءِ سوار ۽ پيادا ’هرڪارا‘ مقرر هئا. هي کاتو علاءُالدين خلجيءَ قائم ڪيو هو ۽ محمد تغلق هن کي ترقيءَ تي پھچايو. ٽپالي سوار کي ’اولاغ‘ چوندا هئا. هرڪروه (ميل) تي ٽپال جون چوڪيون (دهاوه) قائم هيون. حڪومت هرهڪ چوڪيءَ تي ڪوشڪ (آرام گاهون) ۽ خانقاهون تعمير ڪرايون هيون. جتي خانقاه جي شيخ پاران مسافرن کي کاڌو، پاڻي ۽ پان ملندا هئا. ”ابن بطوطا“، ”مسالڪ الابھار“ ۽ ”تاريخ مبارڪ شاهي“ ۾ ٽپال متعلق مفصل بيان ڏنل آهن. ٽپال نيڻ جي رستن جي ٻنهي پاسن کان مسافرن جي آسائش لاءِ وڻ لڳايا ويا هئا. ٽپالين کي پگهار بدران قابل ڪاشت زمينون حڪومت پاران مليل هيون. سوار ٽپالين کي سرڪاري گهوڙا مليل هئا. سوار چئن ميلن کانپوءِ بدلايا ويندا هئا. پيادل هرڪارن لاءِ هرهڪ ڪروه (ميل) ۾ چار چوڪيون مليل هيون. هرهڪ چوڪيءَ نزديڪ ڳوٺ ٻڌل هئا، ته جن جي ٻاهريان هرڪارن لاءِ برج جڙيل هئا. هرهڪ برج ۾ پيادل ٽپالي ڪمرڪشي تيار رهندو هو. جن وٽ ٻه گز ڊگهي لٺ هوندي هئي، جنھن جي مٿي ۾ ٽامي جي گهنگهرن جو ڇڳو ٻڌل هيو. جڏهن ٽپال کڻي ڊوڙندا هئا ته گهنگهرون وڄندا هئا، جيئن عوام کي خبر پئي ته سرڪاري ٽپالي وڃي ٿو. هڪڙي هٿ ۾ لٺ ۽ ٻئي ۾ خطن جو بنڊل کڻي ڊوڙندو هو. ايندڙ برج جو ويٺل ٽپالي گهنگهرن جو آواز ٻڌي، هڪدم نڪري خطن جو بنڊل وٺي ڊوڙندو هو. انھيءَ طرح ٽپال مرڪز کي پھچندي هئي. اهي ٽپالي بعض خراسان جا تازا ميوا ٿالهين ۾ ڀريل بادشاهه کي پھچائيندا هئا.قاتل مجرمن کي کٽ تي کڻي بادشاهه وٽ پھچائيندا هئا. دولت آباد، دهليءَ کان چاليهن منزلن جي مفاصلي تي، چاليهن ڏينھن جي پنڌ تي هو. سلطان محمد تغلق لاءِ ٽپالي گنگا جو پاڻي پھچائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو بادشاهه گنگا جو پاڻي پيئندو هو. انھيءَ رستي جي ٻنهي پاسن کان بيد جا وڻ پوکيل هئا، ڄڻ باغن مان رستو لنگهندو هو ۽ اهو رستو معبر (ڪارو منڊل) ۽ تلنگانه تائين ويندو هو. اهڙي معقول انتظام ڪري بادشاهه کي صوبن جي ٽپال ڏورانھين ڏيھه ۾ پھچندي هئي. هر چئن فرلانگن تي سرڪاري سرائون جڙيل هيون، جتي مسافرن کي سرڪار پاران کاڌ ۽ جانورن لاءِ گاهه پٺو ملندو هو. مسافر پاڻ سان کاڌ ۽ خوراڪ جون شيون ساڻ ڪونه کڻندا هئا. هرهڪ منزل تي سراءِ کان علاوه مسجدون، کوه ۽ دوڪان موجود هئا، گويا رستو باغن ۽ بازارن مان لنگهندو هو. دهليءَ کان دولت آباد تائين خاص خاص منزلن تي نقارخانن جو انتظام ڪيل هو. جڏهن بادشاهه ڪنھن شھر مان لنگهندو هو ته نقارا وڄندا هئا. انھن جوآواز نون قسمن جو هو، جن مان فتح، شڪست، خوف، رنج، دشمن جي حملي، مدد لاءِ درخواست، بغاوت، ڌاڙن، وليعھد جي ولادت، شادي، موت يا جشن جي خبر پئجي سگهندي هئي. شھرن جي دروازن جي بند ٿيڻ ۽ کلڻ جي خبر پوندي هئي. اهڙن واقعاتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ خاص خاص آواز مقرر هئا. هرهڪ ڪروه تي ’ڪوس مينار‘ لڳل هئا، جن جي ڪري مسافرن کي مسافت جي سڌ پئجي سگهندي هئي. سيوهڻ کان دهلي براه ملتان پنجاهه ڏينھن جو پنڌ هو، ليڪن مرڪز کي ٽپال پنجن ڏينھن اندر پھچندي هئي. انهلواڙا (گجرات) کان ٽپال ٽن ڏينھن اندر دهلي پھچندي هئي.338 ٽپال کاتي جو بالا عملدار ’صاحب بريد‘ سڏبو هو ۽ ٽپال کاتو ’بريد ممالڪ‘ سڏبو هو. ٽپالي مرڪزي حڪومت چونڊيندي هئي ۽ ٽپالين جي تعليمي لياقت جو جائزو ’پبلڪ سروس ڪميشن‘ وٺندي هئي. بعد انھن کي صوبن ڏانھن روانو ڪيو ويندو هو.


 

299 ”آئين اڪبري“ ۾ بعض هٿيارن جو تصويرون ڏنل آهن.

300 ميرزا حيدر ”دوغلت“: ”تاريخ رشيدي“، مترجم: سر ڊينيسن راس، لنڊن 1893ع، عبدالله محمد بن امراء المڪي آلاصفي الغ خان: ”ظفرواله به مظفرواله“، لنڊن 1921ع، ص 480.

301  ”طبقات ناصري“، ص 5. 2.

302  ”برني“، ص 239- 241.

303  ايضاً، ص 326.

304 ايضاً، ص 388.

305 ”برني“، ص 399.

306  ايضاً، 391.

307 سراج عفيف: ”تاريخ فيروز شاهي“.

308 ”بيهقي“ ج 1 ۾ مفصل بيان ڏنو آهي.

309  ”برني“، ص 174- 197- 348- 423.

310 تاريخ فخرالدين مبارڪ شاه ۾ لکيل آهي ته هندن جي سوار دستن کي راوت سڏيندا هئا، لنڊن 1927ع، ص 252- 251.

311 مير بجشي يا بحشي الممالڪ لاءِ ڏسو ”آئين اڪبري“، ج 1 دفتر 2.

312 ضياءُالدين برني: ”تاريخ فيروز شاهي“، ص 366، 441.

313 ايضاً، 331.

314 ايضاً، 361- 358.

315 ايضاً، 331.

316 ”شمس سراج عفيف“ ص 337، 340.

317 ضياءُالدين برني: ”تاريخ فيروز شاهي“، ص 31- ”طبقات اڪبري“، ج 2 ص 425.

318 ”تزڪ جھانگيري“، ص 158.

319 آر.هيوز بلر: ”امپيرئل گزيٽر آف انڊيا ج بلوچستان“، ڪلڪتو 1908ع، ص 252- 251

320  ديپال پور، ضلع منٽگمري ۾ پاڪپٽن کان 28 ميل اڀرندي طرف بياس نديءَ تي واقع هو. هاڻوڪي اوڪاڙا ريلوي سٽيشن کان 17 ميل ڏکڻ طرف هو. هي شھر ٽن ميلن ۾ هو. منجهس 84 مسجدون هيون. تيمور جي ڪاهه وقت ملتان جيڏو هو. راجا ديوپال، تعمير ڪرايو هو. بطليموس ’ديداليا‘ جي نالي سان لکيو آهي. ”عجائب الا سفار“، ج 2، ص 88-90.

321   اڪبر شاه خان: ”آئينه حقيقت نما“، ج 4، يونائيٽيڊ پريس انڊيا، لکنو، ص 252- 251.

322  امير خسرو ”تغلق نامه“، اورنگ آباد، 1933ع، ص 122.

323 اي- گبن: ”زوال روما“ج 1، لنڊن 1892ع، ص 30.

324  ”تغلق نامه“، ص 378.

325 ابوالفضل بيهقي: ”تاريخ آل سبڪتگين“، ڪلڪتو 1862ع، ص 513-765.

326  ”تاريخ فخرالدين مبارڪشاه“، لنڊن، 1927ع، ص 33.

327  ”برني“، ص 145.

328 سراج عفيف، ”فرشته“ ج 1 ص 205 لکنو، ص 293- 292.

329 سيد صباح الدين عبدالرحمان: ”هندستان کي عھد وسطيٰ کي ايک ايک جهلڪ“، معارف 1958ع، ص 19-21

330 ابوالحسن بغدادي الماوردي: ”احڪام- سلاطين“، قاهره، 1298ع، ص 243- 244

331 خواجه نظام الدين احمد: ”طبقات اڪبري“، ج 1 ص 336، ڪلڪتو 1827ع.

332  ”برني“، ص 304 - 319.

333  ابوالفضل: ”آئين- اڪبري“ مترجم: بلاڪمئن، ج 3-4، ڪلڪتو، 1877ع.

334 ”برني“، ص 135.

335 ايضاً ص 8. 1- 276.

336  سلاطين بھار ۽ خزان جي موسمن ۾ دربارين ۽ اميرن کي ريشمي ۽ قيمتي ڪپڙن جون خلعتون ڏيندا هئا، تنھنڪري وٽن ڪارخانا هئا. محمد تغلق جي ڪارخانن ۾ چار هزار ڪوري ۽ چار هزار زردوزي ڪم ڪندڙ بيگمات جي ڪپڙن تي طلائي ڪم ڪندا هئا.

337 سي.وي.ويديه جي ”هسٽري آف مڊيول هندو انڊيا“ ج 3 تان ورتل بيان ”هندستان کي
عھد وسطيٰ کي جهلک“، ص 22- 23.

338 ”عجائب الاسفار“، ج 2، دهلي. سراج الدين عمر شبلي، ”مسالڪ الابصار“ ۾ ٽپال متعلق جيڪو بيان ڏنو آهي، سو ابن بطوطه جي بيان سان ٺهڪي ٿو. ابن بطوطه سنڌ جي لاهري بندر کان دهلي پھتو هو. سندس بيان اکين ڏٺو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org