سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي صنعتي اقتصادي ۽ تاريخ

 

صفحو:3  

واپار:

سنڌوماٿريءَ تي جيڪي به وقتاً فوقتاً حملا ٿيا، سي اُتر اولهه وارن جابلو درن کان ٿيا. انھن حملن جو سبب هي هو، جو هن ماٿريءَ جي اُتر اُلھندي وارن ملڪن چيني ترڪستان، منگوليا، صغدانيا يا ايران، انھن ملڪن ۾ انساني زندگيءَ جي گهرج وارن شين جي قلت هئڻ ڪري ڪاهون ٿينديون رهيون. سنڌو ماٿريءَ جي اُلھندي واري حد اُتر کان عربي سمنڊ تائين 12 سون ميلن ۾ آهي. انھن جبلن مان خيبر، گومل، گوالري، شترگردن، پيور، بولان ۽ موله لڪ تاريخي اهميت رکن ٿا.68 ان ڪري جن به ڌارين قومن هن زرخيز ۽ مردم خيز ماٿريءَ تي ڪاهيو، تن مٿين درن تي قبضي ڪرڻ کان اڳ پھريان بلوچستان ۽ ڪابل تي قبضو ڪيو. ايران، بابل، اسيريا ۽ مصر کي مڪران جو ڪنارو گهڻو ويجهو هو، مگر جابلو  قطارن ۽ ويراني، سوڙهن لڪن ۽ پيچرن، جتي انسانن ۽ حيوانن لاءِ کاڌو ۽ چارو ملڻ مشڪل آهي. وري ڪناري تي رهندڙ ميد ۽ ڪورا جھاز ران قومون، انتقام وٺڻ ۾ ملڪ الموت کان به سخت آهن. ازانسواءِ مڪران جي سامونڊي ڪناري تان جھازن وسيلي لنگهڻ، سواءِ سونهي (پائلٽ) جي لنگهڻ به خطرناڪ مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته مڪران جي ڪناري وارا جبل، جن جون چوٽيون ڏهن هزارن فوٽن جي اوچائيءَ تي آهن، سندن قطارون سمنڊ اندر به آهن. اهڙن مشڪلاتن کان بچڻ لاءِ ڌارين ڪاهه ڪندڙ قومن اُتر اُلھندي وارا لڪ لنگهڻ اختيار ڪيو هو. سنڌوندي، جا آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ سمنڊ جي صورت اختيار ڪري ٿي ۽ هماليه جي بلند چوٽين ۽ گلگٽ جي اتاهين کان لهندي سندس رفتار تيز ٿيو وڃي. ”رگويد“ ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌو آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ڍڳي وانگر رنڀندي وهي ٿي. ڪن شلوڪن ۾ هن درياءَ کي ”رگويد“ سيناپتي سان تشبيھ ڏني آهي. چوماسي برساتن گذرڻ کانپوءِ سندس رفتار ڍري ٿيو وڃي. پاڻ سان بيشمار رءُ آڻي ٿي، انڪري پاڻي لهڻ کانپوءِ سندس ڪنارا بلند ٿيو وڃن. تخميني طور روزانو ڏهه لک ٽن واري سمنڊ ۾ اڇلائي ٿي. جھاز رانيءَ جي هئڻ ڪري سنڌوماٿريءَ جي وڻج واپار جي ديسان ديس مشھوري هئي. عرب توڙي ايراني سوداگر سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا وارن دولتمند شھرن سان قافلن ۽ جھازن وسيلي واپار ڪندا هئا. مھراڻ، قدرتي تجارتي شاهراهه هئي، جنھن جي وسيلي ٿٻيٽ، چيني ترڪستان، ڪشمير، افغانستان ۽ گنگا جي شھرن جو مال ٻيڙين ۽ ڪشمير، پامير ۽ گلگت جي درن کان مھراڻ وسيلي ڊيلٽا وارن بندرن تائين پھچندو هو. مھراڻ جو ڊيلٽا سترميلن ۾ آهي، جتي مھراڻ مان قدرتي ڦاٽ نڪري سمنڊ ۾ پون ٿا. چينائي ترڪستان جو ويران آهي، هن دؤر ۾ هماليه مان ڪيتريون شاخون وهي، هن صوبي کي زرخيز بنائينديون هيون.69 سنڌو ماٿري زرخيزيءَ کان علاوه، سون جي کاڻين ڪري مشھور هئي. چاغيءَ جون کاڻيون، جن جو هيروڊوٽس بيان ڏنو آهي، ٻيو مڪران جي ڪناري وارو استولا ٻيٽ جون کاڻيون جتي ڌارين ملڪن جا واپاري مزدور ڀاڙي تي آڻي سون ڪڍندا هئا.70 ايلم، ميڊيا ۽ بابل وارا سنڌ مان خريد ڪندا هئا. ايڪباتانا (همدان) ميڊيا جي تختگاهه مان دارا سترهن لک پائونڊ هٿ ڪيا هئا.71 ايراني نار ۾ فرات ۽ دجله، جتي اوفير، ايريدو، اُ

رجا شھر مٿين ندين جي ڊيلٽا تي واپار جا مرڪز هئا، اُن ڊيلٽا تي ايرانين فرات ۽ دجله جتي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، ’اُبلھ‘ بندر تعمير ڪرايو، جنھن کي يونانين ’اپولوگورس‘ ڄاڻايو آهي، مگر عربي نالي اُبلھ ڪري مشھور ٿيو. هتي فرات ۽ دجله جي شھرن ڏانھن مال سنڌ کان پھچندو هو. هي بندر هندستان ۽ سنڌ جي مال جو وڏو مارڪيٽ ۽ عمارتي ۽ جھازن جوڙڻ لاءِ درآمدي ڪاٺ جا وڏا گدام هئا. حيره ۽ بصره کان اڳ اُبلھ واپار ڪري مشھور هو.72 مھراڻ جي ساڄي ڪپ واري ڊيلٽا جا بندر ايران جي ماتحت هئڻ ڪري سنڌو ماٿريءَ جو واپار مغربي ملڪن سان جاري رهيو. دارا اعظم 522 ق.م. کان 486 ق.م. تائين حڪومت ڪئي. سنڌ 518 ق.م. سندس قبضي هيٺ اچي ويئي. سنڌوماٿري ايراني شهنشاهت جو ويهون حصو هئي ۽ دولتمند هئڻ ڪري ’سون جو گهر‘ سڏبي هئي. ساليانو سنڌ جو خراج ڏهن لکن پاؤنڊن کان وڌيڪ هو. ايراني سلطنت کي ايشيائي صوبن مان جيڪا اُپت ٿيندي هئي، اُن جو ٽيون حصو سنڌ جي خراج جي رقم هئي. واپار جي سهوليت لاءِ ايراني حڪومت سِڪا به جاري ڪيا هئا. سنڌ لاءِ جيڪي سِڪا دارا رائج ڪيا هئا، اُهي ’سگولي‘ چانديءَ جا چوڪُنڊا ۽ پنج ڪُنڊا هئا، جيڪي بنارس کان وٺي اوفير تائين چالو هئا.73 سوني سِڪي ’دريڪ‘ جو وزن 130 گرين هو. انھن سِڪن جو سون خالص هو. هر هڪ قافلي ۾ ٽي هزار اُٺ هئا. في اُٺ تي پنج مڻ بار هو. خشڪيءَ جي رستن تي ’ڪوس مينار‘ لڳل هئا، جن تي اکرن بدران جانورن جون شڪليون ڏنل هيون. فنيقيا جا سوداگر غلامن جو به واپار ڪندا هئا. في غلام جي قيمت مغربي ملڪن ۾ ڏهه پاؤنڊ هئي. خشڪيءَ رستي سنڌ جا قافلا مڪران کان اصطخر، اوفير ۽ تدمرتائين پھچندا هئا. خشڪيءَ توڙي بندرگاهن تي سوداگرن کي مال تي محصول ڀرڻو پوندو هو. ڀنڀور، ميناننگرا، پٽالا ۽ تيز سنڌ جا مکيه بندر هئا. ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هئڻ ۽ ويجهڙائيءَ ڪري واپارين جي ڪوٺين جا هنڌ هئا. منجھان تيز هينئر به ايراني مڪران ۾ گواتر جي کاريءَ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي، پر سندس اڳوڻو اوج مٽجي چڪو آهي. ميناننگرا ۽ ڀنڀور عباسي دؤر ۾ مٽجي ويا. سنڌوماٿريءَ جا ڪيترا دولتمند شھر مستاني موجن واري مھراڻ مٽائي ڇڏيا، يا درياءَ ۽ سندس شاخن جي وهڪري بدلائڻ ڪري ويران ٿي ويا. پٽالا جو نالو به يونانين جي ڪاهن کانپوءِ تاريخن ۾ نظر نٿو اچي. مھراڻ جي ڊيلٽا واري ڦاٽ ’گهارو‘ جي سُڪي وڃڻ ڪري سنڌ جو مشھور تجارتي ۽ رومان آفرين شھر ڀنڀور مٽجي ويو. مگر سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سوز ۽ گداز وارن بيتن ۾ هن شھر جي بازارين، باغن، بوستانن ۽ قافلن جو ڏس ملي ٿو ۽ جيسين سنڌي زبان سلامت آهي، تسين ياد رهندو.74

يونانين جي ڪاهه:

ايران جي ڪسرائن يونان تي بارها حملا ڪيا ۽ اهڙين جنگين جو سلسلو خسرو پرويز جي ساساني دؤر تائين قائم رهيو. ايران جا شهنشاهه، يونان جي ٻن رياستن، اٿينز ۽ سپارٽا جي ٻن مکيه رياستن مان جنھن کي مضبوط ڏسندا هئا، اُن جي خلاف مخالف رياست کي مدد ڪندا هئا. 490 ق.م. دارا ۽ 445 ق.م. سندس پٽ ٻه دفعا هيلسپانٽ جي ڳڄي سمنڊ کي لتاڙي جھازن جي آڙماڙ ۽ وڏي لشڪر سان يونانين سان جنگيون جوٽيون؛ پر يوناني فن جھاز راني جا ماهر هئا، ان ڪري ايرانين شڪستون کاڌيون ۽ ايشيا ڪوچڪ، جا ٻيٽ، ٿريس ۽ ايجن سمنڊ جا ٻيٽ ايرانين جي قبضي کان نڪري ويا. 75 انھن جنگين کانپوءِ اسڪندر مقدوني طوفان وانگر ايشيا ۽ آفريڪا تي ڪاهه ڪئي. سندس ڪاهن جو مول مقصد هو ايشيا جي دولتن کي لٽڻ ۽ واپار تي قبضو ڄمائڻ. 232 ق.م. اسڪندر ايشيا تي ڪاهه ڪئي. شام جي سرحد وٽ دارا ثالث کي شڪست ڏئي، فنيقيا ۽ مصر تي قبضو ڪيو. واپار جي ترقيءَ لاءِ شام جي اُترين ڪناري تي اسڪندريه ۽ نيل جي ڊيلٽا تي اسڪندريه جا ٻه مکيه بندر تعمير ڪرائي، ايشيا تي ڪاهي آيو. دارا کي ٻيو دفعو شڪست ڏيئي، بابل، سوسا، اصطخر، ايڪباٿانا، ڪرمانيا، پارٿيا، ميڊيا، آرمينيا، هرڪينيا، گيدروشيا، ڊرئنگانيا. ايريا، آرچوسيا، صغدانيا، بئڪٽرينيا، افغانستان کي لتاڙي بياس جي ڪناري تائين پھتو. يونان کان چار هزار ميل پنڌ ڪرڻ ڪري، سندس فوج جنھن ۾ ٿريسي، يوناني، مصري، بلقاني، فنيقي ۽ توراني شامل هئا، تنھن ڪري هُو سنڌو ماٿريءَ جي آريائي ننڍن رياستن جي راجائن، جن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي، تن مان ڪن سندس آڻ مڃي ۽ جن مقابلو ڪيو تن کي شڪستون ڏيئي، جهلم کان ٻيڙين رستي اُچ کي ٽپي پٽالا جي راجا موڪريس ۽ مينا ننگرا جي راجا سامبس کي شڪستون ڏيئي، لس ٻيلي ۽ مڪران جي ڪناري کان گهڻي مشڪلات کانپوءِ بابل پھتو، جتي 323 ق.م. ۾ مئو. سنڌ تي پيٿان کي حاڪم مقرر ڪري، پنھنجي اميرالبحر نيرڪوس کي بحري دستو ڏيئي، مڪران جي ڪناري کان روانو ڪيو هو.

زراعت، صنعت ۽ اقتصادي حالت:

يونانين سنڌوماٿريءَ تي ڪاهه ڪرڻ وقت سنڌين متعلق جيڪو بيان ڏنو آهي، سو سندن زبان سان هت ڏيون ٿا. يوناني فاتح سان گڏ فلاسافرن ۽ دانشورن جي هڪڙي جماعت ساڻ هئي، جن هن ملڪ جي هر ڪنھن شيءِ کي ويندي جانورن تائين جاچي قلمبند ڪندا رهيا. سندن ئي بيانن تان بعد جي يوناني مؤرخن ۽ جاگرافيدانن بيان ڏنا آهن. سڀ کان پھريان مھراڻ جي ماٿريءَ جي زرعي حالت تي بيان ڏيڻ ضروري آهي. يونانين جي ڪاهه وقت سنڌ چؤماسي هوائن کان ٻاهر هئي. آبڪلاني جي زماني ۾ هتي جي آبهوا گهميل رهندي هئي. لاڙ جي ڀاڱي جي هوا سمنڊ ويجهي هئڻ ڪري اڄ به گهميل رهي ٿي. يونانين سنڌ جي جهنگن ۾ هاٿي، مور، باندر ۽ قسمين قسمين نانگ ۽ پکي ڏٺا هئا. انگريزي دؤر ۾ مھراڻ کي بند ڏنا ويا، جنھن ڪري ٻيلن جو تعداد ٿورو آهي. اڳ بندن نه هئڻ ڪري درياءَ جي ڇَرپکڙجي ويندي هئي، جنھنڪري جا بجا گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا هئا. انھن گهاٽن جهنگن جو بيان 14 صديءَ ۾ شيخ ابن بطوطه به ڏنو آهي. يونانين جي ڪاهه وقت سنڌو ماٿري ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهايل هئي. سنڌ جا رهاڪو آزاد هئا، ليڪن راجائن لاءِ کين احترام هو ۽ جنگ جي حالت ۾ دل کولي راجائن کي فوجي ۽ مالي امداد ڏيندا هئا. يونانين سان مرد ميدان ٿي مقابلو ڪيو هئائون. شڪستن کائڻ کانپوءِ اسڪندر سنڌين تي ناروا ظلم ڪيا هئا. سنڌي جوڌن جوانن کي جيڪي قيد ڪيا ويا تن کي دشمنن اُبتو وڻن ۾ لٽڪايو هو ۽ زالن ۽ ٻارن کي بيگناهه ڪُٺو هئائون.75


 

يونانين جو بيان آهي ته سنڌ ۾ اونھاري ۾ ڪپهه، چانور، جوئر ۽ ڪمند جي پوک ٿيندي هئي ۽ سياري جو ڪڻڪ ۽ جَون جي پوک ڪندا هئا. چوپايو مال اڪيچار هو. جهنگ هاٿين سان ڀريل هئا، شھرين توڻي ڳوٺاڻن وٽ سُڌريل هاٿي هئا. سنڌي سُکيا ستابا هئا. اناج، ميوا جام هئا. اناج ته وٽن ايترو هو، جو فقط سال لاءِ خوراڪ پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ باقي ناس ڪندا هئا. سنڌين جو چوڻ هو ته گهڻي مال رکڻ ڪري سُستي پيدا ٿئي ٿي. يونانين ڄاڻايو آهي ته سنڌ جا شھر مردم خيز هئا. عوام جو گذران زراعت ۽ چوپايي مال تي هو. ڪي وڻ ايڏا ته وڏا هئا، جو سندن پاڙون زمين چوطرف لڙڪيل ۽ زمين اندرهيون. اهي وڻ تنبن وانگي هئا. سنڌ جي جهنگن مان ماکي جام لڀندي هئي. جڙيون ٻوٽيون، جي بيمارين لاءِ ڪتب آڻيندا هئا، ملڪ ۾ جام هيون. ڪٽنب جا ڀاتي گڏجي هارپ جو ڪم ڪندا هئا.

هنر:

يوناني تسيلم ڪن ٿا ته سنڌين وٽ هنر هو. سنڌ جي قيمتي ڪپهه پشم کان به نرم هئي، جنھن مان ڪپڙو اُڻندا هئا. جڙين ٻوٽين مان مختلف بيمارين جون دوائون ۽ زهر تيار ڪندا هئا. اهڙو هنر ٻئي ڪنھن کي ڪونه ٻڌائيندا هئا. جيڪي قومون نديءَ جي ڪپ تي رهنديون هيون، سي مڇين ۽ پکين جو شڪار ڪندا هئا ۽ گاهن مان تڏا ۽ ٽوڪريون جوڙيندا هئا. ڳوٺاڻا جهنگن مان هرڻ، هاٿي ۽ گينڊا ڦاسائيندا هئا. جنگين جي ميدانن ۾ رٿن، بڙڇين، ڍالن ۽ ترارين ۽ تيرڪمانن سان مقابلو ڪندا هئا. شرنائيون، دهل، ناد ۽ جھانجهه وڄائيندا لشڪر سان نڪرندا هئا. پاڻ سان هاٿين جا ٽولا ساڻ کڻندا هئا. اهي هاٿي دشمن تي وڏا پٿر اُڇلائيندا هئا. سنڌين، يونانين کي گهوڙن جون زينون ڪپهه سان ڀريل نرم پيش ڪيون هيون، جن جي يوناني تعريف ڪن ٿا. سنڌي برتن سازيءَ کان واقف هئا. چانورن مان هڪڙي قسم جو شراب تيار ڪندا هئا. سون ۽ عاج مان زيورن جوڙڻ ۾ ماهر هئا. چمڙي سازيءَ جي هنر کان واقف هئا. يونانين کي هرڻن ۽ چيتن جون کلون تحفي طور ڏنيون هئائون. سنڌين وٽ قانون هو ۽ تعليم جو رواج زباني هو. جوتش ۽ جنترن منترن کان واقف هئا. ڪمند جي رس مان ڳڙ، کنڊ ۽ سنگ جي مصري جوڙيندا هئا. يونانين جو چوڻ آهي ته اُها مصري انجيرن ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي ۽ لذيذ هئي. ملڪ ۾ آسودگيءَ ڪري سنڌي زالين مڙسين زيور پائيندا هئا. فن عمارتسازيءَ لاءِ سنڌ جي شھرن جا قلعا ثابتي ڏين ٿا. ملتان، اسڪلنده (اُچ) پٽالا، بهمن آباد، سندومانيا (سيوهڻ) جي مضبوط قلعي جي يونانين بيان ڏنو آهي. سنڌين جي شڪست جو وڏو سبب هو يونانين جون قلعي شڪن انجڻيون ۽ برهڻمن جي غداري، ڇاڪاڻ ته راجائن ۽ عوام جو ڌرم ٻُڌ هو. برهمڻ ٻُڌ ڌرم جي خلاف هئا. وڏن شھرن ۾ بتخانا هئا، جن ۾ ڪرشنا، اندرا ۽ شِو جا بُت رکيل هئا. سنڌين جي جهنڊي تي ڪرشنا، اندرا جون تصويرون نڪتل هيون. سنڌ ۾ سون جون کاڻيون هيون، جن مان سون کوٽي ڪڍي سگهندا هئا. اهڙي هنر جو کين تجربو هو. مٿين بيان مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي عمارتسازي، بُت تراشي، برتن سازي، زيور سازي، ڪپڙي سازي، شراب سازي، اسلح سازي، چمڙي سازي، دوا سازي، جھاز راني، شڪار ۽ جوتش وديا ۽ جنترمنتر کان واقف هئا. شڪر سازيءَ جو بيان ڏيئي چڪا آهيون.

اقتصادي زندگي:

هر ڪنھن قوم جي ماڻھوءَ جي جسماني ساخت ۽ مزاج تي، ملڪ جي آبهوا جو وڏو اثر آهي. نه صرف ايترو، پر آبهوا سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت تي وڏو اثر ڪري ٿي. آڳاٽا سنڌي، هاڻوڪي گرم  آبهوا ڪري سانتيڪا ۽ آرام پسند ڪونه هئا. يونانين سان چپي چپي تي جنگيون ڪرڻ مان صاف ظاهر آهي ته يونانين جي ڪاهه ڪرڻ وقت 324 ق.م. سنڌ جي آبهوا ايترو گرم ڪونه هئي، جيترو اڄڪلھه آهي. يونانين ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ مختلف قومون رهنديون هيون، جن جون ٻوليون ڌار ڌار هيون. ڪي سياه فام هيون، پر سمورا رهاڪو قداور ۽ ٻلدان هئا. سنڌين ۾ اها خوبي اڄ تائين آهي ته جنھن ڌاريءَ کان شڪست کائيندا هئا، اُن سان وفادار ٿي رهندا هئا. يونانين سندن ايمانداريءَ جي تعريف ڪئي آهي. فاتحن ڄاڻايو آهي ته سنڌي بدن ۾ سنھا ۽ قد جا ڊگها آهن ۽ جانٺا آهن. ڏکڻ لاڙ جا رهاڪو حبشين جهڙا ۽ اُترادي مصر جي قبطين جهڙا آهن. اونيسيڪريٽيوس، جو اسڪندر جي قائم ڪيل تحقيقاتي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، لکي ٿو ته سنڌي تندرست قوم آهي، جن جي طبعي  عمر 130 ورهيه آهي. اڄ اها گهٽجي 50 کي پھتي آهي. وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌي ڏاڙهين کي رنڱين ٿا. سندن کاڌو سادو ۽ شراب کان پرهيز ڪن ٿا. نيرڪورس پوشاڪ بابت لکي ٿو ته سوٽي اڇا ڪپڙا پائين ٿا. گوڏ ۽ چادر ۽ ڳچيءَ ۾ انگوڇو، جنھن جو پلؤ ڪلھي تي لڙڪائيندا هئا. ڪنن ۾ عاج جا وڏا والا پائڻ عام رواج هو. جُتيون چمڙي جون پائيندا هئا، جن تي ريشمي ڪم ڪيل هو. جُتين جي کڙين کي نال لڳرائيندا هئا. ٻاهر نڪرڻ وقت اُس جي بچاءُ لاءِ پاڻ سان ڇٽيون کڻندا هئا. چانور سنڌين جي خاص خوراڪ هئي. گهڻو ڪري اُٻاريل چانور کائيندا هئا. ڪن موقعن تي سادو شراب استعمال ڪندا هئا. کاڌو سونين ٿالهين ۾ کائيندا هئا. اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته سنڌ، ايشيا کنڊ ۾ سون جي کاڻ هئي. دولتمنديءَ جو مکيه سبب هي هو ته زراعت، گهرو هنر ۽ واپار هميشه کان سنڌين جا ڌنڌا هئا. شو جي مندر تي، جو سندن عقيدي موجب فتحمنديءَ جو ديوتا هو، تنھن بت اڳيان روزانو نقارا ۽ گهڙيال ۽ ناد وڄائيندا هئا ۽ سالگره جي موقعي تي راجائون سونين ۽ چانديءَ جي سينگاريل پالڪين ۾ چڙهي نڪرندا هئا. سنڌين کي پنھنجن راجائن لاءِ بيحد احترام هو. چوپايو مال ايتري قدر اڪيچار هو، جو اسڪندر سنڌ مان هاٿي، مور، باندر ۽ ڪبوتر يونان ڏانھن روانا ڪيا هئا. باندرن جا ٽولا جهنگن مان جڏهن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ايندا هئا، ته هتي جا رهاڪو انھن کي اُٻاريل چانور کارائيندا هئا. جيئن جيئن سنڌ جي آب وهوا ۾ ڦيرو پوندو ويو، ته باندرهن ملڪ مان غائب ٿي ويا. 712ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي. ان وقت باندرهن ملڪ مان غائب هئا. باقي مور ضرور هئا، نه وري ٻيا جانور هئا. البت، هاٿين جو بيان ڏنو اٿئون. شايد منصوره ۽ ملتان جي عرب حاڪمن پنھنجن فوجن لاءِ هندستان کان گهرايا هوندا. باقي گينڊن جو ڏس 14 صدي تائين ملي سگهي ٿو. هاٿي يونانين لاءِ عجيب ۽ غريب جانور هئا، جي اڳ هنن ڪونه ڏٺا هئا. عاج کان واقف هئا، جنھن جو وڪرو فنيقي آفريڪا کان آڻي يونان ۾ ڪندا هئا. باندر وانگي تارڪ الدنيا ڀڪشو به ڪن موقعن تي شھرن ۽ ڳوٺن ۾  ايندا هئا، ته سنڌي انھن کي کاڌو کارائڻ کان سواءِ سندن مٿن تي تيل هاريندا هئا. سنڌي دان پن ڪرڻ جا ڪوڏيا آهن. اڄ به مھمان نواز آهن. سنڌي مھمان نوازيءَ ڪري مشھور آهن. اهو مھمان نوازيءَ جوگڻ منجهن اسلام کان گهڻو اڳ نظر اچي ٿو، جنھن جو بيان سياحن هر صديءَ ڏنو آهي. سنڌين جي تواضع ۽ خوشحالي لاءِ بين ثبوت آهي. زراعت، هنرن ۽ تجارت کانسواءِ سنڌ جي سري وارين ٽڪرين ۽ دردستان (دردائي) جي سون جي کاڻين جو ميگسٿينز بيان ڏنو آهي. ازانسواءِ مڪران جي استولا ٻيٽ ۾ سون جون کاڻيون هيون، جتي ڏورانھن ملڪن جا سوداگر سون تلاش ڪرڻ ايندا هئا. نيرڪوس به مڪران جي ڪناري تان لنگهندي فنيقي ملاحن جي جماعت ساڻ وٺي سون ميڙڻ جي ارادي سان استولا ٻيٽ تي پھتو هو، پر ميدن هٿان هار کائي ناڪام ٿي موٽيو هو.76 سون کان علاوه، يونانين سنڌ جي لعلن ۽ جواهرن جو بيان ڏنو آهي. ’پليني‘ سنڌ جي لعلن ۽ جواهرن جا قسم ڏنا آهن. سنڌ ۾ لعلن ۽ جواهرن جا زيور ۽ هاٿين جا رٿ سنڌين جي دولتمنديءَ جا نشان هئا. مٿين قيمتي زيورن جي ثبوت لاءِ اسين ڊائوڊورس جو اکين ڏٺو احوال ضمني طور پيش ڪيون ٿا، جڏهن هُن هڪ ستيءَ کي مڙس جي مرڻ کانپوءِ چکيا تي چڙهندي ڏٺو هو:

”چکياتي چڙهڻ واري هنڌ تي زالن ۽ مردن جو ميڙ هو. ڄڻ ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي اچي گڏ ٿيا هئا. ستيءَ جا مائٽ سندس ساراهه جا گيت ڳائي رهيا هئا. چکيا تي چڙهڻ کان اڳ ستيءَ پنھنجا جواهرن سان مڙهيل زيور لاهي مائٽن کي ورهائي ڏنا. سندس مٿي واري ٽڪي تي ۽ ڳلي جي هارن ۾ سون ۽ جواهر جڙيل هئا. باهه ٻارڻ کان اڳ حاضرين چکيا واري هنڌ جي چوگرد ڀڄن ڳائيندا رهيا. پوءِ ستيءَ جو ڀاءُ ڀيڻ کي اُن هنڌ ڏانھن وٺي هليو ۽ هُوءَ مڙس جي لاش سان اطمينان سان وڃي ليٽي پئي. پوءِ باهه دکائي ويئي ۽ هُوءَ صبر سان سڙي ويئي.“77

اها ستي هڪڙي سنڌي سورمي جي زال هئي، جو 316 ق.م. ايران ۾ ڪنھن جنگ ۾ مارجي ويو هو. هت هي سوال آهي ته جيڪڏهن سپاهين جي زالن کي جواهر مڙهيل سونا زيور هئا ۽ شھري سون جي ٿالهين ۾ رسوئي واپرائيندا، ته دولتمند سنڌين جي دولت جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي؟ اها سنڌين جي دولتمندي هئي، جو هڪ کان وڌيڪ زالون هُن دؤر ۾ شادي ڪندا هئا. مٿئين سپاهيءَ جنھن جي زال چکيا تي چڙهي هئي، تنھن کي به ٻه زالون هيون. سندس پھرين زال کي ڪڇ تي ٻار هو، انڪري ننڍيءَ کي ڏاگهه چڙهڻو پيو هو. مڙدن کان سواءِ سنڌي زالون به هاٿين جي پالڪين ۾ سواريون ڪنديون هيون. غلامن جي واپار جو به رواج هو. دولتمند طبقي وٽ غلام به هئا. اڳ شودر اعليٰ ذاتين وٽ غلام هئا. ٻُڌ ڌرم کين آزادي ڏياري، ته غلامن جو واپار شروع ٿيو. ائين ڪونه آهي، ته ڪو سمورا سنڌي دولتمند هئا. غريبن جو به طبقو هو، جو ڏاندن جي جوڙي جي عيوض ڌيئون وڪڻندا هئا. اونيسيڪريٽيوس ته ايترو به ڄاڻايو آهي، ته ٽئڪسلا جي کليل بازارين ۾ غريب لوڪ پنھنجون ڌيئرون وڪڻندا هئا. شايد يونانين جي ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ ان قسم جي وڪري لاءِ غريب لوڪ مجبور ٿيا هوندا. يونانين جو بيان آهي ته سنڌي ورزش ڪرڻ ڪري بدن ۾ جانٺا آهن. قديم قومن ايرانين، هندوآرين، يونانين ۽ عربن ۾ ورزش ڪرڻ ۽ راندين جو شوق دامنگير هو. يونان ۾ اولمپڪ راندين جو رواج هو، جنھن تان يورپ وارن روشني ورتي. اڄڪلھه دنيا جي ملڪن ۾ اهڙين راندين جو رواج چالو آهي، جن ۾ سڀني ملڪن جا پهلوان ۽ رانديگر حصو وٺن ٿا ۽ انعام کٽن ٿا. رانديگرن کي تمغا ۽ چانديءَ جا پيالا ملن ٿا. ايران جي پهلوانن متعلق، فردوسي ”شاهنامھ“ ۾ ڏيکاري ٿو ته اُهي جنن ۽ ديون سان به لڙيا هئا. عربستان ۾ ’عڪاظ‘ جو ساليانو ميلو، جتي تجارتي بازار لڳڻ کانسواءِ شعراء ڪرام شعر ۽ شاعريءَ جا جواهر پيش ڪندا هئا ۽ شهسوار پنھنجا ڪرتب پيش ڪري داد حاصل ڪندا هئا ۽ شائقين شرطون هڻندا هئا. انھيءَ طرح سنڌ جي جهوني اتهاس مان سوئمبر رسم جا سنڌ جي قديم دراوڙي قوم ۾ اهڃاڻ نظر اچن ٿا. اها رسم شادين جي موقعن تي منعقد ڪندا هئا. جيڪو پهلوان بازي کٽندو هو، تنھن کي ڪنوار ملندي ۽ ڀريءَ مجلس ۾ ڪنوار کٽيندڙ پهلوان جي ڳلي ۾ هار وجهندي هئي. سوئمبر جي موقعي تي سنڌي پهلوان کلي ميدان ۾ مَلهه وڙهندا هئا. مَلهه وڙهڻ سنڌ جي قديم راند آهي. انھيءَ طرح قديم موسمي ڏڻن تي ڏاندن، گوخرن، گهوڙن جا رٿ به ڊوڙائيندا هئا. آريا جڏهن موهڻي ۽ مٺي مھراڻ جي ماٿريءَ ۾ پير پاتو، تڏهن هنن ڪي دراوڙي رسمون اختيار ڪيون. جن مان سوئمبر ۽ رٿ ڊوڙائڻ کي هنن وڌيڪ پسند ڪيو هو. ”رگويد“ ۾ مھراڻ جي رفتار گهوڙي جي ڊوڙ سان بيان ڪيل آهي. وري جڏهن آريا برهم ورتا يا ڀارت ورشاديس (گنگا ۽ جمنا) وارا ملڪ والاريا، تڏهن سوئمبر جي مَلهه ٻيون صورتون اختيار ڪيون. جهڙوڪ ڌنش موڙڻ يا تير سان نشان چٽڻ. پر رسم برابر جاري رهندي آئي. ”رامائڻ“ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته منيلا جي راجا جنڪ پنھنجيءَ ڌيءَ سيتا جي شاديءَ لاءِ ڀانت ڀانت جي راجڪمارن کي سوئمبر جو سڏ ڏنو هو. شرط هو ته جيڪو ڌنش موڙيندو، تنھن سان سيتا پرڻائبي. اهو ڌنش ڀريءَ سڀا ۾ ايوڌيا جي راجا دسرٿ جي پٽ رامچندر موڙي سيتا کٽي هئي. سوئمبر جا اهڙا ٻيا به مثال هندن جي تاريخ ۾ لڀن ٿا، جن کي نظرانداز ڪيون ٿا. نيرڪوس سنڌ ۾ هڪڙو سوئمبر ڏٺو هو، جنھن ۾ ملهه کٽيندڙ ڪنوار کٽي هئي. سوئمبر جي موقعي کانسواءِ هُن ملاکڙا به ڏٺا هئا، جتي سنڌي پهلوانن تي شرطون ڇوڪرين جي صورت ۾ رکندا هئا. ملهه کٽيندڙن کي ڇوڪريون انعام ملنديون هيون. جانورن جي ڊوڙ وقت به سنڌي شرطون رکندا هئا، جيئن اڄڪلھه انگلنڊ ۾ ڊربي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ تي لکها پائونڊ شرطون لڳن ٿيون. سنڌ ۾ هلندڙ دؤر ۾ شھرن توڙي ڳوٺن ۽ بزرگان دين جي ميلن ۾ ملاکڙا لڳن ٿا ۽ پهلوان انعام کٽن ٿا. ازانسواءِ ڍڳن، اُٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙن تي وڏيون شرطون لڳن ٿيون. پڻ حڪومت پاران اهڙين نمائشن ۽ ڊوڙن جي جلسن جي حوصلي افزائي ڪئي وڃي ٿي. ملهه سنڌين جي مرغوب ۽ مقبول راند آهي، جنھن ۾ پهلوان بھادري جا جوهر ڏيکارين ٿا. انھيءَ طرح ملهه جو ٻيو قسم ڪُشتيءَ جو رواج اڄ سوڌو پنجاب ۾ رائج هلندو اچي ٿو. اهي مھراڻ ماٿريءَ جون قديم رانديون آهن، جن جو يونانين بيان ڏنو آهي. وڌيڪ ڄاڻايو اٿن ته سنڌي مگدر گهمائڻ سان ورزش ڪن ٿا. اهڙو رواج پنجاب ۾ رائج آهي. يونانين جي ڪاهه وقت سنڌين جي غذا سادي ۽ ورزش ڪرڻ ڪري بدن ۾ جانٺا ۽ سندن عمر به وڏي هئي.78 رٿن ڊوڙائڻ، ملاکڙن جي ميلن ۾ غريب طبقي کانسواءِ راجائون ۽ امير به شرطون رکندا هئا. تماشبين ميدان ۾ صفون ٻڌي بيهندا هئا. رٿن ۽ بيل گاڏين کي گلن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويندو هو. اهڙن موقعن تي فوج جا سپاهي به موجود رهندا هئا. هاٿي، گهوڙا، هرڻ، گينڊا ۽ چيتا، شينهن ۽ ڍڳا تيار رهندا هئا. ميدان کي خوبصورت ۽ سينگارڻ لاءِ وڏا وڻ پاڙون پٽي ميدان جي چوگرد هڻندا هئا، جن تي پالتو ڪبوتر ۽ مور لاتيون لنوندا هئا. يونانين جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ڪبوتر پيلي رنگ جا هئا. سندن آواز مٺو ۽ من موهيندڙ هو. سنڌ جي راجائن، ڪي ڪبوتر تحفي طور اسڪندر کي ڏنا هئا. پھريان شرطن جي گڏ ڪيل رقم، جواهر، سون ۽ چانديءَ جي ڪشتين ۾ عوام کي ڏيکاريندا هئا. ميلي جي شروعات پالتو هاٿين جي ويڙهه سان ڪئي ويندي هئي. بعد گهوڙن جي ڊوڙ شروع ٿيندي هئي. اُن کانپوءِ بيل گاڏين ۾ ٻڌل ڍڳن جي ڊوڙ ٿيندي هئي. بيل گاڏين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ گهوڙا رٿن سان ڀڄائيندا هئا. پڇاڙيءَ جو دُنبن ۽ گهيٽن جي ويڙهه ٿيندي هئي ۽ گينڊن ۽ هرڻن جي به ويڙهه ٿيندي هئي. امير ۽ راجائون ته جواهرن سان شرطون رکندا هئا ۽ غريب طبقي جون شرطون ڌار هيون. ميلي جي خاتمي کانپوءِ عوام راجائن کي دُنبا، هرڻ، گينڊا، گهوڙا ۽ پکي تحفي طور پيش ڪندا هئا ۽ راجائون خوشيءَ سان قبول ڪندا هئا. عوام اهڙين شرطن لڳائڻ سان قسمت آزمائيندا هئا. شرطن لڳائڻ کان اڳ ڪي ماڻھو ’پرمانا‘ (جوتشين) کان به صلاح وٺندا هئا. جوتشين کي ويدن ۾ اعتقاد ڪونه هو. ڪي برهمڻ، جن کي فقط هرڻ جي کل جي لنگوٽي ٻڌل هئي، ڪلھي تي ننڍڙي ڳوٿري جڙين ۽ ٻوٽين جي کڻي گهمندا هئا ۽ بيمارن جي دوا ڪندا هئا. سنڌ ۾ سرءُ جي مُند ۾ پاڻي ڇڄڻ کانپوءِ موسمي تپاولي گهڻي ڀاڱي ڳوٺاڻن تي اثر انداز ٿئي ٿي. برهمڻ ويڄ طبيب شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گشت ڪري، بيمارين کي سُتين ۽ ڦَڪين سان هٽائيندا هئا. اڄڪلھه جيتريون دوائون ايجاد ٿيون آهن، اوتريون بيماريون وڌي ويون آهن. سوال آهي ته اڳ سنڌين جو کاڌو سادو ۽ نجو هو ۽ ملاوٽ يا بي ايمانيءَ کان ماڻھو پرهيز ڪندا هئا. سنڌين جي ايمانداريءَ جي يونانين جابجا تعريف ڪئي آهي. برهمڻ جٽائون ۽ ڏاڙهيون رکائيندا هئا. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ برهمڻ سفيد سوٽي ڪپڙي جي پوشاڪ پائيندا هئا، فقط ٻاهر نڪرڻ وقت هرڻ جي کل ڪلھي تي رکي نشاني طور گهمندا هئا، جيئن عام کين سڃاڻي سگهي. ڪن برهمڻن سان سندن چيلن جي ٽولي به ساڻ هوندي هئي. هڪڙو چيلو ڊگهي لٺ به کڻندو هو. اهو طريقو گروءَ جي سڃاڻپ جي نشاني هئي. ڪنھن دوڪان تان ڪو برهمڻ، سناسي يا ڀڪشو ڪا شيءِ کڻندو هو، ته دوڪاندار پاڻ لاءِ ثواب سمجهندو هو. ڪي برهمڻ ۽ سناسي ٻئي جي هٿ جي پڪل روٽي ڪونه کائيندا هئا. پنھنجن هٿن سان ڍوڍو پچائي ماکيءَ سان کائيندا هئا. ٻُڌ ڌرم هئڻ ڪري جانور ڪهڻ کان عوام پرهيز ڪندو هو. تاهم ڪن موقعن تي چانورن سان گڏ ماس ۽ شراب واپرائيندا هئا. يوناني لسٻيلي مان لنگهندي، سنڌي ياترين کي هنگلاج ديويءَ جي بت تي انسانن کي ٻليدان ڪندي ڏٺو هو. انگريزي راڄ ۾ ياتري ٻڪر ٻليدان ڪرڻ لڳا. يوناني هن بت تي نانيا (NANIA) نالو ڏنو هو، جو بعد ۾ مسلمانن هن کي ’ناني‘ نالو ڏنو. شاهه ڀٽائي رح به هن کي ناني ڳايو آهي.79

 

واپار:

اسڪندر خاص هن مقصد سان ڪاهه ڪئي هئي ته ايشيا جي اَڻ کُٽ دولت تي واپار وسيلي قبضو ڪري ۽ ايشيا جو واپار سڌو سنئون يورپ سان جاري رهي. ازانسواءِ يوناني ثقافت، هنرن ۽ زبان جو مشرق تي اثر ڄمي وڃي.80 اڳ هومر جي شاعري توڙي هيروڊوٽس کي مشرقي ملڪن متعلق فقط سنڌونديءَ جي وهڪري تائين خبر هئي ۽ سندن خيالن موجب مھراڻ پٺيان فقط رڻ پٽ هو. ليڪن اسڪندر پاڻ سان فلاسافرن ۽ هنرمندن جي هڪڙي جماعت ساڻ آندي هئي، جن سنڌونديءَ جي اوڀرندي واري حصي کي جاچي معلوم ڪيو ته سنڌ پريان به ڪي ملڪ آهن، بلڪ هند جي ڪنارن کان به واقفيت پيدا ڪئي. اسڪندر جو لشڪر اَٺ سؤ جھازن تي سنڌ ۾ پھتو. هُن ڏٺو ته مھراڻ وارن بندرن تي جھازن مان مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ دِڪا ڪونه هئا. اهڙين سهوليتن لاءِ هُن اُچ، پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻي تي ڌڪا تعمير ڪرايا. هن اهو به معلوم ڪيو ته ايران جا رستا هند ۽ چين کي يورپ سان گڏائين ٿا ۽ سمنڊن وسيلي ايراني نار ۽ ڳاڙهو سمنڊ ايشيا جي مال کي آسانيءَ سان يونان تائين پھچائي سگهن ٿا. هُو پٽالا کان مھراڻ جي اڀرندي شاخ وسيلي ڪڇ پھتو هو. تن ڏينھن ۾ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڀريل هو، جنھن ۾ يونانين مڇيون به ڏٺيون هيون. ايراني نار تي سندس قبضو هو. هُن موٽڻ مھل يمن ۽ عربستان تي قبضي ڪرڻ جو خيال ڪيو هو. انھيءَ ارادي سان هُن پنھنجي اميرالبحر نيرڪوس کي جھازن ۽ لشڪر سان مڪران جي ڪناري کي جاچڻ لاءِ روانو ڪيو هو. پر افسوس! جو هُو پنھنجن رٿائن کي عملي جامو پھرائي نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو بابل پھچي مئو. سندس خوابن جو تعبير سچو نڪتو. هُن نيل جي ڊيلٽا جي ويجهو اسڪندريه ۽ فلسطين ۽ شام جي ڪناري تي اسڪندرونه جا جيڪي ٻه بندر تعمير ڪرايا هئا، سي سندس مرڻ کانپوءِ واپار لاءِ مفيد ثابت ٿيا، جو ايشيا ۽ آفريڪا جو مال مٿين بندرن کان يونان ۽ يورپ تائين پھچڻ لڳو. چين، هند، وچ ايشيا ۽ سنڌ جو مال قافلن ذريعي تدمر پھچڻ کانپوءِ اسڪندرونه وسيلي ايشيا ڪوچڪ ۽ اسڪندريه کان يونان پھچڻ لڳو. جتان آسانيءَ سان يورپ پھچڻ لڳو. استرابو جي جاگرافي، جا 7- 1866ع ۾ ليپزگ مان شايع ٿي هئي، ان ۾ مٿين ٻن بندرن جي اهميت بيان ڪيل آهي.81 اڄڪلھه به مٿيان ٻئي بندر وڏي اهميت رکن ٿا ۽ اسڪندريه مغرب ۽ مشرق جي وچ ۾ ڦاٽڪ آهي. اسڪندر سنڌ جي ٻن واپاري بندرن تي مصر ۽ فنيقيا جي واپارين جون ڪوٺيون ڏٺيون هيون، جن کان هن پانڊياديس (مدراس، ٽينولي، مدورا) جي ۽ سيلون جي سچن موتين جي واکاڻ ٻڌي هئي. پٽالا ۽ ڀنڀور جي سنڌي واپارين جا مٿين ملڪن ۽ سوپارڪا (سورت) جي واپارين سان تعلقات هئا. بھرحال يونانين کي دکن جي دراوڙي حڪومتن ۽ سيلون ٻيٽ جي خبر پئجي ويئي، جيئن اونيسيڪريٽيوس سيلون کي ’تاپروبين‘ نالي سان لکيو آهي. يونانين پنج صديون ق.م. هندستان متعلق جيڪي خبرون ٻڌيون هيون، تن جي پوري جاچ ڪري معلومات ۾ اضافو ڪيائون. يوناني فاتح واپار جي ترقيءَ لاءِ ٽڪنڊا، چوڪنڊا ۽ گول سِڪا به رائج ڪيا هئا، جيڪي آثار قديمه جي ماهرن کي بلخ، بخارا ۽ راولپنڊيءَ مان هٿ لڳا هئا. انھن جو وڏو تعداد لنڊن ۽ برلن جي عجائب خانن ۾ موجود آهي. سنڌي، يونانين کان سنگتراشي سکيا، يعني: گنڌارا آرٽ.

اسڪندر کانپوءِ يوناني رياستون:

يوناني فاتح صغدانيا، بلخ، پنجاب، سنڌ ۽ لسٻيلي ۾ بيٺڪي حڪومتون کڙيون ڪيون هيون ۽ مٿين ملڪن جي حاڪمن وٽ فوجي دستا به ڇڏي ويو هو. پر سندس رواني ٿيڻ شرط مھراڻ جي ماٿريءَ جي رهاڪن مغربي اِستعماري حڪومت خلاف فساد کڙا ڪيا. 323 ق.م. اسڪندر جي مُئي کانپوءِ عظيم الشان يوناني شهنشاهت ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي. (1) شام، ايران ۽ مھراڻ جي ماٿري تي سيليوڪس نڪٽرقبضو ڪيو. (2) مصر تي بطليموس خاندان جي حڪومت قائم ٿي، ۽ (3) مقدونيا تي ڪسنڊر.82

اسڪندر جي ڪاهه وقت مگده تي نندا گهراڻي جي حڪومت هئي، جن 600 ق.م. کان 321 ق.م. پتاليپوترا (پاٽنا) تي راڄ ڪيو هو. اسڪندر جو همعصر مھاپدما نندا هو، جنھن جي حڪومت جون حدون بياس تائين هيون. مھاپدما وٽ وڏو لشڪر هو. اسڪندر جو لشڪر چار هزار ميل مسافري ڪري چڪو هو ازانسواءِ ڪريٽيوس، ڊائڊورس ۽ پلوٽارڪ ڄاڻائين ٿا ته اسڪندر نندا راجا جي لشڪر، رٿن ۽ هاٿين کان خوفزده ٿي موٽ کاڌي. نندا راجائن اسڪندر خلاف 330 ق.م. پوئين اشڪافي ڪسريٰ دارا ثالث کي فوجي مدد ڏني هئي. نندا گهراڻي جو گپتا گهراڻي خاتمو ڪيو، جو تاريخن ۾ ’موريا‘ ڄاڻايل آهي. موريا گهراڻي جو پھريون راجا چندرگپتا هو، جنھن 317ق.م. مھراڻ ماٿريءَ جي علائقن پنجاب ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو هو. 303 ق.م. چندر گپتا سيليوڪس کي شڪست فاش ڏيئي، هرات (آريانا)، ڪابل (پاروپيني سيدائي)، آرچوسيا (قنڌار) مڪران (گيدروشيا) جا صوبا کسي ورتا ۽ سيليوڪس جو سفير ميگسينيز ٿورا سال پاٽنا ۾ رهيو، جنھن چندر گپت جي ڏينھن جو بيان ڏنو آهي. آسوڪا 273 ق.م. گاديءَ تي ويٺو. ميگسٿنيز جا بيانَ، جرمن ڊاڪٽر سخاون بيڪ (بون) جرمنيءَ ۾ گڏ ڪيا ۽ مسٽرمئڪ ڪرنڊل ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو.

موريا حڪومت جي دؤر ۾ سنڌ جي حالت:

آسوڪا کي ساڳي اهميت تاريخن ۾ ڏنل آهي، جيتري اڪبراعظم کي حاصل آهي. عوام جي مالي حالت تڏهن سڌرندي آهي، جڏهن حڪومت جو نظام درست هوندو ۽ ملڪ ۾ امن امان هوندو. موربا راڄ ۾ زمين جا هيٺان قسم هئا: (1) زرعي زمينون، جن ۾ کيتون ۽ باغ هئا. (2) چراگاهه، جن ۾ چؤپايو مال چرندو هو. ڪي چراگاهه حڪومت لاءِ مخصوص هئا. (3) جهنگ ۽ ٻيلا، جن مان ڪي شڪار لاءِ مخصوص هئا ۽ ڪن ۾ جهنگلي قومون رهنديون هيون، جن جو گذران شڪار ۽ ڪاٺين ڪرڻ ۽ وڪڻڻ تي هو. سماجي حالتون به گهڻو سڌريل هيون. مثلاً هرهڪ ماڻھوءَ کي آزادي مليل هئي ته هُو ڪنھن به ذات (ڪل) مان شادي ڪري، اهو سندس مرضيءَ تي منحصر هو. برهمڻن جيڪا ذاتين تي بندش وڌي هئي، سا مٽجي ويئي. عوام لباس توڙي خوراڪ ۾ سادگي اختيار ڪئي هئي، ان سبب ڪري آسودگيءَ جو دؤر هو. شھري قيمتي پوشاڪون ڍڪيندا هئا. شھرن ۾ هوٽلن، مجلسن ۽ راندين جا ميدان نظر اچن ٿا.83 غريبن، نادارن ۽ مري ويل سپاهين ۽ بيروزگارن جي پرورش حڪومت ڪندي هئي.

غلامن جو ڪم قيدين ۽ جنگين ۾ گرفتار ٿيلن سپاهين کان ورتو ويندو هو. سماج ۾ برهمڻ، سناسي، هارين جو طبقو، ڌراڙ، شڪاري، واپاري، ڪاريگر، فوجي، سرڪاري ڪامورا مکيه طبقا نظر اچن ٿا. ٻُڌ ڌرم جي ڀڪشو ۽ جين جي پوئلڳن کي ۽ سناسين کي سماج ۾ عزت هئي. پاپ ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ ۽ دان پن ڪرڻ سماج لاءِ ضروري هو. هرهڪ طبقي ۽ ذاتين لاءِ حڪومت پاران خانقاهون، بتخانا ۽ وديا پاٽشالائون شھرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم هيون، جنھن انتظام ڪري تعليم عوام ۾ پکڙجي ويئي. انگزيزن جي راڄ ۾ به ايترو تعليم زور نه ورتو هو. تعليم ناگري خط سان ڏني ويندي هئي. آسوڪا جا ڪتبا خروشتي خط ۾ اُڪريل هئا. اهو خط فنيقيا جي واپارين ايجاد ڪيو هو، جنھن جو بيان اڳ ڏيئي چڪا آهيون. هرهڪ ڳوٺ جون حدون سرڪاري طور مقرر هيون. ڳوٺاڻن جي مالي انتظام لاءِ پئنچايتون مقرر هيون، جن جو ڪم هو مَعيشت جي نظرداري ڪرڻ ۽ ڳوٺن جو اندروني انتظام ڪرڻ. زمينون حڪومت جي ملڪيت شمار ڪيون وينديون هيون. هاري، سرڪار کي ڍلون ڀريندا هئا. ڪوتاهي ڪرڻ جي حالت ۾ زمين کسڻ جو سرڪار کي حق هو. هارين کي حُڪم هو ته جهنگ وَڍي نيون زمينون آباد ڪن. سرڪاري عملدارن ۽ ڪاردارن کي ڳوٺن جي اُڳاڙيل ڍلن مان پگهار ملندا هئا. هرهڪ ڳوٺ ۾ بنيادي جمهوريت جي ميمبرن کي حڪومت هلائڻ جون اختياريون سونپيل هيون. پئنچايت جي مکي کي ’گراماني‘ چوندا هئا. يعني ’گراما‘ (ڳوٺ) جو سربراه- ننڍن ڳوٺن جي مٿان ’گوپا‘ نگراني ڪندو هو. صوبا، ضلعن ۾ ورهايل هئا. انھن مٿان مقامي عملدار ’راجڪا‘ ڪوٺبا هئا. جن جي ماتحت گراماني ۽ گوپا حڪومت جي چرخي کي هلائيندا هئا ۽ زراعت شماري ۽ ڍلون اُڳاڙڻ جي دفتري ڪاروبار لاءِ جوابدار هئا. وقت سر ڪمشنر ۽ انسپيڪٽر سندن رڪارڊ کي جاچيندا هئا. شھرن جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ’نگراکا‘ جوابدار هئا. سندن مکيه جوابداري هئي امن امان بحال رکڻ. شھر جي جاين ۽ هرهڪ ڪٽنبن جي گهر جي ڀاتين جا نالا سندس رجسٽر ۾ درج هوندا هئا. دنگي يا فساد پوڻ جي حالت ۾ رجسٽر مطابق اُن محلي يا بازار وارن کان پڇا ڳاڇا ڪندو هو. ڪوبه شھري کانئس ڳجهو رهي نه سگهندو هو. وڏن شھرن کي حصن ۾ ورهائي، هرهڪ حصي مٿان ڌار ڌار ڊويزنل عملدار نگراني ڪندا هئا. شھرن جي صفائي ۽ بيمارين کي روڪڻ لاءِ نگراکا ذميدار هئا. سرڪاري ڍلن جا هيٺيان قسم هئا: (1) زرعي ڍل، (2) آبياني جي ڍل، (3) ناڪن ۽ پتڻن جي ڍل مال تي، (4) لائيسنس جي في، (5) راندين ۽ ناچ گهرن تي ٽئڪسون، (6) عدالتي ڏنڊن جي آمدني، فوجن، ڪامورن کي پگهارن ڏيڻ کانسواءِ رفاه عام جي ڀلي لاءِ عمارتون، رستا تعمير ڪرائڻ ۽ نهرن کوٽرائڻ، نادارن ۽ يتيمن جي پرورش ڪرڻ ۽ خيراتن ڪرڻ ۽ لنگر خانن جي خوراڪ مھيا ڪرڻ. مٿيان خرچ حڪومت ڪندي هئي، جن لاءِ جدا جدا کاتا مقرر هئا.83 بيواه زالن کي مڙس جي مرڻ کانپوءِ ٻي شادي ڪرڻ جي آزادي مليل هئي. اڳ بيواه جيڪڏهن چکيا تي چڙهڻ کان انڪار ڪندي هئي، ته سماج ۾ هن لاءِ ڪا عزت ڪا نه هئي. جنھن سبب ڪري سماج ۾ ڌڪارجڻ ڪري ڪي بيواه زهر کائي مرنديون هيون. شاهوڪارن کي به ملڪيتن رکڻ لاءِ سرڪاري ٽئڪس ڀرڻي پوندي هئي. بنيادي پئنچايتي جمهوري نظام ڪري آسودگيءَ جو دؤر هو.

صنعت ۽ حرفت:

موريا راڄ ۾ عمارت سازيءَ ترقي ڪئي. الله آباد، سانچي، سرناٿ، پتاليپوترا جا محلات، شهباز ڳڙهي جا مندر، ڪاٺياواڙ ۾ سُدرسنا جو تلاءُ، سري ننگر، ديواپٽن (نيپال) بهمن آباد، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ٿنڀا، گيا جون غارون ۽ بت عمارت سازيءَ جا بهترين نمونا آهن. ڪن تي ايراني ساخت جي جهلڪ نظر اچي ٿي. يا جبلن تي جيڪي عبارتون اُڪريل آهن. شينهن ۽ هاٿين ۽ بتن جي نمونن مان چئي سگهبو ته برصغير جي ڪاريگرن سنگتراشيءَ ۾ بيحد ترقي ڪئي هئي. مٿيان آثار جن مان ڪي اڄ سوڌو موجود آهن، ڌارين ملڪن جي ماهرن ۽ شاگردن لاءِ سبق آموز آهن. هنرن جي ترقيءَ جو ٻيو سبب هو آسوڪا پاران ڌارين ملڪن ڏانھن تبليغي جماعتن کي روانو ڪرڻ. سونارا ۽ ڪوري بهترين جواهر نگار زيور ۽ قيمتي ڪپڙا تيار ڪندا هئا. شھرن ۾ حڪيمن، کانسواءِ ناچو، راڳيندڙ ۽ پيشن وارا نظر اچن ٿا. وڏن شھرن ۾ هنرن جي واڌاري لاءِ جدا کاتو هو. ڪاريگرن کي ڪارخانن کولڻ لاءِ سرڪاري لائسنس وٺڻا پوندا هئا. سونارن تي حڪومت پاران چڪاس ڪندڙ عملو مقرر هو، جيئن ٺڳي ڪري نه سگهن. ڪو مزور ڪم ڪندي ڪنھن حادثي جو شڪار ٿيندو هو، ته فوتيءَ جي ٻارن ٻچن لاءِ حڪومت وظيفو مقرر ڪندي هئي. مزدورن کي مزدوري ڪرڻ وقت ڪارخانيدار کاڌي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هو. شھرن جون ميونسپالٽيون ڪارخانن تي نظرداري ڪنديون هيون. هارين کي اُپت جو ڇهون حصو  ڍل طور ڏيڻو پوندو هو. هرهڪ وڏي ڳوٺ ’گراما‘ ۾ ڪورين، واڍن، موچين، ٺاٺارن جا دوڪان هئا. ذات پات جي ٻنڌڻن ٽٽڻ ڪري سڀني ذاتين کي ڌنڌن ڪرڻ جي اجازت هئي. اڳ هنر فقط ڪن ذاتين لاءِ مخصوص هئا. آزادي ملڻ ڪري هنرن اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي.

واپار:

رستن جي سلامتي ۽ شھرن ۾ واپاري مارڪيٽن جي جهجهائيءَ سبب واپار ترقي ڪئي. حڪومت جي سرحدن تي انتظامي ناڪن هئڻ ڪري واپارين کي شھرن ۾ پھچڻ کان اڳ ٽئڪسون ڏيڻون پونديون هيون. رستن تي به ناڪا هئا. شھرن کي عالم پناهون ڏنل هيون جن جي دروازن تي محصول ڏيڻ کانپوءِ سوداگرن کي مال نيڻ جي اجازت هئي. شين جون قيمتون مقرر هيون. رستن تي ڪوس مينار لڳل هئا، جيئن سوداگر مفاصلو معلوم ڪري سگهن. ڪوبه واپاري شيءِ مھانگي وڪڻندو هو، ته مٿس ڏنڊ پوندو هو. روزانو عوام جي ڄاڻ لاءِ شين جي اگهن جي پڌرائي ڪئي ويندي هئي. تور ۽ ماپ جا وٽ سرڪاري طور ڏنا ويندا هئا. خود راجا وڏي پيماني تي ڏيساورن سان واپار ڪندو هو ۽ واپار جي ڏيتي ليتيءَ لاءِ سڪن جاري ڪرڻ جو فقط حڪومت کي حق هو. ڪو واپاري ڌاتو آڻيندو هو، ته انھن جو وڪرو به سرڪاري عملدارن جي نگرانيءَ هيٺ ٿيندو هو، مثلاً: سون يا چاندي. ڪوڏيون به سڪن طور رائج هيون.84 عوام جي زبان پالي هئي. سنسڪرت جا ڄاڻو فقط برهمڻ هئا. ’ڪارشاپنا‘ نالي سڪو رائج هو، جنھن جي قيمت ويھه ماشا هئي. سيٺين کان ڪو قرض کڻندو هو، ته ويھن ڪارشاپنا لاءِ قرضائيءَ کي ماهوار سوا ماشا وياج ڏيڻو پوندو هو ۽ ساليانو وياج جي رقم 15 ماشا هئي. يعني موڙيءَ کان پنج ماشا گهٽ- ڪو قرضائي رقم پيارڻ کان اڳ مري ويندو هو، ته سندس پوين کي قرض ادا ڪرڻو پوندو هو. سال ۾ خريف ۽ ربيع پوک جون موسمون هيون. ڪپهه، داليون، چانور، جَو، ڪڻڪ ۽ ٻيا قسمين قسمين ميوا، ڀانت ڀانت جا لاتين لنوندڙ پکي ۽ هاٿي سنڌ جا تحفا هئا. رواجي شين جي وڪري تي ڏهون حصو سرڪاري ٽئڪس جي شرح هئي. ڌارين ملڪن جي واپارين جي شھرن ۾ سک ۽ سلامتيءَ جو بندوبست سرڪاري ڪامورن جي بلي هو. هن ڪم لاءِ ڪاميٽيون مقرر هيون. هن دؤر ۾ سنڌوماٿريءَ جو واپار آريا ورتا (گنگا ۽ جمنا) جي دوآبه، اَنواتي (مالوه)، انگا (مشرقي بھار)، سوراشٽر (گجرات ۽ ڪاٺياواڙ)، مگده (ڏاکڻي بھار)، ونگا (مشرقي بنگال)، دکن ۾ چولا، چيرا، پانڊيا، انڌرا  هندن جي زبردست حڪومتن سان هلندڙ هو، جن چار صديون ق.م. ۾ جنم ورتو هو، ۽ اهي خودمختيار هيون، ڪالنگا (اوڙيسا) موريا شهنشاهت اندر هو. پريمولا (سالسيٽ) ٻيٽ، جنھن تي هن وقت بمبئي آهي، ۽ مھراڻ جي ڊيلٽا وارن شھرن کان 620 ميلن جي مفاصلي تي هو. تامرا پرني (سيلون)، مٿين سڀني صوبن ۽ ٻيٽن سان مھراڻ جي سون اُپائيندڙ ماٿريءَ جو خشڪيءَ ۽ سامونڊي رستن وسيلي واپار هلندو هو. سنڌي سوداگرسيلون کان سون ۽ سچا موتي گهرائيندا هئا. گجرات جي شھر ڀڙوچڪا (ٻڙوچ) ۽ سوباره (سورت) کان به سنڌ جو مال ٻاهرين ملڪن ڏانھن ويندو هو. پشم، ڪپهه، نير، شراب ۽ چوپايو مال سنڌ کان برآمد ٿيندا  هئا. سون ۽ چوپائي مال جي وڪري تي پنجون حصو سرڪاري ٽئڪس ڏيڻي پوندي هئي. ميون، ڀاڄين، گلن، ماکي، گوشت ۽ گاهه جي وڪري تي ڇهون حصو ٽئڪس هئي. ٻيڙين ۽ بيل گاڏين ۾ مال نيڻ لاءِ ناڪن تي محصول ڀرڻو پوندو هو. دريائن تي باقاعده پتڻن جو سرڪاري انتظام هو. سنڌ جا ’ميد‘ جھاز ران قوم هئي، جي ملبار ۽ سيلون تائين سمنڊ جھاڳيندا هئا. انھيءَ قوم اسڪندر ۽ سندس اميرالبحر نيرڪوس جا سنڌ جي ڪناري تان لنگهڻ وقت ڏند کٽا ڪيا هئا. مشھور ڊچ مستشرق ڊي گوئجي ميدن کي ايشيا جا بهترين ملاح بيان ڪري ٿو.85 سنڌي واپارين جي ايمانداريءَ جي ساک جو پڙاڏو پرانھن ڏيهن تائين پھتو هو. آسوڪا پنھنجا وفد ٻُڌ ڌرم جي تبليغ لاءِ شام جي حاڪم ائنٽيچيوس، مصر جي حاڪم بطليموس، مقدونيا جي حاڪم ائنٽي گونس ۽ سيرنيڪا طرابلس الغرب جي يوناني حڪمرانن جي دربارن ڏانھن مُڪا هئا. اهڙن سفارتي ناتن جي ڪري سنڌ جو واپار جو اسڪندر جي ڪاهن جي ڪري روڪجي ويو هو، وري نئين سر جاري ٿيو. بطليموس مصر جي فرمانروائن ڳاڙهي سمنڊ تي برنيس، مايوز ۽ هو، زموس بندر تعمير ڪرايا هئا. ساليانو هڪ سؤ ويھه سنڌ جا جھاز سڌو سنئون مصر کي مال پھچائيندا رهيا. استرابو، جو 25 ق.م. مصر ۾ موجود هو، ان جي تصديق ڪري ٿو. پليني جو ڪتاب ته ان باري ۾ حيثيت رکي ٿو. برصغير هند جي صوبن مان سنڌ سرحدي صوبو هو، جو مغربي دنيا کي گهڻو ويجهو هو. سنڌ جا جھاز مڪران جو ڪنارو وٺي حضرموت جي ڪناري سان باب المندب کي ٽپي، برنيس بندرتي پھچندا هئا. برنيس، مصر جو بندر اُن هنڌ تي هو، جتي هينئر پورٽ سوڊان آهي. واپار کان سواءِ تناسخ جو فلسفو ۽ ٻُڌ جا خيالات ۽ نظريات يوناني فلاسافرن اخذ ڪيا. مصر جي بطالحه فرمانروائن مان بطليموس فيلاڊيقيوس علم دوست هو. اسڪندريه جي ڪتب خاني ۾ ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو مگر وڌيڪ فلسفي ۽ حڪمت جي ڪتابن کي گڏ ڪرڻ لاءِ هن واپارين معرفت هند، ايران، جرجان، بابل ۽ سنڌ کان ڪتاب خريد ڪيا، جن جو تعداد چوونجاهه هزار هو.86 وري جڏهن رومن مصر فتح ڪيو، ته هتي جي فلسفي ۽ حڪمت کان واقف ٿيا. ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته هن دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪتاب تصنيف ٿيندا هئا. يوناني اشراقي فلسفي جي تعليم ۾ سنڌ جو به حصو هو. عيسوي پھرين صديءَ جي وچ ڌاري هپالوس پھريون يوناني جھاز ران هو، جنھن مانسوني هوائن کي معلوم ڪرڻ کانپوءِ باب المندب جي ڳچي سمنڊ کان سڌو ملبار تائين سفر ڪيو هو.87 پليني (متوفي: 79ع) روما ڏانھن ويندڙ خشڪيءَ جي قافلن جي مال جي قيمت ساليانو، ويھه لک پائونڊ ڏيکاري ٿو. خشڪيءَ جا ٻه رستا مشھور هئا. هڪڙو پتاليپوترا کان هرات ويندو هو ۽ ٻيو سنڌ جي ڊيلٽا کان براه مڪران کان ويندو هو. رومة الڪبريٰ ڏانھن ويندڙ مال ۾ سنڌي باريڪ سوٽي ڪپڙو، عطر، مصالا، ريشم، سچا موتي، جواهرات ۽ خوشبودار شيون هيون. قيصر اگستوس کان وٺي هيداٿان تائين بيان ڪيل قيمت جو مال ويندو هو. 320ع ڌاري قسطنطنيھ جي بنياد پوڻ ڪري قافلا سڌو ايشيا ڪوچڪ ڏانھن وڃڻ لڳا. اڳ پيٽرا، جو عقبه جي نار جي سري تي واقع هو، شام ڏانھن ويندڙ رستي تي وڏو واپار جو مرڪز هو. انھيءَ طرح شام جي ڏکڻ واري شھرتدمربيحد ترقي ڪئي هئي. هن شھر جي دولت کي ڏسي 273ع ۾ قيصرآرليان مٿس ڪاهي هتي جي پُرشوڪت ملڪھ زنوبيا کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويو هو. 184 ق.م. موريا راڄ جو سنگا گهراڻي خاتمو ڪيو، جن 72 ق.م. تائين حڪومت ڪئي.

باب ٽيون


 

سنڌوماٿريءَ تي ڌارين قومن جون ڪاهون

208 ق.م. کان 500ع تائين

 

سلطنت جمهوري هجي يا شخصي، غير محدود يا آمريت، پر حڪومت هلائيندڙ سرڪاري ڪامورا هوندا آهن. جيڪڏهن اُهي ايمانداريءَ سان حڪومت جو چَرخو هلائيندا، ته حڪومت جو نظام مضبوطيءَ سان با امن طريقي سان هلندو. پر جيڪڏهن سرڪاري ڪامورا بي ايمان ۽ بي اصول هوندا، ته عوام جو اعتماد حڪومت کان نڪري ويندو ۽ اها حڪومت جلد ڪمزور ٿي، ڪنھن نه ڪنھن وقت ضرور انحطاط جي اونداهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪِرندي. ساڳيو حال موريا شنهشاهت جو ’آسوڪا‘ جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ جلد رونما ٿيو. اها شهنشاهت،  جنھن جي دولت، واپار ۽ ثقاقت ۽ ڌرم ڪرم جو نادُ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا تائين وڄندو رهندو هو، سا صفحه هستيءَ تان مٽجي ويئي ۽ آثار کڙا ڪيل انسانن لاءِ عبرت انگيز آهن. آسوڪا جي پٽن ۾ صلاحيت ڪانه هئي. ڪامورا، جيڪي حڪومت جي مشنريءَ جا ڪَل پُرزا هئا، سي پنھنجن لغامن کي ڍرو ڏسي عوام جو رت چوسڻ لڳا ۽ ننڍا راجائون حڪومت جي ڪمزوريءَ کي ڏسي آزاد بنجي ويا. برهمڻ، جيڪي پنھنجي اعتقاد موجب جنتا ۾ افضل هئا، سي ڪوڏر ۽ هر ڦٽا ڪري، ٻُڌ ۽ مھاوير بدران وشنو، شو ۽ اندرا جا ڀڄن ڳائڻ لڳا. آسوڪا جي سنگهاسن تي سنگا گهراڻي چڪر ورتي روپ پڌارِيو. مشھور گرامردان
’پينني‘ ڄاڻائي ٿو ته سنگا برهمڻ هئا. سندن حدون نَربدا ۽ گنگا دو آ به کان اڳتي وڌي ڪونه سگهيون. برصغير هند ۽ سنڌوماٿريءَ جو  اتر اُلھندي واريون حدون محفوظ ڪونه هيون. جنھن ڪري ڌارين قومن کي ڪاهن ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. سنگا راجائن 112 ورهيه راڄ ڪيو، جن جو ’انڌرا‘ دراوڙ قوم خاتمو ڪيو. هن گهراڻي ساڍا چار سؤ سال راڄ ڪيو. انڌرا وارن جو ’ڪشاهرتا‘ غير هندي قوم هٿان خاتمو ٿيو. ڪشاهرتا گهراڻي جو پويون راجا يگناسري هو. سندس پويان ڪمزور هئا، جنھن ڪري 225ع ۾ هن گهراڻي جو خاتمو ٿيو.

باختري يوناني حڪومت جو پايو وجهندڙ ڊائوڊوٽس نالي فوجي جنرل هو، جنھن سيليوڪس خلاف بغاوت ڪري هندوڪش جبل جي اُتر ۾ بلخ ۾ جدا حڪومت کڙي ڪئي هئي. انھيءَ طرح خراسان ۾ 250 ق.م. ارسڪيس پارٿيا حڪومت جو پايو وڌو هو. ڊائوڊوٽس کي يوٿيميڊس شڪست ڏني. هن سيليوڪس خلاف بغاوت ڪري بلخ تي قبضو ڪيو هو. سندس ڪاهن جو سلسو برصغير جي سرحدن تائين جاري رهيو. هن هندوڪش جي ڏاکڻي حصي تي ائنٽيچيوس شام جي يوناني حاڪمن سان گڏجي سنڌوماٿريءَ جي پنجاب ۽ سنڌ جي اُلھندي وارن حصن تي قبضو ڪيو. يوٿيميڊس جي پٽ کان يوڪريڊائٽس نالي ٻي هڪڙي جنرل بلخ کسي ورتو. هن کانپوءِ ڊيمٽيريوس بن يوٿيميڊس اوڀر پنجاب ۾ سانگالا (سيالڪوٽ) سن 262 ق.م.  تختگاهه مقرر ڪيو. انھيءَ وچ ۾ پارٿيا وارن بلخ، هرات تي قبضو ڪري اُلھندي ۾ فرات جي هن ڀروارن ملڪن تي قبضو ڪري بلخ جي يونانين کي شام کان ڇني ڌار ڪيو. ساڳي وقت، آمو درياءَ پار ساڪ خانه بدوش مٿو کنيو، جن کي تاريخن سٿين ڄاڻايو آهي. چينائي روايتن مان پتو پوي ٿو ته چين جي يوچي قبيلن کي جڏهن هُن قبيلن اُلھندي ڏانھن ڌڪي ڪڍيو، تڏهن 165 ق.م. هُن قبيلن ساڪ قبيلن کي آمو کان تڙي ڪڍيو، جن بلخ جي ڏکڻ وارن علائقن کي والاريو هو، ان کانپوءِ يوچي قبيلا به هندوڪش جي ڏکڻ تائين پھتا هئا. هي واقعو 125ق.م. جو آهي. يوناني حڪومت سنڌوماٿريءَ ۾ پشڪلاوتي (پشاور)، ٽئڪسلا، سيالڪوٽ ۽ منڪليا تائين هئي. ڪابل نديءَ وارو ٿورو حصو به سندن حد اندر هو. ڊيميٽريوس کانپوءِ مينڊر سيالڪوٽ تي حڪومت ڪئي، جو ٻُڌ جي ڪتابن ۾ ملينڊا ڄاڻايل آهي. ان بعد 50 ق.م. ساڪن قبضو ڪيو ۽ انڊو- بئڪٽيرين حڪومت جو خاتمو ٿيو. 88- 123 ق.م. مٿريڊيٽس ثاني پارٿيا جي حاڪم، ساڪن کي ساڪستان (سيستان)، آرچوسيا (قنڌار ۽ پشين) علائقن کان تڙي ڪڍيو. ساڪن مھراڻ جي ڊيلٽاتي ’ساڪاديپا‘ نالو رکيو هو. پارٿي ۽ ساڪن گڏجي ’ساڪ- پهلوا‘ مھراڻ جي ماٿريءَ تي قائم ڪئي. هندو پارٿين کي ’پهلوا‘ نالو ڏنو.88 پهلوا شهنشاهن جو لقب ’مُغ‘ هو. اهو لقب انگريزي تاريخن ۾ ’موگا‘ لکيل آهي. 19- 45 ق.م.  پهلوا شهنشاهه گنڊوفرنس جي ڏينھن ۾ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو حواري سينٽ ٿامس عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ جي ارادي سان گنڊوفرنس جي دربار ۾ پھتو هو. هتان سينٽ ٿامس ملبار ۾ ديول قائم ڪرڻ کانپوءِ مدراس ۾ مارجي ويو، جتي هڪڙي ٽڪريءَ تي سندس جڙتو قبر آهي.89 ساڪن جون رياستون سنڌ، پنجاب کان سواءِ مالوه، ناسڪ، مٿرا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين هيون، جن هندو ڌرم اختيار ڪيو هو. پنجاب جي ساڪ رياست جو ڪشان قوم هٿان خاتمو ٿيو. باقي ٻين رياستن جو گپتا گهراڻي جي راجائن ڪيو، جن مان وڪرماجيت ناليوارو ٿي گذريو. ڪشان، چين جا يوچي قبيلا هئا، جن ساڪن کي تڙي ڪابل ماٿري، قنڌار ۽ 52 ق.م. ٽئڪسلاتي قبضو ڪيو ۽ عيسوي پھرين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ موجوده سنڌ جو اڀرندو حصو به سندن قبضي هيٺ اچي ويو. 125ع ڪنشڪا، پنجاب، ڪشمير ۽ چينائي ترڪستان فتح ڪيا. هُن ٻُڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. واسوديو هن گهراڻي جو پويون حاڪم هو، جنھن کانپوءِ سلطنت ننڍين رياستن ۾ وراهجي ويئي. ڪابل جا صوبا سفيد فام هُن قبيلن فتح ڪيا ۽ چوٿين صديءَ ڌاري هندي صوبن تي ناگا قوم قبضو ڪيو، جنھن جو تختگاهه يدماوتي عيسوي پھرين صديءَ ڌاري هو. ناگا راجائن راجپوتا، گنگا دوآبه، مٿرا ۽ بنارس تائين حڪومت کي وڌايو. سندن نالا پرانن ۾ ڏنل آهن. ڀاواناگا پويون راجا هو، جنھن کان يڪاتڪا گهراڻي حڪومت هٿ ڪئي. اهو عيسوي ٽين صديءَ جو واقعو آهي. يڪاتڪي حڪومت جو پايو وجهندڙ ونڌياسڪتي برهمڻ هو. جنھن بنديلکنڊ ۾ حڪومت جو پايو وڌو هو. پرانن ۾  اٺن راجائن جا نالا ڏنل آهن. 320ع گپتا گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو. هن گهراڻي جوپايو وجهندڙ چندر گپتا هو. 350ع سموندر گپتا جي ڏينھن ۾ ايران جي ساساني ڪسرائن پنجاب تي ڪاهون ڪيون. راجپوتانا، مالوه ۽ وچ هندستان ۾ مختلف رياستون هيون. هن پنجاب کان وٺي برهمپوترا تائين فتوحات ڪئي. 380ع ۾ ٽپس چندرگپتا ثاني تخت تي ويٺو جو عام طرح وڪرماجيت سڏجي ٿو، جنھن جو سنبت اڄڪلھه هندن ۾ رائج آهي. سندس تختگاهه ’اُجين‘ سنسڪرت ادب ۽ ثقافت ڪري گهڻي ترقي ڪئي. اڪبري دربار جي نورتن وانگي وڪرمي دربار جا نو رتن به مشھور آهن. چيني سياح فاهين 411- 405ع هندستان جي سير تي آيو هو. سڪنداگپتا جي راڄ ۾ 458ع ڌاري سفيد فام هُن قوم سنڌوماٿريءَ تي حملو ڪيو. هن قوم جا ٻه قبيلا خانه بدوش هئا، جيڪي آمو درياءُ پريان رهندا هئا. هڪڙي قبيلي وولگا نديءَ واري حصي تي پھچي ديرو دمايو. ٻي آمو درياءُ ٽپي ساساني شهنشاهن بھرام چوٿين ۽ 484ع ۾ فيروز کي شڪستون ڏيئي هندستان ۾ وارد ٿيا. ڪشان قوم کان ڪابل کسي 458ع ڌاري گپتا حڪومت جا در کڙڪائي، سندن امير تورامنا وچ هندستان تائين ڪاهي آيو ۽ پنجاب، مالوه ۽ ڪشمير جا حصا قبضي هيٺ آندا. سندن مرڪزي شھر افغانستان ۾ باميان هو. تورامنا کانپوءِ مهيراڪلا سيلون تائين ملڪ کي تاراج ڪيو. وڪرمي روايتن مان پتو پوي ٿو ته راجا يشوڌرما هُن قوم کي شڪست ڏني هئي. تنھن کان اڳ گپتا راجا بالادتيا، مهيراڪلا کي شڪست ڏني هئي. وچ ايشيا وارن پرڳڻن تي 567- 563ع ايرانين ۽ ترڪن گڏجي قبضو ڪيو. چيني سياح سنگ يون، جنھن 520ع ڌاري اُتر هندستان جي سياحت ڪئي هئي، تنھن هُن قوم جي دربار ۽ سندن تھذيب ۽ ملڪي حالتن تي روشني وڌي آهي. هيءُ قوم انڊو- آرين جنتا ۾ جذب ٿي ويئي. مهيرا نالي جي معنيٰ آهي سج (مير) جنھن نالي تي راجپوتن جا ڪي شھر سڏجن ٿا. جهڙوڪ: اجمير، جيسلمير، ڪوملمير، بيڪانير وغيره. هُن هندستان ۾ کترين سان گڏجي کتري سڏجڻ لڳا. ولاڀي حڪومت، جا اڀرندي ڪاٺياواڙ ۾ ميتراڪا گهراڻي قائم ڪئي، سو هن نسل مان هو. انھيءَ زماني ۾ 641ع ڌاري چيني سياح هوئن تسانگ اُترسنڌوماٿريءَ مان لنگهيو هو. 643- 606ع قنوج تي راجا هرش جي حڪومت هئي، جو هندستان جو طاقتور راجا هو. پنجاب، راجپوتانا، وچ هندستان، مالوه، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ بنگال جو ڪجهه حصو ۽ اوڙيسا سندس حڪومت اندر هئا. هرش 647ع جي شروعات ۾ انتقال ڪيو. سندس زمانو سنڌ جي اتهاس ۾ هڪ انقلابي دؤر آهي. ايران تي نوشيروان 531 کان 579ع تائين حڪومت ڪئي. اڳ ايراني شهنشاهه اصتطخر تي حڪومت ڪندا هئا. نوشيروان هاڻوڪي بغداد ويجهو طيسفون (مدائن) نئون تختگاهه تعمير ڪرايو هو. انھيءَ شهنشاهه جي ڏينھن ۾ 20 اپريل 571ع وڪرمي سنبت 628 ۾ پيغمبر آخرالزمان، حضور سرورِ ڪائنات، سيدالانبياء، رحمت العالمين محمد بن عبدالله عليھ الصلوات والسلام مڪھ معظمھ ۾ عالمِ دنيا ۾ جلوه گرٿيا.

صنعت ۽ معيشت:

200 ق.م. کان 600ع چئن صدين جي وڏي مدي اندر سنڌ گهڻائي انقلاب ڏٺا. باختري يونانين، ساڪ، پارٿي، يوچي، ڪشان ۽ هُن قومن ڪاهون ڪيون. تنھن کانپوءِ ناگا ۽ گپتا ۽ هرش جي گهراڻن راڄ ڪيا. مٿين دؤر ۾ ننڍيون رياستون کڙيون ٿيون، جن تي فوجي جرنيلن (سيناپتي) حڪومتون ڪيون. ٻُڌ ڌرم، جنھن کي آسوڪا اوج تي رسايو هو، سو ڪمزور ٿي ويو. سنڌ برصغير جو اُلھندي وارو سرحدي علائقو هو. جن به ڌارين قومن ڪاهون ڪيون، تن لاءِ آماجگاهه هئي. ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هئڻ ۽ سمنڊ ڪري ايتري جهڳڙن ۽ فسادن هوندي سندس تجارتي ناتا ڌارين ڏيهن سان جاري رهيا. چار هزار ورهين کان سنڌ تھذيب جي مکيه مرڪزن مان هڪڙو مرڪز هئي. سنڌ جي دولت، هر حمله آور کي حملي ڪرڻ لاءِ هرکايو آهي. ان تي حملابي انداز ٿيا ۽ وڏي پيماني ڪاهون ٿيون، پر حمله آور ڪڏهن به سنڌ تي ڪوگهڻو عرصو پنھنجو وارو ڄمائي نه سگهيا ۽ نه ڪي هتي جا ماڻھو، انھن ڪاهن ۽ جنگين کان پيسجي پيڙجي، هميشه لاءِ ۽ مڪمل طرح ڪو نابود ئي ٿي سگهيا. برعڪس انھيءَ جي، پاڻ اهي قومون، زماني گذرڻ تي سنڌ ۾ رهي، سنڌ ۾ ملي جذب ٿي ويون. انھن ڀانت ڀانت جي قومن جي ماڻھن ۾ پنھنجي اصل نسل جا منھن مھانڊا اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن. سنڌوندي سندس مکيه ندي، ان وقت جي آمدرفت جو هڪ مکيه ذريعو هئي، جنھن سندس طبعي اڪيلائيءَ کي ٽوڙي، کيس ٻين ملڪن سان ٿي ڳنڍيو. تنھن هوندي به سنڌ جي قدرتي پناهن، جبلن جي قطارن، کليل سمنڊ، رڻ پٽن وري سياسي سرحدن جو ڪم ٿي ڏنو. انھن قدرتي حدن ئي سنڌ کي هڪ الڳ ۽ جداگانه ملڪ جي حيثيت ڏني آهي. سنڌونديءَ جو صوبي جي اقتصادي ۽ سياسي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر آهي. سندس زرخيز ڪنارا هن صحرا جا خيابان آهن. اها سڄو سال وهي ٿي، مينھن جي اڻاٺ جو پورائو ڪندي، زمين کي پوک جي لائق بنائي ٿي. سنڌ مھراڻ جي سوغات آهي ۽ سنڌين جي آسودگيءَ جو مکيه وسيلو آهي. سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ طبعي حالتن، هن ماٿريءَ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي زندگي ٺاهڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي. سنڌ جون اهي ئي خصوصيتون آهن، جن هاڻوڪي سنڌ کي ٺاهيو آهي. هندستان جي تاريخ کان وڌيڪ تاريخ جي شاگرد جي رهبريءَ لاءِ مواد ملي سگهي ٿو. سوال آهي ته سنڌ جون تاريخون اسڪندر ۽ عربن جي ڪاهن کان شروع ٿين ٿيون، جن ۾ حاڪمن ۽ جنگين جو گهڻو ڪري بيان ڏنل آهي. انساني زندگيءَ جا ٻيا اهم شعبا اونداهيءَ ۾ پيل آهن. موريا راڄ جي پڄاڻيءَ بعد اعليٰ طبقي ۾ مھاڀوڄا ۽ مھاسيناپتي شمار ٿيندا هئا، جيڪي حڪومتن جا ڪارپرداز هئا. تنھن کانپوءِ سرڪاري ڪامورا ۽ واپارين جو گروهه. هيٺانھين طبقي ۾ هاري، سونارا، حڪيم ۽ ’دوا فروش‘ جيڪي ڪٽنبن ۾ وراهيل هئا. شھرن جو انتظام واپاري طبقي معرفت هلندو هو ۽ شھري ميونسپالٽيون اڄڪلھه قائم آهن. ’سوارنا‘ سونا سِڪا ۽ ’ڪرشاپنا‘ چانديءَ جا سِڪا رائج هئا. سرمايه دار، لهڻيدارن کان وياج وٺندا هئا. سرمايه دارن وٽ ڪو موڙي سيڙهائيندو هو ته سرمايه دار اڄڪلھه جي بئنڪن وانگي وياج ڏيندا هئا. گهرو هنرن به ترقي ڪئي هئي مثلاً: تيلي، ڪنڀار، ڪوري وغيره، ڌنڌن ۾ رڌل نظر اچن ٿا. يوناني ۽ ٻُڌڪي ثقافت ڪري سنگتراشيءَ جي هنر گهڻو ترقي ڪئي. گنڌارا آرٽ، جيڪي ٻُڌ جا بُت تراشيل آهن، سي يوناني ديوتائن جي بُتن ۾ اپالو سان مشاهبت رکن ٿا. ڪنشڪ، ايشيا ڪوچڪ کان گهڻائي ڪاريگر گهرايا هئا، جن شاهي محلاتن کي ۽ مندرن کي سينگاريو هو. اهڙن شھرن جا آثار سنڌوماٿريءَ ۾ ٽئڪسلا جي ڀر ۾ ويران دڙن جي صورت ۾ بيٺل آهن. بُتن ۽ سِڪن جي ساخت مان چئي سگهجي ٿو ته عيسوي پھرين صديءَ ڌاري رومن- يوناني تھذيب جو اثر سنڌوماٿريءَ کان نڪري هندستان تائين پکڙجي ويو. ڳوٺن جي حالت ساڳي رهندي آئي، جيئن موريا جي راڄ ۾ هئي. نووارد قومون به پنھنجن رسمن کي وساري هندڪي رسمون اختيار ڪيون. پنجين ۽ ڇهين صديءَ ۾ جيڪي چيني سياح هندستان آيا، سي سنڌوماٿريءَ کان لنگهيا هئا. سندن بيان مان روشني وٺي سگهون ٿا. فاهين 400ع ۾ ڪابل، قنڌا ۽ سوات کان سنڌوماٿريءَ ۾ وارد ٿيو هو. هن ڄاڻايو آهي ته ماڻھن جي پوشاڪ سادي هئي. ماس ۽ شراب فقط چنڊال واپرائيندا هئا.  عوام وٽ آسودگي ۽ دولت هئي. مندرن جا بُت سون ۽ چانديءَ جا هئا، جن تي ناچ ۽ گانا ٿيندا هئا. حڪمران طبقو، امير توڙي غريب دياوان هئا ۽ غريبن جي سار سنڀال ڪندا هئا. شھرن ۾ ماڻھن ۽ جانورن لاءِ شفا خانا هئا. سنگ يون 521ع ڌاري مھراڻ جي ماٿريءَ مان لنگهيو هو.90 هوئن تسناگ 629ع ڌاري چين کان نڪتو ۽ 645ع ۾ واپس چين ڏانھن ويو. جيڪي چينائي ڪنشڪ جي دربار ۾ سفير ٿي آيا، پاڻ سان چينائي صوفن جو ٻج آندو هو. راوي ۽ ستلج واري دوآبي ۾ چينائي صوفن ۽ شفتالن جي ڪاشت ڪرائي هئي. مھراڻ جا رهاڪو صوفن کي چينائي ۽ شفتالن کي ’چيناراجتپرا‘ نالن سان سڏڻ لڳا. يونانين وانگر چينائي به شاهدي ڏين ٿا ته سنڌوماٿريءَ جا شھر ۽ ڳوٺ سون ۽ چاندي سان ڀريل آهن، ۽ سندن چوگرد باغن ۽ بوستانن جي جهجھائي هئي. عوام جو لباس ريشمي هو ۽ زالن ۽ مردن جا زيور چمڪندا هئا. ڏيتي ليتي نھايت ايمانداريءَ سان ڪندا هئا. پنھنجي مادري زبان سان کين بيحد پيار هو. مھراڻ جي ماٿريءَ جا رهاڪو صفائي پسند هئا. سندن ٿانوَ سون، چاندي، پتل، لوهه جا آهن. شھرن جي ڳلين ۽ رستن جي ٻنهي پاسن کان دوڪانن جون قطارون آهن. ماڻھن جي خوراڪ کير، گيھه، مکڻ، ماس ۽ مڇي آهن. ڪمند ۽ انگور مان شراب جوڙين ٿا.91 مردن جي پوشاڪ ڌوتي ۽ چادر ۽ زالن جو بدن ڍڪيل هو. سندين ڳچين ۾ سونا هار پيل هئا، جن ۾ جواهرات جڙيل هئي. زالون نفاست پسند آهن. سندن چوٽن ۾ گل لڳل آهن. چانور ۽ روٽي، ترڪاريون روزمره استعمال ڪن ٿا. مٿين بيان مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته سنڌين جي معاشي حالت بلند هئي. ريشمي لباس پائڻ، سون ۽ چاندي جي برتنن ۾ رسوئي کائڻ ۽ زيورن سان گڏ جواهرات جو رواج، زالن جون زالاڻي پوشاڪون ساڙهيون، چوٽن کي چنبيلي گلن سان سينگارڻ، مندرن ۾ ناچ ۽ گانا هڪڙي اعليٰ تمدن، آسودگي، هنرمندي ۽ آرٽ ڏانھن اشارو ڪن ٿا. اهو سنڌ جو سونهري دؤر هو.

واپار:

مھراڻ ماٿريءَ جو ڀونوچ سمنڊ، ايراني نار، ڳاڙهي سمنڊ ۽ هندي سمنڊ سان ته گهڻو اڳ واپار جاري هو. بابل ۽ اشور واري زماني ۾ سنڌي واپارين فرات، دجله جي ڊيلٽا (شط العرب) جي شھر اُر، نپور ۽ ٻين وڏن واپاري مارڪيٽن ۾ ڪوٺين وجهڻ سانگي بيٺڪون وڌيون هيون. هن دؤر ۾ ڌرمي تبليغ ۽ سفارت خانن کلڻ ڪري سنڌي واپارين برنيس ۽ اسڪندريه ۾ واپاري ڪوٺيون کوليون هيون. ڪنشڪ جي دربار ۾ يوناني هنرمند رهندا هئا. اهڙن ناتن قائم ٿيڻ ڪري يوناني ۽ رومن تھذيب، جنھن تي هندي غلاف ويڙهيل هو، جنم ورتو. مصوري، چٽسالي ۽ بُت سازي جي هنرن زور ورتو. گنڌارا آرٽ لاءِ باميان جي جبل ۾ اُڪريل ٻُڌ جا بُت ۽ اجنٽا جا بُت  شاهدي ڏين ٿا. سمنڊن ذريعي واپار غورابن وسيلي هلندو هو. اڳ اهو واپار بابل، فنيقيا عربن جو هو. هينئر يونانين ۽ رومن هندي وڏي سمنڊ کان واقف ٿيا هئا. سندن واپار دکن جي چولا، چيرا ۽ پانڊيا ۽ تامل ديس سان ويندي سيلون تائين رائج ٿيو. اڳ خشڪيءَ جي مکيه شاهراهه جا پتاليپورا (پاٽنا) کان براه مھراڻ جي ماٿريءَ کان بلخ پھچندي هئي، جتي ٻُڌ جو مشھور ’نووهار‘
بتخانو هو، جنھن تي هر سال وڏا ميلا لڳندا هئا؛ جتي هند، سنڌ، ايران ۽ چين جي يا ترين اچڻ ڪري بلخ (ام بلاد) چين ڏانھن ويندڙ ۽ ايندڙ مال جو ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ وڏو واپار جو مارڪيٽ هو. سنڌ وارا ريشم مشڪ بلخ کان گهرائيندا هئا. هن ’ڪنشڪ‘ دؤر ۾  ڪشمير ۾ ڪنشڪپورا (ڪانسي پورا) نئون شھر تعمير ڪرايو هو. چينائي ترڪستان جا شھرختن، يارقند ۽ ڪاشگر (قاشغر) به سندس قبضي هيٺ هئا. چين جا سفير به سندس دربار ۾ رهندا هئا. اهڙن تعلقاتن ۽ چينائي ترڪستان تي قبضي هئڻ ڪري چين جو ريشم، جڙيون ٻوٽيون، ڪشميري شالون بلخ بدران براه چيني ترڪستان ڪشمير پھچڻ لڳيون. ٽئڪسلا ۽ پسڪلاوتي (پشاور) وڏي واپار جا مرڪز بنجي ويا ۽ سنڌونديءَ جي وجود ڪري چين جو ريشم سنڌوماٿريءَ جي شھرن ۾ ڊيلٽا تائين پھچڻ لڳو. سنڌ جي ٻن شھرن پٽالا ۽ باربائيڪ (ڀنڀور)، جتي اسڪندر مال جي لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ دِڪا تعمير ڪرايا هئا، اتان غورابن وسيلي سنڌ جو مال، سون، جواهر، جڙيون ٻوٽيون، عاج، ريشمي ۽ باريڪ سوٽي ڪپڙا، عطر، ڀڙوچڪا (ڀڙوچ) ۽ پيٿان (دکن) جي ٻن بندرن ڏانھن ويندا هئا، جتان رومن ۽ يهودي واپاري خريد ڪندا هئا.
92 پتاليپوترا کانپوءِ خشڪيءَ جو واپار، اُجين ۽ بنارس ڏانھن ويندو هو، جتان اهو مال رنگون تائين ويندو هو. سامونڊي جھازن تي هرهڪ غوراب سان ٻه هزار ملاح رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته سامونڊي ڦورن کان غورابن کي خطرو رهندو هو. اهو بيان 400ع ۾ فاهين ڏنو آهي.93 هن دؤر ۾ جڏهن ته يونان، روم ۽ ايران سان برصغير جا تعلقات هئا، ته مٿين ملڪن جي زبانن ۽ تھذيبن جو وڏو اثر سنڌ تي پيو هوندو، جو سرحدي علائقن هئڻ جي حيثيت ۾ مغربي دنيا کي ويجهو هو. يونانين جو اثر ايترو پيل هو، جو پارٿيا جي درباري ٻولي يوناني هئي. توڙي جو ڏيتي ليتي خروشتي (برهمن پالي) زبان ۾ ٿيندي هئي. سونا، چانديءَ جا سِڪا ۽ ڪوڏين جو رواج هو. پر شين جي مٽاسٽا ڪرڻ جو به رواج هو. بئنڪن ۽ وياج جو سرشتو به جاري هو. واپار جي ترقيءَ جو وڏو سبب هو سنڌي واپارين جي ايمانداري. عيسوي ٻي صديءَ ڌاري مشرقي رومن شهنشاهت اندر ايشيا ڪوچڪ به اچي ويو. رومن مشرقي شهنشاهت جون حدون ڪنشڪا جي سلطنت کان 600 ميل پري هيون، جتي قافلا مال پھچائيندا هئا. ازانسواءِ ڪنشڪ پاران سفير رومن دربار ۾ به رهندو هو، جنھن کي روم ۾ وڏي عزت هئي. رومن گهڻي ڀاڱي سچا موتي، ريشم، مصالا ۽ عطرخريد ڪندا هئا.

 

بلخ جي يوناني حاڪمن توڙي ڪنشڪ رومن جهڙا سڪا رائج ڪيا هئا. استرا جو 7 کان 14 ق.م. قيصر اگستس جو راڄ ڏٺو هو، تنھن تجارتي شين جي فهرست ڏني آهي. پليني جي ”نيچرل تاريخ“ ته انسائڪلوپيڊيا آهي، جا هن 77ع ۾ تصنيف ڪئي هئي. منجھانس سيلون جي واپار ۽ برصغير جي جانورن ۽ نباتات ۽ جڙين ٻوٽين تائين خبر پئجي سگهي ٿي. ساڳئي وقت هڪڙي گمنام مصنف جو ڪتاب ”پري پلوس ماريز ايري ٿريائي“ شايع ٿيو، جنھن مان ڳاڙهي سمنڊ، عربستان، مڪران، سنڌ ۽ اُلھندي هندستان جي سامونڊي ڪنارن جي چٽيءَ طرح سان ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. 150ع ۾ مصر جي جاگرافي نويس سنڌ جو پھريون نقشو تيار ڪيو هو، جو هن ڪتاب جي پھرين باب جي شروعات ۾ ڏنل آهي. مصري جاگرافيدانن کي واپار جي سانگي سنڌ سان دلچسپي هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ مصر کي ويجهو هئي. اڳ موريا واري راڄ ۾ ايراني تھذيب ۽ آرٽ جو هند تي اثر پوڻ لڳو. عيسوي پھرين صدي ۾ يوناني ۽ رومن اثر پوڻ شروع ٿيو. پليني شڪايت ڪئي آهي ته رومةالڪبريٰ کان واپار سانگي بي انداز سون ڇڪجي اچي ٿو ۽ رومن عياشين جي سامان خريدڻ تي خرچ ڪن ٿا. ساڳيو بيان مؤرخ گبن پنھنجي تاريخ ”زوال روم“ ۾ ڏنو آهي. تامل ديس وارا ملايا، سوماترا، جاوا ۽ انڊو چئنا تائين واپار ڪندا هئا. دکن جا تجارتي مرڪز جهڙوڪ: ڪرنگانور، چيرا جو بندر، بڪارائي، ٽرئونڪور جو بندر، تامراپرني ۽ پوهار، ڪاويري نديءَ تي تجارتي مرڪز هئا، جتي روم ۽ عرب واپارين جون تجارتي ايجنسيون هيون. انھن بندرن تان سچا موتي، ريشم، سپون، ڪارا مرچ، لعل، ياقوت، الماس رومن خريد ڪندا هئا. صندل، عطر، ڪافور ۽ ريشم چين کان پھچندو هو. تامل ديس جا سوٽي ڪپڙا، سنڌ جي ململن وانگي مغربين کي گهڻو پسند هئا. سن 300ع ۾ رومن مصر تي قبضو ڪيو. اسڪندريه بندر جي تجارتي اهميت ڏينهون ڏينھن وڌڻ لڳي. ڳاڙهي سمنڊ وارن بندرن تي سوداگرن کي ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻي پوندي هئي. اها ڊيوٽي جنس ۾ ڀرڻ جو به رواج هو. اٽڪل ڇٽيهن قسمن جو ڪپڙو تامل ديس جا ڪارخانا تيار ڪندا هئا. رومن جھاز جيڪو مال دکن آڻيندا هئا، جنھن ۾ فولاد ۽ شيهو ۽ شيشي جو سامان به هو، تنھن کي گودامن ۾ بند ڪري راجا جي مهر هڻندا هئا، جنھن تي شينهن جي تصوير اڪريل هئي. ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻ کانپوءِ مال گدامن کان ٻاهر ڪڍندا هئا94. دکن مان گهڻائي رومن سِڪا هٿ لڳا آهن. 1842ع ۾ ڪئمبٽور مان 522 رومن چانديءَ جا سِڪا هٿ لڳا. ڪئليڪٽ مان اگستوس جا سِڪا ۽ ڪي نيرو جي ڏينھن جا هٿ لڳا هئا. 540ع ۾ سيلون، ڪوچين ۽ ٽرئونڪور ۾ عيسائي ديولون نظر اچن ٿيون، جي نستوري فرقي جون هيون. عيسوي ٻي صديءَ ۾ يهودي ۽ ارمني واپاري رومن جھازن تي ڪوڪن پھتا هئا.95 ڪتاب ”پري پولرس آف دي ايري ٿرين“ ۾ ڄاڻايل آهي ته 80ع ۾ سنڌ مان غلام، گهوڙا، خچر، گيھه، مصالا، سچا موتي، ٽامو، سون، جواهر، ڳڙ جو شراب، گلن جا مختلف ٻوٽا مصر، عربستان ۽ مشرقي آفريڪا جي بندرن ڏانھن برآمد ٿيندا هئا.96 سنڌي ريشمي ڪپڙن تي زردوزيءَ جو ڪم اهڙي ڪاريگريءَ سان ڪندا هئا، جو ڪپڙن تي هيرا ۽ جواهر مڙهيندا هئا. اهو هنر موريا راڄ ۾ رائج ٿيو هو.97 اهڙا قيمتي ڪپڙا رومن امير خريد ڪندا هئا. سنڌ جون تراريون، ٽامي ۽ پتل جا ٿانو ٻاهرين دنيا وارن کي پسند هئا. غلام ترڪي هئا، جن کي پارٿي، ساڪ وچ ايشيا مان جنگين ۾ گرفتار ڪري وڪڻندا هئا. سنڌ جي جوهردار ترارين جي تعريف عربن جي اشعارن ۾ موجود آهي. حضرت ڪعب بن زهير رضه دربار نبويءَ جو شاعر بانت سعاد قصيدي ۾ فرمايو آهي:

ان الرسول سيف يستضاء به مهند من سيوف الله مسلول

ترجمو: ”رسول الله خدا جي هٿ جي ڪڍيل هندي ترار آهي، جنھن مان روشني حاصل ٿئي ٿي“

حضور پاڪ صلي الله عليھ وآلھ وسلم قصيدي جي صلي ۾ شاعر کي پنھنجي چادر مبارڪ عطا ڪئي هئي، جا پوءِ امير معاويه خريد ڪئي هئي ۽ خليفا عيدن جي موقعن تي اوڙهي نڪرندا هئا.98


68 ڊي.ايچ.ڪول، ”امپيرئل ملٽري جاگرافي: اي نوٽ آن دي هسٽري رائوٽس آف انوينين آف انڊيا“،  لنڊن، 1924ع، ص 285.

69 سٽين.اي.ايم: ”ائنشنٽ ختن“، آڪسفورڊ، 1907ع.

70 آر.هيوز.بُلر، ”دي گزيٽيئر آف مڪران“، استولا، بمبئي، 1908ع.

71 اي.جي.گرانٽ، ”هيروٽس“، ج 1 ، لنڊن، 1897ع، ص 60.

72  مولوي محمد جميل الرحمن، ”مسلمانون کي صنعت، حرفت، زراعت ۽ تجارت“، الهه آباد 1934ع، ص 5.

73  ايف.مئڪسملر، ”انڊيا واٽ ڪئن اِٽ  ٽيچ اَس؟“

    ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد 1، ايرانين جي ڪاهه.

74  ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”شاهه جو رسالو“، سُر سسئي آبري، ج 2،  ڪراچي، 1924ع.

نوٽ: يوناني جاگرافيدان همڪيتيوس دارا جي ڏينھن ۾ موجود هو. هُن سائيلاڪس کان سنڌ جا حالات گڏ ڪيا هئا. هو لکي ٿو ته مھراڻ جي کاٻي ڪپ تي اوچائي قوم رهندي هئي. وٽن مضبوط قلعو هو، جنھن ۾ دارا فوج وهاري هئي. قلعي پريان رڻ پٽ هو. ڪٽسئاس دارا جو شاهي حڪيم هو. راجائن پاران جيڪي سفير اصطخر ۾ ڍل پيارڻ ايندا هئا، تن کان احوال پڇي گڏ ڪندو ويو. سي مُلر ٻنهي جا حالات 1841ع ۽ 1843ع ۾ پيرس مان شايع ڪرايا هئا.

75  ڪافرستان ۾ يونانين چاليھه هزار جنگي قيدي، سنگالا جي جنگ ۾ ستر هزار، ملتان ۾ زالون ۽ ٻار به قتل ڪيا هئا. جنھن ڳوٺ تي ڪاهه ڪندا هئا، ته ماڻھو خوف کان ڳوٺ خالي ڪري ڀڄي ويندا هئا. (”ڪئمبرج تاريخ هند“ج 1، اسڪندر جي ڪاهه).

76 آر.هيوز.بُلر: ”دي گزيٽيئر آف مڪران“ ج 7، استولا ٻيٽ، بمبئي، 1906ع.

77 بانا ڀٽ راجا هرش جي اتهاسي آکاڻين ”هرش چرتيا“ ۾ ستي لڪڙيءَ جو ساڳيو بيان ڏنو آهي. ڏسو هرش چرتيا جو انگريزي ترجمو. شيخ ابن بطوطه جي سفرنامي ج 2 ۾ ساڳئي قسم جو بيان ڏنل آهي.

نوٽ: ستيءَ جي رسم يونانين جي ڪاهه وقت فقط ڪاٺي آرين ۾ رائج هئي. ڪي قومون مُڙدن کي جهنگن ۾ ڦٽو ڪندا هئا، جن کي ڳجهون پٽي کائينديون هيون. اها رسم ايرانين کان سکيا هئا.

78 زيوس (اوليمپا) شھر جي ديوتا جي نالي تي يوناني هر چوٿين سال اوليمپڪ رانديون ڪندا هئا. زيوس هوا جو ديوتا هو. جنھن کي رومن جوپيٽر چوندا هئا. ”قديم دنيا“ از: آلبرٽ ماليٽ، لنڊن، 1920ع، ص 123.

ايامِ جاهليت ۾ عربستان ۾ دومتجمدل، هجر، عمان، حضرموت، صنعاء ۽ حج جي موقع تي عڪاظ ۾ وڏا ميلا لڳندا هئا. عڪاظ، طائف ۽ نخلھ جي وچ ۾ هو. هي ميلو ماه ذيقعده ۾ ويھه ڏينھن لڳندو هو. ڏسو: ”علوم العرب“ ج 3، از: جرجي زيدان، عليڳڙه انسٽيٽيوٽ پريس اُردو ترجمو 1907ع، ص 24- 25.

”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ ج 1، سڪندر جي ڪاهه.

نوٽ: ملهه اصل سنسڪرت زبان مَل جو مخفف آهي. سندس معنيٰ آهي بھادر: جيئن هندو نالن ۾ ڪتب آندل آهي، ٽوپڻ مل، ڦڳڻ مل وغيره.

79 ڊاڪٽر گربخشاڻي: ”شاهه جو رسالو“ سُررام ڪلي، ڪراچي، ص 25.

80 اي.ماليٽ: ”دي ائنسٽ ورلڊ باب دي ڪانڪوئيسٽ آف ايشيا“، لنڊن، ص 176

81  استرابو 63 ق.م. کان 36 ق.م. مصر ۾ رهيو هو. هن سنڌ جا جھاز مال سان ڀريل مصر جي بندرن تي ڏٺا هئا. آر.ڊبليو.فريزر: ”دي برٽش انڊيا“ باب اليگزينڊر دي گريٽ، لنڊن، 1898ع، ص 176.

82 اي.ماليٽ: ”ائنشنٽ ورلڊ“.

83 ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ ج 1.

83 آر.ڪي.مڪرجي: آسوڪا، ڪلڪته. ڊ.آر.ڀنڊارڪر: آسوڪا، ڪلڪتو 1925ع- ميڪ ڪرنڊل ”ائنشنٽ انڊيا ڊسڪرائيبڊ باءِ ميگسٿنيز ائنڊ ايرين“، ڪلڪته 1926ع- ”ڪئمبرج هسٽري“ ج 1.

84 ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج 1 ص 479- ميگسٿنيز ڪوڏين جو بيان ڏنو آهي. ڪوس مينارن تي يونانين تصويرون نڪتل ڏٺيون هيون.

85  آر.سي.دت: ”اي هسٽري آف سوليزيشن آف ائنشنٽ انڊيا“ج 3، ڪلڪتو، 1889ع.

     آر. هيوز.بلر: ”ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر آف بلوچستان“، ميد/مڪران، بمبئي 1906ع.

86 مولانا عبدالسلام ندوي: ”حڪماء اسلام“ ج 1، اعظم ڳڙهه، 1953ع، ص 6. جرجي زيدان: ”علوم العرب“، ج 2.

87 آر.ڊبليو.فريزر: ”دي برٽش انڊيا“ ص 5.

88 ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“، ج ص 567.

89 ڊاڪٽرڪينيٽ: ”سينٽ ٿامس دي ائپاسٽل آف انڊيا“، مدراس 1882ع.

90 آر.سي.دت: ”هسٽري آف سوليزيشن آف انڊيا“، ج 3، ڪلڪتو، 1889ع، ص 81- 71.

91 آر.سي.دت: ”هسٽري آف سوليزيشن آف انڊيا“، ج 3، ڪلڪتو، 1889ع، ص 81.

92  سري نواس اچاري، ايم.ايس.رامسوامي ائنگر، ”هسٽري آف انڊيا“مدراس، ج 1، ص 43- 42.

93 آر.سي.دت: ”ائنشنٽ انڊيا“، فاهين جو بيان، ص 81- 17.

94 سري نواس اچاري، رامسوامي ائنگر: ”تاريخ هند“ ج 1، ڊرويڊين ڪلچر، ص 274-275.

95  اي- گبن: ”زوال روم“، ج 4، ص 598.

اي- فلپ: ”دي سرين چرچ آف ملبار“، آڪسفورڊ، 1869ع، ص 23.

96 جي.ڊي.ريز: ”دي رئيل انڊيا“، 1880ع لنڊن، ص 5.

97 آر.سي.دت: ”ائنشنٽ انڊيا“، ج 1، ص 86.

98  عبدالسلام ندوي: ”اُسوهء صحابه“، ج 2، اعظم ڳڙه 1922ع، ص 425.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org