|
باب پنجون
عربي دؤر
۾ سنڌ
712ع کان 1026ع تائين
عربن جا سنڌ سان تعلقات محمد بن قاسم جي
ڪاهه ڪري پيدا ڪونه ٿيا هئا، پر 711ع کان هزارها
ورهيه اڳ عربن جا هن ماٿريءَ سان لاڳاپا هئا.حضرت
سليمان عليھ السلام توڙي مصر جا فرعون واپاري
هئا. سنڌ کي اها طبعي تجارتي اهميت آهي، جو وچ ۽
ڏکڻ ايشيا ۾ سنڌ جو ڪنارو هندي وڏي سمنڊ جي موجن
سان راندين کيڏڻ جي علاوه ايراني نار جي منھن وٽ،
ڳاڙهي سمنڊ جي ويجهو آهي. سنڌي سوداگرن جي
ايمانداري جي ساک پستڪن کان سواءِ، سياحن جي زباني
ملي ٿو. انھيءَ طرح عربي سوداگرن جي ايمانداري ضرب
المثل هئي. سندن واپاري ناتن جو ڏس مھاڀارت کان
ملي ٿو. سري ڪرشنا، دوارڪا جي راجا مھاڀارت جو
هيرو، عربي سوداگرن سان ڪمال احترام سان پيش ايندو
هو. کين دائمي پروانو لکي ڏنو هئائين. خلافت راشده ۾ يعني 11هه/ 632ع کان 40هه/661ع تائين خلافت
فاروقيءَ جي ڏينھن ۾ اسلامي جمهوريت جون حدون ديبل
تائين پھتيون. حضرت علي ڪرم الله وجهھ جي ڏينھن ۾ گجرات ۽ ڪوڪن تي اسلامي
ٻيڙي مهميزون شروع ڪيون هيون. اهو بيان غلط آهي ته
عربن پھريان سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. 666ع ۾ بني
اُميه دؤر شروع ٿيو. بني اُميه خليفن 750ع تائين
دمشق تي دَٻدٻي سان حڪومت ڪئي 684ع ۾ حجاج جي ظلمن
ڪري عربي قبيلن ڪوڪن، ملبار، سيلون ۽ ڪارومنڊل ۾
بيٺڪون جوڙي ۽ مٿين ملڪن جي زالن سان شادي ڪري
هندي بنجي ويا. اهي سمورا سوداگر هئا. 705ع ۾ وليد
بن عبدالملڪ تخت تي ويٺو. سندس ايامڪاريءَ ۾
سرانديپ جي عرب سوداگرن جون ڪي بيوه عورتون ٻارن
سميت جھازن ۾ عراق ڏانھن روانيون ٿيون، جن جھازن ۾
اُتي جي راجا ڪي سوغاتون خليفي وليد ڏانھن موڪلي
رهيو هو. اهي جھاز ديبل کي ويجهو پھتا، ته بحري
ڦورو جھازن کي لٽي زالن ۽ ٻارن کي ديبل جي پتڻ تي
آندو، جن کي اُتي جي هندو عامل ديبل جي قلعي ۾ قيد
ڪيو. سياسي نقطهءَ نظر سان راجا ڏاهر هي وڏو گناهه ڪيو هو، ۽
ناقابلِ فراموش هو. برهمڻ راجائن اسلام جي، ايران
تي حملي وقت ڪسريٰ جي مدد ڪئي هئي. ايرانين جي
شڪست کائڻ کانپوءِ هروقت فساد ڪرائيندا رهيا، جن
مان ڪي سنگين هئا.

علاوه اُن جي حڪومت جي ڏوهارين کي پاڻ وٽ
پناه ڏيڻ- پارسي جيڪي ايران کان ڀڄي سنڌ ۾ پناه
ورتي هئي، هروقت راجا ڏاهر کي اسلامي سلطنت خلاف
اشتعال ڏياريندا رهيا. هوڏانھن سمورا سنڌي سواءِ
برهمڻن جي، حڪومت جي خلاف هئا. هندستان جي راجائن
کان مدد وٺڻ ۾ نا اُميد ٿيڻ کانپوءِ هنن هڪڙو وفد
حجاج ڏانھن مُڪو هو، ته اسلامي لشڪر کي سنڌ تي
ڪاهه ڪرڻ جي حالت ۾ مدد ڏيندا. اها هئي ڏاهر جي
اصلي تصوير. پر هو کؤنس رکڻ کان باز نه آيو. وليد
جي ڏينھن ۾ اسلامي بحري قوت کان قسطنطينه ۽ روم
جون ديوارون ڪنبنديون هيون. ڀونوچ سمنڊ، ڳاڙهي
سمنڊ ۽ ايراني نار تي سندس سڪو روان هو. بَري قوت
جي لحاظ سان سلطنت جون حدون ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي
ڪاشغر تائين هيون. وليد جي ڏينھن ۾ اسلامي فوجن
جيترا ملڪ فتح ڪيا، اوترو ڪنھن به دؤر ۾ ڪونه ٿيا.
ايڏي طاقتور شهنشاهت جنھن مغرب ۾ فرانس کي اٽليءَ
۽ يونان سميت خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ مشرق ۾ ديوارِ
چين ۾ زلزلو پئجي ويو، جنھن سلطنت جي حاڪم ڏانھن
دوستيءَ جي نشانيءَ طور تحفا روانا ڪندا هئا، ان
جا جھاز لٽجڻ ۽ بيوه عورتن کي معصوم ٻارن سميت قيد
ڪرڻ، ايڏي وڏي سلطنت لاءِ بي عزتي هئي. وري جڏهن
حجاج، ڏاهر کان جواب گهريو ته هُن فقط ٻه لفظ
مغروريءَ سان لکيا، ته بحري ڊاڪو سندس حڪم کان
ٻاهر آهن. ڏاهر جيڪي جواب ۾ لکيو هو، سو صحيح هو.
انھن ڏينھن ۾ بلڪ آسوڪا جي ڏينھن ۾ هندي وڏي سمنڊ
کان وٺي بحري ڊاڪو ڀونوچ سمنڊ سوڌو جھازن کي ڦري
مسافرن کي قيد ڪندا هئا. سنڌ جا بحري ڊاڪو ميد
هئا، جن جو پيشو هو ماهيگيري ۽ جھاز راني ڪرڻ. ميد
۽ جاٽ سنڌ جون ٻه وڏيون جنگجو قومون هيون، جي
اسڪندر ۽ محمود غزنويءَ سان به مقابلي ڪرڻ کان
ڪونه ٽريون هيون. سياست جو توازن مھاڀارت کان وٺي
سندن نقل ۽ حرڪت تي منحصر هو. چچ ته ٻنهي کي حڪم
ڏنو هو، ته ڪتو ساڻ کڻي گهمن. اڄ ڪُتن کي ماڻھو
ناز سان پالين ٿا، موٽرن ۾ هنج وهاري گهمائين ٿا،
ليڪن سنڌين کي ڪُتو ساڻ کڻڻ هڪ ذليل سزا هئي. هاڻي
جڏهن هنن وفد مڪا، ته به دير ڏسي هڪ اهڙي سازش
سٺيائون، جو (سنڌ) الور ۽ دمشق جا خيرانديش سياسي
تعلقات هڪدم ٽٽي پيا. خاص طور اهو معاملو حجاج ۽
ڏاهر جي وچ ۾ هو. غيرممڪن هو ته حجاج جهڙو جبرو
سياستدان مڙي وڃي. وليد جي مرضي ڪانه هئي ته مشرق
۾ نئون جنگي محاذ کولجي. پرحجاج جي پيشڪش کي به رد
ڪري نه پيو سگهي. حجاج پنھنجي نوجوان سـؤٽ محمد بن
قاسم ثققيءَ کي ڇهه هزار شامي ۽ عراق لشڪر ۽ بحري
دستو ڏيئي روانو ڪيو. محمد بن قاسم دمشق جي فوجي
ڪئڊٽ ڪاليج جو تعليم يافته هو، حجاج، مڪران جي
فسادن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ اُتي جي هڪڙي نيڪ بزرگ
محمد بن هارون کي مڪران جو عامل ڪيو هو، جنھن
مڪرانين جو هڪ مضبوط دستو ڏيئي پنھنجي سرڪردگيءَ ۾
ارمائيل محمد بن قاسم کي فتح ڪري ڏنو. اسلامي بحري
ٻيڙي جي ساڳيا ميد بحري ڊاڪو رهنمائي ڪندا رهيا.
حالانڪ ميد عيسوي ٻارهين صديءَ تائين غير مسلم
رهندا آيا. ديبل کي اسلامي لشڪر جي منجنيقن ڪيرائي
وڌو. مندر جو تپسوي پنڊت خوشيءَ سان مسلمان ٿيو.
فاتح سنڌ هن کي ’شيخ الاسلام‘ جو خطاب ڏيئي سندس
مشوري سان اڳتي وڌيو. نيرن، سيوستان آسانيءَ سان
فتح ٿيا. جاٽ، لوهاڻا ۽ ٻيون قومون رضا خوشيءَ سان
اسلامي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيندا ويا. ڏاهر پاران جن قلعن
۾ يا شھرن ۾ عامل هئا، سي هڪٻئي پٺيان نڪرندا
ڀڄندا ويا. جن مقابلا ڪيا، تن جا پير اکڙجي ويا.
فقط بهن آباد، راور جتي ڏاهر مارجي ويو ۽ الور ۾
جنگيون لڳيون، 94هه/712ع ۾ تختگاهه الور فتح ٿيو.
ملتان فتح ڪرڻ وقت اسلامي لشڪر جو تعداد پنج لک
هو. 96هه/714ع ۾ وليد جي مرڻ تائين محمد بن قاسم
ملتان، قنوج ۽ چتوڙ تائين ملڪ فتح ڪيا. پوءِ
سليمان بن عبدالملڪ، جو حجاج جو دشمن هو، محمد بن
قاسم کي واسط جي جيل ۾ رکيو جتي سخت تڪليف کانپوءِ
وفات ڪري ويو. ساڳيو رويو ٻين فاتحن سان ڪيائين.
طارق ۽ موسيٰ جهڙن فاتحن ساڳيءَ حالت ۾ ڪسمپرسيءَ
۾ وفات ڪئي. 132هه/750ع ۾ بني اُميه کان سلطنت
عباسين هٿ ڪئي، جن جو تختگاهه بغداد هو، جو يورپ
ايشيا جي وچ ڪي صديون تھذيب ۽ ثقافت جو مرڪز رهيو.
ٻنهي تختگاهن کان سنڌ تي عامل مقرر ٿيندا رهيا.
انھن دؤرن ۾ سنڌ جو اسلامي تختگاهه، بغداد ۽ قرطبه
کي شهه ڏيندو رهيو. 240هه/854ع ۾ منصوره تي هباري
رياست قائم ٿي. منصوره، جنھن جون حدون الور تائين
هيون. 290هه/902ع ۾ سنڌي عربن مان بنوسامه وارن
جدا ملتان رياست جو بنياد وڌو جنھن جون حدون الور
تائين هيون. سنڌ ٻن عربي رياستن ۾ ورهائجي ويئي.
عباسي حڪومت پوڙهي ٿي چڪي هئي. سندس مقابلي ۾ مصر
جي فاطمي خلافت نو عمر هئي. اسماعيلي فرقي جا داعي
سڄي مشرق ۾ تبليغ ڪرڻ لڳا. 316هه/996ع ۾ امام
العزيزبالله فاطمي، جلم بن شيبان کي لشڪر ڏيئي سنڌ
ڏانھن مُڪو، جنھن 367هه/997ع ڌاري بنو سامه قريشن
کان ملتان فتح ڪيو. منصوره ۽ ملتان ۾ فاطمي خطبو ۽
سڪو رائج ٿي ويو. ٻنهي رياستن تي سلطان محمود
401هه/1010ع ۾ ملتان تي قبضو ڪيو ۽ 416هه/ 1025ع
منصوره تي قبضو ڪيو. سنڌ غزنوي سلطنت جي ماتحت ٿي
ويئي. عربن سنڌ تي اٽڪل ٽي صديون حڪومت ڪئي. اهي
مرڪز کان پري هئا. جيسين مرڪز طاقتور هو، تيسين
سنڌ جا عامل به طاقتور هئا. پر پوءِ يمني ۽ نزادي
عربن جي باهمي اڻبڻت ۽ جنگين ڪري سنڌي عرب ويا
ڪمزور ٿيندا ۽ ڪيتريون هندو رياستون کڙيون ٿيون.
عربن جي آبادي فقط چند محدود شھرن ۾ اچي سوڙهي ٿي.
مامون جي ڏينھن ۾ سنڌ طاهريه ۽ صفاريه جي ماتحت
رهي ۽ فاطمين کان اڳ خطبن ۾ خليفي جي نالي سان گڏ
آل بويه وارن جو خطبو پڙهندا رهيا. سلطان محمود،
عباسي خلافت جو حامي ۽ اسماعيلين جو دشمن هو.
ڇاڪاڻ جو ملتان وارن سلطان خلاف لاهور جي هندو
راجائن سان ساز باز رکيو هو. قرامطي ته عباسين جي
ڏينھن ۾ خانه ڪعبه کي پٽي پاڻ سان کڻي ويا هئا ۽
برابر ويھه سال حج بند رهيو هو. جيئن اندلس جي
عربن کي بيروني دنيا کان مدد ملي نه سگهي، تيئن
عربن کي ڪٿان مدد ملي نه سگهي. سندن ڏينھن ۾ اسلام
جي برڪتن ڪري سنڌ بيحد مادي ۽ روحاني ترقي ڪئي.
سنڌ برصغير لاءِ اسلامي مذهب ۽ تمدن جو هنج بنجي
ويو.
اسلامي فتوحات جا اسباب:
برهمڻن ۽ ٻُڌن جي مذهبي ڇڪتاڻ ’هرش‘ جي
ڏينھن کان چالو هئي، جا وڪرمي ۽ راجپوتن جي دؤر ۾
ٻنهي فرقن جي پاڻ ۾ نفرت سياسي صورت ۾ بدلجي ويئي.
عيسوي ستين صديءَ ۾ سنڌ جي برهمڻ راجا، رعيت تي
جيڪي سخت قانون نافذ ڪيا، تن جي عمل ڪري سنڌ جا
رهاڪو، جي اڪثر ٻُڌ جا پوڄاري هئا، سي حڪومت جي
خلاف ٿي بيٺا. ٻُڌ ڌرم جو آسوڪا ۽ هرش کانپوءِ
انحطاط ڏانھن موڙ کاڌو، سو هڪ اهڙي سُڪل وڻ وانگي
بيٺل هو، جنھن جي ٿڙ ۽ شاخن کي اڏوهي چٽي ويئي
هئي. برهمڻن، برهما، شو ۽ وشنو جو تثليث وارو متو
پيش ڪيو هو، ان جي ڪري ٻيا گهڻائي ڌرمي فرقا جاڳي
پيا، جن جي پوئلڳن جا عقيدا به جداجدا هئا. جهڙوڪ:
(1) مھاڪاليه (ڪالي جاپوڄاري): جنھن جي ڀيانڪ بت
اڳيان هندو انسانن کي ٻليدان ڪندا هئا. سنڌ ۾ نيرن
ڪوٽ، هنگلاج ۽ قلات ڪاليءَ جا بتخانا هئا. (2)
اندنڪيته (ادت ڀڳتي): سج جا پوڄاري، جنھن جو وڏو
مندر ملتان ۾ هو (3) چندر ڀڳيته چنڊ جا پوڄاري (4)
ڀڪشو جيڪي تارڪ الدنيا هئا فقط لنگوٽ ٻڌندا هئا ۽
ڪي ته صفا اگهاڙو گهمندا هئا. سندن گذران بکياتي
هو (5) گنگا ياتري: جن جي عقيدي موجب گنگا ۾ اشنان
ڪرڻ سان گناهه ڌوپجي وڃن ٿا. ڪي ته پاڻ کي ٻليدان
ڪندا هئا. (6) کتري راجپوت: جن جي عقيدي موجب
ميدانِ جنگ ۾ مرڻ جي معنيٰ مڪتي هئي. (7) جوڳي:
جيڪي جٽائن ۾ منھن لڪائي گهمندا هئا، متان ڪنھن
عورت تي نظر پئجي وڃي. ازانسواءِ نانگ، ڳئون ۽
باندر به پرستش ڪرڻ جي لائق جانور هئا، جن جا بت
اڄ به برصغير جي غارن ۽ مندرن ۾ موجود آهن. هوا،
پاڻي، آڪاس، اگني، ڪڪرن جي گجگوڙ اهي ديوتا ته
ويدن مقرر ڪيا هئا. ديوين جي فهرست ڏيڻ سان مضمون
وڌي ويندو. ٻُڌ کي آخر مھاديو ڪيرائي ڇڏيو. گنيش
جو مٿو به هاٿيءَ جو هو. انھن سڀني مان ’شو‘ جهونو
هو، جنھن جي لنگ کي عيسوي پھرين صديءَ ۾ برهمڻن
ايجاد ڪري ان جي پوڄا ڪرائيندا رهيا. وشنو جا
پوڄاري شو کي ڪونه مڃيندا هئا. اهي گهڻو ڪري جوڳي
۽ سناسي هئا. نيچ قومون ڀوتن ۽ جانورن جي پوڄا
ڪنديون هيون. مذهبي انتشار پوڻ کان سواءِ سياسي استبداديت جو شڪار ٿيڻ
لڳا. جنھن ڪري ڪجهه وقت ته رعايا جو حڪومت سان
تصادم شروع ٿيو. بي يار ۽ مددگار هوندي به سياسي
دٻاءَ جي ڪري آزاديءَ جا رجحانات پرورش وٺڻ لڳا.
تاريخ جو هڪ مستقل معمول هي آهي ته جڏهن ٻه متضا
رجحانات هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي بيهندا آهن،
تڏهن فيصلي ڪن ٽڪرجڻ ضرور رونما ٿيندو آهي. تاريخ
جو معمول هرهڪ انقلاب ۾ ڪم ڪندو آهي. سنڌي برهمڻ،
راجائن کان ايترو تنگ هئا، جيترو اسپين وارا وزگاٿ
بادشاهن کان تنگ ٿي عربن کي حملي ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ
لاءِ آڇ ڪئي هئي. انتهاپسندن سرانديپ جي جھازن کي
ديول وٽ ڦري هڪ اهڙو سياسي مسئلو کڙو ڪيو، جنھن جي
نتيجي طور عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌي ٻُڌ جي پنڊتن
توڙي صوبن جي راجائن فاتح سنڌ کي دل کولي مدد ڏني.
برهمڻي عدالتي نظام:
عدالتي نظام جا قانون به عجيب ۽ غريب هئا.
هندو انھن تي سختيءَ سان پابند هئا. پراڻا
ديوتائون جڏهن ڪو اعجاز ۽ معجزو ڏيکاري ڪونه سگهيا
هئا، ته برهمڻن نوان ديوتا کڙا ڪيا هئا، جن به ڪو
معجزو ڪونه ڏيکاريو هو. حالانڪ سندن ريجھائڻ لاءِ
مندرن ۾ حسين ۽ جميل ديوداسيون، شعله نوائيءَ سان
ناچ ۽ گانا ڪنديون هيون. انھيءَ طرح عدالتي قانون
به نھايت سخت هئا. جوابدار کي پنھنجي صفائيءَ لاءِ
باهه مان لنگهڻو پوندو هو. ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ مُنڊي
وجهي مجرم کي چوندا هئا ته هٿ سان منڊي ٻاهر ڪڍي!
بعض ڏوهارين جي هٿن تي پان جا ست ساوا پن رکي ڌاڳي
سان ٻڌي، تتل ڳاڙهو لوهه سندس هٿ تي رکي، کيس ڪجهه
فاصلي تائين هلڻ لاءِ چوندا هئا. جيڪڏهن هٿ سڙندو
هوس ته ڏوهاري ثابت ٿيندو هو. سندن خيال موجب
بيگناهه جو هٿ ڪونه سڙندو هو. ڏوهاريءَ کي پاڻيءَ
۾ ويهاري، کوڙيل ڪاٺيءَ کي پاڻيءَ اندر جهلي ويهڻ
لاءِ چوندا هئا. پوءِ هڪڙو ماڻھو ڪمان ڪشي تير ڦٽو
ڪندو هو. جيسين ماڻھو تير کڻي اچي، تيسين مجرم کي
پاڻيءَ اندر رهڻو پوندو هو. پوءِ ڪاٺيء کي لوڏيندا
هئا، ته مجرم ٻاهر نڪري اچي. بيگناهه ٻاهر نڪري
ايندو هو ۽ گناهه ڪندڙ جو دم گهٽجي ويندو هو. چور
کي هڪڙي مخروطي ڪاٺيءَ تي ويهاريندا هئا، جا سندس
حلق تائين گهڙي ويندي هئي. بدڪارن لاءِ سزا موت
هئي. قيدين کي ستن ڏينھن تائين کاڌو نه ڏيندا هئا.
ڳوٺاڻا پئنچائتن وسيلي فيصلا ڪندا هئا.
عورتن جو درجو:
اسلام کان اڳ سڀني قومن جي نظر ۾ جنس لطيف
هڪ دلچسپ مخلوق هئي. پر سندس شمار ادنيٰ طبقي ۾
هو، ”رگويد“ زالن لاءِ قدر قائم ڪيو هو. جيئن
”رگويد“ جي ڏهين منڊل ۽ سوڪت 44 ۾ لکيل آهي:
”حسين زال! ديوتائن جي پياري! نرم دل
واري! دلربا نيڻن واري! مرد ۽ پنھنجن جانورن لاءِ
نعمت! بھادر پٽن ڄڻڻ واري!“
ليڪن منو جا قانون سخت هئا. سندس خيال
موجب عورت ذات جي بيوفائي لا علاج آهي. منوءَ جي
فيصلي موجب تمدن جو دارومدار جسماني سزا تي آهي ۽
سندس چوڻ آهي ته اها ئي شيءِ انسان کي فرض ادائيءَ
تي قائم رکي ٿي ۽ گمراهيءَ کان بچائي ٿي. رگويد
کان اڳ ڇوڪرين کي موئن جي دڙي واري تھذيب مڙس پسند
ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ ان لاءِ ’سوئمبر‘ رسم جاري
هئي، جنھن کي آرين پسند ڪري پنھنجو ڪيو هو. راجائن
کي اختيار هو ته گهڻين زالن سان شادي ڪن. انھيءَ
طرح هڪ عورت گهڻئي مردن سان شادي ڪندي هئي. ملبار
جي هندو نائر قوم ۾ اڃا اهڙي رسم رائج آهي. چتا تي
چڙهڻ عورت لاءِ عزت جي نشاني هئي. ٻيءَ صورت ۾
سماج ۾ هن لاءِ ڍور جيتري به عزت ڪانه هئي. ڇوڪرين
کي ننڍي هوندي شادي ڪرائڻ جو رواج هو. عيسوي پنجين صدي ق.م. هيرو ڊوٽس جو بيان آهي ته هندو سنڌي
پنھنجن زالن سان کُليو کلايو حيوانن وانگر مباشرت
ڪن ٿا. هندن جي عقيدي موجب زال لاءِ پٽ ڄڻڻ ضروري
هو. جيئن هُو پيءُ جي مئي کانپوءِ برهمڻن کي
کارائي سراڌ ڪرائي ۽ بتن اڳيان نذرانا پيش ڪري،
متان فوتيء کي چوراسي جوڻ ڀوڳڻا پون. برهمڻن اولاد
پيدا ڪرڻ لاءِ نيوگ جي رسم کي رائج ڪرڻ کانپوءِ شو
جو لنگ کي ايجاد ڪيو. برهمڻن کي اجازت هئي ته
جيتريون زالون شاديون ڪن. اُهي گهڻو ڪري سودرن مان
سستيون عورتون شاديون ڪندا هئا. انھن مان جيڪي
ڇوڪريون پيدا ٿينديون هيون، تن سان ڪا به ذات شادي
ڪري نه سگهندو هو ۽ شودرن مليڇن جي بطن مان هئڻ
ڪري ٻيو ڪوبه برهمڻ انھن سان شادي ڪري نه سگهندو
هو. برهمڻن جو درجو اهڙو مضبوط ۽ موروثي هو، جهڙو
يورپ ۾ امارت جو درجو هو. پيدائشي پوڄاري آهي،
تنھنڪري ٻين قومن کي سندس اڳيان نمسڪار ڪرڻو پوي
ٿو، جيئن ڪنھن زماني ۾ يورپ ۾ ڊيوڪ جو درجو هو.
اهڙي ذات پات جي ٻنڌڻن ڪري ڪنھن کي مجال نه هئي،
جو برهمڻن جي ڇوڪرين سان شادي ڪري. ”شڪنتلا“ جي
ناٽڪ ۾ ڏيکاريل آهي ته هستناپور جو راجا جڏهن
شڪنتلا کي ڏسي ٿو، تڏهن مونجھاري ۾ پئجي وڃي ٿو ته
متان برهمڻ جي ڌيءَ نه هجي. ڇاڪاڻ ته اُن حالت ۾
راجا هن سان شادي ڪري نه سگهي ها. اهڙين حالتن
پٽاندڙ انھن برهمڻن جي خوبصورت ڇوڪرين، جن کي سماج
چنڊال نالو ڏنو هو، تن طوائف جي زندگي گذارڻ
اختيار ڪئي هئي. سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ٻن قسمن جا
چڪلا هئا: هڪ عام پيشيور ۽ ٻيو گاني وارو، جن وٽ
امير خزانا لٽائيندا هئا.
امير طبقي جي نفساني خواهشن ديوداسين جي پرده عصمت
کي، مندرن جهڙي پوترآستانن اندر چاڪ ڪري ڇڏيو. عرب
مجاهد ملتان واري سج جي مندر ۾ ديوداسين جي ناچ
گانن، جسم جي لچڪ ۽ حسن کي ڏسي مٿن مفتون ٿي پيا،
جيئن عرب مجاهدن اندلس جي ديولن ۾ عيسائي نوجوان
راهبه ڇوڪرين کي ڏسي سندن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا
هئا. سنڌ ۾ عربن جي اچڻ وقت جنسِ لطيف جو گوشت
بازار ۾ وڪامندو هو. شاهي خاندان ۽ اميرن جون
زالون سون ۽ هيرن، جواهرن سان جڙيل زيور ۽ سچن
موتين سان سينگاريل هيون. راجڪمارين جون سواريون
ٺٺ ۽ تجمل سان نڪرنديون هيون. جنگين جي ميدان ۾
راجائون زالون ساڻ کڻندا هئا. راورجي جنگ ۾ ڏاهر
جي پالڪيء ۾ ٻه ٻانھيون ساڻ هيون. هڪ راجا کي
بٿيءَ مان تير ڪڍي ڏيڻ تي هئي ۽ ٻي راجا کي پان جا
ٻيڙا کارائڻ تي مقرر هئي. انھيءَ طرح دربار جي
موقعي تي راڻي ۽ راجا گڏ سنگهاسن تي ويھندا هئا.
اهڙي موقعي تي چچ کي ڏسي راجا سهاسيءَ جي راڻي
شوڀن ديوي مٿس عاشق ٿي هئي. شادين جي موقعن تي ناچ
۽ گانن کان سواءِ دان پن به ڪندا هئا. راجائون
پنھنجن راج ڪمارين کي ڏاج ۾ قلعا ڏيندا هئا. ڏاهر
جي شڪست کائڻ کانپوءِ پٽس جي سيه ڪورج جي راجا
دهرو راءِ وٽ پناه ورتي هئي، جتي راجا جي ڀيڻ
جانڪي راجڪمار تي عاشق ٿي پئي هئي.
ڏاهر جي قتل ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀيڻ ٻائي شاهي
خاندان جي شھزادين ۽ سهيلين سميت هر رسم قلعي ۾
ادا ڪري پنھنجو خاتمو ڪيو هو. خانگي گهرو انتظام ۽ معاشري ۾ زالن کي حصو هو. زال کي زيورن
سان سينگارڻ ۽ انھن جي عزت ڪرڻ سان ديوتائون خوش
رهن ٿا. عزت نه هئڻ ڪري عبادت جو ڦل نٿو ملي. زال
۽ مڙس گهر ۾ خوش رهڻ ڪري هميشه آسودگي رهي ٿي.
اسلامي رواداري:
هندو مذهب ۽ سياسي نظام سنڌين تي اهڙو
جمود پيدا ڪيو، جو صدين تائين وقت جي راجائن جي
ماتحت رهندا آيا. حڪومتون بدلجي ويون، راجائون
بدليا، ليڪن هرهڪ دؤر ۾ سنڌي فرمانبردار ۽ اطاعت
شعار رهندا آيا ۽ هُو ڪو انقلاب آڻي نه سگهيا.
گويا غلاميءَ ۾ رهڻ جا عادي بڻجي ويا. آزاديءَ جي
قوت منجھان مفقود ٿي ويئي. مذهب کين سيکاريو هو ته
وقت جي راجائن جي اطاعت ڪن. سندن زندگيءَ جا ڪم
ڪاريون به مذهب سان وابسته هئا، مثلاً روٽي کائڻ،
ڪم ڪرڻ، سمهڻ وغيره. منوءَ جي قانونن سندن دماغ کي
اهڙي سانچي ۾ ڍاليو هو، جو ٻن هزار ورهين تائين
هڪڙي قالب اندر محدود رهيا. مٿين ڪمزوريءَ ڪري هُو
غلام رهندا آيا. وٽن علم هو، ذهن ۽ دماغ کانسواءِ
ذڪاوت به هئي. پر سندن عملي قوت ضايع ٿي ويئي.
احساسات جي ڪميءَ ڪري هُو ڪوبه تغير آڻي نه سگهيا
۽ نه وري پنھنجي حالت کي بدلائي سگهيا. ايراني،
يوناني، پارٽي، يوچي، ساڪ، هُن، عرب جن به سنڌ تي
ڪاهيو، تن سان فرمانبردار رهيا. ايتري قدر جو
پنجهتر هزار انگريزن ٽيهن ڪروڙ هندن تي صدين تائين
حڪومت ڪئي. منوءَ جي قانوني ڪوڙڪيءَ ۾ ته ٻن مزار
ورهين تائين ڪسيل رهيا. اوچ ۽ نيچ جو فرق مٽجي نه
سگهيو. منوءَ جو چوڻ هو ته جتي اوچ ۽ نيچ جو ميلاپ
ٿئي ٿو، اتي نئين قوم پيدا ٿيو وڃي ۽ اهو ملڪ
تباهه ٿي ويندو. شودر جو ڪم هو ٻين ذاتين جي چاڪري
ڪرڻ ۽ ويش کي اجازت نه هئي جو ڪنھن مندر جو پروهت
بنجي سگهي. اڄ ڀارت بي دين ملڪ آهي ۽ آزاد ملڪ
آهي؛ پر ڇوت ڇات جو ڀوت برهمڻ جي ڪنڌ تي سوار نظر
اچي ٿو. قومي اتحاد جو ترورو ڪٿ به نظر نٿو اچي.
نون ديوتائن، نوان عقيدا پيدا ڪيا ۽ نين ذاتين جنم
ورتو؛ پر وڇوٽي، جيڪا ادنيٰ ۽ اعليٰ ۾ صدين کان
پيل هئي، سا هرگز مٽجي نه سگهي. سنڌ جي ڳوٺن ۽
شھرن ۾ جدا جدا ذاتين جا گروه هئا. ان سبب ڪري
ڌارين جي ڪاهه ڪرڻ وقت باهمي اتحاد غيرممڪن هو.
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ اهو وڏو راز مضمر هو. يورپ
۾ به مذهبي انقلاب کان اڳ ساڳئي حالت هئي ۽ ساڳئي
قسم جي گروه بندي پيل هئي، يعني پادري، امرا ۽
عوام الناس. يورپ جي ترقي (اصلاحات) جو دؤر به
تڏهن شروع ٿيو، جڏهن اُتي مذهبي انقلاب پيو ۽
پادرين جي قوت کي سخت ضرب لڳي ويئي. اڄ تائين يورپ
قوميت ۽ وطنيت جي وبا ۾ مبتلا آهي.
اسلام فطرتي مذهب آهي، جنھن قومن ۾ هڪ
نئون انقلاب پيدا ڪيو. اسلام جنھن به ملڪ تي قدم
رکيو، اُتي رهاڪن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ کين
ترقي ڪرڻ لاءِ ذريعا ميسر ڪيا فاتح مسلمانن جو
نظامِ حڪومت شريعت تي مبني هو. عربن ۾ اها خاصيت
هئي، جو جنھن به ملڪ کي فتح ڪندا هئا، ان کي
پنھنجو ڪندا هئا. انھيءَ انقلاب جو نتيجو آهي، جو
اڄ به سنڌ جي باشندن ۾ ٽيھه لک مسلمان ’سماٽ‘
قومون آهن. ان کانسواءِ فاتحن جي رائج ڪيل زبان ۽
خط اڄ تائين ’عربي سنڌي‘ سڏجن ٿا. مصر ۾ عربن جي
فتوحات ڪري اُتي جي قبطين تي جيڪو اثر پيو، اوترو
يوناني ۽ رومن وجهي نه سگهيا. ان جي برعڪس مسلمان
فاتحن اتي جي هزارها سالن جي زبان ۽ تمدن کي
بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. مصر اڄ عربي ملڪ سڏجي ٿو ۽
عربي لٽريچر شايع ٿيڻ ڪري، اهو عربي دنيا ۾ مرڪزي
حيثيت رکي ٿو. ليڪن سنڌ ۾ فاتحن جو تمدن، مفتوح
قوم جي تمدن کان مغلوب ٿي ويو ۽ هڪ نئين تھذيب
’انڊو- اسلامڪ‘
(Indo-lslamic)
جنم ورتو. اسلامي لشڪر جي سپاهين ۾ اسلامي تعليم
زنده هئي. جنگ جون عملي ڪارروايون اسلامي قانون
مطابق هيون. ڪي اهڙا سپاهي هئا، جن حضور پاڪ صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي قدسي صحبت مان فيض پرايو
هو. ڪن وري صحابه ڪرام کان فيض حاصل ڪيو هو. سندن
نظريه موجب دنيا جي ڪابه نعت هنن لاءِ ايترو قيمتي
نه هئي، جيترو نعمت- عقبيٰ- وٽن فوجي هنر هو، جنھن
جو ثبوت هنن يرموڪ، قادسيه، قسطنطينه تي سمنڊ کان
گهيري ڪرڻ ۽ جبرالٽر کي ٽپڻ جي موقعن تي ڏنو هو.
ٻيو سبب ته شام، مصر ۽ ايران وارا سنڌ جي سمينن
(ٻڌ) وانگي پنھنجن حڪمرانن کان تنگ هئا. مظلوم
قومن خوشيءَ سان نووارد فاتحن کي قبول ڪيو، جن جي
سايه هيٺ هنن کي امن امان انصاف
ميسر هو. مفتوح قومن کي جيڪو خراج ’جزيه‘ ڏيڻو
پيو، اهو جهونين حڪومتن جي ڍلن کان گهٽ ۽ آسان
هئي. عرب جنھن به ملڪ تي ڪاهه ڪندا هئا ته اتي جي
رهاڪن کي اڳواٽ ٽي شرط پيش ڪندا هئا: (1) اسلام
(2) جزيه (3) ترار. حضرت عمر رضه بيت المقدس جي
عيسائين اڳيان جيڪي شرط پيش ڪيا هئا، اهي مروت ۽
رواداريءَ جو مثال هئا.

عمرو بن عاص رضه جنھن نموني سان مصرين سان پيش آيو، ان جي نتيجي طور مصرين
خوشيءَ سان اسلامي تھذيب ۽ عربي زبان کي پنھنجو
ڪيو. اڄ موراڪو کان وٺي آسام ۽ انڊونيشيا تائين
اسلام پکڙيل آهي. ايشيا ۽ آفريڪا تي يورپي اقوام
صدين کان بيٺڪي راڄ قائم ڪيا، پر اسلامي مذهب ۽
تھذيب کي مٽائي ڪونه سگهيا. مذهبي انتشار ۽ ذاتين جي گروه بندي ڪري سنڌي فوجن ۾ فقط
کتري سپاهي هئا. وٽن جنگي هاٿي هئا، پر ميدانِ جنگ
۾ ڦرڻ ۽ گهرڻ ۾ وقت وٺندا هئا. عربن هاٿين کي
ڊيڄارڻ لاءِ ٻرندڙ تير استعمال ڪيا هئا. هندن جي
لشڪر جي اڳواڻي راجائون ڪندا هئا. اسلامي لشڪر وٽ
تيز رفتار گهوڙن تي شهسوار هئا. سپهه سالار ڪو
بازو ڪمزور ڏسندو هو ته هڪدم سوارن جو دستو
اوڏاهين موڪليندو هو. هڪڙو سپهه سالار شھيد ٿيندو
هو، ته ٻيو سندس هنڌ وٺندو هو. ڏاهر جي مرڻ
کانپوءِ سندس لشڪر ۾ ڀاڄ پئي. قلعن کي ڪيرائڻ لاءِ
منجنيقون ڪتب آنديو هيون، جن کان سنڌي واقف ڪونه
هئا. هرهڪ منجنيق کي پنج سؤ مجاهد ڇڪيندا هئا. سنڌي لشڪر چيلهه سان رسن ذريعي هڪٻئي کي ٻڌي مقابلو ڪيو هو
پر راجا جي قتل ٿيڻ کانپوءِ منجهن ڀاڄ پئي هئي. سنڌين جي هاٿين کي عربن ٻرندڙ تيرن سان ڀڄايو هو. تيرن کي
’روغن تفظ‘ لڳل هو، جوگبن جي خيال موجب پيٽرول هو.
پيٽرول يونانين 672ع ۾ ڪتب آندو هو، جڏهن امير
معاويه جي ٻيڙي قسطنطنيه تي حملو ڪيو هو. هن مهم ۾
حضرت ابو ايوب انصاري رضه به شريڪ هو، جنھن جي
تربت استنبول جي قلعي جي ديوارن هيٺان آهي. راورجي
جنگ ۾ سنڌي لشڪر جو تعداد پنجٽيھه هزار، سٺ هاٿي،
ڏهه هزار زرهه پوش نيزي بردار سوار هئا. برهمڻ
آباد جي جنگ ۾ سنڌين جو تعداد چاليھه هزار ۽ هڪ سؤ
هاٿي هئا. پر سوال آهي ته سنڌ جي طاقتور جاٽ قوم
اسلامي لشڪر سان رضاڪارانه طور شامل هئي، جا حڪومت
جي خلاف هئي. عربي لشڪر جو تعداد فقط پنج هزار هو.
نو مسلم سپاهين کي ڍلون معاف هيون ۽ کين محمد بن
قاسم زمينون ڏيڻ لڳو. اسلامي لشڪر کي پگهار
کانسواءِ مال غنيمت مان حصو ملندو هو. برهمڻ آباد
جي فتح وقت ويھه هزار قيدي ورهايا ويا هئا. سنڌ جي
مهم ۾ دمشق دربار سٺ هزار درهم خرچ ڪيا هئا ۽ مال
غنيمت ۾ سٺ ڪروڙ درهم يعني تيرهن ڪروڙ روپيا ۽
پنجهتر لک هٿ لڳا هئا، جن مان چار حصا لشڪر ۾
ورهايا ويا. پنجون حصو ٻه ڪروڙ، پنجهتر لک روپيا
دربار دمشق ڏانھن روانا ڪيا ويا هئا. محمد بن قاسم
سنڌ ۾ فقط ٻه سال رهيو هو. هن اسلامي سلطنت جو
بنياد اهڙو مضبوط رکيو، جو اڄ تائين ’باب الاسلام‘
سڏجي ٿو. تقسيمِ برصغير کان اڳ سنڌ هندستان جو پھريون صوبو هو، جنھن
مسلم ليگ جي قيادت کي منظور ڪيو هو، حالانڪ پنجاب
جي خضر حيات وزارت مسلم ليگ کان انڪار ڪيو هو.
پاڪستان جو باني باباءِ ملت محمد علي جناح به سنڌ
جي خاڪ جو فرزند هو.
حقوق الذميين:
ذمي معنيٰ غير مذهب قومون، جيڪي اسلامي
حڪومت اندر رهنديون هيون. سرورِ ڪائنات،
سيدالمرسيلن عليھ الصلوات و سلام 8هه ۾ نجران،
ايله، اذرح، اذرعات وغيره بعد خيبر جي يهودين ۽
عيسائن تي هيٺين شرطن تي جزيه مقرر ڪيو هو: (1)
جيڪڏهن ڪوبه دشمن مٿن حملو ڪندو، ته سندن پاران
مدافعت ڪبي. (2) کين آزادي ڏني ويئي، ته پنھنجي
مذهب تي قائم رهن. اصل لفظ هي آهن، ”لايفتنوا عن
دينهم“. (3) جزيه ڍل پاڻ اچي پياريندا. (4) سندن
جانيون محفوظ رهنديون. (5) سندن مال، مڏيون،
ملڪيتون محفوظ رهنديون. (6) سندن واپار ۽ قافلا
محفوظ رهندا. (7) وٽن جيڪي زمينون آهن، سي محفوظ
رهنديون. (8) وٽن جيڪي به شيون آهن، تن تي سندن
قبضو رهندو. (9) پادري، راهب، ربي جيڪي هيڪلن،
آتشخانن يا خانقاهن ۾ رهن ٿا، تن جا عھدا بحال
رهندا. (10) سندن بتن، مورتين، صليب کي ڪو نقصان
نه رسايو ويندو.(11) پيداوار جو کانئن ڏهون حصو
ورتو ويندو. (13) اُهي پنھنجن مذهبي عقيدن موجب
آزاد رهندا. (14) جيڪي حق اسلامي حڪومت کان اڳ کين
مليل هئا، اهي قائم رهندا. (15) هن معاهدي سان
حاضر يا غير حاضر سمورا ذمي ٻڌل رهندا. اسلام جا مخالف جزيه متعلق نڪته چينيون ڪندا رهندا آهن، مگر
هن ترقي جي مغربي طرز جمهوريتن اندر شھري قسمين
قسمين ٽئڪسون ڀرين ٿا. جهڙوڪ: واٽرٽئڪس، جاين جي
ٽئڪس، رستن جي ٽئڪس، وڪرو ٽئڪس، انڪم ٽئڪس. عرض ته
جيڏانھن نظر ڪبي، ٽئڪسن جو اگرو روپ نظر ايندو.
اها حقيقت آهي ته اسلامي جمهوريت فقط چاليھه ورهيه
قائم رهي. بعد ۾ اسلامي سلطنت شخصي راڄ ۽ غير
محدوديت ۾ بدلجي ويئي. مگر مسلمان فرمانروا مٿئين
بيان ڪيل معاهدي تي سختيءَ سان پابند رهيا. هن
ترقيءَ جي دؤر وارين ڍلن ۽ ٽئڪسن کان جزيه ڍل بيحد
آسان هئي. دولت مندن کي ساليانو 48 درهم، وچولي
طبقي کي 24 درهم، هيٺين طبقي کي 12 درهم. ويھن
سالن کان گهٽ عمر وارن زالن، معذورن ۽ محتاجن کي
معاف هئي. في درهم جي قيمت هاڻوڪي چئن آنن جيتري هئي. عرب فقط ٻن قسمن جا ٽئڪس اڳاڙيندا هئا: غير مسلم کان جزيه ۽
خراج ۽ مسلمانن کان زڪوات ۽ عشر، جنھن مان ذمين کي
به حصو ملندو هو. ”انما الصدقات الفقراء
والمساڪين.“
مسڪينن
۾ يهودي، عيسائي، مجوسي، هندو به اچي وڃن
ٿا. غيرمسلم مؤرخ اسلام تي حملا ڪن ٿا ته اسلام ۾
مذهبي آزادي بلڪل ڪانھي. تن کي ياد رکڻ گهرجي ته
اسلام دنيا جي قومن کي جنھن حد تائين آزادي ڏني،
اوتري ڪڏهن به ڪنھن قوم ڌارين کي ڪونه ڏني هئي.
سنڌ جو مثال اسان اڳيان آهي، ته فاتح عربن هندن
سان ڪھڙو سلوڪ پيش ڪيو هو. ان لاءِ علي بن حامد
ڪوفيءَ جي اصلي عبارت ڏيون ٿا:
”اکابر و مقدمان و براهمان را فرموده که معبود خود
را عبادت کنند-
و فقرائي برهمنان را احسان و تعهد تيمار دارند- و
صدقاتي که پيش
ازيـــن در حــــق براهمه ميداند، بـرقرار قديم
بــد هند.
اسلامي قانون ۽ عدل ۽ رواداري ڪري سنڌ ۾
هندن ۽ مسلمانن جي حيثيت هڪجهڙي هئي، چنانچه
سرڪاري عھدن، مجلسن، عام معاشري جي نقطه نظر سان
فاتح ۽ مفتوح ۾ ڪو سنڌو ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته نوجوان
فاتح هندن کي اهلِ ڪتاب جهڙيون رعايتون ڏنيون،
جيڪي اسلامي دنيا اندر رهندڙ يهودين ۽ عيسائن کي
مليل هيون. هندن جي پيش ڪيل شرطن کي مڃڻ وقت فاتح
سنڌ هيٺيان لفظ چيا هئا:
”مالبد الاَ کنائس النصاريٰ واليهود و بيوت نيران
المجوس“
يعني ته سنڌ جا بتخانا عيسائن ۽ يهودين جي عبادت گاهن ۽ مجوسين جي آتشخانن
جهڙا آهن.
غازي محمد بن قاسم مندرن کي بمه پروهتن جي
قائم رکڻ کان علاوه اڳ حڪومت کان مندرن کي جيڪا
مالي رقم ملندي هئي، سا بحال رکي. مندرن جي خزانن
سان ڀريلن حوضن، سونهري ۽ نقرئي جواهرنگار بُتن
سان ڪنھن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ڪونه ڪئي. اهڙي سلوڪ
کي ڏسي ديبل جي مھامتر اسلام قبول ڪيو هو. سقوط
الورکان اڳ ڏاهر جي دربار ۾ نوجوان فوجي پاران
سفير ٿي ويو هو. حڪومت اسلاميه سرڪاري طور پڌرائي
ڪئي ته پنڊتن ۽ ٺاڪرن جو احترام ڪيو وڃي. فقط جن
هٿيار ڦٽا ڪونه ڪيا، تن کي قيدي بنايو ويو. شھرين
کي اجازت ڏني ويئي ته امن سان پنھنجن ڌنڌن ۽ ڪمن
کي بلا خوف جي جاري رکن. اها رواداري ڏسي نه صرف
نيرون وارن در پٽيا، پر اسلامي جنرل ۽ سندس فوجن
کي استقباليه دعوت ڏني. شاهوڪارن ۽ ڀائي بندن
دوڪاندارن کي مال سستي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي. فوجي
ڪمسريٽ ۽ سفرئنا جي راشن بندي جو ذمو کنيائون. سنڌ
جي مهم جو نقشو حجاج جهڙي سياستدان تيار ڪيو هو،
جنھن تي محمد بن قاسم پابند هو. حجاج وٽان اسلامي
لشڪر کي سامان رسد، گهوڙا باقاعده ملندا رهيا. پر
ڪي اهڙيون شيون هيون، جي سنڌين ڏنيون. جن جي نه
هئڻ جي حالت ۾ فتوحات ۾ اينگهه پئجي وڃي ها. وري لطف اهو ته سياسي ماحول وانگي مذهبي فضا به سازگار هئي.
جوتشين حملي کان اڳ پڌرائي ڪئي هئي ته جيڪو ٻائيءَ
سان شادي ڪندو، سو سنڌ جو حاڪم ٿيندو. ان هيجان
انگيز خبر عوام ۽ خواص جي دلين ۾ ڌڌڪو پيدا ڪيو
هو. سقوط ديبل کانپوءِ ٺاڪر جوتشين، مٿئين
پيشنگوئيءَ کي عوام اڳيان پيش ڪندي صاف چئي ڏنو
هو، ته فتح اسلام جي آهي. مھاديو محمد جي روپ ۾
پڌاريو آهي. بس پوءِ ڇا هو؟ جڏهن اسلام جا اُڙد
سيوستان پھتا، ته شھر کان ڪجهه فاصلي تي ٺاڪرن
سندن خير مقدم ڪيو. غيرممڪن هو ته ڪو شھري ٺاڪرن
جي حڪم کان ٻاهر رهي. فتح سيوستان جي موقعي تي مھا
محمد (محمد بن قاسم) دربار مقرر ڪئي. ٺاڪرن کي
ريشمي خلعتون عطا ڪيون. جيڪي ٺاڪر اسلامي لشڪر ۾
قيد هئا، تن کي احترام سان آزاد ڪيو ويو. هنرمندن
۽ واپارين ۽ مزورن جي حوصلي افزائي ڪئي ويئي.
هارين سان مروتون ڪيون ويون. فتح بهمن آباد جي
موقعي تي جنگي قيدين کي آزادي ڏني ويئي. واپارين،
هنرمندن ۽ هارين کي فاتح سنڌ ٻارهن، ٻارهن درهم
اسلامي خزاني مان ڏياريا.
ڏاهر جي مھامنتري سي ساگر کي فتح الور
کانپوءِ اسلامي حڪومتِ سنڌ جو وزير ڪيو ويو. حڪومت
جي کاتن تي جيڪي به علمدار هئا، تن کي بدستور قائم
رکيو ويو؛ بشرطيڪ هو ملڪي نظم ۽ نسق کي
ايمانداريءَ سان هلائيندا. جنگين ۾ جيڪي مندر
برباد ٿيا هئا، سي حڪومت پاران مرمت ڪيا ويا.
بکياري برهمڻن جي دان وٺڻ واري رسم کي قانوني قلعي
ڏياري ويئي، رعايا دان ڏيڻ لاءِ جوابدار هئي. جڏهن
ته حڪومت اسلامي سنڌ، ملڪ جي آمدنيءَ مان في سيڪڙو
ٽي روپيا برهمڻن لاءِ سرڪاري وظيفن جي صورت ۾ مقرر
ڪيا هئا. جيڪڏهن غازي محمد ائين نه ڪري هئا، ته ڀلا ڪري به ڇا پئي
سگهيو؟ شھرن لاءِ جي ضلعن جا مرڪز هئا، مثلاً
نيرون، بهمن آباد، سيوستان جهڙن شھرن ۾ فاتح سنڌ
فوجي عملدارن کي مختصر فوجي دستا ڏيئي ضلعي عملدار
رکڻا پيا، جن کي فوجي ۽ سول اختياريون سونپيل
هيون. عدالتي کاتي لاءِ جدا قاضي رکڻا پيا.
ازانسواءِ مسجدن لاءِ امام رکڻا پيا، جي اسلامي
تعليم جا معلم به هئا. فتح الور کان پوءِ اسلامي
لشڪر جو تعداد پنجاهه هزار هو، جن ۾ مسلمان سپاهين
جو تعداد اٽي ۾ لوڻ وانگي به نه هو. عرب پرديسي
هئا، ملڪ ۾ قليل قوم هئا. هندو سمورا بگڙجي وڃن
ها، ته فقط پنج يا ڇهه هزار عرب ڇا ڪري سگهن ها؟
اسلام جو قافلو هڪ اهڙي بتخاني مان لنگهي رهيو هو،
جتي اسلام کي راجپوتن سان مقابلو ڪرڻو پيو، جيڪي
زالن کي مرڻ ۽ مارڻ جو وچن ڏيئي جنگ لاءِ گهران
سنڀري نڪرندا هئا، جن جي عورتن کي پنھنجي عصمت جي
خاطر تيل ۾ ٻڏل ڪپهه واري ڀڙڪندڙ باهه ۾ سڙي جوهر
رسم ادا ڪرڻي پوندي هئي. سنڌي بتخانن ۾ ڪي اهڙيون
بلند ۽ ڀيانڪ تصويرون هيون، جن تي انسانن جون
قربانيون ٿينديون هيون. وري هتي جي برهمڻن جون
خصلتون مسحور ڪُن هيون. اهڙي بتخاني ۾ رهڻ لاءِ دل
۽ گردي جي ضرورت هئي. غازي محمد بن قاسم جي
سياستدانيءَ فياضين، حسن ۽ اخلاق ۽ جراتمندانه قدم
۽ صلح ڪُن پاليسيءَ اهلِ سنڌ کي اهڙو گرويده ڪيو
هو، جو سندس شخصيت مادي ديوتا جي بنجي قابل پُرستش
بنجي ويئي هئي. سندس احسانن، مروتن ۽ صلح پسنديءَ
کي ياد ڪري ڪيرج ۾ هن جو بت کڙو ڪيو هئائون.
اسلامي نظامِ حڪومت ۽ ڍلون:
عربن ۾ دستور هو ته ڪوبه ملڪ فتح ڪندا
هئا، ته اُتي جي رهاڪن سان اهڙو خلط ملط ٿي ويندا
هئا، جو ديسي رهاڪن کي پنھنجو ڪندا هئا ۽ مفتوح
ملڪ کي پنھنجو وطن سمجهندا هئا. جڏهن پنھنجي اخلاق
جو سڪو رهاڪن مٿان روان ڏسندا هئا، تڏهن بيٺڪون
قائم ڪندا. اسلامي نظامِ زندگيءَ تي ڪاربند رهڻ
ڪري اسلامي تمدن جو اصلي رهاڪن تي اثر پئجي ويندو
هو.
”تاکس نه گويد بعد ازين من ديگرم تو ديگري“
هندو ۽ مسلمان هڪ جان ٻه قالب بنجي ويا.
سنڌي، عربن جو صدق دل سان احترام ڪرڻ لڳا. فاتح
عرب شروعات ۾ جيسين ملڪي رهاڪن جي چال چلگت، رسوم،
عادات ۽ آئين جو پورو جائزو نه وٺندا هئا، تيسين
اُن ملڪ جي زبان، خط ۽ دستورِ حڪومت کي قائم رکندا
هئا ۽ سرڪاري کاتن جي ڪامورن جي ڪردار کان واقفيت
پيدا ڪندا هئا. جيئن انگريزن هندستان تي قبضي ڪرڻ
کانپوءِ ملڪ جي دفتري زبان فارسي کي ڪو وقت وقت
جاري رکيو هو. ڇاڪاڻ ته مُغليه دؤر ۾ مالگذاري
توڻي عدالتي قانون فارسي ۾ هئا. پھريان قانونن ۾
ڦيرڦار ڪرڻ لڳا. بعد لارڊ وليم بينٽڪ جي (1828ع)
ڏينھن ۾ لارڊ مڪالي جي رٿ مطابق انگريزي اسڪولن ۽
سرڪاري دفترن جي زبان مقرر ڪيائون. عربن به شروعات ۾ برهمڻن ۽ ٺڪرن کان شرط ورتو هو، ته هُو
حڪومت جي مشنريءَ کي ايمانداريءَ سان هلائيندا.
انھن چاپلوسن عرب حاڪمن کي زمين جي اُپت جي اڌ
جيتري حصي کڻڻ لاءِ صلاح ڏني، پرنووارد فاتح ايتري
زيادتي ڪرڻ کان نفرت ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته راءِ توڙي
برهمڻ راڄن ۾ ڇهون حصو ڍل کڻن جو قانون هو. وقت
گذرندو ويو. زمينن جي پيمائش اڃا نئين حڪومت ڪانه
ڪرائي هئي. اهڙي خاموشيءَ مان ناجائز فائدو وٺندي
سرڪاري ڪامورا گهوٻيون هڻڻ لڳا. دفتر زبان به
ناگري ۽ خط به ناگري هو. جيڪا وصولي پيش ڪندا هئا،
حاڪم خاموشيءَ سان قبول ڪندا هئا. ڍلن جا قسم هن
طرح هئا: دريائن ۽ سندس واهن تي آباد ٿيندڙ زمينن
جي اُپت مان پنجون حصو. ٻين زمينن مان ڏهون ۽ ڪن
مان چوٿون حصو ڍل جي شرح هئي. انگورن جي اُپت جو
پنجون حصو، ڍلون جنس يا نقد ڏيڻون پونديون هيون. باغات جي پيداوارين مان چوٿون حصو مڇين مان پنجون حصو،
ناگري فقط برهمڻ لکي سگهندا هئا. سِڪا به غير
اسلامي رائج هئا. هڪڙو گنڌاري جو رياستي سڪو هو.
گنڌارا رياست پشاور لڳ هئي. ٻيو طاطري جو سوماترا
سان واپار ڪندي سنڌ ۾ رائج هو. جڏهن حڪومت ۽ تمدن
جو بنياد مضبوط ٿيو، تڏهن حڪومت جي زبان ۽ سِڪا
عربيءَ ۾ بدلجي ويا. سنڌ جا والي، جيڪي دمشق يا
بغداد کان ايندا هئا، تن حڪومتن جون واڳون سنڀالي
ورتيون. انھن عاملن کي مرڪز کان فوجي ۽ مالي
اختياريون مليل هيون. تاهم مالي کاتي مٿان جدا
عملدار مقرر هو، جنھن کي ’ديوان‘ سڏبو هو. ڍلون ۽
جزيه گڏ ڪرڻ کانسواءِ، جنگي قيدين ۽ مالِ غنيمت جو
حساب رکندا هئا. مغلن به اهڙي عھدي کي قائم رکيو
هو. عدالتي ۽ تعليمي کاتا قاضين جي حوالي هئا. اهي قاضي به
مرڪزن کان چونڊجي ايندا هئا. مسلمان ۽ هندوءَ سان
جهڳڙي کي قاضي فيصلو ڪندو هو. هندن کي اجازت هئي
ته پنھنجا فيصلا پئنچائيت ذريعي ڪرائين. هندو
رياستن ۾ مسلمانن جي فيصلن لاءِ قاضي مقرر هئا، جن
کي ’هنرمند‘ سڏيندا هئا. وري جڏهن منصوره ۽ ملتان
ڌار ڌار رياستون بنجي ويون، تڏهن منجهن وزير ۽
اميرالامراءَ جا ٻه عھدا قائم ٿيا. ٻنهي رياستن جا
حڪمران ’مھاراج‘ ڪوٺبا هئا. سنڌ جي والين پاران
سبي، ڪيزڪانا، قزدار، منصوره، الور ۽ ملتان مٿان
عامل (ڪليڪٽر) مقرر هئا. جزيه، مالگذاري، گمرگ،
زڪوات ۽ مالِ غنيمت آمدني جا ذريعا هئا. اڳ زمينن
جي پيمائش ڪوهن (ڪوس) ۾ ڪبي هئي. عربن، ايراني
رواج فرسنگ کي فرسخ سڏي پيمائش ڪرائي. في فرسخ
اَٺن ميلن جيترو هو. عربي زبان، جا مذهبي زبان ۽ سرڪاري دفترن ۾ رائج ڪئي ويئي،
انڪري سنڌي عربي جو اڀياس ڪرڻ لڳا ۽ عھدا ماڻڻ
لڳا. هندن جا دماغ حساب، ڪتاب لاءِ موزون هئا،
انڪري ستت ئي هنن مالگذاري جي کاتن تي ۽ حڪومت
اسلاميه جي مالي کاتي جي دفترن تي بصره، بغداد ۽
دمشق تائين قبضو ڪيو. فتوحاتِ سنڌ جي موقعي تي
حجاج بن يوسف ٽپال ۽ جاسوسيءَ جا کاتا رائج ڪيا
هئا. هرهڪ منزل تي برق رفتار گهوڙا پيغام رسانيءَ
لاءِ مقرر هئا. چنانچه بصره ۽ ملتان جي وچ ۾ 1400
سؤ ميلن جو مفاصلو هو، ليڪن ٽپال پنجن ڏينھن اندر
پھچندي هئي. جيڪڏهن سنڌ جو والي برجستو هوندو هو، ته ٻاهرين ملڪن تائين
سندس فتوحات جو ڏؤنڪو وڄندو هو. هشام بن عبدالملڪ
جي ڏينھن ۾ جنيد بن عبدالرحمان سنڌ جي والي گجرات،
چاوڙا (ڪڇ)، مالوه، ڀيلمان (ڀيل ۽ بانس واڙا)،
مارواڙ تي ڪاهون ڪري ويھه ڪروڙ روپيا مال غنيمت ۾
هٿ ڪيا. جن مان ٻارهن ڪروڙ درهم فوجن کي ورهائي
ڏنا. اُتر ۾ سندس ڪاهن جو سلسلو پهاڙي رياست چمپا
تائين جاري رهيو. شاعرن مان جرير ۽ ابوالجويريد سندس فياضيءَ متعلق مداحي
قصيدا چيا هئا. مامون جي ڏينھن تائين سنڌ جي
اسلامي لشڪر جو دٻدٻو قائم رهيو. پوءِ مرڪز جي
ڪمزوريءَ ڪري ۽ سنڌ ۾ عربن جي باهمي جنگين لڳڻ
ڪري، عرب امير خود مختيار بنجي ويا ۽ هندو رياستون
به کڙيون ٿيون.
اسلام جي اشاعت:
فاتح سنڌ محمد بن قاسم ديبل کان وٺي ملتان
تائين شھرن ۾ مسجدون تعمير ڪرايون هيون: ڪي جامع
مسجدون به هيون، مثلاً منصوره ۽ سندان جون عظيم
الشان مسجدون. هرهڪ مسجد جي پاسن کان مسافرن جي
رهڻ لاءِ ڪمرا، سواريءَ جي جانورن لاءِ اصطبل،
مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻيءَ جا حوض ۽ حمام جو
انتظام ڪيل هو. مسجدن جو سلسلو قنوج، ويھند ۽ گجرات تائين پکڙيل هو. حضرت
عثمان رضه قرآن شريف ڪوفي خط ۾ لکرائي اسلامي صوبن
ڏانھن مڪا هئا. بني اميه دؤر ۾ قطبيه نالي هڪڙي
خوش نويس ڪاتب، چئن قسمن جو ڪوفي خط ايجاد ڪيو هو.
عباسي دؤر ۾ ضحاڪ بن عجلان مشھورخوش نويس هو. وري
جڏهن برمڪين جي ڪوشش سان بغداد ۾ ڪاغذن جو ڪارخانو
کليو، تڏهن خوش نويسيءَ جي فن بيحد ترقي ڪئي.
اسحاق خوشنويس اٽڪل هڪ درجن عربي خط ايجاد ڪيا
جهڙوڪ: (1) قلم الجايل، (2) قلم السجلات، (3) قلم
الديباج، (4) قلم اسطور مارالڪبير، (5) قلم
الثلاثين، (6) قلم الزنبور، (7) قلم المفتح، (8)
قلم الحرم، (9) قلم المدامرات، (10) قلم العهود،
(11) قلم القصص، ۽ (12) قلم المزماج . مامون پاڻ
محسن ادب هو. سندس دؤر ۾ قلم المرصع، قلم النساخ ۽
قلم الرياسي اختراع ڪيا ويا. تنھن کانپوءِ قلم
الرقاع ۽ قلم غبار الحليله ايجاد ڪيا ويا. عرض
عباسي دؤر ۾ ڪوفي خط اٽڪل ويھن قسمن ۾ مستعمل هو. ابن مقله متوفي 328هه ڪوفي خط مان نسخي خط ايجاد ڪيو هو.
سنڌ جي عربي حڪومت اندر قرآن شريف ۽ دينيات تي
ڪتاب ڪوفي خط ۾ هئا ۽ خط نسخ سرڪاري دفترن ۾ رائج
هو. ابتدا ۾ نومسلم سنڌين کي قرآن ۾ نقطن نه هئڻ ڪري پڙهڻ ۾ دقت
ٿيندي هئي، جنھن کي رفع ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف نصم
بن عاصم کان قرآن شريف کي نقطا ڏياريا. بنو اميه دؤر ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه سنڌ
جي راجائن ڏانھن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ دعوت ناما
مُڪا. اميرالمومنين جي انصاف ۽ حسن اخلاق جي عام
شھرت اسلامي دنيا ۾ پکڙيل هئي. ان ڪري سنڌ جي گهڻن
هندو راجائن خوشيءَ سان اسلام قبول ڪري پاڻ تي
عربي نالا رکيا هئا. بلاذري هن طرح لکي ٿو:
”خليفة المسلمين بادشاهن کي اسلام قبول
ڪرڻ ۽ اطاعت لاءِ هن شرط تي دعوت مُڪي هئي، ته
سندن رياستن ۾ ڪوبه خلل ڪونه پوندو. کين مسلمانن
جهڙا حق ڏنا ويندا. جيڪي ذميداريون مسلمانن تي
عائد آهن، مٿن به رهنديون. خليفي جي اخلاق حسنه
کان دنيا واقف هئي، انڪري ڏاهر جي پٽ جي سيه ۽ ٻين
راجائن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي عربي نالا رکيا.“
اميرالمومنين رضه سڀني والين
ڏانھن هدايت ناما مُڪا، ته ذمي رعايا کي اسلام جي
تبليغ ڏيارين ۽ جيڪي اسلام قبول ڪن، تن کي جزيه
کان آزاد رکيو وڃي. اڳ حجاج نومسلم کان به جزيه
اڳاڙيندو هو، حضرت عمربن عبدالعزيز رضه
مٿن ڍل معاف ڪئي. نتيجي طور گهڻا هندو اسلام کي
ڇوٽڪارو سمجهي مسلمان ٿيا. منوءَ جي ورن آ شرم جون
ڌڄيون اُڏامڻ لڳيون. ذات ۽ پات جي پابندين کان ٻُڌ
ڌرم عوام کي آزادي ڏياري نه سگهيو، جيترو اسلام
مظلومن جي مشڪل ڪشائي ڪئي. خليفة المسلمين کي خراج
گڏ ڪرڻ جي لالچ نه هئي. فرمايائون ته ”رسول الله
صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي الله تعاليٰ اسلام جو
داعي ڪري مُڪو هو، نه خراج گڏ ڪرڻ لاءِ.“ سندن حڪم
موجب شھرن ۾ شراب جا دوڪان
بند ڪيا ويا. مسجدن ۾ پگهارن تي معلم مقرر ڪيا
ويا، ته شاگردن کي تفسير ۽ حديث نبويءَ جي تعليم
ڏين. پڻ شاگردن لاءِ بيت المال مان وظيفا مقرر ڪيا
ويا. عباسي دؤر ۾ خليفي مهدي به راجائن ڏانھن
اسلام جا دعوت نامه مُڪا هئا. هن دفعي پندرهن
راجائن اسلام قبول ڪيو هو، جن مان هڪڙو عسيفان جو
مهراج نالي راجا پورس جي نسل مان هو. مٿئين تبليغ
واعظن ۽ مفتين معرفت ڪئي ويئي.
صنعت، حرفت ۽ زراعت:
اسين يونان جا قديم حالات بيان ڪري سگهون
ٿا، ڇاڪاڻ ته پنج صديون ق.م. هيروڊوٽس،
توسيڊائيڊوس ۽ ڊائوڊوروس جهڙن مؤرخن جا ڪتاب
شاهديون ڏين ٿا. روم ۾ ليوي ۽ ٽيسيٽيوس مؤرخ موجود
هئا. ازانسواءِ ايڊورڊگبن جا جلد ڪافي آهن. ليڪن
بدقسمتيءَ سان هڪڙو به هندو مؤرخ نظر ڪونه ٿو اچي،
جنھن کان روشني وٺي سگهجي. اها حقيقت آهي ته فن
تاريخ جو بنياد مسلمانن رکيو هو. مھاراشٽر، آسام، اوڙيسا، راجستان ۽ سنڌ متعلق ڏند
ڪٿائون البت، ڀٽن کي برزبان ياد هيون، جيڪي پاڻ کي
ماگده برهمڻن جو اولاد سڏائيندا هئا. راجستان
وروترا هڪڙي خاندان جي نسل کي 1500 سو ورهين تائين
بيان ڪري سگهن ٿا. ماگده ڀٽن کانسواءِ چارڻ ڀٽن جو
به ساڳيو پيشو هو، جي پاڻ کي سيڌا چارڻ جي نسل مان
بيان ڪن ٿا، سندن بيان پرانن ۾ ڏنل آهي. اُهي
دعويٰ ڪن ٿا ته جيتريون جنم پتريون کين ياد آهن،
اوتريون ٻين کي ياد ڪونه آهن. سوريه پرڪاش راٺوڙن
جي تاريخ جنھن تان ڪرنل جيمس ٽاڊ ”تاريخ راجستان“
تصنيف ڪئي هئي، سو چارڻن جي حافظي جو نتيجو هو.
بوندي ڪارانا ڀٽن، اُتي جي چوهاڻ راجائن جي تاريخ
”ومساڀاشڪارا“ تيار ڪئي هئي. راجستان ۽ سنڌ جي زباني تاريخن جا چار ماخذ آهن: (1) کيت،
(2) واٽ، (3) گپ ۽ (4) دانتا ڪٿا. جن مان صرف کيت
مان ٿوري تاريخي روشني ملي سگهي ٿي. سنڌ جا برهمڻ
راجائون هلندڙ ڪل جڳ ۾ ٿي گذريا، جنھن جڳ جو زمانو
ڪروکيتر کان برهمڻ شمار ڪن ٿا. سنڌ زرعي ملڪ هو.
هتي جا زراعت پيشه ويش هئا ۽ شودر سندن ڪڙمي هئا،
جيڪي اڌ اُگهاڙا جهوپڙين ۾ رهندا هئا.
شمس العلماءُ منشي ذڪاءُ الله پنھنجي
تاريخ ۾ لکي ٿو ته، ”عرب صحرائي رهاڪو هئا، کين
زرعي ڪمن جي خبر ڪونه هئي.“ مٿيون بيان غلط آهي. جزيرة العرب جون قديم قومون ڪلدي،
بابلي ۽ اشوري فن زراعت جا ماهر هئا. انھن قومن
کان يوناني، نبطي فنِ زراعت سکيا هئا. نبطين کان
هي فن عرب سکيا هئا. فرينچ محقق موسيورينان جو چوڻ
آهي ته هندي آرين به اشور وارن سان لاڳاپن رکڻ ڪري
زراعت ۾ ترقي ڪئي هئي. جي.ماسپيرو پنھنجي ڪتاب
”ڊان آف سويليزيشن“ ۾ ان باري ۾ وضاحت سان بيان
ڏنو آهي. غرض ته عرب فن زراعت عراق، شام ۽ مصر کان پرائي، ان ۾ ترقي
ڪئي. ان ۾ شڪ ناهي ته عربستان هڪڙو خشڪ صحرائي ملڪ
آهي، جتي بادِ سموم جهڙي ساڙيندڙ هوا گهلي ٿي.
مگر ان جا بعض حصا زرخيز ۽ شاداب به هئا. جهڙوڪ
عمان، بحرين، يمن، عراق (حيره) جتي کين زراعت جو
موقعو مليو هو. باقي حجاز جهڙي غيرذي زرعي صوبي کي
مصر کان ان پھچندو هو. عربن جي جدت پسند طبيعت، اسلامي دنيا جون ڀاڄيون پوکڻ شروع
ڪيون، جن کان اڳ سنڌي واقف ڪونه هئا. جهڙيءَ طرح
مڪئي، جنھن جو اصلي وطن آمريڪا آهي، جتان يورپ
معرفت ايشيائي ملڪن ۾ پھتي هئي. عربن سنڌ جي سارين
جي عراق، بابل ۾ پوک ڪرائي. مصري قبطي چانورن کي
’اروس‘ سڏيندا هئا. هتان سنڌ جون ساريون صقليه
(سسلي) ۽ اندلس تائين پکڙجي ويون. مانهه جي دال جو
اصل وطن يمن هو، جيئن ابن بيطار بيان ڪري ٿو. عربن
معرفت سنڌ ۽ ٻيا ايشيائي ملڪ واقف ٿيا. چانورن جو
اصلي وطن مھراڻ جي ماٿري آهي. اڄ به مملڪت جمهوريه
پاڪستان چانورن جي برآمد مان زرخارجه ڪمائي ٿي.
ڪمند به سنڌ جي قديم پيداوار آهي، جنھن مان مھراڻ
جي ماٿريءَ جا رهاڪو ڳڙ، کنڊ ۽ مصريءَ کان علاوه
ڳُڙ ۽ چانورن مان شراب ٺاهيندا هئا. اهو بيان
يونانين ڏنو آهي. عربن ايراني نار، شام، اردن ۽
مصر تائين ڪمند جي پوک ڪرائي. سنڌو ماٿريءَ ۾
پنجاب ڳُڙ ڪري مشھور آهي. مملڪت جمهوريه پاڪستان
نوابشاهه ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ کنڊ جا ڪارخانا کوليا
آهن. اسلامي عربي سلطنت جي زوال کانپوءِ ڪمند جي
پوک ۾ انحطاط شروع ٿيو. زراعت لاءِ آبپاشي ضروري آهي. سنڌي ائٽ سان زمينن کي پاڻي
پھچائڻ جو طريقو ايرانين کان سکيا هئا. عربن هن
ملڪ ۾ پاڻيءَ سان هلڻ واريون جانڊاهيون ايجاد
ڪيون، جن کان سنڌي اڳ غير واقف هئا. عرب انھن جانڊاهين کي ’رحاالبطريق‘ چوندا هئا. عرب سنڌ ۾
نووارد هئا، ليڪن هتي جي تھذيب جا ذريعا شاگردن جي
حيثيت سان معلوم ڪرڻ کانپوءِ پاڻ استاد بنجي ويا.
سنڌ جي ائٽن جي رواج کي هنن اندلس تائين پھچايو ۽
مٿس ’ناعوره‘ نالو رکيائون، جنھن کي اندلسي پنھنجي
لهجي ۾ ’نوريا‘ چوڻ لڳا.“ سنڌ ۾ زعفراني، نيرو ۽
ڪرمچي رنگن جو رواج هو. راجائون زعفراني رنگ جو
لباس ڍڪيندا هئا. عربن يمن جي ٻوٽي ’ورس‘ جنھن جو
رنگ پيلو هو، سنڌين کي واقف ڪيو. حنا (ميندي) جو
وطن عربستان هو، جتان نه صرف سنڌ ۾ پھتي، پر
برصغير تائين پھتي. سنڌي خواتين جي سينگار جي
متبرڪ شيءِ آهي. عربن جي اچڻ ڪري نير جي قيمت ۾
واڌارو ٿيو، ڇاڪاڻ ته عرب سوداگر نير شام تائين
پھچائڻ لڳا، جتان وينس جا واپاري يورپ ۾ نيڪال
ڪندا هئا. عباسي دؤر ۾ سنڌ جي ڪپهه (ڪرپاسا) جي
پوک عراق ۾ ٿيڻ لڳي. سنڌ ۾ سڻيءَ جي پوک به ٿيندي
هئي ۽ مصر ۾ ٽن قسمن جي سڻيءَ جي پوک ٿيندي هئي.
پر مصري ڪنھن کي به انھيءَ پوک جو ڏس ڪونه ڏيندا
هئا. عربن سنڌ جي سڻيءَ کي اُلھندي ايشيا جي ملڪن
تائين پھچايو، جنھن تي ’ڪتان الھند‘ نالو رکيو
هئائون. مملڪت جمهوريه پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ پنجن سالن اندر
سنڌ اندر 1952ع ۾ ست لک ايڪڙن ۾ ڪپهه جي پوک ٿي ۽
ساڍا ٽي لک ڳٺڙيون ڪپهه جي اُپت ٿي يعني سموري
پاڪستان ۾ پنجويھه سيڪڙو ڪپهه سنڌ ڏيڻ لڳي.
سنڌ ۾ ماکي جام ٿيندي هئي، پر عربن سنڌين کي ماکيءَ جي
مکين پالڻ کان واقف ڪيو. ماکيءَ جي اُپت
ايتري ترقي ڪئي، جو ويھند ۾ في درهم ٽي مڻ ماکي
وڪامندي هئي. چيمور
(گجرات)، ماکيءَ جي اُپت ڪري مشھور هو. کجين جي
وڻن جو وطن ايراني
نار آهي. مڪران ۽ سنڌ ۾ به ڪتل جام ٿيندي هئي، مگر
سنڌي

هن وڻ مان پورو فائدو ڪونه پرائيندا هئا. عربن سنڌين کي کجور مان کنڊ ٺاهڻ
۽ فانيذ (هنب) حلوي ٺاهڻ سيکاريو، جو ڌارين ملڪن ۾
وڏيءَ قيمت تي وڪامندو هو. عباسي دؤر ۾ مڪران،
اسلامي سلطنت جي اڌ حصي کي ڪچي کنڊ برآمد ڪرڻ لڳو
۽ مڪران جي شھر قنزبون (قنجپور) کان فانيذ حلوي
بيروني دنيا ڏانھن ويندو هو. سنڌ دربار بغداد کي
سالياني خراج ۾ فانيذ حلوه جو مقرر مقدارپيش ڪندي
رهي. هن وقت به مڪران ۾ هڪ سؤ هڪ نمونن جي کجور
ٿئي ٿي. مملڪت جمهوريه پاڪستان مڪران جي کجور جي حفاظت لاءِ ڪارخانا
جاري ڪيا آهن. اسلام کان اڳ هندو واپارين معرفت بڙ
جي وڻ جو ٻج يمن تائين پھچايو هو. عربن زراعت ۽
فلاحت جي سمورن فنن کان پنھنجن سنڌين عزيزن کي
واقف ڪيو. سنڌ کي عربن پنھنجو وطن جوڙيو هو. سنڌ
جي باغن ۾ اڳي کان وڌيڪ بھاري آئي. جيڪي به سياح
هن ملڪ ۾ آيا، اهي منصوره جي باغن جي ليمن،
نارنگين، انبن ۽ ڀاڄين جي سستائيءَ جو بيان ڏين
ٿا. عربن کي وڻن جي بيمارين ۽ علاجن جي خبر هئي.
اعليٰ طبقي وارن پنھنجي مذاق موجب قسمين قسمين
خوشبودار گل ۽ ٻوٽا باغن ۾ هڻايا هئا. هندن جا
جيڪي به ڪتاب فنِ زراعت متعلق کين هٿ لڳا هئا، تن
مان پورو فائدو وٺي، پنھنجي واقفيت جي بنا تي
تجربا ڪيا. انھيءَ طرح قديم مصري، بابلي، شامي قوم
جي زراعت ۽ باغبانيءَ جي طريقن کي ٻين ملڪن تائين
پھچايو. عربن انھن طريقن کي ڪاميابيءَ سان عمل ۾
آڻي، سنڌڙي سونھاريءَ کي عروسِ نو بھار بنائڻ لاءِ
ڪوشش ڪئي، جيئن هنن سرزمين اسپين کي سينگاريو هو.
جهنگن ۽ ويران زمينن کي هموار ڪرڻ ۽ ڀاڻ ڏيڻ وڏي
محنت ۽ همت جو ڪم آهي. ان باري ۾ سنڌي هاري اڄ به
پنھنجن پنجابي ڀائرن کان گهٽ محنتي آهن. عربن سنڌ
جي رستن جي ٻنهي پاسن تي وڻ پوکي مسافرن لاءِ
آسائش جو انتظام ڪيو. اڳ نه ريلون هيون، نه
موٽرون. فقط سواريءَ جا جانور وسيلا هئا. فاتحن
مختلف قسمن جي وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي ٻجن پوکڻ لاءِ
موسمن جون جنتريون تيار ڪيون. هن وقت اسان وٽ جيڪي
واڱڻ آهن، تن جو وطن ايران هو، جتان عربن وسيلي
سنڌين وٽ پھتو ۽ هتان نڪري برصغير تي پکڙجي ويا.
انھيءَ طرح ڀينڊين جو وطن مصر آهي، جتان عربن
معرفت اسان وٽ پھتيون
. عربن جيڪي هنر سنڌ ۾ رائج ڪيا، تن کان سنڌي اڳ غير واقف
هئا. عربن کان اڳ سنڌي ڪاريگر چمڙو چن سان صاف
ڪندا هئا، اهڙي طريقي ڪري چمڙو نرمائيءَ بدران سخت
رهندو هو ۽ جٽاءَ به نه ڪندو هو. ڪوفي جي ڪاريگرن،
سنڌ ۽ مڪران وارن کي کجور سان چمڙو صاف ڪرڻ
سيکاريو هو. منصوره جي چمڙي جي صنعت متعلق امام
احمد بن حبنل (متوفي 241هه) ”ڪتاب الورع“ ۾ هڪڙو
مختصر باب ڏنو آهي. منصوره جون ڀڀڪيدار جُتيون،
اسلامي دنيا ۾ سنڌ جي رنگين ۽ نرم چمڙي، جو
’السندية‘ جي نالي سان مشھور هو، مان ٺهنديون
هيون. دنيا جي مارڪيٽن کي اُن جي ململن وانگي ضرورت هئي. منصوره
جي زوال کانپوءِ عرب ۽ ايراني سوداگر نيرن ڪوٽ کان
چمڙو خريد ڪرڻ لڳا. مغليه دؤر ۾ ايشيا کنڊ ۾ ٺٽو
چمڙي جي ڪارخانن ۽ هنر ڪري مشھور هو. مملڪت
جمهوريه پاڪستان ۾ سنڌ جو شھر حيدرآباد چمڙي صاف
ڪرڻ ۽ رڱڻ جي لحاظ سان ملتان سان ڪلھو هڻي ٿو.
مانسوني هوائن لڳڻ ڪري سنڌ جا جھاز هلڪا ’تيرماهي‘
ڪوٺبا هئا. دنگي ٻيڙين کي ڪوڪن وارا ’هوڙي‘ سڏيندا
هئا. مٿين سمورين ٻيڙين کي سنڌي ناريل جي رسن سان
ٻڌندا هئا. نه مٿن مسافرن لاءِ ڪمرا جڙيل هئا.
آبڪلاني ۽ مانسوني هوائن لڳڻ ڪري جھاز رانيءَ جو
سلسلو منقطع ٿي ويندو هو. چانورن جي لابارن کان واندا ٿي، سنڌي سامونڊي سفر ڪندا هئا.
ٽن صدين اندر سنڌين کي صحرا نشين عربن ڇا ڇا
سيکاريو، ان جو تفصيل وار بيان اوهان جي اکين
اڳيان آهي. حجاج بن يوسف ثقفيءَ سنڌين کي جھازن جي
تختن کي رسن سان ٻڌڻ بدران لوهه جي ميخن سان جھازن
کي تيار ڪرڻ جو هنر سيکاريو. عربن جا جھاز ايتري
قدر وڏا هئا، جو مٿن مسافرن جي سهوليت لاءِ ڪمرا
جڙيل هئا. ازانسواءِ قلعي شڪن توبون (منجنيق) به
کڻندا هئا. اهي ايتري قدر وزندار هيون، جو وڏي توب
’عروسڪ‘ کي پنج سو سپاهي ڇڪيندا هئا، ۽ جھازن کي
هڪلڻ لاءِ پنج سؤ ملاح مقرر هئا. عربي دؤر ۾ عراق کان گهوڙا ديبل جھازن ذريعي پھچندا هئا.
سنڌ جو اسلامي ٻيڙو گجرات، ڪوڪن جي ٻيڙن کان مضبوط
هو. منصور عباسيءَ جي ڏينھن ۾ سنڌ جي والي هشام جي
هڪڙي اميرالبحر عمر بن جمل گجرات تي ڪاهه ڪئي هئي.
ٻيو دفعو هشام ڀڙوچ فتح ڪري، يادگار لاءِ هڪڙي
مسجد اتي تعمير ڪرائي هئي، جا گجرات ۾ پھرين مسجد
هئي. 159هه (770ع) ڌاري خليفي مهديءَ جي حڪم سان سندس
اميرالبحرعبدالملڪ ايراني نار کان ٽيون دفعو ڀڙوچ
تي قبضو ڪيو، پر اُتي وبا پوڻ ڪري گهڻا ئي مجاهد
مري ويا. مامون جي ڏينھن ۾ عرب ڪاريگرن دشمن جي
جھازن تي آتشبازي ڪرڻ لاءِ هڪڙي قسم جا ننڍا جھاز
’حراقه‘ تعمير ڪيا هئا. انھن ٻيڙين تان خلاصي پيٽرول سان ڀريل بوتلون دشمن جي
جھازن تي اڇلائڻ سان جڏهن بوتلون ڦاٽي پونديون
هيون ته دشمن جي جھازن کي باهه لڳندي هئي. عرب جھاز راني ڪرڻ جي فن ۾ ماهر هئا. سندن هٿيار بهترين قسم
جا هئا جهڙوڪ نيزا، زرهون، تراريون، خود، ڍالون،
جوشن، ڪمانون. سندن تيرن جا گهڻائي قسم هئا: (1)
قسي، (2) الرجل والرڪاب، (3) قسي اللولب، (4)
جراد. پوئين قسم جي تيرن جي ڊيگهه فقط گرانٺ جيتري
هئي. انھن تيرن جي وسيلي مجاهدن مدائن ۽ الور فتح
ڪيا هئا. عربي زرهن جا به جدا جدا قسم هئا. جهڙوڪ مبطنه، زرديات
وغيره. فوجن کي سرڪار پاران هٿيار ملندا هئا.
عباسي دؤر ۾ سوار جو پگهار 25 روپيا ماهوار ۽
پيادي کي ڏهه روپيا ملندا هئا. اُن زماني جي معيشت
موجب اهو گهڻو ڪافي هو. انھيءَ سبب ڪري سنڌي
خوشيءَ سان اسلام لشڪر ۾ داخل ٿيا هئا. سنڌ جي
والين وٽ مضبوط لشڪر هو. منصوره دارالخلافه جي
فوجي قوت مسعوديءَ جي بيان موجب چاليھه هزار هئي.
هن لشڪر ڪشمير، مالوه، قنوج ۽ گجرات تائين ڪاهون
ڪيون هيون. 140هه (757ع) منصور عباسي جي ڏينھن ۾
هشام ڪشمير تائين سوڀون ڪيون هيون. ضرورت پوڻ وقت
مڪران ۽ ڪرمان تائين سنڌي لشڪر نگراني ڪندو هو.
عمران بن موسيٰ برمڪي، سنڌي سرڪش قومن ميدن ۽ جاٽن
کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. بعض بغاوت ڪرڻ وقت
سندن تعداد پنجاه هزارن تائين پھچندو هو. جيئن
هارون الرشيد مغرب ۾ رومن شهنشاهن کي ڪنبايو هو،
تيئن سنڌ جي اسلامي لشڪر کان هندو راجائون ڪنبندا
هئا. ليڪن يمني (قحطاني) ۽ نزادي (اسماعيلي) قبيلن
جي سنڌ اندر باهمي جنگين سنڌي عربي حڪومت ڪمزور
ٿيڻ لڳي، جنھن ڪري فتوحات جو دؤر ختم ٿي ويو.
164هه (780ع) سنڌ جي والي ليث جي ڏينھن ۾ جاٽن جي
فسادن کي روڪڻ لاءِ بصره کان فوج گهرائي ويئي هئي. عباسي فوجن جو لباس يوناني نموني جو هو. مامون جي ڏينھن ۾
سنڌ جي لشڪر کي پگهار بدران زمينون جاگير طور ملڻ
لڳيون. فضل بن ماهان کي سندان فتح ڪرڻ وقت، اطاعت
جي عيوض اهو بندر خليفي پڪيءَ طور سندس حوالي ڪيو
هو. مرڪز کان ڇڄڻ کانپوءِ سنڌ جي عرب اميرن ايترو
زور ورتو، جو عمران برمڪي، بنانھ جي عرب امير عمر
بن عبدالعزيز هباريءَ هٿان مارجي ويو. سنڌ جو خراج
گهٽجي فقط ٻارهن هزار درهم بغداد کي ملڻ لڳو. سنڌ
۾ گهڻا ئي عرب خاندان خود مختيار بنجي ويا. اُهي
منصوره توڙي بغداد کان قطعي آزاد هئا. عربن جي
ڪاهه ڪري سنڌين جي زندگيءَ جو نئون دؤر شروع ٿيو.
علامه البيروني جي بيان موجب اڳ هندو گوبر سان
ليپيل زمين مٿان وڻن جي پنن تي کاڌو رکي کائيندا
هئا. عربن، سنڌ ۾ ٽامي جي برتنن جو رواج وڌو هو.
رڪابين، طشت، چلمچين، گلدانن، شمعدانن ۽ غاليچن
کان سنڌين کي آشنا ڪيو. سنڌ ۽ مڪران جي ميدن جون
زالون سنکن ۽ ڪوڏن جا زيور پائينديون هيون ۽ سنڌي
عورتون عاج جا چوڙا پائينديون هيون. سنڌ ۾ هاٿين
جي موجودگي هئڻ ڪري عاج گهڻو سستو هو، بلڪ برآمد
ٿيندو هو. راجائون جواهرنگار هار ۽ ڪنن ۾ سچن
موتين سان مڙهيل وڏا والا پائيندا هئا. عربن تائٿ
(تعويذ)، ڪڙيون، طوق ۽ بازو بند ۽ حمائل (ڪٺمالن)
جو رواج وڌو. ماسڪان (مشڪي)، قزدار (خضدار)، طوران
(جھالاوان) ۾ سفيد کنڊ جا ڪارخانا هئا. ڪشمير جي
ڪاٺ جو سامان به وڏيءَ قيمت تي وڪامندو هو.
ڀيلمان جون آبدار تراريون، جن کي شام ۾ ’بيلمانيه‘ چوندا
هئا. ڪشمير جون پالش ڪيل چمڙي جون صندوقون، جن ۾
اَٺ سؤ مڻ ڪٿو سمائبو هو. ٽامو اجمير جي کاڻين مان
نڪرندو هو، جو تانباوتي (کنڀات) کان جھازن ذريعي
سنڌ ۾ پھچندو هو. ملتان جا ٽامي جا برتن ۽ عاج جو
سامان مشھور هو. منصوره ۽ ملتان جا هٿيارن جا
دستا، چمڙي جا دٻا، گينڊي جي سڱن جون صندوقون، چين
تائين وڏي قيمت تي وڪامندا هئا. منصوره ۽ سندان جو
سوٽي ڪپڙو، جلندر جو مخمل، سنڌ جون فراسيون،
لسٻيلي جا غاليچا مشھور شيون هيون. سنڌي اڳ دريائن
تي ٻيڙين جون پليون ٻڌندا هئا. عربن واپار کي ترقي
ڏيارڻ لاءِ پٿرن جون پليون تعمير ڪرايون. چنانچه
عمران برمڪيءَ، ميد قيدين کان ’سڪه الميد‘ سنگين
پل تعمير ڪرائي هئي. موئن جي دڙي جي زماني کان سنڌ
مان گهوڙا ۽ گڏهه هندستان جي شھرن ۾ وڏيءَ قيمت تي
وڪامندا هئا. گهوڙا رٿن ڇڪڻ لاءِ استعمال ڪندا
هئا. آريائي دؤر ۾ راجائون ديوتائن لاءِ
’اسواميڌا‘ گهوڙا ٻليدان ڪندا هئا. اسڪندر مقدوني
به سنڌ جي ڊيلٽا تي پھچڻ وقت، سمنڊ جي ڪپ تي مصر
جي مقدس ديوتا آمون جي نالي تي ڪي ڍڳا ۽ گهوڙا
قربانيءَ طور ٻليدان ڪرايا هئا. مھاڀارت جي جنگ وقت سنڌ جي راجا جئدرٿ پنھنجن سؤٽن
ڪورون جي مدد لاءِ ڪي گهوڙا روانا ڪيا هئا.
پروفيسر ايف.مئڪسملر ته سنڌو ماٿري کي ’گهوڙن جي
پرورش جو هنڌ‘ رگويد جي حوالي سان ڏنو آهي. بلڪ مھراڻ جي وهڪري کي گهوڙيءَ جي ڊوڙ سان تشبيھه ڏئي ٿو.
انھيءَ طرح اڄ تائين خضدار جا گڏهه مضبوطيءَ ڪري
وڏيءَ قيمت تي وڪامن ٿا. پڻ لاسي گڏهه به قداور
آهن. خبرنٿي پوي ته سنڌ جا آڳاٽا گهوڙا ڪھڙي نسل
مان هئا. اڄڪلھه مملڪت پاڪستان جي صوبن پنجاب،
بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ساليانو گهوڙن جا ميلا لڳن ٿا ۽
گهوڙن ڀڄائڻ تي شرطون لڳن ٿيون. حجاج بن يوسف
گهوڙن جي نسل جي واڌاري لاءِ فرات جي مشرقي ڪپ ۽
سيستان جي گادي زرنج ۾ گهوڙن جي پرورش ۽ نسل ڪشي
لاءِ انتظام ڪيو هو. مٿين هنڌن تان محمد بن قاسم
کي لشڪر لاءِ گهوڙا ملندا رهيا. عربن جي اچڻ ڪري
سنڌ ۾ عراقي گهوڙن جو نسل رائج ٿيو، جو اڄ تائين
هلندو اچي ٿو. سنڌي گهوڙا بدن ۾ هلڪا ۽ تيز رفتار
آهن. عرب واپاري معبر (ڪارو منڊل) تائين گهوڙن جو
واپار ڪندا رهيا. عبدالله اَشتر به گهوڙن جي
سوداگر جي ويس ۾ سنڌ ۾ پھتو هو. ٻن ٿوهن وارن اُٺن جو وطن به سنڌ هو، جن کي فقط اميرطبقو
خريد ڪندو هو. سنڌ مان عربن جي ذريعي سندن نسل بلخ
۽ فارس ڏانھن کڄي ويو.
عمارتسازي:
عمارتسازيءَ جي هنر کان عرب واقف هئا. هندن جا محلات ۽ مندر فلڪ بوس هئا. ٻه
ٻه ۽ ٽماڙ ماڙيون به هيون، ليڪن انھن عمارتن جا در
ننڍا هئا، جنھن سبب ڪري جاين اندر اوندهه رهندي
هئي. رات ڏينھن روشنائيءَ ڪاڻ منجهن چومکي ڏيا
ٻرندا هئا. عربن جي فن عمارتسازيءَ لاءِ عاد قوم
جا جبلن ۾ ٽڪيل پٿرن جا ستون ۽ ايوان، يمن جو سدِ
مارب ۽ قصرِ غمدان ۽ حيره جو محلات خورنق، ايامِ
جاهليت جي فنِ عمارتسازي لاءِ شاهديون آهن. اسلام
جي ظهور کانپوءِ دمشق جي جامع وليد، فسطاط (مصر) ۾
جامع عمرو بن عاص، جامع قيروان سندن جدت پسند
طبيعتن جا شاهڪار آهن، ته سندن ايجاد پسندن طبيعتن
ڪھڙا ڪھڙا گل ڪتريا هئا. غيرممڪن هو ته بابِ اسلام
سنڌ جنھن کي هنن وطن جوڙيو هو، ان کي ايجادن کان
محروم رکن. فاتحن جيڪي به ملڪ فتح ڪيا، تن جي شھرن
کي عالمپناهون، قلعا ۽ جامع مسجدون تعمير ڪرايون.
مثلاً منصوره جي جامع مسجد جا پٿرن جي جڙيل هئي ۽
عمان جي نموني تي هئي ۽ سندس ٿنڀا ڪاٺ جا هئا.
الورجي جامع مسجد جنھن جي ڊٺلن ديوارن جا آثار اڄ
به موجود آهن. سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ واري ٻيٽ بکر
جو قلعو (فرسته) ۽ ملتان جي جامع مسجد، مٿين سڀني
عمارتن کي زماني جي انقلابن مٽائي ڇڏيو. ديبل
زلزلي ڪري فنا ٿي ويو. منصوره کي مھراڻ جي مستين
مٽائي ڇڏيو. الور اڄ ويراني جي حالت ۾ خاموشيءَ
سان پنھنجي گذريل اوج تي ماتم ڪري رهيو آهي. بکر
به ڪيترائي دفعا ڊهيو ۽ تعمير ٿيو. ملتان جي جامع
مسجد، جا محمد بن قاسم جي يادگار هئي، تنھن کي
قرمطين ڊهرائي ڇڏيو. اهڙن سببن ڪري اسين چئي نٿا
سگهون ته انھن عمارتن جي ڪھڙي ساخت هئي. ليڪن
زماني جي ناالتفاتي هوندي به هن وقت ٻن آثارن مان
حجازي اميرن جي ذوقِ طبيعت جو ڏس ملي سگهي ٿو.
مثلاً ميرپور ساڪري تعلق ۾ خانقاهه بوترابي جا
171هه مطابق 788ع جي يادگار آهي. ٻيو سنڌ ۾ کيرٿر جبلن جي وادين ۽ بلوچستان جي جبلن جي وچ
وارين ماٿرين کي جيڪي پٿرن جا بند پاڻيءَ جي روڪ
لاءِ ڏنل آهن، سي يمن جي حميري ساخت جو نمونو آهن.
انھن بندن کي هتي جا رهاڪو ’گبر بند‘ يعني ايراني
آتش پرستن جون يادگارون سڏين ٿا. پر ڪن مغربي
ماهرن جو فيصلو آهي ته مينھن جي پاڻي جي روڪ لاءِ
اهي مضبوط بند تعمير ڪرايا ويا هئا.
زرعي ۽ معدني ترقي:
عربن، شھرن کي باغات کان معمور ڪري ڇڏيو.
جيڪي به سياحن بيان ڏنا آهن، تن ۾ سنڌ جي باغن ۽
ميون جي تعريف ڪئي ويئي آهي. هجري ٽين صديءَ ڌاري
فاتحن سنڌي ليمن ۽ نارنگين جي عمان، شام ۽ بصره ۾
پوک ڪرائي هئي، ليڪن زمين جي فرق ڪري منجهن سنڌ
جهڙي لذت ڪونه هئي. اڳ سنڌ ۾ انگورن جي ايتري پوک ڪانه ٿيندي هئي. عربن
انگورن جي پيداوار کي ترقيءَ تي پھچايو. صحرا
نشينن جي احسانن کي تاريخ دهرائي ٿي. انگورن جي في
جريب تي 10درهم ڍل اُڳاڙڻ لڳا. جيئن اندلس کي
زراعت، باغن کان فاتحن رونق ڏياري هئي، تيئن سنڌ
کي به رشڪِ ارم بنائي ڇڏيائون. ملتان ۾ انبن، ليمن
۽ شفتالن ڪري نئين بھاري آئي. قزدار ڪمند، ڪتل ۽
انگورن ڪري مشھور هو. مشڪي سرد ميون جي واپار ڪري
ترقي ڪئي. قندابيل جي باغن ۾ انگور پيدا ٿيڻ لڳا.
طوران (جھالاوان) انگور، انار، ڪتل ۽ فانيذ حلوه
برآمد ڪرڻ لڳو. منصوره پايه تخت ڪتل، انگورن،
صوفن، زيتونن، شفتالن، ڪمند، ليمن ۽ انبن جي باغات
ڪري مشھور هو. ٻڌا ڦل ڦول ۽ ترڪارين ڪري مشھور هو.
ويھند اخروٽن ڪري مشھور هو. قنوج جا ڪيلا ۽ گوشت
سستا وڪامندا هئا. ڪامھل ۽ سندان ناريلن ۽ چانورن
جي منڊي هئا. شاعر ابو ضلع منصوريءَ سنڌ جو جيڪو
پھريون مداحي قصيدو تيار ڪيو، تنھن مان سنڌ جي
باغن، ميون، معدنيات ۽ دولت جو پتو پوي ٿو. عربن سيوستان (سيوهڻ)، سَن ۽ ديبل جي پرڳڻن ۾ نير جي اُپت
کي ترقي ڏياري. گدامڙيءَ جو وڻ سنڌ کان عراق تائين
پھچايائون. گدامڙيءَ کي عرب سنڌ جي کجور ڪوٺڻ لڳا.
يمن جي هڪڙي ٻوڙي ’ورس‘ جي سنڌ ۾ پوک ڪرايائون،
جنھن جي گلن مان پيلو رنگ جڙندو هو، جنھن کي هن
ملڪ ۾ ’ڪرڪم‘ ڪوٺيندا هئا. سنڌ جي ڪپهه جو چين
تائين واپار ڪرڻ لڳا. ميون ۽ گلن ۾ کنڊ گڏائي مربن
۽ گلقند ٺاهڻ جي هنر کان سنڌين کي واقف ڪيائون.
ايراني گلاب جي سنڌ ۾ پھريون عربن پوک ڪرائي ۽ اُن
جي عرق ڪشيءَ کان سنڌين کي واقف ڪيائون. ازانسواءِ
بصره جي کجور جي گوشن جي عرق (ماءِ الطلع) زعفران
۽ بيد مشڪ جي عرقن (ماءِ الخلاف) کان سنڌين کي
روشناس ڪرايائون. سنڌي عورتون توڙي مرد وار
رکائيندا هئا. اڄ به گهڻائي سنڌي وار رکائين ٿا.
انڪري عربن سرهن تيلن ۽ عطرن لڳائڻ جي رواج کي
انتهائي درجي تي پھچايو. فاتحن بيد مشڪ جي تيل
(دهن الخلاف) جو وڪرو شروع ڪيو، جنھن جي ٻن رطل جي
قيمت ڏهه دينار هئي. ڪوفي جي گل شبو جو عطر، گل
بنفشه جو تيل (دهن الورد)، روغن ياسمين ۽ ليمن جو
تيل (دهن الترنج) سنڌ ۾ وڪامڻ لڳا. اڳ سنڌي خواتين
فقط ناريل ۽ چنبيليءَ جا تيل استعمال ڪنديون هيون.
هينئر شام ۽ مصر جي نرگسي تيل سان رغبت رکڻ لڳيون.
ابن حوقل ۽ ابن بيطار اندلسي تيلن جا نالا ڏنا
آهن. جهڙوڪ: دهن البابونج، دهن السفرج، دهن
الازخيز، دهن الزعفران، دهن الحنا، دهن الناردين،
دهن النسرين وغيره. عربن ۽ هندي حڪيمن جي باهمي
تعاون ۽ تحقيقاتن جي ڪري ’يوناني- آريوويدڪ‘ طب جي
سنڌ ۾ ابتدا ٿي. عربن سنڌ جي پرڳڻن ۾ معدنيات جي پڻ ڳولا ڪئي. توڙي جو الور
جون سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون مٽجي چڪيون هيون، پر
هنن ڪرمان جي دمدان جي کاڻين مان سون، ٽامو ۽ لوهه
ڳولي لڌو. عرب دمشق ۽ قاهره جون تراريون سنڌ ۾
وڪڻندا هئا. هينئر دمشق جا ڪاريگر ڪرمان جي فولاد
مان تراريون ۽ آئينا تيار ڪرڻ لڳا. صليبي جنگين ۾
سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي فوج وٽ جيڪي تراريون
هيون، اهي جوهردار خون آشام تراريون ڪرمان جي
فولاد مان جڙيل هيون.
عربي دؤر ۾ سنڌ جو واپار:
سنڌ ايراني نار واري خشڪي ۽ بحري رستن جي
منھن وٽ آهي. سندس بندرگاه ديبل کي ساڳي حيثيت
حاصل هئي، جيڪا تجارتي نقطه نظر سان اڄڪلھه
ڪراچيءَ کي حاصل آهي. جيئن ڪراچي هوائي، بحري ۽
ريلوي رستن ڪري وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جو اهم هوائي ۽
بحري مستقر ۽ بندرگاهه جو مغربي دنيا کي ويجهو
آهي، انڪري ’مشرق جي ڪنوار‘ ڪوٺجي ٿو؛ تيئن ديبل ۽
دارالخلافه منصوره به ڏکڻ ايشيا ۾ اوتري حيثيت
رکندڙ هئا، جيتري ام البلاد دمشق ۽ بغداد، ايشيا ۽
يورپ جي وچ ۾ تمدني، تجارتي نقطه نظر سان رکندا
هئا. ايراني ۽ عرب سوداگر خشڪي واري مڪران جي رستن ۽ سامونڊي
ڪناري کان سنڌ جي دولتمند شھرن سان واپار ڪندا
هئا. پٽالا ۽ ڀنڀور سنڌ جي ڊيلٽا وارا تجارتي شھر،
جن جو اوج گهٽجي رهيو هو، سندن ڀر ۾ نيرن ڪوٽ ۽
ديبل ٻن شھرن رونق ورتي هئي. ديبل، مھراڻ جي هڪڙي شاخ تي پير پٺي لڳ هو. ديبل جو واپار
خشڪيءَ رستي هندستان جي مشرقي حد ڪامروپ (آسام)
تائين هلندو هو. بحري رستي ايراني نار جي بندرن
اُبله، بصره، قيس، سيراف، عدن، سبا (يمن) ۽ آفريڪا
تائين ۽ اوڀرندي طرف گجرات جي بندرن بروس (ڀڙوچ)،
سوباره (سورت)، ڪوڪن، ملبار، لڪديپ، سرانديپ
(سنھالاديپ)، معبر (ڪاروبندل)، جزائر شرق الھند. ۽
چين سان واپار هلندڙ هو. يعني سمنڊ رستي ايراني
نار، عربي سمنڊ، بحيره قلزم، ڀونوچ سمنڊ، هندي وڏي
سمنڊ ۽ بحرالڪاهل جي ڪناري وارن ملڪن ۽ ٻيٽن سان
هلندو هو. اُن زماني ۾ جھاز ڪنارو ڏيئي هلندا هئا.
هڪ ته جھاز ران ڪمپنين کي سامونڊي ڦورن جو خطرو
رهندو. انھن ڦورن جي لٽ مار کان بحيره روم جا جھاز
به بچي ڪونه سگهندا هئا. ڪناري تي هلڻ مان هيءَ
مراد هئي ته بندرن تي مال جي مٽا سٽا ڪندا هئا.
ديبل ته سنڌ جو تجارتي مارڪيٽ
Emporium هو. يورپ ۽ هندستان جو وچ وارو رستو وڏي اهميت رکي ٿو، جنھن
جي ذريعي وقت بوقت انقلاب رونما ٿيڻ لڳا. اسڪندر
مقدونيءَ جي ڪاهه کان وٺي ويندي 1956ع ۾ اسرائيل،
فرانس، برطانيه جي بندر سعيد تي بمباريءَ تائين
انقلابن تي جيڪڏهن طائرانه نظر وجهبي، ته انھن جو
مکيه سبب واپار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر ڪونه
ايندو. سنڌ ۽ هند جا تجارتي رستا ٽي صديون ق.م.
يونانين جي نگرانيءَ هيٺ هئا، جن باب المندب جي ڀر
واري ٻيٽ سقوطري ۾ نوآبادي قائم ڪئي هئي. ليڪن يوناني فاتحن کي ايتري همت ڪونه هئي جو عربن جي جھاز
رانيءَ کي قطعي مٽائي سگهن. ليڪن عيسوي ڇهين صديءَ بعد اسلام جي ظهور کانپوءِ عرب مصر
کان وٺي سموري اُتر آفريڪا ويندي اندلس تائين
ڇانئجي ويا ۽ بحيره روم تي به سندن قبضو هو.
چنانچه اُتي جا ٻيٽ ڪريٽ ۽ سائپرس به سندن قبضي ۾
داخل هئا. غرض ديبل ايري ٿروئن
(Erythroen) سمنڊ تي وڏو بندرگاهه هو. ازانسواءِ هي ٻُڌ جو عظيم الشان
مندر هو، جتي هر سال چنڊ گرهڻ جي موقعي تي هندن جو
وڏو ميلو لڳندو هو. برصغير هند جا ياتري هن ميلي ۾
شريڪ ٿيندا هئا. سمنڊ جون ڇوليون شھر جي ديوارن
سان ٽڪربيون هيون. تجارتي بندرگاهه هئڻ ڪري اٽڪل
هڪ سؤ ڳوٺ شھر جي ڀر ۾ هئا. چين، ڪشمير، پنجاب جو
مال هتان ڏيساورن ڏانھن ويندو هو. الور، سکر،
سيوستان، نيرن ڪوٽ، ديبل، تيز (مڪران جي ڪناري
تي)، سندان سنڌ جا مکيه بندر هئا. ننگرپارڪر،
ٿرپارڪر ۾ سنڌ جي اڀرندي واريءَ ڪنڊ تي بندر هو.
محمود غزنويءَ جي زماني تائين ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي
پاڻيءَ هيٺ هو. سنڌ کانسواءِ ملبار، سيلون ۽
ڪارومنڊل تائين عرب سوداگرن جون بيٺڪون هيون، جن
جو واپار جزائر شرق الھند، (انڊونيشيا) ۽ چين سان
هلندو هو. انھن تجارتي ناتن جي ڪري ۽ سوداگرن جي
آمد ۽ رفت ڪري مختلف دؤرن ۾ سنڌ جي عظمت نمايان
نظر اچي ٿي. ايراني نار تي ته گهڻو عرصو عربن جو
قبضو رهيو. البت عمان، حضرالموت، يمن ۽ عراق ۾
حڪومتن بدلجڻ ڪري وقت بوقت بندرگاهون مٽجڻ لڳيون ۽
ڪي نوان بندر نمودار ٿيا، ليڪن واپار جو سلسلو هر
حال ۾ جاري رهندو آيو. مثلاً شط العرب جي منھن وٽ
ايرانين جو مکيه بندر اُبله هو، جتي سنڌ، هند ۽
چين جا جھاز لنگر انداز ٿيندا هئا، دولتمند شھر
هو. چوڏهين هجريءَ ۾ بصره جي بنياد پوڻ ڪري جڏهن
حضرت عمر رضه هند ۽ سنڌ جي دولت متعلق ٻڌو: ”بحرها
درو جبلھا يا قوت و شجرها عطر“ جو مختصر فقرو ٻڌي
بصره کي تعمير ڪرايو، ته اُبله جو اوج مٽجي ويو ۽
صفحه هستي تي اڄ سندس آثار به نظر ڪونه اچن ٿا. سيراف ايران جو مشھور دولتمند شھر ايراني نار تي هو.
هجري ٽئين صديءَ ۾ سندس اوج جو آفتاب پوري بلنديءَ
تي چمڪي رهيو هو. هتي سوداگرن جون ايڏيون عظيم
الشان عمارتون هيون، جو بشاريءَ جهڙو عالم سياح
سندن تعريف ڪري ٿو. اصطخري ڄاڻائي ٿو ته هرهڪ
محلات تي ٽيھه هزار دينار خرچ لڳو هوندو. هرهڪ
محلات اڳيان باغ هئا. ليڪن 366هه ۾ زلزلي سبب
ويران ٿي ويو. هجري ڇهين صديءَ ياقوت حمويءَ کي
سواءِ پراڻن نشانن جي ٻيو ڪجهه نظر نه آيو. سيراف جي برباديءَ کانپوءِ ايراني نار جي واپار، سنڌ، هند ۽
چين جي دولت تي قيس (ڪيش) جي ٻيٽ قبضو ڪري ورتو.
هتي جو عرب امير واپار ڪري بيحد دولتمند هو، جيئن
اڄ ڪويت جو شيخ تيل جي اُپت ڪري شاهوڪار آهي. انھيءَ طرح تيز، جو اڄڪلھه ايراني مڪران ۾ آهي، ديبل
کان وڌيڪ واپار ڪري دولتمند بندر هو. اڄ فقط هتي
چند جهوپڙيون آهن. ديبل انڪري مشھور هو، جو هن بندرگاهه تي مختلف شين جو واپار
هلندو هو. ازانسواءِ جھازن کي مٺي پاڻي کڻڻ لاءِ هرحال ۾ مٿين بندرن
تي لنگرانداز ٿيڻو پوندو هو. ديبل خشڪي توڙي
سامونڊي رستن سان مٿين بندرگاهن سان ڳنڍيل هو. ابن
خردازبه فاصلو فرسنگن جي شمار ۾ ڏيکاريو آهي، جنھن
کي نظرانداز ڪيون ٿا. غرض خراسان، چين، توران ۽
ڪشمير کانسواءِ حبش، زنگبار ويندي اشبيله جي شيشي
جو سامان ۽ شراب به ديبل ۾ وڪامندو هو. ديبل جون
شالون ۽ تراريون ته ديسان ديس مشھور هيون.
|