مصر، شام، عراق، ايران، ڀونوچ، قلزم ۽
هندي وڏي سمنڊن تي قبضي ٿيڻ بعد مغرب سان واپار
بند ٿي نه سگهيو. مسلمانن ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ اهڙي
قوم هئي، جا تجارتي سلسلي کي قائم رکندي آئي. اها
قوم اسرائيل هئي، جنھن کي اسلامي دنيا ۾ اهل ڪتاب
جو درجو حاصل هو. قومِ اسرائيل، عربي، فارسي،
لاطيني، رومن، اسپئنش ۽ سلادي زبانن کان واقف هئا.
طرابزند جو بندر، جو ايشيا ڪوچڪ جي ڪناري تي ڪاري
سمنڊ تي روس کي ويجهو هو، هتان مسافري شروع ڪري،
يورپ ۽ اُتر آفريڪا کي لتاڙيندا، مصر کان مال
جھازن تي چاڙهي جدي پھچندا هئا، ۽ هتان سنڌ، هند ۽
چين تائين ويندا هئا. ريشمي، سوٽي ڪپڙن، سمور،
پوستين ۽ ترارين جو واپار ڪندا هئا. ٻيو رستو هي
هئو جو يورپ کان شام جي شھر انطاڪيه کان عراق جي
شھر جابيھ پھچي اتان فرات ذريعي بغداد پھچڻ
کانپوءِ دجله وسيلي اُبله کان سنڌ ۽ هند تائين سفر
ڪندا هئا. ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙن کان علاوه ٻانھن ۽
ٻانھن جو به واپار به ڪندا هئا. اهڙي واپار جو
بيان صوفي دمشقي ڪتاب ”نخبـﺔ الدهر في عجائب البر
و البحر“ ۾ ڏنو آهي. يهودي واپارين کان سواءِ ابن خردازبه روسي واپارين جو ذڪر
ڏنو آهي، جيڪي سلاوي نسل مان هئا. خشڪي ۽ سامونڊي
رستن کان سفر ڪندا هئا. روم جي قيصرن کي مال جو
ڏهون حصو ٽئڪس طور ڀريندا هئا. ڪاري سمنڊ کان
ڀوُنچ سمنڊ ۽ ڪاسپيئن سمنڊ رستي قافلن سان بغداد
پھچندا هئا ۽ عيسائي هئڻ ڪري جزيه ادا ڪندا هئا.
اسپين کان طنجه، اُتر آفريڪا آلجيريا، ٽيونس،
طرابلس ۽ مصر کان شام جي شھر رمله، دمشق، ڪونا،
بغداد، بصره، اهواز، فارس، ڪرمان کان مڪران جي
ڪناري وارن رستن کان سنڌ جي بندر ديبل ۾ مٽاسٽا
ڪرڻ کانپوءِ هندستان ڏانھن ويندا هئا. مسعودي، جو 305هه ڌاري آيو هو، خراسان جي رستن جو بيان ڏيئي
ٿو. سندس بيان آهي ته خراسان کان هڪڙو رستو چين
ڏانھن وڃي ٿو، ٻيو رستو سنڌ جي شھر ملتان ڏانھن
وڃي ٿو. قنڌار کان رستو جيڪو بولان لڪ ذريعي سنڌ سان گڏيل هو، سو
غزنيءَ کان ڪابل، بلخ، ترمر هتان ٻه رستا نڪرندا
هئا: هڪڙو ڪش
KISH، نصم، بخارا، ڪرمانيا، سمرقند، شاش،
ازقند، ٻيو اُترار ۽ سبيجاب
Isbijab کان ختن ڏانھن ويندو هو. اُترار
Utrar
وارو رستو چين ڏانھن ويندو هو. بخارا کان ٽيون
رستو فربار ڏانھن ويندو هو، هتان آمو دريا کي ٽپڻ
کانپوءِ آهل ڏانھن رستو ويندو هو، جو اڳتي هلي
زابلستان ڏانھن ويندو هو. اهو رستو قلات ڏانھن ويندو هو. قلات کان ٻه رستا نڪرندا
هئا: هڪڙو بولان لڪ وارو، ٻيو قزدار ۽ ارمائيل
(لسٻيله) کان سون مياڻي ۽ ديبل ڏانھن ويندو.
انھيءَ رستي کي مملڪت جمهوريه پاڪستان اڄڪلھه پختو
تعمير ڪرائي رهي آهي ۽ زابلستان ڏانھن ويندڙ رستو
نوشڪيءَ کان ريل رستي زاهدان ڏانھن وڃي ٿو. مستقبل
۾ اهو رستو ريل ذريعي ايران کان ترڪي ۽ اورينٽل
ريلوي رستي يورپ ڏانھن ويندو. حڪومت جمهوريه
پاڪستان مڪران جي بندر اُرماڙه کي به ترقي ڏيارڻ
لاءِ ڪوشان آهي.
هندستان ۽ ڪابل، غزني ڏانھن قافلا ويندا
هئا. پنجاب جي هندو رياست عيسفان ۾ عرب سوداگرن جي
بيٺڪ هئي. عرب جھاز ران سمنڊن جي لاهن ۽ چاڙهن کان
واقف هئا. موسمن آهر جھاز راني ڪندا هئا. انھن وٽ
هر موسم جي سامونڊي مسافرين لاءِ ننڍا وڏا جھاز
هئا. خاص طور مھراڻ جي آبڪلاني ۽ چوماسي جي ڏينھن
۾ سنڌي چانورن ۽ ڪپهه جي پوکن ۾ رڌل رهندا هئا.
ڇاڪاڻ ته چانور سندن مرغوب خوراڪ هئي ۽ ڪپهه ذريعي
خارجه ناڻو ڪمائيندا هئا. مملڪت جمهوريه پاڪستان
اڄ به ٻنهي شين تي ناڻو ڪمائي ٿي. مھراڻ جي
ماٿريءَ جا چانور، جهڙوڪ باسمتي، شالي ۽ سگداسي
کائڻ لاءِ مشھور ۽ لذيذ آهن. ابن الفقيه همداني
(330هه) ڄاڻائي ٿو:
”سنڌ کي الله تعاليٰ هي خصوصيت بخشي آهي،
جو هتي هر قسم جون خوشبودار شيون، جواهرات، ياقوت،
الماس، گينڊا، هاٿي، مور، عود، عنبر، لونگ، سنبل،
خولنجان، دارچيني، ناريل، هريڙون، بڪم، بيد، صندل،
ساگون جو ڪاٺ، ڪاريون مرچون پيدا ٿين ٿيون.“
زڪريا قزويني هڪڙي زهر جو به ڏس ڏنو آهي،
جنھن کي ’بيش‘ سنڌي ’بس‘
ڄاڻائي ٿو. سنڌ جا احسان اسلامي دنيا تي گهڻائي آهن. ٽئين صدي هجريءَ ۾
هئي جون نارنگيون ۽ ليمان، عمان، عراق، شام ۽ مصر
تائين پھتا. سنڌ جي مورن ۽ طوطن جي تعريف ڪيل آهي.
عرب سوداگرسنڌ مان گينڊي جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا
هئا، چينائي انھن مان تصويرون ۽ صندوقون تيار ڪندا
هئا. في صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هيون.
مشڪ جو واپار موراڪو تائين ڪندا هئا. ڪارو لوڻ به
برآمدي شيءِ هئي. انھيءَ طرح الماس به ڪشمير جي جبلن کان هت پھچندو هو.
عرب واپاري سنڌجو ڪپڙو انھن ٻيٽن ۾ نيڪال ڪندا
هئا، جن کي ڪپڙن پائڻ جو شعور ڪونه هو.
عروس البلاد بغداد، جو ڇهن صدين تائين ايشيا ۽
يورپ جي وچ ۾ تمدن ۽ علمن ۽ فنن جو مرڪز رهيو، ان
جي اوج ۽ اقبال جو آفتاب به واپار ڪري ضياء پاشي
ڪرڻ لڳو. انھيءَ بغداد جي روشنيءَ کان يورپ
اصلاحات جو سبق سکيو هو. عباسي خلفاءَ 132هه مطابق
740ع ۾ بغداد جي بنياد وجهڻ سان چين سان واپار
شروع ڪيو هو. ازانسواءِ دجله ۽ فرات مان ڪرخايا،
عيسيٰ ۽ صرصر نهرون کوٽرائي دجله ۽ فرات وسيلي
جھازن جي آمدورفت ۾ سهوليت پيدا ڪري واپار کي ترقي
ڏياري. ان باري ۾ ابن واضح يعقوبي جو بيان آهي ته
بصرو دنيا جي واپار جو مرڪز بنجي ويو ۽ ديبل، بصري
جي کجور هندستان کي برآمد ڪرڻ لڳو. 290هه ۾ سنڌ جو
واپار فرغانه ۽ موراڪو تائين هلڻ لڳو. ملبار جا
مصالحا ۽ سنڌ جو عنبر قاهره جي مارڪيٽن ۾ پنجوڻ
قيمت تي وڪامڻ لڳو. نيل نديءَ تي ڇٽيھه هزار
ٻيڙيون واپاري مال اسڪندريه تائين ڍوئينديون هيون،
جتان وينس ۽ فلورينس جا واپاري اهو مال يورپ ۾
نيڪال ڪندا هئا. مصر جي فاطمي خليفن جي دولت جو
مدار واپار تي هو. روس جا سمور، جارجيا جون حسين ٻانھيون، ترڪستان جا غلام،
خراسان جو ڪيمخواب، ڪلاباتون، هرات ۽ ڪرمان جون
ريشمي لنگيون ۽ پشمي ڪپڙا، يمن جون قيمتي چادرون،
دمشق ۽ قاهره جا رنگين ڪپڙا، بغداد ۽ دمشق جو
بلوري سامان، شمعدان ۽ قنديلون، اشبيله (اندلس) جو
قيمتي شراب، چين جو ريشم، جاپان جا تحفا ۽ خراسان
جا تر ۽ خشڪ ميوا، ڪارومنڊل جون ڇيٽون، ٽرادنڪور
جا برتن سنڌ جي شھرن ۾ وڪامندا هئا.
ڪمند، اڇي کنڊ، مصري، فانيذ حلوه، جڙيون
ٻوٽيون، ڪافور، نير، بانس، بيد، عود، عنبر، مشڪ،
ناريل، ڪيلا، چانور ۽ ناريل جو شراب، ماکي،
غاليچا، سوپاريون، ايلائچي، عاج، جواهرات، ٻن ٿوهن
وارا اُٺ، سوٽي ڪپڙو، مور، طوطا، ڪڪڙ وغيره برآمدي
سنڌ جون شيون هيون.
ڪامروپ جي عود جي في مڻ جي قيمت ٻه سؤ دينار هئي. دارالخلافه منصوره، محفوظه، بيضاء، بوقان، ديبل، ملتان،
جندرود، تيز مردم خيز، تجارتي مرڪز ۽ فوجي ڇانوڻون
هيون. منجهن مدرسا، حمام ۽ قافله سرائون هيون.
جھازن کي بندر تي هڪ هزار درهمن کان وٺي هڪ دينار
تائين ٽئڪس ڏيڻي پوندي هئي. طوران (جھالاوان) ۾
درآمدي شين لاءِ في اُٺ لاءِ ڇَهه درهم، في اُٺ
اَٽي سان ڀريل لاءِ ٻارهن درهم (ٽي روپيا)، چمڙي
جي درآمد تي هڪ درهم، هندستاني مال سان ڀريل في
اُٺ لاءِ ويھه درهم (پنج روپيا)، قيمتي شين کي
برآمد ڪرڻ لاءِ في اُٺ لاءِ 150 درهم ٽئڪس هئي.
ساليانو محصول جي آمدني ويھه هزار درهم هئي. اها
رقم ڪا وڏي نه هئي. آسان ڍلن جي ڪري واپار ترقي ڪئي هئي. ’بشاري مقدسي‘ جو پاڻ
واپاري هو، ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ۾ واپار هڪ هزار
درهمن سان ڪرڻ ڪري هڪ هزار دينار فائدو پھچي ٿو.
ان لاءِ گهڻائي اسباب ميسر هئا. مثلاً ملتان جي سج
جي مندر ۾ روزانو ٻه سؤ اشرفين جي قيمت جون
خوشبودار شيون ٻرنديون هيون، جن کي پروهت عرب
سوداگرن کي وڪڻي ڇڏيندا هئا.
مصر جون ’زمردي منڊيون‘ جي خوبصورت ڊٻين ۾ تڪلف سان رکيل
هيون ۽ مرجان جي سنڌ ۾ گهرج هئي. مصر جو شراب به هت وڪامندو هو. رومي ريشمي ڪپڙن ۽ فارس جو
عرق گلاب هندستان جا واپاري سنڌ مان خريد ڪندا
هئا. ديبل کان عربي گهوڙا ڪارو منڊل تائين وڪامندا
هئا. جھازن ۾ مال رکڻ لاءِ گدام ۽ مسافرن لاءِ ڪمرا ۽ کاڌ
خوراڪ لاءِ توشا خانا ڌار هئا. ناخدا بزرگ بن
شھريار، هڪڙي مال ۽ مسافر بردار جھاز ۾ 306هه ڌاري
ٿاڻي (بمبئي) تائين مسافري ڪئي هئي. لکي ٿو ته ٽن
جھازن ۾ ٻاهن سؤ مسافر ۽ هرهڪ جھاز تي هڪ هڪ هزار
ملاح ۽ تيرانداز ملاح ۽ خلاصي حفاظت لاءِ هئا.
يارهن ڏينھن کانپوءِ بمبئيءَ پھتا. ڪن جھازن تي ٻه
ماڙ منزلون هيون. چيني جھاز ته سڀني کان وڏا هئا،
جو 600 خلاصي ته في جھاز تي مقرر هئا. انھن جھازن
تي ننڍيون ٻيڙيون به حادثن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ
رکيل هيون. هن بيان مان اندازو ڪندا ته جھاز ڪيتري قدر آرامده ۽ وڏا
هئا. سنڌ جي بين الاقوامي واپار ايتري ترقي ڪئي
هئي، جو هر هڪ ملڪ جي بندرگاهن تي صرافن جا دوڪان
هئا. فقط جاوا ۾ صرافن جا اَٺ سؤ دوڪان هئا. ريشم ۽ موتين جي واپار تي ڳري ٽئڪس پيل هئي. عمان جي هڪڙي
واپاريءَ چند موتي بغداد جي خليفي کي هڪ لک درهم
تي وڪيا هئا. هڪڙي هندي جھاز کي عمان جي بندر تي
318هه ۾ ڇهه لک دينار ٽئڪس ڏيڻي پئي هئي. انھيءَ
طرح سرانديپ جي جھاز کي عمان ۾ ساڳي رقم ٽئڪس طور
ڏيڻي پئي هئي. مشڪ جي هڪ لک تولن جي قيمت سٺ هزار
اشرفيون هيون. هڪڙي جھاز ۾ ڏهن لکن دينارن جي مشڪ
۽ ڏهن لکن جا جواهر ۽ قيمتي سامان هو. جھاز جي
سوداگر کي 5 لک دينار ٽئڪس ڏيڻي پئي. سيلون، ملبار، جاوا، ڪارو منڊل ۽ چين جا راجائون عرب
سوداگرن کي سندن ايمانداريءَ ڪري عزت ۽ احترام سان
پيش ايندا هئا. مال دلالن جي معرفت بندرن تي نيڪال
ٿيندو هو. ”جامع التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته ڪارو
منڊل جي هڪڙي عرب سوداگرجي مرڻ کانپوءِ سندس
ڪوٺيءَ مان ايترو سون ۽ جواهرات هٿ لڳا هئا، جو ست
هزار بيل گاڏيون مال ڍوئڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون
هيون. انھن عرب سوداگرن جي تبليغ ڪري انڊونيشيا ۽
چين تائين اسلام پکڙجي ويو هو. سامونڊي واپار ڪري
بصره جي بندرگاهه تي جھازن جي محصول ڪري بغداد جي
عباسي خليفن کي آمدني هئي. چنانچه 306هه ۾ مقتدر
بالله جي ڏينھن ۾ بصره جي محصول جو ساليانو ميزان
22,575
دينار هو، جو اڄڪلھه جي ٻه ڪروڙ پائونڊن کان وڌيڪ
هو. ليڪن سنڌ کي ايراني نار ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي واپار
کان هندي وڏي سمنڊ جي واپار ڪري گهڻو فائدو پھتو.
ڇاڪاڻ جو چين، جاوا، سيلون، ڪارو منڊل جي شين جي
قيمت وڌيڪ هئي.
عربي دؤر جا سڪا:
عربن جي ڪاهه وقت سنڌ ۾ گنڌاري ۽ طاطري
(سوماترا) جو سڪو رائج هو. سچا موتي ۽ شپيڪا ڪوڏين
جو به رواج هو. گنڌاري سِڪي جي قيمت هڪ درهم جيتري
۽ طاطري سِڪي جي 2/3 درهم جيتري هئي. اسلامي
فتوحات وقت ايران ۾ ٽن قسمن جا سِڪا رائج هئا: (1)
بغلي، (2) طبري ۽ (3) مغربي، ساساني دؤر جا هئا.
خلافت راشده ۾ پھريان اسلامي سڪو حضرت عمر فاروق
رضه 18هه مصر، شام، عراق فتح ٿيڻ کانپوءِ
نوشيرواني وزن جا سِڪا جاري ڪيا هئا جن مان ڪن تي
’لا الھ الاالله وحده‘ ۽ ڪن تي ’محمّد رسول الله‘
لکيل هو. سندن قيمت بغلي ۽ طبري جي گڏيل قيمت جي
اڌ جيتري هئي. بني اميه دؤر ۾ عبدالملڪ بن مروان عربي زبان کي سرڪاري زبان
مقرر ڪري درهم ۽ دينار سِڪا رائج ڪيا. وليد بن
عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ پھريون دفعو سنڌ ۾ عربي زبان
سنڌي بدران سرڪاري زبان بنجي ويئي. سنڌي عربي زبان
سکڻ لڳا. نو مسلم سنڌين پاڻ تي عربي نالا رکيا. بني اُميه دؤر ۾ سنڌ ۾ چئن قسمن جا سِڪا رائج هئا: (1)
حجاجيه: جيڪي حجاج بن يوسف جاري ڪيا هئا. (2)
هبيره: جيڪي ابن هبيره تيار ڪيا هئا. (3) قسريه:
خالد القسري جي زماني جا هئا. (4) يوسفيه: جيڪي
يوسف بن عمر رائج ڪرايا هئا. حجاجيه وزن جي لحاظ
ڪري کوٽا هئا. هبيره وزن ۾ پورا هئا. قسريه وزن ۾
پورا ۽ جنس جي لحاظ سان مٿين کان کرا هئا. بصره ۽ بلخ ۾ ضربخانا هئا. حضرت عمر بن عبدالعريز رضه صوبن جي والين کي حڪم ڏنو هو ته
شھرن ۾ جن به ماڻھن وٽ کوٽا سِڪا هجن، سي سرڪاري
خزاني مان مٽايا وڃن، ته جيئن رعايا کي کوٽن سڪن
جي شڪايت نه رهي. عباسي دؤر جي هڪ دينار جي قيمت هاڻوڪن پنجن روپين جيتري هئي
۽ درهم جي قيمت چئن آنن جيتري هئي. 977ع ۾ جعلم بن
شيبان سنڌ تي قبضو ڪري مصري فاطمي قاهري سڪو رائج
ڪيو هو، جنھن جي قيمت پنجن درهمن جيتري هئي. غزنوي
سڪو قنهري به يمني سِڪي قروض کان قيمت ۾ ٿورو وڌيڪ
هئا. گجرات جي هندو راجائن جو سڪو ’بالوترا‘ به
جاري هو. ڇاڪاڻ جو گجرات کي عرب سوداگرن جي واپار
مان گهڻي آمدني هئي. عباسي دينارن ۽ درهمن جو سڪو
خالص سون ۽ چانديءَ جو هو، ان ڪري سنڌ جي في اشرفي
هندستان جي شھرن ۾ ٽيڻ قيمت تي وڪامندي هئي. سنڌي
سڪن جو واپار بنگال جي اُپسمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن
تائين هلندو هو. هبارين جا ڇهه سؤ سنڌي سِڪا، جي رياست جو ڌپور جي سرحد تان
هٿ لڳا هئا، جوڌپور جي عجائب خاني جي زينت هئا. ايچ.ڪزنس صاحب برهمن آباد جي آثارن مان منصوره جا ڪي سِڪا
هٿ ڪيا هئا. عربي سِڪي جي مشرق اقصيٰ کان مغرب
اقصيٰ تائين ساک هئي.
اقتصادي حالت:
مٺي مھراڻ جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ اهڙو اثر
هو، جو جن به قومن هن ڏيھه تي قدم رکيو، تن هن خطي
کي پنھنجو وطن جوڙيو. وليد کانپوءِ سيلمان بن
عبدالملڪ 95هه مطابق 715ع ۾ دمشق جي تخت تي ويٺو.
هن سنڌ جي عربي لشڪر کي سنڌ ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو.
فاتح عربن هن ماٿريءَ جي زراعت، واپار، هنرن ۽
عربي زبان کي ترقي ڏيئي نوان سڌارا ملڪ ۾ رائج
ڪري، هندن کي آزادي ڏيئي پنھنجو ڪيو. ايراني،
يوناني ۽ سٿين قومن هن ملڪ کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي،
جنھن ڪري نه هن ملڪ ۾ ڪامياب رهيا، نه وري هتي جي
رهاڪن کي مطيع ڪري کين پنھنجو ڪري سگهيا. سندن
فتوحات جو دائرو فقط سنڌو ماٿريءَ تائين محدود
رهيو. عرب جنگي فن جي لحاظ سان هندن کان ماهر هئا.
سندن فتوحات جو دائرو اُتر ۾ ڪشمير، اڀرندي ۾ قنوج
(مڌيه ديش)، اُجين ۽ ڏکڻ ۾ سورت تائين وسيع هو.
اُلھندي وارا ملڪ ايران، ڪرمان، زابلستان ۽ ماوراء
النهر سندن قبضي هيٺ هئا. از انسواءِ هندن کان فقط
جزيه ڍل ورتائون، جنھن جي رقم بلڪل آسان هئي. هندن
خوشيءَ سان منظور ڪئي. انھيءَ طرح ڍلون به آسان
هيون. اڳ سنڌ جو واپار جيڪو مغربي ملڪن سان هلندو
هو، سي ڌاريا ملڪ هئا. عربي دؤر ۾ ايران، خراسان،
ترڪستان، عمان، يمن، عراق، عربستان، شام، مصر،
اُتر آفريڪا ويندي اسپين تائين سمورا ملڪ اسلام جي
جهنڊي هيٺ هئا. تنھنڪري خشڪيءَ ۽ سامونڊي رستن تان
سنڌ جو واپار اڳي کان وڌيڪ ٻاهرين دنيا سان هلڻ
لڳو. سنڌ، ايشيا کنڊ ۾ واپار جو مرڪز بنجي ويو.
جيڪي ٻاهريان واپاري برصغير هند ۾ واپار سانگي
ايندا هئا، تن جوگذر سنڌو ماٿريءَ کان ٿيندو هو.
ڇاڪاڻ ته طبعي نقطئه نظر سان سنڌ برصغير هند جي
اُلھندي واري سرحد تي سرحدي صوبو هو. عربن جي
ڏينھن ۾ سنڌ جي هنرمند طبقي اڳي کان وڌيڪ ترقي
ڪئي. فاتح عربن ڪاريگرن جي حوصلي افزائي ڪئي. سنڌي
آسوڪا جي ڏينھن ۾ ريشمي ڪپڙن تي زردوزيءَ جي هنر
کان واقف ٿيا هئا. عربن کين ڪلاباتون کان واقف
ڪيو. غاليچن تيار ڪرڻ، ٽامي ۽ لوهه جي ٿانوَن جوڙڻ
کان واقف ٿيا. سنڌي ڪيمخواب، ريشمي لنگين، يمني
چادرن ۽ رومي ريشمي ڪپڙن ۽ زيورن جي نون ڊزائينن
کان واقف ٿيا. ڌارين ملڪن جي گل ٻوٽين، عرقن،
ترڪارين ۽ ميون، مربن، ۽ وڻن کي پيوند هڻڻ،
خوشبودار ڦل ڦول پيدا ڪرڻ کان سنڌين کي واقف کي
ڪيو. چمڙي رڱڻ ۽ ان کي نرم ۽ پائيدار بنائڻ ڪري
سنڌ جو چمڙو ۽ سنڌي جوتا ٻاهرين دنيا ۾ وڏي قيمت
تي وڪامڻ لڳا. واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ عربن
اسلامي دنيا جي هرهڪ شھر ۾ قافلي سرائون ۽ جامع
مسجدون تعمير ڪرايون. آبپاشيءَ لاءِ هنن مھراڻ کي
بند ٻڌرايا، جنھن لاءِ ’سڪه الميد‘ جو بند، سنڌ ۾
پھرين بئراج هئي. ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته هاڻوڪن
براجن جو سنگ بنياد عربن رکيو هو. چوپائي مال به
نون قسمن سان ترقي ڪئي. مثلاً بختي ٻن ٿوهن وارن
اُٺن جو نسل آفريڪي ۽ خراساني اُٺن جي سنجوگ ڪري
عربن رائج ڪيو. تازي ڪتن ۽ تازي گهوڙن جو نسل به
عربن رائج ڪيو. سنڌ جي عمارتن ۾ گهڻو ڪري ڪاٺ
استعمال ٿيندو هو. عربن جيڪي عمارتون، مسجدون ۽
قلعا تعمير ڪرايا، تن جي بنياد ۾ پٿر استعمال ڪيا.
واپار جي ترقيءَ جو ٻيو سبب هن طرح هو، جو عربي
اشرفين جو سون سچو ۽ ٻيا سِڪا خالص چاندي جا هئا،
جنھن ڪري برصغير هند ۾ عربي سِڪي جي وڏي قيمت هئي.
آمدم برسرِ مطلب ته عربن سنڌين جي زندگيءَ جي هر
هڪ شعبي کي بدلائي، هڪ نئين دنيا قائم ڪئي. انھيءَ
انقلاب ڪري سنڌي آسودگي ۽ خوشحاليءَ ۽ فارغ
الباليءَ سان زندگي بسر ڪرڻ لڳا. فاتح عرب، سنڌين
جي مقابلي ۾ بلڪل قليل التعداد هئا. تنھنڪري حڪومت
جي کاتن ۾ سنڌي هندو ملازم هئا. عرب فقط حڪمران
طبقي جي حيثيت رکندڙ هئا ۽ سنڌين سان ڀائپي جو
رستو رکيائون. ڇاڪاڻ ته فاتحن کي سنڌ ۾ رهڻو ۽
مرڻو هو. عربن کي اُپت جا فقط ٽي ذريعا هئا. (1)
زمين جي ڍل (2) في آسامي (3) گمرگ. مٿين ٽن قسمن
جي اُپت جملي هڪ ڪروڙ ۽ پندرهن لک درهم يعني
ستاويھه لک روپيا. ڪي سنڌ جون قومون گهڻو مالدار هيون. مثلاً سيوستان جي چنا
قوم کي عربن المرزوق، يعني رزق واري قوم نالو ڏنو
هو. جن قومن اسلام اختيار ڪيو هو، تن کي عشره ڍل
ڏيڻي پوندي هئي. هندو ساڳيون ڍلون ڀريندا هئا،
جيڪي اڳوڻن راجائن مٿن مقرر ڪيون هيون. مندرن جي
خرچ لاءِ زميندارن کي في سيڪڙي ڍل تي ٽي روپيا
وڌيڪ مندرن جي مرمت ۽ خرچ لاءِ ڏيڻا پوندا هئا.
شھر ميلن ۾ پکڙيل هئا. برهمڻ آباد جو شھر چئن چورس
ميلن ۾ هو. ديبل جي آدمشماري اڍائي لک هئي. نيرن
ڪوٽ ۽ سيوهڻ به مرڪزي شھر ۽ مردم خيز هئا. الور
سنڌ جو پايه تخت ملتان کان وڏو هو. ملتان پنھنجي
مندر ڪري ۽ تجارتي شاهراه تي هئڻ ڪري دولتمند شھر
هو. هتي جي هڪڙي برهمڻ جي ڏس تي فاتح سنڌ محمد بن
قاسم کي هڪڙي حوض هيٺان چاليھه ديڳيون سون جون
مليون، جن جو وزن تيرهن هزار ٻه سو مڻ سون هو.
اهو سمورو خزانو ديبل بندر ڏانھن روانو ڪيو ويو،
جتان جھازن ۾ بصره کڻي ويا. جيڪي به سياح سنڌ ۾ آيا، تن پنھنجن بيانن ۾ سنڌ جي شھرن ۾
شين جي سستائيءَ جو بيان ڏنو آهي. مثلاً ويھند ۾
في درهم ٽي مڻ ماکي وڪامندي هئي. في عربي مڻ جو
وزن 46 تولا هو. ملتان ۾ في درهم ٽي مڻ کنڊ ۽
روٽيون وڪامنديون هيون. قنوج ۾ ڪيلا ۽ گوشت سستا
هئا. شين جي تور لاءِ ٻن قسمن جا مڻ رائج هئا: هڪ
مڪي، ٻيو ڪيچي. ملتان ۾ تور لاءِ ’مطل‘ ڪتب آڻيندا
هئا. في مطل جو وزن ٻارهن مڻن جيترو هو. سنڌ جا
باغ ۽ ميوا ديسان ديس مشھور هئا. شاعرن انبن جي
بيحد تعريف ڪئي آهي، منصوره، جو لوهاڻي درياءَ ۽
مھراڻ جي ٻن شاخن ۾ هڪڙي دوآبه تي هو ۽ سنڌ جو
تختگاهه هو، نھايت زرخيز ۽ مردم خيز ۽ باغات ڪري
معمور هو. شھر جي آبادي ٽي لک هئي. 280هه ۾ ديبل
زلزلي ڪري ويران تي ويو. اٽڪل ڏيڍ لک ماڻھو ديوارن
هيٺان دٻجي ويا. مندر جو گنبذ ڊهي ويو، جنھن کي
عربن مرمت ڪرائي هڪڙي حصي کي جيل خانو ڪيو هو. شھرن ۾ مسافرن لاءِ سرائون، شفاخانا ۽ لنگرخانا جاري
هئا. چورن، ڌاڙيلن ۽ بدمعاشن کي سزائون ملنديون
هيون. جيلخانن ۾ زنانه ۽ مردانه وارڊ جدا جدا هئا.
فسادين کي سيکت ڏيڻ لاءِ حڪومت بيگر ۾ بطور ڏنڊ جي
تعميري ڪم وٺندي هئي، جيئن عمران برمڪي ميدن کان
مھراڻ تي پٿرن جي پل ٻڌرائي هئي. اقتصادي ترقيءَ
لاءِ ملڪ ۾ امن امان جي ضرورت هئي. عرب اهڙي
انتظام رکڻ کان واقف هئا. نير، ڪڻڪ، چانور، ناريل،
ڪمند، ڪپهه، ڪتل، اخروٽ، بادام، انگور، اَنب،
ليمان، نارنگيون، صوف، ڪيلا، بانس، بيد، ڪيلا،
انگور، اَنب سستا هئا. فقط قسط (ڪٿو)، عود، مشڪ،
جڙيون ٻوٽيون، ڪافور، سچا موتي، جواهرات اهي شيون
مھانگيون هيون، ڇاڪاڻ ته برآمد ٿينديون هيون. حجاج
بن يوسف زراعت جي ترقيءَ لاءِ ڍڳن ۽ ڍڳين کي ذبح
ڪرڻ تي بندش وڌي هئي. گيھه، مکڻ ۽ کير جي سنڌ ۾
سستائي هئي. سنڌ، چوپائي مال جي پرورش لاءِ مفيد
آهي. هتان هر دؤر ۾ چوپايو مال وڪري لاءِ ٻاهر
ويندو هو. عربي دؤر ۾ سنڌي گهوڙا مارواڙ ۽ گجرات
پھتا. اُٺ ايران ۽ بلخ تائين پھتا ۽ مينهون
ڀٽاريون شام تائين پھتيون. مامون جي ڏينھن ۾ سنڌ جو سالياني خراج جي رقم هڪ ڪروڙ
پندرهن درهم ۽ ڏيڍ سرطل عود هندي ۽ مڪران چار لک
درهم هئي. مٿين رقم عباسي سلطنت جي گهڻن صوبن کان
وڌيڪ هئي. مثلاً اهواز، ڪرمان، همدان، طبرستان،
بصره ۽ ڪوفا، سيستان، آذربائجان کان وڌيڪ هئي. عربي دنيا جا رهاڪو سنڌ ۾ سوداگري ڪرڻ ايندا هئا ۽ ٿوري
موڙي سيڙهائڻ سان وڏا شاهوڪار بنجي ويندا هئا.
ٽپال کاتو:
سنڌ جي والين ۽ بعد جي زماني ۾ منصوره ۽
ملتان جي عرب حاڪمن وٽ وزير کانسواءَ مالي وزير به
هئا. بلڪ سوداگرن ۽ شاهوڪارن وٽ خزانچي به مقرر
هئا. واپار، ڏيتي ليتيءَ لاءِ ٽپال کاتو قائم ڪيو
هو، جو ’بريد‘ سڏبو هو. عربن جي ڪاهه کان اڳ
برهمڻي دؤر ۾ پيغام رسانيءَ لاءِ قاصدن موڪلڻ جو
رواج هو. حجاج بن يوسف ثقفيءَ بصره ۽ ڪوفي جي وچ
واري شھر ’واسط‘ ۾ ٽپال کاتي جو دفتر کوليو، جتان
هر هفتي محمد بن قاسم کي حجاج وٽان خط پھچندا هئا. عباسي خليفن ٽپال کاتي لاءِ تيز رفتار ڏاچيون ۽ تازي گهوڙا
هر هڪ ٽپال جي چوڪيءَ تي مقرر ڪيا هئا. بغداد،
بصره، اهواز، شيراز، سيرجان، نرماشير، فهرج،
قصرقند، تيز، ڪيز (ڪيچ)، ارمائيل (لسٻيلو)، ديبل،
نيرون ڪوٽ، منصوره ۽ ملتان ۾ ٽپال جا دفتر هئا.
بصره کان ملتان ڏيڍ هزار ميلن کان به وڌيڪ مفاصلو
آهي، ليڪن ٽپال جا سوار روزانو ٻن سوَن ميلن تائين
تيز رفتار وهٽن وسيلي مسافري ڪندا هئا. سنڌ ۽ هند
۾ مسافري ڪرڻ لاءِ رستن تي ’ڪوس مينار‘ لڳل هئا،
جن جو بيان يونانين ڏنو آهي. ايران ۾ مسافت لاءِ
فرسنگ جو رواج هو، جنھن کي عربي پنھنجي لهجي ۾
فرسخ ڪيو هو. في فرسخ عربي ٽن ميلن جيترو هو. سنڌي
فرسخ اٺن ميلن جيترو هو. واپارين کي ٻيون به
سهولتون مليل هيون ڇاڪاڻ ته حڪومت انھن کان
جاسوسيءَ جو ڪم به وٺندي هئي. ابن خردازبه بغداد
جي ٽپال کاتي مٿان ’صاحب بريد‘ يعني انسپيڪٽر جنرل
جي عھدي تي مامور هو، جنھن سوداگرن کان سنڌ جا
حالات معلوم ڪري 250هه ۽ عيسوي اٺين صديءَ کان
ٿورو پوءِ پنھنجو ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ تصنيف
ڪيو، جو ليڊن مان شايع ٿيو. ڪتاب ۾ بصره کان وٺي
ديبل، گجرات جي شھرن ويندي دکن جي گوداوري نديءَ
تائين مسافتن جو فرسخن ۽ ڏينھن ۾ تفصيلوار بيان
ڏنو آهي. وڌيڪ لکي ٿو ته جده جي واپار، سنڌ جي شين
ڪري ترقي ڪئي هئي. سنڌ جي دوائن، بيد ۽ بانس جي
تعريف ڪري ٿو.
انڊو- مسلم تھذيب:
715ع ۾ سليمان بن عبدالملڪ جي حڪم موجب
عربي لشڪر جا جيڪي به سپاهي هئا، تن کي خليفي سنڌ
۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. فاتح سنڌ هندن کي ساڳيا حق
ڏنا، جيڪي اسلامي سلطنت اندر يهودين ۽ عيسائين کي
حاصل هئا. هندن جي مندرن سان ڪا ڇيڙ ڪانه ڪيائون.
فقط جزيه وٺڻ لڳا. هندن جي جان ۽ مال جي پوري
حفاظت توڙي هندن سان جيڪي معاهدا فاتحن ڪيا هئا،
تن تي توڙ تائين قائم رهيا. ديبل جي مندر جو ڪجهه حصو زلزلي ڪري ناس ٿي ويو، تاهم ٽن
صدين تائين برهمن آباد، الور ۽ ملتان جا عظيم
الشان مندر قائم رهيا. انھن عظيم الشان مندرن جي
هندستان جا هندو ياتري ياترا ڪرڻ ايندا هئا ۽ عرب
اميرن کي وڏي آمدني ٿيندي هئي. انھيءَ آمدنيءَ مان
پروهتن کي پگهارون ڏيندا هئا. باقي رقم خزاني ۾
داخل ڪندا هئا. ملتان جي مندر کي ته ’بيت الذهب‘
يعني سون جو گهر نالو ڏنو هئائون. انھن بتن کي هيرا، جواهر ۽ سون لڳل هو. مگر عربن انھن
کي ساڳي حالت ۾ رکيو. برهمن جا وظيفا فاتح سنڌ قائم رکي، کين عھدن تي بحال
رکيائين. جنھن رواداريءَ ڪري، گهر گهر وڃي مسلمانن
جي تعريف ڪرڻ لڳا. سنڌ ۾ جيڪي عرب رهڻ لڳا، اُهي
قريش، صديقي، فاروقي، تميمي، نزاري، يمني، بنو
قيس، بنو اسد، بنو حارث، انصار ۽ ٻين قبيلن مان،
جن جو اولاد اڄ به موجود آهي. انھن پاڻ سان زالون
ڪونه آنديون هيون. مگر سندن رواداري ۽ حسن اخلاق،
نيڪين ۽ پابندين کي ڏسي هندن خوشين سان کين
پنھنجون نياڻيون پرڻايون. سنڌي عورتون قداور، سبزي
مائل ۽ نفاست پسند هيون. ائين چوڻ ۾ ڪو مبالغو
ناهي ته سنڌين جون مائرون هندواڻيون هيون، جن کي
اسلام جي دائري ۾ آڻي عربن شاديون ڪيون هيون.
ابتدا ۾ فاتح عرب هندن جي شھرن ۾ ڌار محلن ۾ رهندا
هئا، پوءِ پنھنجي رهائش لاءِ ڌار شھر تعمير
ڪرايائون. ڇاڪاڻ ته شھرن جي ڳلين ۾ سوئرن جا ڌڻ
گهمندا هئا. ٻيو ته رولو ڀڪشو ننگ ڌڙنگ ڳلين ۾
گهمندا هئا، جن جي ڳچين ۾ انساني کوپڙين جو
مالھائون پيل هيون. محمد بن قاسم کين اگهاڙو گهمڻ
کان منع ڪئي هئي، پر هندو انھن جا پوڄاري هئا.
مسلمانن سان هندو به رواداريءَ سان پيش ايندا هئا
۽ مسلمانن جي مسجدن جو احترام ڪندا هئا. هندو
رياستن ۾ ڪو مسلمان مرندو هو ته ان جي ملڪيت
لاوارثيءَ جي حالت ۾ شھر جي هنرمند (قاضي) جي سپرد
ڪندا هئا. خيالن ۽ مذهب جي آزاديءَ ڪري، هڪٻئي جي
رسمن، رواجن، عقيدن جو پوري همدرديءَ سان احترام
ڪندا هئا. اهڙي ميل جول ڪري ’انڊو-مسلم‘ تھذيب جو
سنڌ ۾ مضبوط بنياد پئجي ويو، جو 19 صديءَ تائين
قائم رهيو. هندو عورتون مليح، خوش قامت، پاڪيزه
طبيعت ۽ خوشبوءِ پسند هيون. سندن گڻن کي فاتحن
پسند ڪري ساڻن شاديون ڪيون. مذهبي مناظرن ۽ هندن
جي ڏڻن وارن جلسن ۾ ٻئي گڏجي بحث ڪندا هئا، جيئن
هڪٻئي جي مذهبن، رسمن ۽ رواجن کي سمجهي سگهن. يحيٰ
برمڪيءَ جي وزارت جو مدو 170هه کان 195هه تائين
رهيو. ماءُ جي طرفان هندو هو. سندس ڏينھن ۾ بغداد
ته مذهبي بحث جو آکاڙو بنجي ويو هو. عباسي خلفاء ۽ امير به فلسفي پسند طبيعت رکندڙ هئا. انڪري
بحث مباحثن جون مجلسون گرم رهيون. علمِ ڪلام جو
بنياد به تن ڏينھن ۾ پئجي ويو. محمد عوفي جنھن 665هه ۾ سنڌ ۽ گجرات جو سير ڪيو هو،
پنھنجي ڪتاب ”جامع الحڪايات و لامع الروايات“ ۾
هڪڙو خلاصو باب ”در ذکر ملوک طوائف و احوال ايشان“
جي عنوان سان ڏنو آهي، جنھن ۾ هندو- مسلم تعلقات
تي روشني وڌل آهي. مھمان نوازي مھراڻ نواسين جو آد
کان شيوو آهي. مسلمان مھمان جي هندو هڪ ڏينھن ۽
بيمار مسافر جي ٽن ڏينھن تائين مھماني ڪندا هئا.
وري لطف اهو جو جن برتنن ۾ کاڌو کارائيندا هئا،
وڃڻ مھل مھمان جي حوالي ڪندا هئا. ملتان هڪ ڌار
عربي حڪومت هئي. سندس حدون منصوره کان قنوج تائين
هيون. هڪ لک ويھه هزار ڳوٺ هن رياست اندر هئا. ان
مان سنڌ جي مردم خيزيءَ جو اندازو ڪري سگهو ٿا.
مامون جي ڏينھن ۾ فضل بن ماهان سمنڊ جي ڪناري تي
سندان رياست کڙي ڪئي هئي. ملتان جي ڇانوڻي شھر کان اڌ فرسنگ جي مفاصلي تي جندارون ۾
هئي. راجائن وانگر عرب حاڪم جمعي ڏينھن هاٿيءَ تي
چڙهي، شھر جي جامع مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ويندو هو.
سنڌ جون عربي رياستون آزاد هيون. فقط خطبي ۾
خليفـﺔ المسلمين جو خطبو پڙهبو هو. عرب مسلمان
هندن جهڙو لباس پھريندا هئا ۽ هندن وانگر ڊگها وار
رکائيندا هئا. هندو واپاري ايرانين ۽ عراقين وانگر
لباس پائيندا هئا. يعني قميص ۽ چادر مڪراني ڊگها چولا. ملتان، منصوره کان ننڍو شھر هو، پر واپار
۽ ڪارخانن جي ڪري آباديءَ جي لحاظ سان ڳتيل هو.
شھر جون ماڙيون ساڳوان جون هيون. شھر ۾ سستائي
هئي. شرابخوريءَ تي بندش هئڻ ڪري بدڪاريءَ کان
بچيل هو. قانون جي انحرافي ڪندڙ لاءِ سزا موت هئي.
واپاري ايماندار هئا. البت ڌارئي گراهڪ سان تور ۾
ٺڳي ڪندا هئا. زالون بازار مان سودو سلف خريد ڪرڻ
نڪرنديون هيون. ڪنھن کي مجال نه هئي، جو انھن
ڏانھن نھاري سگهي. اڄ اسين ترقيءَ جي دؤر مان
لنگهي رهيا آهيون، پر اغوا ۽ ڦرلٽ جا وڏن شھرن ۾
روزمره واقعات پيش اچن ٿا. رياست زراعت ڪري سرسبز
هئي. آسودگيءَ جو دؤر هو. هتي جي آبهوا خشڪ ۽ صحت
بخش هئي. ماڻھو ڪڻڪ رنگا هئا. شھرن ۾ گندگي ضروري
هئي، ليڪن خالص خوراڪ ملڻ ڪري ماڻھو تندرست هئا.
اڄڪلھه ترقيءَ جي دؤر ۾ شھرين کي خالص خوراڪ نه ٿي
ملي. واپاري شين ۾ ملاوٽ ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي،
جو شھرن ۾ ڊاڪٽرن جا حد حساب کان وڌيڪ دوڪان آهن.
جيتريون دوائون، اوتريون بيماريون پيل آهن. اسان
جي هر دلعزيز حڪومت هر دوڪاندار کي شين جي قيمتن
جي لسٽ هڻن لاءِ حڪم صادر فرمايو آهي، ته به چور
بازاري ۽ ٺڳين جو ناتمام سلسلو ختم ڪونه ٿيو آهي.
مھانگائي ڏينهون ڏينھن وڌي رهي آهي. ملتان ۾ اڄ
کان ڏهاڪو صديون سال اڳ شھرين جي زندگي فارغ
البالي سان گذرندي هئي. هتي جا شھري بامروت ۽
مھمان نواز هئا. منصوره، بني اُميه خلافت جي دؤر
جي پوئين حصي ۾ وجود ۾ آيو، جڏهن عربن جي اندروني
جنگين ۽ باهمي ڇڪتاڻ ڪري، سندن طاقت ڪمزور ٿي ويئي
۽ هندن کين لاڙ ڏانھن ڌڪي ڪڍيو. عرب والي حڪم بن
عوانه ڪلبي، مھراڻ پار محفوظه جو شھر ٻڌو. ساڻس گڏ
عمرو بن محمد قاسم هو، جنھن برهمڻ آباد کان ٻن
فرسخن جي فاصلي تي منصوره جو شھر تعمير ڪرايو. هن
شھر سُست ئي دولت ۽ علم، واپار ڪري ترقي ڪئي ۽
دمشق، بغداد ۽ قرطبه سان ڪلھو هڻڻ لڳو. معتصم عباسيءَ جي ڏينھن ۾ عمران بن موسيٰ بن يحيٰ
برمڪيءَ ٽيون شھر بيضاء تعمير ڪرايو. سنڌ ۾ ملتان،
منصوره، بيضاء ۽ محفوظه اسلامي تھذيب جا مرڪز هئا.
منصوره، مھراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ هڪڙي ٻيٽ تي
آباد هو. ابن حوقل جي نقشي ۾ سندس هنڌ ڏسي سگهو
ٿا. مھراڻ جي ڊيلٽا کي ويجهي هئڻ ڪري، ايراني نار، عمان ۽
گجرات سان ۽ مھراڻ جي ڪپ تي هئڻ سبب ملتان ۽ ڪشمير
سان واپار هلندڙ هو. هجري ٽي صديءَ ۾ سنڌ جو
تختگاهه هو. متوڪل عباسي جي ڏينھن ۾ عمر بن
عبدالعزيز هباري جولوي ڏانھن منسوب آهي، خليفي جي
اجازت سان منصوره ۾ 240هه ۾ خودمختيار رياست قائم
ڪئي. منصوره هڪ ميل ڊيگهه ۾ هڪ ميل ويڪر ۾ ملتان کان وڌيڪ
دولتمند هو. شھر جون جايون دمشق جي جاين جي نموني
ڪاٺ ۽ مٽيءَ جون جڙيل هيون. رياست اندر ديبل،
زندريج، ڪداد، مائل، بتلي به وڏا شھر هئا. گجرات
جا ٻه قديم شھر سوباره ۽ چيمور (صيمور) به منصوره
جي ماتحت هئا. الور تائين سندس حدون هيون. منصوره جي قريشي رياست اندر ڳوٺن جو تعداد ٽي لک هو. رياست
اندر آبپاشيءَ جي انتظام ڪري چوطرف وڻڪار ۽ سرسبز
کيتون هيون. بشاري مقدسي سنڌ جي هن تختگاهه مرڪزي شھر متعلق لکي ٿو:
”هتي جا رهاڪو، بامروت ۽ لائق آهن، نيڪي ۽
خيرات ڪن ٿا“
بھرحال مٿين تجارتي، معاشرتي ۽ سياسي
تعلقاتن جي ڪري سنڌ کان ٻاهر گجرات، ملبار،
سرانديپ، ڪارومنڊل ۽ جاوا تائين اسلام جو قدم پيو
۽ سواءِ جنگ ڪرڻ جي آهستي آهستي امن امان سان چين
تي به اسلام جو اثر پوندو رهيو. اڄ چين ۾ مسلمانن
جو تعداد ٽي ڪروڙ آهي.
لساني ۽ علمي تعلقات:
عربي زبان مذهبي ۽ سرڪاري دفتري زبان هئي،
پر شھرن ۾ سنڌي زبان چالو هئي. سنڌين عربي زبان ۾
ايتري مھارت پيدا ڪئي، جو دمشق، بصره ۽ بغداد جي
مالي کاتن ۾ هندو صرافڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳا. سندن جده ۽
قاهره تائين واپاري بيٺڪون ۽ ڪوٺيون هيون. 270هه ۾
ڪشمير جي راجا مهروگ، منصوره جي حاڪم امير عبدالله
بن عمرو کي خط لکيو ته ڪو اهڙو ڄاڻو وٽس موڪلي، جو
اسلام ديسي زبان ۾ سمجھائي سگهي. امير هڪڙي سنڌي
عرب شاعر کي، جو عربي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو،
راجا ڏانھن مُڪو. سنڌي عرب شاعر، قرآن شريف جو
سنڌي نظم ۽ نثر ۾ ترجما ڪري، راجا کي پيش ڪيا.
شاعر ٽي ورهيه راجا جي دربار ۾ رهيو. برصغير هند ۾
سنڌي پھرين ديسي زبان هئي، جنھن کي قرآن جي ترجمي
جو شرف حاصل ٿيو. موجوده سنڌي زبان سنسڪرت ۽ عربيءَ جي سنجوگ ڪري جنم ورتو.
انھيءَ طرح سنڌي خط ’عربي سنڌي‘ سڏجي ٿو. سنڌ مان
جيڪي غلام قيدين جي صورت ۾ عربستان پھتا، تن عربي
زبان ۾ ايتري مھارت پيدا ڪئي، جو يگانهء روزگار ٿي
گذريا. چند نالا هن صحبت ۾ نموني طور مشت از
خروار پيش ڪجن ٿا. انھن ماهرن جي لب ۽ لهجي ۾ سنڌي
هئڻ ڪري فرق هو، تنھنڪري ’السنڌي‘ جي لقب سان
ڪوٺبا هئا. جيئن علامه سمعاني لکيو آهي: ”هذا
لنسبه الي السند و هي من بلاد هند.“ يعني (اها
نسبت سنڌ ڏي آهي، جا هندستان ۾ آهي) عربن کي اها
نسبت ايتري وڻي، جو انھن پنھنجن ٻارڙن تي به
’السندي‘ نالا رکيا. جيئن ته السندي بن شاهڪ يا
شيخ ابوبڪر اسفرائيني السندي، ابن عبدويه رازي
السندي وغيره. انھيءَ لاءِ هرو ڀروائين نه سمجهيو
وڃي ته تاريخن يا رجال جي ڪتابن ۾ جن ماڻھن جا
نالا ’السندي‘ جي نسبت سان نظر اچن ٿا، اُهي سنڌ
جا باشندا هئا. پر هيٺ فقط انھن ماڻھن جو ذڪر ڪجي
ٿو، جن لاءِ فيصلو ٿيل آهي ته يقيناً سنڌ جا
باشندا هئا ۽ فن حديث ۽ شاعريءَ جي آسمان تي آفتاب
۽ ماهتاب ٿي چمڪيا هئا:
|