|
ڇپائيندڙ
پاران
رحيمداد خان مولائي شيدائي... هي نالو آهي
سنڌ جي اهڙي سُڄاڻ مورخ جو، جنھن سنڌ جي تاريخ تي
بيمثال ڪتاب تحرير ڪري، سنڌ جي تاريخ جي پوشيده
پھلوئن کي نروار ڪري محفوظ ڪيو. سنڌ شناسي جي
حوالي سان سندس تحرير ڪيل تصنيفات مان سنڌي ادبي
بورڊ طرفان شايع ڪرايل ڪتابن ۾ ”جنت السنڌ“،
”تاريخ سکر“ ۽ ”سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا“... ۽ سنڌ
جي ٻين ادارن طرفان ڇپرايل ڪتابَ ”تاريخ تمدن
سنڌ“، ”سنڌ جا پراڻا شھر“، ”تاريخ بلوچستان“،
”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، ”پيغام نوح“، ”تاريخ
خاصخي لي“
۽ ”مھدوي تحريڪ“... تحقيقي ۽ تاريخي دستاويز جي
حيثيت ۾ بنيادي ماخذن طور ليکجن ٿا ۽ ان کان سواءِ
مولائي شيدائي جي غير مطبوعه تصنيف ”تاريخِ اسلام“
کي به بورڊ طرفان پھريون ڀيرو شايع ڪرائي منظرِعام
تي آندو آيو، جنھن جو تازوئي ٻيو ڇاپو پڻ بورڊ
ڇپرايو آهي.
.... ۽ هاڻي هي نئون ڪتاب، جنھن جو موضوع
پڻ نئون آهي ”سنڌ جي صنعتي ۽ اقتصادي تاريخ“؛
موضوع جي حوالي سان هيءُ ڪتاب سنڌ جي صنعت ۽
اقتصاديات تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون جامع ڪتاب آهي،
جنھن ۾ موئن جي دڙي کان وٺي مغربي پاڪستان تائين
جي تاريخ، انگن اکرن ۾ تفصيل سان بيان ڪئي وئي
آهي. سنڌ جي هِن عظيم تاريخدان جو هيءُ تاريخي
ڪتاب اڻڇپيل صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ محفوظ هو،
جيڪو سندس ڏوهٽي محترم امير علي بروهي طرفان سنڌي
ادبي بورڊ کي ڇپرائڻ لاءِ مليو ۽ بورڊ پنھنجي
روايتن کي قائم رکندي، مذڪوره ڪتاب اوليت جي بنياد
تي شايع ڪري منظرِعام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي هميشه اِها ڪوشش رهي آهي ته،
علمي ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ تاريخ تي مشتمل اعليٰ
درجي جا معياري ڪتاب سنڌ جي هن ’قومي اداري‘ پاران
شايع ڪرائي منظرعام تي آندا وڃن. اِن ڏَس ۾
مانوارو چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن بورڊ طرفان نوان ڪتابَ شايع ڪرائي پڙهندڙن
تائين پھچائڻ لاءِ ڪوشان آهن.
هن ڪتاب ”سنڌ جي صنعتي ۽ اقتصادي تاريخ“ جو پھريون
ڇاپو آءٌ پنھنجي ايامڪاريءَ
۾
بورڊ طرفان شايع ڪري رهيو آهيان. آءٌ بورڊ جي
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جن
جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن جي دلچسپيءَ تحت سنڌي
ادبي بورڊ طرفان معياري ڪتاب شايع ٿي منظرعام تي
اچي رهيا آهن.
اُميد ته، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ
بورڊ جي هيءَ ڪاوش مانُ لھندي.
18 جمادي الاول 1447هه
ميرزا دبير حسين بيگ
10- نومبر 2025ع
سيڪريٽري

رَبَّنَا عَلَيْکَ تَوَکَّلنَا وَ اِلَيکَ اَنَبنَا وَ اِلَيکَ المَصِيرُo
”اي پروردگار! اسان توتي ڀروسو ڪيو آهي، اسين تو
ڏانھن مائل آهيون ۽ اسان کي تو ڏانھن موٽڻو آهي.“
ديباچو
هن ڪتاب جو نالو آهي ”وسامـﺔ السند في
تجارت السند“، معنيٰ سنڌ جي سونھن ۽ واپار- سنڌو
دراصل هاڻوڪي اُلھندي پاڪستان جو نالو آهي، ڇاڪاڻ
ته قديم سنڌ جون حدون اُتر ۾ ڪشمير، اُڀرندي ۾
جمنا ۽ اراولي ٽڪريون، ڏکڻ ۾ سورت ۽ بحرهند،
اُلھندي ۾ درياءَ هيلمند ۽ ڪرمان تائين هيون. اڄ
مٿيون حدون گهڻو گهٽيل آهن. ڪتاب ۾ موئن جي دڙي
5000 ق.م. کان وٺي ويندي تغلقن جي پڄاڻيءَ تائين
مغربي پاڪستان جي تاريخ، اقتصادي حالت، صنعت
و حرفت، واپار، ثقافت ۽ لٽريچر تي محققانه انداز
سان روشني ڏنل آهي، ته جيئن پڙهندڙ معلوم ڪري سگهن
ته دؤرِ ماضيءَ ۾ هتي جي رهاڪن زندگيءَ جي مٿين
شعبن ۾ ڪيتري ترقي ڪئي، انقلابن جو مٿن ڪھڙو اثر
پيو ۽ مغربي پاڪستان جي رهاڪن جي ذهني ۽ دماغي
شعور جي ڪھڙي حالت هئي! اڄ اُهي صدين جون منزلون
لتاڙي ڪھڙيءَ منزل کي پھتا آهن. زندگيءَ جي مٿين
شعبن کي کولي بيان ڪرڻ لاءِ، گذريل دؤر جي نقشن کي
به ڪتاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ اهي نقشا مغربي
پاڪستان جي سياسي حالتن، زراعت، واپار، لساني،
مذهبي هر دؤر جي عڪاسي ڪن ٿا. ڪتاب ۾ حوالا به ڏنا
ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جا ڪتاب اڃا شايع
ڪونه ٿيا آهن. قدري شايع ٿيا آهن، سي اٽي ۾ لوڻ
برابر آهن. راقم الحروف، گذريل اڌ صديءَ کان ملت ۽
وطن جي خدمت قلم سان ڪندو اچي ٿو. آزاديءَ کانپوءِ
وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي اي.بي. حليم صاحب راقم
الحروف کي پنج سال فيلو چونڊيو. فيلڊ مارشل محمد
ايوب خان راقم الحروف لاءِ ماهوار هڪ سؤ رپيا
منظور فرمائي حوصله افزائي ڪئي. اڄڪلھه جي
مھانگائيءَ جي دؤر ۾ هڪ سال ائين لنگهي ويو جيئن
’براتِ عاشقان بر شاخ آهو‘ جي مصداق.
”رسالو ڳوٺ سڌار“
(Village-Aid)
جنھن فيبروري 1960ع ۾ راقم الحروف جو هن طرح
شڪريو ادا ڪيو آهي: ”ادب جي جهونن جوڳيڙن مان
محترم رحميداد خان مولائي شيدائي هلندڙ سال لاءِ
مضمون ارسال فرمائڻ جو قول ڪيو آهي، جنھن لاءِ
اداره ’ڳوٺ سڌار‘ سندن شڪريو ادا ڪري ٿو.“
سنڌ جي اقتصادي تاريخ سڀ کان پھريان
آنجھاني ڊاڪٽر ڇٻلاڻي صاحب، پرنسپال دهلي ڪاليج
انگريزي زبان ۾ شايع ڪئي هئي، جنھن جو سنڌي ترجمو
سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب وس آهر
ڪافي محنت ڪئي آهي. اها سنڌ جي مختصر اقتصادي
تاريخ آهي. ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو ته ”مغلن جي دؤر
کان وٺي ٽالپرن جي دؤر تائين اقتصاديات متعلق ڪي
انگ اکر ملي ٿا سگهن، باقي مغلن کان اڳ ڏس ملي نٿو
سگهي!“ ڊاڪٽر صاحب کان ان ڪتاب ۾ ڪي غلطيون به
ٿيون آهن، جنھنڪري مون ارادو ڪيو ته موئن جي دڙي
کان ويندي مغليه دؤر تائين، سنڌ جي اقتصاديات تي
ڪتاب لکان. پڙهندڙ مٿئين بيان کي سمجهي سگهندا، ته
آنجھاني ڊاڪٽر ڇٻلاڻيءَ جيڪو بيان ڏنو آهي ته،
مغليه دؤر کان اڳ سنڌ جي اقتصادي حالت اوندهه ۾
آهي، اهو بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ ته موئن جي دڙي کان
ويندي مغليه دؤر تائين اقتصادي حالتن تي روشني
وجهڻ لاءِ وڏي جاکوڙ جي ضرورت درپيش هئي. راقم
الحروف، هن ڪتاب ۾ جيڪي بيان ڏنا آهن، ان لاءِ
حوالا ڏنا ويا آهن. ازانسواءِ، هر دؤر جا نقشا به
شامل ڪيا ويا آهن ۽ تجارتي رستن جا قديم توڙي جديد
نشان ڏيکاريا ويا آهن، ۽ مادرِ وطن سنڌ سونھاريءَ
جي رهاڪن جي صنعت، حرفت، تجارت، دماغي عظمت ۽ بين
الاقوامي تعلقات متعلق روشني ڏني ويئي آهي، ته
جيئن پڙهندڙ ۽ ايندڙ نسل وارا وطن مالوف جي عظمت
کان پوريءَ طرح واقف رهن.
ڏونگر ڏيھاڻي، تو مٿان سر گهوريان،
تو ۾ سدائين ٻولي ٻاروچن جي.
رحيمدادخان مولائي شيدائي
ميمبرائڊهاڪ ڪاميٽي
رائٽرزگلڊ، سکر، مئي 1960ع
باب پھريون
بسم الله
الحمدلله رب العٰلمين والصلوة عليٰ سيدالمرسلين و عليٰ
آلھ و اصحابھ اجمعين
طبعي حالت:
هاڻوڪي سنڌ، جا مغربي پاڪستان جو صوبو
آهي، سا سنڌونديءَ جو ڏاکڻيون حصو آهي. سندس جملي
پکيڙ 569، 47 هزار چورس ميل آهي ۽ اها ممڪلت
خدادادِ پاڪستان جي 13 في سيڪڙو ايراضي والاري ٿي.
سندس آدم شماري 706، 19، 46 لک مملڪتِ پاڪستان جي
7 في سيڪڙي جيتري آهي. منجهس ڪراچيءَ کانسواءِ
سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، ٺٽو، حيدرآباد،
ٿرپارڪر، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ خيرپور ضلعا آهن، جي
حيدرآباد ۽ خيرپور ٻن ڪمشنرين ۾ ورهايل آهن. سموري
صوبي اندر ٽيھه وڏا شھر، پنج هزار وڏا ڳوٺ ۽ ويھه
هزار واهڻ آهن. 52-1951ع جي رپورٽ موجب،
43,10000
لک ايڪڙن ۾ زراعت ٿئي ٿي. جملي
زرعي اُپت 800,
93, 10، لک ٽن آهي. جنھن مان چانورن جي اُپت
5,20,000 لک ٽن ۽ ڪڻڪ
3,23,000
لک ٽن آهي. سواءِ ڪپهه جي پوک
700,000 لک ايڪڙن ۾ ٿئي ٿي ۽
اُپت ,50,000
3 لک ڳٺڙيون آهن. 1952ع جو بجٽ 9 ڪروڙ 31 لک روپيا
۽ خرچ 9 ڪروڙ 16 لک روپيا هو. مٿين انگن اکرن
موجب، هيءُ بچت وارو صوبو آهي.
هاڻوڪي سنڌ مانسوني (چوماسي) دائرن کان ٻاهر آهي،
جنھنڪري صوبي جي آبهوا اونھاري ۾ گرم ۽ سياري ۾
سرد آهي. اٽڪل 15 انچ ساليانو مينھن پوي ٿو. سندس
اُتر ۾ مغربي پنجاب ۽ ڪڇي جو ميدان، اُڀرندي ۾
راجستان جو رڻ پٽ، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ ۽
اُلھندي ۾ کيرٿر ۽ پٻ جبلن جون قطارون آهن.
آباديءَ جو دارومدار مھراڻ تي آهي، جنھن جي
آبڪلاني ڪري سال بسال هن صوبي کي نقصان رهي ٿو.
ٿر ۽ ڪوهستان جي حصن جو دارومدار مينھن تي آهي.
قدرتي جوڙجڪ موجب هي صوبو پنجن حصن- سرو، وچولي،
ڪوهستان، لاڙ ۽ ريگستان ۾ ورهايل آهي.
نالو:
سخت افسوس جي ڳالهه آهي جو هن ملڪ تي
’سنڌ‘ نالي پوڻ جو ڪو صحيح ۽ يقيني سبب ڪنھن به
تاريخ مان ملي نٿو سگهي. اسلامي تاريخن مان پتو
پوي ٿو ته هند ۽ سنڌ ٻه ڀائر، حام بن نوح عليھ
السلام جا پٽ هئا. جن جي حڪومت سندن اولاد سميت هن
ملڪ تي گهڻو وقت رهي، تنھنڪري انھن جي ئي اثر کان
هن سر زمين جي هڪ ڀاڱي تي ’هند‘ ۽ ٻئي تي ’سنڌ‘
نالو پيو آهي. هندستان کي جن قومن وسايو،
اُهي قديم قومون آڳاٽا دراوڙ هئا. اُلھندي وارا
دراوڙ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري کان نڪري بلوچستان ۽
سنڌ ۾ رهيا. هتان کان نڪري وچ هند تائين پکڙجي
ويا. هن ثبوت لاءِ اسان وٽ موئن جو دڙو ۽ براهوئي
زبان شاهدي ڏين ٿا. اها حقيقت آهي ته جن قومن موئن
جي دڙي جي تھذيب جو بنياد وڌو هو، اُهي سامي نسل
مان هيون. اوڀرندي وارا دراوڙ جيڪي برهمپوترا واري
رستي کان بنگال ۾ وارد ٿيا، سي محققن جي فيصلي
موجب منگول نسل مان هئا. دراوڙي قديم زبانن لاءِ
اسان وٽ براهوئي زبان موجود آهي، جنھن ۾ تامل،
تيليگو، گونڊ ۽ ملايام زبانن جا لفظ گهڻي ڀاڱي
شامل آهن. آريا اُتر قطب يا وچ ايشيا
جي ميدان کان نڪري، خيبر ۽ اٽڪ رستي پنجاب ۾
بيٺڪون وڌيون، ته هنن هتي جي ستن درياهن- مثلاً
مھراڻ، گومتي، ڪرمو، وتستا، اسڪني، پروشني ۽
ستودري وپاس تي ’سُپت سنڌو‘ يعني ستن دريائن وارو
ملڪ نالو رکيو، جنھن کي ايراني پنھنجي لهجي ۾ ’هفت
هندو‘ سڏڻ لڳا. هندن جي قديم ويد ”رگويد“ ۾ سنڌو
درياءَ جو 75 شلوڪن ۾ بيان ڏنل آهي. ’سنڌو‘ معنيٰ
وڏي ندي. سندن عقيدي ۾ سمنڊ ديوتا هن
نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. وري جڏهن آريا گنگا پھتا،
ته هنن پنھنجي قبضي ڪيل حڪومت کي ’آرياورت‘ جو
خطاب ڏنو. مگر آرين جا سؤٽ ۽ حريف ايراني، آرين جي
مقرر ڪيل هن نئين خطاب کي تسليم ڪونه ڪيو، بلڪ
’سنڌو‘ ئي چوندا رهيا. ايرانين ۾ هي لفظ ’سنڌو‘
مان ’هند‘ ٿيندي ئي غير زبانن تي چڙهي مغربي دور
دراز ملڪن جي طرف هليو ويو. پوءِ يوناني ٻوليءَ جي
چرخي تي چڙهي ’اند‘ مان ’انديا‘ ٿيو. ٽن هزارن
ورهين کان پوءِ قلابازيون کائيندو، هيءُ نالو جو
اصل ۾ ’سنڌو‘ هو، سو ’انڊيا‘ بنجي ويو ۽ اڄ سوڌو
مغربي دنيا ۾ مٿئين نالي سان مشھور آهي. هوئن
ٽسانگ، چيني سياح (629- 645ع) پنھنجي سفرنامي ۾
ڄاڻايو آهي ته برصغير هندستان قديم زماني ۾ ’ثنتو‘
۽ ’هين‘ جي نالن سان مشھور هو ۽ اها حقيقت آهي ته
پنج سؤ ورهيه ق.م.. يونانين کي فقط سنڌ جي خبر
هئي. شنتو ۽ هين هڪڙو ئي نالو آهي، يعني ’سنڌو‘
جنھن کي ايراني ’هندو‘ سڏيندا هئا. سنڌ پنھنجي
قدامت جي لحاظ ڪري برصغير ۾ هميشه کان اهميت رکندو
اچي ٿو. سندس ئي نالي تي هندستان تي نالو پيو.
آريا جڏهن جمنا ۽ گنگا جي دوآبه کي ٽپي بھار پھتا،
تڏهن ’آرياورت‘ بدران هن ملڪ کي ’ڀارت‘ سڏڻ لڳا.

قديم حدون:
برصغير هند قدرتي طرح ٽن حصن ۾ ورهايل
آهي: (1) اُتر ۾ هماليه جبل جي ترائيءَ وارو حصو،
(2) انڊو- گئنجيٽڪ، مھراڻ ۽ سندس شاخن ۽ گنگا ۽
سندس شاخن وارو ميدان، (3) دکن جو اُپٻيٽ، انھن
مان سنڌو ۽ گنگا وارا ميدان اُلھندي ۾ سليمان جبل
کان برهمپوترا تائين ڊيگهه ۾ ٻه هزار ميل ۽ ويڪر ۾
ڪٿي ٻن سون ميلن ۾ آهي. هي ميدان سمنڊ جي مٿاڇري
کان هڪ هزار فوٽ اوچائيءَ ۾ آهي ۽ زرخيز هئڻ ڪري
مردم خيز آهي. سنڌ برصغير جو اولھندو حصو
آهي. قديم حدن جي لحاظ سان جمنا ۽ اراولي ٽڪرين
کان وٺي سيستان ۽ ڪرمان تائين پکڙيل هئي. موئن جي
دڙي واري تھذيب جي زماني جي حدن جي خبر پئجي نٿي
سگهي. مگر موئن جي دڙي، هڙپا ۽ ٽئڪسلا جي قديم
آثارن ۾ جيڪا مشابهت نظر اچي ٿي، ان مان سنڌو
ماٿريءَ جي حدن جي ڌنڌلي تصوير نظر اچي ٿي. ان
کانپوءِ سنڌ جي قديم تاريخ ”چچ نامه“ ۾ جيڪي حدون
ڄاڻايل آهن، سي هن طرح آهن:
”حدود ممالک ومسالک او از جانب شرقي تا
حد کشمير، و از طرف غريبي تاحد مکران، و از
جنوبي تا لب آب دريا محيط و ديبل، و از شمالي تا
کوه کردان و کيکانا.“
”تاريخ معصومي“، جا اڪبري دؤر تائين سنڌ
جي وچئين زماني جي تاريخ آهي، ان ۾ حدون چٽائيءَ
سان ڏيکاريل آهن:
”وحدود مسالک ممالکش از ناحيه شرق تا
حد کشمير و قنوج، و از جانب غرب تا مکران و کنار
درياي محيط که بندر ديبل باشد و اکنون مشھور به
بندر لاهوري ست، از طرف جنوب تا حد صورت بندر ديو،
و از سمت شمال تا حدود قندهار وحد سيستان وکوه
سليمان وکردان وکيکانا.“
صاحبِ ”تحفة الڪرام“ فرمائي ٿو:
”وحدود مسالک ممالک از مشرق تا کشمير و
قنوج و غرب تا مکران در کنار محيط عمان اعني بندر
ديول و شمال تا سرحد سورت بندر و جنوب تا حدود
قندهار و سيستان وکوه سليمان وکردان وکيکانا بوده.“
مٿين تاريخن مان اقليم سنڌ جون حدون
اُڀرندي ۾ سيوالڪ جبلن ۽ قنوج کان شروع ٿي، سليمان
جبلن ۽ سيستان سميت ڍنڍ زيره تائين، جنھن ۾ هيلمند
ندي ڇوڙ ڪري ٿي، اُتر ۾ ڪشمير کان ڏکڻ ۾ ديبل،
ڊيوٻيٽ ۽ سورت بندر تائين. چئي سگهون ٿا، ته اڳ
اقليم سنڌ ۾ سمورو پنجاب راجپوتانا، مالوه، گجرات،
بلوچستان، دشت ندي پريان ۽ سيستان شامل هئا. نقشي
۾ ڏسي سگهو ٿا. بعد ۾ ڌارين قومن جي ڪاهن ڪري
مٿيون حدون ويون گهٽبيون، يعني ته اڳ هاڻوڪي مغربي
پاڪستان کان سنڌ جي پکيڙ وڌيڪ هئي.

ڌارين قومن جون ڪاهون:
هن حقيقت کان ڪو انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته
دنيا ۾ جن قومن تھذيب ۽ ثقافت ۾ ترقي ڪري ٻين قومن
کي تمدني روشنائي پھچائي، جهڙوڪ ڪلداني، بابلي،
اشوري، مصري، چينائي ۽ هندي، تن وٽ صنعتي، تجارتي
۽ زرعي وسيلا ميسر هئا. عراق جي سرزمين، جتي
ڪلدانين، بابلين ۽ اشورين وارو وڄايو، وٽن مٿيان
وسيلا فرات ۽ دجله جي وجود ڪري مھيا هئا. مصر ته
نيل نديءَ جو تحفو آهي، جنھن کي مصري ديوتا ڪري
مڃيندا هئا. چين ۽ هندستان به پنھنجن وڏين ندين جي
ڪري شاداب ۽ زرخيز آهن. انھن ملڪن جي دريائن ڪري
رهاڪن کي زندگيءَ جا لوازم ملن ٿا. انھيءَ طرح سنڌ
جي ماٿري، جنھن جون حدون جمنا کان ايران جي مٿاهين
پٽ جي ڪجهه حصي تي هيون، اُن ۾ زندگيءَ جا سمورا
وسيلا ميسر هئا، ڇو ته هن واديءَ مان سنڌو، پنجاب
جون پنج ڀرتي ڪندڙ نديون، سرسوتي، دروشادتي،
بلوچستان جي جبلن مان نڪرندڙ برساتي نيون هن اقليم
جي دولت ۽ نعمتن جو ذريعو آهن. سرد ۽ گرم ميوا،
ترڪاريون، ڪڻڪ، جَو، چانور، ڪمند، ڪپهه، نير، تيلي
ٻج، مڇي، پکي، چوپايو مال، سون، چاندي، سچا موتي،
جڙيون ٻوٽيون وغيره غرض پيداوار جي انھن ذريعن جي
ڪري ڌاريا ملڪ، ويندي متمدن قومون هن ملڪ اڳيان
سدائين محتاج رهنديون آيون. اڄڪلھه يورپ جي
ڪارخانن کي پاڪستاني ڪپهه، سُٽَ، تيلي ٻجن ۽ چمڙي
۽ کلن جي ضرورت آهي. هن ماٿريءَ جا رهاڪو دولتمند
هئڻ ڪري صلح پسند هئا. مگر ڌارين لالچي قومن کي،
جن کي هن ملڪ جي قيمتي پيدائش ۽ دولت تي رشڪ هو،
تن وقت بوقت هن شاداب ماٿريءَ تي ڪاهون ڪيون. ليڪن
هن ملڪ جي زمين ۽ مھراڻ جي مٺي پاڻي ۽ سڳنڌ هوا ۾
اهڙو تاثير هو، جو هتي جي خاڪ ۾ جذب ٿي، هتي جي
زبان ۽ تھذيب اختيار ڪيائون. قومن جي تاريخن ۾ ان
قسم جي ميل ۽ ميلاپ جا مثال ملي سگهن ٿا. انھن
ڪاهن جو وڏو سبب هن ملڪ جو واپار هو ۽ واپار ڪري
ئي دنيا جي قومن کي برصغير هند مان فقط ’سنڌو‘ جي
خبر هئي. خاص ڪري مغربي دنيا کي برصغير هند جي
وسعت جي اسڪندر يونانيءَ جي ڪاهن کان پوءِ خبر پئي
هئي. بطليموس، سنڌ جو پھريون نقشو ڪڍيو هو. 450
ق.م.. هيروڊوس دنيا جو جيڪو خيالي نقشو ڪڍيو هو،
تنھن ۾ فقط سنڌ ۽ سنڌوندي ڏيکاريل آهي. مٿيان نقشا
پڙهندڙن جي چِٽائيءَ لاءِ هتي ڏجن ٿا. پروفيسرمئڪس
مُلر ڄاڻائي ٿو ته آسمان جي ڇت هيٺان جيڪڏهن جنت
آهي، ته اها ’سنڌ جي ماٿري‘ آهي. هيروڊوس ۽
بطليموس کي فقط ايتري خبر هئي ته سنڌونديءَ پريان
فقط رڻ پٽ آهي، جو اڄڪلھه ’راجپوتانا جو رڻ پٽ‘
سڏجي ٿو. هومر جي اشعار مان ڪن شين جا نالا سنسڪرت
ٻوليءَ جا نظر اچن ٿا. يوناني مؤرخن مان هيڪاٽيوس
(486- 549 ق.م.) پھريون مؤرخ هو. جنھن يونانين کي
هندستان جو ڏس ڏنو هو. يوناني حڪيمن مان ڪٽيسايس
40 ق.م.) ايران کان موٽندي ڪجهه نير، طوطا، باندر
۽ سوٽي ڪپڙو پاڻ سان يونان آندا هئا. سڪندر مقدونيءَ سان
سائنسدانن جي هڪڙي جماعت ساڻ هئي، جن سنڌ جي
معائني ڪرڻ کانپوءِ 32 ق.م.. يورپ وارن کي هندستان
کان واقف ڪيو هو. مٿين بيانن جي گم ٿيڻ کانپوءِ
استرابو، پليني جيان سندن ڏنل احوال گڏ ڪيا هئا.
اسڪندر جي ڪاهه کانپوءِ، سيليوڪس پاران ميگسٿينز،
چندرگپتا. سابور بن ارد شير قيصر فلپ جي ڌيءَ سان
شادي ڪرڻ جي شرط موجب قسطنطنيه جي نموني تي جند
سابور شھر تعمير ڪرايو هو. هتي طب جو وڏو مڪتب هو،
جتي يوناني حڪيم تعليم ڏيندا هئا. جي ’دربار‘
پتاليپوترا (پاٽنا) ۾ چار صديون ق.م. سفير ٿي رهيو
هو. يوناني سفير جي بيان کي بوت (جرمني) جي عالم
ڊاڪٽر سخاون بيڪ شايع ڪرايو هو. مسٽرمئڪ ڪرنڊل
انھيءَ کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو.

مٿئين بيان مان صاف ظاهر آهي ته برصغير
هند ۾ سنڌ سونھاري هندستان جي معلوم ٿيڻ کان گهڻو
اڳ بين الاقوامي واپاري تعلقاتن ڪري بين المملڪتي
شھرت رکندڙ هئي. قديم تاريخن ۾ جتي به ’هند‘ نالو
ڪتب آندل آهي، سو ’سنڌ‘ لاءِ آهي. اهڙي ثبوت لاءِ
يوناني نقشا شاهدي ڏين ٿا. قديم سنڌ، آبهوا جي
لحاظ سان چوماسي هوائن جي دائري اندر هئي. اهڙي
ثبوت لاءِ موئن جي دڙي جي آثارن مان جيڪي پڪيون
سرون نڪتيون آهن، ويندي هڙپا تائين، ان مان چئي
سگهجي ٿو ته هن ماٿريءَ ۾ جهجهو مينھن پوندو هو.
از انسواءِ اڳ اقليم سنڌ ۾ هاٿي، گينڊا، مور،
باندر ۽ وڻن مان بيد، بانس ۽ خوشبودار ٻوٽا جيڪي
مھراڻ جي ڪپ تي هئا، جن جي مهڪ ڪري مٺي پاڻيءَ ۾
خوشبوءِ هئي. گورخر، جن کي قديم قومن
رٿن هڪلڻ لاءِ ڪتب آندو هو، اڄ مٿيان جانور ڪونه
آهن، ۽ نه وري بيان ڪيل وڻن جو ڏس ملي ٿو. حالانڪ
اڳ سنڌ مان مٿيون شيون تحفن طور ڌارين ملڪن ڏانھن
وينديون هيون. اهڙين قيمتي شين، ڌارين قومن کي
اهڙو موهيو، جو انھن وقتاً فوقتاً اسان جي وطن جي
دولتن کي لٽڻ لاءِ ڪاهون ڪيون. اهو قدرت جو ڪمال
يا سنڌ جي خوش نصيبي چئبي، جو هي ملڪ اوڀرندي واري
ڪره ارض جي وچ ۾ آهي. اوڀرندي ۾ گجرات، ڪوڪن،
ملبار، ڏکڻ اوڀرندي ۾ سيلون، ڪارو منڊل، مشرقي
ٻيٽ، ملايا ۽ چين، اُلھندي ۾ سيستان، خراسان،
ايراني نار، عمان، عراق، شام، مصر، ايشيا ڪوچڪ،
سامونڊي رستي آفريڪا جا بندر، اُتر ۾ ڪشمير، ٿٻيٽ،
چينائي ترڪستان، وچ ايشيا، ان قسم جي مرڪزي حيثيت
نقشي مان معلوم ٿي سگهي ٿي. سنڌو ماٿريءَ جي اُتر
۽ اُلھندي ۾ سليمان ۽ هالار، کيرٿر ۽ پٻ جبلن جون
جيڪي قطارون آهن، تن مان خيبر، ڪرم، گومل، بولان،
مولا لڪ دروازن وانگي آهن، جتان وقت بوقت ايشيا جي
فاتحن برصغيرِ هند تي حملا ڪيا. خيبر جو لڪ جو اٽڪ
جي سامهون آهي، سو ڪابل ڏانھن ويندڙ رستو آهي. ڪرم
۽ گومل لڪ به ڪابل، غزني ۽ قنڌار ڏانھن ويندڙ رستن
جا دروازا آهن. بولان ۽ مولا، قلات ۽ جھالاوان ۽
مڪران ڏانھن ويندڙ رستن جا لنگهه آهن. مڪران جو
جبلائتو ۽ اڻانگو ويران رستو به تاريخي اهميت رکي
ٿو. هي رستو ڪرمان، يزد، اصفهان، شيراز، سوسا،
همدان، تبريز ۽ بغداد وارن رستن جو ڦاٽڪ آهي. اهڙي
مرڪزي حيثيت ڪري هن زرخيز ۽ دولتمند ماٿريءَ تي
ڌارين قومن ڪاهون ڪيون، جن جو سلسلو 14 صديون ق.م.
کان وٺي ويندي 1843ع تائين جاري رهيو. هن ملڪ جا
باشندا گهڻو وقت ڌارين جي غلاميءَ هيٺ رهيا.
14 صديون ق.م. مصر جي فرعون راميسيز عراق
ٽپي سنڌو ماٿريءَ کي به طوفان وانگر لتاڙي ويو.
ڪلديا جي شهنشاه حمورابي، سارگن، آسوربا نيپال، ۽
اَشور جي راڻي سيميرا ميس مسلسل ڪاهون ڪيون. 6 ۽ 7
صديون ق.م. سنڌو بابل ۽ نينويٰ کي خراج ڀريندو
رهيو. تنھن کانپوءِ فنيقيا وارن سنڌوءَ جي ڪناري ۽
ڊيلٽا وارن شھرن ۾ ڪوٺيون وڌيون، جيئن عيسوي 16 ۽
17 صديءَ ۾ مغربي قومن واپارين جي ويس ۾ برصغير
هند ۽ سنڌ ۾ ڪوٺيون کوليون هيون. 327 کان 324ع
يوناني سنڌو ماٿريءَ کي لتاڙي ويا. 1500 ق.م. آرين
وچ ايشيا کان سنڌو ماٿريءَ تي ڪاهي بيٺڪون وڌيون ۽
قديم قومن کي ونڌيا جبل پريان ڌڪي ڇڏيائون.
يونانين کان اڳ ايرانين به سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري
واري حصي تي قبضو ڄمايو هو. اسڪندر يوناني باختر،
سنڌ ۽ ٻين صوبن تي جيڪي پنھنجا حاڪم مقرر ڪري ويو
هو، تن جو مٿين (ساڪ) ۽ پارٿين (پهلوا) خاتمو ڪيو.
ان بعد يوچي قوم وارن ڪاهون ڪيون. 711ع ۾ عربن سنڌ
تي ڪاهي سنڌ فتح ڪئي. ڌارين ڪاهه ڪندڙ قومن، جن
واري واري سان سنڌوماٿريءَ تي حڪومتون ڪيون، تن جي
فوجن ۾ سنڌي اٿينز، سپارٽا جي ديوارن هيٺان
ايرانين پاران يونانين سان وڙهيا هئا. انھيءَ طرح
سنڌي واپاري عراق، شام ۽ مصر تائين پھتا هئا. ان
قسم جو سلسلو به هر صديءَ قائم رهندو آيو. انگريزن
جي فوجن ۾ ڀرتي ٿي فرانس ۽ آفريڪا جي اونداهن
جهنگن تائين جنگين جي ميدانن ۾ پھتا هئا. اسان جي
تاريخ جو تعلق صرف تجارت، صَنعت، حرفت ۽ اقتصاديات
سان آهي، تنھنڪري قلم کي مٿين موضوعن جي دائرن
اندر محدود رکنداسون.
5000 ق.م. موئن جي دڙي جو واپار:
عراق ۽ مصر جي تمدن جا گهوارا هئا، تن جي
ترقيءَ جا آثار واريءَ جي دڙن هيٺان پوريل هئا.
البت نيل جي ماٿريءَ وارا اهرام بيٺل نظر پئي آيا.
عيسوي 19 صدي ۾ يورپ جي ماهرن، بابل ۽ مصر جي دڙن
کي کوٽرائي، مصر، بابل ۽ اشور جي تمدني ۽ ثقافتي
شين کان دنيا وارن کي آشنا ڪيو. مٿين ملڪن جي
جهوني اتهاس کي به اتي جي خَطن ’هيرو غليفي‘ ۽
’پيڪاني‘ کي معلوم ڪرڻ کانپوءِ قلمبند ڪيائون. ساڳيءَ طرح سنڌين جي جهوني
اتهاس کان به دنيا بيخبر هئي. ليڪن 1922ع ۾ ڏوڪري
تعلقي ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪڙي مٽيءَ جي دڙي کي مسٽر
آر.جي. بئنرجي کوٽرائي جيڪي شيون هٿ ڪيون، تن دنيا
کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ متمدن دنيا کي تسليم ڪرڻو
پيو ته سنڌو ماٿريءَ جارهاڪو تمدني لحاظ کان
ڪلديا، بابل، اَشور ۽ مصر وارن کان ڪنھن به طرح
گهٽ ڪونه هئا. آڳاٽن سنڌين وٽ پنھنجو خط به هو،
جنھن کي اڃا تائين ماهر پڙهي ڪونه سگهيا آهن.
ظاهري سنڌين جو جهونو خط مصر جي خط ’تمثال‘ سان
گهڻي مشابهت رکي ٿو.
سر جان مارشل سنڌين جي قديم تمدن متعلق ڄاڻائي ٿو:
”اسان کي اوچتو هيءُ ڳالهه معلوم ٿي آهي
ته پنج هزار ورهيه اڳ سنڌو ماٿريءَ (پنجاب ۽ سنڌ)
جا رهاڪو متمدن ماڻھن وانگي خوبصورت ۽ پڪين جاين ۽
شھرن ۾ رهندا هئا. سندن تمدن، هنر ۽ ڪاريگري بلند
درجي تي پھتل هئي. سندن اکرن لکڻ جو نمونو به
سڌريل ڍنگ جو هو. موئن جي دڙي واري شھر جو پتي
پوڻ کانپوءِ ساري دنيا ان شھر ڏانھن ۽ اتي جي لڌل
شين ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي.“
جيئن هيٺانھين مصر جو تختگاهه ’ميمفس‘ ۽
مصر جي سري وارو شھر ’ٿيبس‘
مصري تھذيب جا مرڪز هئا، تيئن سنڌوماٿريءَ جي
هيٺانھين حصي ۾ ’موئن جو دڙو‘ ۽ سري ۾ ’هڙپا‘ سنڌي
تھذيب جا مرڪز هئا. موئن جو دڙو ۽ هڙپا مغربي دنيا
جي وڏن شھرن ميمفس (مصر)، نينوا، بابل، اوفير، اُر
(ڪلديا ۽ عراق)، سبا (يَمن)، اصطخر (ايران)، ۽
سوسا (ايلم) جا همعصر هئا ۽ مٿين شھرن جي وسيلي
سنڌوماٿريءَ جو واپار دؤر مغرب سان چالو هو. موئن
جي دڙي وارن رهاڪن جون بعض رسمون، بت ۽ بعض لڌل
شيون بيان ڪيل شھرن سان مشابهت رکن ٿيون، اهڙي
ثبوت لاءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جو واپار
مٿين ملڪن سان هلندڙ هو. مثلاً: قديم مصرين وانگي
مُردن سان زندگيءَ جون گهربل شيون برتن ۽ زيور گڏ
دفنائڻ، مٽيءَ جا برتن، جن تي مصري، ڪريٽ ۽ بابلي
نقش ڪاريءَ جي چٽسالي ڪيل آهي. ڍڳن جون مهرن تي
اُڪريل تصويرون، انھن برتنن، تصويرن، سرن کي آثار
قديمه جي ماهرن مصر، بابل، ڪلديا ۽ يونان جي شين
سان ڀيٽي ڏٺو، ته جهونين شين ۾ تمام گهڻي مشابهت
آهي. سندن فيصلو ڪيل آهي ته سنڌي تھذيب جو سامي
تھذيب سان گهرو تعلق هو ۽ انھيءَ آڌار تي ماهرن
موئن جي دڙي واري تھذيب تي ’اِنڊو سيميٽڪ‘ نالو
رکيو. اهڙي ثبوت کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته موئن جي
دڙي وارو خط ’ڪني فارم‘ (خط ميخي) مان نڪتل هوندو.
انھيءَ طرح يهودي جيڪي حضرت يوسف عليھ السلام جي
ڏينھن ۾ مصر ۾ مقيم هئا، خط ’هيرو غليفي‘ ۾ خط و
ڪتابت ڪندا هئا، جو چار هزار ورهيه ق.م. مصر ۾
رائج هو. بعد تصويرن بدران ڪي اشارا ايجاد ڪيا
ويا، جن کي ’هيراٽڪ‘ يا ’ڪرسيو‘ چون ٿا. فنيقيا
وارن هيراٽڪ اشارن کي صاف ڪري 22 حروف تهجي ايجاد
ڪيا، جن تان عبراني ۽ يوناني خط نڪتل آهن. موئن جي
دڙي جو خط مٽيءَ جي تختين تي اُڪريل ڪونه آهي، فقط
مهرن تي اُڪريل آهي. واپاري ناتن ڪري مصري خط
تمثال ۽ بابلي خط جي آميزشس اصطخر (فارس)، سوسا
(ايلم) ۽ سنڌوماٿريءَ جي خطن ۾ نظر اچي ٿي. پوئين
خط کي پڙهڻ کان محقق قاصر آهن.
موئن جي دڙي جون تجارتي شيون:
قومن جي معيشت لاءِ واپار شاهه رڳ جيتري
حيثيت رکي ٿو. اڄ مغربي قومون به پنھنجي صنعت ۽
واپار ڪري دنيا تي قبضو ڄمائي ويٺا آهن. دنيا جون
قومون سَندن صنعتي شين لاءِ محتاج آهن ۽ سندن
ايجادن ۾ روزمره اضافو ٿيندو ٿو وڃي. ساڳيءَ طرح
5000 ورهيه ق.م. سنڌ جي صنعتي شين جي متمدن دنيا
کي ضرورت هئي. اها دولت سنڌين کي مٺي مھراڻ کا
تحفن طور مليل هيون مثلاً: سنڌ ۾ ڪپڙي اُڻڻ جا
ڪارخانا هئا. هندن جي جهوني شاستر ”رگويد“ ۾
اُناوتي (اُنَّ) جو نالو ڏنل آهي. موئن جي دڙي مان
سونا زيور- جواهر ۽ چانديءَ جي ٿالهين مان، قديم
رهاڪن جي دولت ۽ فارغ الباليءَ جو پتو پوي ٿو.
جيئن ”رگويد“ جي هڪڙي شلوڪ ۾ مٺي مھراڻ جي هن طرح
تعريف ڪيل آهي:
”سنڌو! گهوڙن سان، ڍڳي گاڏين سان، ڪپڙن
سان، سونن زيورن سان، کاڌي پيتي جي شين سان، اُن ۽
وڻن سان مالا مال ۽ ڀرپور آهي. برڪت واريءَ نديءَ
جي چوطرف ماکي ڏيندڙ گل ڦل آهن.
سنڌڙي سونھاريءَ کي ’سون جو ملڪ‘ سڏيو ويو آهي.
اها حقيقت آهي ته مھراڻ جي واريءَ مان سون جا ذرڙا
لڀن ٿا. اڄ به هڪڙي جماعت کي ’ڌُوڙ ڌوين‘ جي مٿئين
پيشي ڪري ڪوٺجي ٿي. ائين معلوم ٿو ٿئي ته موئن جي
دڙي وارا سنڌي، جن جي ڏکڻ ۾ کليل سمنڊ هو 3000
ق.م. کان 700 ق.م. تائين مغربي ايشيائي ملڪن سان
مختلف شين جو واپار ڪندا هئا. اُهي سامونڊي
مسافرين کان واقف هئا. سنڌوءَ جي باريڪ ململن جو نالو متمدن دنيا ۾ ’سنڌو‘ رائج
هو.
اُر جو شھر جو 3500 ورهيه ق.م. فرات ۽ دجله جي
ڊيلٽا واري اُن هنڌ تي هو، جتي ٻنهي ندين جو پاڻ ۾
سنگم هو، جتي حضرت ابراهيم عليھ السلام ڄائو هو،
اُتان موئن جي دڙي واريون مهرون آثار قديمه وارن
کي هٿ لڳيون آهن. سنڌ مان جڙيون ٻوٽيون ۽ دوائون
ٻاهرين ملڪن ڏانھن وينديون هيون. موئن جي دڙي مان
سلاجيت ۽ ڦاڙهي جا سِڱ هٿ لڳا آهن. ازانسواءِ،
ديوارن جي پاڙن کي جيڪو ڏامر لڳل آهي، سو عراق جي
معدني شيءِ آهي. سنڌين جي قديم جھاز رانيءَ متعلق سنڌ جي جاگرافيدان
پيٿاوالا جو مضمونُ ”سنڌ هسٽاريڪل جرنل ڪراچي“
مسٽر وي. گارڊ چائيلڊ جي حوالي سان مئي 1936ع ۾
شايع ٿيو هو، هن طرح هو:
”پڪ دنيا هڪ جذباتي افسانو آهي. گهڻيون
صديون اڳ، جڏهن مھراڻ جي هاڻوڪن ويران ڪپن تي هڪ
روشنيءَ واري تھذيب هئي، جنھن جو لاڳاپو ايران جي
مٿاهين پٽ کان پريان بابل جي رياستن سان هو. اُر
جي پوريل خزانن کي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ قديم مشرقي
دنيا جي تصوير جي خبر پئجي ويئي.“
خشڪيءَ رستي قافلا عراق جي مارڪيٽن لاءِ
ڪچو مال پھچائيندا هئا. سنڌين جا غوراب بابل
پھچندا هئا.

مصر ۽ بابل سان واپار:
وليم هنٽر ته ايترو به لکيو آهي ته موئن
جي دڙي وارا وڻجارا سينائي اُپٻيٽ ۽ سوئيز تائين
پھتا هئا. قديم مصر جي ٽن خاندان حڪمرانن جي دؤر ۾
سنڌوءَ جو واپار مصر سان شام جي ڪناري ۽ ڪريٽ ٻيٽ
رستن کان خشڪيءَ ۽ سامونڊي جھازن وسيلي هلندو هو.
اهڙو ثبوت ميمفس جي ديوارن تي اُڪريل تصويرن تان
ملي ٿو، جن تصويرن ۾ انھن واپارين جي شڪل ۽ شبيھه
جو پتو پوي ٿو، جن ميمفس ۾ واپار سانگي ڪوٺيون
وڌيون هيون. پڻ مصر مان لڌل ڪن مٽيءَ جي ٿانون تي
دريائي ٻيڙين جون تصويرون چٽيل آهن، جيڪي مصر جي
ڊيلٽا واري حصي ۾ سامونڊي غورابن تان مال ڍوئنديون
هيون. مٿيون ٻيڙيون مصر جي سري تائين ڏيساورن جو
مال پھچائينديون هيون. وري جڏهن مصر جي يارهين
خاندان جي ڏينھن ۾ مصرين اهرام تعمير ڪرڻ شروع
ڪيا، تڏهن واپار اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي.
پروفيسر پيٽري 1887ع ۾ مدينة الغوراب وٽ ڪن ڌارين
ملڪن جي سوداگرن جون قبرون ڳولهي لڌيون هيون. 3750
ق.م. بابل جي بادشاهه فرام سين، مصر جي ٽن خاندان
واري حڪومت وقت سينائي اُپٻيٽ تائين ڪاهون ڪيون
هيون، جن سببن ڪري ڪجهه وقت لاءِ واپار ۾ ٺاپر اچي
ويئي هئي.
حمورابي جا قانون:
ان ۾ شڪ ناهي ته جهوني اتهاس واري زماني ۾
تجارتي رستا غير محفوظ هئا ۽ بعض قافلن کي ڌاڙيل
واٽ تي ڦريندا هئا. تاهم بابل جي ظالم بادشاهن، جن
کي انسانن جي قتل عام ڪرائڻ کان دلي سڪون ميسر
ٿيندو هو، تن واپار جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي قانون
ايجاد ڪيا هئا، تن جي نافذ ڪرڻ ڪري واپار بيحد
ترقي ڪئي. عراق ۾ پٿر نه هئڻ ڪري شاهي محلاتن ۽
عام جاين ۾ ڪاريگر ڪاٺ ڪتب آڻيندا هئا. سنڌ، ڪشمير
سان مھراڻ ڪري ڳنڍيل هئي، جنھن جي وسيلي ڪاٺ
آسانيءَ سان سنڌ ۾ پھچندو هو ۽ سمنڊ وسيلي ايراني
نار جي بندرن ۽ عراق جي شھرن تائين پھچندو هو.
ڪشمير جو ڪاٺ اڄ به قيمتي جنس آهي. حمورابيءَ جا
تجارتي قانون ”ڪوڊ آف حمورابي“ جي نالي سان بابل
جي تختين تان مغربي علمائن هٿ ڪيا آهن. بابل وارن
جي دولت جو انحصار جنگين جي مالِ غنيمت ۽ تجارت تي
منحصر هو. اُتي جي واپارين ڌارين ملڪن سان ڏيتي
ليتي ڪندي بيحد دولت هٿ ڪئي هئي. 3500 ق.م.
واپارين کي ڪھڙيون سهوليتون قانوني طور مليل هيون،
اُن لاءِ حمورابيءَ جا قانون آئينه دار آهن. بابل
جي واپارين وٽ ايجنٽ رکيل هئا، جيڪي مال جي مٽا
سٽا ڪرڻ وقت ڌارين ملڪن جي واپارين کي مال جي ٻيجڪ
کان علاوه قيمت جي رسيد وٺندا ۽ انھن کي رسيدون
لکي ڏيندا هئا. ٻيجڪن ۽ رسيدن ڏيڻ ۽ وٺڻ ڪري واپار
ايمانداري سان هلندو هو. رسيدن موجب واپاري منافع
جو ٽئڪس حڪومت کي ڀريندا ۽ ڪجهه حصو ايجنٽ کي
ڏيندا هئا. ايجنٽ ڌارين ملڪن جي واپاري قافلن سان
مسافريون به ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو قافلو واٽ تي
ڌاڙيل لٽيندا هئا، ته حڪومت مال جي رقم واپارين کي
ڀري ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئي. لٽجڻ جي ثبوت لاءِ ايجنٽن
کي قسم نامو لکي ڏيڻو پوندو هو. ڪو ايجنٽ ٺڳي ڪندو
هو ته سندس شاهوڪار کي مال جي ٽيڻ رقم ڀرڻي پوندي
هئي. شاهوڪار ايجنٽ سان ٺڳي ڪندو هو، ته ڇهوڻ رقم ڀرڻ لاءِ ٻڌل
هو. شاهوڪار ڌارين ملڪن جي واپارين کان مال خريد
ڪرڻ لاءِ ايجنٽن کي وڏيون رقمون سپرد ڪندا هئا.
ڪوبه واپاري ڌارئي ملڪ جي واپاري کي مال ڏيڻ جو
وعدو ڪري ڦري ويندو هو، ته اُن واپاريءَ کي ٻيڻي
رقم ڏيڻ لاءِ جوابدار هو. بابل مان جيڪي تختيون هٿ
لڳيون آهن، تن مان ڀائيوارن ۽ منافع جو احوال ملي
ٿو. بابل کان سنڌ ڏانھن ويندڙ رستا تجارتي مال سان
ڀريل قافلن سان نظر اچن ٿا. انھن قافلن ۾ اُٺن،
گهوڙن کان علاوه گڏهه به نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته
بابلي گڏهن جي سواريءَ کي پسند ڪندا هئا. تيل،
اُن، ڪاٺ، اناجُ ايراني نار وسيلي جھازن تي پھچندو
هو. اتفاق سان ڪو جھاز ٻڏندو هو، ته سوداگر کي قسم
نامي لکي ڏيڻ سان سامان جي رقم ملندي هئي. جھاز جي
مال سان ڀريل صندوقن ۽ باردانن کي سيل مهرون هڻندا
هئا. مٿئين قانون ڪري بابل سان واپار بيحد ترقي
ڪئي هئي. 1000 ق.م. ڪلديا جي بندر اوفير کان فنيقيا جي حاڪم حيرام جي
جھاز رانن سنڌ جا مور، باندر، صندل ۽ ٻيون
خوشبودار شيون، حضرت سليمان عليھ السلام جي دربار
بيت المقدس پھچايون هيون. اَسيريا جي کنڊرن مان
گينڊن، هاٿين جون تصويرون هٿ لڳيون آهن. اهي جانور
823- 859 ق.م. سنڌ وارن خراج طور شلمانسرثانيءَ کي
مُڪا هئا.
واپار جو نتيجو:
سوال آهي ته بابل، ڪلديا، اَشور، شام ۽
مصر سان واپار ڪندي سنڌين مٿين قومن جي تمدن کي
ترقي ڏياري ۽ مٿين قومن کان جيڪي اسان حاصل ڪيو،
اڳ ان کان اسين بيخبر هئاسون. مثلاً: تور ۽ ماپ جا
اوزار ۽ وٽن کان واقف ٿياسون. وزن ۽ ماپ جا اوزار
۽ وٽ تمام نازڪ ۽ ننڍڙا هئا، جن سان اڄ سون ۽
چاندي ماشن ۽ تولن جي حساب سان سونارا تورين ٿا.
سير ۽ مڻ (مَنا) وزن ڪرڻ لاءِ ڪي ٽڪنڊرا وٽ هئا،
ڪي ننڍڙا وٽ سليٽ جي پٿرن مان گهڙيل هئا. اُهي
عراق ۽ شام جي وٽن سان مشابهت رکندڙ هئا. هن وقت
مڻ جو وزن جو اسان کي پنھنجن وڏن کان ورثي ۾ مليو
آهي، سو اڪادي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو ”رگويد“ ۾
’مَنا‘ ۽ فنيقي ٻوليءَ ۾ ’مناه‘ ڄاڻايل آهي. اهو
بابل ۽ نينوا جي واپارين کان موئن جي دڙي جا
سوداگر سکيا هئا. برٽش ميوزم ۾ جيڪو اشوري مڻ جو
وٽ رکيل آهي، اُن جو وزن 747، 7 گرين آهي. بعد
منجهس ڦيرو پوندو رهيو ۽ اڄ زماني جي انقلابن گذرڻ
بعد چاليهن سيرن جيترو وزن رکي ٿو. هلالي مهينو، سال جا 12 مهينا، ڏينھن ۽ هفتا، منٽ، سيڪنڊ
ڪلاڪ جو حساب موئن جي دڙي وارا بابل جي جوتشين کان
سکيا هئا. انھيءَ حساب مطابق موسمن جو شمار ڪرڻ
لڳا. موئن جي دڙي وارن کان دراوڙ سکيا ۽ دراوڙن
کان شريف آريا سکيا. آريا چنڊ جي تاريخن تي پنھنجا
ڏڻ ملھائيندا هئا ۽ قربانيون ڪندا هئا. موئن جي
دڙي وارا هر هڪ موسم جا چار مهينا شمار ڪندا هئا،
جن کان آريا سکيا. روزمره جا ڪٿا، ڪيرتن جهڙوڪ
مھانگنا ۽ اگني هوترا جو رواج به سکيا هئا.
فنيقيا وارن جو واپار:
سنڌو ماٿريءَ وارن جو واپار جن قومن سان
هلندو هو، اُهي سامي نسل قومون هيون. يمن جي سبا ۽
حميرين سان به سندن واپار جاري هو. جھالاوان جي
هڪڙي پٿر جي ڪَتبي تي جيڪي عبارتون اُڪريل هٿ
لڳيون آهن، سي يمن جي هميري خط سان مشابهت رکندڙ
آهن. سنڌو ماٿريءَ جو مال، جنھن ۾ خوشبودار شيون، سوٽي باريڪ
ڪپڙو ۽ مصالحا هئا، سي يمن جي بندرن تي پھچندا
هئا، جتان عربن جا قافلا اهو مال شام ۽ مصر تائين
پھچائيندا هئا. حضرت ابراهيم عليه السلام جي ٻن
نسلن کانپوءِ، اسين ڏسون ٿا ته عرب سوداگرن حضرت
يوسف عليه السلام کي مصر جي بازار ۾ وڪيو هو. شام
جي ڪناري وارا بندر آرد، بيبلرس، بيروت، صيدا، صور
۽ ايڪر جا بندر فنيقي جھاز ران قوم جا سامونڊي
واپار جا مرڪز هئا. خاص ڪري صيدا ۽ مور جي واپارين
جون تجارتي ڪوٺيون ڌارين ملڪن ۾ پکڙيل هيون. اڄ به
سندن مقبرن جا آثار ايراني نار ۽ خاران تائين
موجود آهن. مھراڻ جي ڊيلٽا وارن شھرن ۾ سندن ڪوٺيون يونانين ڏٺيون
هيون، جڏهن هُو اسڪندر جي فوجن سان مھراڻ رستي
اُتي پھتا هئا. فنيقي، سامي قوم هئا، جن ڪلديا جي
ٻيٽ بحرين کان نڪري، ليبنان جبل واري ڀونوچ سمنڊ
جي سوڙهي ڪناري تي بيٺڪون وجهي، صيدا ۽ صور جا شھر
تعمير ڪيا هئا ۽ اُتر آفريڪا جي ڪناري تي ڪارٽيج
جو بنياد وڌو هو. سندن خط آرامي هو، جو مصر جي هيرو غليفي خط مان نڪتل هو.
يونانين جي تھذيب جي شمع هن قوم کان روشن ٿي هئي.
هن قوم پنھنجن پاڙيسرين خلاف ڪنھن به سياسي مسئلي
۽ حصو ڪونه ورتو هو، ڇاڪاڻ ته سندن سمورو ڌيان
واپار ڏانھن هو. مصر ۽ آشور جي شهنشاهن کي ڍلون
ڀريندا هئا. حيرام سندن بادشاهه حضرت داؤد عليھ
السلام ۽ حضرت سليمان عليھ السلام جو دوست هو.
البت سندن گهرو ويڙهه جي ڪري ڪن فلسطين کان لڏي
814 ق.م. ڪارٿيج جو شھر تعمير ڪيو، جو رومته
الڪبريٰ سان سياسي توڙي تجارتي لحاظ سان ڪلھو
هڻندو هو. 1500ق.م. صيدا ۽ صور، مصر جي ماتحت وڏي
اوج تي هئا. مشرق کان ايندڙ مال سمنڊ رستي شام کان
مصر، قبرص، روڊس، يونان ۽ ايشياءِ ڪوچڪ، ڪاري
سمنڊ، ڪريٽ، سسلي، اسپين تائين وڪرو ڪندا هئا. هنن
پھريون دفعو مھراڻ جي ماٿريءَ وارن کي ٽامي، ٽين ۽
شيهي کان واقف ڪيو هو. سندن ئي وجود ڪري مصر جي
ڊيلٽا واري تختگاهه ميمفس ۽ مھراڻ جي ڊيلٽا وارن
شھرن، جهڙوڪ پٽالا ۽ ڀنڀور بيروني دنيا سان واپار
ڪري ترقي ڪئي هئي. مھراڻ جي ڊيلٽا تي سندن ڪوٺيون
موريا خاندان ۽ اسڪندر يوناني کانپوءِ به گهڻو وقت
قائم رهيو هيون. جنھن به بندر يا شھر ۾ ڪوٺيون
وجهندا هئا ته مالگدام ۽ جھازن لاءِ دِڪا تعمير
ڪندا هئا. مھراڻ جي ڊيلٽا وارا شھر هڪ هزار ورهيه
ق.م. يورپ جي وينس ۽ لورپول شھرن جيتري حيثيت
رکندا هئا. ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ فنيقي ايماندار هئا.
پرڪٿي موقعو ملندو هئن، ته خوبصورت زالون ۽ مرد
گرفتار ڪري ڌارين ملڪن ۾ غلام طور وڪڻي ٽڪا
ڪمائيندا هئا. انھيءَ ڪري ڪنھن به ڌاري ملڪ ۾ گهر
جوڙي ڪونه ويٺا. هرهڪ سمنڊ لاءِ وٽن ڌار ڌار ٻيڙا
هئا. جيئن اڄ برطانيه ۽ آمريڪا وٽ آهن.

آرين قبيلن جو سنڌو ماٿري ۾ وارد ٿيڻ:
آريا وچ ايشيا جي ميدان کان نڪري، يورپ،
ايشياءِ ڪوچڪ، ايران ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وارد ٿيا.
وٽن چوپايي مال جا ڌڻ هئا. سندن سنڌو ماٿريءَ ۾
اچڻ جو زمانو مغربي محققن 1500 ق.م. ڏيکاريو آهي.
آريا سفيد فام قد ۾ جانٺا، مضبوط هئا. انھن وچ
ايشيا جي کليل ميدانن ۾ کير ۽ گوشت تي پرورش وٺڻ
ڪري، سنڌ ماٿريءَ جي قديم رهاڪن کان سگهارا هئا.
اهڙي رنگ ۽ ڀيد ڪري دشمنيءَ جو ٻج منجهن ڇٽجي ويو
۽ دراوڙن سان دشمني رکڻ لڳا. دراوڙ آرين جي خدائن
کي ڪونه مڃيندا هئا، اُهي پنھنجي قديم ڌرم تي قائم
رهيا، جيڪو تاريخ جي زماني کان اڳ منجهن رائج هو.
نه وري قربانيون ڪندا هئا. دراوڙن وٽ بيشمار
چوپايو مال، قلعا ۽ ڪوٽ هئا. اُهي محلن ۽ ماڙين ۾
رهندا هئا. زراعت، عمارت سازي، جھاز راني، ڪپڙي
سازي، تور ۽ ماپ، برتن سازي ۽ واپارکان واقف هئا.
وٽن رٿ جنگ جي ميدان ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ موجود هئا.
سندن رنگ ۽ روپ ۽ ڪاري چمڙي کي ڏسي آرين مٿن آناسه
(نڪ ڦِٿل) ۽ دسيو (غلام) نالا رکيا ۽ سندن نالن
کانسواءِ دراوڙي عورتن تي داسي (ٻانھي) نالو رکيو.
سنڌي قديم قوم، جنھن جو تمدن مصر، ڪريٽ، ڪلديا جي
متمدن قومن کان بيحد اُتم هو، جن جي تجارتي ناتن
ڪري سوسا، ايڪباتانا (همدان)، بابل، نينوا ۽ ميمفس
جا خزانا ڀرپور هئا، انھن قديم سنڌين جن کان متمدن
قومن روشني ورتي هئي، اها قوم، جنھن جي تمدن ۽
معاشرت جي نظام، اخلاقي نظريي ۽ قانون (پئنچاتي
سسٽم) کي ڌاريون حملي آور قومون ۽ زماني جا انقلاب
مٽائي ڪونه سگهيون، ان قديم متمدن قوم جي دولت،
فلسفو، معاشرتي نظام، فلسفي ۽ ڌرمي قانون کي هڪڙي
سفيد فام حملي آور قوم جا پاڻ کي شريف سڏائڻ لڳي،
منسوخ ڪري، آريائي تھذيب جي نشونما لاءِ آڳاٽي قوم
جي شھرن جي کنڊرن تي نوان شھر ۽ ڳوٺ ٻڌا ۽ دراوڙي
زبان کي مٽائي هڪ نئين ٻولي رائج ڪئي، جا سنسڪرت
(سڌريل) ٻولي سڏجي ٿي. سماجي جوڙجڪ لاءِ منو شاستر
جي قانونن موجب: (1) برهمڻ، (2) کتري، (3) ويش ۽
(4) سودر، چار ذاتيون ايجاد ڪري، قديم قومن کي
سودر (غلام) جو درجو ڏنو. سرسوتي ندي کان خيبر لڪ
۽ عربي سمنڊ تائين سپت سنڌوماٿريءَ ۾ جن آريائي
قبيلن بيٺڪون وڌيون، تن جي زبان سنسڪرت، ايراني
(زند)، يوناني، لاطيني، ڪليٽس، جرمن ۽ سَلافي
زبانن سان مشابهت رکندڙ آهي. انھيءَ آڌار تي
هندستان کان وٺي ويندي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري
تائين جيڪي به آريائي قومون رهن ٿيون تن جي زبانن
کي مغربي ماهرن، محققن ۽ زباندانن هڪڙو نالو
’اِنڊو جرمن‘ يا ’انڊو يوروپين‘ ڏنو. آريائن جي
اچڻ ڪري قديم قومن جبلن ۽ جهنگن ۾ وڃي پناهه ورتي.
اُهي اڄ سنڌ ۾ ڀيل ۽ ڪولي سڏجن ٿيون. ليڪن، آريائي
فاتح آورن آ شرم جي ايجاد ڪرڻ کانپوءِ به دراوڙن
کي فنا ڪري نه سگهيا. دراوڙي خون آرين جي رڳن ۾
پيوسته ٿيڻ کان علاوه، سنسڪرت زبان دراوڙي ٻوليءَ
سان ٽڪرجي، پراڪرت ٻولين ۾ ورهائجي ويئي. آرين جو
غلبو رفته رفته سيلون تائين پھتو هو. پر دکن ۾
دراوڙي حڪومتن، جهڙوڪ چولا، چيرا، پانڊيا ۽
ڪالنگها حڪومتون قائم ٿيون ۽ دراوڙي ٻوليون گونڊ،
تيليگو، ٽامل، ڪاناري ۽ ملالايم اڄ به اُتي رائج
آهن. بلڪ دراوڙي انڌارا راڄ جي آزاديءَ لاءِ ڀارتي
حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا آهن. سنڌو ماٿريءَ ۾
1500 ق.م. جن آريائي قومن بيٺڪون ۽ ننڍيون رياستون
قائم ڪيون، سي سامهون واري قديم سنڌوءَ جي نقشي ۾
ڏسي سگهو ٿا.
رگويد ۾ سنڌوماٿري:
آرين هندن جي ويدن ۾ ”رگويد“ سڀني ويدن
کان جهونو آهي، جو رشين سنڌو جي ڪپ تي قلمبند ڪيو
هو. انھيءَ منجھان ڪجهه روشني ملي سگهي ٿي.
”رگويد“ جا ڏهه جلد آهن، منجهس 1017 شلوڪ ڏنل
آهن.آريائي تھذيب جا خط و خال جهڙوڪ: ڌرمي رسمون،
شادين، گهرو زندگي، زراعت، شادي غمي ۽ رسمن رواجن
جو پتو پوي ٿو. ازانسواءِ، سنڌو ماٿريءَ جي
جاگرافيءَ جو به ڏس ملي ٿو، ته آريائي تھذيب جهوني
اتهاس ۽ تمدن کي ختم ڪري ڪھڙا گل ۽ ٻوٽا پکيڙيا.
هومر پنھنجي ”الياڊ“ ۽ ”اوڊيسي“ ۾ يونانين جي
پنگتي ۽ سياسي حالتن متعلق چڱو مواد ڏنو آهي،
ليڪن ”رگويد“ ۾ ڌنڌ ڏسي اسين نااُميد ٿيون ٿا.
البت، دسيو لاءِ جا بجا ديوتائن کان بدعائون گهريل
آهن يا راجائن جي دان ۽ پن جي تعريف ڪيل آهي.
جاگرافيءَ متعلق اسان کي سنڌو ماٿريءَ جي ٻن گم
ٿيل ندين ’سرسوتي‘ ۽ ’دروشادتي‘ جا نالا معلوم ٿين
ٿا. انھن مان سرسوتيءَ جي وهڪري جو ڏس ملي ٿو، جا
انبالا کان ڏکڻ طرف هئي. آريا وچ ايشيا کان نڪري
هندوڪش جبل کي لتاڙي پنجاب ۾ پيٽا هئا. اهڙي رستي
اختيار ڪرڻ ڪري هنن ڪابل نديءَ جو نالو ’ڪَڀا‘ ڏنو
آهي. سوات جي گلريز ماٿريءَ تي ’سواستو‘، ڪرم
نديءَ تي ’ڪرمو‘ ۽ گومل ندي تي ’گومتي‘ نالا
رکيائون. مھراڻ تي ’سنڌو‘ نالو رکيائون، جنھن نالي
تي سموري هندستان تي ’هند‘ نالو پيو. آرين کي خبر
هئي ته سنڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، پر هُو سمنڊ تائين
ڪونه پھتا هئا ۽ نه وري هنن مٿئين دؤر ۾ سمنڊ تي
ڪا مسافري ڪئي هئي. نه وري کين دريائن جي مڇين جي
خبر هئي، ڇاڪاڻ جو ڪابل ندي يا پنجاب ۾ ندين مان
ايتري مڇي نٿي مري، جيتري سنڌوءَ مان- جنھن ۾ سمنڊ
کان مڇيون اچن ٿيون. آرين مھراڻ جي موجن کي ڏسي،
مٿس ’سموندرا‘ سمنڊ نالو ڏنو هو. اڄ به آبڪلانيءَ
جي مند ۾ مھراڻ کي ’سنڌي سمنڊ‘ سڏين ٿا. مٿين ندين
کانسواءِ ”رگويد“ ۾ پنجاب جي پنجن ندين وتا ستا
(جهلم)، اسيڪني (چناب)، پروشني (رزاوي) جنھن تي
بعد ۾ اراوتي نالو رکيائون، وپاس (بياس) ۽ ستادرو
(ستلج) نالا ڏنل آهن. سرسوتي، ستلج ۽ جمنا جي وچ
واري علائقي مان وهندي هئي. ”رگويد“ واري زماني ۾
هيءَ مشھور ندي هئي، جا پوءِ جي زماني ۾ واريءَ ۾
گم ٿي ويئي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سرسوتي، پنجاب
جي ٻين ندين وانگي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
سرسوتيءَ جي هيٺ ڀرو دروشادوتي ٻي هڪڙي ندي به
وهندي هئي، جا چنٽنگ سڏبي هئي. سنڌي هن کي لوور
(Lower) سنڌ ۾ ’هاڪڙو‘ سڏيندا هئا. هن ندي جي وهڪري تائين ’برهم
ورتا‘ جون حدون هيون. ٽين ندي ’آپيوا‘ نالي هئي،
جا ٿانيسر جي ويجهو وهندي هئي. هتي هڪڙي ڍنڍ
’سونياونتي‘ نالي هئي ۽ پٽالا وارو علائقو
’پستياونت‘ ڪوٺبو هو. انھن ندين جي وهڪرن بدلائڻ
ڪري سنڌوماٿريءَ جون صحيح حدون يا برهم ورتا جون
حدون مقرر ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ”رگويد“ ۾ هماونت
(هماليه) جبل جو نالو به اچي ٿو، جنھن جي هڪڙي
چوٽيءَ جو نالو ’مجاونت‘ ڏنل آهي. جنھن جي نڪرڻ
واري هنڌ تي ’سوما‘نشيدار ٻوٽي لڀندي هئي، جا ڌرمي
پاٺ پوڄا ڪرڻ وقت آريا واپرائيندا هئا. ائين معلوم
ٿو ٿئي ته ’مجاونت‘ چوٽي ڏاکڻي ڪشمير جي واديءَ ۾
هئي. ونڌيا جبل، جن جي پريان دکن جو اپٻيٽ هو،
تنھن جي آرين کي اڃا خبر ڪانه هئي، نه نربدا نديءَ
جو نالو ڏنل آهي. يعني ته ”رگويد“ واري زماني ۾
آريا ڏکڻ هندستان تائين ڪونه پھتا هئا. جانورن مان سنڌوماٿريءَ ۾ هاٿين، هرڻن (مرگها) جا نالا
”رگويد“ ۾ ڄاڻايل آهن. اهو به ڄاڻايل آهي ته
سنڌوماٿريءَ ۾ آرين جون ننڍيون رياستون پکڙيل
هيون. انھن مان پنجاب جي ڏهن راجائن سان برهم ورتا
جي ڀارتا راجا سوڊا، جو ترتسو گهراڻي مان هو، وپاس
(بياس) ۽ ستادرو (ستلج)جي وچ ۾ جنگ جوٽي هئي.
”رگويد“ جي جلد 7 ۾ وششٽا جي شلوڪن ۾ مٿيون تاريخي
واقعو ڏيکاريل آهي. مٿئين جنگ ۾ آرين جي ٻنهي ڌرين
دراوڙي راجا ۽ دراوڙي قومن کان فوجي مدد ورتي هئي،
جن کي پڻي ۽ داسيو نالن سان سڏيو ويو آهي. اپرسنڌو
وارا آريا، جي ٻن نالن سان ڀارتا ۽ پورو ڪوٺبا
هئا، سي اڳتي هلي هڪڙي نالي سان ’ڪورو‘ سڏجڻ لڳا.
ڪورو نالو مٿن ’ڪويوي‘ آريا قومن ڪري پيو، جيڪي
سنڌو ۽ چناب واري دوآبه ۾ رهندا هئا. ويڪرنا آريا
به ڪريوي جا مددگار هئا. جملي 21 آرين قبيلن گڏ جي
سوڊا گهراڻي جي پنجن قبيلن کي شڪست ڏني هئي. انھن
آرين قومن کانسواءِ ’ڇيدي‘ بنديل کنڊ ۾ هئا. سنڌو
ماٿريءَ جي قديم رهاڪن جا نالا لبيسا، ڌوني،
چموري، پيپرو ۽ سامبرا ”رگويد“ ۾ ڏنل آهن. انھن
مان ڪي ته هجرت ڪري ويا، ڪي راڳي پيشو اختيار ڪري
رهيا ۽ ڪي وري غلاميءَ واري زندگي اختيار ڪري آرين
جي چاڪري ڪرڻ لڳا. سندن سڃاڻپ ورن آ شرم موجب ڪاري
چمڙي هئي. ڪاري چمڙيءَ کانسواءِ آرين سان دشمي
سندن قديم ڌرم هو. ”مھاڀارت“ جي زماني ۾ منجھان ڪن
هندو ڌرم اختيار ڪيو. اُهي اڳ دولتمند هئا. آرين
سندن نه فقط دولتن کي لٽي کين مفلس بنايو، پر شھرن
۽ ڳوٺن کان به تڙي غلاميءَ جي فولادي زنجير ۾
سوگهو ڪيو. اهو هو شريف وحشين جو قديم مهذب رهاڪن
سان سلوڪ، جنھن لاءِ ”رگويد“ شاهدي ڏئي ٿو. آريا
سماج ۾ سندن درجو ’سودرا‘ هو. قديم رهاڪو، جن کي
سفيد فام شريف ڦورن ’سودرا‘ جهڙو ذليل نالو ڏنو
هو، سي حقيقت ۾ آرين کان وڌيڪ مهذب هئا. اُهي شھرن
(پورا) ۾ رهندا هئا، وٽن اڪيچار چوپايو مال هو، جا
سندن دولت جي نشاني هئي. سندن شھرن کي فاتحن ناس
ڪري، قلعن ۽ ڪوٽن جا نشان مٽائي ڇڏيا. سندن مشھور
سنڌ جي دراوڙي راجا جو نالو ’بلبوٿا‘ هو، جنھن جي
فياضيءَ جا گيت راڳين جي زبان تي هئا. خود ”رگويد“
شاهدي ڏئي ٿو ته جن قديم سنڌي رهاڪن تي آرين دسيو،
سودر ۽ اناسه نالا رکيا هئا، تن مان شاديون ڪري،
سودرن جو رت پنھنجن رڳن ۾ گڏائي ڇڏيو. جيڪي دراوڙ
آرچوسيا (قلات، سراوان ۽ پشين) ۾ رهندڙ هئا، تن
آرين جي راجا ديووداسا سان مڪران تائين جنگيون
جوٽيون هيون. مٿين جنگين ۾ آرين جي سوئٽ ايرانين
ديووداسا کي سرسوتي نديءَ تائين سنڌين سان جنگين
ڪندي مدد ڏني هئي. مثلاً: سرسوتيءَ کي ايرانين
پنھنجي لهجي ۾ ’هارهاويتي‘ نالو ڏنو هو. ”رگويد“ ۾
ايرانين جو نالو ’پرٿاوا‘ (پهلوا) ڏنل آهي، يعني
”پارٿيا“ جا رهاڪو. ڪن هنڌن تي سندن نالو پرسو
(پارسي) ڏنل آهي. هيلبرڊنٽ، ويبر ۽ لڊوگ جو رايو
آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي نووارد آرين قبيلن جي
ايرانين سان مائٽي هئي. رگويدڪ زماني جي آرين تي
بابل جي سامي قوم ۽ فنيقا وارن جو اثر پيو هو. از
انسواءِ، سندن ديو مالا مان پتو پوي ٿو ته مٿن
قديم قومن جو گهڻي ڀاڱي اثر پيو هو. مثلاً:
’سوئمبر‘ جي رسم آرين قومن ڊرويڊين کان اخذ ڪئي
هئي. تور، ماپ ۽ وزن مهينا، سال ۽ موسمن جو شمار
به دراوڙ کان سکيا هئا، جن جو اڳ بابل سان واپار
هلندڙ هو.
رگويدڪ زماني ۾ صنعتي ۽ معاشي حالت:
ويدڪ زماني ۾ صنعتي ۽ معاشي حالتن جي پوري
خبر پئجي نه ٿي سگهي. ملڪ جي معيشت جو مدار زراعت
تي هو. جابجا ’وسي‘ ننڍڙا ڳوٺ ۽ ’گراما‘ وڏا ڳوٺ
پکڙيل نظر اچن ٿا. وسين ۾ وسپتي (وڏيرا) ۽ گرامن ۾
گراماني (مکي يا چوڌري) جو ڏس ملي ٿو. هاري، هر ۽
ڍڳا کيڙيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. گهوڙي دوڙ راندين ۾
گهوڙا به نظر اچن ٿا. هر هڪ ڪٽنب جو ’پريو مڙس‘،
ملڪيت سنڀاليندڙ هو. زمينون ڪٽنبن ۾ ورهايل هيون.
ٻنيءَ لاءِ ’ڪثيترا‘ لفظ ڪتب آندل آهي. زمينن جي
پيمائش به ٿيندي. جنھن لاءِ ’خليا‘ لفظ ڏنل آهي.
پيءَ جي جيئري پٽن کي زمين تي ڪو حق نه هو. پيءُ
پنھنجن پٽن کي گذران لاءِ زمين ورهائي ڏيندو هو.
آريا تعداد ۾ ٿورا هئا ۽ زمين گهڻي هئي، تنھنڪري
ڪٽنب جا ڀاتي گهرج آهر زمين آباد ڪندا هئا. دولت
جي نشاني چوپايو مال، سون ۽ چانديءَ جا زيور
(نشڪا) هئا. واپاري ڏيتي ليتيءَ وقت چوپايو مال ۽
زيورن ذريعي خريد ۽ فروخت ڪندا هئا. موئن جي دڙي
وارن وٽ سِڪا هئا، مگر نووارد آرين کي سڪن جي ڪا
خبر ڪانه هئي. سمورو واپاري ونهوار زيورن ۽ چوپايه
مال (ڍڳا ۽ ڳئون) ذريعي هلندو هو. آريا تعداد ۾
ٿورا هئا، راڪشن ۽ دسيو سان جنگين ڪرڻ لاءِ هڪٻئي
کان مدد وٺڻ جي ضرورت پوندي هئي، انڪري ڪي ڪٽنب
پيڙهين تائين گڏ رهندا هئا. قبيلا ’جنا‘ سڏبا هئا،
جيڪي وسين ۽ گرامن جي نظرداري ڪندا هئا. اهڙو
سرشتو قديم يونان، جرمني ۽ اٽليءَ ۾ به ساڳيءَ طرح
نظر اچي ٿو. انھن گروهن مٿان راجائون به هئا، جن
لاءِ ’راجينا‘ لفظ ڪتب آندل آهي. نووارد آريا،
قديم رهاڪن جا دشمن هئا. فسادن جو هر وقت خطرو
رهندو هو جنھنڪري زرعي پيشه ورن، هنرمندن کي ڪنھن
مرڪزيت ماتحت اهي وٺڻ جي ضرورت هئي، جيئن گڏجي
دولتمند دراوڙن جي دولت، زمين ۽ چوپايي مال لٽڻ ۾
کين آساني ٿئي. راجائن جا صلاحڪار پروت برهمڻ هئا.
عوام پاران نمائندن جي جماعت سمتي ۽ سڀا ۾ بطور
صلاحڪار هئا. ملڪ ۾ وياج خوريءَ جو رواج به هو.
بعض شاهوڪار، قرض جي عيوض قرضائن جي زالن ۽ ٻارن
کي غلام بنائيندا هئا. ملڪ جي عوام جي خوشحاليءَ
جو مدار زراعت تي هو ياوا (جَون) جي پوک جو ڏس ملي
ٿو. کيتن کي ڪسين ۽ ڪڙين ذريعي پاڻي پھچندو هو.
رڍن، ٻڪرين ۽ گڏهن جا گلا ڳوٺاڻن وٽ هئا.
تيرڪمان، ڄارن ۽ پنجوڙن سان شڪار ڪندا هئا. شينهن،
هرڻن ۽ پکين جو شڪار ڪندا هئا. پالتو هاٿين وسيلي
جهنگلي هاٿي ڦاسائيندا هئا. جنگ جي ميدان لاءِ
رَٿ، بيل گاڏيون واڍا تيار ڪندا هئا. اوزار ۽ برتن
پتل، ٽامي ۽ لوهه مان جوڙيندا هئا. ڳوٺن ۾ رنگريز
ڪپڙا رنڱيندا هئا. چرخن تي زالون گهرن ۾ سُٽُ
ڪتينديون هيون. سنڌ ۾ ڪپڙي اُڻڻ جو هنر هر صديءَ
جاري رهندو آيو. فاتح آريا، روم جي هولناڪ فاتحن
وانگر قديم رهاڪن کان زراعت، ڌراڙي ۽ صنعتي محنتون
ڪرائيندا هئا. مڇين جي شڪار ڪرڻ کان اڻ واقف هئا.
پتڻ تي ساديون ٻيڙيون هيون، جن کي نه سِڙهه هئا نه
وري ڪمرا .کير، مکڻ، گيھه جام هئا. ترڪاريون ۽
ميوا به جام هئا. آريا ماس خَور هئا. ڍڳن، رڍن،
ٻڪرين ۽ سوئرن جو ماس ۽ شراب ڪتب آڻيندا هئا. شراب
ٻن قسمن جا هئا: سوما، جبل جي ٻُوٽيءَ جو شراب ۽
سورا، جَون جو شراب. ڌوتي ۽ چادر لباس هو. زالن ۽
مردن ۾ نچڻ جو رواج هو. دهل، سارنگيون ۽ بانسريون
ساز هئا. بھرحال، ويدڪ دؤر ۾ سنڌي آسودا، سکيا،
ستابا هئا.

برهمڻي دؤر ۽ مھاڀارت ۾ سنڌ:
مھاڀارت ۽ برهمني دؤر 1400 کان 800 ق.م.
تائين جاري رهيو، جڏهن آرين جي قبيلن ڀارت ورشا
کان اڳتي وڌي اندرپرستا، هستناپور، ڪپل وستو،
پرياگ، ڪوسلا، مٿيلا، ڪاشي، پتاليپوترا، راجگري،
گيا، للتاپٽن جاراڄ ۽ نوان شھر تعمير ڪرايائون. هن
دؤر ۾ ”رامائڻ“ ۽ ”مھاڀارت“ ٻه واقعا ٿي گذريا.
”رامائڻ“ والميڪ رشيءَ جو لکيل آهي ۽ ”مھاڀارت“
ويدوياس جو لکيل آهي، جنھن ۾ آرين جي ٻن ڌرين
پانڊون ۽ ڪورون جي هَستناپور جي گاديءَ لاءِ
کروکيشتر جي جنگ لڳي هئي. برهمڻن، حياتيءَ جي چئن
آشرم کي زور وٺرايو. ائوڌ جو راجا دسرت، جنھن جو
تختگاهه ايوڌيا هو، تنھن کي ٽي راڻيون هيون: (1)
ڪوشليا، (2) سمترا، (3) ڪيڪئي. ڪوشليا جو پٽ هو
رام- سمترا جا پٽ هئا لڪشمڻ، شترگهن ۽ ڪيڪئي جو
پُٽ هو، ڀرت. راجا جي ڪيڪئيءَ سان دل هئي، جا سنڌو
ماٿريءَ جي ڪيڪيا ديس جي راڻي هئي، جنھن جي چوڻ تي
راجا ’ڀرت‘ کي وليعھد ڪيو. رام، مٿيلا جي راجا جنڪ
جي ڌيءَ سيتا سان سوئمبر ذريعي شادي ڪئي هئي.
ڪيڪئي جي چوڻ مطابق، رام کي دکن جي ڊنڊڪ بَن ۾
چوڏهن ورهيه بن واس رهڻو پيو. هڪڙي ڏينھن رام جي
غير حاضريءَ ۾ لنڪا جو راجا راوڻ، جو اڻ آريه هو،
سيتا کي لنڪا ڀڄائي ويو. رام دکن جي دراوڙ راجا
سگريو جي مدد سان راوڻ کي ماري ، ايوڌيا تي راڄ
ڪيو، ڀرت جي ڇهين پيڙهيء مان هستناپور تي پانڊو
راجا راڄ ڪندو هو. پانڊو کي پنج پُٽ هئا: (1) نڪل،
(2) سهديو، (3) ڀيم، (4) ارجن، ۽ (5) يڌسٽر- پيءُ
جي مرڻ کانپوءِ هستناپور ۾ راڄ ڪندا هئا. پانڊو جي
وڏي ڀاءُ جو نالو ڌر تراشٽر هو جنھن کي هڪ سؤ پُٽ
هئا. وڏي پٽ جو نالو ڌريوڌن هو، جنھن پانڊون کي
هستناپور مان تڙي ڪڍيو؛ جتان هُو قنوج ويا ۽ اتي
جي راجا پنچال جي ڌيءَ دروپدي سان ارجن سوئمبر
ذريعي شادي ڪئي، جا پنجئي ڀائرن جي زال ٿي.
ڌرتراشٽر پانڊون کي گهرائي، اندرپرستا جو پرڳڻو
ڏنو. ڌريوڌن جو سندن خلاف هو، کين دعوت ڏيئي
هستناپور گهرائي جوئا ۾ سندن زال کٽي ۽ پانڊون کي
شرط موجب ٻارهن ورهيه بنواس ڀوڳڻو پيو. گجرات جي
يادو راجا ڪرشن، ڪورون کي گهڻو سمجھايو، مگر هُو
ڪونه مڙيا. جنھن تي ڪرشن ڀيلن جي لشڪر سان ڪورو
کيشترا (پاڻي پٽ) جي ارڙهن ڏينھن واري، يڌ ۾ ڪورون
کي جيتيو. سنڌ جو ”مھاڀارت“ سان ڪھڙو تعلق هو، ان
لاءِ اسان کي پتو پئجي نٿو سگهي. البت، ڌرمي ڪٿائن
مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته پانڊون جي زماني ۾
هستناپور جي راجا جمني جياني، جو پانڊون جي نسل
مان هو، تنھن سنڌ جي راجا اسواپتي کي قتل ڪيو هو.
تنھن کانپوءِ سنڌ جي ٻن قومن- ميد ۽ جاٽ جو ذڪر
اچي ٿو، جيڪي سنڌونديءَ جي ڪپن تي رهنديون هيون ۽
سندن گذران ڦرلٽ تي هو. ٻئي قومون جھاز رانيءَ جي
فن کان واقف هيون. ميد، انڊو يوروپين قوم هئي.
سندن حڪومت ايران جي مٿاهين پَٽ جي وڏي حصي تي
هئي. ميديا وارن جو تختگاهه ايڪباتانا (همدان) هو.
612 ق.م. انھن ڪلداينن سان گڏجي اشور وارن جو
خاتمو ڪيو هو. پوءِ ايران جي ماتحت ٿي ويا. جا ٽن
کي مؤرخ ’سٿين‘ لکن ٿا. هڪ نئين قوم هئي، جنھن جو
ڏس سنڌ ۾ ويدڪ زماني کان ملي ٿو. عيسوي ڇهين صديءَ
۾ ’ميڊو ايراني‘ حڪومت جو اُلھندي ايشيا ۾ اوج جو
زمانو هو. اوستا مان به پتو پوي ٿو ته ايرانين ۽ ميدن جو قنڌار ۽
بلوچستان تي اثر پيو هو. ڳچ وقت ميد ۽ جاٽ پاڻ ۾
وڙهڻ کانپوءِ، ٻنهي قومن پنھنجا سردار هستناپور
روانا ڪيا. ڌرتراشٽر جي پٽ ڌريوڌن، جيدارٿ جي راڻي
دهسلا کي، جا سندس ڀيڻ هئي، ٽيھه هزار برهمڻن سان
سنڌ ڏانھن روانو ڪيو. دهسلا ميدن ۽ جاٽن کي ملڪ
ورهائي ڏنو ۽ امن امان سان حڪومت ڪئي. تنھن
کانپوءِ پانڊون جو راڄ شروع ٿيو. پانڊون جي
پڄاڻيءَ بعد، وري ڪورون جي نسل مان راجا هال سنڌ
جو حاڪم ٿيو، جو سنجو راءِ جي نسل مان هو.
سنڌ جي معيشت، صنعت ۽ واپار:
برهمڻن، مھاڀارت ۽ برهمڻي دؤر ۾ اڳي کان
وڌيڪ زور ورتو هو. هنن چيو ته برهمڻ ايشور جي مک
مان پيدا ٿيا آهن، ته علم سکن ۽ سيکارين، ڌرمي
رسمون بجا آڻين ۽ راجائن کي صلاحون ڏين. ڌَرمي
ڪريا ڪرم سندن حق آهي. کتري حڪمران طبقو ايشور جي
ٻانھن مان پيدا ٿيو آهي. سندن ڪم آهي سپاهي ٿين،
راجائن ۽ رعيت جي بچاءَ لاءِ دشمن سان وڙهن ۽
حڪمراني ڪن. وئش، سندس سٿر مان پيدا ٿيا آهن، جي
وڻج واپار، پوک ۽ ٻيا ڌنڌا ڪن. شودر، سندس پيرن
مان پيدا ٿيا آهن، جي ٽهل ٽڪور ۽ ٻيا ڌنڌا ڪن، جي
نيچ هجن. برهمڻن، حياتيءَ جا چار آشرم مقرر ڪيا.
(1) برهمچريه: جنھن ۾ هو حياتيءَ جا پھريان 25
ورهيه گروءَ وٽ تعليم وٺندا هئا. (2) گرهست: جنھن
۾ هو شادي ڪري پنھنجو عيال سنڀاليندا هئا (3) وان
پرست: جنھن ۾ هوڌڻيءَ جي بندگي ڪندا هئا. (4)
سنياس: جنھن ۾ دنيا کي ترڪ ڪري اڪيلائيءَ ۾ وڃي
بندگي ڪندا هئا. هن دؤر ۾ راجا کي جيئن وڻندو هو،
تيئن ڪندو هو. هُن کي سڀ اختياريون هونديون هيون.
ماڻھن کي سزا ذات موجب ڏني ويندي هئي. ساڳئي ڏوهه
لاءِ برهمڻ کي تمام هلڪي سزا ملندي هئيءَ ۽ شودر
کي تمام ڳري سزا ملندي هئي. ڳوٺ لاءِ مکي يا پريو
مڙس هوندو هو، جو راجا کي سالياني ڍل پھچائي ڏيندو
هو. ”منو شاستر“ هندن جي قانونن لاءِ هن دؤر ۾ منو
قانون دان تصنيف ڪيو هو. حالانڪ ويدڪ زماني ۾ سموري جنتا طبقن ۾ ورهايل هئي. ”منو
شاستر“ جنھن نموني ۾ هندن کي جاتين ۾ وراهيو هو،
اُن قانونن موجب فقط برهمڻ ۽ کتري فائدي ۾ رهيا،
باقي ويش ۽ شودر غلاميءَ جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
گويا برهمڻن زور وٺڻ کانپوءِ عوام جي آزاديءَ تي
ڌاڙو هنيو. ويش ۽ شودر، جن جو تعداد برهمڻن ۽
کترين کان وڌيڪ هو، تن تي سماج ۾ بندشون پئجي
ويون. حڪومت ڪرڻ، فوجي ڪاروبار، تعليم ۽ واپار فقط
پھرين ٻن جاتين جي ملڪيت بنجي ويا. ويش ۽ شودر
اهڙن فائديمند ڌنڌن ۽ تعليم جهڙي نعمت کان محروم
رهجي ويا. البت، شودرن جي مقابلي ۾ ويشن کي واپار،
هنر ۽ کيتي ڪرڻ جي آزادي هڪ حد تائين ملي ويئي.
باقي سنڌ جا قديم باشندا جيڪي اڳ دسيو ۽ راڪش جهڙن
ذليل نالن سان سڏبا هئا، تن تي شودر يعني ’نيچ‘
سڏجڻ جي قانوني طور مهر لڳي ويئي. حالانڪ اڳ آريا
منجھان شاديون ڪندا هئا. هينئر منجهن جنم وٺڻ عظيم
گناهه هو. جيئن آمريڪا ۾ سياه فام حبشين کي حقارت
جي نظر سان ڏسن ٿا. يا جيئن ڏکڻ آفريڪا جا سفيد
چمڙيءَ وارا حڪمران هن ترقي جي دؤر ۾ ڪارن حبشين ۽
هندستانين سان برتاءُ ڪن ٿا. سوترن موجب، هرهڪ
جاتيءَ کي پنھنجيءَ ڪُل مان شادي ڪرڻ جو حُڪم
مليو. قضا سان جن شودرن مان شادي ڪئي، تن جو قدر
گهٽجي ويو. برهمڻن کي موروثي حق مليل هو. ته جنھن
جاتيءَ مان وڻين شادي ڪن، پوءِ ڀل شاهي خاندان هجي
ڪنھن به فرقي کي ذات بدلائڻ جي اجازت نه هئي. ڪنھن
ويش کي تخت ۽ تاج لاءِ دعويٰ ڪرڻ جي مجال نه هئي.
برهمڻ ۽ کتري ويشن مان شاديون ڪندا هئا، پر بدنصيب
ويشن جو شمار نيچ قومن ۾ هو. برهمڻن کي تحفا ملندا
هئا، سوما جو شراب پيئندا هئا. کاڌو کين مفت ملندو
هو. راجائون ۽ دولتمند سندن معرفت قربانيون ڪندا
هئا. شودرن کي زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ حق نه هو.
راجائون ڪنھن به وقت سندن دولت تي قبضي ڪرڻ جو حق
رکندڙ هئا. امير جيڪي راجائن کي وقت سر مدد ڏيندا
هئا، تن جي چاڪري ڪرڻ گهٽ ذاتين وارن لاءِ قانوني
فرض هو. امير، يورپ جي طوائف الملوڪي دؤر وانگي
جاگيردار هئا. کين حق هو ته گهٽ ذات وارن گگدامن
کان حيوانن کان وڌيڪ محنت وٺن. راجائن وانگر گهٽ
ذات وارن جي جائداد تي قبضي ڪرڻ تي قادر هئا. اهڙن
فعلن کي پنھنجو اميراڻو حق سمجهندا هئا. ويش به
سندن اجازت کانسواءِ واپار ڪري ڪونه سگهندا هئا.
شودرن جي حيثيت، رومن شهنشاهت جي زماني وارن مصر
جي قبطين جهڙي هئي. شودر بدنصيبن کي قتل ڪرڻ
اميراڻي طبقي لاءِ محض چرچو هو. شودر قديم رهاڪن
کان اڳ فاتح آريا هارپي ۽ سپهه گري جو ڪم وٺندا
هئا، جو بدنصيبن لاءِ قانوناً هميشه لاءِ بند ٿي
ويو. هينئر اُهي نه صرف غلام هئا، پر ناپاڪ به
هئا. کين علم پرائڻ يا قربانين ڪرڻ لاءِ ڪو حق نه
هو. نه وري ٻين فرقن جي سوسائٽي يا مجلسن ۾ شريڪ
ٿي سگهيا ٿي. ٻيون ذاتيون کين ڌڪار جي نظر سان
’اُگرا‘ سڏيندا هئا. اتفاق سان جنھن شيءِ کي سندن
هٿ لڳي ويندو هو، اُها به ناپاڪ ٿي ويندي هئي. غرض
اُهي جنم جنم کان وٺي قيدي هئا. غلامي ۽ چاڪري ڪرڻ
جي کين اجازت هئي. باقي هر طرح زنجيرن ۾ سوگها
هئا.
1000 ق.م. کان 600 ق.م. برهمڻن هر هنڌ زور
ورتو. موگهير کان وٺي گنڌارا ۽ سنڌ تائين منوءَ جي
’ورن آشرم‘ وارن قانونن جي اوٽ ۾ برهمڻ ماڳهين
عوام کي دوزخ جي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ ۽ ساڙڻ شروع ڪيو.
قانون پنھنجي سخت نوعيت ڪري امن امان قائم ڪرڻ
لاءِ بيحد مفيد ثابت ٿيا، پر قومي وحدت لاءِ قطعي
غيرموزون ثابت ٿيا. رستي تي ڦُر ڪندڙ کي وڻ ۾
لڙڪائي ڦاسي ڏيڻ، زوريءَ بدراهه ڪندڙ کي گاهه جي
ڍڳ ۾ پوري باهه ڏيڻ، ڳئون چورائيندڙ جو نڪ ڪپڻ،
چور کي چورايل مال جي عيوض يارهن حصا وڌيڪ ڏنڊ ڀري
ڏيڻ، چوپايو مال چوري ڪندڙ کي هر سان ٻڌڻ، ڪن
ڏوهارين کي سزا طور زهر ڏنو ويندو هو. بعض حالتن ۾
ڏوهارين کي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ تتل لوهه جو گولو
هٿ تي رکي باهه مان لنگهڻو پوندو هو. ڪن موقعن تي
تيرانداز ڪمان ڪشي تيرڦٽو ڪندا هئا. جيسين تير کڻي
ماڻھو پھچي، تيسين ڏوهاريءَ کي ثابتي پيش ڪرڻ لاءِ
پاڻيءَ اندر ٽٻي هڻي رهڻو پوندو هو. ان وچ ۾ ٻڏي
ويو ، ته سمجهبو ته ڏوهاري هو. خونيءَ کي هڪ سو
ڳئون ۽ هڪ ڍڳو برهمڻ کي ڏيڻو پوندو هو. رشوتين ۽
سازشين لاءِ سزا موت هئي. ليڪن برهمڻ کي اهڙي ڏوهه
ڪرڻ جي عيوض فقط سماج کان ڪجهه وقت ڌار رهڻو پوندو
هو. شودر جيڪڏهن ڪنھن آريه جي بيعزتي ڪندو هو، ته
هُن جي ڄڀ وڍي ڇڏيندا هئا. کتري جيڪڏهن شودر کان
سواءِ ڪنھن ٻي ذات جي عورت جي آبرو ريزي ڪندو هو،
ته هڪ هزار روپيا ڏنڊ ڏيڻ جي علاوه پيشاب سان هُن
جي ڏاڙهي ڪوڙائيندا هئا. شودر يا ويش ڪنھن خانداني
عورت سان زنا ڪندو هو ته هُن لاءِ سزا موت هئي يا
پنھنجي مخصوص عضوي کي وڍائڻو پوندو هوس. کتري راڄ
۽ ڀاڳ جا مالڪ هئا. ديوتائن ۽ ديوين جي شڪتين جي
نوعيت به نرالي هئي. برهمڻ، جي کترين جا اڳواڻ
هئا، اهڙن خيالي بتن اڳيان انسانن کي ٻليدان ڪندا
هئا. بلڪ برهمڻن جي فيصلي موجب سمورا آريا
ديوتائون هئا، حالانڪ آرين جي رڳن ۾ دراوڙن جو رت
گڏيل هو. گيان ۽ وگيان جا ڀنڊار برهمڻن جي ملڪيت
هئا. سنسڪرت جا اُستاد ’ڪُل پتي‘ سڏبا هئا. بيان
ڪيل قانونن کي نافذ ڪرڻ ۽ پابندي ڪرائڻ لاءِ
راجائن کي تجربيڪار، ودوان برهمڻن جي جماعت پاڻ وٽ
رکڻي پوندي هئي. جيئن روم جا پوپ مذهبي اقتدار جي
زماني ۾ يورپ جي حاڪمن کي بعض مخصوص حقن لاءِ
سندون ڏيندا هئا، تيئن برهمڻ آريائي ننڍين رياستن
جي راجائن کي ’چڪرورتي‘ ۽ ’اوتار‘ جا لقب ڏنا هئا
۽ درباري اميرن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪن کي
’رتني‘ (هيرو) جي لقب سان نوازيو هو. سيناپتي کتري
راجائون سياه ۽ سفيد جا مالڪ هئا ۽ برهمڻ روحاني
پيشوا ۽ راجنيتڪ ۽ سماجڪ قانونن جا خداوند هئا.
راجائن کي مجال نه هئي جو برهمڻن کي ناراض ڪن،
ڇاڪاڻ ته اُهي راجائن کي به سزائون ڏيندا هئا ۽
سندن ديوتا سراپ ڏيڻ تي قادر هئا. تعليم ڏيڻ جو
سمورو ڪاروبار به برهمڻن جي سپرد هو. اهڙن اسبابن
ڪري کتري سندن چنبي ۾ گرفتار هئا.
سرڪاري کاتن مٿان کتري عملدار هئا.
عملدارن جا جدا جدا عھدن مطابق خطاب هئا. شھرن
مٿان ڀاڱادگا (ڪليڪٽر)، دَرباري عھديدار سٿاپتي ۽
نشاداسٿاپتي يعني صوبن جا عامل ڳوٺن مٿان گراماني،
جن کي سول ۽ فوجي اختياريون مليل هيون. هُو راجا
پاران نائب هو. گراماني، سيناني ڪمانڊر انچيف جي
ماتحت هئا. قبيلن جي زمينن جي حفاظت ڪرڻ جو
ڪاروبار به گراماني جي نگرانيءَ هيٺ هلندو هو.
جيئن ويشن ۽ شودرن تي شاهي اقتدار قائم رهي.
گراماني جو حڪم سڀني تي هڪجهڙو لاڳو رهندو هو.
سيناني کي زمينن ڏيڻ جو اختيار هو. عدل ۽ انصاف
ڪرڻ لاءِ راجائن وٽ محدود دائري اندر مجلس (سڀا)
صلاحڪار ڪاميٽي رهندي هئي، ڏوهارين کي راجائون سزا
ڏيندا هئا. سورا شراب پيڻ، حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ
وڏا ڏوهه هئا. ڏنڊ جي سزا کتري لاءِ هڪ هزار ڳئون،
ويش لاءِ هڪ سئو، شودر لاءِ ڏهه ڳئون ۽ هڪ ڍڳو.
موت جي سزا فقط شودرن لاءِ مخصوص هئي. پيءُ کي
اختيار هو ته پنھنجي جيئري ملڪيت پٽن کي ورهائي
ڏئي، وڏي پٽ جو وڌيڪ حصو هو. زالون، ٻار، شاگرد،
غلام، انڌا، بيمار ۽ برهمڻ ڍلن کان آجو هئا.
هنرمندن کي محنت جو اجورو ڳوٺاڻن کان ملندو هو.
راجائون ۽ امير لوڪ عياشيءَ ڪاڻ گهڻن زالن سان
شادي ڪندا هئا. هڪ عورت گهڻن ني مردن سان شادي
ڪندي هئي. اها رسم اڄ به ملبارجي نائر قوم ۾ رائج
آهي. عورتن کي پنھنجي ست جي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ
باهه جي مچ مان لنگهڻو پوندو هو. زالن کي ملڪيت
مان ڪو حصو ڪونه ملندو هو. صغير ٻالڪن کي ملندو
هو. هن دؤر ۾ سنڌو ماٿري زرخيز هئي، پر ڏڪار جو
خطرو به رهندو هو. ميد ۽ جاٽن جي جنگين لڳڻ ڪري
مھراڻ جي زرخيز ڪپن تي امن خطري ۾ پئجي ويو. پر
راڻي دهسلا جي سياڻپ ڪري ملڪ ۾ امن قائم رهيو. اُن
زماني جا هر نھايت وزندار هئا. 24 ڍڳا هر سان ٻڌبا
هئا. تِل (تِر)، ڪرپاسا (ڪپهه)، ياوا (جَو) ۽
چانورن جي پوک ٿيندي هئي. برهمڻن جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري
پپر ۽ بڙ جا وڻ به نظر اچن ٿا. هاريءَ کي فصل لهڻ
وقت پنجون حصو ملندو هو ۽ راجائون ڇهون حصو کڻندا
هئا. تيلي ٻجن، چوپايي مال، سون ۽ ڪپڙي تي پنجون
حصو ٽئڪس وٺندا هئا. ماڻھو ڌيئرن جي شادين وقت
گهوٽيتن کان زر، زمين، گهوڙا، هاٿي وٺڻ لاءِ حق
رکندو هو. قرضائي، مھاجن کي 15 سيڪڙو وياج ڏيڻو
پوندو هو. قرضائيءَ جو سمورو ڪٽنب قرض ڀري ڏيڻ
لاءِ جوابدار هو. قرض نه ڏيڻ جي صورت ۾ مھاجن،
قرضائن کي گهرن ۾ بند ڪري ٻاهران پھرو بيهاري
ڇڏيندا هئا، ته ڀل قرضائي بُک ۽ اُڃ جي وگهي ڦٿڪي
مرن.
هن دؤر ۾ هنرن ترقي ڪئي. ڪاريگرن جي مختلف
پيشن جي خبر پئجي سگهي ٿي. مثلاً شڪاري، مھاڻا،
ڌراڙ، ڪڙمي، ڪوري، ڪاسائي، جوهري، سونارا، انگريز،
لوهر، واڍا، حجام، ڪنڀر، ڌوٻي، ملاح، ٻيڙائتا،
ڪاٺيار، دربان، قاصد، مراثي وغيره. گهرو هنر جاري
هئا. زالون سٽ ڪتڻ، ڪپڙي اُڻڻ، ڪپڙي رڱڻ، زردوزي ۾
ڀڙ هيون. غريب ڳوٺاڻا ۽ سندن زالون تڏن ۽ ٽوڪرين،
ڪانھن مان رسن جوڙڻ ۾ رڌل نظر اچن ٿا. سنڌونديء تي
واپار ٻيڙين وسيلي هلڻ لڳو. مھاڻا (ميد) مڇين ۽
پکين جو شڪار ڪندي درياءَ ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي
جهوپڙين ۾ نظر اچن ٿا. راڳيندڙ مراثي ڪٿا ڪرڻ وقت
مندرن ۾ راڳ ڳائيندي نظر اچن ٿا. شھرن ۾ ويد،
حڪيم، جڙين ٻوٽين مان جڙيلن دوائن ذريعي خاص طور
مليريا، سَنڌن جي سور وارن جي دوا ڪندا هئا. نئون
سال ڦلگيني، فبروري مانگهه مهيني کان شروع ٿيندو
هو. راجائون گهوڙن جي قرباني ڪندا هئا. عوام دڪشنا
(خيرات) ميوا، ڀاڄيون ۽ کير ڏيندا هئا. اهڙو دان
قربانين کان گهٽ درجو هو. سال ۾ 12 ڏينھن برهمڻن
قربانين لاءِ مقرر ڪيا هئا. ڏڻن تي راجائون رٿن جي
نمائش ڪندا هئا. آسودگيءَ ڪري سنڌي روايتي طور
مھمان نواز هئا. مھمانن لاءِ ميزبان ڍڳا ۽ ٻڪريون
ڪُهندا هئا. جانورن جي مٿين ڪوس ڪري فن جراحيءَ جو
دؤر به هتان شروع ٿيو. سنڌي مٿي تي چوٽي، ۽
پيشانيءَ تي زعفران ۽ چندن جو تلڪ هڻندا هئا. بتن
تي جيڪي ساليانو، يا ڏڻن تي ميلا لڳندا هئا، اهڙن
موقعن تي وڻج واپار به جام هلندو هو. شھرن جون
جايون گهڻو ڪري ڪاٺ جون جڙيل هيون. تور ۽ ماپ جو
اڳ رواج پئجي چڪو هو. هڪ قسم جو سڪو ’ڪرشنا‘
واپاري استعمال ڪندا هئا. دولتمند واپاري ’سرشٿين‘
ڪوٺبا هئا. ”رگويد“ جي زماني ۾ سامونڊي واپار جو
ڏس نٿو ملي.
عربن جو واپار:
هوئن ته فنيقيا وارا به عرب هئا، پر
حَضُرموت ۽ يمني عرب به سمنڊن تي واپار ڪندا هئا.
برصغير سان عَربن جو واپار هزارها ورهين کان جاري
هو. دنيا ۾ عرب پھرين قوم هئي، جن کي سامونڊي رستن
جي خبر هئي. يوناني گهڻو پوءِ برصغير کان واقف ٿيا
هئا. عربستان ٽن طرفن کان سمنڊن جي گهيري اندر
آهي. منجهس شادابي نه هئڻ ڪري، قدرتي طور هتي جا
رهاڪو واپاري هئا. خوش قسمتيءَ سان سندس چئني طرفن
کان جيڪي ملڪ آهن، سي دولتمند ۽ متمدن دنيا جا ملڪ
شمار ٿين ٿا، جهڙوڪ عراق، شام، مصر، آفريڪا، ايران
۽ سندس سامهون برصغير هند، جنھن جو سرحدي صوبو سنڌ
عربن کي گهڻو ويجهو آهي. ازانسواءِ عرب جا صوبا
حجاز، يمن، حَضرمُوت، بحرين ۽ عمان ڳاڙهي هندي وڏي
سمنڊ ۽ ايراني نار تي آباد آهن. اهڙي جاگرافيڪل
نوعيت ڪري هن عظيم ويران اُپٻيٽ کي واپار جا موقعا
قدرت کان مليل هئا. دنيا جي واپار جي تاريخ جا ورق
ورائي ڏسو: اوهان کي سمنڊن تي عربن جا غوراب ۽
خشڪيءَ تي عربن جا قافلا مال سان ڀريل گشت ڪندي
نظر ايندا. بين الاقوامي تاريخ جو جهوني ۾ جهونو
ڪتاب ”توريت“ آهي، جنھن ۾ حضرت يوسف عليھ السلام
کي قافلن مصر پھچايو هو. هن شاهراه جو يوناني به بيان ڏنو آهي. عرض حضرت يوسف عليھ
السلام جي زماني کان وٺي ويندي مارڪو پولو ۽ واسڪو
ڊيگاما جي زماني تائين هندستان ۽ سنڌ جي واپار جا
مالڪ عرب جھاز ران واپاري هئا. بعد يونان جڏهن مصر تي قبضو ڪيو، تڏهن واپار تي به قبضو
ڪيائون، ڇاڪاڻ ته شام ۽ مصر وارو رستو هنن لاءِ
پرامن هو. هن واقعي کانپوءِ عربن جي واپار جي
اڳوڻي رونق ويندي رهي. تاهم اسلام جي ظهور وقت مڪي معظمھ جي قريش واپارين کي قافلن
جي اَچ وڃ ڪري ساليانو ٻه ڪروڙ روپيا آمدني هئي. ڏکڻ اولهه عربستان، حضر موت ۽ يمن جي خير ۽ برڪت جو وڏو سبب
هي هو، جو مصر ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري مال سمنڊ رستي
پھريان هتي پھچندو هو ۽ پوءِ خُشڪيءَ رستي مغربي
ڪناري تائين پھچندو هو. اهو واپار اُن زماني ۾ بند
ٿيو، جڏهن مصر تي بطليموس جي بادشاهن هندستان کان
اسڪندريه تائين سڌو سنئون رستو تيار ڪيو هو. يونانين ’باب المندب‘ جي منھن وٽ سقوطره ٻيٽ ۾ بيٺڪ
قائم ڪئي هئي. يونانين جا يادگار مسلمان عرب جھاز
رانن پوءِ جي زماني ۾ ڏٺا هئا. بطليموس
بادشاهن ڳاڙهي سمنڊ تي ’برنيس‘ بندر واپار جي
سهولت لاءِ تعمير
ڪرايو هو.

ليڪن سنڌ يا هند جو سمورو واپار يونانين جي قبضي ۾ هميشه ڪونه رهيو هو. حضرت
عيسيٰ عليھ السلام کان ٻه صديون اڳ يوناني مؤرخ
اَگاٿرشيدس بيان ڪري ٿو، ”سنڌ جا جھاز سبا (يمن)
جي ڪناري تي پھچن ٿا ۽ اُتان مصر ڏانھن وڃن ٿا.“ ساڳيءَ طرح اَرٽي ميڊروس جو ولادت مسيح کان 100 ورهيه اڳ
هو، ڄاڻائي ٿو، ”يمن جا سبائي هتي جي ايندڙ
واپارين کان مال خريد ڪري پنھنجن پاڙيسرين کي وڪڻن
ٿا، انھيءَ ريت اهو مال عراق ۽ شام تائين پھچي
ٿو.“ انھن تذڪرن مان چئي سگهجي ٿو ته يوناني دؤر ۾ عرب
واپارين جو وجود قطعي مٽجي ڪونه سگهيو هو، بلڪ
يونانين سان گڏوگڏ سندن تجارتي سلسلو برصغير سان
جاري هو. سنڌ جو ٻيو اهم سامونڊي رستو ايراني نار
سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ هميشه کليل رهندو آيو،
جتان ايراني ۽ عرب واپاري سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستن کان
اقليم سنڌ سان واپار ڪندا رهيا. اهي هندي وڏي سمنڊ
جو ڪنارو وٺي اتي جي ٻيٽن کي ڏسندا، ڪارو منڊل
ڪناري کان بنگال، آسام کان ٿيندا چين ڏانھن ويندا
هئا ۽ ساڳيو رستو وٺي موٽندا هئا. ”توريت“ ۽ ”منو
شاستر“ هن دؤر لاءِ مکيه شاهديون آهن، سندن حوالن
ڏانھن غور ڪيو. ولادت مسيح کان ٻه هزار ورهيه اڳ،
عرب واپاري جيڪي مصر ڏانھن ويندي نظر اچن ٿا، انھن
جي قافلن جو سامان هو بلسان، صنوبر ۽ ٻيون
خوشبودار شيون. يمن جي ملڪه سبا، حضرت سليمان عليھ السلام لاءِ جيڪي تحفا
950 ق.م. بيت القدس ڏانھن ساڻ کڻي ويئي هئي، تن ۾
خوشبودار شين کانسواءِ سون ۽ قيمتي جواهر به هئا.
سنه 528 ق.م. حزقيال نبيءَ جي
زماني ۾ يمن کان فولاد، وڍ ڪٽ جو سامان، مسالا عرب
واپاري شام جي بازارين ۾ وڪڻندا هئا. خوشبودار شيون يمن ۾ به هيون پر آبدار فولاد تراريون،
وڍڪٽ جو سامان ۽ مسالا هندستان جون پيداواريون
هيون، جي سنڌ کان يمن ۽ عربستان جي ڪنارن تائين
پھچنديون هيون. مٿين شاهدين مان چئي سگهون ٿا ته 2
هزار ورهيه ق.م. عربن جو واپار سنڌ ۽ هند سان
هلندڙ هو. سڀ کان وڌيڪ تعجب هن ڳالهه تي آهي ته
مھاڀارت جي زماني ۾ ڪن هندستانين کي عربي زبان کان
واقفيت هئي. چنانچه ”ستيارٿ پرڪاش“ جي مصنف سوامي
ديانند آريا سماج جي بانيءَ يارهين سمولاس ۾ لکيو
آهي ته، ”مھاڀارت وقت، جڏهن ڪورون لاک جو گهر اڏي
منجهس پانڊون کي ساڙڻ لاءِ ارادو ڪيو هو، ته ودر،
يڌيشٽر کي عربي ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو هو.“ سنڌ ملڪ، جو انھن ڏينھن ۾ ’هند‘ جي نالي سان ايران ۽
عربستان ۾ سڏبو هو، عربن کي اهڙو پيارو هو، جو
پنھنجن زالن تي مٿيون نالو رکيو هئائون. عربي
شاعريءَ ۾ هي لفظ ايتري حيثيت رکندو هو، جيتري
فارسيءَ ۾ ليليٰ ۽ شيرين
ازانسواءِ سنڌين کان عرب واقف هئا. جهڙوڪ ميد ۽ جاٽ (زط)،
جيڪي ايراني فوجن سان گڏجي يونان جي ٻن شھرن
اسينيا (اٿيز) ۽ سپارٽا جي ديوار هيٺان پھتا هئا.
سنڌ جي قديم رهاڪن دراوڙن کانپوءِ هندستان جي بَري
يا بَحري رستن جي واپار ۾ هندن (آرين) جو نالو ڪٿي
به نظر ڪونه ٿو اچي. يونانين جي تذڪرن ۽ عرب
جاگرافيدان سياحن جي سفرنامن ۾ به هندن جو ڏس نه
ٿو ملي. عربن، يوناني ۽ رومن جا نالا هندستان جي
واپار ۾ نظر اچن ٿا. البت، ايلفنسٽن صاحب گنگا ۽
سنڌونديءَ تي دُنگين وسيلي ۽ سمنڊ جي ڪناري وارن
بندرن تي اچ وڃ کان سواءِ آرين ۾ سامونڊي سفر ڪرڻ
جي همت ڪا نه هئي. اسڪندر يونانيءَ جي ڪاهه وقت
يونانين کي مھراڻ جي ڊيلٽا تي سواءِ فنيقيا وارن
جي، ٻي ڪابه جھاز ران قوم نظر ڪونه آئي. ننڍن ننڍن
دُنگين ۾ ميد مھاڻا ڏٺائون. ليڪن ڪارو منڊل تي
جيڪي دراوڙ رهندڙ هئا، اُهي همت مند جاوا ٻيٽ
تائين سامونڊي مسافريون ڪندا هئا. بنگالي مؤرخ
مسٽر راڌا ڪمود مڪرجي، جنھن هندستان جي جھاز
رانيءَ جي تاريخ لکي آهي، تنھن ۾ هن ڄاڻايو آهي
ته: ”دوارڪا جي راجا سري ڪرشن عرب واپارين کي سندن
ايمانداريءَ ڪري گجرات (سوارشٽر) جي بندرن سان
واپار ڪرڻ جي سند لکي ڏني هئي.“
اصلي عبارت هن طرح آهي:
”سري ڪرشنا، ڌارين ملڪن جي سوداگرن (عربن)
کي ڏسي گهڻو خوش ٿيو. ڄاتائين ته ساڻن واپار ڪرڻ
مان فائدو رسندو، ڇو ته انھن وٽ مختلف ملڪن جون
شيون هيون. سندن مال خريد ڪري هندستان جي مال سان
ڀرايائين.“
مھاڀارت جي زماني ۾ فقط سنڌ ۽ گجرات جا
ميد سامونڊي سفر ڪندا هئا ۽ سامونڊي رستن کان واقف
هئا، اهڙو اشارو هڪڙي فقره مان ظاهر آهي، جو هن
طرح آهي:
”سمنڊ جي رستي ۾ خير ۽ عافيت، ملڪ، وقت،
مطلب، انھن چئن کي ڏسڻ وارا جيڪو وياج مقرر ڪن،
اُهو وٺڻ کپي.“
منو شاستر مان واپار جي موڙيءَ تي وياج
وٺڻ کان علاوه، اُن دؤر ۾ مال جي ويمي ڪرائڻ جو به
رواج هو. ڪنھن سوداگر جي مال کي سمنڊ تي ڪو نقصان
رسندو هو، ته جھاز ران رقم ڀري ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا.
گجرات ۽ سنڌ جي سامونڊي ٻيڙن تي ميد ۽ ڪورا پگهارن
تي ناکئا مقرر هئا. عرب سوداگر گجرات کان سچا موتي
۽ سنڌ جي بندرن تان خوشبودار مسالا، ڪاٺ ۽ باريڪ
ململون خريد ڪندا هئا. هالڪنڊيءَ جون سنڌي باريڪ
ململون ديسان ديس مشھور هيون. هالڪنڊيءَ جي ململ
جي تاڪين تي، اُتي جي راجا هال جي زعفراني مهر
لڳندي هئي. بغير مهر لڳڻ جي ململون نيڪال ڪرڻ ڏوهه
هو. اهي ململون ڪاغذ بدران لکڻ جي ڪم به اينديون
هيون. اهو بيان موقعي سرڏبو.
مھاڀارت واري دؤر ۾ منوجي سخت قانونن نافذ
هئڻ ڪري ملڪ ۾ امن امان هو. سنڌوماٿريءَ ۾ هنرن ۽
زراعت، واپار ترقي ڪئي. موسمي ڏڻن ۽ سراڌ ڪرائڻ جي
موقعن تي ماڻھو برهمڻن کي ڪپڙا، هٿيار ۽ چوپايو
مال دان ڪندا هئا. وقت جا راجائون، دراوڙ راجائن
وانگر ڌوم ڌام سان شاديون ڪندا هئا. گهوڙن جو
قربانيون ڪندا هئا. غريب عوام کير، ترڪاريون، ڦل ۽
ڦول دان ڪندا هئا. اهڙن اهڃاڻن مان چئي سگهجي ٿو
ته مھراڻ جي ماٿريءَ ۾ کير ۽ مکڻ جون ڪورون
وهنديون هيون. مصيبت فقط ويشن ۽ شودرن لاءِ هئي،
جن لاءِ خدائي فوجدار منو مهراج سخت قانون ايجاد
ڪيا هئا. اُهي سخت پريشان زندگي بسر ڪندا هئا.
ڪنھن غيبي امداد لاءِ هروقت منتظر رهندا هئا.
سنڌوماٿريءَ جا شھر:
موئن جي دڙي، هڙپا ۽ ٽئڪسلا آڳاٽن شھرن جو
وجود هن دؤر ۾ قائم رهيو. مھاڀارتا جي زماني ۾ نوان شھر ۽ ڳوٺ، جيڪي آريائي قبيلن
تعمير ڪرايا، جن جو بيان يونانين ڏنو آهي، تن گهڻو
ترقي ڪئي. جيئن جيئن واپار ترقي ڪئي، تيئن تيئن
نوان شھر ٿيندا ويا. بعض شھر گهڻو ڪري ڪاٺ جي جاين
سان ڳتيل هئا. ان سبب ڪري سندن آثار مٽجي ويا. ڪي
شھر مھراڻ جي آبڪلاني ڪري صفحه هستي تان مٽجي ويا.
اهڙن شھرن جا نالا سنڌ جي افسانن ۾ ڏنل آهن.
مھاڀارت جي زماني ۾ ننڍن ڳوٺن لاءِ ’نيا ماگراما‘،
وڏن ڳوٺن لاءِ ’گراما‘، ننڍن شھرن لاءِ ’پورا‘ ۽
وڏن شھرن لاءِ ’ننگرا‘ نالا ڏنل آهن. ڪوٽن لاءِ
’ڪوٺاڪا‘ نالو ڪتب آندل آهي. بعض شھرن جا نالا
يوناني اتهاس ۾ ڏنل آهن، جڏهن 525 ق.م. اسڪندر
يونانيءَ هن خوش نصيب واديءَ تي ڪاهه ڪئي هئي:
(1) هستينگر: سنڌ جي آريائي رياست گنڌارا
ديس جي گاديءَ جو هنڌ هو، جو پشڪلاوتي نالي سان
نقشن ۾ ڏيکاريل آهي ۽ هينئر پشاور سڏجي ٿو.
يونانين مٿس پوروڪليس نالو رکيو هو. واپار جو هنڌ
هو.
(2) تڪاسلا: تڪا ديس جي گادي، مھراڻ ۽
جهلم نديءَ جي دو آبه جي وچ ۾ هو. يونانين مٿس
ٽئڪسلا نالو رکيو هو. هتي سنسڪرت زبان جي
يونيورسٽي هئي. سندس آثارن لاءِ هتي عجائب گهر به
آهي.
(3) سافگالا: چناب ۽ راوي ندين جي دو آبه
۾ مدراديش جي گاديءَ جو هنڌ هو. يونانين مٿس سڪالا
نالو رکيو هو. هينئر سانگلا سڏجي ٿو.
(4) ٽڪلور: ٽڪلا راوي ۽ ستلج جي دو آبه ۾
اُتر طرف ياونا (مالي) قوم جي گاديءَ جو شھر هو.
يونانين مٿس پمپرانا نالو رکيو هو. هينئر سيالڪوٽ
سڏجي ٿو.
(5) لاهور: جو هن وقت مغربي پاڪستان جو
مرڪزي شھر آهي، اجوڌيا جي راجا رام جي پٽ لو تعمير
ڪرايو هو. هميشه کان واپار ۽ ثقافت جو مرڪز رهندو
آيو. اڄڪلھه به سندس ساڳي حالت آهي ۽ راوي نديءَ
تي واقع آهي.
(6) جلنڌرا: بياس ۽ ستلج جي زرخيز دو آبه
۾ تگراسوا (تريگرتا) آرين جو تختگاهه هو. هينئر
جلندر سڏجي ٿو.
(7) اجوڌن: ستلج جي اوڀرندي ڪپ تي ڪورون
جو شھر هو. اڪبراعظم مٿس پاڪپٽن نالو رکيو هو.
(8) وناسنا: سرسوتي نديءَ تي ترتسوا آرين
جو شھر هو. ”يجر ويد“ جي زماني ۾ سرسوتي جي گم ٿيڻ
ڪري مٽجي ويو.
(9) ڪساڪيا پورا: ڪشيپ پورا آسر آريائي
راجا ڪشيپ جو تختگاهه ستلج ۽ راوي جي دو آبه ۾
راويءَ جي ڪپ تي هو. بعد ۾ مٿس پرهلاد پوري نالو
پيو. سورج ونسي راجائن هتي سورج ديوتا جو وڏو مندر
تعمير ڪرايو هو، جنھن جي ڪري مشھور هو. اسڪندر
مقدونيءَ جي ڪاه وقت ياونا (مالي) قوم جو تختگاهه
هو مالي قوم جي نالي تي مولتان سڏبو هو. اڄڪلھه
ملتان سڏجي ٿو ۽ واپار جو مرڪز هو ۽ اڄ به مشھور
آهي.
(10) اُچ: اسڪلده ياڌيوا آرين جو تختگاهه
هو. راوي ۽ ستلج هتي سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون.
يونانين پنھنجي يادگار لاءِ مٿس اسڪندريه نالو
رکيو هو.
(11) الور: اروڙونسي آرين جو تختگاهه هو.
يونانين مٿس پٽالا نالو رکيو هو. هتي ٻڌا جو وڏو
مندر هو، جنھن جي موئن تسانگ ياترا ڪرڻ آيو هو.
(12) سيوستان: سپوي آرين تعمير ڪرايو هو.
يوناني مٿس سڊو مانيا نالو رکيو هو.
(13) پٽالا: سوريا ومسا آرين تعمير ڪرايو
هو، جن ڀاڳيتري نديءَ تي ڪپل وستو شھر ٻڌو هو.
يونانين مٿس پٽالا ڪا نالو رکيو هو. وڏي واپار جو
شھر هو. اسلامي دؤر ۾ نيرون سندس ڀر ۾ نئون شھر
هو. پٽالا مٽجي ويو هو.
(14) ميناننگرا: ايلٽ جي بيان موجب، سنڌ
جي قديم و مينا (مھاڻن) تعمير ڪيو هو. ڪي ’مين‘
قوم کي ’ميد‘ تسليم ڪن ٿا. هتان ڪجهه ٻاهر ويندي
هئي.
(15) ڀنڀور: مھراڻ جي ڊيلٽا تي مکيه
تجارتي شھر هو، هتان لاک ۽ ڪپهه ٻاهرين دنيا ڏانھن
ويندا هئا. يونانين مٿس باربائيڪ نالو رکيو هو.
هارون الرشيد جي ڏينھن ۾ گهاري جي رخ بدلائڻ ڪري
مٽجي ويو.
(16) هنگلاج: لس ٻيلي تي يوناني اورٽي
نالو رکيو هو. هن دراوڙي رياست ۾ مکيه بتخانو
مھاڪالي ديويءَ جو هو، جنھن کي اَما چوندا هئا.
يونانين مٿس نانيا نالو رکيو هو. هن بت کي ايلم
وارن سوسا ڏينھن نيو هو، جتان بخت نصربابل ڏانھن
کڻي ويو هو. اهو بت اڃا موجود آهي. هندو ياتري
ياترا ڪرڻ ايندا هئا ۽ هتي چشمي ۾ اشنان ڪندا هئا،
۽ بت اڳيان انسان ٻليدان ڪندا هئا. هينئر
ٻڪرٻليدان ڪن ٿا.
(17) سيني: هي ڳوٺ ڪڇيءَ ۾ سيني نديءَ تي
هو. ”چچ نامه“ ۾ سندس بيان ڏنل آهي.
(18) سيوي پورا: سيوي آرين تعمير ڪرايو
هو، جو سندن نالي تي سيوي سڏبو هو. هاڻوڪي يوب ۽
لورالائي ضلع تي سيوي آرين جي ڪري سيوستان نالو
پيو. سيوي هن رياست جي گاديءَ جو هنڌ هو. هتي ڪپهه
جي پوک ٿيندي هئي. مير معصوم بکريءَ هتي جي قلعي
کي عجائبات ۾ ڄاڻايو آهي. هينئر سيوي ’سبي‘ سڏجي
ٿو.
(19) باغا: ڪڇي علائقي تي اجوڌيا جي راجا
رام جي پٽ ڪوسي ڪري ڪڇي نالو پيو هو. آرين هي
شھرناڙي (نالي) تي تعمير ڪرايو هو. باغا (باغ) کي
هينئر ڀاڳ چون ٿا ۽ نالي هينئر ناڙي ڪوٺجي ٿي.
ريورٽي ڪتاب ”مھراڻ ۽ سندس شاخن“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته
اڳ ڪڇيءَ جي ميدان مان بيشمار برساتي نهرون وهي
وڃي مھراڻ ۾ پونديون هيون ۽ هي ٽڪنڊو ميدان زرخيز
هو ۽ ڪپهه جي پيداوار جام ٿيندي هئي.
(20) ڇتر: آرين جو شھر هو، سندس معنيٰ ڇَٽ آهي.
معصوميءَ جي زماني تائين ڪپهه جي پوک ڪري مشھور
هو.
|