سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي صنعتي اقتصادي ۽ تاريخ

 

صفحو:4  

لٽريچر ۽ آرٽ

(موئن جو دڙو)

ڪنھن ملڪ جي حڪومت جي نظام، صنعت ۽ حرفت، واپار يا تھذيب جو بيان ڏيڻ سان اُن ملڪ ۽ سندس باشندن جون حالتون غير مڪمل ۽ ايترو ڪارگر ثابت ٿي نه سگهنديون، جيسين هن جي علمن، فنن ۽ سائنس تي روشني نه وجهبي. علم اهڙي نعمت آهي، جنھن کي بيان ڪرڻ سان هڪڙي ملڪ ۽ قوم جي دماغي قوتن ۽ ذهانت جي پهلوئن کي اسين معلوم ڪري سگهون ٿا. پنج هزار ورهين جي سنڌ جي اتهاس دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن مغربي عالمن مصر جي خط تمثال ۽ بابل جي خط پبڪاني کي معلوم ڪري مٿين ملڪن جون تاريخون مرتب ڪيون. هنن فيصلو ڪيو ته واديء فرات ۽ دجله ۽ مصر جي نيل ماٿري دنيا ۾ تھذيب ۽ تمدن جا مرڪز هئا ۽ انھن ملڪن مان تمدن جا چشما وهي نڪتا هئا، جن کان فنيقيا ۽ يونان ۽ ايران وارن روشني ورتي هئي. ليڪن 1922ع ۾ موئن جي دڙي جي آثارن، دنيا وارن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو ۽ انھن تسليم ڪيو ته مھراڻ واري تھذيب، جا پنھنجي نوعيت ۾ غير معمولي حيثيت رکي ٿي، ڪنھن به طرح عراق ۽ مصر جي تھذيبن کان گهٽ ڪونه هئي.99 فرق صرف هي آهي ته مغربي محقق بابل ۽ مصر جي خطن کي معلوم ڪري انھن ملڪن جي قدامت، تاريخ ۽ جاگرافي، سماجي حالتن، نفسيات، ماديات ۽ روحانيت کي کولي بيان ڪيو آهي، جنھن مان مٿين ملڪن جي دماغي قوتن، ايجادن، عقيدن جا خط و خال نمايان نظر اچن ٿا. بدقسمتيءَ سان موئن جي دڙي واري نڪتل خط کان اڃا سوڌو غير واقف آهن. يعني ته تاريخ جي آڳاٽن سنڌين، جن وٽ پنھنجي مادري زبان ۽ خط هو، جنھن کي مغربي دانشور معلوم ڪرڻ کان عاجز آهن. ليڪن ايڏي اونداهي هوندي به موئن جي دڙي مان نڪتل شين کي ڏسندي ۽ جاچيندي، چئي سگهجي ٿو ته تاريخ جي زماني کان اڳ جا سنڌي علم کان بھرور هئا. ازانسواءِ عمارتسازي، ڪپڙي سازي، جھاز سازي، مصوري، برتن سازي، واپار جهڙن فنن کان واقف هئا ۽ متمدن قومن سان سندن تعلقات قائم هئا. ڪجهه سنڌين ڌارين قومن کان پرايو.  مثلاً هنن ڪلديا ۾ واپار سانگي ڪوٺيون وڌيون هيون، جتان بابلين کان جوتش وديا سکيا. سالن، مهينن، هفتن، ڏينھن، گهڙين ۽ بدلجڻ موسمن کي معلوم ڪرڻ کانسواءِ تور ۽ ماپ جي اوزارن کان واقف ٿيا. اڄ اسان وٽ جيڪو هلالي مهينو ۽ تورڻ لاءِ وزن ’مڻ‘ رائج آهن، سي اسان کي پنھنجن وڏن کان ميراث ۾ مليل آهن ۽ اسين سنڌي موئن جي ويران دڙي واري علم کي صدين کان سانڍيندا اچون ٿا، جي زنده جاويد آهن.100 انھيءَ طرح مٺي مھراڻ جي سون اپائيندڙ زمين جي پيداوارين ڪري متمدن دنيا جون قومون، جيڪي تھذيبن جون علمبردار شمار ٿين ٿيون، اُهي زندگيءَ جي ضروري شين ۽ تھذيبن جي آرائشي سامان هٿ ڪرڻ لاءِ سنڌين اڳيان محتاج هئا. سنڌين جي تاريخ ايترو جهوني آهي، جيترو مھراڻ. جنھن جي زعفران زار مٽيءَ مان سنڌين جو خمير جڙيل آهي. سنڌي شين جا نالا توريت، بائيبل کان سواءِ ڌارين جهونين ٻولين ۾ نظر اچن ٿا، ۽ اهي سنڌ جي عظمت لاءِ سندون آهن. مثلاً: توريت ۾ سنڌ جون باريڪ ململون ’سندين‘ نالي سان ڏنل آهن. اهو باريڪ ڪپڙو مصر جي جراح حڪيمن کي ممين ٺاهڻ جي ڪتب ايندو هو. بائيبل ۾ ’توڪيم‘ (Tukim) لفظ ’مور‘ لاءِ ڪتب آندل آهي، جو تامل زبان جي لفظ ’ٺوڪائي‘  (Thokal) جو مخفف آهي. سنڌ جا مور، باندر، صندل، سوٽي ڪپڙو ۽ ڪپهه شط العرب جي بندر اُفير کان حضرت سليمان عليھ السلام جي ٻيڙي بيت المقدس جي دربار تائين پھچايا هئا. سنڌ جي چانورن کي يونانين ’اوريزا‘ oryza نالو ڏنو هو. اڄ به پشتو ۾ چانورن کي ’اوريج‘ چون ٿا. سنڌ جا ’شالي‘ چانور جي ڪوئيٽا، پشين واديءَ جي پيداوار هئا، مشھور چيز هئا. پڻ هومر جي اشعارن مان هتي جي گهوڙين جو ڏس ملي ٿو. چانورن کان علاوه، يونانين ڪارن مرچن کي ’پيپالي‘(Pippalli) نالو ڏنو. اڄ به لاڙ جا باشندا ڪارين مرچن کي ’پپري‘ چون ٿا.101 افسوس هي آهي ته بعض تاريخن ۾ سنڌ کي ’سائوٿ انڊيا‘ يعني ڏکڻ هندستان ڏيکاريو  ويو آهي، جو جاگرافيڪل نقطئه نظر سان توڙي جو صحيح آهي. سنڌ، ڏاکڻي هندستان جو صوبو آهي، جنھن جو ڪنارو هندي سمنڊ تي واقع آهي. پڻ سنڌو ماٿري ڏکڻ ايشيا ۾ آهي، پر ڏکڻ هندستان جي معنيٰ عام طور پڙهندڙ دکن تصور ڪن ٿا. سنڌ جي قدامت کي هن وقت چار يا پنج هزار ق.م. شمار ڪن ٿا. پر مسٽر ڪينڊي جو مضمون، جو ”اَرلي ڪامرس آف بئبيلونيا وٿ انڊيا“ (Early commerec of  Byblonia with india) جيڪو رسالي ”دي جرنل آف دي رائل ايشياٽڪ سوسائٽي“ جي سال 1894ع ۾ شايع ٿيو هو، تنھن ۾ جيمس ڪينڊي واپار جي قدامت کي 800، 700 ورهيه ق.م. ڏيکاريو آهي. بھرحال، اسين هن بحث کي ختم ڪندي فقط هيٺين لفظن تي اڪتفا ڪيون ٿا ته سنڌين جي تھذيب تاريخ جي زماني کان  گهڻو اڳ اوج تي پھتل هئي، جڏهن عراقي ۽ مصري تمدن اڃا ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ مھراڻ جي ماٿري علمي لحاظ سان هڪ درسگاهه هئي.

 

سنسڪرت لٽريچر:

2000 ق.م. آريا شريف قوم سنڌ جي ماٿريءَ کي وطن جوڙيو. سندن زبان سنسڪرت هئي، جنھن جي معنيٰ آهي سڌريل زبان. سنڌ کي هي شرف حاصل آهي ته آرين جو پھريون ڌرمي شاستر ”رگويد“ آرين جي مھارشين پوتر مٺي جل واري مھراڻ جي ڪئنٺي تي قلمبند ڪيو هو. يعني ته هندو ڌرم جي ابتدا به سنڌ مان ٿي پوءِ سڄي ڀارت تي پکڙجي ويو.

(1) ”رگويد“آرين جي جهوني اتهاس تي روشني وجهي ٿو.  تنھن کانپوءِ ”يجر ويد“ تصنيف ٿيو. جيئن ”رگويد“ ۾ اگني ۽ اندر وغيره ديوتائن جا منتر ۽ قواعده درج آهن، تيئن ”يجر ويد“ ۾ يگيه متعلق قواعد درج آهن. ٽيون ”سام ويد“ جنھن ۾ ڀڄن ڳائڻ لاءِ منتر ڏنل آهن. سنگيت وديا جو هندستان ۾ بيحد ترقي ڪئي، ان جو مکيه سبب هو ته راڳ ۽ ناچ هندو ڌرم جا جزو آهن. غرض ”سام ويد“ فنِ موسيقيءَ جو خزانو آهي. اوهان پڙهي چڪا آهيو ته فنِ موسيقيءَ متعلق نقارا، شرنايون، ناد، گهنڊ، جھانجهه، گهنگهرو، ڍولڪ ۽ بين ايجاد ڪيا ويا. چوٿون ”اٿرويد“، جنھن ۾ هر قسم جي تڪليف ۽ دکن کي دور ڪرڻ لاءِ منتر ڏنل آهن.

(2) ويدن جي تشريح لاءِ برهمڻ پنڊتن ”برهمن گرنٿ“ تصنيف ڪيا ۽ هرهڪ ويد جي تشريح لاءِ ڌار ڌار گرنٿ آهن، جن ۾ يگيه، قربانين جا طريقا ۽ برهمڻن جا فرائض بيان ڪيل آهن.

(3) ويدڪ تشريح لاءِ گهڻائي ”اپنشد“ تصنيف ڪيا ويا جن مان 12 گهڻو مشھور آهن. خدا تعاليٰ، روح، ماده سان تعلقاتن، دنيا جي آغاز ۽ انجام وغيره سوالن تي منجهن بحث ڪيل آهي. جيئن ويد ڪولبروڪ معرفت يورپ پھتا، تهڙي طرح اپنشد جو فلسفو جرمن، لاطيني، انگريزي، فارسي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا آهن.

(4) ”درشن“- آريائي فلسفو ڇهن درشنن ۾ ورهايل آهي يعني Six School of Philosophy انھن ڇهن شاخن کي درشت سڏين ٿا. سندن شمار شاسترن ۾ آهي. اهي هن طرح آهن.

(1) ڪپل جو ”سانک شاستر“ مادي ۽ روح کي ازلي تسليم ڪري ٿو ۽ مادي جي تبديليءَ کي دنيا تسليم ڪري ٿو.

(2) پاتنجلي جو ”يوگ شاستر“ خدا جي هستيءَ کي تسليم ڪري ٿو ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ پرارٿنا جا قانون ڄاڻائي ٿو.

(3) گوتم جو ”نيائي شاستر“ آرين جي علمِ منطق تي بحث ڪيل آهي.

(4) ڪناد جو ”وشيشڪ شاستر“ مادي کي قديم ۽ غيرفاني تسليم ڪري ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو ته دنيا ننڍن ننڍن ذرن مان جڙي آهي.

(5) جيمني جو ”پورو ميمانسا“ ويدن جي رسمن ۽ قربانين تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايت نامو آهي.

(6) ”باد رائن وياس رشيءَ“ جو اترميمانسا، جنھن کي ويدانتا به ڪوٺين ٿا. روح، مادي ۽ ايشور کي هڪڙي شيءِ ڄاڻائي ٿو.

(7) ”سوتر“ قديم دؤر ۾ جڏهن لکڻ ۽ پڙهڻ جو رواج عام نه هو، تڏهن گرو پنھنجن چيلن کي، بزرگ پنھنجي اولاد کي، پنھنجن علمن ۽ تجربن کي مختصر پر جامع لفظن ۾ ياد ڪرائيندا هئا. مٿين مختصر نويسيءَ کي ”سوترا“ چون ٿا. وري جڏهن لکڻ جو رواج پيو، تڏهن ابتدائي پستڪ سوترن ۾ لکجڻ ۾ آيا. انھن جو تعداد ٽي آهي: (1) ”شروت سوتر“ جنھن ۾ خوشي (شادي) غمي (موت)، جنم، گهريلو زندگيءَ متعلق هدايتون ڏنل آهن. (2) ”ڌرم سوتر“ منجهس وراثت، جائداد جي ورهاڱي، حڪومت جي طريقن جو بيان ڏنل آهي. مٿيان مشھور سوتر آهن. ”منو سمرتي“ انھن سوترن ۾ لکيل آهي.

(8) منوسمرتي هڪ هزار ورهيه قبل مسيح آريا قوم جي وڏي عالم منوءَ هندن جي قانونن متعلق ”منوسمرتي“ (منوشاستر) تصنيف ڪيو، جو هندن لاءِ مستند ڪتاب آهي. هن قانون دان ذاتين کي چئن طبقن ۾ ورهايو، ۽ هرهڪ ذات لاءِ فرائض ۽ ڌنڌا مقرر ڪيا. پڻ گهريلو زندگيءَ کي چئن آشرمن (دؤرن) ۾ ورهايو: (1) برهم چريه (2) گرهست آشرم (3) بان پرسهت (4) سنياس آشرم. ويدن کان پوءِ ”منو شاستر“ جو درجو آهي، جو 900 ق.م. تصنيف ڪيو ويو.

(9) ”پران“ معنيٰ جهونو: پرانن  ۾ دنيا جي پيدائش، زمين، آسمان، سورگ ۽ نرگ جي بيان کان علاوه (شين) منين، کترين جي بھادرين جا ڪارناما، مشھور راجائن جا نيڪ ڪم اهڙي طريقي سان بيان ڪيل آهن، جو پڙهندڙ سچ سمجهڻ کان گهٻرايو وڃن. انھن مان ”وشنوپران“ ۽ ”متسيه پران“ مان موريا ۽ انڌرا گهراڻن جو ڏس ملي ٿو. شودر، جن کي ويدن پڙهڻ کان منع ڪيل آهي، تن لاءِ پران ڌرمي مقدس ڪتاب آهن. ڇهه پران، وايو، متسيه، برهمند، وشنو ۽ سڪند مشھور آهن. پرانن کانسواءِ بان جو ”هرش چرتر“، هرش جي تاريخ آهي. چانڪيه جي ”ارٿا شاستر“ ۾ حڪومتن جي ڊپلوميسي ۽ سياسي عيارين جو بيان ڏنل آهي، جن کي اختيار ڪرڻ سان چندرگپتا، نندا راڄ کي مٽائي، موريا وارن جي شهنشاهت جو سنگ بنياد وڌو هو.

4 صديون ق.م. ’پينني‘ سنسڪرت زبان جو گرامر تيار ڪري، زبان جي ڏکين لفظن کي سولائيءَ سان سينگاريو. ڇاڪاڻ ته ويد جهوني سنسڪرتي ٻوليءَ ۾ لکيل هئا، جن کي عوام سمجهڻ کان قاصر هو.

”ملينڊا پناها“ مينيڊر سانگلا (سيالڪوٽ) جي انڊو- يوناني راجا جو تيار ڪيل ڪتاب آهي، جنھن ۾ علم اخلاق ۽ حڪمت متعلق ڪي سوال ڏنل آهن. مينيڊر علم پرور ٿي گذريو. گپتا راجائن مان چندرگپت ثاني عام طرح ’وڪرماجيت‘ سڏجي ٿو. 375ع کان 413ع تاءِ اُجين تي حڪومت ڪئي102.

ڊراما:

سندس دربار جا ’نورتن‘ اڪبري دربار جي نورتنن وانگر وڏي قابليت رکندڙ هئا، جن مان شاعر ڪاليداس ڪي ’ڊراما‘ تيار ڪيا، جي اڄ تائين مشھور آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ڪيا ويا آهن. ڊرامن جي رواج جو سھرو يونانين جي مٿي تي آهي. ليڪن سنسڪرت جهڙي مرده زبان کي ڪاليداس جي ڊرامن ڪري جيڪا شھرت حاصل ٿي، ان کان انڪار ڪري نه سگهبو. انھن ڊرامن جي ڪري يورپ جا مستشرق، جهڙوڪ: ڪولبروڪ، سروليم جونس، مئڪسملر، وي.اي.سمٿ، اي. ويبر، مئڪڊونيل، بشپ ڪلاڊويل، وهٽني، گريئرسن ۽ سخائو وغيره سنسڪرت ٻوليءَ جي کوجنا ڪرڻ ڏانھن مائل ٿيا. يورپ وارا ڪاليداس کي هندستان جو ’شيڪسپيئر‘ ڪوٺين ٿا. سندس ڊرامن مان ”شنڪتلا“ (وڃايل منڊي) جي يورپ وارا تعريف ڪن ٿا. ”وڪرما اروسي“،”مالويڪا، اگني مترا“، ”ميگهدوتا“ (ڪڪرپيامبر)، ”رتوسمھارا“، (موسمن جي گردش)، ”رگهو- ومسا“ (سورج ونسي) راجائن جي تاريخ منظوم، ”ڪمارا- سمڀاوا“   (جنگ جي ديوتا جو جنم) جنھن ۾ شو جي جابلو دوشيزه سان عشق جو افسانو بيان ڪيل آهي. مٿين ناٽڪن کانسواءِ امرسنگهه ۽ امرڪوس ان دؤر جون مشھور تصنيفون آهن. راجا هرش جا ٻه ناٽڪ ”رتناولي“ ۽ ”پريه درڪشا“ مشھور آهن ۽ سندس درباري ڀٽ بانا جو ڪتاب ”ڪادمبري“ اڄ به سئنيمائن جي سيمابي پردن تي نظر اچي ٿو. هندي پنڊتن مان ’بيافر‘ جو ڪتاب ”سنگيت وديا“ متعلق مشھور آهي. ڪتاب ۾ راڳن جي ترڪيب ۽ اصولن ۽ اسلوبن متعلق بيان ڏنل آهي. علمِ جوتش به ترقي ڪئي. مشھور نجومي ’برهم گپتا‘ جو ڪتاب ”سڌانت“ جو برهماگپتا، راجا وياگهر کي پيش ڪيو، ڪتاب جو اصل نالو ”اسپي سڌانت“ هو. برهم گپتا هڪڙو زيچ ”کنڊ کاڊيڪا“ به تيار ڪيو هو.102 موريا دؤر جو ناٽڪ ويساداتا جو ”مدرا راڪشا“ آهي.103

علم اخلاق:

تاريخ تي به ڪتاب تصنيف ٿيا. ”مھاومسا“ ٻُڌ جي تاريخ آهي. علم اخلاق متعلق ”ڪليله دمنه“ وشنوسرين جي ڪتاب ”هتواُپديش“ تان حڪيم بيدپاءِ ”پنج تنتر“ تصنيف ڪيو، جنھن ۾ فرضي آکاڻيون ڏنل آهن، جن ۾ حيوانن کي ناطق جي حيثيت سان ڏيکاريو ويو آهي، جو سنڌ جي هڪڙي راجا ساساني شهنشاهه نوشيروان (531- 579ع) ڏانھن تحفي طور مُڪو هو. ايرانين ترجمو ڪري مٿس ”ڪليله دمنه“ نالو رکيو. پوئين مغل حاڪم سلطان حسين مرزا بايقرا جي ڏينھن ۾ هرات جي عالم مولانا حسين واعظ، سلطان جي سپھ سالار نظام الدين بن احمد سهيلي (متوفي 907ع) جي فرمائش سان سندس نالي تي ”انوار سهيلي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. ترڪن ڪتاب کي ترڪي ٻوليءَ ۾ جامو پھرائي مٿس ”همايون نامه“ نالو رکيو، جو 1742ع ۾ شايع ٿيو. پھريون اُردو ترجمو ابراهيم علي بيجاپوري جو 1824ع ۾ شايع ٿيو. جهونيءَ اردو ۾ هئڻ ڪري مدراس واري نسخي کي فقير محمد متخلص ”گويا“ لکنويءَ اُردوءَ ۾ ترجمو ڪري مٿس ”بستان حڪمت“ نالو رکيو. ”انوار سهيلي“ کي اڪبر اعظم جي حڪم موجب علامه ابوالفضل 1557ع ۾ فارسي جامو پھرائي مٿس ”عيار دانش“ نالو رکيو. هن نسخي جو اختصار نولڪشور پريس مان ”نگار دانش“ جي نالي سان شايع ڪيو. بعد گورنر جنرل مارڪئس ويلزلي جي ڏينھن ۾ جان گلکرسٽ، مولوي حفيظ الدين کان ”عيار دانش“ جو اُردو ترجمو ڪرائي ڪلڪتي مان شايع ڪرايو ۽ مٿس ”خرد افروز“ نالو رکيو. ”ڪليله دمنھ“ فارسي، اُردو ۽ عربيءَ کانسواءِ يورپ جي سڀني زبانن ۾ شايع ٿيو آهي. ”چترانگ“، نجومي حڪيم ’ڪنڪا‘ جو مشھور ڪتاب سندس فڪر ۽ عقل جو نتيجو آهي ۽ هڪ عجيب ۽ فنونِ لطيف جو شاهڪار آهي. ’چترانگ‘ جي معنيٰ آهي چار عضوا. سنڌ جي هڪڙي راجا، ايران جي شهنشاهه نوشيروان ڏانھن هن راند کي مُڪو هو، جتي مٿس ’شطرنج‘ نالو پيو. شطرنج جي مهرن جي مخصوص چالن تي غور ڪرڻ سان هڪڙو مقصد هي آهي ته دشمن جي حملن کان محفوظ رهڻ ۽ آفتن کان جان بچائڻ جون تدبيرون معلوم ڪرڻ- هي ڪتاب مهرن سميت عربن معرفت يورپ پھتو. سنڌ جي بهمن آباد جي آثارن مان شطرنج جو سمورو سامان هٿ لڳو هو. فنونِ لطيف جي باب کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪتاب ۾ وڏو خال رهجي وڃي ها ۽ سنڌين جي ذهانت، ذڪاوت، علميت ۽ افڪارتي پردو پئجي وڃي ها.

سنسڪرت جو زوال:

اها زبان جا شريف آريائي قومن جي سڌريل هئي، جنھن جو ڪلاسيڪل لٽريچر دنيا جو جهونو ادبي خرانو آهي، اُن مڪمل شھرهء آفاق ٻوليءَ جا  ’چار ويد‘ جن کي برهمڻ الھامي ڪوٺين ٿا ۽ سندن دعويٰ موجب ’رگويد‘، اگني رشيءَ تي، يجرويد، ’وايو رشيءَ‘ تي، ’سام ويد‘، ’آديته رشيءَ‘ تي ۽ ’اٿر ويد‘، ’انگرار شيءَ‘ تي نازل ٿيا ۽ انسانن جا لکيل ڪونه آهن ۽ انھن جي قدامت لاءِ ’چارُ يگ کڙا‘ ڪيائون. جهڙوڪ: (1) ست يگ، جنھن جو عرصو سترهن لک اٺاويھه هزار ورهيه هو (2) ترتيايگ، جنھن جو عرصو ، ٻارهن لک ڇهانوي هزار ورهيه هو، (3) دواپُريگ، اَٺ لک چوهٺ هزار ورهيه (4) هاڻوڪو ڪل يُگ، جنھن جو عرصو چار لک ٻياسي هزار ورهيه جو اڄ تائين چالو آهي.104 مگر مغربي محققن جي کوجنا موجب سڀ کان جهونو ويد 1200 ق.م. کان 1000 ورهيه آهي، جڏهن سنڌوءَ جي ڪپ تي رشين رگويد جا شلوڪ قلمبند ڪيا هئا. باقي ٻيا ڌرمي شاستر 800 ق.م. قلمبند ڪيا ويا. هن دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ مھاڀارت جي مھايڌ لڳي هئي. ويدن، پرانن، سوترن، اپنشد، منترا کان علاوه ٻيا رزمي ۽ اخلاقي پستڪ آهن. جهڙوڪ: ”رامائڻ“،
”مھاڀارت“ ۽ ”ڀاڳوت گيتا“ آهن. مٿين منطوم شاسترن مان ”رگويد“ ۾ 1028 شلوڪ، 580، 10 چوڻيون، جملي لفظن جو تعداد 826، 153 ۽ جملي سِٽون 000، 30 آهن. ”رامائڻ“ ۾ 000، 39 ۽ مھاڀارت ۾ 000، 20 اشعار ڏنل آهن.105”رامائڻ“  والميڪ رشيءَ، ”مھاڀارت“ وياس رشيءَ ۽ ”ڀاڳوت گيتا“ سري ڪرشن تصنيف ڪيو. ليڪن مٿيان سمورا شاستر فقط برهمڻن کي ياد هئا. باقي عوام طوطي وانگر پاٺ پوڄا ڪرڻ وقت اُچاريندا هئا ۽ 400ع تائين لکڻ جو رواج ڪونه هو. جيڪڏهن ڪجهه هو، ته اهو برهمڻن وٽ محفوظ هو. تعليم گاهون جهنگن جي وڻن هيٺان جيڪي وڏن تنبوئن وانگي هئا يا گرو مهراج جي جهوپڙي. ٽئڪسلا ۽ نلندا يونيورسٽين جو بنياد گهڻو پوءِ پيو. جهنگن ۾ انڪري يونيورسٽيون هيون جيئن برهمڻن ۽ کترين کانسواءِ ٻيون ذاتيون ڌرمي پستڪن جو آواز ٻڌي ڪونه سگهن ۽ ٻين ذاتين جهڙوڪ شودرن لاءِ سخت سزائون منوسمرتي قائم ڪيون هيون، مثلاً شودر اتفاق سان ويد جو ڪو شلوڪ ٻڌي وٺي، ته اُن لاءِ سزا هئي شيهو تپائي سندس ڪنن ۾ پلٽڻ. پر بدقسمتيءَ سان جيڪڏهن ڪو منتر اُچاري، ته سندس ڄڀ وڍي وڃي. انڪري تعليم جو رواج فقط برهمڻ ڪُل لاءِ مخصوص هو ۽ کتري شاگرد گهڻو ڪري راجائن ۽ شاهوڪارن جا پٽ هئا، جن لاءِ تعليم راڄنيتي معاملن لاءِ ضروري هئي. ازآنسواءِ شاگردن لاءِ 23 ورهيه تعليم پرائڻ جو عرصو برهم چريه ۽ گروءَ جي آگيا ۾ گذارڻو پوندو هو. اهڙن شرطن پٽاندڙ راجائن ۽ اميرطبقي کانسواءِ عوام کي ايتري فرصت ڪٿ نصيب هئي، جو دنيوي ڌنڌا ڦٽا ڪري تعليم جو اڀياس ڪري، جا بلڪل ڪٺن هئي؟ مثال لاءِ هڪڙي شاگرد کي ”رگويد“ جون ٽيھه هزار سٽون ياد ڪرڻ ۾ اٺ ورهيه لڳي ويندا هئا، هلالي مهيني جا سال ۾ 360 ڏينھن ٿين ٿا ۽ اَٺن ورهين جي ڏينھن جو جوڙ آهن 2880 ڏينھن مان 384 ڏڻن جا ڏينھن ڪاٽڻ کان پوءِ 2496 پاڇي بچي ٿي. ته ٽيهن هزارن سٽن کي تقسيم ڪبو، ته ان حساب سان هڪڙو شاگرد روزانو 12 سٽون مس ياد ڪري سگهندو هو. اَٺن ورهين کانپوءِ هن کي نجومت، جوتش، رياضي ۽ ٻيا علم سکڻا پوندا هئا. اهڙين مشڪلاتن ۽ پابندين جي ڪري سنسڪرت تعليم جو دائرو فقط هڪڙي متمدن طبقي تائين محدود رهجي ويو. ٻيو ته سنسڪرت زبان گهڻو ڏکي هئي. عوام هن ٻوليءَ کان قطعي محروم هو. تنھنڪري برهمڻن جي زوال سان گڏ سنسڪرت زبان به مرده ٿي ويئي. پراڪرت زبان ان جي پالي خط 500 ورهيه ق.م. جنم ورتو ۽ سُتت سڄي برصغير تي پکڙجي ويئي.

پراڪرت لٽريچر:

500ع ۾ مگده جي ٻن شاهي خاندانن جي بزرگن، جيڪي جين ۽ ٻُڌ ڌرمن جا پايو وجهندڙ هئا، تن جو ڌرمي لٽريچر پراڪرت ٻولي ۽ خروشطي خط ۾ آهي. اهي پستڪ آهن ”پُتاڪا“ ۽ ”جاتاڪا“ مٿيان اوائلي پستڪ پالي ٻوليءَ ۾ آهن، جو پراڪرت ٻولين ۾ سڀني کان جهوني آهي. اڄ سندس رواج سيلون، برما ۽ سيام ۾ آهي. پتاڪا معنيٰ ٽوڪريون، جن جو تعداد ٽي آهي: (1) سَتا (2) وينايا (3) اڀيڌاما. چوٿين ٽوڪري تريپتياڪا عيسوي ٽين صديءَ ۾ تصنيف ڪئي ويئي. انھن ٽوڪرين مان پھرينءَ جا پنج جلد آهن جن ۾ ٻُڌ جو اتهاس ڏنل آهي ۽ وينايا ۾ ٻُڌ جي ڀڪشوئن لاءِ قانون ڏنل آهن. جاتاڪا ۾ گوتم ٻُڌ جي جنم جون 350 آکاڻيون 21 جلدن ۾ بيان ڪيل آهن. انھن آکاڻين مان ڪن ۾ ٻُڌ جو بيان ڏنل آهي، باقي گهڻو ڪري لوڪ اوهام پرستيءَ جون آکاڻيون ڏنل آهن. تاهم اهي دؤر تھذيب ۽ معاشره لاءِ آئينه دار آهن. اهي افسانا عيسوي ٻي ۽ ٽين صدين ڌاري جبلن، ڪوس مينارن ۽ يادگارن تي اُڪريل هيون، جن کي عوام آسانيءَ سان پڙهي ٿي سگهيو. عيسوي پنجين صديءَ ۾ آسوڪا اهڙين عبارتن کي اُتر هندستان تائين اُڪرايو. پالي لٽريچر جئن پوءِ وڌندو ويجهندو ويو. مثلاً پنجين صدي عيسويءَ ۾ شاعر مھاناما ”مھاومسا“ جي تاريخ آهي. ٻيو ڪتاب ”ديپاومسا“ سيلون جي تاريخ آهي. ٻُڌ ڌرم هندن آرين کانسواءِ ونڌيا چل تائين دراوڙ قومن ۾ پکڙجي ويو، جي تعداد ۾ وڌيڪ هئا. نوان شھر ۽ نوان ڳوٺ تعمير ٿيا ۽ وڏين سلطنتن جو بنياد پيو. شروعات ۾ ذاتين جا طبقا قائم رهيا، پر مذهبي نقطهء نظر سان سڀني کي آزادي ملي ويئي. راڄ ۽ ڀاڳ جا مالڪ کتري زراعت پيشي کي لڳي ويا. برهمڻ، جن کي اڳ سراپ ڏيڻ جي شڪتي هئي ۽ راڄڌانين تائين سندن طوطي ٻوليندي هئي ۽ سنسڪرت وديا جا ودوان هئا، واپار کي لڳي ويا. وٽن تحفن ۽ نذرانن جو گڏ ڪيل جهجهو ڌن هو. هنرن ترقي ڪئي. ويش به واپار ۾ حصو وٺڻ لڳا. شودر جيڪي حقارت جي نظر سان عوام ۾ ڏٺا ويندا هئا، هينئر انھن کي همدرديءَ سان سماج ۾ هنڌ نصيب ٿيو. انسان پنھنجن نيڪ گڻن ڪري درجا حاصل ڪرڻ لڳو. ٻُڌ ڌرم زندگيءَ جي شعبن کي نئين موڙ ڏي آندو. ٻُڌ ۽ جين، ويدن ۽ ويدانتا جي بدران آزادي لاءِ ٽي اصول پيش ڪيا ۽ مڪتي پراپت ڪرڻ ’موڪشا‘ (آزادي) جي انتهائي مرحلي لاءِ سچو ڌرم، سچو علم ۽ نيڪ عمل ضروري هئا. انھيءَ طرح قربانين ڪرڻ جي روڪ لاءِ ’اهمسا‘ جو اصول عمل هيٺ آندو هو. انسانن کانسواءِ جانورن کي به آزادي ملي ويئي. غرض ته صلح ۽ امن امان جي معنيٰ هئي ’نروان.‘ نروان تڏهن پراپت ٿيندو، جڏهن انسان دنيا مايا کان منھن موڙيندو. راهبانه زندگيءَ ايترو زور ورتو، جو جهنگن ۽ جبلن ۾ ڀڪشو ديرو دمائڻ لڳا. آسوڪا چوهٺ هزار مبلغ ٻُڌ ڌرم جي تبليغ لاءِ مقرر ڪيا ۽ چوراسي هزار خانقاهون تعمير ڪرايون. سندس دعوت نامه شام، مصر، چينائي ترڪستان، سيلون ۽ چين تائين پھتا. جنھن ڪري نه فقط برصغير جي قومن جو ڌرم ٻُڌ بنجي ويو. پر سڄيءَ دنيا جو ڌرم بنجي ويو. عيسوي ڇهين صديءَ ڌاري برهمڻ ۽ سندن سنسڪرت وديا جو زور گهٽجي ويو ۽ پراڪرت ڌرمي ٻولي بنجي ويئي. پر برصغير مان قطعي تڙجي نه سگهيا. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ سنسڪرت کي سڌارڻ لاءِ پانيني گرامر تيار ڪري سنسڪرت کي آسان ڪرڻ جي ڪوشش ورتي. پراڪرتون قومي زبانون بنجي ويون، جي گهڻو آسان هيون ٻُڌ پالي پراڪرت کي زور وٺرايو، ته جينن وري ’ارڌامگدي‘ پراڪرت جاري ڪئي هئي. حالانڪ پراڪرتون سنسڪرت کان گهٽ درجي واريون ٻوليون هيون. سنسڪرت جو درجو اُتم هو. نه وري برهمڻن جا ديوتا اندرا، شيوا ۽ وشنو مٽجي سگهيا. اڳتي هلي، مھاڪالي ۽ گنيش نوان بت کڙاڪيا ويا. ٻُڌ کانپوءِ ڪي راجائون گهوڙن جون قربانيون ڪرڻ لڳا. جيئن اڳ برهمڻ راجائن کان ڪرائيندا هئا. آسوڪا کانپوءِ ڪنشڪا پنھنجي هڪڙي عالم ’وسومترا‘ کان  ”مھاوڀشا“ ڪتاب تيار ڪرايو، جو ٻڌڪي فلسفي جي انسائيڪلوپيڊيا آهي. 200ع کان 500ع گپتا راجائن جي راڄ ۾ برهمڻن مٿو کنيو. اسواميڌا (گهوڙن جون قربانيون) ڪرائڻ لڳا. گپتا راجائون سندن سرپرستي ڪرڻ لڳا. ٻُڌ ڌرم تي برهني ڌرم غالب پئجي ويو. وڪرمي دؤر ۾ جيڪو لٽريچر وجود ۾ آيو، سنسڪرت ٻوليءَ ۾ هو. پر ڪاليداس پنھنجن ناٽڪن ۾ جيڪا سنسڪرت ٻولي ڪتب آندي آهي، تنھن ۾ پراڪرت لفظ گڏيل اچن ٿا. سنسڪرت ٻولي هڪ هزار ورهين تائين قائم رهي. ڇهين عيسوي صديءَ تائين سندس لٽريچر ترقي ڪندو رهيو. پوءِ عيسوي يارهين صديءَ ۾ هر هڪ صوبي ۾ ڌار ڌار پراڪرتن جنم ورتو ۽ سنسڪرت مرده زبان بنجي ويئي. اهڙين پراڪرتن جو بيان اڳتي هلي ڏبو، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان پراڪرت مان نڪتل آهي.

سنسڪرت سائنس:

هڪ هزار ورهين جي عرصي اندر سنسڪرت ٻوليءَ جي علمائن نظم توڙي نثر ۾ اهڙا گل پيدا ڪيا، جن جي مهڪ پري پري تائين پکڙجي ويئي ۽ دنيا جي قومن انھن کي ڳلي ۾ پاتو. سنسڪرت جيڪا سائنس جي شمع روشن ڪئي، اُن جي روشنائيءَ تان دنيا جي قومن روشني ورتي. اڄڪلھه سائنس جيڪي ترقيءَ جا وسيلا پيدا ڪيا آهن، تن جو بنيادي پٿر سنسڪرت رکيو هو. آسوڪا اعظم هندي قومن کي گڏائي هڪڙي مرڪز تي بيهاريو. سلطنت جون حدون برهمپوترا کان ايران تائين هيون. زراعت ۽ واپار لاءِ قانون ايجاد ڪيا ويا. زمينون سرڪاري ملڪيت هيون، جن جو مالڪاڻو حق هارين کي ڏنو ويو، ته جيئن زمينن جي اُپت وڌي ۽ عوام آسودگيءَ سان زندگي بسر ڪري. اڄ به مملڪت پاڪستان ساڳي مهم شروع ڪئي آهي. زمينن جو حق هارين کي ملي چڪو آهي ۽ انھن کي سرڪار پاران ڀاڻ ۽ تقاويون ملي رهيون آهن، جيئن وڌندڙ آدمشماريءَ جي خوراڪ جي پورت ڪئي وڃي. مختلف حمله آور قومن جي اچڻ ڪري هڪ نئين گڏيل تھذيب جنم ورتو، جنھن ۾ ايراني، يوناني، رومن ۽ چينائي اثر گڏيل هو. زراعت کان سواءِ عمارتسازيءَ جا نوان تعميري نمونا پيش ڪيا ويا. نوان شھر ۽ نوان ڳوٺ تعمير ٿيا. مندرن، مڙهين، خانقا هن کان علاوه جبلن کي ٽُڪي وڏا وڏا ايوان ۽ بُت کڙا ڪيا ويا. سنگتراشيءَ ۽ تصويرڪشيءَ حيرت انگيز ترقي ڪئي. اڄ به انھن فلڪ فرسا مندرن ۽ غارن جي بتخانن کي ڏسي انسان تصويرِ حيرت بنجيو وڃي. سنسڪرت ڌرمي ۽ سرڪاري زبان جي حيثيت ۾ وڏا علمي ڪارناما پيش ڪيا. مثلاً ڊرامن جي آرٽ جو بنياد سنسڪرت وڌو. علم اخلاق تي آکاڻين جي ڪتاب ”پنج تنترا“ جو پڙاڏو يورپ ۽ ايشيا تائين پھتو. ايرانين، عربن، ترڪن ۽ يورپ جي قومن، ان ڪتاب کي پنھنجي ٻولين ۾ ترجمو ڪري، پنھنجو ڪيو. حڪيم چرڪا ۽ ساسورتا جا نالا دوائين ۽ مرڪبات جي ايجادن ڪري يونان تائين پھتا. اڄ سندن کوجنائن جو ڏس آريو ويدڪ ۽ يوناني حڪمت Medical Science مان پئجي سگهي ٿو. هندڪي فلاسافي ۽ مسئله تناسخ اشراقي فلسفي کي جنم ڏنو. ويد، پران، سوتر، منتر، اپنشد، ڀاڳوت گيتا، رامائڻ ۽ مھاڀارت هندي فلسفي جا ڪتاب آهن. گوتم جي نروان به دنيا جي وسعت ۽ خدا جي وحدانيت ۽ نيڪيءَ کي ڪاميابيءَ جو سبب پيش ڪيو ۽ اهنسا جي دعوت ڏني. سنسڪرت لٽريچر، دنيا جي ادبي حلقن ۾ جهونو تسليم ڪيو وڃي ٿو. فن لطيف کي ويدن جنم ڏنو. سنگيت وديا ويدن جي سلوڪن کي سُر سان اُچارڻ ڪري پيو. بيافر جو ڪتاب سنگيت وديا تي مشھور آهي. موسيقي ۽ ساز انساني روح کي ڪيف ۽ سُرور پھچائين ٿا، جن جي ٻڌڻ سان مغموم دلين جون مکڙيون ٽڙيو پون. حساب ۾  Science of  Mathematics سنسڪرت علمائن ٻڙي Zero ايجاد ڪري دنيا کان خراج وصول ڪيو. ٻڙي ٻي صدي ق.م. جي ايجاد آهي. ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته ٻڙيءَ جي موجد پنڊت ڀسڪ اچاريه وڌي خدمت ڪئي آهي. هن پنڊت جي دختر آلجبريا The scien of  Algebra تي ڪتاب پنھنجي نالي تي ”ليلاوتي“ تصنيف ڪيو، جنھن بغداد جي دارالحڪمت پھچڻ کانپوءِ ’الجبر‘ نالو اختيار ڪيو. ڀسڪ اچاريه ۽ برهم گپتا، جاميٽري The science of Geometry کان دنيا کي واقف ڪيو. پنڊت آريا ڀاٽا ڪيترائي سنڌان ايجاد ڪيا. قربانين جي ڏڻن کي ملھائڻ لاءِ ضرور هو ته موسمن جي رد بدل کي معلوم ڪجي، جنھن لاءِ علم جوتش Astronomy ۽ نجومت Astrology ايجاد ڪيا ويا ۽ قطب تارو ڳولي لڌائون ۽ زمين جي گردش 500ع آريا ڀاٽا معلوم ڪئي ۽ اڳتي هلي وراها مهيرا 12 گرهن Zodiac کي تصويرن ۾ ظاهر ڪيو. علم نجوم پھريان قديم سنڌين بابلين کان هٿ ڪيو هو ۽ چنڊ جون منزلون معلوم ڪيون هئائون ۽ ستارن جي وسيلي موسمي هوائون معلوم ڪيون هئائون. ڪلدانين ۽ بابلين کان عربن نجوم حاصل ڪيو هو. علم ڪيميا  Chemistry جو سھرو به سنسڪرت جي مٿي تي آهي. مختلف ڌاتن کي گڏائڻ ۽ پگهاري قالبن ۾ پلٽڻ جو ثبوت به دهليءَ جي فيروز شاهي لاٽ مان پئجي سگهي ٿو، جو 23 فٽ اوچو آهي. حقيقت ۾ اهو ٿنڀو 400 ق.م. جي ايجاد آهي، جنھن کي فيروز شاهه خلجي کڻائي آيو هو. ان کانسواءِ ڌار جو 42 فوٽ اوچو ٿنڀو، يا سلطان گنج جا پتل جا ٻُڌ جا ٿنڀا شاهدي ڏين ٿا ته قديم زماني ۾ هندو هاڻوڪين يوروپين ڀٺين وانگي ڀٺين کان واقف هئا. زيور سازي به هڪڙو مثالي مسئلو آهي. سنگيت وديا لاءِ جيڪي ساز ايجاد ڪيائون، جهڙوڪ دندوڀي (عام نقارو)، آدمبرا (نقاري جو قسم)، ڀومي دندوڀي (ٺڪر تي مڙهيل نقارو)، ونسپتي (ڪاٺ تي مڙهيل دهل)، ڪنداونا (ستار جو قسم)، ڪراڪري (سارنگي جو قسم)، ونا (سؤتارن سان ستار)، وينا (موجوده سارنگي)، تنوا، ٽڪورا موسيقيءَ جا آلات آهن. نادي (بانسري) ، ناد (توتارو)، مٿين آلاتن مان گهڻا اڄ به موجود آهن. البت، انھن جي نالن ۾ ڦيرگهير آهي، مثلاً: تنبور، رباب، سارنگي، جلترنگي ۽ ستار جن جو موجد مشھور شاعر ’طوطي هند‘ امير خسرو چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ سلطان علاءُالدين خلجيءَ جي ڏينھن ۾ ايجاد ڪيا. طبلا، دلربا ۽ مرڌنگ وغيره آلات آهن. هندن جي عقيدي موجب، ناردارشي پرٿوي ۽ آڪاس جي وچ ۾ وينا وڄائيندو، راڳ ڳائيندو وتي ٿو ۽  راڳ انسان جي اندروني حسن کي ظاهر ڪري ٿو. راڳ ۽ ناچ جي محفلن شوا ۽ ڪرشنا جي تصويرن ۾ نظر اچن ٿيون. مٿرا جي گوپين سان ڪرشنا جو نچڻ ۽ ڳائڻ کي ’راس منڊلا‘ چون ٿا. مطلب ته ديوتائن ۽ ديوين جي ريجھائڻ لاءِ هندن لاءِ ناچ ۽ راڳ ڌرمي مسائل آهن. مصوريءَ لاءِ ايلورا، ايلفنٽا، ناسڪ، ڪارلي، سرناٿ ۽ ٽئڪسلا جا بُت، جيڪي جبلن ۾ گهڙيا ويا آهن، آرٽ جو نمونو آهن. انھن لاءِ هڙپا ۽ موئن جي دڙو ثابتي ڏين ٿا ته آڳاٽا سنڌي مصوري بُت سازي کان واقف هئا. 4 ق.م. يونانين شاهدي ڏني آهي ته سنڌي زهرن ۽ دوائن جي علمن کي مخفي رکندا هئا. سنڌ، هڪڙو علم ۽ حڪمت جو ادارو هو. هتان حڪمت جا ڪتاب اسڪندريه جي ڪتب خاني ۽ ايران جي دربار تائين پھتا هئا. ڪپل وستو، راجگري، پتاليپوترا، نلندا (بنارس)، اُجين، سنڌو ماٿريءَ ۾ ٽئڪسلا، سانگلا (سيالڪوٽ) ۽ بهمن آباد يونيورسٽيون هيون. ڇا انھن ڳالهين کي نظرانداز ڪري سگهبو؟


99 سرجان مارشل موئن جي دڙي متعلق ضخيم جلد تيار ڪيا آهن ۽ شايع ٿي چڪا آهن.

100 مئڪس ملر: ”واٽ انڊيا ڪئن اِٽ ٽيچ اَس؟“

      جي.رالنسن: ”انٽرڪورس بيٽوين ايسٽ ۽ ويسٽ بمبئي“.

101 سي. ايس: سري نواس اچاري، ايم. ايس.رامسوامي ائنگر ”هسٽري آف انڊيا“، ج 1، ص 273- 272

102 نوٽ: چانڪيه قديم هند جو يورپ جي ميڪئاولي وانگي سياستدان شمار ڪيو وڃي ٿو.

102 ويبر.اي: ”هسٽري آف انڊين لٽريچر“، لنڊن، 1882ع، ص 273

103 يونانين مان ايڊيپس ”قسمت“ نالي ڊرامو لکيو هو. سوفڪلينر، ايڊپس تي ٻه ناٽڪ لکيا، مگرهنديءَ ۾ وڌيڪ مشھور هئا.

104  جي.سي. مارشمئن: ”ائبرجمينٽ آف دي هسٽري آف انڊيا“، باب 1، لنڊن، 1873ع.

105 ايف. مئڪسملر: ”واٽ انڊيا ڪئن اِٽ ٽيچ اَس“، ص 209- 210.

نوٽ- ”رامائڻ ۽ مھاڀارت“ 300ع کان 100ع جي دؤر جون تصنيفون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org