|
باب ستون
غزنوي، غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق
1025ع کان 1412ع تائين
اقتصادي حالت:
دهليءَ جي سلطانن جي دؤر ۾ تاتارين جي
حملن ڪري هنگامي حالتون جاري رهيون. تاهم هندڪي
زماني جي ڍلن سان جيڪڏهن اسلامي دؤر جي ڍلن جي
ڀيٽا ڪري ڏسبي ته گهڻو تفاوت نظر ايندو. هندن جي
ڪتابن ”ارٿا شاستر“ توڙي ”شِوڪرانتي“ ۽ هندو،
مؤرخن جي تاريخن جي بيانن مان صاف ظاهر آهي، ته
هندو راجائون ويران ۽ پٿريلي زمينن مان ڇهون حصو ۽
موڪي زمينن تان اڌ حصو کڻندا هئا. گويا چاليھه يا
ستونجاهه سيڪڙو اپت جو حصو کڻندا هئا. منو مهراج ته گوشت، ماکي، گيھه، عطر، دوائن، تيل، گلن، پان،
جڙين ٻوٽين، گاهه، ميون، چمڙي، ٺڪر ۽ پٿر جي برتنن
تي ٽئڪس وجهڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. پنڊت چانڪيا ”ارٿا
شاستر“ ۾ اهڙين شين جي فهرست ڏني آهي، جن تي
راجائن کي ٽئڪسن وجهڻ لاءِ قانوني حق هو. گويا
بدنصيب هارين ۽ ڳوٺاڻن کي جهنگلي شين تي به ٽئڪس
ڏيڻي پوندي هئي. مسلمان سلاطين جي نظر ۾ هاري
حڪومت جا ٿنڀا هئا، جن کي همتائڻ حڪومت جو اولين
فرض هو. اسلام جي اچڻ کان اڳ حڪومتن جي دائرن اندر جيڪي زمينون
هيون، سي وقت جي راجائن جون ملڪيتون هيون. غازي
محمد بن قاسم سنڌو ماٿريءَ کي فتح ڪرڻ کانپوءِ ڍلن
گڏ ڪرڻ جو سمورو سرشتو برهمڻن جي حوالي ڪيو هو.
شھرين کان ٽئڪس به برهمڻ وصول ڪندا هئا. سلطان
محمود، شھاب الدين غوري ۽ قطب الدين ايبڪ به ساڳي
رسم تي پابند رهيا، ليڪن علاءُالدين خلجيءَ سياسي
حالتن پٽاندڙ ڍلن ۾ ڦيرو آندو، جو وڌيڪ ڪارگر ثابت
ٿيو. شھاب الدين غوريءَ تاڪيد ڪيو هو ته حڪومت جا ڪارڪن
هارين سان انصاف ڪن. جيئن ”انشاءِ ماهرو“ جي عبارت
ڏيون ٿا:
”خراجي که قديم الايام بود، و در طباع لافر رعايا
و عامه
برايا منطبع است و موجب تخريب نيست، آن اختيار
کنند.“
”ارٿا شاستر“ ۾ پٽواري (تپيدار) جو نالو
گوپا ڏنل آهي. دهليءَ واري زماني ۾ بدلجي ’خوطه‘
ٿيو ۽ هاري ’بلاهر‘ سڏجڻ لڳا، جيئن اڳ اهي نالا
رائج هئا.
ڍلون:
ڍلن جا پنج قسم هئا: (1) خراج (2) عشر (3)
جزيه (4) خمس (5) زڪوات. هندو ڪاشتگارن کان ساڳيون
ڍلون اُڳاڙبيون هيون، جيڪي اڳ راجائن کي ڀريندا
هئا. مسلمانن کان ڏهون حصو، هندن کان جزيه وٺندا
هئا. زالون، ٻار ۽ محتاج آزاد هئا. خمس مال غنيمت
مان پنجون حصو حڪومت کي ۽ 5/4 فوجين کي ملندو هو.
زڪوات ڏيڻ لاءِ فقط مسلمان ٻڌل هئا. بادشاهن کي
وظيفو ڪونه ملندو هو. سموري خزاني جا مالڪ هئا ۽
حڪومت جي فلاح ۽ بهبوديءَ تي خرچ ڪندا هئا. ڏڪار
فقط محمد تغلق جي ڏينھن ۾ پيو. 1398ع ۾ امير تيمور
جي ڪاهه ڪري حالتون بدتر بنجي ويون، پر بنگال ۽
سنڌ بچي ويا. جزيه ڍل ايرانين ۽ رومن جي ايجاد ڪيل
هئي. خود هندو راجائون به مسلمانن سان جنگ ڪرڻ وقت
في هندوءَ کان هڪ روپيو ڍل اڳاڙيندا هئا. اها ڍل
قنوج جي گرهاور راجائن وٺڻ شروع ڪئي هئي.
اقتصادي خوشحالي:
شروعاتي دؤر ۾ دهليءَ جا مسلمان بادشاهه
علائقن فتح ڪرڻ ۾ رُڌل رهيا. بلبن پھريون حاڪم هو،
جنھن اندروني انتظام کي درست ڪيو ۽ ملڪ کي اندروني
ڌاڙيلن کان پاڪ ڪيو ۽ صوبن ۾ زراعت ترقي ڪئي.
واپارين کي مال آڻڻ ۽ نيڻ ۾ سهوليتون مليون.
اقتصادي حالت ۾ انقلاب پئجي ويو. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾
دولت جي ڪمي ڪانه هئي. شروعات ۾ سرڪاري عملدار ڍلن
۾ گهوٻيون هڻڻ ۽ رشوتون وٺڻ لڳا. مگر علاءُالدين
خلجيءَ حالتن تي قبضو ڪيو. هن اهڙا قانون نافذ
ڪيا، جو سڀني شين جي قيمت گهٽجي ويئي. هڪ ملازم
ويھن ٽنڪن (ٽڪن) ۾ فارغ الباليءَ سان گذر ڪري
مهينو گذاريندو هو. راشن سسٽم نافذ ڪرڻ ڪري سرڪاري
گدام اَنَّ سان ڀرپور هئا. علاءُالدين کانپوءِ ڪي
شيون مھانگيون ٿيون، پر اناج جي سستائي هئي. محمد
تغلق جي ڏينھن ۾ پورا ڏهه سال ڏڪار رهيو. ليڪن
1351ع کان 1388ع تائين آبپاشيءَ جي ترقيءَ ڪري
رعايا خوشحال زندگي بسر ڪرڻ لڳي. زالون سون ۽
چاندي جي زيورن سان جهنجهيل هيون. ڪڻڪ، ڪپهه،
چانور، دالين، ٻاجهري، جَوَ، مٽر، سره، ترن جي پوک
ٿيندي هئي. علاءُالدين خلجيءَ زميندارن ۽
جاگيردارن جو زمينون ضبط ڪيون، ته جيئن ڪاشتگار
آزاد رهن. سلطان پھريون دفعو زمينن جي ماپ ڪرائي.
جيڪي اڳ وقف ملڪيتن ۽ جاگيرن جي آمدني تي عيش
ماڻيندا هئا، اُهي هينئر محنت ۽ پورهيو ڪري پيٽ
پالڻ لڳا. تپيدار جيڪي اڳ قيمتي پوشاڪون پائي
گهوڙن تي سفر ڪندا هئا ۽ عيش، نشاط جي مجلسن ۾ وقت
گذاريندا هئا، علاءُالدين خلجيءَ وصولين ۽ آمدني
تي چڪاس رکي کين لغام

وجهي قابو ڪيو. پنجاهه سيڪڙو زمين جي ڍل مقرر ڪيائين. هندو ۽ مسلمان اميرن
جي دماغن مان سرڪشيءَ جو نشو ڪافور ٿي ويو. جاين ۽
کيرڏيندڙ جانورن تي به ٽئڪس مڙهي ويئي. جزيه ڍل جي
شرح آسان هئي. غريب ڏهه ٽڪا، وچولو طبقو ويھه ٽڪا
۽ شاهوڪار چاليھه ٽڪا، مالِ غنيمت مان 5/4 حصو وٺڻ
لڳو. سلطان نئون کاتو استخراج کوليو، جنھن کي ڍلن
۽ بقايا جي جاچ ڪرڻ جو اختيار هو. تپيدارن،
گماشتن، ڪارڪنن ۽ عاملن کي سزائن ڏيڻ جو اختيار
هو. هن کاتي جي کلڻ ڪري رشوت کي صفا ٻنجو اچي ويو.
حڪومت جي آمدني وڌڻ لڳي. هارين کي اجازت هئي ته ڍل
نقدي ڏين يا جنس ۾- چوپايي مال جي ايتري جهجھائي
هئي، جو آباديءَ جو زمينون چراگاهن ۾ بدلجي ويون.
تنھنڪري چراگاهن تي ڍل مڙهي ويئي. ڪاشتگارن،
زميندارن ۽ واپارين تي ڍلن مڙهڻ ڪري دفاع تي خرچ
ڪرڻ ۾ سهوليت ٿي. فوج جو تعداد 4 لک 75هزار سوار
هو ۽ في سوار جو پگهار ساليانو 234 ٽڪا هو. بازارن
۾ شين جون قيمتون مقرر ڪيون ويون. هن ترقيءَ جي
دؤر ۾ ترقي يافته حڪومتون وسيع ذرائع هوندي به شين
جي قيمتن کي قابو ۾ آڻڻ کان قاصر آهن. پر هڪڙي
مطلق العنان بادشاهه تاريخ جي وچئين زماني ۾ جيڪا
ڪاميابي حاصل ڪئي، سا حيرت انگيز آهي. اڄ غذائي
مسئلو دنيا کي پريشان ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو
خانداني منصوبه بندي تائين نوبت پھتي آهي. مقرر
ڪيل قيمتن جي ۽ شين جي فهرست هيٺ ڏيون ٿا. ياد رهڻ
گهرجي ته اُن زماني ۾ مڻ جي تور 14 سير هئي:
جريان نمبر في مڻ قيمت سڪو
جيتل (پئسا)
(1) ڪڻڪ 2/1 7
=
(2) جو 4
=
(3) چانور 5
=
(4) مانهه جي دال 5
=
(5) چڻا 5
=
(6) موٺ 3
=
(7) نباتون (سير) 2/1 2
=
(8) اڇي کنڊ (سير) 2/1 1
=
(9) ڳاڙهي کنڊ 3 سير 2/1 1
=
(10) لوڻ مڻ 2/1 5
=
حڪومت جي گدامن ۾ ايترو اَنَّ هو، جو
واپاري حڪومت کان خريد ڪندا هئا. ذخيره اندوزيءَ
جي اجازت نه هئي. هارين کي اجازت هئي ته بازار ۾
پنھنجو مال نيڪال ڪن ۽ نفعو حاصل ڪن، پر مال ڪونه
لڪائين. مستحڪم حڪومت ۽ انصاف ڪري عام خوشحالي جو
دؤر هو. ڏڪار جي حالت ۾ سرڪاري دوڪان کلبا هئا،
جتي غذائي شين کان علاوه ڪنٽرول ريٽ تي ڪپڙو به
ملندو هو. شھرن جي هرهڪ محلي لاءِ گهرج آهر سرڪاري
دوڪانن کي شيون پھچايون وينديون هيون. نرخن جي جاچ
ڪرڻ لاءِ سرڪاري جاسوس مقرر هئا. وچئين درجي جو
ڪپڙو في ٽڪي ويھه وال ۽ گهٽ درجي جو ڪپڙو في ٽڪي
چاليھه وال وڪامندو هو. ڪنھن کي مجال نه هئي، جو
خلاف ورزي ڪري سگهي. عمدو ڪپڙو ٽن قسمن جو ’شرين
بافت‘ ڪوٺبو هو، اهو پنجن ٽڪن تي في گز وڪامندو
هو. اوني ڪپڙي جي في گز جي قيمت ٻه ٽڪا هئي. ململ
في گز ٽي ٽڪا. ٻاهرين ملڪن مان ڪپڙي گهرائڻ لاءِ
حڪومت واپارين کي ويھه لک ٽڪن تائين قرض ڏيندي
هئي. واپارين جا نالا حڪومت وٽ رجسٽرڊ ٿيل هئا.
شھري عمدن ڪپڙن جي پرمٽ بازار جي شحنه کان وٺي
سگهندا هئا.
چوپايي مال جون قيمتون:
هرهڪ شھر ۾ چوپايي مال جي وڪري لاءِ مڏيون
۽ پڙيون هيون. هرهڪ قسم جي جانور لاءِ سرڪاري قيمت
مقرر هئي. گهوڙا، جن جي لشڪر کي ضرورت هئي، ٽن
قسمن جا هئا. سٺي گهوڙي جي قيمت هڪ سؤ کان هڪ سؤ
ويھه ٽڪا. ٻئي درجي جي گهوڙي جي قيمت اُسي کان نوي
ٽڪا، ٽئين درجي جي گهوڙي جي قيمت پنجهٺ کان ستر
ٽڪا هئي. خچر جي قيمت ڏهن کان پنجويھه ٽڪا هئي. ڪو
سوداگر ٺڳي ڪندو هو، ته قيد جي سزا يا جلاوطنيءَ
جي سزا ڀوڳيندو هو. دلالن کي ته دخل ڏيڻ جو ڪو حق
ڪونه هو. کير ڏيندڙ جانورن مان ٻڪريءَ جي قيمت ٽي
يا چار ٽڪا، ڳئون ۽ مينھن جي قيمت ڏهه يا ٻارهن
ٽڪا، رڍ جي قيمت ٻارهن يا چوڏهن پئسا هئي. گلبدن
بيگم لکيو آهي ته سنڌ ۾ في روپيه جون چار ٻڪريون
وڪامنديون هيون. هڪ عام ٻانھيءَ جي قيمت پنجن کان
وٺي چاليھه ٽڪا هئي. خوبصورت ڪنيز ويھن کان ٽيهن
ٽڪن تائين وڪامندي هئي. هي اهو زمانو هو، جڏهن
سنڌين وٽ غلام ۽ ڪنيزون هيون. ابن بطوطه سنڌ ۾
کير، مڇي ۽ ميون جي سستائيءَ ۽ جهجھائيءَ جي تعريف
ڪري ٿو. ترڪارين، ماني، گوشت، يخني، مٺاين جون به
قيمتون مقرر هيون. برصغيرهند اهڙو خوشحاليءَ ۽
سستائيءَ جو زمانو نه اڳ ڏٺو، نه پوءِ جي زماني ۾-
محمد تغلق جي ٽئڪسن جو تعداد 25 هو:
(1) بازار، (2) دلالي، (3) گوشت، (4) ناچ
۽ گاني، (5) عطر ۽ گلن، (6) پان، (7) اَنَّ، (8)
ڪتابن، (9) نيل، (10) مڇي، (11) پيڃارن، (12) صابڻ
سازي، (13) ريشم، (14) گيھه، (15) ترڪارين، (16)
جوابازي، (17)ڀڳل اَنَّ، (18) دوڪان، (19) ٽڪلين،
(20) چرائي، (21) جاين، (22) دوڪاندارن، (23)
دادبڪ جي في، (24) ڪوٽوال جي في ۽ (25) محتسب جي
في. هن جاگيرن ڏيڻ جي سرشتي کي جاري رکيو، جن مان
ڪن جي آمدني ويھن هزارن کان چاليھه هزار ٽڪا هئي.
چوپائي مال جي ايتري قدر جهجھائي هئي، جو شاهي
باورچي خاني لاءِ روزانو، ٻه هزار رڍون، اڍائي
هزار ڍڳيون ذبح ڪيون وينديون هيون. فيروز شاهه
تغلق غيرقانوني محصول ۽ ٽئڪس بند ڪيا. فقط اهي
ڍلون قائم رکيائين، جن جي شرع ۽ فقهي قانون اجازت
ڏيندا هئا. محتاجن جي بالغ ڇوڪرين جي شاديءَ لاءِ
سرڪاري مالي امدادون ملڻ لڳيون. شرفا کي ڇوڪري جي
شادي لاءِ پنجاه روپيا، وچئين طبقي واري لاءِ ٽيھه
روپيا ۽ غريب لاءِ پنجويھه روپيا مقرر ڪيا. تن
ڏينھن ۾ اهي وڏيون رقمون هيون. فيروز شاهه زراعت
جي ترقيءَ لاءِ ڪيترا واهه کوٽرايا هئا ۽ آب
ڪلانيءَ جي روڪ لاءِ پنجاهه بند مختلف هنڌن تي
تعمير ڪرايا هئا. دهليءَ جي چوگرد هڪ هزار باغ
آراسته ڪرايائين. رستن تي وڻ پوکرايائين. ساليانو
ٻه لک ٽڪا باغن مان آمدني ٿيندي هئي. بيروزگارن کي
روزگار ڏيارڻ لاءِ جدا کاتو کوليو ويو. ڪوٽوالن کي
حڪم هو ته بيروزگارن ۽ فقيرن جو تعداد مرڪز کي پيش
ڪن. محلن ۾ جيڪي نادار شرفا هئا، تن لاءِ وظيفا
مقرر ڪيائين. جهونين عمارتن جي مرمت ڪرايائين.
هارين کان سندن حال سارو ڍلون ورتائين. اڳ في
ڳوٺاڻي کي فقط هڪ ڳئون ڌارڻ جو حڪم هو. فيروز
شاهه اهو حڪم رد ڪيو، ته جيئن ڳوٺاڻا مالدار
بڻجن. ملڪ ۾ امن امان هو ۽ سڀني سان انصاف سان
حڪومت ڪندو هو. شين جي سستائيءَ ڪري امير توڙي
غريب خوشحال ۽ بي فڪريءَ جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
بدعتن کي سخت سزائون ڏيندو هو. سندس ڏينھن ۾ ڪڻڪ
جي في مڻ جي قيمت اَٺ پئسا، جوئر جي في مڻ جي قيمت
چار پئسا، گيھه جو في سير اڍائي پئسا، کنڊ جو في
سير ٽي پئسا. قحط جي حالت ۾ جوئر جي مڻ جي قيمت هڪ
ٽڪي کان وڌي نه سگهي. سندس پاليسي هئي ته زراعت
ترقي ڪري ۽ عوام آسودو رهي. فياضين ڪري هن وڏي
شھرت حاصل ڪئي. بيروزگارن لاءِ روزگار مھيا
ڪيائين، خيرات لاءِ جدا کاتو کوليائين. نهرون،
کوهه کڻائي زراعت کي ترقي ڏياريائين. مدرسن کي
سرڪاري امدادون ڏياريائين، مسافرن جي آسائش ۽ راحت
لاءِ سرائون تعمير ڪرايائين. حڪومت جي ملازمن سان
نرمي اختيار ڪيائين، نوان ڳوٺ تعمير ڪرائي ملڪ کي
آباد ڪيائين. رعايا محسوس ڪيو ته بادشاهه عوام جي
فلاح ۽ بهبوديءَ جو نگهبان آهي. مختلف قومن جي ميل
جول ڪري اُردو زبان نئين زبان ترقي ڪئي. صوبائي
مادري زبانن به ترقي ڪئي.
واپار:
سلطان محمود غزنوي توڙي دهليءَ جي بادشاهن
جا اسلامي دنيا سان تعلقات مضبوط هئا. فاطمي خلافت
جي مقابلي ۾ عباسي خلافت سان همدردي رکندا هئا.
اهڙي ناتي ڪري اسلامي دنيا سان واپار هلندڙ هو.
سلطان محمود غزنويءَ کي جنگين ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ سان
بيحد دلچسپي هئي. پر، ساڳئي وقت هن واپار کي ترقي
ڏياري هئي. واپار جي ترقيءَ لاءِ رستن جي سلامتي
هئڻ ضروري مسئلو آهي. سلطان ڌاڙيلن ۽ قزاقن جي
سرڪو بي ڪري رستن کي خطري کان پاڪ رکيو هو. تجارتي
شاهراهن تان قافلن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو قائم رهيو.
خراسان ۽ لاهور جي وچ ۾ قافلن جي آمد ۽ رفت هئي.
وچ ايشيا مان هٿيار ۽ غلام وڪري لاءِ ايندا هئا.
سلطان صوبن جي حاڪمن کي تاڪيد ڪيو هو، ته امن امان
لاءِ رستن تي چوڪسي رکن. عتبي جو بيان آهي ته
رعايا جي خوشحاليءَ ڪاڻ سلطان شين جي اگهن ۽ تور ۽
ماپ تي چڪاس رکڻ ۾ دلچسپي رکندو هو، جيئن واپاري
کوٽ نه ڪري سگهن. ”تاريخ گزيده“ ۾ ڄاڻايل آهي ته
هڪڙي دفعي ڌاڙيلن هندستان کان نيشاپور ويندڙ هڪڙي
قافلي کي لٽيو هو، جنھن ۾ اتفاق سان هڪڙي پوڙهي
زال جو پٽ مارجي ويو هو. هن زال سلطان کي دانھن
ڏني. سلطان پنھنجن پنجن سون غلامن کي واپارين جو
ويس ڍڪائي، زهر ۾ ٻڏل ميون جو ذخيرو قافلي وارن کي
ڏئي ان رستي کان روانو ڪيو. ڌاڙيلن قافلي کي لٽي
ميوو ڍئو ڪري کاڌو ۽ زهر جي اثر ڪري مري ويا. باقي
جيڪي بچيا، تن کي سيستان جي اڳ تيار بيٺل فوج پورو
ڪري ڇڏيو. عرب ۽ ايراني سوداگر سنڌ، گجرات، دکن ۽
دهليءَ سان گهوڙن جو واپار ڪندا هئا. دهليءَ واري
زماني ۾ بادشاهن کي فوج لاءِ گهوڙن جي ضرورت درپيش
هئي. ازانسواءِ مصر، شام ۽ عراق جا واپاري گماشتن
سميت بر اعظم جي صوبن ۾ رهندا هئا. واپار جي مال
جي قيمت جو چوٿون حصو حڪومت کڻندي هئي ابن بطوطه
به ملتان ۾ هڪڙي عراقي سوداگر کان ڪي گهوڙا ۽ تير
سلطان محمد تغلق کي سوغات ڏيڻ لاءِ قرض ورتا هئا. معدنيات جي اُپت مان سرڪار پنجون حصو کڻندي هئي ۽ چوٿون حصو
مالڪ کاڻين کوٽيندڙن کي ڏيندا هئا. سون ۽ چانديءَ
جي برآمد تي بندش پيل هئي.
هرهڪ شھر ۽ پتڻ ۽ مارڪيٽن ۾ سرڪاري جاسوس
رهندا هئا، جن جو ڪم اهو هو ته واپارين جا نالا،
شين جي جنس، قيمت رجسٽر ۾ درج ڪندا هئا ۽ سرڪاري
محرر محصول اُڳاڙيندا هئا. هن دؤر ۾ سنڌ ۾
بندرلاهري واپار ۾ بيحد ترقي ڪئي هئي. ابن بطوطه
هتي يمن، عمان، ايران، ملبار جا جھاز ۽ واپارين
جون ڪوٺيون ڏٺيون هيون.
لاهري خوبصورت بندر هو. سنڌ جي مڪران جي ڪناري تي
ٻيو بندر تيز وڏي واپار جو مرڪز ۽ دولتمند واپارين
جي رهائشگاهه هو. هتان سيستان ۽ قيقانا (قلات) ۽
قنڌار جو مال ٻاهر ويندو هو.
لاهري بندر جو مال براه مٺي ۽ ننگر پارڪر گجرات
ڏانھن ويندو هو ۽ مغلڀين جي بندر سبندا کان واپاري
پور بندر ۽ دوارڪا ڏانھن ويندا هئا ۽ ٻيڙين وسيلي
مال ايندو ويندو هو. وچولي جا رهاڪو پراڻ جي ٻن
شاخن تان ٻيڙين وسيلي لکپت، ڪوٽيشور ۽ نارائڻ سرڪڇ
جي ڪوريءَ جي نار جي بندر ڏانھن ويندا هئا. چاچڪان
جا شھر اگهاماڻي، ونگا بازار ۽ راهڙي وڏي واپار جا
مرڪز هئا. لاهري بندر جي واپار ڪري سالياني آمدني
ست لک دينار هئي، جنھن مان ويهون حصو قاضي علاءُ
الملڪ کڻندو هو ۽ باقي رقم سلطان محمد تغلق ڏانھن
موڪليندو هو.
گجرات، ڪارو منڊل، ملبار، چين ۽ ايراني نار جو مال
لاهري بندر ڏانھن ڇڪجي ايندو هو. سنڌ مان خوشبودار
شيون، نير، موتي، سوٽي ڪپڙو، جنڊيءَ جو سامان
خراسان تائين قافلن رستي پھچندو هو. عراق ۽ ترڪستان کان ساليانو ڏهه هزار گهوڙا وڪري لاءِ ايندا
هئا. سنڌ ۾ في گهوڙي جي قيمت 220 دينار ۽ دکن ۾
پنج سؤ دينار هئي. ڌارين ملڪن جي سڪن جي قيمت سنڌ ۽ هند ۾ گهٽيل هئي. رستن جي
حفاظت لاءِ دهليءَ جي بادشاهن رستن جي ڀر ۾ جيڪي
ٻيلا هئا، سي ڪپائي ڇڏيا هئا. هرهڪ صوبي جي واليءَ
کي حڪم هو ته پنھنجي حد اندر رستن جي تعمير، مرمت
۽ سلامتيءَ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺن. رستا ڪچا هئا،
سندن ٻنهي پاسن کان بيد ۽ ميويدار وڻ لڳل هئا.
شاهي رستن تي سرڪاري سرائون جڙيل هيون، جتي هندو،
مسلمان مسافرن کي سرڪاري لنگر مان پڪل کاڌو ۽ ڪچو
سيڌو ملندو هو. رستن تي ’ڪروه مينار‘ لڳل هئا.
مسافرن لاءِ سرائن ۾ گرم ۽ سرد پاڻيءَ جي علاوه
جانورن لاءِ چاري جو انتظام ڪيل هو. هندو راجائن جي رياستن جي ملڪ اندر ڄار وڇايل هئي. فسادن
ڪرڻ وقت قافلن کي لٽي ڀروارن ٻيلن ۾ وڃي لڪندا
هئا. ڪي قلعا جهنگن اندر هئا. واپار جي سلامتيءَ
لاءِ هرهڪ سراءِ ۾ فوجي دستا رکيل هئا. هرهڪ سراءِ
جي حفاظت لاءِ ’شقدار‘ مقرر هو. خطرناڪ رستن جي
سلامتيءَ لاءِ ننڍا قلعا ۽ فوجي چوڪيون مقرر هيون.
ڳوٺن ۾ ڪا چوري ٿيندي هئي ته اُن لاءِ سرڪاري
’مقادم‘ جوابدار هو. چوريءَ جي مال نه ملڻ جي حالت
۾ مقادم کي گرفتار ڪندا هئا. امير خسرو ڄاڻائي ٿو
ته مسافر جي مال چوري ٿيڻ جي حالت ۾ ڳوٺ جا رهاڪو
مال جي قيمت ڀري ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. لاهري بندر کان
وٺي سونا گرام بنگال جي سامونڊي ڪناري تائين
چوريءَ جو نالو نشان ڪونه هو. برسات پوڻ جي حالت ۾ رستا خراب ٿي ويندا هئا. لاهري بندر
کان دهليءَ ٽپال پنجن ڏينھن ۾ ۽ دهليءَ کان
انهلواڙه (گجرات) ٽن ڏينھن ۾ پھچندي هئي. جن جن
رستن کي هندو سرڪشن کان خطرو رهندو هو، اتي بلبن،
افغان ۽ ٻين جنگجو قومن کي لڏرائي وهاريو هو، ته
جيئن فسادي دٻجي رهن. خراسان جا تر ۽ تازا ميوا
قافلن وسيلي هندستان جي شھرن ۾ پھچندا هئا. پورب
تائين ڌاڙيلن جا جيڪي به اڏا هئا، تن کي
علاءُالدين خلجيءَ ناس ڪيو هو. علاءُالدين خلجي
شين جي نرخن کي معلوم ڪرڻ لاءِ ننڍڙن ٻارن کان
شيون گهرائيندو هو، ته جيئن خبر پويس ته واپاري
مقرر اگهن تي شيون وڪڻن ٿا يا نه. مولانا
ضياءُالدين برني، علاءُالدين جي شاندار ڪارنامن جي
تعريف ڪندي لکي ٿو ته: (1) زندگيءَ جي ضروريتن
واريون شيون آسان اگهن تي وڪامنديون هيون ۽ ڏڪار
جي حالت ۾ به قيمتن ۾ ڪو ڦيرو ڪونه پوندو هو، (2)
زميندار چور بازاري ڪرڻ کان پرهيز ڪندا هئا، (3)
شاهراهون ۽ رستا محفوظ ۽ سلامت هئا. رهزن، جيڪي اڳ
ڦرلٽ ڪندا هئا، هينئر محافظ بنجي ويا هئا. (4)
واپاري حڪومت جي ڏنڊي جي زور تي ايماندار بنجي ويا
هئا. واپار تي هندن جو قبضو هو. جنھن هندو شاهوڪار
وٽ اشرفين جي ديڳ هوندي هئي، سو پنھنجي گهرجي ڇت
تي جهنڊي کوڙيندو هو. اهڙا به سيٺيون هئا، جن جي
گهرن کي ڏهه ڏهه جهنڊيون لڳل نظر اينديون هيون.
واپار جي ترقيءَ لاءِ حڪومت واپارين کي قرض ڏيندي
هئي. واپار جي ترقيءَ جو هڪڙو هي سبب هو، جو شاهي
تقريبن جي موقعن تي بادشاهن کي خلعتون ۽ قيمتي
شيون اميرن ۽ سفيرن کي ڏيڻون پونديون هيون. وري
جيڪي ماڻھو بادشاهن کي نذرانا پيش ڪندا هئا، تن کي
بادشاهه نوازيندا هئا. محمد تغلق ته نوازشن ڪرڻ ۾
سڀني کان فياض هو. سنڌ هڪ سرحدي صوبو هو، جو ڪشمير
سان دريائن وسيلي ڳنڍيل ۽ خراسان، ايران ۽ عراق کي
ويجهو هو، تنھن ڪري سنڌي واپاري اهڙن شخصن کي
هزارها دينار قرض ڏيندا هئا، جيڪي بادشاهه لاءِ
سوغاتون کانئن خريد ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته بادشاهه
نذرانن جي ٽيڻ قيمتون پيش ڪندڙن کي ڏيندو هو.
انھيءَ طرح ملتان جا صراف سون ڪمائيندا هئا. بلڪ
علماء ۽ مشائخ، مصلا، تسبيحون ۽ ڏندڻ نذراني طور
پيش ڪري انعام سان جهولي ڀري موٽندا هئا. بادشاهه
نذرانن لاءِ جدا کاتو کوليو هو. واپارين کي مال تي
چوٿون حصو سرڪار کي محصول ڏيڻو پوندو هو. گهوڙن جي
سوداگرن کي في گهوڙي لاءِ ست دينار محصول ڏيڻو
پوندو هو. ڏيتي ليتي ڪرڻ وقت هندو واپاري سون ۽
چانديءَ جا زيور به وٺندا هئا. اوني، پشمي شالون،
بنات ۽ مخمل واپاري ٻاهرين ملڪن کان گهرائيندا
هئا. قيمتي ڪپڙن جي امير طبقي کي ضرورت هئي. وقت
جا بادشاهه توڙي صوبن جا حاڪم فوجن جي نقل ۽ حمل ۽
واپاري قافلن جي آمدورفت ڪرڻ لاءِ رستن جي پوري
نگراني ڪندا هئا. انھن ڏينھن ۾ آگبوٽ ڪونه هئا ۽
سمنڊ تي مسافري ڪرڻ مان خطرو لاحق هو. تاهم عرب
جھازران ۽ ٻين ملڪن جا سوداگر هندستان جي ڪناري
وارن صوبن ۽ بندرن سان واپار ڪندا هئا. سامونڊي
واپار مان ايترو فائدو رسندو هو، جو سوداگر مال
ضائع ٿيڻ جي ڪا پرواهه نه ڪندا هئا. انھيءَ ڪري
خشڪي ۽ سامونڊي واپار ترقي ڪئي. واپار هندو ويشن
جي هٿن ۾ هو. مثلاً سنڌ جا ملتاني صراف، گجرات ۽
راجپوتانا جا مارواڙي، دکن جا چيٽي وڻجارا تجارتي
ڪاروبار ۾ هزارين ڍڳا ڪتب آڻيندا هئا. راجپوتانا
جي مارواڙي وڻجارن جي مال جي في قافلي ۾ چاليھه
هزار ڍڳا مال سان ڀريل هئا. هي بيان مسٽر رام
سوامي آينگر ۽ ايشوري پرشاد ۽ سراج عفيف تان ورتل
آهي. دهلي، لاهور، ملتان ۽ لاهري بندر واپار جا
وڏا مارڪيٽ هئا، جتي مال جي مٽاسٽا ٿيندي هئي ۽
قافلا برصغير جي اندروني مڏين تائين مال پھچائيندا
هئا. ميلن جي موقعن تي خاص بازاريون لڳنديون هيون،
جتي شين جي علاوه چوپائي مال جو واپار به هلندو
هو. اڄ تائين سنڌ جي ميلن تي اهڙو واپار هلي ٿو.
سوداگرن جون گڏيل ڪمپينون به هيون. اُتر هندستان ۾
ملتاني ۽ ڏکڻ هند ۾ گجراتي واپاري وسيع پيماني تي
ملبار، ڪوچين ۽ ڪارو منڊل تائين درآمد ۽ برآمد
ڪندا هئا. انھيءَ طرح خراساني سوداگر، جيڪي برصغير
جي اندروني حصن تائين واپار ڪندا هئا، انھن سڀني
کي حڪومت پاران حق ۽ مراعاتون مليل هيون، ڇاڪاڻ جو
اهي باقاعده عائد ڪيل محصول ڀريندا هئا. اهي
واپاري برصغير جي اندروني رستن کان پوريءَ طرح
واقف هئا. قافلن سان گڏ اَنَّ سان ڀريل بيل گاڏيون
به ساڻ کڻندا هئا. اَنَّ تي محصول معاف هو. خشڪيءَ
جي قافلن سان راجپوتانا جا ڀٽ بطور رهنما جي هلندا
هئا، ڇاڪاڻ ته کين پُر پيچ رستن جي خبر هئي.
سامونڊي بندرن توڙي ملڪ جي اندروني حصن ۾ سوداگر ۽
وڻجارا دلالن معرفت مال خريد ۽ فروخت ڪندا هئا.
واپاري دلالن کي چڱي ڪميشن ڏيندا هئا. مگر
علاءُالدين شين جا سرڪاري اگهه مقرر ڪيا، جنھن ڪري
دلالن جو ڌنڌو سرد پئجي ويو. علاءُالدين کان پوءِ
راشن ڪنٽرول ختم ٿيو، ته دلالن جو ڪاروبار شروع
ٿيو. وڏن شھرن ۾ واپارين جون ايجنسيون هيون. ايجنٽ
وڪيل ڪوٺبا هئا. صرافن جو هنڊيون به چالون هيون.
قرض ۽ وياج ۽ ڏيتي ليتي جا انجام ۽ وعدا قاضيءَ جي
عدالت خاني ۾ رجسٽرڊ ڪرائي، پوءِ قرض ڏيندا هئا.
وڏن قرضن تي ڏهه سيڪڙو ۽ ننڍين رقمن تي ٽيهي سيڪڙو
وياج جي شرح هئي. واپارين کي آزادي مليل هئي. پر
جڏهن حڪومت ڪنٽرول نافذ ڪندي هئي، ته واپاريءَ جي
آزاديءَ تي اثر پئجي ويندو هو. ڪنٽرول ان حالت ۾
نافذ ٿيندو هو، جڏهن واپاري وڌيڪ منافع حاصل ڪرڻ
جي لالچ ۾ پوندا هئا. هندستاني مال جا جھاز عدن،
جده، قاهره، اسڪندريه ۽ اتان دمشق تائين مال
پھچائيندا هئا. سامونڊي واپار عرب جي هٿ ۾ هو. اهي
لاهري بندر، گجرات، ملبار، ڪوچين، سيلون، ڪارو
منڊل، ملايا، انڊونيشيا ۽ چين تائين واپار ڪندا
هئا. اُهي تعيش جو سامان، جهڙوڪ: ريشمي ڪپڙا،
مخمل، زربفت، قيمتي اطلسي پردا، ڪيمخوابُ عراق،
اسڪندريه ۽ چين کان خريد ڪري، هندستان ۾ نيڪال
ڪندا هئا. گجرات جي مڏين ۾ يورپ جو سامانِ تعيش
موجود هو. بندوقن ۽ بارود جي وڪري درآمدي شين ۾
اضافو ٿي ويو. عرب سوداگر ايماندار هئا، تنھنڪري
راجائن جي دربارن ۾ کين وڏي عزت هئي. خشڪيءَ رستي
قافلا، ڪابل، سيستان (زرنج)، خراسان، عراق ۽ شام
تائين مال پھچائيندا هئا. ڪابل ۾ هندو ۽ يهودي
واپارين جون ڪوٺيون هيون. عدن، يمن، تيز کان گهوڙا
۽ ايران کان خچر درآمد ڪبا هئا، جو گهوڙن جي
دهليءَ جي فوجن کان علاوه دکن جي راجائن کي بيحد
ضرورت هئي. ايراني نار ۽ فارس، ملايا ۽ اوڀرندي
آفريڪا ڏانھن هندستان جو اَنُّ، سوٽي ڪپڙا واپاري
برآمد ڪندا هئا. گجرات ۽ بنگال کان جواهرات، تيل ۽
سوٽي ڪپڙو ۽ ڪپهه ٻاهريان ملڪ خريد ڪندا هئا. هي
اهو زمانو هو، جڏهن يورپ وارن کي اها به خبر ڪانه
هئي ته تيل، نير، جست ۽ آفيم ڪھڙين بلائن جا نالا
آهن! مگر ملاڪا ۽ چين وارن کي خبر هئي. زرعي
پيداوارين مان ڪڻڪ، چانور، داليون، سره، عطر
برآمدي شيون هيون. بنگال کنڊ برآمد ڪندو هو. گجرات
۾ کنڀات ۽ سنڌ ۾ لاهري بندر دولتمند شھر هئا. هر
سال ٽي سؤ مال سان ڀريل جھاز مٿين بندرن تي لنگر
انداز ٿيندا هئا. لاهري بندر کي ساڳي اهميت حاصل
هئي، جيڪا اڄڪلھه ڪراچيءَ کي حاصل آهي. مغلن جي
خطرن هوندي به برصغير جا واپاري قافلا سرحد پار
ملڪن ڏانھن ويندا هئا. خراساني واپاري ترڪي، چيني
غلام، شومتري ڪپڙو، پشمينا ۽ توراني واپاري توراني
خاص نسل جا گهوڙا ۽ وڪري لاءِ آڻيندا هئا. اهي
قافلا لاهور، ملتان، دهلي، گوڙ (بنگال) تائين
هٿيار، گهوڙا غلام نيڪال ڪندا هئا. اٽڪ کان وٺي
هوگلي تائين مٿئين شاهراهه کي بعد شير شاه سوريءَ
وڌيڪ سڌاريو هو. غلامن جو واپار ايتري پيماني
هلندو هو، جو ابن بطوطه جي بيان موجب في غلام
بنگال ۾ اٺن ٽڪن تي وڪامندو هو. سستائيءَ جو ذڪر
ڪندي ”مسالڪ الاحصار“ جو صاحب لکي ٿو ته هڪڙو
پرديسي خبجندي، ٽن دوستن سان هندستان آيو.
نانوائيءَ جي دوڪان تان چئني گوشت، ماني ۽ مکڻ
کائي پيٽ ڀريا ۽ دوڪاندار کانئن فقط هڪ پئسو قيمت
ورتي. اهو هو معيارِ زندگيءَ جو انداز. شھرن ۾
واپارين، مسلمانن، هندن، غريبن ۽ صنعتڪارن جا جدا
جدا محلا هئا.
سِڪا:
الپتگين، سبڪتگين، اسماعيل ۽ محمود جي
سِڪن تي ساماني فرمانروائن مان منصور ۽ نوح جا
نالا نظر اچن ٿا. ائين چئي سگهبو ته چارئي بادشاهه
سامانين جي ماتحت رهيا. ليڪن 389هه/999ع ۾ جڏهن
محمود غزنويءَ پنھنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو، تڏهن
نوان سِڪا رائج ڪيائين. اوائلي سڪن تي سندس خطاب
’سيف الدوله‘ لکيل آهي، جو 389هه/995ع ۾ نوح
ساماني طرفان کيس مليو هو. پوين سڪن تي ’الامير
يمين الدوله و امين الملت‘ جو خطاب لکيل هو، جو
کيس بغداد جي عباسي خليفي کان مليو هو. آخري دؤر
جي سڪن تي فقط ’محمود‘ نالو ڏنل هو، ڇاڪاڻ ته هو
پاڻ جليل القدر بنجي چڪو هو. هن کي ڪنھن به لقب جي
ضرورت ڪونه هئي. سندس ڪنھن به سِڪي تي سلطان يا
غازيءَ جو خطاب نظر ڪونه اچي ٿو. پھريون دفعو
ابراهيم جي سڪن تي (465هه/ 1061ع) مٿيان لقب نظر
اچن ٿا. سلطان محمود جا سِڪا، جيڪي هندستان ۾ رائج
هئا، اُهي ٻن زبانن جي اکرن ۾ هئا. ان کانپوءِ
ديوناگري خط ۾ رائج ٿيا، جن تي ’او بڪسٿ ايکم محمد
اوتار نرپت محمود‘ لکيل هو. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته
محمود جي دربار ۾ پنڊت به رهندا هئا، جن جي نظر ۾
محمود، محمد (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) جو اوتار
هو. بعض سڪن تي سادي طريقي سان ’ايم ٽنڪ محمود
سنبت 412‘ لکيل هو. لاهور، غزنوي ۽ نيشاپور ۾ ضرب
خانا هئا. هندي سِڪا لاهور جي ضرب خاني جا جڙيل
هئا. لاهور جي هندو شاهي راجائن جي سڪن وانگي
غزنوي سڪن تي نندي (شو جي سواري جو ڍڳو) جو نشان
هو. محمود ۽ مسعود جي سڪن جي هڪڙي پاسي تي سوار جي
تصوير نڪتل هئي. مودود ۽ ابراهيم جي سڪن (432هه/
1041ع) تي ڍڳي جي تصوير ڏنل آهي. سبڪتگين ۽ محمود
جي سڪن جو وزن ڪابل جي هندو راجائن جي سڪن جي وزن
جيترو هو. هندو شاهي راجائن جا سِڪا چانديءَ جا
هئا، جي درهم سڏبا هئا. مگر غزني ۽ نيشاپور جا
سِڪا سونا هئا، جي دينار سڏبا هئا، ٽامي جا ننڍا
سِڪا هندو راجائن ۽ مسلمان بادشاهن جي دؤر ۾ رائج
هئا. دهليءَ جي بادشاهن واري زماني ۾ طلائي دينار،
ٽنڪا (ٽڪا)، ٽنڪا نصفي، دوڪاني، جيتل، عدلي وغيره
سِڪا رائج رهيا. تغلق سلطانن جي دؤر ۾ في طلائي
دينار جو وزن 8/1 19 گرين هو. دينارن تي هڪڙي پاسي
کان ڪلمو شھادت ٻئي پاسي تي ’الواثق بتائيد
الرحمٰن محمد شاه السلطان‘ عباتون لکيل هيون. غياث
الدين جي سڪن تي ’السلطان الغازي غياث الدنيا
والدين ابوالمظفر تغلق شاه السلطان
ناصراميرالمومنين‘ لکيل هو. محمد تغلق جي بعض سڪن
تي ’المجاهد في سبيل الله محمد بن تغلق شاهه‘
عبارت ڏنل هئي. طلائي دينارن جو وزن 99 گرين في
دينار هو. ٽنڪا پتل جا هئا. في ٽنڪي جو وزن 132
گرين هو. اهي 731هه دولت ۾ جاري ٿيا. دوڪاني سِڪي
جو وزن 25 گرين هو. جيتل ٽامي جا پئسا هئا ۽ في
جيتل جو وزن 74 گرين هو. طلائي ٽنڪي جو وزن ٽي
مثقال هو. نقرئي ٽنڪي ۾ اَٺ هشتگانيون هيون. في
هشتگانيءَ ۾ چار سلطانيون ۽ في سلطاني جي قيمت ٻه
جيتل هئي. في نقرئي ٽنڪي ۾ 64 جيتل ٿيندا هئا ۽ 50
عدلي سِڪا. عدليءَ کي ’پول‘ به چوندا هئا. في جيتل
جي قيمت چار فلوس هئي ۽ هشتگاني جي قيمت شام ۽ مصر
جي درهم برابر هئي. گجرات ۾ بالو تراسڪو رائج هو.
محمد تغلق دهليءَ کان تختگاهه ڦيرائي دکن ۾ دولت
آباد کي ڪيو. ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ موٽائي ماڻھن
کي دهليءَ آندائين. دهليءَ جا رهاڪو دربدر ٿي ويا.
هڪ لک فوج خسرو ملڪ جي نگرانيءَ ۾ هماليه کان چين
فتح ڪرڻ لاءِ مڪائين، جا فوج برسات جي مند ڪري
جبلن ۾ بي گور ۽ ڪفن ناس ٿي ويئي. ٻيو لشڪر ٽي لک،
ستر هزار خراسان ۽ ترڪستان فتح ڪرائڻ لاءِ تيار
ڪرايائين. اهڙن منصوبن ڪري شاهي خزانا خالي ٿي
ويا. ويتر ست سال ساندهه برسات نه پوڻ ڪري ڀيانڪ
ڏڪار پئجي ويو. دوآبه جهڙو زرخيز علائقو ويران ٿي
ويو. ملتان ۽ دهليءَ جي وچ ۾ ڏڪار ڪري گهڻائي شھر
برباد ٿي ويا. ماڻھو مئلن جانورن جون کلون پچائي
کائڻ لڳا. ابن بطوطه اگروه کان لنگهندي هڪڙي شخص
کي مرده جو گوشت کائيندي ڏٺو هو. هي شھر اگروال
واپارين جو هو، جو حصار کان تيرهن ميلن تي هو.
ڏڪار وگهي ”تاريخ فيروز شاهي“ ۾ لکيل آهي ته ڪڻڪ
جو في سير سترهن جيتلن تي وڪامڻ لڳو. سلطان محمد
تغلق کوهه کوٽرايا، هارين لاءِ تقاويون مقرر ڪيون،
پر نااهل ڪامورا موڙيون هضم ڪري ويا. بادشاهه ناڻي
جي کوٽ جي پورائي لاءِ پتل جي سِڪن کي طلائي
دينارن جي قيمت تي هلائڻ لڳو. پر، سونارن کوٽا
سِڪا گهڙڻ شروع ڪيا، جنھن ڪري ماڻھن سِڪن وٺڻ کان
انڪار ڪيو. نتيجي طور ملتان، مالوه، دکن ۽ گجرات
ويندي سنڌ تائين فساد پئجي ويا. اُن زماني ۾ سير
جو وزن 29 تولا 2 ماسا هو ۽ مڻ جو وزن 13 سير 8
ڇٽانڪ هو. علاءُالدين جي دؤر ۾ 14 سير مڻ ۾ پوندا
هئا ۽ محمد تغلق واري مڻ جو وزن ساڍا 14 سير هو.
”تزڪ بابري“ ۾ مڻ جو وزن 14 سير، 9 ڇٽانڪ ۽ 2 تولا
ڏنل آهي. اڪبري سير جو وزن 52 تولا، 2 ماسا ۽ 2
رتيون هو. عالمگيري سير جو وزن 77 تولا هو. اسلامي
دنيا سان دوستانه ۽ سفارتي تعلقاتن جي ڪري دهليءَ
جا سڪا، عراق، شام ۽ مصر تائين چالو هئا.
اسلامي تبليغ جو زمانو:
اسلام جي سنڌ تي ڪاهه 711ع ۾ شروع ٿي ۽
712ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي. مگر سنڌ ۾ پھچڻ
کان اڳ 686ع ۾ حجاج بن يوسف عراق جي واليءَ جي
ظلمن کان تنگ ٿي عربن جا قبيلا هجرت ڪري هندستان
جي ڪناري وارن صوبن، جهڙوڪ گجرات، ڪوڪن، ملبار،
ڪچين، لڪديو، سرانديپ ۽ معبر ۾ بيٺڪون جوڙي، اُتي
جي زالن سان شاديون ڪري واپار کي لڳي ويا. جن ڪوڪن
کي وسايو هو، سي نوائط ڪوٺجڻ لڳا. ڪوڪني عرب فن
جھاز رانيءَ کان واقف هئا. سندن بيٺڪون قائم ٿيون.
منجھان ڪي بلند پايه عالم پيدا ٿيا، جهڙوڪ: مخدوم
علي مھائمي، جنھن جي قبر بمبئيءَ جي ويجهو مھائم
ڳوٺ ۾ آهي. سندس شمار هندستان جي وڏن عالمن ۾ آهي.
لنڪا وارن کي رسول اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جي بعثت جي خبر پئي، ته پنھنجو ماڻھو تحقيقات ڪرڻ
لاءِ مدينه طيبه ڏانھن موڪليو هئائون. اُهو ماڻھو
موٽندي رستي تي مري ويو، پر سندس همراهه حضرت
ابوبڪرؒ ۽ حضرت عمرؒ جي درويشانه زندگي ۽ طور
طريقي جو احوال ڏنو. انھيءَ سبب ڪري هتي جا رهاڪو
مسلمانن کي احترام ۽ محبت سان پيش اچڻ لڳا هئا.
هتي جي عربن جو ڌنڌو سوداگري هو. مالديو ٻيٽ جا
رهاڪو شيخ ابو برڪات بربري رح جي تبيلغ سان مسلمان
ٿيا. گجرات تي عربن سنڌ جي ڪاهه کان به اڳ ڪاهون
ڪيون هيون. ولڀي پور (نزديڪ ڀائو ننگر) ۽ نهرواله
پٽن جا راجائون عرب سوداگرن کي سندن ايمانداريءَ
ڪري عزت سان پيش ايندا هئا. سليمان تاجر پنھنجي
سفرنامي (235هه) ۽ مسعودي (303هه) کنڀات ۾ عربن جي
بيٺڪن جو بيان ڏنو آهي. هڪ دفعي هندن اُتي جي مسجد
کي مسمار ڪيو هو. مسلمانن راجا کي دانھن ڏني، جنھن
پاڻ تحقيقات ڪرڻ کانپوءِ هڪ لک بالوترا مسجد جي
تعمير لاءِ مسلمانن کي تاوان ڀري ڏنو هو. مسلمانن وٽ پنھنجا قاضي هئا، جن کي هندو ’هنرمند‘ ڪوٺيندا
هئا. مسعودي 303هه ۾ صيمور بابت لکي ٿو ته مسلمانن
جو تعداد ڏهه هزار هو. صيمور اڄڪلھه قلابه ضلع ۾
چاول سڏجي ٿو. هتي جا رهاڪو گهڻي ڀاڱي سيراف،
عمان، بصره ۽ بغداد کان آيل هئا. اسلام جو چوٿون
مرڪز ملبار هو.
شيخ زين الدين ملباري ”تحفـﺔ المجاهدين“ ۾
ڄاڻايو آهي ته هجري ٽئين صديءَ ۾ عربن، درويشن جي
هڪڙي جماعت سيلون ڏانھن ويندي سندن جھاز کي مخالف
هوا ڪدنگانور جي ڪناري تي پھچايو. اتي جي راجا
زئمورن (سامري) درويشن کي سوداگري ڪرڻ لاءِ صلاح
ڏني. مسلمانَ هندو نائر رهاڪن جي شھرن ۾ بيٺڪون
جوڙي ويٺا ۽ ’موپلا‘ سڏجڻ لڳا، جنھن جي معنيٰ آهي
گهوٽ. موپلن جي سردار ٿنگل کي زئمورن سان گڏ
پالڪيءَ ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت هئي. ٽراونڪور جي راجا
به موپلن سان رعايتون ڪيون هيون. موپلن جي جھاز
راني ڪري ڪئليڪٽ ۽ ٽراونڪور جي راجائن جي آمدني
وڌڻ لڳي. اَٺين صديءَ ۾ ابن بطوطه چين ڏانھن ويندي
کنڀات کان وٺي ملبار جي ڪناري تي مسلمانن جون
بيٺڪون ڏٺيون هيون. مسلمان راس ڪماري کي ٽپي، صوبه
مدراس جي ٽني ولي ضلع جي ڪيالا پٽم ۾ به حجاج بن
يوسف جي ڏينھن ۾ بيٺڪ وڌي هئي. هتي جي آثارن مان
مسٽر ڪالڊويل کي 71هه کان 500هه تائين جا سِڪا هٿ
لڳا هئا. هتي جا عرب ٽامل حرف عربي اکرن سان لکندا
هئا، هتي جي زالن سان شاديون ڪري واپار کي لڳي
ويا. علاءُالدين خلجيءَ جي ڏينھن ۾ ڪارو منڊل
پانڊيا راجائن جي ماتحت هو. راجا جو وزير، مشير
الملڪ تقي الدين بن عبدالرحمان هو. ملڪ ڪافور هي
علائقو فتح ڪيو هو. محمد بن تغلق، هن علائقي مٿان
حسن ڪيٿليءَ کي مقرر ڪيو هو، جنھن خودمختاريءَ جو
اعلان ڪيو هو. هن آزاد اسلامي حڪومت ۾ ٽني ولي،
ٽرچناپلي ۽ آرڪاٽ جا حصا شامل هئا. 45 سال آزاد
رهڻ کانپوءِ 780هه/ 1378ع ۾ وجيه ننگر جي راجا هن
رياست تي قبضو ڪيو. معبر جي عرب واپارين تبليغ ڪري
اسلام ملايا ۽ جاوا تائين پھتو. وري جڏهن وجيه
ننگر تي هندن قبضو ڪيو، تڏهن معبر جا گهڻائي
مسلمان لڏي ملايا ۾ ويٺا. اسلام جاوا، سوماترا ۽
ملايا ۾ پکڙجي ويو.
شيخ اسماعيل لاهوري رح:
وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۾ قتيبه بن
مسلم بلخ، بخارا، سمرقند ۽ خيوا فتح ڪيا هئا. ڪن
ترڪي قبيلن اسلام قبول ڪيو هو. مگر افغانستان جي
افغان قبيلن محمود غزنويءَ جي ڏينھن ۾ اسلام قبول
ڪيو هو. پنجاب ۾ پھريون مبلغ اسلام شيخ اسماعيل
لاهوري تاريخن ۾ نظر اچي ٿو، جڏهن لاهور تي هندو
راجائون حڪومت ڪندا هئا. علاوه صوبجات متحده جي
ڀڙائچ شھر ۾ مسعود غازيءَ جو مزار نظر اچي ٿو، جو
جھاد جي ارادي سان اُتي پھتو هو ۽ هينئر ’سالار
غازي‘ يا ’بالا پير‘ جي نالي سان ڪوٺجي ٿو. شيخ اسماعيل، بخاري سادات مان هو، جو 1005ع ڌاري لاهور ۾
آيو هو. سندن واعظ ٻڌي، روزانو سوين ماڻھو اسلام
جي دائري ۾ داخل ٿيندا هئا. ”خزينة الاصفيا“ ۾
ڄاڻايل آهي: ”چون شيخ اسماعيل در لاهور تشريف
آورد. بروز جمعه ثاني پانصد و پنجاه بروز جمعه
ثالث يک هزارکس در زمره اهل توحيد داخل گشتند.“
شيخ علي بن عثمان هجويري رح:
هي ’داتا گنج بخش‘ جي لقب سان مشھور آهي.
سلطان مسعود بن محمود غزنويءَ جي ڏينھن ۾ پنھنجن
همراهن سان لاهور تشريف فرمائي، هڪ مسجد تعمير
ڪرائي درس ڏيڻ لڳو. سندس تبليغ ڪري گهڻن اسلام
آندو، جن ۾ لاهور جو راڪا راءِ راجو به هو، جو
سلطان مودود بن مسعود پاران لاهور جو نائب هو. هن
’شيخ هندي‘ جي لقب سان راءِ راجو کي نوازيو هو،
جنھن جو اولاد مزار جا مجاور آهن. شيخ علي رح
465هه/ 1072ع ۾ وفات ڪئي. داتا گنج بخش جي زماني ۾
اسلامي تصوف تي ايراني ۽ ويدڪ تصوف ڇانئيل هو.
تنھن کانپوءِ شيخ ابن العربي محي الدين رح جو ،
’شيخ اڪبر‘ سڏجي ٿو. سندس تصنيفات ’فتوحات مڪيه‘ ۽
’علاوه فصوص الحڪم‘ ڪري تصوف تي نو افلاطوني نظريه
جو اثر پوڻ لڳو. ’شيخ اڪبر‘ 638هه/ 1240ع ۾ وفات
ڪئي. منصور حلاج، ذوالنون مصري ۽ خواجه بايزيد
بسطامي، تصوف ۾ ڪي نيون ڳالهيون داخل ڪيون هيون.
ليڪن اڃا زهد ۽ تقوا کي تصوف ۾ نمايان هنڌ حاصل
هيو. داتا گنج بخش رح ”ڪشف المحجوب،، ”ڪشف
الاسرار“، ”منھاج الدين“ ۽ ”البيان الاهل العيان“
ان وقت لکيا جڏهن اڃا شيخ شھاب الدين سھروردي رح
جو ڪتاب ”عوارف المعاف“ ۽ ابن عربيءَ جو ”فصوص
الحڪم“ تصنيف ڪونه ٿيا هئا. سندن تصنيفات ڪري
اسلامي تصوف کي هندستان ۾ وسعت ۽ اهميت نصيب ٿي.
”ڪشف المحجوب“، تصوف متعلق فارسي ۾ پھريون ڪتاب
هو، جنھن کي پروفيسر نڪلسن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
پاڻ شاعربه هئا. ديوان نظر ڪونه ٿو اچي پر نثر جي
ڪتابن ۾ اشعار موجود آهن. چند پيش ڪجن ٿا:
اشتياقت روز و شب دارم دلا
عشق تو دارم نهان و برملا.
جان بخواهم داد اندر کوئي تو
گر مرا آزار آيد با بلا.
سوزِ تو دارم مسانِ جان و دل
ميدهم از عشق تو هرسو صدا.
دلبرا از تو همي خواهم لقا
کن تو ’آري‘ و مکن هرگد تو ’لا‘.
اي ”علي“ تو فرخي در شهر وکود
دِه ز عشق خويشتن هرسو صلا.
سلطان سخي سرور رح:
حضرت داتا گنج بخش کان پوءِ جنھن بزرگ
پنجاب ۾ نالو ڪڍيو، اهو سيد احمد رح هو، جو ”سلطان
سرور“ يا ”لک داتا“ جي لقب سان مشھور آهي. ملتان
جي ڪرسي ڪوٽ ۾ ڄائو ۽ مولوي محمد اسحاق لاهوريءَ
کان تعليم ورتي هئي ۽ تصوف ۾ پنھنجي والد کان
علاوه حضرت غوث الاعظم رح ۽ شيخ شھاب الدين
سھروردي رح کان فيض پاتو هو. ملتان جي حاڪم جي
ڌيءَ سان شادي ڪيائين، پر حاسدن 577هه ۾ سندن
ڀاءُ، فرزند ۽ اهليه محترمه کي شھيد ڪيو. سخي سرور
جي درگاه ديره غازي خان جي ڳوٺ شاهه ڪوٽ ۾
زيارتگاهه آهي. مشرقي پنجاب جي جالندر ڊويزن جا
جاٽ سک سندس مريد آهن، جن کي ’سلطاني‘ چون ٿا. مٿس
وڏو ميلو لڳي ٿو.
سيد احمد توخته رح:
تبليغ جي ارادي سان ترمذ کان لاهور ۾ قيام
فرمائي، هزار ها طالبانِ حق کي حقيقت کان آشنا ڪري
602هه ۾ وفات ڪيائون. سيد يعقوب صدر، ديوانِ زنجان
کان 535هه ۾ بھرام شاهه غزنويءَ جي ڏينھن ۾ لاهور
پھتا. لاهور جو حاڪم طغرل سندن معتقد ٿيو ۽ ٻيا به
گهڻائي فيضياب ٿي مريد ٿيا. 404هه ۾ وفات ڪيائين.
شيخ عزيز الدين مڪي رح:
اصل بغدادي هئا، پر ٻارهن ورهيه ’مڪي‘ ۾
رهڻ ڪري مڪي جي نالي سان مشھور ٿيا. 574هه ۾ لاهور
پھتا. 36 سال لاهور ۾ رهندي خلقت کي فيض رسايائون
۽ 612هه ۾ وفات ڪيائون. سيد مِٺ جو والد خيوا کان
لاهور پھتو ۽ مقبول عام ٿيو. کانئن پوءِ سندن
فرزند سيد مٺا جانشين ٿيو. سندن اصلي نالو سيد ابي
عقار هو، پر زبان جي ميٺاج ڪري ”مٺا شاه“ سڏبو هو.
اڄ به هڪڙو محلو سندن نالي تي سڏجي ٿو. 661هه ۾
وفات ڪيائون.
شيخ حسن صنعاني رح:
سندن والد ترڪستان کان لاهور پھتو، جتي
577هه/ 1182ع شيخ حسن ڄائو، وڏي پايه جو فقيھ ۽
محدث هو ۽ 615هه ۾ بغداد ڏانھن هليو ويو. سندس
تصنيفات مان ”ڪتاب العروض“، ”شرح بخاري“، ”مشارق
الانوار“، ”الشمس المنيرة“ مشھور آهن. 650هه ۾
وفات ڪيائون ۽ سندن وصيت موحب کين مڪي ۾ سپرد خاڪ
ڪيو ويو. محمد غوريءَ جي فتوحات ڪري ڪفرستان هند ۾
اسلامي سلطنت جو پايو، جنھن ڪري صوفياءِ عظام سڄي
برصغير تي پکڙجڻ لڳا. هندن کي ورن آشرم ۽ ڇوت ڇات
ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، جنھن ڪري اسلام جي اشاعت کي
تقويت پھتي. هندو قومن مان ڪيترن قومن خوشيءَ سان
اسلام قبول ڪيو ۽ اسلام جو سيلاب بنگال، آسام ۽
ڪشمير تائين سرزمين هند کي گلريز بنائي ڇڏيو.
خواجه معين الدين اجميري رح:
حضرت خواجه معين الدين اجميري رح کي هند
جي اوليائن ۾ جيڪو درجو جو حاصل آهي، اوترو ٻين کي
ڪونهي. سندن چشتيه سلسلي جا نالا نظاميه ۽ صابريه
سڄي برصغير ۾ ملن ٿا. پاڻ سيستان وطن ڇڏي سمرقند،
نيشاپور لڳ خواجه عثمان هاروني رح کان خرقو خلافت
ڍڪي، عراق ۽ مقامات مقدس گهمي ڦري، اجمير ۾ قيام
فرما ٿيا. مٿئين سير ۾ حضرت غوث الاعظم رح، شيخ
شھاب الدين سھروردي رح، شيخ نجم الدين ڪبريٰ رح،
شيخ ضياءُالدين رح، خواجه اوحدين ڪرماني رح، شيخ
ابوسعيد تبريزي رح (شيخ جلال الدين تبريزي جي
مرشد) ۽ ٻين بزرگن سان ملاقاتون ڪري اصفهان پھتا،
جتي خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رح سندن مريد
ٿيو. 556هه ۾ لاهور ۾ داتا گنج بخش جي مزار تي چلي
ڪڍڻ کان فارغ ٿي، هيٺيون قصيدو سندن تعريف ۾
چيائون:
گنج بخش فيضِ عالم، مظهر نورِ خدا.
ناقصان را پير ڪامل، کاملان را راهمنا.
لاهور کان ملتان پھچي پنج سال سنسڪرت زبان
۾ مھارت حاصل ڪري، دهليءَ کان مريدن سميت اجمير
پھتا. سندن دعا جي برڪت سان محمد غوريءَ هٿان
اجمير جي راجا پرٿوي راج 588هه ۾ شڪست کاڌي. پاڻ
97 ورهين جي عمر ۾ 633هه ۾ وفات ڪيائون. حضرت
خواجه رح کي پاڪ زندگي، مبلغانه ۽ مصلحانه ۽
روحاني عظمت ڪري دنيا مڃي ٿي. سندن ملفوظات سندن
خليفه قطب الدين ”دليل العارفين“ جي نالي سان
مختصر رسالي ۾ گڏ ڪيا. پاڻ شاعر به هئا سندن ٻه
رباعيون ”تذڪره آتشڪده“ تان نقل ڪيل آهن:
عاشق هردم فکرِ رخ دوست کند
معشوقه کرشمئه که نکوست کند.
ما جرم و گنه کنيم و او لطف و عطا
هرکس چيزيکه لائق اوست کند.
مير سيد حسين خِنگ سوار رح:
خواجه معين الدين رح جي حلقه ارادت ۾ داخل
ٿيا. 610هه ۾ شھيد ٿيا. سيد علاءُالدين نندباري
رح، مير سيد خنگ سوار جو ڀاءُ هو. هڪڙي ڀيري ضلع
خانديش جي شھر نندبار جي راجا راءِ نند گولي هڪڙي
سيد کي شھر مان نيڪالي ڏني. مظلوم سيد خواجه معين
الدين رح کي دانھن ڏني. راجا کي سزا ڏيڻ لاءِ
خواجه صاحب سيد علاءُالدين کي نندبار ڏانھن روانو
ڪيو. هن جھاد ۾ سيد علاءُالدين شھيد ٿيو، پر جنگ
مسلمانن کٽي. هي واقعو 612هه ۾ ٿيو. سيد
علاءُالدين جي قبر شھر کان ٻاهر آهي، جنھن تي
966هه ۾ ملڪ ناصر قبو اڏايو ۽ ملڪ چمن هڪڙي مسجد
تعمير ڪرائي، جنھن کي علاءُالدين غازي جي مسجد چون
ٿا.
شيخ بھاء الدين زڪريا رح:
ملتان جو اڳ هندن جي ياترا جو هنڌ هو، سو
سھرورديه مشاخن جي فيض عام ڪري ’قبة الاسلام‘ بنجي
ويو. برصغير ۾ تصوف ڪري چشتيه سلسلو مشھور آهي، پر
مھراڻ جي صوبي پنجاب جي اُلھندي ۾ سھرورديه سلسلو
به جهونو آهي، جنھن کي شيخ بھاءُالدين زڪريا جاري
ڪيو. شيخ صاحب 578هه/ 1182ع ۾ ملتان ۾ تولد ٿيا ۽
علم حاصل ڪرڻ لاءِ بخارا، بيت المقدس ۽ بغداد
گهمندا رهيا ۽ شيخ شھاب الدين سھرورديءَ کان خرقو
خلافت حاصل ڪري ملتان ۾ درس ڏيڻ لڳا. شيخ صاحب
هندستان ۾ سھرورديه سلسلي جو مورث اعليٰ شمار ڪيو
وڃي ٿو. سندن مريد مان امير حسيني رح ”ڪنزالرموز“،
”زاد المسافرين“ ۽ ”نزهت الارواح“ تصنيف ڪيا.
سھروردين ۾ سماع منع آهي، پر هڪ دفعي شيخ
بھاءُ الدين رح عراقيءَ جو دلگداز شعر ٻڌي وجد ۾
آيا:
نخستين باده کاندر جام کردند
ز چشمِ مست ساقي دام کردند.
برائي صيدِ مرغ جان عاشق
ز زلفِ ماهرويان دام کردند.
بعالم هرکجا رنج و ملامت
بهم بردندِ عشقش نام کردند.
چو خود کردند رازِ خويشتن فاش
عراق را چرا بدنام کردند.
حضرت بھاوالدين زڪريا رح 661هه ۾ وفات ڪئي.
شيخ رڪن الدين ابوالفتح:
سلطان العارفين شيخ رڪن الدين، شيخ
الاسلام بھاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جا فرزند هئا ۽
پنھنجي حسن اخلاق ۽ پرهيزگاري جي ڪري مشھور هئا.
سلطان علاءُالدين خلجي سندس معتقد هو. ٻه دفعا
دهليءَ آيا. بادشاهه عقيدت سان سندن استقبال ڪيو
هو. لکين ٽنڪا کين نذراني طورپيش ڪيائين، جن کي
مخدوم صاحب محتاجن کي ورهائي ڏنا. سندس وفات 684هه
۾ ٿي.
شيخ صدرالدين رح:
شيخ بھاءُالدين زڪريا ملتاني رح جو وڏو
فرزند- موروثي سجاده نشينيءَ جو برصغير ۾ پھريون
مثال آهي. اُچ جي مشائخن به ساڳي پيروي ڪئي. شيخ
صدرالدين جي شان ۾ هڪڙي مريد جو قصيدو ڏيون ٿا:
آن بلند آوازﺓ عالم پناه
سرور دين افتخار صدرگاه.
صدر دين و دولت آن مقبول حق
نُه فلک از خوانِ جودش يک طبق.
آبِ حيوان قطره بحر دلش
چون خضر علم لدني حاصلش.
معتبر چون قولِ او افعالِ او
هم بيانِ او گواه حالِ او.
ملکِ معني جمع در فرمانِ او
هم بکسب و هم بميراث آنِ او.
سيد جلال سرخ بخاري رح:
مھراڻ جي ماٿريءَ ۾ اشاعت اسلام جو ٻيو
مرڪز اُچ شريف هو، جتي اڳ پنجاب جا پنج درياءَ پاڻ
۾ گڏبا هئا. اُچ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي:
هڪڙوگيلانيا، جتي قادريه سلسلي جا بزرگ رهن ٿا.
ٻيو بخاريان، جو سھرورديه سلسلي جو وڏو مرڪز آهي.
سيد جلال الدين منير شاهه مير سرخ بخاري مادر زاد
ولي ۽ شيخ الشيوخ بھاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جا
خليفا هئا. وطن بخارا کان نڪري پھريان بکر ۾ اقامت
گزين ٿيا ۽ سيد بدرالدين بن خطيب صدرالدين رح جي
نياڻيءَ سان شادي ڪيائون، بعد 642هه ۾ اُچ ۾ بخاري
محلي جو بنياد وڌائون. اُچ جو قديم نالو ’ديوڳڙهه‘
هو ۽ هتي هندن جي آبادي هئي. پنجاب ۾ جهنگ سيال
شھر به سندن تعمير ڪرايل آهي. ”بھاولپور گزيٽئر“ ۾
انھن هندو قبيلن جا نالا ڏنل آهن، جن سندن تبليغ
ڪري اسلام قبول ڪيو. وفات 690هه ۾ ٿي ۽ مزار اُچ ۾
آهي. سندن ڏينھن ۾ اسماعيلي فرقي جو مبلغ حاجي سيد
صدرالدين، اُچ ۾ اسماعيلي تبليغ ڪرڻ آيو هو، جنھن
جي قبر اُچ ۾ آهي. اسماعيلين کي سنڌ ۽ گجرات ۾
ڪاميابي حاصل ٿي. ڪوٽڙيءَ ۾ سندن پھرين مجلس قائم
ٿي.
مخدوم جھانيان جھان گشت رح:
سيد جلال الدين مخدوم جھانيان جھان گشت،
حضرت جلال الدين سرخ بخاري رح جا پوٽا هئا، جن وڏي
ناموري حاصل ڪئي. مخدوم صاحب بلخ، بخارا، شام،
عراق ۽ مصر تائين سياحت ڪئي ۽ ڇهه حج ڪيا هئا.
سلطان محمد تغلق ۽ فيروز شاهه سندن معتقد هئا.
سندن ڪوشش سان ڄام بابينه ۽ فيروز شاهه جو پاڻ ۾
صلح ٿيو هو. حضرت قطب عالم ۽ حضرت شاهه عالم جن جا
مقبرا احمد آباد ۾ زيارتگاهون آهن، سندن پوٽو ۽
پڙپوٽو هئا. حقيقت ۾ سنڌ ۽ گجرات سھرورديه بزرگن
جون خلافتون آهن. سنڌ جا سومرا ۽ سما سندن مريد
هئا.
سيد راجو قتال رح:
سيد صدرالدين، جو راجو قتال به سڏبو هو،
مخدوم جھانيان جھان گشت جو ڀاءُ هو. اُچ ۽ گجرات ۾
اسلام سندن تبليغ ڪري زور ورتو هو.
تاتارين جي اسلامي دنيا تي ڪاهن جي ڪري،
اتان گهڻن بزرگن ملتان ۽ دهليءَ ۾ قيام فرمايو.
مثلاً ملتان گرديزي سيدن جو غزنوي ۽ غوري دؤر ۾
مسڪن بنجي ويو. ليه، ڪوٽ ڪروڙ ۾ خوارزم جا قريشي
رهڻ لڳا. انھن بزرگن جي وجود مسعود، روحاني فيض ۽
علمي تبحر جي ڪري اسلامي دنيا ۾ مغربي پاڪستان کي
غيرمعمولي شھرت حاصل آهي. ملتان، منٽگومري ۽ جهنگ
سيال جي سيال راجپوتن بابا فريد شڪر گنج رح جي
تبليغ ڪري مسلمان ٿيا. نُون قبيلو حضرت مخدوم
جھانيان جي هٿ تي مسلمان ٿيو. جويو قبيلو شيخ رڪن
عالم رح جي هٿ تي مسلمان ٿيو. هستناپور جا کرل،
جيڪي اُچ ۾ رهندا هئا، تن مخدوم جھانيان رح جي هٿ
تي ايمان آندو. ستلج جا رهندڙ ’وٽو‘ راجپوت 1258ع
۾ بابا فريد رح جي دعوت تي مسلمان ٿيا. پنجاب جا
رهندڙ اڇوت چهڙن به اسلام اختيار ڪيو جيڪي ’مسلي‘
ڪوٺجن ٿا. انھن وچ ايشيا مان ايندڙ بزرگن جي طفيل
ڪري خطو ڪشمير جنت نظير به اسلامي مرڪز بنجي ويو.
اهڙن سياحن جي ڪري هن خطي ۾ اسلام جي اشاعت ٿي.
بلبل شاهه ۽ رينچن شاهه:
1200ع ۾ ڪشمير جو راجا جولداني هو بلبل
شاهه جي دعوت تي اسلام قبول ڪري پاڻ کي سلطان
صدرالدين جي نالي سان سڏائڻ لڳو. پھريان جڏهن مريد
ٿيو، تڏهن رينچن شاه ڪوٺبو هو. حضرت بلبل شاهه
1400ع ۾ ڪشمير آيو. هڪڙي شاعر سندس شان ۾ قصيدو
چيو:
آنکه در راهِ الهي روش از بدر و هلال
بلبل باغ ولايت شاهباز لا مثال.
شد بکشمير اول از دستش درخت دين نهال
شيخ و مرشد عارف حضرت بابا بلال.
حضرت بابا بلال (بلبل شاهه) راجا مھاديو
جي راڄ ۾ ڪشمير ۾ وارد ٿيو. سندن اصلي نالو سيد
عبدالرحمان هو، جو ترڪستان کان پنھنجن خليفن سان
سياحت جي ارادي سان ڪشمير آيو هو. سندن تبليغ ڪري
توحيد جي شمع روشن ٿي. ڪشميري، جيڪي هندو ڌرم کان
بيزار هئا، خوشيءَ سان مسلمان ٿيڻ لڳا. ميرسيد علي
شاه همداني رح جي تبليغ ڪري 27000 هزار ڪشميري
ڪلمو شھادت پڙهي مسلمان ٿيا. شاه همداني رح ۽ سندس
فرزند ميرمحمد همداني رح جي اشاعت ۽ تبليغ ڪري هتي
اسلامي حڪومت جو سنگ بنياد پيو. شيخ نورالدين رشي
ڪشميري ڪشتواڙ راجائن جي خاندان مان هو، پوءِ
مسلمان ٿيو. جهنگن ۾ گهمندو هو تنھنڪري ڪشميري کيس
’رشي‘ جي لقب سان ڪوٺندا هئا. شيخ شمس الدين
عراقيءَ جي تبليغ سان بلتساني سندس مريد ٿيا، جيڪي
شيعا آهن. ازانسواءِ قوم ’چڪ‘ جنھن اٽڪل پنجهتر
ورهيه حڪومت ڪئي، سندس تبليغ ڪري مسلمان ٿيا.
اڄڪلھه ڪشمير ۾ مسلمانن جو تعداد چاليھه لک آهي،
جن کي ڊوگراشاهيءَ جي چنبي کان آزاد ڪرائڻ لاءِ
پاڪستان حڪومت جدوجهد ۾ رُڌل آهي.
خواجه بختيار ڪاڪي رح:
خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رح خواجه
معين الدين اجميريءَ جو مريد دهليءَ ۾ رهندو هو.
سلطان ايلتمش کيس ’شيخ الاسلام‘ جو عھدو ڏيڻو ڪيو،
پر انڪار ڪيائون. گهڻن ئي سھرورديه بزرگن سندس
مريدي اختيار ڪئي، مثلاً قاضي حميدالدين ناگوري
وغيره. شاهه جلال الدين تبريزي به سندن مريد ٿيو،
کيس سماع جو شوق هو. هڪڙي دفعي علي سجستانيءَ جي
خانقاهه تي سماع جي محفل جاري هئي، قوال هي بيت
ڳائي رهيو هو:
کشتگانِ خنجرِ تسيلم را
هر زمان از غيب جان ديگر ست.
هن بيت ٻڌڻ سان ٽي ڏينھن حال ۾ مستغرق
رهيا ۽ 634هه ۾ انتقال فرمايائون.
بابا فريد شڪر گنج رح:
خواجه قطب الدين رح جي وفات کانپوءِ حضرت
شيخ العالم فريد الدين گنج شڪر رح گادي نشين ٿيو.
چنگيز حملي ڪري سندس ڏاڏو ضلع ملتان جي ڳوٺ
کوٽووال جو قاضي مقرر ٿيو. بابا صاحب هتي ڄايو ۽
پوءِ اجوڌن (پاڪپٽن) ۾ 1265ع انتقال تائين اُتي
رهيا ۽ يادِ الاهيءَ ۾ زندگي بسرڪيائون.
پرهيزگاريءَ ڪري عوام توڙي وقت جا حاڪم سندس معتقد
هئا. علاءُالدين صابر رح ۽ خواجه نظام الدين
اولياء، قطب جمال الدين هانسوي رح، امام علي الحق
سيالڪوٽيءَ (متوفي 1287ع) سندس قابل ذڪر خليفا
هئا. اٽڪل سترهن قومن بابا فريد جي هٿ تي اسلام
آندو. سندس ملفوظات جا ٻه حصا آهن: ”راحت القلوب“،
جنھن کي حضرت سلطان المشائخ مرتب ڪيو ۽ ”اسرار
الاوليا“ خواجه بدرالدين اسحاق مرتب ڪيو. بابا رح
جي هڪڙي رباعي ”فرشته“ نقل ڪئي آهي:
گيرم که به شب نمازِ بسيار کني
در روز دوائي شخص بسيار کني.
تادل نه کني ز غصهء و کينه خالي
صد خرمنِ گل برسرِ يک خار کني.
مخدوم علاءُالدين صابر رح:
مخدوم علاءُالدين علي احمد صابر رح حضرت
بابا گنج شڪر جا ڀاڻيجا هئا. 1195ع ۾ پيدا ٿيا.
شروع کان استغراق جي حالت ۾ رهندا هئا. 1291ع ۾
وفات ڪيائون. مزار روڙڪي کان ٽن ڪوهن تي آهي.

خواجه نظام الدين محبوب الاهي رح:
حضرت خواجه صاحب جي پيدائش جو سال 1238ع
آهي. قطب الدين جمال ۽ مخدوم صاحب بابا فريد رح جا
مشھور خليفا هئا. سندن وطن بخارا هو. ليڪن چنگيزي
فتني ڪري پھريان لاهور، پوءِ بدايون ۾ سندن وڏن
قيام ڪيو. ابتدائي تعليم بدايون ۾ وٺڻ کانپوءِ
دهليءَ ۾ خواجه شمس الدين خورازميءَ کان ”مقامات
حريري“ کي حفظ ڪيو ۽ مولانا ڪمال الدين محدث کان
”مشارق الانوار“ جي سند حاصل ڪري 655هه ۾ اجوڌن
وڃي بابا فريد شڪر گنج رح جي بيعت جو شرف حاصل ڪري
659هه ۾ خرقو خلافت ڍڪيائون. وقت جي بادشاهن کان
بي نياز هئا. امير خسرو سندن مريد هو. سندن
ملفوظات ”فوائد الفواد“ جي نالي سان اميرحسن سنجري
گڏ ڪيا. اپريل 1325ع ۾ وفات پاتائون. سمورو وقت
دهليءَ ۾ گذاريائون. امير خسرو سندن شان ۾ چوي ٿو:
در حجرﺓ فقر بادشاهي
در عالم دِل جهان پناهي.
شهنشه بي سرير و بي تاج
شاهانش بخاکپائي محتاج.
بوعلي قلندر رح:
شيخ شرف الدين قلندر رح، قطب جمال هانسوي
رح جا سؤٽ هئا ۽ سلطان المشائخ جا همعصر هئا. پاڻي
پٽ ۾ ڄاوا ۽ اُتي تعليم کان فارغ ٿي 12 سال مسجد
قوت الاسلام ۾ درس ڏيندا رهيا. پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي
جهنگن ۾ قلندرانه زندگي بسر ڪرڻ لڳا. هروقت
استغراق ۽ جذب ۾ رهندا هئا. رمضان 734هه ۾ انتقال
ڪيائون. مزار پاڻي پٽ ۾ آهي.
سنڌ ۾ اسلام جي توسيع:
سنڌ برصغيرِ ۾ اهو صوبو هو جتي پھريان
توحيد جو نعرو بلند ٿيو هو. انڪري ”باب الاسلام“
جي بلند لقب سان سڏجي ٿو. سنڌ جي خاڪ مان هر صديءَ
بي بھاگوهر پيدا ٿيا، جن جي روحاني فيض ۽ برڪتن جي
ڪري هندن ۽ مسلمانن لاءِ سندن مزارون زيارتگاهون
هيون. اهڙو سلسلو ويهين صديءَ تائين جاري رهيو هو.
پيرپٺو رح:
هن کي هندو راجا گوپي چند سڏيندا هئا. ضلع
ڪراچيءَ ۾ 560هه ۾ تولد ٿيا. سندس ميلي تي اڄ به
25 هزار زائرين گڏ ٿيندا آهن. شيخ سعدي ’شيراز جي
بلبل‘ جو همعصر هو.
مخدوم لال شهباز قلندر رح:
پھريان مروند مان نڪري شيخ ابراهيم
ڪربلائيءَ جا مريد ٿيا. پوءِ مخدوم بھاء الدين
زڪريا رح کان خرقو خلافت ڍڪي، سير جي سانگي ملتان
پھتا. ملتان جو حاڪم خان شھيد سندن معتقد هو. اڪثر
شيخ فريد گنج شڪر، مخدوم صدرالدين عارف رح ۽ شيخ
الشيوخ رح جي صحبت ۾ رهيا ۽ سماع ۽ رقص جي مجلسن ۾
شريڪ رهيا. مخدوم صاحب سنڌ جي شھر سيوهڻ ۾ قيام
فرمايو. چون ٿا ته جنھن هنڌ تي سندن درگاه آهي، اڳ
اتي بدڪار عورتن جو اَڏو هو. پر مخدوم صاحب جي ڪشف
۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي، سڀني توبهه ڪئي. مخدوم
صاحب هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي (673هه).
هر سال شعبان مهيني ۾ ٽي ڏينھن وڏو ميلو لڳي ٿو.
شيخ منگهو:
شيخ منگهو، جو ڪراچيءَ جي ڀر ۾ آهي، جتي
پاڻيءَ جي چشمي ۾ واڳو رهن ٿا. هندن ۽ مسلمانن جي
گڏيل زيارت گاهه آهي. حضرت لال شهباز رح کان پوءِ
مشھور ٿيو. بيمار ۽ ڪوڙهي چشمن ۾ غسل ڪن ٿا.
پيرموسيٰ نواب رح:
گهوٽڪي ڊويزن، ضلع سکر جا ڌاريجا جيڪي اصل
راجپوت آهن ۽ انڍڙ جيڪي ضلع سکر ۾ رهن ٿا، سي پير
موسيٰ نواب جي تبليغ سان مسلمان ٿيا.
ميرمحمد مڪي رح:
مشهد کان تبليغ جي ارادي سان سکر ۾ آيو.
شيخ بھاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جي پير شيخ الشيوخ
شھاب الدين سھرورديءَ جو ڀاڻيجو هو. سندس قبر
ڪليڪٽر سکر جي بنگلي جي سامهون آهي. هندستان جي
رضوي ساداتن جو جد امجد آهي. سندس فرزند شعبان
الملت شمس الدين جهونسي (ائوڌ) جي راجا سان جھاد
ڪرڻ ويو هو.
مخدوم نوح رح:
شيخ الشيوخ شھاب الدين سھروردي جو خليفو
هو. سندس قبر بکر جي قلعي اندر آهي.
شاهه علي مڪي رح:
پيرپاڳاري جو جدامجد الور جي راجا
دلوراءِ سان جھاد ڪرڻ جي ارادي سان بغداد کان سنڌ
پھتو. سندس اولاد ڪنگري خيرپور جي ويجهو رهي ٿو.
پير صاحبن جي مريدن کي ”حُر“ چون ٿا.
علمي حالت:
سلطان محمود غزنوي نه صرف ملڪ فتح ڪيا ۽
مال ميڙيا پر علم ۽ ادب جي به بيحد سرپرستي ڪئي.
سندس دربار ۾ زماني جا چونڊ شاعر، علما ۽ فضلا گڏ
ٿيا. هو پنھنجي علم پروري ۽ فياضين جي ڪري ايران ۽
توران جي فرمانروائن کان گوءِ کڻي ويو. نه صرف
تاريخ، بلڪ فارسي ادب جي سرپرستي ڪرڻ ڪري نيڪنامي
حاصل ڪئي. شاعرن مان فردوسي، عنصري، عسجدي جا نالا
قابل يادگار آهن. فردوسيءَ ”شاهنامو“ تصنيف ڪيو ۽
ٻين شاعرن سلطان جي شان ۾ قصيد چيا. جيئن عسجدي
چوي ٿو:
تا شاهِ خسروان سفِر سومنات کرد
کردار خويش را علم معجزات کرد.
فرخيءَ جو قيصدو عسجديءَ کان به وڌيڪ آهي:
فسانه گشت و کهن شد حديثِ اسکندر
سخن نو آر که نور احلار تيست دِگر.
غزني ايشيا جو بغداد بنجي ويو. سلطان
غزنيءَ ۾ ’جامع عروس فلک‘ تعمير ڪرائي، جنھن ۾ ڪتب
خاني کان علاوه عجائب خانو به هو. جنھن ۾ نادر
شيون رکيل هيون، جيڪي سلطان کي فتوحات ۾ هٿ لڳيون
هيون. سلطان جي وفات تي فرخي جيڪو مرثيو چيو هو،
تنھن مان غزنيءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي:
شهر غزنين نه هما نست که من ديدم پار
چه فتاداست که امروز دگر گون شدکار.
کوچها بينم و سر تاسرِ کوئي بينم
همه پُر جوشن و جوشن در و پر خيل و سوار.
مهتران بينم بر روئي زنان همچو زنان
چشمها کرده ز خون نابه برنگِ گلنار.
سلطان مسعود به اهلِ علم جو قدردان هو.
ڪيترا صاحب ڪمال دربار سان وابسته هئا. غزنوي دؤر
۾ سڀني کان قابل تعظيم عالم البيروني هو، جو
سنسڪرت دان هو. سندس تصنيفات مان ”ڪتاب الھند“ ۽
”قانون مسعودي“ شاهڪار آهن. وري جڏهن غزنيءَ کان
دربار لاهور ڏانھن منتقل ٿي، ته هي شھر اسلامي
علوم ۽ تبليغ جو مرڪز بنجي ويو. سلطان ابراهيم
(451- 492هه) ۾ لاهور علمي سرگرمين جو مرڪز ۽
گهواره هو. سلطان جو وزير ابونصر فارسي اهلِ علم
جو مربي هو. بلخ ۽ بخارا جا عالم ڇڪجي لاهور پھتا،
جو ان وقت جاءِ پناهه هو. ابراهيم کانپوءِ پٽس
علاءُالدين مسعود (492- 508هه) جي ڏينھن ۾ شاعر
مسعود سعد سلمان هندستان جو پھريون فارسي شاعر ٿي
گذريو. سندس ٽي ديوان عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ هئا.
انھيءَ دؤر ۾ مشھور شاعر ”عارف“ سنائي ٿي گذريو،
جنھن جي مثنوي ”حديقة الحقيقت“ تصوف جو آئينو آهي.
هن صحبت ۾ مسعود ۽ سنائي جي ڪلامن تي طائرانه
روشني وجهون ٿا:
سعد مينھن متعلق مثنوي ۾ فرمائي ٿو:
بر شگال اي بهارِ هندستان
اي نجات از بلائي تابستان.
دادي از تيرهه بشارتها
باز رستيم ازان حرارتها.
هرسو از ابر لشکري داري
در امارت مگر سري داري.
بادهائي توميغها دارند
ميغهائي توتيعها دارند.
رعدهائي تو کوهها کوبند
چرخ گويد همي که بکشوبند.
طبع خاک و هوا دگر کردي
دشتها را همه ثمر کردي.
سبزها را طراوتي دادي
عمر هارا حلاوتي دادي.
سعد جي غزل کان طراوت وٺي ڪجهه سنائيءَ جي
سخن سنجي ٻڌو، ته امام غزالي رح جو مرشد ڇا ٿو
فرمائي:
بس که شنيدي صفت روم و چين
خيز و بيا ملک سنائي ببين.
تا همه دل بيني پئي حرص و بخل
تا همه جان يابي پئي کبر و کين.
پاي نه و چرخ بزير قدم
دست نه و ملک بزيرنگين.
زر نه دکان ملکي زيردست
خر نه و اسپ فلکي زير زين.
گاه ولي گويد هست او چنان
گاه عدو گويد هست او چنين.
او ز همه فارغ و آزاده خوش
چون گل و چون سوسن و چون ياسمين.
ابوالفرج روني به لاهور جو رهاڪو ۽ قصيده
نويسي ۾ انوري کيس اُستاد مڃي ٿو. سلطان ابراهيم
جو درباري شاعر هو:
بعد معلومش که من بنده بشعِر بوالفرج
تابديد ستم و لوعي داشتسم بس تمام.
مسعود بن ابراهيم کانپوءِ پٽس بھرام شاعرن
جي سرپرستي ڪئي. نظاميءَ جي مثنوي ”مخزن الاسرار“
سندس نالي تي معنون آهي، غزنوي دؤر ۾ گهڻائي مؤرخ
ٿي گذريا: چنانچه ابوالفضل بهقي جي ”تاريخ مسعودي“
۽ ابونصر عتبي جي ”تاريخ يمني“ مان زماني جا حالات
معلوم ٿي سگهن ٿا. پر اهي مؤرخ سلطان محمود جي
پوين جا ٽڪريل هئا، پنھنجن مربين جي ڪاهن ۽ جنگين
کي تھذيب ۽ مذهب جي اشاعت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
جيئن مغربي ملڪي هوس پرستي ۽ پٺتي پيل قومن تي
ڪاهن ڪرڻ ۽ انھن کي غلام بنائڻ کي پنھنجو مقصد،
تھذيب ۽ تمدن جي اشاعت ڪرڻ لکن ٿا. حالانڪه سندن
مول مقصد حڪومت وڌائڻ ۽ واپار هوندو آهي. مبالغه
آميزي ڪرڻ جي عادت مشرقين ۾ گهڻو پيل آهي خاص طور
فارسي نثر نويسن ۾ سلطان محمود جي ڏينھن ۾ امين
رازيءَ جي بيان موجب غزنيءَ ۾ ٻارهن هزار مسجدون ۽
مدرسا هئا. سلطان محمود حديث ۽ فقھ ۾ متعدد ڪتاب تصنيف ڪيا هئا، جن مان
”الفريد“ فقھ احناف جي مستند ڪتابن مان شمار ٿئي
ٿو. سلطان علاءُالدين جھان سوز شھر کي ساڙائي ويران ڪيو. ابن
بطوطه جڏهن غزنيءَ پھتو هو، تڏهن فقط هڪڙي حصي ۾
آبادي هئي باقي ويران هو؛ يعني ته ستين صدي هجريءَ
۾ شھر ويران هو. احمد بن حسن ميمندي، ابو نصر مشڪان، امام ابو محمد عبدالله
الناصحي، امام ابوطيب سهيل صعلوڪي، امام ابو
نصرثعلبي، ابو الخيرحسن، علي بن احمد الاسدي، ناصر
بغوي، قصارابي، سراج الدين عثمان المختاري غزنوي
دؤر جا مشھور عالم ٿي گذريا، جن جي بيان لاءِ دفتر
جي ضرورت آهي.
غلام گهراڻو (1206ع کان 1290ع تائين):
اسلام جي رواداري ۽ فراخدلي جو نتيجو غلام
بادشاهن جي تاريخ مان ملي ٿو. وقت جي بادشاهن
پنھنجن غلامن کي تعليم ۽ تربيت ڏيئي، تخت ۽ تاج
سندن حوالي ڪيا. الپتگين ۽ سبڪتگين به غلام هئا.
سلطان قطب الدين ايبڪ به محمد غوريءَ جو غلام هو ۽
هندستان جو پھريون خودمختيار بادشاهه هو. غزنوي
دؤر جي پوين ڏينھن ۾ لاهور ۽ ملتان علم ۽ ادب جا
مرڪز هئا، پر سلطان قطب الدين جي ڏينھن ۾ دهلي
اسلامي علوم جو مرڪز بنجي ويو. قطب الدين هن شھر ۾
مدرسا قائم ڪيا هئا. ايلتمش ٻه مشھور مدرسا معزيه
۽ ناصريه تعمير ڪرايا هئا، جن جو انتظام ”طبقاتِ
ناصري“ جي مصنف منھاج سراج جي سپرد هو. محمد
غوريءَ جي سپھ سالار بختيار خلجي بنگال ۽ بھار فتح
ڪري رنگپور ۾ مدرسو تعمير ڪرايو هو. قطب الدين
ايبڪ وڏو فياض هو. ان سبب ڪري هو ’لک بخش‘ جي لقب
سان سڏبو هو. شاعر بھاءُالدين اوشي سلطان جي تعريف
۾ هڪ رباعي چئي هئي:
اي بخشش لک تو در جهان آورده
کان را کفِ تو کار بجان آورده.
از رشکِ کفِ تو خون گرفته دلِ کان
وز لعل بهانه درميان آورده.
ٻيو اهل قلم نظام الدين حسن نظام جو مشھور
شاعر ۽ اديب نظام الدين عروضي سمرقندي مصنف ”چهار
مقاله“ جو فرزند هو. حسن نظام ”تاج المآثر“ جو
مصنف هو. ڪتاب ۾ 26 سالن جا حالات ڏنل آهن، جي قطب
الدين ۽ شمس الدين ايلتمش جا واقعات آهن. ڪتاب ۾
ڪن موقعن تي عربي ۽ فارسي ڪلام به درج ڪيل آهن. هن
دؤر جو مؤرخ فخرالدين مبارڪ شاه هو، جو ’فخر مدبر
غزنوي‘ جي نالي سان سڏبو هو. مؤرخ قطب الدين جي
نالي تي ڪتاب ”سلسله الانساب“ معنون ڪيو هو ۽
ايلتمش جي نالي تي ڪتاب ”آداب الحرب“ لکيو هو،
جنھن ۾ فنون جنگ ۽ هٿيارن جو بيان ڏنل آهي ۽
بهترين ڪتاب آهي. ايلتمش علم پروريءَ ڪري مشھور
هو. انھن ڏينھن ۾ تاتاري حملي ڪري گهڻائي عالم
ترڪستان، خراسان ۽ ايران ۽ عراق کان ڀڄي دهليءَ
پھتا هئا، جن لاءِ سلطان دهليءَ ۾ جدا جدا محلا
قائم ڪري سندن حوصلي افزائي ڪئي هئي. سندن اچڻ ڪري
دهلي علم ۽ ادب جو اسلامي دنيا ۾ مرڪز بنجي ويو
هو. سلطان ايلتمش نه فقط بيروني دنيا جي عالمن ۽
فاضلن جي قدرداني ڪئي، پر ٻاهرين دنيا کان بهترين
ڪتاب به گهرايا هئا. جن جي اچڻ ڪري ڪتب خانن جو
معيار بلند ٿي ويو. اهڙن ڪتابن جو معيار ”ڪتاب
آداب سلاطين“ ۽ ”مآثراسلاطين“ مان معلوم ٿي سگهي
ٿو. ازانسواءِ عھد شمسيءَ جي هڪڙي فاضل ’مويد
جاجرميءَ‘ بادشاهه جي نالي تي امام غزالي جي
”احياءُ العلوم“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.
ايلتمش جو پٽ رڪن الدين فيروز شاهه بيڪار بادشاهه
هو، ليڪن علم ۽ ادب ۾ دلچسپي وٺندو هو. امام
رازيءَ جي ڪتاب ”سَرِ مڪتوم“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو
ڪرايو هئائين. شمسي دؤر ۾ ٻيا به گهڻائي شاعر ۽
اديب ٿي گذريا، جن مان شاعر تاج الدين، جو بندري
قد ڪري ’سنگريزه‘ سڏبو هو، سو رڪن الدين جي ڏينھن
۾ ’دبيرالملڪ‘ جهڙي ممتاز عھدي تي پھتو هو. 626هه
۾ جڏهن بغداد جي سفير خليفي المستنصربالله پاران
سلطان لاءِ خلعت آندي هئي، ان موقعي تي شاعرن
قصيدا چيا هئا. تاج الدين جي قصيده جو مطلع هن طرح
هو:
مژده عالم را ز عالم آفرين آورده اند
زانکه شه را
از خليفه آفرين آورده اند.
رڪن الدين جي تاجپوشيءَ جي موقعي تي تاج الدين مدحيه اشعار چيا هئا:
مبارک باد
ملک جاوداني
ملک را
خاصه در
عهد جواني.
امين الدوله رکن الدين که آمد
درش از يمنِ او رکن يماني.
سندس ڪي اشعار ”مجمع الفصحاء ۾“ به ڏنل آهن.
چه زلف است آن ببين بروئي جانان
کزو گردد پريشاني پريشان.
مهر و مادمي خواهد همي جنگ
خِش پوشيده زان از زلفِ خفتان.
چو شمشيرش بخندد خصم گريد
بلي از خندﺓ برق است باران.
کند مهرش بنات النعش را جمع
چنان قهرش ثريا را پريشان.
عھد شمسيءَ جو شاعر امير روحاني بخارا کان
دهليءَ پھتو ۽ ايلتمش جي خوان نعمت کان فيض ياب
ٿيو. بادشاهه رڻٿنڀور ۽ منڊور جا قلعا فتح ڪيا. ان
موقعي تي امير روحانيءَ قصيدو چيو:
خبر باهلِ سما برده جبرئيل امين
ز فتحنامهء سلطانِ عهد شمس الدين.
که اي ملائکهء قدس آسمان هارا
بدين بشارتي بنديد کلهء ترئين.
که از بلاد مُلاحد شهنشاه اسلام
کشاد بار دگر قلعه سپهر آئين.
شه مجاهد و غازي که دست تيغش را
روان حيدر کرار ميکند تحسين.
بادشاهن جي تعريف ڪرڻ ڪري شاعرن کي انعام
۽ عھدا ملندا هئا، تنھنڪري مبالغه آرائي جي بازار
گرم هئي. انھيءَ دؤر ۾ شاعر ناصريءَ جو نالو اچي
ٿو. سندس هڪڙو قطعه جو ”آتشڪده“ ۾ ڏنل آهي هيٺ
ڏيون ٿا:
از ز دور فتنت همه روز است ماتم
وز دير آمدن همه شب ماتم دگر
ترسم اگر حکائتِ غمهائي خود کنم
غمگين شوي ازين غم و اين غم، غم دِگر.
شاعر بھاءُالدين علي صدر جي درجي تي پھتو.
هُو ڪامياب سپاهي به هو ۽ خوش طبع شاعر به هو.
شھاب مهمره ته استاد الشعراءُ سڏبو هو. هن وڏي
شھرت حاصل ڪئي هئي. اميرخسرو سندس ذڪر جن لفظن ۾
ڏنو آهي، هن طرح آهن:
در بداؤن مهمره سرمست برخيزد ز خواب
گر برآيد غلغِل مرغانِ دهلي زين نوا.
شاعرن کي ڏوڪڙن ۽ عھدن جي ضرورت هئي،
تنھنڪري سندن واسطو شاهي دربارن سان هو. برصغير ۾
اوائلي دؤر ۾ فارسي ٻولي جي نشوونما ٿيڻ لڳي ليڪن
غور سان ڏٺو ويندو ته بادشاهن جي سرپرستي ڪرڻ ڪري
فارسي ٻولي ايتري ترقي نه ڪئي، جيترو اهلِ الله جي
مسيحا نفسي ڪري پروان چڙهي. هن دؤر جي صوفين نه
صرف اسلام جي تبليغ ڪئي، پر تصنيف ۽ تاليف تي پورو
ڌيان ڏنائون. سندن تصنيفات جي قيمت ان ڪري گهٽجي
ويئي، جو هنن حقيقت ۽ معرفت کي پنھنجي قلم جو
موضوع بنايو هو، جن لاءِ هن مادي دنيا وارن کي ڪا
دلچسپي ڪانھي. برصغير ۾ فارسي نثر جو پھريون ڪتاب
داتا گنج بخش هجويررح تصنيف ڪيو هو.
خواجه معين الدين چشتيرح جا ملفوظات
”دليل العارفين“ جي نالي سان سندن خليفه خواجه قطب
الدين بختيار ڪاڪي رح قلمبند ڪيا هئا. سندن ٻئي
خليفي سلطان التارڪين، شيخ حميد الدين ناگوريرح
جا مڪتوبات برصغير ۾ فن انشا جو پھريون مثال آهن.
انھيءَ طرح قاضي حميدالدين ناگوريرح
گهڻائي ڪتاب لکيا هئا، جن مان ”طوالع شموس“ اسماءِ
حسنه جي شرح تصوف ۽ طريقت جي زبان سان لکيل آهي ۽
بيحد مشھور آهي. مٿئين تصنيفات مان ادب ۽ مذهب جا
مصنف روشني وٺن ٿا.
عھد ناصري جي اهلِ قلم مان شمس الدين
دبير، جنھن کي سلطان المشائخ جي اُستاد هئڻ جو فخر
حاصل آهي، سو درجي به درجي ترقي ڪندو ’مستوفي
الممالڪ هند‘ جي عھدي تي پھتو هو. سنگريزه هن
موقعي تي لکيو هو:
صدر را اکنون بکام دِلِ دوستان شدي
مستوفي ممالک هندستان شدي.
بدايوني به هن جي تعريف ڪندي، ”منتخب التواريخ“ ۾ هڪڙو قصيدو
لکيو آهي:
اي همه کار دلم از تو بنا داني خام
دادﺓ دوش مرا وعده بمهماني خام
پخته کردم همه شب چشم و نه دانستم
طمعي بود از انگونه که ميداني خام
پخته دارم دل از انديشئه رويت که چه است
رنگ تو پخته همين نقرﺓ پيشاني خام
شاعر ملک الڪرام اميرفخرالدين عميد سنامي،
جو برصغير جي سڀني صوبن مٿان ديوان رهيو هو، سندس
شعر ۾ گرمي، زور ۽ صفائي نظر اچي ٿي:
برخيز عميدار نه فسرده است دلِ تو
بگذر ز غزل حمدِ خداوندِ جهان گو.
مداحئ درگاهِ خدا کن که بر افراشت
بي زحمتِ آلات بسي گنبد مينو.
دو شاه روان کرد برين طارم ارزق
پس داد ز سيارهء شان خيل زهر سو.
صد شاهد اختر بگهِ شام نموده
مشاطئه صنعش ز پسِ پرده نُه تو.
ناصرالدين جي زماني جو قابلِ ذڪر اديب
قاضي منھاج الدين بن سراج الدين جرجاني هو، جنھن
سلطان ناصرالدين محمود جي نالي تي تاريخ ”طبقاتِ
ناصري“ تصنيف ڪئي، جنھن ۾ غزنوي دؤر کان وٺي سلطان
ناصرالدين تائين بيان ڏنل آهي. 658هه ۾ ڪتاب مڪمل
ڪيائين. سلطان ناصرالدين کيس ’صدرجھان‘ جو خطاب
ڏيئي قاضي القضاة جو عھدو ڏنو هو. قاضي صاحب شاعر
به هو. صفحي 230 تي لکي آيا آهيون ته هلاڪو خان جو
سفير جڏهن دهلي پھتو هو، تڏهن سلطان ناصرالدين
جنھن شان ۽ تجمل سان فوجي نمائش ڪئي هئي، ان موقعي
تي قاضي جرجاني جشن جي تعريف ڪندي جيڪي اشعار چيا
هئا، هن طرح هئا:
زهي جشني کز او اطراف چون خلد برين گشته
خهي بزمي کزان اکنافِ عدنِ راستين گشته.
زفرِ ناصرالدين شاه محمود ابنِ التمش
ملک نزدش دعا خواندهء فلک پيشش زمين
گشته.
شهنشاهي که در عالم ز فيض فضلِ رباني
سزائي چترشاهي لائق رنگين گشته.
ز ترتيب و نهاد رسم و آئينِ نشاطِ او
تو گفتي عرصئه دهلي بهشتِ شتمين گشته.
مبارکباد بر اسلام بزم اِين شهِ عالم
کزين ترتيب هندستان بسي خوشتر ز چين گشته.
خلجي گهراڻو (1290 کان 1321 تائين):
خلِجي گهراڻي جو باني سلطان جلال الدين
خلجي نيڪ، رحمدل، سادو ۽ متحمل مزاج ٿي گذريو.
هڪڙي دفعي هن رڻٿنڀور تي حملو ڪيو. اتي جي راجا
قلعي ۾ پناه ورتي هئي بادشاهه قلعي تي ڪجهه ڏينھن
گهيرو ڪري واپس موٽيو ۽ چيائين ته قلعي فتح ڪرڻ
کان هڪڙي ماڻھوءَ جي زندگي وڌيڪ قيمتي آهي:
بمردي که ملکِ سراسر زمين
نيرزد که خوني چکد بر زمين.
بادشاهه چوندو هو ته ستر سالن جي عمر ۾
مون ڪڏهن به ڪنھن مسلمان جو خون ڪونه وهايو آهي.
سندس رحمدليءَ جي ڪري چورن ۽ ڌاڙيلن زور ورتو. ڪو
قيد ٿي ايندو هو، ته ان کي نصيحت ڪري معاف ڪندو
هو. شعر چوڻ ۽ ٻڌڻ ۽ شطرنج کيڏڻ کانسواءِ ٻيو ڪو
ڪاروبار نه ڪندو هو. ضياءُالدين برني سندس علمي ۽
ادبي مجلسن کي ياد ڏياري ٿو. بدايوني سندس ٻه شعر
نقل ڪيا آهن:
آن زلفِ پريشانت
ژوليده نمي خواهم
وان روئي چون گلنارت تفتيده نمي خواهم.
بي پير همنت، خواهم يک شب بکنار آئي
بان بانگ بلند است اين پوشيده نمي خواهم.
امير خسرو روزانو غزل لکي ايندو هو، جن کي
گلفام گاني واريون فتوحه ۽ نصرت خاتون ڳائينديون
هيون. دربار جو مشھور گويو امير شاهه ساز وڄائيندو
هو ۽ نصرت خاتون ۽ مهر افروز نچڻيون ناچ ڪنديون
هيون. مغليه دؤر کان اڳ علم ۽ ادب خلجي دؤر ۾ رونق
ورتي هئي. ڇاڪاڻ ته جلال الدين شاعر ۽ نڪته سنج
هو. شعر و شاعري ۽ ناچ گاني کانسواءِ ٻي ڪنھن به
شيءِ سان هن کي رغبت ڪونه هئي. سندس رباعين ۾ شوخي
نظر اچي ٿي. برصغير جو هي پھريون شاعر بادشاهه هو.
گواليار جي قلعي تي گهيري ڪرڻ وقت، هن هڪ عظيم
الشان عمارت تعمير ڪرائي هئي، جنھن لاءِ هڪ رباعي
لکي هئائين:
مارا که قدم برسِر گردون سايد
از تودهء سنگ و گِل چه قدر افزايد.
اين سنگ شکسته زان نهاديم درست
باشد که دلِ شکستئه آسايد.
دربار جلالي ۾ امير خسرو کانسواءِ،
اميرحسن، مويد جاجرمي، امير ارسالان، ڪاتبي، سعد
منطقي، باقي خطيب ۽ قاضي مغيث هانسوي شاعرن جا
نالابدايونيءَ ڏنا آهن. قاضي 19 بحر غزل جا ايجاد
ڪيا هئا. جلال الدين کانپوءِ علاءُالدين
اسڪندرثاني تخت تي ويٺو. هو جابر، خشڪ مزاج ۽
منتظم بادشاهه هو. هن شعر و شاعريءَ جي مجلسن کي
دربار ۾ ختم ڪري ڇڏيو. هن حڪم ڏنو ته هر شخص
پنھنجي ڪاروبار ڏانھن ڌيان ڏي. ايڏي دنيا داري
هوندي به سندس دربار ”علائي“ علم ۽ ادب جي لحاظ
سان دربار اڪبريءَ کان گهٽ ڪونه هئي. سندس ڏينھن ۾
امير خسرو ”خمسه“ لکيو هو. ازانسواءِ صدرالدين
عالي، فخرالدين قواس، راجا مولانا عارف، عبيد
حڪيم، شھاب انصاري، صدر بستي، اميرحسن دؤر علائيءَ
جا مشھور شاعر ٿي گذريا. منجھان هرهڪ وٽ ديوان هو.
افسوس! جو اسان وٽ فقط سندن نالا رهجي ويا آهن،
ڪلام غائب آهن. شاعر عبيد حڪيم، اميرخسرو جي
”خمسه“ تي ڪيترن هنڌن تي چوٽون هنيون آهن. هڪڙو
شعر بدايوني ڏئي ٿو.
غلط افتاد خسرو را ز خامي
که سکبا پخت در ديگِ نظامي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
دوش ديدم نظامي اندر خواب
گوئيا شسته خمسه رامي شست
گفتم اي شيخ از چه مي شوئي
اي بزرگِ زمانه پشتِ به پشت.
گفت از ننگ خسروِ لاچين
کوچه داند، جواب خمسه گفت.
اميرخسرو جواب ۾ لکيو:
دوش ديدم نظامي اندر خواب
بر دهانِ عبيد مي زد مشت.
گفتم: اي شيخ از چه رنجيدي
چه گنه کرد اين خبيث درشت.
گفت: بنگر، چه افزا کرده است
خمسئه خويش را نظامي شست.
بدريدمِ بپايش اُفتادم
ورنه اين سفله را بجامي کشت.
فخرالدين قواس غزنوي، ان زماني جو مشھور
فاضل هو، جنھن ”شاهنامه“ جا لغات تيار ڪيا ۽ فارسي
ادب جو شايد پھريون فرهنگ نگارهو. مولانا رفيع
دهلوي کيس ’اُستاد الشعراءُ‘ جي لقب سان ياد ڪيو
آهي ۽ ٻئي هڪڙي شاعر شھاب الدين جو هري متعلق لکي
ٿو.
فخردين، کانِ کرم، گنج هنر دريائي فضل
اي به طبعت يک سخن، سرمايهء صد جوهري.
انھيءَ طرح ٻيا به گهڻائي اديب ۽ مؤرخ
هئا، جن جي شاهڪارن جو پتو پئجي نٿو سگهي. مثلاً
ڪبيرالدين، جو عربي ۽ فارسي نثر يد بيضا جو نمونو
هو. شعرا ۽ ادبا کان علاوه ڪيترا عالم به هئا، جن
جو مٽ اسلامي دنيا ۾ ڪونه هو. برني اهڙن 47 عالمن
جا نالا ڏنا آهن، جي علمي معيار جي لحاظ سان رازي،
غزالي ۽ شاهه ولي الله جيترو مرتبو رکندڙ هئا.
حضرت سلطان المشائخ نظامي رڳو صوفي ڪونه هئا، پر
وڏا عالم به هئا ۽ باقاعده درس ڏيندا هئا. اُن دؤر
۾ برصغير ۾ علم حديث جي ابتدائي حالت هئي. ضيا
نخشبي بدايوني ڪليات کان سواءِ ”سلڪ السلوڪ“،
”عشره مبشره“، ”طوطي نامه“، ”گلريز“، ”چهل ناموس“
۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جو مصنف هو ۽ شھاب مهمره جو
شاگرد هو. شيخ عبدالحق محدث، ”سلڪ السلوڪ“ جي
ميٺاج ۽ رنگينيءَ جي تعريف ڪري ٿو:
نخشبي خيز بازمانه به ساز
ورنه خود را نشانه ساختن است
عاقلانِ زمانه مي گويند
عاقلي با زمانه ساختن است.
انھيءَ دؤر ۾ شيخ شرف الدين ابن يحيٰ
منيري رح بھار ۾ ٿي گذريو. اصل تصوف جي اکين لاءِ
سندن مڪتوبات عينڪون آهن.
اميرحسن سنجري شاعريءَ ۾ ڪمال رکندو هو.
امير خسرو جو دوست هو. سندس پورو نالو خواجه نجم
الدين حسن هو. سجستان کان برصغير ۾ آيو هو، ان ڪري
سنجري ڪوٺبو هو. سندن مشھور ڪتاب ”فوائد الفواد“
آهي، جنھن ۾ مصنف پنھنجي مرشد سلطان المشائخ جا
ملفوظات گڏ ڪيا آهن. هن ڪتاب کي امير خسروءَ جي
ڪتاب ”افضل الفوائد“ کان گهڻي شھرت حاصل ٿي. دهلي
جي ويراني وقت سلطان محمد تغلق سان گڏ دولت آباد
ڏانھن ويو هو، جتي 738ع ۾ وفات ڪيائين. حسن جي
تذڪره متعلق مولانا شبلي لکيو آهي ته هن صنف غزل
تي وڏو احسان ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ گداز
موجود آهي. ايترو جذبي جو اثر امير خسرو جي ڪلام ۾
ڪونهي. ضيا برنيءَ حسن کي عھد علائيءَ جو يگانه
عصر لکيو آهي ۽ ’سعدي هند‘ جي خطاب سان لکي ٿو.
شيخ عبدالحق محدث ”تذڪره مصنفين دهلي“ ۾ سلطان
المشائخ جو قول نقل ڪيو آهي: ”خسرو ما دريائي شور
است و حسن جوئي شيرين“. اميرحسن جو فارسي ضخيم
ديوان حيدرآباد مان شايع ٿيو آهي. هڪ غزل هيٺ ڏجي
ٿو.
کو ديده کز فراقِ رخ تو پُر آب نيست
کو دل که در کشاکش عشقت خراب نيست
روزم تو بر فروز و شبم راتو نور بخش
اين کارِ تست کارِ مه آفتاب نيست.
اي محتسب تو خيمه بخمار خانه زن
بگذر ز ما که مستيء ما از شراب نيست
گفتي تراچه سوزد چه شور است در سماع
اين زان سوالهات که آنرا جواب نيست.
بي حلقئه کمندِ سرِ زلفِ نيکوان
گر کعبه مي رويم دعا مستجاب نيست.
هر در که در خزانئه دل داري اي ”حسن“
آنرا بسلکِ کلک کشيدن صواب نيست.
امير خسرو طوطئي هند:
برصغير هند چار بلند پايه فارسي شاعر ڪيا
آهن. (1) خسرو، (21) فيضي، (3) غالب، ۽ (4)اقبال-
انھن مان امير خسرو اهڙو شاعر آهي، جنھن جي مرتبي
کي اهل زبان تسليم ڪن ٿا. ابوالحسن يمين الدين
خسرو 651هه مطابق 1253ع ۾ آگره جي ڪمشنري ضلع ايٽه
جي ننڍڙي ڳوٺ پٽيالي ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان
شاعريءَ جو فطري جذبو منجهس هو. ويھن ورهين جي عمر
۾ درسي علمن کان فارغ ٿي بلبن جي دربار جي هڪڙي
امير ملڪ ڪشلو خان وٽ نوڪر بيٺو، جنھن جي تعريف ۾
گهڻائي قصيدا لکيائين:
صبح را گفتم که خورشيدت کجا است
آسمان روئي ملک چهجو نمود.
ان کانپوءِ بلبن جي پٽ بغرا خان سان 678هه
۾ بنگال ويو. بعد بُلبن جي ٻئي پٽ ملتان جي حاڪم
خان شھيد جي ملازمت ۾ رهيو. 683هه ۾ خان شھيد
تاتارين هٿان شھيد ٿيو ۽ خسرو به قيد ٿي ويو.
آزاديءَ کان پوءِ پٽيالي ۾ ماءُ جي ديدار ڪرڻ
کانپوءِ دهليءَ ۾ سلطان بلبن جي دربار ۾ خان شھيد
جو پُردرد مرثيو پڙهيائين.
واقعه هست اين يا بلا از آسمان آمد پديد
آفت اين يا قيامت درجهان آمدپديد.
هي مرثيو سعديءَ جي زوال بغداد واري مرثيه
وانگر ايترو درد انگيز آهي، جو ٻڌڻ سان دربار ۾
ماتم مچي ويو. بلبن ايترو رنو، جو بخار چڙهي ويس ۽
انھيءَ غم ۾ ٽئين ڏينھن مري ويو. سندس تصنيفات
بيشمار آهن. 688هه ۾ بَغرا خان جڏهن پيءُ سان
ملاقات ڪئي، اهو احوال ”قِران السعدين“ ۾ نظم
ڪيائين. ساڳي سال ڪيقباد دنيا مان ڪوچ ڪيو، ته
سطان جلال الدين خلجيءَ کيس دربار جو خاص نديم
مقرر ڪيو ۽ خسرو ’امير‘ جي لقب سان سڏجڻ لڳو.
694هه ۾ جلال الدين جي تاج پوشيءَ متعلق ”مفتاح
الفتوح“ نظم ڪيائين. وري جڏهن علاءُالدين خلجي،
جلال الدين کي مارائي تخت تي ويٺو، ته فتوحات جو
بيان ”خزائن الفتوح“ ۾ نثر ۾ لکيائين. ”پنج گنج“
جي جواب ۾ ڪيتريون مثنويون لکي، سلطان جي نالي تي
معنون ڪيائين. هڪڙي مثنويءَ ۾ ولي عھد شھزاده
خضرخان جي ديول راڻيءَ سان عشق جي آکاڻي 715هه ۾
بيان ڪيل آهي. علاءُالدين جو پٽ قطب الدين مبارڪ
شاه جڏهن تخت تي ويٺو، حالانڪ عياش جيئڙو هو، امير
خسرو 718هه ۾ ”مثنوي نھ سپھر“ سندس نالي تي لکي.
بادشاهه کيس هاٿيءَ جي وزن جيترا روپيا ڏنا. سلطان
غياث الدين تغلق تخت تي ويهڻ کانپوءِ امير خسروءَ
کي بنگال ڏانھن وٺي ويو. اتي کيس مرشد سلطان
المشائخ جي وفات جي خبر پھتي. اتان روئندو پٽيندو
مرشد جي خانقاه تي پھچي هيءُ شعر پڙهيائين:
گوري سُود و سيج پر مُکهه پر
ڈالے
کيس
چل خسرو گهر اپنے، سانجهه بهئي چون ديس.
اتان موٽي سموري مڏي ۽ مال فقرا ۾ ورهائي،
ڪاري ڪفني اوڙهي مرشد جي مزار تي ويٺو. ڇهن مهينن
گذرڻ بعد 18 شوال 725هه مطابق 1324ع ۾ عالم فاني
کي ڇڏي عالم بقا ڏانھن روانو ٿيو. مرشد کي مريد
سان بيحد محبت هئي. سلطان المشائخ خوش نصيب مريد
بابت هڪڙي رباعيءَ ۾ سندس خوشگوئي جي هن طرح تعريف
ڪئي آهي:
خسرو که بنظم و نثر مثلش کم خاست
ملکيت ملک سخن آن خسرو راست.
اين خسروِ ماست ناصر خسرو نيست
زيراکه خدائي ناصر خسرو ماست.
امير خسروءَ جو پيءُ سيف الدين محمود
لاچين جي ترڪي نسل مان هو، پر سندس نانو هندو هو.
تنھن ڪري شاعر کي هند سان محبت هئي ”مناقب
هندستان“ به سندس تصنيف ڪيل آهي، پر هينئر غائب
آهي. خواتين هند کي نفاست ۽ حسن جي لحاظ سان دنيا
جي حسينن تي ترجيح ڏيندي ڄاڻائي ٿو:
بتانِ هند را نسبتِ همين است
بهريک موئي شان صد ملکِ چين است.
چه گيري نام از يغما و خلج
که غالب تيز چشم اندرو ترش رُخ.
چو ياد آري سپيد و سرخ و روي
چوگلهائي خراسان رنگ بي بوئي.
دگر پرسي خبر از روم و از روس
از ايشان رم خورد کانونِ دوزخ.
خطائي تنگ چشم و پست بيني
مغل را چشم و بيني خود نه بيني.
لبِ تاتار خود خندان نباشد
ختن را خود نمک چندان نباشد.
سمرقندي و آنچه از قندهارند
بجز نامي ز شيريني ندارند.
بمصر و روم هم سيمين خدانند
لي چشتي و چالاکي ندانند.
شاعر جي رڳ رڳ ۾ حب الوطنيءَ جو ولولو
سمايل هو. هندستانين جي فضائل کي هيٺين عنوانن جي
تحت بيان ڪري ٿو:
اثباتِ ملکِ هند که حجت به جنت است
حجت همه به قاعدﺓ ملک استوار.
ترجيح ملک هندِ بعقل از هوائي خوش
بر اروم و بر عراق و خراسانِ برف بار.
ترجيح اهلِ هند بر اهل عجم همه
در زيرکي و دانش و دلهائي هوشيار.
اثباتِ گفتِ هند بحجت که راجح است
بر پارسي و ترکي از الفاظِ خوشگوار.
مثنوي ”دول راڻي ۽ خضر خان“ ۾ هڪڙو باب
’سير باغ‘ ڏنو اٿئين. ان ۾ هندستان جي گلن جي
تعريف ڪئي اٿائين:
چه بيني ارغوان و لاله خندان
که رنگي هست و بوئي نيست چندان.
گلِ مارا بهندي نام زشت است
وگرنه هر گلي باغ بهشت است.
گر اين گل خاستي در روم يا شام
که بودي پارسي يا تازيش نام.
شدي معلوم تا مرغانِ آن بوم
چسان غلغل زدي در رکي و در روم.
کدامي گل چنين باشد که سالي
دهد بُو دور مانده از نهالي.
تغلق گهراڻو 1321ع کان 1399ع تائين:
سلطان غياث الدين تغلق فقط پنج ورهيه
حڪومت ڪئي. سلطان محمد تغلق عالمن ۽ فاضلن تي گهڻو
مهربان هو. ضياءُالدين برنيءَ تي ته خاص طرح
مهربان هو. شيخ ابن بطوطه اندلسي، مشھور سياح،
ظهيرالدين فن تعمير جو ماهر، شھاب الدين ابوالعباس
احمد فن خطبات جو اُستاد، ملڪ الشعرا بدر شاش
(سمرقندي) هن دؤر جا بلند مرتبي وارا هئا. بدر شاش
کي سلطان ’فخرالزمان‘ جو خطاب ڏنو هو. شاعر چوي
ٿو:
درين دربدر چاچي را سخن شيرين غلامي دان
اگرچه خسرو عالم کند فخر الزمان لقبش.
دستور موجب بدر جا سمورا قصيدا بادشاهه جي
تعريف ۾ چيل آهن. پر، لطف اهو، جو منجهن ڪي تاريخي
واقعات ڏنل آهن، جن کي مؤرخ سند طور ڪتب آڻين ٿا.
ايڇ.ايلٽ ته انھن کي پنھنجي تاريخ ۾ ترجمو ڪيو
آهي. ڪي الفاظ اهڙا پچيده ۽ تشبيهون اهڙو باريڪ
آهن، جو سڀڪو سمجهي ڪونه سگهندو. قصيدن کان علاوه،
شاعر مثنوي ”شاهنامو“ به لکي هئي. سلطان محمد تغلق پاڻ شاعر هو. مرڻ وقت هن ڪي بيت چيا هئا:
بسيار درين جهان طپيديم،
بسيار نعيم و ناز ديديم.
اسپان بلند بر نشستيم،
ترکانِ گران بها خريديم.
کرديم بسي نشاط، و آخر،
چون قامتِ ماهِ نو خميديم.
ابن بطوطه جو سفرنامو، جنھن تي مولوي محمد
حسين نوٽ وجهي شايع ڪرايو، دلچسپ حالات سان ڀريل
آهي. مولانا معين الدين عمراني به هن دؤر جو مشھور
عالم هو. سلطان کيس ”موافق“ جي مؤلف قاضي عضد کي
شيراز کان آڻڻ لاءِ مُڪو هو. پر شيراز جو حاڪم
قاضيءَ تي گهڻو مهربان هو، تنھنڪري مولانا
عمرانيءَ کي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. مولانا
ضياءُالدين برني، هن دؤر جو مشھور مؤرخ هو، جنھن
جي ”تاريخ فيروز شاهي“ مؤرخن لاءِ خزانو آهي.
تاريخ ۾ 664هه کان 758هه تائين حالات ڏنل آهن ۽
تاريخ ”طبقات ناصري“ کان وڌيڪ مقبول آهي. 741هه
مطابق 1340ع ڌاري عباسي خلافت جو مرڪز مصر ڏانھن
منتقل ٿي ويو. خليفي مستقفي بالله پاران سيد حاجي
سرسري سلطان محمد تغلق لاءِ خلعت ۽ جهنڊو کڻي آيو.
هن موقعي تي شاعر بدر چاچ هيٺيون قصيدو چيو هو:
ملک را بازو قوي شد، دين سرفرازي نمود.
شرع را حرمت فزون شد، رونق ايمان رسيد.
کيش داران ضلالت، را هواي دين گرفت.
پيشوايان شريعت را حيات جان رسيد.
هڪڙي دفعي سلطان اڳيان شاعر عبيد ذاقاني
پنھنجي مفلسيءَ جو بيان قصيدي ۾ پڙهيو. بادشاهه
سندس چوگرد اشرفين جا ڍير لڳرايا. ايتري قدر جو
شاعر، ناڻي ۾ پورجي ويو. محمد تغلق خلوت ۾ هندو جوڳين جا ڪرتب ڏسندو هو. ساموئي
ويجهو گونڊل ۾ مرڻ وقت پنھنجي سـؤٽ فيروز شاهه بن
سالار رجب کي وليعھد مقرر ڪيائين ۽ هيٺون شعر سندس
زبان تي هو.
تو سر سبز باشي شهنشهي که من کرده ام سر ز بالين تهي.
سلطان فيروز شاهه به علمي محفل جي شمع کي
روشن رکيو هو. علمائن کي گهرائي، خلعتون ڏيئي هنن
لاءِ وظيفا مقرر ڪيائين. جيئن اڄڪلھه مملڪت
جمهوريه پاڪستان اديبن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا آهن ۽
رائٽرس گلڊ جون مجلسون قائم ڪيون آهن.
فيروز شاهه ، مخدوم صدرالدين ملتاني رح کي
’شيخ الاسلام‘ جو عھدو ڏنو ۽ شاعر ضياءُالدين
مشهديءَ کي ’امير‘ جي خطاب سان نوازيائين. عباسي
خليفي بادشاهه کي ’سيف الخلافه‘ جو لقب ڏنو هو. سندس ڏينھن ۾ دهلي اسلامي تھذيب جو مرڪز بنجي ويو. شھر ۾
مدرسن جو تعداد هڪ هزار هو ۽ شھر جي چوگرد صوفين
جي خانقاهن جو تعداد 4 چار هزار هو. بادشاهه ستاره
شناسيءَ لاءِ هڪڙو رصد گاه به تعمير ڪرايو هو ۽
’زيچ فيروز شاهي‘ تيار ڪرايائين. محمد تغلق (جونا
خان) جي يادگار لاءِ جونپور شھر تعمير ڪرايائين،
جو برصغير ۾ علمي مرڪز جي حيثيت رکندو هو. هيئت
کانسواءِ علم حڪمت سان به دلچسپي رکندو هو. سندس
ڪتاب ”طبِ فيروز شاهي“ آهي. ڪانگڙا جي جوالا مکي
مندر مان کيس 13 سؤ ڪتاب سنسڪرت جا هٿ لڳا هئا، جن
مان ڪي ترجمو ڪرائي، متن ”دلائل فيروز شاهي“ نالو
رکيائين. علم موسيقي ۽ فنِ مصوري تغلق دؤر ۾ ترقي ڪئي. هندي زبان ترقي ڪئي. امير خسرو، امير حسن سنجري ۽ محمد
جائسي هنديءَ ۾ اشعار چيا. سلطان محمد تغلق به
هنديءَ ۾ شعر چوندو هو. هندو جيڪي مسلمانن کي مليڇ
چوندا هئا، سي اسلامي مدرسن ۾ تعليم وٺڻ کانپوءِ
مسلمانن سان ڪلھو ملائڻ لڳا. برني، علاءُالدين خلجي جي دؤر جي 64 پروفيسرن ۽ علمائن جي
فهرست ڏني آهي، جيڪي هندو آهن. مشھور ”لغات قاموس“
جو مصنف مولانا مجدالدين فيروزآبادي هن دؤر ۾
هندستان آيو هو. ٻيا قابل ذڪر بزرگن جا نالا آهن،
مولانا احمد ٿانيسري، قاضي شھاب الدين دولت
آباديءَ جو اُستاد مولانا خواجگي ۽ قاضي
عبدالمقتدر دهلوي، مشائخ مان مشھور مخدوم نيرالدين
چراغ دهلوي رح، جنھن کي محمد تغلق پنھنجن ڪپڙن
بدلائڻ تي رکي سندس بي ادبي ڪئي هئي، گونڊل تائين
ساڻس گڏ هو، جنھن کي فيروز شاهه تغلق عزت ۽ احترام
سان آزاد ڪيو هو. شاعر مسعود بڪ سان بادشاهه کي
قرب هو. سندس ديوان حيدرآباد مان شايع ٿيو آهي.
تصوف تي شاعر تمهيدات، مراة العارفين، سلسله چشتيه
جي حقيقت افشائي ڪن ٿا. حميد قلندر، حضرت چراغ
دهلويءَ رح جا ملفوظات ”خيرالمجالس“ جي نالي سان
مرتب ڪيا. شاعر ظهير دهلوي صاحبِ ديوان هو. سندس
قصيدن جا انتخاب بدايونيءَ درج ڪيا آهن. شاعر
مُطهر، حضرت چراغ رح جي وفات تي اشعار چيا. امير
خسروءَ جو پٽ اميراحمد به خوش مذاق شاعر هو. حڪيم
شھابي هڪ مثنوي ”طبِ شھابي“ تصنيف ڪئي. شاهي اميرن
مان ملڪ الشرق، ملڪ عين الملڪ جو ڪتاب ”انشاءَ عين
ماهرو“ مشھور آهي. شاعر مطهر عالم به هو، جنھن
776هه ۾ ”نصيبِ اخوان“ تصنيف ڪيو، برصغير ۾ بيحد
مقبول ٿيو. بدايونيءَ جو چوڻ آهي ته مطهر جي ديوان
۾ 15 هزار اشعار هئا. افسوس! جو اڪبري دؤر ۾ ئي
ناياب ٿي ويو. شاعر حوض علائي جي مدرسي جو سير ڪري
ٿو، جتي مولانا جلال الدين کي درس ڏيندي ڏسي ٿو:
گفت اينجائي چه جائيست بدين زينت و زيب
باز اين باغ چه باغست ز انواع شِمار.
گفتم اين مدرسه و باغ شهنشاه جهانست.
اندرون آئي، که يک حسن به بيني به هزار.
چون در آمد زدرش، ديدوران جنتِ خلد.
فاضلان صف زده، هرسوئي ملائک کردار.
عالمانِ عربي لفظ و عراقي دانش.
همه درجبهء شامي و بمصري دستار.
هر يکي نادرهء دهر، در انواع نهر.
هر يکي واسطئه عقل در اطراف ديار.
در فقامت به بخارا و سمرقند نشان.
در بلاغت به حجاز و يمن و نجد منار...... الخ.
فن موسيقي جي سنسڪرت ڪتاب ”باراه سنگتا“
کي عبدالعريز ٿانيسريءَ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
مولانا دائود سلطان جي حڪم سان چندا جو عشقيه
افسانو هندي زبان ۾ مثنوي ۾ لکي. شعر و شاعري کان
علاوه فقھ جي تعليم جي هن دؤر ۾ شروعات ٿي. قديم
فقھ جي ڪتابن مان ”فقھ فيروز شاهي“ گهڻو مشھور
آهي. اميرن مان خان اعظم تاتارخان علمِ دينيات
متعلق ٻه ڪتاب مدون ڪيا. هڪ تفسير ٻيو فقه تي
ڪتاب. پوئين ڪتاب جو نسخو، جو 9 صديءَ جو لکيل آهي
۽ 9 جلدن ۾ ”الفتاوي تاتارخان“ جي نالي سان آهي،
ڪتبخانه آصفيه ۾ محفوظ آهي. مصنف جو نالو مولانا
عالم هو. ازانسواءِ حضرت چراغ دهلويرح
جي هڪڙي مريد مولانا رڪن الدين فقهي مضمونن متعلق
مثنوي ”طرفته الفقها“ جي نالي سان لکي هئي. منجهس
ٽيھه هزار اشعار ڏنل آهن. انھيءَ دؤر ۾ سيد محمد
جونپوريرح کان اڳ هڪڙي شخص رڪن الدين
’مهدوي‘ هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ٻي هڪڙي شخص احمد
بھاريءَ ’خدائيءَ‘ جي دعويٰ ڪئي هئي. اسماعيلي
شيعن جي مجلس سنڌ جي شھر ڪوٽڙي ۾ قائم ٿي هئي ۽
قرمطين مان انور ترڪ رضيه سلطانه جي ڏينھن ۾
دهليءَ ۾ بغاوت ڪئي هئي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو
هو. انھيءَ طرح اثنا عشري شيعن جو تعداد به هن دؤر
وڌڻ لڳو. اهي واقعات فيروز شاهه جي خود نوشته ڪتاب
”فتوحات فيروز شاهي“ ۾ ڏنل آهن، جو تاريخي نقطه
نظر سان اهميت رکي ٿو. عھد فيروز شاهيءَ ۾ بمبئيءَ
جي ڪناري واري ڳوٺ مھائم ۾ شيخ علي ابن شيخ احمد
مھائمي رح عربيءَ ۾ قرآن مجيد جو تفسير قلمبند
ڪيو، جو ”تبصيرالرحمان“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
شيخ علي، حضرت شاهه ولي الله دهلويءَ وانگر حقيقت
نگاريءَ ۾ ماهر هو. سندس ٻيو ڪتاب ”اسرارِ شريعت“
هو. تصوف ۾ شيخ محي الدين ابن العربي جو پيرو ۽
توحيدِ وجودي جو قائل هو. شيخ علي، ”عوارف
المعارف“ ۽ ”فصوص الحڪم“ تي به شرحون لکيون هيون.
(متوفي 835هه/1431ع) غرض اسلامي مذهبي ۽ معاشرتي
مسئلن جو آغاز، جن جو حل اڄ به مسلمان ڳولي رهيا
آهن، فيروز شاهي دؤر ۾ ٿيو هو.
سنڌ جي علمي حالت، اوائلي مدرسا ۽ سنڌي ٻولي:
سنڌ باب اسلام ۾ سھرودي بزرگانِ دين جون
خلافتون قائم ٿي چڪيون هيون. سنڌ جا وڏا زميندار،
جيڪي پھريان قرمطي فرقي جا پيرو هئا، مخدوم
جھانيان جھان گشت رح جي تبليغ سان دين حقيقت جي
دائري ۾ داخل ٿيا. ساڳيء طرح سمه قوم به مخدوم
صاحب جا معتقد هئا. ريگزارِ سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾
سري کان وٺي لاڙ تائين مدرسا قائم هئا، جيڪي علمي
نوعيت جي لحاظ سان برصغير جي مدرسن کان گهٽ ڪونه
هئا. سنڌ جي مدرسن ۾ خراسان، عراق، شام ۽ مصر جا
شاگرد تعليم وٺندا هئا ۽ شاگردن کي مفت تعليم ملڻ
کان علاوه پوشاڪ ۽ خوراڪ جو به انتظام اوقاف پاران
ڪيل هو. شيخ ابن بطوطه 1234ع ۾ سنڌ مان لنگهندي،
هتي جي خانقاهن ۽ مدرسن ۾ قيام فرمايو هو.
ملتان:
ملتان ۽ اُچ تي ناصرالدين قباچه جي حڪومت
هئي. سھرورديه بزرگن کان اڳ هندن جو متبرڪ مندر
هو. انھن ڏينھن ۾ راوي ندي قلعي جي ديوارن هيٺان
وهندي هئي. گومل لڪ جي منھن وٽ هئڻ ڪري واپار جو
مرڪز هو. علماء دين، جهڙوڪ: خواجه معين الدين چشتي
رح، قطب الدين بختيار ڪاڪي رح اجمير ۽ دهلي وڃڻ
کان اڳ سنسڪرت ٻوليءَ جو هن شھر ۾ رهي اڀياس ڪيو
هو. شيخ المشائخ بھاءُالدين زڪريا ۽ مخدوم
صدرالدين رح شاهان دهليءَ جي ڏينھن ۾ ’شيخ
الاسلام‘ جي عھدي تي پھتا. قباچه کان پوءِ سلطان
ايلتمش جو پٽ خان شھيد ملتان جو حاڪم ٿيو. سماع جي
محفلن ۾ حصو وٺندو هو. ملتان علميت ۽ تبليغ جي
مرڪز هئڻ سبب ’قبة الاسلام‘ ڪوٺبو هو. خان شھيد
علم پرور هو. هُن شيخ سعدي کي ملتان اچڻ جي دعوت
ڏني هئي، پر شيخ صاحب ضعيفيءَ ڪري اچي نه سگهيو
هو. ملتان اڄ به علميت جي نقطهءِ نظر سان مملڪت
پاڪستان ۾ علم ۽ ثقافت جو مرڪز آهي.
اُُچ:
هي ناصرالدين قباچه جي ڏينھن ۾ سنڌ جو
تختگاهه هو. ناصرالدين پاڻ علم پرور ۽ معارف نواز
هو. سنڌ جي اُتر الھندي سرحد تي هئڻ ڪري خراسان،
ايران ۽ توران جي عالمن ۽ فاضلن قباچه جي درٻار کي
سينگاريو هو. انھن بزرگن جي اچڻ ڪري اُچ سنڌ جو
علمي مرڪز بنجي ويو. مولانا قطب الدين ڪاشاني جيد
عالم هو، جنھن لاءِ سلطان هڪڙو مدرسو تعمير ڪرايو
هو. عين الملڪ اشعري، سلطان جو وزير، شعر ۽ ادب جو
مربي هو. سيد سديد عوفي بخارا کان اُچ پھتو. سنڌ ۽
گجرات تائين سياحت ڪيائين. سندس تصنيفات مان ”لباب
الالباب“ فارسي شاعريءَ جو بينظير تذڪره آهي.
1900ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. نورالدين
عوفي ”جوامع الحڪايت“ تصنيف ڪري قباچه کي زنده
جاويد بنائي ڇڏيو. اُچ جي محفل ڦٽڻ کانپوءِ ايلتمش
جي دربار ڏانھن هليو ويو. قاضي منھاج الدين السراج
به پھريان اُچ جي دربار ۾ پھتو هو ۽ پوءِ دهليءَ
ڏانھن ويو هو. مؤرخ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي
اُچ جي درٻار ۾ ”منھاج المسالڪ“ جي عربي ڪتاب کي
فارسيءَ جو جامو پھرايو، جا سنڌ جي پھرين تاريخ
آهي ۽ هينئر ”چچ نامو“ سڏجي ٿي. اُچ جي محفل 602هه
کان 625هه تائين ڪل 23 ورهيه قائم رهي.
بکر:
سنڌ، سري ۾ علم ۽ تھذيب جو مرڪز هو. هن
شھر ۾ بلند مرتبي جا علماء رهندا هئا. ابن بطوطه
لکيو آهي ته وچ شھر ۾ هڪ خانقاه آهي، جتي غريبن کي
مفت کاڌو ملي ٿو. هُن هتي جي قاضي ابو حنيفه، شمس
الدين محمد شيرازي ۽ شيخ شمس الدين سان ملاقاتون
ڪيون هيون. رضوي ساداتن جي ڪري بکر علميت جو مرڪز
هو. الور جي ويراني کانپوءِ بکر سنڌ جي سري جو
تختگاهه هو. سيد قطب الدين مدني رح، حضرت شيخ
عبدالقادر جيلاني رح جو ڀاڻيجو هن دؤر ۾ جھاد جي
ارادي سان هندستان پھتو. سلطان قطب الدين ايبڪ
سندس مريد ٿيو. سيد قطب الدين مدني ائوڌ ۾ ڪڙه
مانڪپور جي راجا کي شڪست ڏني ۽ 528هه/1168ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس ملفوظات سيد حامد البکري بخاري قلمبند ڪيا هئا. بکر جي
ويجهو ٻٻرلوءِ ۾ وڏو ڪتب خانو هو. 1350ع ۾ سلطان
محمد تغلق جي مرڻ کانپوءِ سلطان فيروز شاهه دهليءَ
ڏانھن ويندي بکر جي علمائن کي خلعتون ڏنيون هيون.
هالڪنڊي:
وچولي سنڌ ۾ علمي مرڪز هو. هتي مخدوم
عربيءَ جو مدرسو هو. غوث الحق مخدوم نوح به هن
مدرسي ۾ تعليم ورتي هئي. ازانسواءِ مخدوم اسحاق ۽
سندس ٻه پٽ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد ناميارا بزرگ
ٿي گذريا.
ٽلٽي:
هتي مخدوم بلال سمه جو مڪتب هو، جو حديث ۽
تفسير جي تعليم ڏيندو هو. مخدوم بلال وڏو عارف
ڪامل ٿي گذريو هن کي مرزا شاهه حسين ارغون محب
الوطنيءَ جي ڏوهه ۾ گهاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. مخدوم
صاحب شعر به موزون چوندو هو:
در راه خدا از سر قدم بايد ساخت،
سرمايه اختيار خود مي بايد ساخت،
کفر است بخود نمائي بردن بجهان،
از خويش برون شده سويش مي بايد تاخت.
سيوستان:
هتي جو مدرسو ’فقھ اسلام‘ جي نالي سان
اسلامي دنيا ۾ مشھور هو. شام ۽ مصر جا شاگرد هن
مدرسي مان سندون حاصل ڪرڻ جي ارادي سان تعليم وٺڻ
ايندا هئا. مصر جي جامع ازهر سان ڪلھو هڻندو هو.
شيخ ابن بطوطه به سيوهڻ جي قيام وقت هن مدرسي جي
ڇت تي رات گذاري هئي.
اگهم ڪوٽ:
هن کي اگهاماڻي به چون ٿا. نيرون ڪوٽ کان
ٽيھه ميل ڏکڻ اوڀر طرف ڍوري پراڻ تي آهي. هتي ٽي
مدرسا هئا ۽ هرهڪ ۾ پنج سو شاگرد قرآن مجيد جي
تعليم وٺندا هئا بمع فن قرآت جي. خرچ پکي جو
انتظام مخدوم اسماعيل سومرو، مخدوم عثمان ۽ مخدوم
دائود جي بلي هو. ٽيئي وڏا زميندار هئا. جيڪا به
آمدني ٿيندي هُين، سا شاگردن جي پوشاڪ ۽ خوراڪ تي
خرچ ڪندا هئا ۽ پاڻ جَوَن جي خُشڪ ماني، لوڻ سان
کائي، گذر ڪندا هئا. سرڪاري ڍل به کين معاف هئي.
سنڌي ٻولي:
غزنوي دؤر ۾ ابو الريحان البيروني جي بيان
موجب سنڌ ۾ سنڌي زبان رائج هئي، مگر اُن جو خط
ناگري ۽ ملواري هو. ابو ريحان البيرونيءَ کان پوءِ
ٻيو زبان دان امير خسرو هو، جو ستين صديءَ ۾
ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي زبان رائج هئي، توڙي جو
سرڪاري زبان فارسي هئي. يعني ته سنڌي زبان هر دؤر ۾ زنده زبان هئي. البت شاعريءَ
متعلق ڀَٽَ ڏوهيڙا ڳائيندا هئا، جيئن دودي ۽ چينسر
متعلق چيل آهن. ڀٽن جا اهي بيت، جن ۾ سومرن جا قصا
۽ آکاڻيون ڏنل آهن، سي 1051ع کان 1351ع جا آهن. ڪي
بيت نموني طور ڏجن ٿا:
”ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون،
سڀ پھرايان سومرا ۽ جهجهي ڏيان ڀون،
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سنڱ جو“،
”دودي پڙ گهڙايو، پنج سو جريبن،
ڪهاڙيا ڪوڏاريا، کاهي خوب کڻن،
وڃيو ائين چون، اڳيون علاءُالدين کي.“
سنڌ جو نج ۽ جهونو شعر، سمن جي صاحبيءَ
(1351ع کان 1521ع) ۾ ماموئي جا بيت، پيشين گوئيءَ
جي صورت ۾ چيل آهن. اهي بيت اڄ تائين سنڌين جي وات
۾ آهن:
”هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ.
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.
سنه 272- 232 ق.م. آسوڪا جي ڏينھن ۾
سنسڪرت ڦري ’پراڪرت‘ ٿي پيئي. سڀ کان جهوني
’پراڪرت‘ کي ’پالي‘ چون ٿا. پراڪرت لفظ جي معنيٰ
آهي ’عامي‘ يا ’رواجي‘ پاليءَ کان پوءِ پراڪرت
ٻوليون ويون بگڙنديون. اهي پراڪرت ٻوليون گهڻئي
قسم جون هيون. انھن مان پنج مکيه ليکيون وڃن ٿيون:
(1) مھاراشٽري، (2) شئور سيني (3) ماگڌي، (4)
پيئشاچي ۽ (5) اَپڀرنش. انھن پنجن مان ’مھاراشٽري‘
کي سڀني کان مٿي ڪري ليکيو اٿن ۽ ’اَپڀرنش‘ کي
سڀني کان هيٺ ڪري ليکيو اٿن. ’اَپڀرنش‘ لفظ جي
معنيٰ آهي ’کريل‘ يا بگڙيل- پراڪرتون، اَپڀرنش جي
درجي تي اٽڪل 1100ع ڌاري اچي رسيون. ناگر اَپڀرنش
مٽجي هاڻوڪي ٻولي گجراتي ٿي پيئي آهي. ٻيو وڌيڪ
بگڙيل قسم آهي ’واراچڊ‘ يعني ردي اَپڀرنش، جا
بدلجي سنڌي ٻولي ٿي پيئي آهي. اهڙيءَ ريت مٿي
ڄاڻايل ٻيون چار پراڪرتون مٽجي، مرهٽي، هندي،
پنجاپي، بنگالي، اُڙيا ٺهي پييون آهن. اهو غلط آهي
ته سنڌي زبان سنسڪرت مان ڪونه نڪتي آهي، پر عربيءَ
مان. سنڌي زبان هر دؤر ۾ بدلجندي رهي آهي. منجهس
عربي، فارسي، ترڪي، پورچوگيز ۽ انگريزي لفظ زماني
جي گردشن ڪري گڏجي ويا آهن. شاهه عبداللطيف رح جي
زماني ۾ اڄ کان ٻه سؤ ورهيه جيڪا سنڌي مروج هئي،
تنھن کان هاڻوڪي سنڌي البت ڦريل آهي. اڄ کان ٻه سؤ
ورهيه پوءِ، سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا حالت وڃي بيهندي،
سا ضرور هاڻوڪيءَ حالت کان قدري مختلف ٿيندي. اسان
جي اکين اڳيان نئين ٻوليءَ ۾ روزمره وڃن تبديليون
ٿينديون، جي اصلوڪي ٻوليءَ کي بدلائي، ٻيءَ حالت ۾
آڻيو ڇڏين. انھيءَ تبديليءَ جا سبب خود انساني
سڀاءُ تي مدار رکن ٿا.
هندو، ڌرم ۽ لٽريچر:
دهليءَ جي بادشاهن جي ڏينھن ۾ دين حنفيت
ترقي ڪئي هئي، پر گڏيل هندو- مسلم
(INDO- ISLAMIC) تھذيب جو دؤر هو. ڪو هندو لاوارث
مرندو هو، ته سندس ملڪيت هندو قوم کي ملندي هئي. مسلمانن جو تعداد ٿورو هو، تنھنڪري هارپ جو ڪاروبار ۽ واپار
هندو ڪندا هئا. مسلمانن ۽ هندن جي سڃاڻپ لاءِ هندن
کي عماد (پڳ) ٻڌڻ جي اجازت ڪونه هئي. هندن کي پنھنجي ڌرم جي پرچار ڪرڻ جي اجازت ڪونه هئي. فيروز
شاهه تغلق هندن کي گنگا ۾ وهنجڻ لاءِ منع ڪئي، ته
ملڪ العلماء عبدالله اجوڌني بادشاهه جي مخالفت
ڪئي. هن مسئلي تي مولانا کي جان وڃائڻي پيئي، پر
هندن کي حق وٺرائي ڏنائين. هندو شاگردن کي اسلامي
مدرسن ۾ تعليم وٺڻ جي اجازت هئي. هندن، فارسي ٻولي
سکي حڪومت جا عھدا ماڻيا ۽ سلاطين، صوفين ۽ مسلمان
شاعرن کي سنسڪرت ۽ هندي زبان سان دلچسپي هئي. هندو
پنڊت دربارن ۾ ترجمن ڪرڻ تي مامور هئا ۽ ڪي وري
مدرسن ۾ معلم هئا. حڪومت جون ڍلون به ڳوٺن جا هندو
مکي ۽ مقادم اُڳاڙيندا هئا. اميرخسرو هندن جي حساب
داني ۽ يوگ اڀياس جي تعريف ڪئي آهي. چانڪيا پنڊت
هندو زميندارن کي ’خوط‘ ۽ هندو هارين کي ’بلاهر‘
نالا ڏنا هئا، تن کي دهليءَ جي سلاطين به برقرار
رکيو هو. هندن کي مندرن تعمير ڪرڻ لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي
هئي. مندرن ۾ گهنڊن ۽ نادن وڄائڻ جي کين اجازت
هئي. مسلمان بادشاهن جو چوڻ هو ته اسان هندن جي
طرزِ حڪومت کي برقرار رکيو آهي. هندو، اسلامي لشڪر
۾ سپهه سالاريءَ جي عھدن ۽ سول کاتي ۾ گورنريءَ جي
عھدن کي پھتا هئا. هندو صرافن کان مسلمان وياجن تي
قرض کڻندا هئا. اقتصادي مسئلن متعلق بادشاهه کانئن
صلاح وٺندا هئا. هندو زميندارَ ايراني هٿيار ٻڌي،
قيمتي پوشاڪون پھري، سير ۽ شڪار تي نڪرندا هئا.
وٽن مسلمان نوڪر هئا. مسلمان درويشن کي خيراتون
ڏيندا هئا. سلاطينِ دهلي جيڪي عمارتون تعمير
ڪرايون، تن ۾ هندن جي دستڪاري نظر اچي ٿي. ايترين
فياضين ۽ رعايتن هوندي به موقعي سر هندو لکن جي
تعداد ۾ فسادن ۾ حصو وٺندا هئا، مسجدن ۾ بت رکندا
هئا ۽ ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪندا هئا. شڪست کان پوءِ
ڍلون پياريندا هئا. مسلمان صوفين توڙي بادشاهن،
هندو عورتن سان شاديون ڪيون هيون. سلطان الھند
خواجه معين الدين چشتي رح هڪڙي هندو راجا جي ڌيءَ
سان شادي ڪئي هئي. بي بي سڳوري جو نالو آمة الله
هو. سلطان علاءُالدين، ڪملا ديويءَ سان شادي ڪئي ۽
سندس پٽ خضر خان ديول ديويءَ سان شادي ڪئي هئي.
اميرخسرو، هندي خواتين کي سندن حسن، نفاست ۽
فرمانبرداري جي ڪري دنيا جي زالن تي ترجيح ڏني
آهي. سلطان محمد تغلق جي چاچي ملڪ رجب به هڪڙي
راجا جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. شھزاديءَ جو نالو
’ناله‘ هو ۽ سندس اسلامي لقب ’قد بانو‘ هو. سلطان
فيروز شاهه هن شھزاديءَ جي بطن مان هو. شاهي حرمن
۾ مسلمان شھزادين کي علم دينيات جي تعليم ڏيڻ سان
گڏ هندي ٻوليءَ جي به تعليم ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته
هندي ثانوي ٻولي هئي. سنڌ جي نومسلم سومرن بادشاهن
۾ ڪي هند ڪي رسمون پيل هيون. مثلاً هُو غير قوم
مان شاديون ڪونه ڪندا هئا ۽ نه گڏجي کاڌو تناول
ڪندا هئا. هٿن جي آڱرين جا نَهن ڪڍائي ڇڏيندا هئا،
اها سندن فخر جي نشاني هئي. زيردست رعيت جي ڪلھن
تي داغ هڻائيندا هئا. شراب پيئندا هئا. سندن
اهڙيون غير اسلامي رسمون اسلامي دنيا ۾ مصر تائين
مشھور هيون. هندو زالون مڙس جي مئي کانپوءِ چکيا
تي چڙهنديون هيون. ابن بطوطه اکين ڏٺو احوال ڏنو
آهي. سنڌ جا سومرا، ڪلھوڙا ۽ ٻروچ هندو زالن کي اسلام ۾ آڻڻ بغير
ساڻن شاديون ڪندا هئا. هندو زالن کي پنھنجي عصمت جي پاڪائيءَ جي ثبوت ڏيڻ لاءِ
ٻرندڙ باهه مان لنگهڻو پوندو هو. مارئي، مومل،
ليلان جي آکاڻين ۾ اهو احوال ڏنل آهي.
ڌرمي حالت:
ٻُڌن ۽ برهمڻن جي عداوت ڪري عربن لاءِ سنڌ
فتح ڪرڻ جو رستو صاف ٿي ويو. ٻُڌن جو زورُ راجپوتن
جي ديوين ۽ ديوتا پرستي ڪري گهٽجي ويو. تاهم ٻُڌ
ڌرم ۽ جين ڌرم جي زورُ کي گهٽائڻ لاءِ ۽ برهمڻن کي
سجاڳ ڪرڻ ۽ اصلوڪي هندو ڌرم کي زور وٺرائڻ لاءِ
ڪوششون ڪيون ويون. اهڙين ڪوششن ڪندڙن ۾ شنڪر
آچاريه هڪڙ برهمڻ نائين صدي عيسويءَ ۾ ملبار ۾
ڄائو هو. هن جي گروءَ ڪماريل اَٺين صديءَ ۾ هندو
ڌرم کي زور وٺرائڻ لاءِ شو پنٿ جاري ڪيو، جنھن کي
شنڪر آچاريه گهڻو زور وٺايو. هن اوچي ذات وارن
هندن توڙي نيچ ذات وارن هندن کي شو پنٿ ۾ شامل
ڪيو. ميسور، بدري ناٿ، دوارڪا ۽ جگناٿ ۾ شو جا وڏا
شوالا ٺهرايائين. پر سلطان محمود غزنويءَ کان
پنجاب جي راجا شڪستن کانئڻ جي شرمساريءَ کي مٽائڻ
لاءِ ڌرمي عقيدي موجب ’جوهر رسم‘ ادا ڪري، پاڻ کي
جيئري ساڙي پورو ڪيو. هن واقعي کانپوءِ گجرات جي
سولنڪي، ميواڙ، اجمير، دهلي ۽ قنوج جي چوهاڻ ۽
راٺوڙ راجپوت راجائن مسلمان حملي آورن مان خطرو
محسوس ڪيو. هندستان جي ڪيترن راجائن شو پنٿ قبول
ڪيو ۽ سندن مدد سان ٻُڌ ڌرم دکن مان تڙجي ويو.
برهمڻ پنڊتن جي ڪوشش سان راجپوت راجائن ورهين جي
باهمي دشمنيءَ کي وساري ’هندو سنگهٽن‘ ذريعي
مسلمانن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ مٿين تحريڪ ۾ شامل ٿيا،
جيئن هندن جا سمورا فرقا گڏجي مسلمانن سان مقابلو
ڪن. اٽڪل ٽن صدين تائين شو پنٿ جاري رهيو. ليڪن
برهمڻن جي باهمي رقابت ڪري نوان فرقا جنم وٺندا
رهيا. چنانچه عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ دکن ۾ هڪڙو
برهمڻ ’رامانج‘ جاڳيو، جنھن شو پنٿ جي برخلاف
’وشنو پنٿ‘ جاري ڪيو. وشنو پنٿ ۾ گوشت کائڻ، شراب
پيئڻ ۽ ٻَليون چاڙهڻ وغيره جي منع ڪيل هئي. رامانج
رڳو اوچي ذات وارن هندن کي وشنو پنٿ ۾ شامل ڪندو
هو. شروعات ۾ شو پنٿ وارن سندس مخالفت ڪئي، پر نيٺ
ڪي راجا هن پنٿ ۾ شامل ٿيا ۽ وشنو پنٿ ويو زور
وٺندو. رامانج جي مرڻ وقت برصغير ۾ وشنوءَ جا ست
مندر هئا. رامانج جي چيلن مان چوڏهين صديءَ ۾
بنارس جي هڪڙي برهمڻ رامانند وشنو پنٿ جو شھرن ۾
پرچار ڪري نيچ ذات وارن کي به شامل ڪندو ويو.
ڪوري، موچي ۽ حجام به وشنو پنٿ ۾ شامل ٿي ويا.
وليم هنٽر وشنو پراڻ جو سال 437هه/1045ع ڄاڻايو
آهي. وشنو پنٿ جي ڪري مسلمانن خلاف هڪ عام تحريڪ
شروع ٿي ويئي، جا ڪڏهن پرٿوي راج ۽ ڪڏهن هيمو بقال
جي روپ ۾ نمودار ٿيندي رهي. مگربلند همت، چست ۽
چالاڪ ترڪن، پٺاڻن ۽ مغلن اڳيان هندن جي دال ڳري
نه سگهي. بقول امير خسرو:
جھان را قديم است اين رسم و پيشه
که هندو شود صيد ترکان هميشه.
مسلمان درويش بزرگن جي روحاني تبليغ ڪري
گهڻائي هندو، جيڪي اوچ ۽ نيچ کان تنگ هئا، خوشيءَ
سان اسلام ۾ داخل ٿيندا ويا. وشنو پنٿ جي پوئلڳن
مان ڀڳت ڪبير هڪڙو مسلمان ڪوري هو. هن اهائي ڪوشش
ڪئي ته هندوتوڙي مسلمان ساڳيو روحاني رستو وٺن.
سندس سمجھاڻيون هندي بيتن ۾ آهن، جن کي هندو توڙي
مسلمان ڏاڍيءَ حب سان پڙهندا هئا ۽ اڄ سوڌو جاري
آهن. ليڪن نوان فرقا ويا جنم وٺندا. مثلاً شھاب
الدين ۽ پرٿوي راج جي جنگين وقت دکن ۾ شو پنٿ وارن
مھاديو جي لنگ جي پوڄا وانگي، شو جي لنگ جي مورتي
جي پوڄا سان گڏ شو جي زال جي شرمگاه (ڀڳ) جي به
پوڄا ڪرڻ لڳا. هن فرقي کي ’لنگ ۽ ڀڳ‘ جا پوڄاري
چوندا هئا. ٻيا فرقا، جهڙوڪ (1) اگهورين (2) اگم
(3) پراگ پنٿي (4) واما آچاريه (5) ٻڌڪان وغيره-
انھن جي پاٺ ۽ پوڄا جا طريقا به مختلف هئا. هڪڙو
فرقو ’تنتر‘ هو، جو زالن سميت شھرن ۾ گهمندا هئا.
زمين کي ليپو ڏيئي مٿس چانور ۽ گل ڇڙڪي، وچ ۾ هڪڙي
مورتي رکي، جنھن جي اڳيان زالن جا زيور لهرائي
رکندا هئا پوءِ گوشت، مڇي، شراب سان واپرائي،
مورتيءَ جي چوگرد چڪر ڏيندا هئا، جنھن کي ’ڀيراوي-
چڪرا‘ چوندا هئا. پوءِ جنھن کي جيڪو زيور هٿ ايندو
هو، ان عورت سان زنا ڪندو هو. پوءِ کڻي اها سندس
ڀيڻ هجي يا ڌيءَ. سلطان علاءُالدين منجھان ڪيترن
کي مارائي ڇڏيو هو، ليڪن شاهه جھان جي ڏينھن تائين
شھرن ۾ گشت ڪندا رهيا. ”فرشته“ هن فرقي کي
’اباحيه‘ ڄاڻايو آهي. سلطان فيروز شاهه مسلمانن کي
سندن ويجهو وڃڻ کان منع ڪئي هئي. اهي سنڌ تائين
چڪر ڏيندا هئا. مخدوم نوح رح هالڪنڊيءَ جي ملفوظات
۾ سندن بيان ڏنل آهي.
هندو لٽريچر:
هندن جي اتهاس جو دارومدار چئن ماخذن تي
آهي: (1) کيت (2) واٽ (3) گپ (4) دانتا ڪٿا (ڏند
ڪٿائون). هن دؤر ۾ هندو مھاڪوين ڪتاب تصنيف ڪيا،
تن جي فهرست هيٺ ڏيون ٿا:
(1) واڪپتريجا- گڊاواهو: هن ڪتاب ۾ قنوج
جي راجا وسرو ورما جي فتوحات جو بيان ڏنل آهي.
(2) پدماگپتا- پراماهاساڪا چترا: منجهس
مالوه جي راجا سڌو راج پرمار جو بيان افساني طور
ڏنل آهن.
(3) هيمچندرا- ڪمارپالا: ڪتاب ۾ انهلواڙه
جي راجائن جو بيان ڏنل آهي.
(4) بلهنا- وڪرما ڪاڪرتيا
(5) سنڌياڪارانندي- رام پالا ڪرتيا.
(6) هرس اگني- وستو پالا ڪرتيا.
(7) سوم سوارا- ڪرتڪ ڪامودي
(8) راجيشڪارا- پراڀنڊا ڪوسا.
(9) مروتونگا- پراڀنڊا: سينتامني:
منجهس گجرات جو بيان ڏنل آهي.
(10) ڪانڊ- پرٿوي راج راسو: منجهس پرٿوي
راجا جو بيان ڏنل آهن
(11) وارها مهرا- برهات سنهيتا: ڇهين
صديءَ جو جوتش تي ڪتاب آهي.
(12) ڪلھنا- راجترنگي ٻارهين صديءَ ۾
تصنيف ٿيو. ڪشمير جي راجائن جو 7 صديءَ کان بيان
ڏنل آهي.
ناٽڪ: ڪٿاسريت ساگرا، پنڊت سوماديو ڪشميري
يارهين صديءَ ڌاري قلمبند ڪيو.
= ويني سم هارا اَٺين صدي ۾ نارائڻ ڀٽ تصنيف ڪيو.
= مريچ چاڪتيڪا: روماني ناٽڪ آهي.
= مالتي ماڌوا: ڀاوا ڀوتي جي تصنيف رومانوي ناٽڪ آهي.
= ڪرپورامنجري: راجيساکارا جو رومانوي ناٽڪ آهي. سندس ٻيو
ناٽڪ ويڌا سلاپنجيڪا آهي.
= پري ڀوڌا: ڪرشنا مصرا جو ڌرمي ناٽڪ يارهين صديءَ جو آهي.
= لوڪ نندا: چندراگومن فلسفي متعلق آهي.
= ڀاڳوت اجوڪيا: ٻوڌايانا جي فلسفي متعلق آهي.
= سواپنا واسوادتا: ڀاسا جو ناٽڪ (راجڪو مادي جو سپنو).
= انرگها گهوا: مراريءَ يارهين صديءَ ۾ تصنيف ڪيو. ڌرمي کيل
آهي.
مٿيان ناٽڪ ڏهن قسمن جا آهن. ڪن ۾ راجائن
جا سياسي حالات ڏنل آهن. ڪي رزميه آهن، ڪي ڌرمي
آهن، ڪي کل مسخريءَ جا آهن. جيئن ٻارهين صدي جا
کيل ”پراهنسا“، ”سنگاڌر“ ۽ ”لٽڪا ميلاڪا“. ڪي
تعليمي ۽ ثقافتي آهن، جيئن مراريءَ جو ”انرگها
گهوا“. مھاڪوي ڪاليداس جي ”شنڪتلا“ کانپوءِ ”ڀاسا
جو سواپنا“ (خواب) شاهڪار آهي. مٿين ناٽڪن جي
زبان سنسڪرت آهي، پر نيچ ذات وارن جي پراڪرت آهي.
سنسڪرت ٻولي فقط ڌرمي لوڪن جي آهي. جن ناٽڪن ۾
سوال ۽ جواب ڏنل آهن، اُهي ”ڀانا“ سڏجن ٿا. ڪن
ناٽڪن ۾ خودڪشيءَ (قرباني) جي تعليم ڏنل آهي. هن
دؤر ۾ جين وارن جا پستڪ مھاراشٽري، بنگالي، گجراتي
۽ مارواڻي ٻولين ۾ لکيل آهن. مٿيان ناٽڪ سنسڪرت
کان پراڪرت ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. عيسوي چوڏهين صديءَ
۾ چندي داس ۽ پندرهين صدي گجرات ۾ نرسنگهه مهتا
مشھور مصنف ٿي گذريا. هن دؤر ۾ هندي ناٽڪن بيحد
ترقي ڪئي ۽ اڳتي هلي ويهين صديءَ ۾ اسٽيج تي پھتا.
آزاديءَ کانپوءِ ڀارتي فلمن جيڪا ترقي ۽ مقبوليت
حاصل ڪئي آهي، ايتري پاڪستاني فلمن ڪونه ڪئي آهي.
سنڌ ۾ هندو پنھنجن ڏڻن تي راس مالا ۽ رام ليلا جا
کيل ڪندا هئا. انھيءَ طرح هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جي
مجلس ۾ حصو وٺندا هئا. هندو جوڳي مسلمانن جي
خانقاهن تي سماع ۽ سرود جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندا
هئا. اهو سلسلو سنڌ ۾ به قائم هو. سنگيت وديا ته
هندو ڌرم جو جزو آهي. هندو برهمڻ ڀٽن مان باگر،
عدلاپانچي، پر بنهي پندرهن صدين جون جنم پتريون
ياد رکن ٿا.
قدتم بالخيروالعافية.
|