|
باب ٻيو
جين
ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم
600 ق.م.- 300 ق.م.
600 ق.م. کان 528 ق.م. مغربين جي کوجنا
موجب جين ڌرم جو زمانو شمار ڪيو وڃي ٿو. منومهراج
جي سخت قانونن جي ڪري، ڇهين صدي ق.م. جي پوئين اڌ
واري زماني ۾ برهمڻ ازم جي خلاف ڌرمي انقلابن منھن
ڪڍيو. مختلف فلسفن جا اٽڪل 163 ادارا قائم ٿيا،
جيڪي برهما جي ٻانھن مان پيدا ٿيندڙ غير برهمڻ
کترين جاري ڪيا. انھن ادارن جو وجود ٻُڌ جي آخري
دؤر 711ع تائين قائم رهيو. سندن اصول جين لٽريچر ۾
ڏنل آهن. سندن متا عملي طرح برهمڻن جي ڇوت ڇات
وارن عقيدن جي خلاف هئا. انھن آڳاٽن فلاسافرن
(ٺاڪرن) مان ’رشاڀا‘ پھريون ٺاڪرهو، جو تخت تاج
ڦٽو ڪري، تارڪ الدنيا ٿي، ترٺاڪر جي درجي کي پھتو
هو. جين ڌرم جي باني ’ورڌامنا‘، جو پوءِ پاڻ کي
’مھاوير‘ سڏائڻ لڳو، تنھن کان اڳ 23 ترٺاڪر ٿي
گذريا. پويون ترٺاڪر پرسوا هو، جنھن جين ڌرم جو
پايو وڌو هو. سندس سال 800 ق.م. هو. هن ڳاڻاٽي
موجب منوءَ جي قانونن رائج ٿيڻ کان هڪ سؤ ورهيه
بعد پرسوا برهمڻن جي مخالفت شروع ڪئي هئي. پرسوا،
بنارس جي راجا اسواسينا جو پٽ هو. جينن جي جهوني
اتهاس ”ڪلپا شاستر“ ۾ پنڊت پڌراڀا، جنھن 300 ق.م.
مٿيون ڪتاب تصنيف ڪيو هو، تنھن ۾ ڄاڻائي ٿو ته
جينن جا سمورا ترٺاڪر کتري هئا. پر،سوا عوام ۾ چئن
متن جو پرچار ڪيو هو: (1) ڪنھن به ساهدار جانور
کي ايذاءُ ڪونه رسايو (2) هميشه سچ ڳالھايو، (3)
ڪابه شيءِ نه چورايو، (4) ڪابه ملڪيت پٺيان نه
ڇڏيو. فقط جسم کي ڪپڙن سان ڍڪيو. مھاوير کانئس
اڍائي سؤ ورهيه پوءِ ٿي گذريو، جنھن جو بيان
ڀڌرابا هوءَ، لليتاوسترا ۽ ندا ناڪٿا ۾ ڏنو آهي.
مھاوير جو پيءُ جناتريڪا، ويديها رياست جي ويسيلي
راجڌاني شھر جي ڀر واري ڳوٺ گراما ڪنڊا جو ناميارو
کتري شاهوڪار هو، جنھن ويسيلي جي لچوا راجا چٽيڪا
جي ڀيڻ تريسالا سان شادي ڪئي هئي. مھاوير 467 ق.م.
72 ورهين جي عمر ۾ راجگري جي ڀرواري ڳوٺ پاوا ۾
انتقال ڪيو. هُو 42 ورهين جي عمر ۾ مھاوير ۽ جينا
(فاتح) جي لقب سان سڏجڻ لڳو. هُن پنھنجي پوئلڳن تي
’نيرگرنٿا‘ يعني هٿڪڙين کان آزاد نالو ڏنو. سندس
مئي کانپوءِ هن پنٿ کي چوڏهن پنڊتن زور وٺرايو، جن
کي ’پوروا‘ چوندا هئا. پويان ٻه پنڊت شمڀوتا ۽
ڀدراباهو ٿي گذريا، جن مان ڀدراباهوءَ مھاوير جي
سوانح عمري تصنيف ڪئي هئي. 300 ق.م. جين ڌرم ۾ ٻه
فرق پيدا ٿيا: (1) سوتيامبرا، (2) ڊگمبرا. مگده ۾
زور وڃائڻ کانپوءِ، منجھان ڪي بنگال، مٿرا ۽ گجرات
ڏانھن ويا، جتي اڄ به سندن تعداد گهڻو آهي. سندن
مندر آبو ڏونگر تي آهن. هڪ صدي ق.م. هنن اُجين جي
راجا وڪرما جيت جو سنبت اختيار ڪيو هو.
سڌارٿا، جو مڪتي پراپت ڪرڻ کانپوءِ ’گوتم
ٻُڌ‘ سڏجڻ لڳو، سو نيپال جي ڪپل وستو رياست جي
ساڪيا گهراڻي جي راجا سڌوڌن جو پٽ هو. سندس زمانو
562 ق.م. کان 483 ق.م. ليکجڻ ۾ اچي ٿو. جين ڌرم جي
باني مھاوير جو همعصر هو. گوتم ٻُڌ 480 ق.م.
انتقال ڪيو. مھاوير باهه جي پوڄا ۽ ٻليدان کي
ناقابل تڪريم ڄاڻايو هو. مگر ذات پات جي قيد ۽
سندن اوتارن کي تسيلم ڪيو هو، جيئن برهمڻ ناراض نه
ٿين. گوتم، ذات پات جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ تحرڪ
شروع ڪيو هو. ٻُڌ ڌرم کي موريا خاندان جي راجائن
بيحد زور وٺرايو، جنھن ڪري هي ڌرم سنڌو ماٿري،
بلوچستان، افغانستان، صخدانيا، چين، جاپان، برما،
انڊونيشيا، سيام ۽ سيلون تائين پکڙجي ويو. تعجب
اهو جو اڄ برصغير ۾ ٻُڌ ڌرم گهڻو گهٽ آهي، مگرجينن
جو تعداد وڌيڪ آهي. ٻُڌ لٽريچر جا ڪتاب ’پالي‘
زبان ۾ آهن، جن تان ڊاڪٽرفِڪ صاحب ٻڌڪي تھذيب تي
ڪتاب ’گلڊ رنگ اِن انڊين ڊائي سوشلي‘ تصنيف ڪيو
آهي، جنھن مان اُن زماني جا خدوخال نظر اچن ٿا، جن
جو تفصيل وار بيان ڏيون ٿا:
معاشي نظام، اقتصاديات، صنعت ۽ حرفت ۽ تجارت:
جَين ۽ ٻُڌ مت منوءَ جي ورن آشرم ۾
ڦيرگهير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن برهمڻن جو هڪ صديءَ
کان قائم ڪيل اقتدار گهٽجي وڃي ۽ عوام جي معاشي
حالت ۾ ڦيرو اچي وڃي. مھاوير ۽ گوتم ٻُڌ تحرڪ شروع
ڪيو ته برهمڻ ڄائي ڄم کان اُتم ڪونه آهن، بلڪ ڪنھن
به جاتيءَ جو فرد نيڪ ڪمن ڪرڻ سان برهمڻ ٿي سگهي
ٿو. اعليٰ گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سان انسان اعليٰ بنجي
نٿو سگهي، جيئن برهمڻ دعويٰ ڪن ٿا ته هو برهما جي
مُک مان ڄميا آهن ۽ ان سبب ڪري ٻين ذاتين تي فضيلت
رکن ٿا ۽ اهو سندن موروثي حق آهي. سنڌ، مھراڻ جو
ڏنل تحفو آهي ۽ هتي جي رهاڪن جو گذران ۽ معاشي
نظام جو دارو مدار به مھراڻ تي منحصر آهي. ٻوڏ جي
حالتن ۾ فصلن کي نقصان پھچي ٿو ۽ هتي جا هاري ڍلن
ڏيڻ کان عاجز ٿيو وڃن. پر جي فصل ٻوڏن کان بچي وڃي
ته زميندار، جاگيردار ۽ هاري ساهه پٽين ٿا. شھرن ۾
ان سستو وڪامي ٿو ۽ واپار ترقي ڪري ٿو. جين ۽ ٻُڌ
ڌرم جي رائج ٿيڻ ڪري برهمڻن جو زور گهڻي ڀاڱي
گهٽجي ويو. شخصي راڄ جاراجائون، جيڪي اڳ پيداواري
مان ڇهون حصو بطور ڍل کڻندا هئا، هينئر کين ڏهون
حصو ملڻ لڳو. ليڪن رائج ٿيل قانونن پٽاندڙ غير
زرعي زمينن ۽ لاوارث مرڻ وارن جي ملڪيت تي حڪومت
جو حق هو. راجائن کي وليعھد ڄمڻ وقت رعايا کير ۽
ماکي بطور نذراني جي پيش ڪندي هئي، جيئن انگريزي
دؤر ۾ هندو سرڪاري ڪامورن کي غريب ڳوٺاڻا ٿڌڙيءَ
جي ڏڻ وقت کير ۽ ڌوئنري سان ڀريل گهڙا پيش ڪندا
هئا. راجائون جاگيردارن جي هارين کان ’راجا ڪاريا‘
(بيگر) وٺندا هئا. انھيءَ طرح ڳوٺاڻا، ڪي ايڪڙ
زمين راجائن جي شڪار گاهن طور مخصوص رکندا هئا. هر
هڪ ڳوٺ جو
’گاماڀوڄڪا‘ (پٽيل) ڍلون وصول ڪندو هو. سندس
سرڪاري لقب ’مھامتا‘ هو. جنگين جي حالتن کي منھن
ڏيڻ لاءِ ۽ ڏڪار کي ٽارڻ لاءِ حڪومت وٽ اَن جا
گدام ڀريل محفوظ رهندا هئا. هر هڪ ڳوٺ ۾ جمهوري
نموني تي راجنيتڪ مسئلن کي نبيرڻ لاءِ مَنَهه جڙيل
هئا، جن کي ’سنٿا گهر‘ چوندا هئا. برهمڻ، جيڪي اڳ
دان، پن، تحفن ۽ نذرانن تي نکٽو ٿي موجون ماڻيندا
هئا، سي هن انقلاب اچڻ ڪري هارپ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳا.
وري لطف اهو، جوکين ڍل به ڏيڻي پوندي هئي. ڪو
پيرسن ڳوٺاڻو مري ويندو هو، ته سندس ٻنين (کيتا)
جو زميندار نئين سر ورهاڱو ڪندا هئا. ڪٽنب جي
ڀاتين کانسواءِ ڌارين کي به اهڙين زمينن مان حصو
ملندو هو. اڳ ٻليدان ڪرڻ جي موقعن تي برهمڻن کي
جيڪي زمينون بطور دان جي ملنديون هيون، اُهي
موروثي شمار ٿينديون هيون. هينئر انقلاب کانپوءِ
اهو قاعدو منسوخ ٿي ويو. زمينن جي ماپ ايڪڙن بدران
’يوجنا‘ سان ٿيڻ لڳي. جتي ٽي گهر هوندا هئا، اُهو
ڳوٺڙو (گراما) شمار ٿيندو هو. خوشيءَ جي موقعن تي
راجائون ڏوهارين کان مقرر معاوضو وٺي کين آزاد
ڪندا هئا.
ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ به ڦيرو پئجي ويو. وڏن
ڳوٺن ۾ ٽيهارو کن گهر هوندا هئا. ڪن ڪن ڳوٺن ۾ هڪ
هزار ڪٽنب رهندا هئا. آسودگيءَ جو دؤر هو. تارڪ
الدنيا فقير (ڀکشو) جيڪي آبادين کان دؤر جبلن ۽
جهنگن ۾ رهندا هئا، تن کي ڳوٺن ۾ اچڻ وقت ڳوٺاڻا
ماني کارائيندا هئا. ننڍن شھرن کي ’ننگرڪا‘ ۽ وڏن
شھرن کي جهڙوڪ ملتان، اُچ، اروڙ، شيوي پورا،
پٽالا، مينا ننگرا، ڀنڀور، سيوستان جهڙن واپاري
مارڪيٽن کي ’مھا ننگرا‘ وڏا شھر چوندا هئا. جبلن ۽
جهنگن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا، آلپس جبل جي سوئيس ۽ اٽالين
ڳوٺاڻن وانگي نيم آزاد هئا. ڳوٺاڻن کي جهنگن مان
ڪاٺين وڍڻ جي اجازت هئي، مگر جن ٻيلن ۾ بانس ۽ بيد
جا وڻ هئا، سي راجائن جي ملڪيت هئا. اڳ جڏهن سنڌو
ماٿري چوماسي هوائن اندر هئي، تڏهن هن اقليم ۾
اهڙا وڻ جام هئا. عيسوي 14 صدي جي وچ ڌاري بيد جي
وڻن جو سنڌ ۾ ڏس ملي ٿو. چراگاهن ۾ ڌنارن کي مال
چارڻ جي اجازت هئي. گاهن جي جهجهائيءَ ڪري چوپايو
مال 24 ڪلاڪن ۾ ٽي گهمرا کير ڏيندو هو. ڌنار ۽
ڀاڳيا ’گوپالڪا‘ ڪوٺبا هئا. ڌنار، هر شام جو
چوپايو مال وٿاڻ کي پھچائيندا هئا ۽ ڀاڳيا کانئن
مال ڳڻي وٺندا هئا. ڳوٺن کي چوڌاري لوڙها يا
ديوارون ڏنل هيون، جن کي هڪڙو دروازو هوندو هو، جو
’گاما دوارا‘ ڪوٺبو هو. ڳوٺ لڳ جيڪي کيتيون
هونديون هيون (گاما کيتا) تن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ
رات جو چوڪيدار مقرر هئا. کيتين کي پاڻي پھچائڻ
لاءِ امداد باهميءَ جي اُصول موجب ڳوٺاڻا گڏ جي
واهيون کوٽيندا هئا. ساڳيو سرشتو پُرامن انقلاب
کانپوءِ پاڪستان اندر ڳوٺ سڌارادارن جاري ڪيو آهي.
زراعت پيٽ پالڻ جو ذريعو هو، انھيءَ ڪري کيتيون
گهڻو ويڪريون هيون. ڪي ته ڪشادگيءَ ۾ هڪ هزار
ڪرسيا (ايڪڙ) هيون، جن کي کيڙڻ لاءِ زميندار پنج
سو هر استعمال ڪندا هئا. اهڙن موقعن تي هارين کي
وڌيڪ محنت ڪرڻ جي عيوض زميندار ’ڀتيڪا‘ ڀتو ڏيندا
هئا. جملي ستن قسمن جو فصل لهندو هو: تل (تر)،
چانور، جَو، ڪمند، ڪپهه (ڪرپاسا)، ڀاڄيون، گُل ڦُل
وغيره. ڳوٺن جو پٽيل (ڀوڄڪا) ڳوٺاڻن پاران سياسي
نمائندگي ڪندو هو. سياسي معاملن متعلق ڳوٺاڻا
کانئس صلاح وٺندا هئا. سنڌي سٻاجهڙا مھمان نوازيءَ
ڪري مشھور آهن. ڳوٺ جي پٽيل جي نگرانيءَ هيٺ مھمان
خانن جو ڪم هلندو هو. ڳوٺاڻا رضاڪارانه طور ڳوٺ
لاءِ تلاءُ ۽ رستا تعمير ڪندا هئا: جيئن آلپائين
جبل وارا ڳوٺاڻا، هن وقت اهڙا افرائض ادا ڪن ٿا.
خواتين به اهڙن موقعن تي مردن سان ساٿ ڏينديون
هيون. راجائن جي سڏ تي ڳوٺاڻا سمورا ڌنڌا ڦٽا ڪري
حڪم جي تعميل ڪندا هئا.سال ۾ ٻه فصل لهندا هئا.
ٻڌڪي دؤر ۾ ڏڪار جو ڏس نٿو ملي. برهمڻن خدائي
فوجدارن جي زور گهٽجڻ ڪري گهٽ ذاتين وارن کي هارپ
۽ واپار ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. شودرکير وڪڻڻ ۽ ايٽ
هلائڻ لڳا. ڪي ڌنارڪو ۽ واڍڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳا. کتري
حڪمران طبقو راڄ ۽ ڀاڳ جا اُجاريدار به هارپ کي
لڳي ويا. ڇاڪاڻ ته ويدڪ ۽ برهمڻي دؤرن کان ٻڌڪي
دؤر جا هاري گهڻو آزاد هئا. اڳ کتري زوريءَ زمينن
تي قبضو ڪندا هئا، هينئر سندن اڳوڻو اوج برهمڻن
وانگر گهٽجي ويو هو. ڪي کتري جهنگ وڍي نيون کيتيون
آباد ڪرڻ لڳا. مٿين انقلاب کانپوءِ فقط برهمڻن ۽
کترين کي پنھنجي سفيد چمڙين تي گهمنڊ هو. جيئن ڏکڻ
آفريڪا جا نووارد مغربي، شيدين کي سندن ڪاريءَ
چمڙي ڪري نفرت سان ڏسن ٿا. ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي
امتياز جي لعنت اڄ سوڌو جاري آهي ۽ اتي جي شيدي
رهاڪن سان ظلم ٿي رهيا آهن. دسيو جي حالت به سڌرڻ
لڳي. اڳ کتري لاتعداد دسيو ۽ داسيون پاڻ وٽ غلام
رکندا هئا. مذهبي انقلاب کانپوءِ سندن غلاميءَ جون
فولادي زنجيرون ڍليون ٿيڻ لڳيون. کين ساهه پٽڻ
لاءِ فرصت ملي ۽ پھريون دفعو کين ڌنڌن ڪرڻ جو
موقعو مليو. سندن آقائون ساڻن سٺو برتاءُ ڪرڻ لڳا.
تعليم پرائڻ ۽ هنرن سکڻ جي کين اجازت ملي، بشرطيڪ
هُو نيڪ ٿي رهندا. جيڪڏهن ڪو کانئن مزوري ڪرائيندو
هو، ته سندن کاڌ ۽ خوراڪ ۽ رهائش جو انتظام سرمايه
دار کي ڪرڻو پوندو هو يا نقد ناڻو ڏيڻو پوندو هو.
بھرحال، مذهبي انقلاب ڪري غلام قومن جي حالت هڪ حد
تائين سڌرجي ويئي. زميندار، جاگيردار ۽ شاهوڪار
وڃايل اقتدار کي بحال رکڻ لاءِ جدوجهد کي جاري
رکندا آيا ۽ اڳتي هلي ٻُڌ مت کي ڪمزور ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيا. هنرن ٻڌڪي دؤر ۾ گهڻي ترقي ڪئي.
زندگيءَ جي ضرورتن نيون ايجادون سطح تي آنديون.
لوهار (ڪمارا) بيل گاڏيون، ٻيڙيون ٺاهيندڙ يا
ڪمانگر (واڍڪا)، جنڊيءَ جو ڪم ڪندڙ، جاين لاءِ پٿر
گهڙڻ وارا (پاسانا ڪوٺاڪا)، جنگي رٿ ٺاهيندڙ (رٿا
ڪارا)، ۽ ٻين هنرن جا ڪاريگر جهڙوڪ ياناڪارا،
ڀاماڪارا، سڪتاڪارا وغيره. تيرڪمان جوڙيندڙ،
سونارا، مصور، چمڙي رڱڻ وارا ۽ موچي به نظر اچن
ٿا. قومن جي طبيعت جي رجحان جي خبر سندن صنعتن مان
پئجي سگهي ٿي. سنڌين گهڻن هنرن کي جنم ڏنو. ڳوٺاڻي
۽ مدني زندگيءَ کان واقف هئا. مھراڻ جي مٽيءَ
پنھنجيءَ گود ۾ گهڻن ئي قومن جي پرورش ڪرڻ
کانسواءِ کين سِکيا ڏيئي سڌاريو. ڪاريگرن مٿان ڪم
جي نگراني ڪرڻ لاءِ مستري ’پمکا‘ نالي سان سڏبا
هئا. واڍن جي مستري کي ’مھاو ڍاڪا‘، سرڪاري ڪم
ڪندڙ مزورن کي پگهار ڏيندڙ کي ’ڀنڊاگاريڪا‘
(خزانچي) چوندا هئا. غرض هن دؤر ۾ درزي، ڪاسائي،
شڪاري، ماري، مھاڻا، جوڳي، مراثي، ڪوري، ڀنڊ، نٽ ۽
ناچو نظر اچن ٿا. عاج سنڌ مان ٻاهر ويندو هو ۽
برآمد وارين شين ۾ قيمتي هو. چوڙين پائڻ جو رواج
شھري توڙي ڳوٺاڻي خواتين ۾ مروج هو. چوڙيگرن جا
شھرن ۽ ڳوٺن ۾ دوڪان هئا.
حلوائي پھريون گهمرو نظر اچن ٿا. گلن جي هارن
پائڻ مان باغات جو ڏس ملي ٿو. ڪاريگرن کي سُٺيون
پيشگيون ڏيندا هئا، جيئن اُهي پوري وقت تي مال
تيار ڪن. ڪنڀار سهڻا مٽيءَ جا ٿانو جوڙيندا هئا.
سَن، ڪوٽ ڏيجي مان قديم زماني جا ٿانو، جيڪي آثار
قديمه جي ماهرن کي هٿ لڳا آهن ۽ انھن تي چٽساليءَ
جو جيڪو ڪم ڪيل آهي، سو قابلِ نظر آهي. هن وقت به
سنڌوماٿريءَ جي صوبن پنجاب ۽ سنڌ ۾ جيڪي مٽيءَ جا
روغني برتن تيار ٿين ٿا، سي ڪاريگريءَ جا بهترين
نمونا آهن. سنڌ جي جهوني اتهاس مان سنڌين جي هنرن
جو هر صديءَ ثبوت ملي ٿو. اسان کي هر دؤر ۾
ڪاريگرن جي دوڪانن تي هجوم نظر اچي ٿو. لوهار
ڪهاڙيون، پاڪيون، هر،

ڪوڏرون ۽ وڍ ڪٽ جو سامان ويندي سُين تائين تيار ڪندا هئا. شھرن ۾ جدا جدا
شين جون بازاريون هيون، جن کي ’ٿاڻو‘ چوندا هئا.
جهڙوڪ رنگريزن، ڪورين، سونارن، لوهارن، واڍن،
چوڙيگرن، ڪنڀارن، حلوائن وغيره جا ٿاڻ. مھاڻن ۽
ساٽين جو ڪم هو مڇي مارڻ ۽ شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻڻ.
ويدڪ دؤر ۾ مھاڻا ۽ مڇيون نظر ڪونه اچن ٿيون. سنڌي
ميد (مھاڻا) دريائن ۽ ڍنڍن جي ڪپن تي ڪانن جي
جهوپڙين ۾ رهي، رڇن ۽ ڄار سان مڇين جو شڪار ڪندا
هئا ۽ پکين جي شڪار ڪرڻ لاءِ پکي پاليندا هئا.
سنڌين جي قدرتي خوراڪ مڇي آهي ۽ غريب غربي جو کاڄ
آهي. اڄ به سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي ڍنڍن مان مڇي جام
مري ٿي، جا پنجاب تائين وڪري لاءِ وڃي ٿي. پڻ پکين
جي شڪار لاءِ سنڌ جون ڍنڍون مفيد شڪار گاهون آهن.
سنڌ جا رهاڪو پنھنجي اباڻي ڌنڌي تي قانع آهن.
زماني جا انقلاب سندن اڳوڻي حالت کي بدلائي ڪونه
سگهيا آهن، نه وري سندن حالت بدلجڻ جو امڪان نظر
اچي ٿو. حڪومتِ پاڪستان اڄڪلھه مڇيءَ جي شڪار لاءِ
سائنٽيفڪ طريقا اختيار ڪيا آهن. ذاتين جي مت ڀيد ۽
ڇُوت جو کڙو ڪيل طلسم ڪمزور ٿيڻ لڳو، جنھن سبب ڪري
نيچ ذاتين کي هنرن ۾ حصي وٺڻ لاءِ موقعو مليو.
مھاوير جهنگلي اڻ سڌريل قومن سان 13 مهينا وڃي
رهيو هو. سندس پرچار ڪري هڪڙو ڪوري شاهي فوج ۾
سوار ڀرتي ٿي پئي سگهيو ۽ هڪڙي شودر کي پيادل فوج
۾ سپاهي ڀرتي ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. هڪڙو جهنگلي
شڪاري، شھري شاهوڪار سيٺ جو پاڻ کي دوست سڏائڻ
لاءِ حقدار هو. اڳ تعليم جا ادارا، جي نيچ قومن
لاءِ برهمڻن بند ڪري ڇڏيا هئا، هينئر عوام جي ڀلي
لاءِ کُليل رهيا. نيچ ذاتين جي ٻارن کي تعليم ملڻ
جو موقعو مليو. نيڪ ۽ پاڪدامن ماڻھو ڪورڪو ۽ هارپ
جا ڌنڌا ڪرڻ لڳا. اعليٰ خاندان جا فرد بيروزگاريءَ
ڪري ڪُوئا ڦاسائي وڪڻڻ جو ڌنڌو خوشيءَ سان ڪرڻ
لڳا. يعني ته انھن ڏينھن ۾ ڪوئن ڦاسائڻ ۽ وڪڻڻ جو
ڌنڌو جاري هو. ڪوبه ڌنڌو ڪرڻ عيب ڪونه هو. جنھن
ڪري عوام جي معاشي حالت ۾ ڦيرو اچي ويو. خانداني
لوڪ گهٽ ذاتين مان شاديون ڪرڻ جي علاوه پڻ ساڻن گڏ
کائيندا پيئندا هئا. ليڪن ڇوت ڇات جي وبا ڀارت ۾
آزاديءَ کانپوءِ به مٽجي ڪونه سگهي.
واپار ڪرڻ جا هونئن ته در سڀني لاءِ کليل
هئا، پر سيٺيون سرمايه دار هئڻ ڪري واپار جا مالڪ
هئا. هر هڪ ’مھاسيٺي‘ ماتحت پنجن پنجن سون تائين
ننڍيون سيٺيون ڪاروبار هلائيندا هئا. لکاپتي جڏهن
گهرن کان ٻاهر نڪرندا هئا، ته نوڪر سندن مٿان
ڇٽيون کڻي هلندا هئا. اها لکا پتين جي نشاني هئي.
واپارين کي ’وڻجا‘ چوندا هئا. سندن گهڻائي قسم
هئا. جيئن ’ڪوتاوڻجا‘ وڏي واپاري سان ڀائيوار،
’مھاپئجا‘ وڏو واپاري، ’سيري وڻجا‘ عام واپاري
وغيره. سنڌ جي ڊيلٽا وارن شھرن جهڙوڪ پٽالا، مينا
ننگرا ۽ ڀنڀور ۾ ڪلداني، فنيقي ۽ مصري واپارين جون
ڪوٺيون هيون، جيڪي سنڌ مان مسالا، خوشبوءِ دار
شيون جهڙوڪ مشڪ، صندل، نير، لاک، سچا موتي، سوٽي
ڪپڙو خريد ڪندا هئا ۽ عرب جھاز ران مٿيون شيون
ايراني نار، يمن تائين پھچائيندا هئا. سنڌي واپاري
ڌارين ملڪن جي شين جي مٽاسٽا ڪندا هئا. سنڌ جي
ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙو ٻيڙين وسيلي مينا ننگرا ۽ ڀنڀور
پھچندو هو ۽ هتان سامونڊي غورابن وسيلي ڀڙوچڪا
(ڀڙوچ) ڏانھن ويندو هو، جتان مغربي ملڪن ڏانھن
ويندو هو. فنيقي سوداگر آنونئن (يوناني سمنڊ) جي
ٻيٽن کان گندرف، سُڪو ميوو ۽ لوهه آڻيندا هئا.
سنڌي واپاري فنيقيا وارن کي ’ياونا‘ ڪوٺيندا هئا.
پنجاب جي ندين وسيلي چين ۽ ڪشمير جو مال سنڌ جي
بندرن تائين پھچندو هو. سنڌ مان گهوڙا ۽ گڏهه
برصغير جي صوبن ڏانھن وڪري لاءِ ويندا هئا. قافلن
جا واپاري ’مٿاواها‘ ڪوٺبا هئا. هرهڪ قافلي سان
حفاظت لاءِ جٿا ساڻ هوندا هئا. مينھن پوڻ ڪري رستا
خراب ٿي ويندا هئا. قافلا گهڻو ڪري رات جو مسافري
ڪندا هئا. قافلي وارا تارن جي وسيلي وقت ۽ طرف
معلوم ڪندا هئا. بنارس جو مال گنگا نديءَ وسيلي
ڀاڳلپور کان بنگالي جي اُپسمنڊ تائين پھچندو هو.
راجگري جو مال قافلن تي گنڌارا تائين ويندو هو.
هتان وچ ايشيا، ايران کي لتاڙي ڪاري سمنڊ ۽ ايشيا
ڪوچڪ تائين پھچندو هو. ندين تي پتڻن جو بندوبست
هو، جن کي ’گهاٽڪا‘ چوندا هئا. اهڙن لنگهن تي
دوڪان هئا. وڏن شھرن ۾ غلامن ۽ شرابن جو به وڪرو
ٿيندو هو. هن دؤر ۾ سڪن جو رواج به هو، جهڙوڪ
پورانا، نشڪا (سونا زيور، سوانا). پتل ۽ ٽامي جا
سِڪا به هئا. جهڙوڪ ڪماسا، پادا، ماشا، ڪاڪنيشا ۽
ڪوڏيون. شاهوڪار وياج وٺندا هئا، جنھن کي پالي
زبان ۾ ’وڌي‘ چوندا هئا. سرحدن تي شاهي
خاندان جو ڪو شھزادو مقرر ڪندا هئا، جو مال جي
لنگهندڙ ۽ ايندڙ قافلن کان محصول اُڳاڙيندو هو.
قافلن جي اُٺن کانسواءِ بيل ڳاڏين تي مال نيڻ جو
رواج هو. ريشمي، سوٽي ڪپڙو (عمديون ململون)، وڍ ڪٽ
جو سامان، زرهون، عمدا ريشمي ڪپڙا ڀرت ڪيل،
غاليچا، عطر، جڙيون ٻوٽيون، عاج ۽ عاج مان جڙيل
شيون، سون روانگي جون جنسون هيون. سامونڊي جھاز
سيلون ۽ چين تائين ويندا هئا. بندرگاهن تي مال
لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ دِڪا جڙيل هئا. بندرگاهن ۽ وڏن
شھرن ۾ ڌارين ملڪن جي واپارين سان ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾
مدد ڏيڻ لاءِ ترجمان به نظر اچن ٿا، جي مختلف
زبانن جا ڄاڻو هئا. بندرگاهن تي واپارين کي مال تي
ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻي پوندي هئي. برآمدي مال جي قيمت جو
ويهون حصو ديسي مال لاءِ حڪومت کي ڀرڻو پوندو هو ۽
ڌارين ملڪن کان ايندڙ مال جو ڏهون حصو ۽ جنس جو
نمونو راجا کي ڏيڻو پوندو هو. مٽاسٽا جي قيمت
چانورن ۾ ڏيڻ به رواج هو. زيور گروي رکڻ جو به
رواج هو. لهڻيدار، قرضائيءَ جا ٻار ٻچا زال سميت
به وڪڻي سگهندو هو. ڏيوالو ڪڍندڙ واپاري يا
شاهوڪار، جن کي قرض ڀرڻو هوندس، انھن کي سڏائي
سندن روبرو پاڻ کي ٻوڙيندو هو. سٽن جو به رواج هو.
سٽي باز شھرن، مارڪيٽن ۽ بندرن تي نظر اچن ٿا. ڪو
ماڻھو جيڪڏهن ڪاملڪيت ڪنھن واقفڪار وٽ امانت طور
رکندو هو ته ٻيءَ طرح سون يا ٽامي جي تختين تي
لکائي ڇڏيندا هئا. اهو گويا مال رجسٽرڊ ڪرائڻ جو
نمونو هو. ڀڙوچ، چيمور، ڀنڀور سنڌو ماٿريءَ جا وڏا
شھر ۽ تجارتي بندر هئا. واپاري ڪاروبار سمورو زباني پر ايمانداريءَ سان ترجمانن
جي وسيلي هلندو هو. تعليم به برهمڻ زباني ڏيندا
هئا. برهمڻن کي ويد برزبان ياد هئا. اهڙي مونجھاري
کي مٽائڻ لاءِ فنيقي سامي قوم ’خروشتي‘ خط کان
هندو واپارين کي واقف ڪيو. برصغيرهند ۾ تحرير جا
جيڪي جهوني ۾ جهونا ڪتبا آهن، جيڪي جبلن تي اُڪريل
آهن، سي پالي (پراڪرت جا ڏکڻ ٻُڌ جي مذهبي تحريرن
لاءِ استعمال ٿيندي هئي) ٻوليءَ ۾ آهن. جين ۽ ٻُڌ
جا ڪتاب انھيءَ پراڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. پالي
ٻولي جي ڪتبن ۾ مذهبي متا ڏنل آهن، جن کي 253 ق.م.
موريا خاندان جي شهنشاهه آسوڪا اُڪرايا هئا. اُهي
اُتر اُلھندي ۾ چارسده (پشاور) کان گرنار جي جبل
کان وٺي ويندي ڪٽڪ جي گاده ۽ ڌولي تائين پکڙيل آهن
۽ اُلھندي ۾ ڳڙهي ڪپور ۽ شهباز ڳڙهي ۽ منصوره
تائين پکڙيل هئا. منصوره وارا ڪتبا ٻين ڪتبن جي
تهجي حرفن کان بلڪل جداگانه آهن. اهي ڪتبا ساڄي
کان کاٻي طرف لکيل آهن جن کي عموماً ’آرين پالي‘
چيو وڃي ٿو. اهي حرف يوناني (باختري) ۽ هندي سٿين
حڪمرانن جي سڪن تي ڏنل آهن. ٻيا اکر کاٻي کان
ساڄي طرف لکيل آهن، جي ’هندي پالي‘ ڪوٺجن ٿا.
پھرين خط کي خروشتي يا گنڌارا (ليپي) چون ٿا، جو
آرامي زبان مان نڪتل آهي. هندي پالي، جنھن کي
براهمي چون ٿا، آرامي خط بعد جي زماني ۾ ڪو اثر
ڪونه ڇڏيو. تاهم هندي پالي جا ڪي حرف فنيقي اکرن
سان مشابهت رکن ٿا. مٿيان خط جن جو اثر بقول سر
آلر سٽين صاحب چيني ترڪستان ۽ بلخ تائين پھتو.
واپار جي سهولت لاءِ سامي فنيقي قوم هندن کي
روشناس ڪرايو هو، سو ڪاغذ نه هئڻ سبب ڪپڙن تي
لکيو ويندو هو. انھيءَ خط آسوڪا جي ڏينھن ۾ علمي
مقصد کي ترقي ڏياري. پروفيسر بهلر جو رايو آهي ته
8 صديون ق.م. عراق جي واپارين اهو خط پاڻ سان سنڌ
۾ آندو هو، جن جي پوري شڪل مگده ۽ انڌرا جي ڪتبن
مان ظاهر آهي. ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته آسوڪا کان
گهڻو اڳ خط ۽ ڪتابت ڪرڻ جي مقصد سان اهو خط پھريان
سنڌ ۽ دکن ۾ رائج ٿيو هوندو. برهمڻ پنھنجي مقدس
گرنٿن کي تحرير ۾ آڻڻ پسند ڪونه ڪندا هئا، تنھنڪري
هن قديم خط جو ڏس ڪتبن کانسواءِ اُن زماني جي ادب
۾ نظر ڪونه ٿو اچي. فنيقيا وارن حساب لاءِ به
ليڪون ايجاد ڪيون هيون ۽ اهو طريقو عيسوي پھرين
سال جي شروع تائين رائج هو. مثلاً 4 لاءِ صليب جي
شڪل + استعمال ڪندا هئا. 9 لاءِ + +1 . انھيءَ طرح
10، 20 ۽ 100 لاءِ خاص انگ هئا. مثلاً پنجاهه لاءِ
20 (+) 20 (+) 10 اِهي انگ صاف ٻڌائين ٿا ته آرامي
آهن ۽ آرامي خط ۽ انگ مصر جي خط هيرو غليفي مان
نڪتل آهن. ان ۾ شڪ ناهي
ته هندو واپاري توڙي عرب ۽ ايراني واپار ۾ ٺڳيون
ڪونه ڪندا هئا، انڪري واپار گهڻي ترقي ڪئي. انھيءَ
واپار ۽ سنڌ جي قدرتي پيداوارين گهڻن ئي حملي آورن
کي گهلي آندو. اسڪندر مقدونيءَ جي ڪاهه جو سبب هو
مشرق جي واپار ۽ دولتن تي قبضو ڪرڻ.
ايرانين جو اثر ۽ سنڌ تي ڪاهه:
آرين جا پاڙيسري سؤٽ آريا ايراني بقول
ڊاڪٽر اسپيگل سنڌ ۽ هند سان ٽن هزار ورهين کان
تعلقات رکن ٿا. ايرانين ۽ هندو راجائن جي پاڻ ۾
مائٽي هئي. انھن ايرانين ’سنڌ- سپت‘ ماٿريءَ تي
’هفت هندو‘ ۽ سنڌ تي ’هند‘ نالا رکيا هئا. ائڊورڊ
ميير، ”انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا“ ۾ ايران جون
حدون هندوڪش، ڪابل ندي، گنڌارا (پشاور) ۽ سليمان
جبلن تائين ڏيکاريون آهن. مگر جديد تحقيقات ڪري
جيڪي آثار نمودار ٿيا آهن، تن جون حدون گهڻو وسيع
آهن.
عيسوي ويهين صديءَ جي ڏهن سالن گذرڻ بعد،
سررتن ٽاٽا جي خرچ سان ڊاڪٽر ڊي- پي سپونر صاحب
مگده جي جهوني گادي ’پاٽنا‘ جي آثارن کي کوٽائي،
ڪي اهڙيون عمارتون ڳولي لڌيون، جيڪي اصطخر جي
عمارتن سان مشابهت رکندڙ هيون. پڻ هندن جي شاسترن ۾ ’پرسوا‘ ۽ ’پهلوا‘ نالا ايرانين لاءِ
استعمال ڪيل آهن. ايران جي پيشداديه گهراڻي مان
هوشنگ ۽ گرشاسپ هندستان تي ڪاهون ڪيون هيون.
چنانچه ضحاڪ پنھنجي سپهه سالار گرشاسپ کي دکن تي
ڪاهه ڪرڻ وقت جيڪا هدايت ڪئي هئي، سا ڏيون ٿا:
|
وصيت چنين کرد گرشاسپ را،
|
که در هند پدر و دکن خواب را. |
|
نداري ز خون سياپان دريغ، |
همين کار فرما درخشنده تيغ. |
|
بچستي ده انجام کار بزرگ،
|
بر ايشان چنان زن که بر گله گرگ. |
|
نماني وران بوم سالي تمام، |
که لشکر گران گيرد از ننگ و نام. |
|
گرت بگذر و چار موسم در آن، |
ز فرهنگ و مردي نيابي نشان.
|

بعض مؤرخن جو بيان آهي ته سنڌ جو وڏو حصو خاص ڪري اولھندو ايراني حڪومت جو
ستون حصو هو. مڪران جون ڪاريزون ڪاؤسي ۽ خسروي ڪياني فرمانروائن ڪيڪاؤس ۽
ڪيخسرو جون جوڙايل اڄ تائين سندن نالن تي سڏجن
ٿيون. سنڌ جا ٻه شھر- گنداواه (قندابيل) ۽ بهمن آباد، بهمن
زوربازو تعمير ڪرايا هئا. منجھان بهمن آباد اڄ
مٽجي چڪو آهي. ڪيخسرو، سيستان ۾ گرشاسپ جي يادگار
لاءِ ’ڪرڪويا‘
آتشخانو تعمير ڪرايو هو، جو ’هوش- گرشاسپ‘ سڏبو
هو.
دارا اعظم جي يوناني اميرالبحر سائيلاڪس،
مھراڻ تي جھاز راني اُن هنڌان شروع ڪئي، جتي ڪابل
ندي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي پھريون دفعو هو، جڏهن
هڪ ڌاريءَ حمله آور قوم مھراڻ جي اهميت کي معلوم
ڪيو هو، ته هيءَ ندي جھاز راني ڪرڻ جي قابل آهي.
هڪ تاريخي واقعو آهي: سائيلاڪس عربي سمنڊ، هندي
وڏي سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي اٽڪل اڍائي ورهيه جھاز
راني ڪرڻ کانپوءِ مصر پھتو هو. ”شاهنامھ“ ڪا تاريخ ڪا نه آهي، پر منجهس ايراني شهنشاهت
جي مقبوضات جا نالا هن طرح ڏنل آهن: ڪابل، سنڌ،
هند، ساندل، چندل، ڪشمير، ملتان نالا ڏنل آهن.
انھن مان ساندل بار پنجاب جي راوي ۽ چناب ندين جي
’دوآبه‘ کي سڏين ٿا، جنھن ۾ سيالڪوٽ، گجرانوالا،
پسرور ۽ وزيرآباد شھر آهن. ازانسواءِ هاراهوتي قنڌار جنھن تي پارٿين ’سفيد هند‘
نالو رکيو هو، اوس هندوا (هندوڪش جبل وارو حصو)،
باختري (بلخ)، هاريوا (هرات)، هيتومنت (سيستان)
جتي زيره ڍنڍ آهي، جنھن ۾ هيلمند ندي ڇوڙ ڪري ٿي.
|