|
باب چوٿون
راجپوت
ستين صديءَ
تي طائرانه نگاه:
600ع کان 712ع تائين
ٻُڌ ڌرم جو زوال:
ٻُڌ ڌرم پنھنجن سرپرستن آسوڪا، ڪنشڪا ۽
هرش کانپوءِ هندستان ۽ سنڌ ۾ پوري تيزيءَ سان زوال
ڏانھن قدم کڻڻ لڳو. تاهم عرب فاتحن، جن اَٺين صدي
عيسويءَ ۾ فتوحات اسلام جي دائري کي وچ ايشيا،
چينائي ترڪستان، سنڌو ماٿري، مارواڙ، مالوه ۽
گجرات تائين پھچايو هو، تن جو بيان آهي ته ٻُڌ جا
پرستار گهڻي تعداد ۾ آهن، جن کي اسلام جي
جاگرافيدان سياحن ’سمنيه‘ نالو ڏنو آهي. ٻُڌجي
زوال جا به ساڳيا اسباب آهن، جيئن برهمڻن کي پيش
آيا هئا؛ پر هينئر ستين صدي عيسويءَ ۾ سندس زوال
جا آثار صاف نمايان هئا. آسوڪا ۽ ڪنشڪا ٻُڌ جي
تبليغ لاءِ وقت بوقت ڪائونسلون منعقد ڪيون هيون،
جن جي وسيلي تبليغ جو ڪم نه فقط برصغير، پر ٻاهرين
دنيا دور مشرق تائين ٻُڌ ڌرم جو پڙاڏو ٻڌجڻ ۾ آيو
ٿي. کانئن پوءِ قنوج جي راجا هرش، تبليغي مجلسون
پرياک (الهه آباد) ۾ هرسال ڪوٺائيندو رهيو. خاص
طور هر پنجين سال مذهبي آزاديءَ خاطر موڪشا نالي
وڏيون نمائشون ڪندو رهيو، جن ۾ برهمڻ ۽ ٻُڌ جي
ساڌوئن کي هر طرح سان نوازيندو رهيو، ته جيئن هندو
جنتا ۾ مذهبي اتحاد رهي. مٿين مجلسن جي موقعن تي
شوَ، وشنو ۽ سوريه (سج) ديوتائن جي برهمني بتن کان
علاوه، ٻُڌ جي بت جي پرستش ڪندا هئا. هڪ هزار ٻُڌ
جي ڀڪشوئن ۽ پنج سؤ برهمڻ پنڊتن جي ضيافت ڪرڻ کان
علاوه، کين بيش بھا انعامن ۽ تحفن سان پڻ نوازيندو
رهيو. مگر سوال آهي ته گپتا راجائن برهمڻن زم کي
همتائڻ لاءِ برهمڻن جي عقيدن جي پيروي ڪرڻ لڳا.
عيسوي ٽين صدي ڌاري برهمڻ زور وٺڻ لڳا. ٻُڌ جا
ساڌو توڙي برهمڻ پنڊت قديم قومن کي طرفدار بنائڻ
لاءِ سندن بعض اوهامي عقيدن کي به پنھنجن ڌرمن سان
گڏائي ڇڏيو هو. مگر اهڙي ڌرمي جدوجهد ۾ برهمڻ گوءِ
کڻي ويا. پرانن ۾ جن ديوتائن جا نالا ڏنل آهن، سي
ٻنهي فرقن انھن جا بت مندرن ۾ رکيا هئا. برهمڻن
گپتا راجائن کي ’کتري‘ جي لقب سان ساراهڻ لڳا.
برهمڻن آريائي فضيلت کي ٻين قومن کان بلند رکڻ
لاءِ ”ڀاڳوت گيتا“ ۽ ”مھاڀارت“ جي تبليغ ڪرڻ لڳا،
ته جيئن کترين ۾ وساريل فخر ٻيهر جاڳي. ٻُڌ
ساڌوئن، جن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ خانقاهون ۽ مَٺ ۽ مڙهيون
قائم ڪيون هيون، جن کي ياترين کان وڏي آمدني هئي،
اُهي ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا: هڪڙا ’مھايانا‘ ٻيا
’هنايا‘ انھن مان پھريان برهمڻن جا حريف هئا، جن
جي مقابلي ۾ برهمڻن آريا ورتا تحريڪ شروع ڪئي هئي.
ٻُڌ ڌرم اهنسا جو متو به ڪمزور ٿيندو ويو. برهمڻ،
راجائن کان اَسواميڌا (گهوڙن جون قربانيون) ڪرائڻ
لڳا. علاوه ان جي، ڌارين ڪاهه ڪندڙ قومن سان ٻيون
جيڪي قومون ساڻ آيون، اُهي جانورن جو گوشت واپرائڻ
لڳا. مھايا ۽ هنايا ٻُڌ جا فرقا توڙي جين اٽڪل 18
جدا جدا فرقن ۾ وراهجي ويا ايتريقدر جو هر هڪ فرقي
ڌار ڌار مندر والاريا. اهي مندر پوءِ بدمعاشيءَ جا
اڏا بنجي ويا، جيئن روم جا پوپ ڪو زمانو عياشين ۽
روپين ميڙڻ کي لڳي ويا هئا.
تعليمي نظام:
تعليم لاءِ يونيورسٽين کانسواءِ ٻُڌ جا
مندر تعليمي ادارا هئا. مثلاً برصغير ۾ گيا جو
’مھاٻُڌي‘ مندر، جنھن ۾ هڪ هزار ساڌو تعليم ڏيڻ تي
مامور هئا. نلندا يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جو تعداد
ڏهه هزار هو، جنھن ۾ 500 اُستاد تعليم ڏيڻ تي
مامور هئا. ٻيا ديوا مندر هئا. غرض سڀني وڏن شھرن
۽ ڳوٺن ۾ تعليم پکڙيل هئي. برهمڻ پنڊت به تعليم
ڏيڻ تي مامور هئا. اسان جو تعلق سنڌو ماٿريءَ سان
آهي، جنھن ۾ جوالا مکي ديويءَ جو مندرڪانگڙه ۾،
پرڀاسا (سومنات گجرات ۾)، ملتان ۾ سورج ديوتا جو
مندر، برهمن آباد، سيوستان، الور ۽ ديبل جا مندر
به عاليشان هئا. مَٺن ۽ مڙهين ۾ به تپسوي رهندا
هئا. برهمڻي مندرن ۾ شو، آديتيا، شڪتي، گنپتي
ديوتائن ۽ ديوين جي پرستش ٿيندي هئي. جدا جدا
فلسفن تي تعليم ڏني ويندي هئي. انھن تعليمي ادارن
وسيلي ڌرمي تبليغ جاري هئي. باناڀٽ جي هرش چريتا
مان پتو پوي ٿو ته ڪڇ، سنڌ ۽ سورٺ (گجرات)، پنجاب
هرش جي ماتحت صوبا هئا. اهو بيان هوئن تسانگ چيني
سياح ڏنو آهي، جنھن دکن جي انتهائي حصي کانسواءِ
برصغير جا سمورا صوبا گهمي ڏٺا هئا. عيسوي 7 صديءَ
جي بيان لاءِ سندس سياحت نامو سند آهي. انھيءَ
سياحت نامي نه صرف آثار قديمه وارن جي رهنمائي
ڪئي، پر هلندڙ تحقيقاتي تاريخون به سندس احسانمند
آهن. هُو پنھنجي وقت جو ’ساڪيامني‘ سڏبو هو ۽ چين
جي بتخانن ۾ سندس مئي کانپوءِ سندس بت رکيل هئا.
راجپوت ۽ سندن رياستون:
ڌاريون حمله آور قومون، جيڪي هندو کترين
سان گڏجي ويا، اُهي پاڻ کي کتري سڏائڻ لڳيون. انھن
حمله آورن سان ٻيون به ڪي قومون آيون هيون. جيئن
گوجر، جي پنجاب ۽ سنڌ جي جاٽن سان گڏجي ويا ۽
زراعت پيشه هئا. پنجاب جا جاٽ پاڻ کي راجپوت
سڏائين ٿا. برهمڻ انھن کي کتري سڏڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته
راجپوت ڪاليءَ جا پوڄاري ٻُڌ ڌرم جي خلاف هئا.
اوائل ۾ راجپوتن (راجپترَ) يعني راجائن جي اولاد
پاڻ کي سورج ونسي ۽ چندرونسي ڪُلن مان سڏائڻ لڳا.
وري جن کي پنھنجي حسب ۽ نسب جي ڄاڻ نه هئي، سي پاڻ
کي باهه، پاڻي، آسمان ۽ نانگ جو اولاد سڏائڻ لڳا.
سورج ونسي ڪل مان چار ذاتيون هي آهن: (1) گهلوت
(2) سيبويه، (3) ڪڇوا، (4) راٺوڙ- چندر ونسي يادو
اٺن شاخن ۾ ورهايل آهن: (1) يادو، (2) ڀاٽي، (3)
جاڙيجا، (4) سمتيجا، (5) مديجا، (6) بدمن، (7)
سوها، اگني ڪُل مان (1) پرمار (2) پرهار (سولنڪي
(4) چوهاڻ. اهي فطري جنگجو هئا. ترار کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪونه مڃيندا
هئا. ڌارين سان جنگين ڪرڻ کانسواءِ پاڻ ۾ به
وڙهندا هئا. هارکائڻ جي حالت ۾ زالن ۽ ٻارن ٻچن
سميت ’جوهر رسم‘ اختيار ڪندا هئا، يعني چتاتي چڙهي
پاڻ کي ڀسم ڪرڻ. سندن زالون مردن جي لاشن سان چتا
تي چڙهنديون هيون. نجومين، جوتشين ۽ ودوان پنڊتن
جو احترام ڪندا هئا. سندن حڪومتون راشٽر ۾
(راجپوتانا) کانسواءِ سڄي برصغير تي پکڙيل هيون.
اسلام جي ڪاهه وقت راجپوتن جو دؤر هو. سمورو
هندستان آزاد هو. فقط مھراڻ ماٿريءَ جواولھندو
حصو، اُلھندي ڊيلٽا سميت ايران جي ماتحت هو.
ازانسواءِ مڪران تي به خسرو پرويز (591ع- 628ع) جي
حڪومت هئي. سندس ڏينھن ۾ ساساني شهنشاهت جو اوج
هو.
سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت:
اسڪندر جي ڪاهه وقت يادو راجائن زابلستان
تائين حڪومت ڪئي، جا ’سنڌ- سمه‘ سڏبي هئي. اسڪندر
کان شڪست کائڻ کانپوءِ ڪو وقت ساڪن سنڌ تي
’سڪاديپ‘ نالو ڏيئي حڪومت ڪئي. پوءِ نوشيروان
(531ع کان 579ع) مھراڻ جو اولھندو حصو پنھنجي
شهنشاهت سان لاڳو ڪيو هو. حڪومت وڃائڻ کانپوءِ به
سنڌ ۾ يادو وڏا زميندار ۽ مندرن جا پروهت هئا.
عوام ۾ سندن مڃتا هئي. الور جو شھر 11 سؤ ق.م. سري
رامچندر جي اولاد مان اروڙ ونسي ڪُل جي راجائن
تعمير ڪرايو هو. راءِ گهراڻي جا راجا، راجپوتانا
جي راجپوت راجائن سان مائٽي رکندا هئا. هن خاندان
450ع کان 662ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. انھن مھراڻ
جو اولھندو ڀاڱو ويندي ڊيلٽا تائين ايرانين کان
خالي ڪرايو هو. پڻ زابلستان تائين ايراني ڪسرائن
سان جنگيون جوٽيون هئائون. ڪُل پنجن راجائن اٽڪل
ٻن صدين تائين حڪومت ڪئي: راءِ ديواجي، راءِ سهارس
پھريون، راءِ سهاسي پھريون، راءِ سهارس ٻيو ۽ راءِ
سهاسي ٻيو.
صنعت ۽ حرفت:
الوريا اروڙ راءِ گهراڻي جي ڏينھن ۾ سنڌ
جو تختگاهه آسوڪا جي گادي پتا ليپوترا (پاٽنا) ۽
قنوج، اُجين کانپوءِ سڄي هندستان ۾ وڏو شھر هو.
پاٽنا ساڍا نو ميل ڊيگهه ۾ ڏيڍ ميل ويڪر ۾ هو. هتي
جا ڪنگرن سان ڪوٽ، شاهي محلات بابل ۽ منف (ميمفس)
کي شهه ڏيئي رهيا هئا. انھيءَ طرح ائوڌ جو تختگاهه
قنوج هرش جي ڏينھن ۾ هندستان ۾ وڏو شھر هو، جنھن
جي عرب جاگرافي دان شريف ادريسيءَ به تعريف ڪئي
آهي. عيسوي ستين صديءَ ۾ الور مشھور شھر ٿي گذريو.
شھر کي مضبوط قلعو ڏنل هو، جنھن کي فلڪ فرسابرج ۽
ڪنگرا ڏنل هئا. عرب فاتحن جو چوڻ هو ته ملتان جيڏو
سري ۾ مھراڻ جي ڪپ تي بندر هو. قلعي کي دروازا
هئا، جتان پاڻيءَ جون ناليون شھرين کي پاڻي
پھچائينديون هيون. راڄڌاني شھر جون ڳليون موڪريون،
جن جي پاسن کان دوڪان ۽ جايون هيون. دوڪان ۽ جايون
سِرن ۽ ڪاٺ جون جڙيل هيون. ان دؤر ۾ جايون گهڻو
ڪري ڪاٺ جون هيون. ڪي ٻه ماڙ ۽ ڪي ٽه ماڙ هيون.
ايراني نار جي تجارتي بندرن کان وٺي سانچي تائين
جاين ۾ ڪاريگر ڪاٺ استعمال ڪندا هئا. جاين اندر هڪ
ٻئي پٺيان ڪمرا هئا. شھر جي قلعي اندر شاهي رنگ
محلن کانسواءِ، هٿيارن رکڻ لاءِ گدام ۽ ڪارخانا
هئا. پڻ جيل خانه به هئا. اهڙين عمارتن لاءِ نالا
به جدا جدا هئا. مثلاً شاهي محلات لاءِ
’انتهاپورا‘، ڪارخاني لاءِ ’ڪرمانتا‘، گدام لاءِ
’ڪوشتا پورا‘ يا ’ڪوشتاگرا‘، هٿيارن جي گدام لاءِ
’ايوڌاگرا‘ ۽ جيل خانه لاءِ ’بنڌا ناگرانا‘ هئا.
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون. مدني
زندگيءَ کان شھري ماڻھو پوريءَ طرح واقف هئا، جنھن
جو ثبوت موئن جي دڙي مان نڪتل آثار شاهدي ڏين ٿا.
پڻ سر جان مارشل جهڙو ماهر به تصديق ڪري ٿو. شھر
جي ٻاهريان ڪاسائين ۽ مھاڻن جا دوڪان ۽ مڙدن کي
ساڙڻ لاءِ مساڻ هئا. البت، ڳلين ۽ رستن تي شھرين
جا پالتو جانور ڇڙواڳ گهمندا هئا. ڳلين ۽ رستن
وارين جاين کي آمهون سامهون درين رکڻ جي حڪومت
پاران ممانعت هئي. فقط شھر جي دوڪانن وارين جاين
کي درين رکائڻ جي اجازت هئي. يا آرامگاهون جتي
ڌارين ملڪن جا سوداگر رهندا هئا. شھر جي چوسولن ۾
اندروني انتظام رکڻ لاءِ سرڪاري عملدار فوجي دستي
سان رهندو هو. چوسولن ۾ اتفاق سان باهه لڳڻ جي
خيال سان هزارين مٽ پاڻيءَ سان ڀريل موجود رهندا
هئا ۽ شھرين کي حڪم هو ته اهڙن حادثن وقت سڀ امداد
باهمي طور گڏجي حصو وٺن. باهه لڳائيندڙ مجرم لاءِ
سزا هئي کيس جيئرو ساڙڻ. سج لهڻ کانپوءِ توتاريون
وڄنديون هيون، جيئن ماڻھن کي خبر پوي. چوڪيدار رات
جو پھري ڏيندي توتاريون وڄائيندا هئا. چوڪيدارن کي
’چاراراتري‘ چوندا هئا. بيگاهه وقت شھر ۾ گهمڻ ڦرڻ
يا ناچ گانن ڪرڻ لاءِ منع هئي. شھر جو ڪوٽوال ڏوهن
کي قلمبند ڪندو هو ۽ لاوارثن جي ملڪيتن تي قبضو
ڪندو هو. شخصي راج جي دستور موجب وزير صوبن ۽ شھرن
کان آيل ڪاغذ راجا اڳيان پيش ڪندو هو، جن کي ترتيب
وار وزير پڙهي ٻڌائيندو هو. ڪن حالتن ۾ ضروري ۽
اهم ڪاغذ ديواني خاني ۾ وڃي راجا اڳيان پيش ڪندو
هو.
نظام حڪومت:
چانڪيا (وشنوگپتا)، چندرگپتا لاءِ جيڪو
ڪتاب ”ارٿا شاسترا“ حڪومت جي سياسي پاليسي ۽ ملڪي
اندروني انتظام لاءِ تصنيف ڪيو هو، تنھن تي آسوڪا،
وڪرماجيت توڙي هرش پابند رهيا.
مثلاً وڪرمي نظام حڪومت اندر صوبا، ’ديشا‘
ڪوٺبا هئا. جيئن اڄڪلھه ڀارت جي نهرو حڪومت ملڪ کي
ديشن
(Provinces)
۾ ورهايو آهي. مثلاً مڌيه ديش، اُتر پرديش وغيره
وغيره. ديش مٿان شاهي خاندان جا شھزادا حڪومت
هلائيندا هئا. ننڍن صوبن کي ’ڀگتي‘ چوندا هئا.
’ديشا‘ ضلعن (ويشيا) ۾ وراهيل هئا ۽ ضلعن جا ڳوٺ
’گرامڪا‘ ۽ ’ڀوڄڪا‘ ۾ ورهايل هئا. وڏو وزير ’منتري
پريشد‘ سڏبو هو، جو راجا کي صلاح ۽ مشورو ڏيندو
هو. راجا حڪومت جي گشت تي نڪرندو هو، ته وزير کي
ساڻ کڻندو هو. راءِ گهراڻي جي راجائن جو نظام
ساڳيو هو. حڪومت جون حدون اڀرندي ۾ قنوج تائين،
اُلھندي ۾ مڪران ۽ عمان جي سمنڊ تائين، اُتر ۾
سليمان جبل، سيستان کان ڏکڻ ۾ سورت بندر تائين
هيون. صوبن جا حاڪم ’مَلڪ‘ ڪوٺبا هئا. حڪومت جي
سرحدن جي بچاءُ لاءِ اُچ، سيوراءِ، ماٿيلو، مو،
راور، برهمن آباد، نيرن ڪوٽ، سيوستان، سماننگر (جو
پوءِ ساموئي ٿيو)، ديول مشھور ۽ مضبوط قلعا هئا.
راور جي قلعي اڳيان زمين ڌٻڻ واري هئي. نيرن ڪوٽ
کي چوطرف ڍنڍ هئي، جنھن ۾ مينھن جو پاڻي گڏ ٿيندو
هو. سيوهڻ جي قلعي هيٺان اڙل واهه وهندو هو.
سماننگر قلعي کي به کاهي ڏنل هئي. ديبل جي ڀتين
تائين سمنڊ جو پاڻي پھچندو هو. بهمن آباد جو قلعو،
هندستان جي مشھور قلعن مان هو. ويراني کانپوءِ به
قلعي جو هڪڙو ڊٺل برج چاليھه فوٽ بلند ڪلھوڙن جي
صاحبيءَ تائين موجود هو، جو ڪلھوڙن ڊهرائي ڇڏيو
هو. حڪومت جو ڌرم ٻُڌ هو ۽ برهمڻن جي تعداد کان
ٻُڌ ڌرم وارن جو تعداد وڌيڪ هو. ملتان ۾ سوريه
نارائڻ جو بتخانو هو، جتي سال بسال ياتري بيشمار
نذرانو پيش ڪندا هئا. الور جي قلعي اندر ٻُڌ جو
عظيم الشان بت هو، جنھن کي زيور پيل۽ پاتل هئا.
برهمن آباد جو بتخانو ته ’مھاٻُڌي‘ درسگاه هئي،
جنھن جي ٻُڌ مهنت اڳيان راجپوت راجائون جهڪندا
هئا. ديبل جي عظيم الشان بتخاني جو گنبذ پتل جو
هو، جنھن جي چوٽيءَ تي هڪڙي گهوڙي سوار جو بت هو.
جنھن جي هٿ ۾ بانس جي ڇڙيءَ ۾ وڏو جهنڊو لڳل هو.
مندر جو گنبذ ۽ جهنڊو سمنڊ تان پري کان نظر ايندو
هو. هتي ٻُڌ جو وڏو بت رکيل هو. سنگيت وديا کي
پرانن ۽ ويدن ڌرم جي آغوش ۾ ورتو هو. بتن کي خوش
ڪرڻ لاءِ ديوداسيون ناچ ۽ گاني لاءِ مندرن ۾ مقرر
هيون، جي گهڻي ڀاڱي شاهي ۽ اميراڻي طبقي جون
ڇوڪريون هيون. انھن مندرن تي لنگر به جاري هئا، جن جو سمورو خرچ حڪومت
جي بلي هو. نذرانو جيڪي ياتري پيش ڪندا هئا، اُها
ملڪيت مهنتن جي زيرنگراني مندرن لاءِ وقف هئي.
بتخانن جي مرمت ڪرائڻ جو انتظام به حڪومت جي بلي
هو. ڀڪشو شھرن ۾ اگهاڙا گهمندا هئا، جن کي شھري ۽
ڳوٺن جا ماڻھو رسوئي کارائيندا هئا. اهي تارڪ
الدنيا طرحين طرحين ڪرتب ڏيکاريندا هئا، جن جو
بيان يونانين سنڌو ماٿريءَ مان لنگهڻ وقت ڏنو آهي.
ڪي هڪ ٽنگ تي بيٺل هئا، جا ٽنگ ڪاٺيءَ وانگر بيٺل
هئي. ڪي ڀڪشو هڪ هٿ مٿي جهليو بيهندا هئا، ته اُهو
هٿ مٿي کڄيل سڪي ويندو هو. ڪنھن سان ڪونه
ڳالھائيندا هئا. مندر ۽ مَٺ تعليم گاهون هيون، جن
۾ تعليم تپسوي ڏيندا هئا. ڀڄن سازن سان ڳائيندا
هئا. زالون، مرد ڀڄن ٻڌڻ ايندا هئا. حڪومت وٽ
مضبوط فوج هئي، جنھن ۾ سوار، پيادا ۽ سيکاريل جنگي
هاٿين جا دستا به شامل هئا. فوجين وٽ نيزا،
ويڪريون ڍالون، ڪهاڙيون، تراريون ۽ تيرڪمان هٿيار
هئا. ڪي فوجي دستا اُٺن تي سواري ڪندا هئا. وڏن
شھرن ۾ عوام جي تفريح لاءِ شھر کان ٻاهر پارڪ جڙيل
هئا. الور پايه تخت جي پارڪن جي عرب سياحن تعريف
ڪئي آهي. جنگ جي موقعي تي رعايا مدد ڏيڻ لاءِ ٻڌل
هئي. اهڙي سڌريل انتظام جي ڪري، ملڪ ۾ امن امان ۽
آسودگيءَ جو دؤر هو.
معيشيت:
حڪومت جا توشا خانا دولت کان ڀرپور هئا.
ڍلون بلڪل آسان هيون. هارين کي اُپت مان ڇهون حصو
ڍل ۾ ڏيڻو پوندو هو. پتڻن ۽ واپاري ٽئڪسن مان
حڪومت کي آمدني هئي. سرڪاري ڪامورن کي پگهار بدران
زمينون ملنديون هيون. باقي فوجن کي نقد پگهار
ملندو هو. زمين تي سرڪار جو حق هو. چوٿون حصو
زمينن جو ڪامورن کي گذران لاءِ مليل هو. پبلڪ ورڪس
جي ڪمن لاءِ عوام ٻڌل هو. مگر انھن کي مزدوريءَ جي
عيوض اجورو ملندو هو. اهڙي انتظام ڪري پبلڪ کي هڪ
ٻئي لاءِ عزت ۽ همدردي هئي. سنڌ کي فقط ڪڇ ۽ گجرات
جي ڌاڙيلن کان خطرو رهندو هو، پر حڪومت سرحدن تي
پورو انتظام رکيو هو. مجرمن کي سزائن ڏيڻ لاءِ سخت
فوجداري قانون رائج هئا. ڪن ڏوهارين کي حڪومت شھرن
مان جلاوطن ڪري ڪڍندي هئي. ڍلن نه ڏيڻ جي صورت ۾
مالڪاڻو کسي ٻئي کي ڏنو ويندو هو. سنڌ زرعي علائقو
آهي. راءِ گهراڻي جي راڄ ۾ زمينن جا ٽي قسم هئا:
(1) چراگاهن واريون زمينون، جن ۾ خانه بدوش قومون
مال سميت گشت ڪنديون هيون. ڪي چراگاه راجائن جي
هاٿين لاءِ مخصوص هئا. (2) جهنگ، جن ۾ جهنگلي
قومون شڪار تي گذر ڪنديون هيون. (3) زرعي زمينون،
جي هارين کي ورهايل هيون. هارين کي اجازت هئي ته
جهنگ وڍي زمينون آباد ڪن. زمينن کي پاڻي پھچائڻ
لاءِ حڪومت ٻڌل هئي. ڌراڙن کي مال چارڻ تي مختصر
ڍل ڏيڻي پوندي هئي. واپار جا رستا حڪومت تعمير
ڪرائيندي هئي. ٻيلن کي صاف ڪري رستا تيار ڪرائبا
هئا. برهمڻن کانسواءِ ٻين ذاتين کي پنھنجي ڌنڌن
کانسواءِ ٻين ڌنڌن ڪرڻ لاءِ منع هئي. ڪي قومون ته
پنھنجن ڌنڌن تي سختيءَ سان پابند هيون، جهڙوڪ: ميد
ماهيگر ۽ جھاز ران قوم. جاٽ، جن جا ڌنڌا هئا
زراعت، مال ڌارڻ ۽ درياءَ تي ٻيڙيون هلائڻ. ڳوٺن ۾
ڪنڀر، لوهر، واڍا، موچي، حجام، ڪوري، سونارا،
رهندا هئا. منجھان ڪي پبلڪ ورڪس کاتي ۽ ٻين واپاري
ادارن ۾ ڪم ڪندا هئا. شھرن ۾ مختلف ڌنڌن وارن جا
دوڪان هئا، رنگريز (ڪپڙا رڱيندڙ)، چڪيتسڪا (حڪيم)،
ڪوسيلوا (اداڪار)، گيانا (ڳائيندڙ)، نرتاڪا
(ناچو)، گناڪا (قصه خوان). سيٺين ۽ سرڪار پاران
شھرن ۾ ڪارخانا هئا، جن ۾ مزورن کان مقرر ٻولي ڪيل
ڪم وٺندا هئا. جيل خانن ۽ ٺيڪيداري ڪمن ۾ قيدين ۽
مزرورن کان مقرر انداز ۾ ڪم وٺندا هئا. بيواه
عورتن ۽ يتيمن جي پالنا لاءِ شھرن ۾ سرڪاري ڪپڙي
اُڻڻ جا ڪارخانا کليل هئا. وڏن شھرن ۾ ٻن قسمن جون
گاني واريون نچڻيون هيون. هڪڙيون شھرن ۽ ڳلين ۾
چڪر هڻي، نچي ۽ ڳائي ڏوڪڙ ڪمائينديون هيون. ٻيون
گاني واريون وڏن شاندار عمارتن ۾ رهنديون هيون، جن
وٽ اميراڻي طبقي جي اچ وڃ هئي. اهي چنڊال ذات جون
عورتون هيون، جي بيحد خوبصورت هيون. الور جي کاڻين
مان سون ۽ چاندي نڪرندي هئي.
واپار:
آسوڪا، ڪنشڪا، وڪرماجيت، هرشا توڙي راءِ
گهراڻي جا راجائون پاڻ به واپار ڪندا هئا. اهڙي
سرپرستيءَ ڪري واپار هر صدي بيحد ترقي ڪئي. سنڌي
طبيب ٻين ملڪن جي شھرن ۾ حڪمت جا دوڪان کوليا هئا
۽ ڌارين ملڪن جي سوداگرن جا گماشتا سنڌ جي
بندرگاهن تي رهندا هئا، جن وٽ وڏا گدام به هئا.
راءِ گهراڻي جي يادو راجائن مڪران کي ايران کان
آزاد ڪرايو. جڏهن خسرو پرويز مشرقي بازنطن رومن
شنهشاه هرقل کان 623ع- 624ع شام ۾ شڪست فاش کاڌي ۽
رومن فوجون دجله تائين پھتيون هيون ۽ ايران خطري ۾
پئجي ويو هو. براعظم ايشيا ۾ ايران کي جيڪا سيادت
قائم هئي، ان جو خاتمو ٿيو.
رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي مبعوث به
رسالت جو نائون سال هو، جڏهن رومن جي غلبي جي قرآن
شريف سوره روم ۾ پيشنگوئي ڪئي هئي. نيمروز (سيستان) جي جنگ ۾ راءِ سهارس ثاني ايرانين سان
وڙهندي مارجي ويو، راءِ سهارس ثاني، قسطنطنيه جي
قيصر، هوقل سان ايران خلاف سفارتي تعلقات قائم ڪيا
هئا، 628ع ۾ جڏهن رومن شهنشاهه فتح جو جشن منعقد
ڪيو هو، ان موقعي تي سنڌ جي سفير هوقل کي
مبارڪبادي پيش ڪئي هئي. سنڌ جو واپار بولان لڪ کان براه قلات (قيقانا)، خراسان ۽
وچ ايشيا سان هلندو هو. قلات هن شاهراه تي واپار
جي قافلن جي وڏي قافلي سراءِ هئي. 65ع ۾ چين ڏانھن
ويندڙ رستو براه پامير ۽ ختن هندو ساڌن ڳولي لڌو
هو. عيسوي ٻي صديءَ ۾ ڪمارا جيواختن پھتو هو ۽ هڪ
سو ٻُڌ ڌرم جا ڪتاب سنسڪرت ۾ لکيل چين ڏانھن مُڪا
هئائين. فاهين چيني سياح سندس چيلو هو. انھيءَ
رستي تان ٻيا چيني سياح به ايندا رهيا. چوٿين صدي
عيسويءَ ٻُڌ جون مڙهيون چين ۾ پکڙجي ويون ٻُڌ
جاگرنٿ ۽ ڪي يادگارون چيني سياحن پنھنجي وطن تائين
پھچايون هيون. انھيءَ طرح هندي ساڌو به چين ڏانھن
تبليغ جي ارادي سان ايندا ويندا رهيا.
چين، جو بيروني دنيا کان گهڻو وقت ڇڳل هو، سو سنڌو
ماٿريءَ سان پامير ۽ ختن جي رستي گڏجي ويو. ڪنشڪا،
ڪشمير ۾ ڪنشڪاپورا نئون شھر تعمير ڪرايو هو. چين
جي مال جو واپار مھراڻ ذريعي مغربي دنيا سان هلڻ
لڳو. الور، جنھن کي اليگزينڊر ڪننگهام رور پورا
ڄاڻايو هو وڏي واپار جو مرڪز هو. چتوڙ جي راجائن
سان مائٽي ڪري 714ع ۾ ميواڙ جي راڻي راول باچا
سورج ونسيءَ چتوڙ تي قبضو ڪيو هو. چتوڙ رستي کان
قنوج ۽ وچ هندستان جا قافلا الور مال پھچائيندا
هئا.
سنڌ جا آڳاٽا ٻه بندر پٽالا ۽ ڀنڀور اوج
وڃائي، نون بندرن کي جاءِ ڏني. ديبل مشرقي ۽ مغربي
دنيا سان واپار ڪرڻ لڳو. مشرق ۾ سيلون ۾ ٻُڌ ڌرم
ديبل جي پنڊتن پھچايو هو. ديبل جو اصل نالو ’ديول ديويو‘ هو، جو عربن جي لهجي ۾ ڦري
ديول ٿيو. خشڪي رستي ديبل ۽ پٽالا پاڻ ۾ گڏيل هئا.
پٽالا کان اُجين 500 ميل پري هو. اُجين کان ڀڙوچڪا
(ڀڙوچ) 200 ميل، اُجين کان برسنگر 120 ميل، بيسنگر
کان ڀارهوت 185 ميل، ڀارهوت کان ڪوسم 80 ميل، هتان
بنارس 100 ميل ۽ بنارس کان پاٽنا 135 اميل هو.
رستا ڪي اڄڪلھه وانگي پڪا ڪونه هئا، تاهم فوجن جي
لنگهڻ ڪري ۽ قافلن جي آمد و رفت ڪري پڪا ٿي ويا
هئا. آسوڪا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم ۽ ٻڌڪي تھذيب تبليغ
جي ذريعي ملايا، بالي، جاوا تائين پھتي هئي. چين
جا جھاز ديبل ۽ ايراني نارتائين پھچڻ لڳا. 65ع ۾
ٻُڌ ڌرم جا ساڌو سمنڊ رستي سيلون کان چين پھتا
هئا. انھن جھازن تي هڪ هزار ملاح سامونڊي ڦورن جي
خوف کان رهندا هئا. ديبل جو واپار قيس، سيراف،
اُبله، حضرموت جي بندر سوهار ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي
بندرن وسيلي هلندو هو. بطليموس جي زماني ۾ سنڌي
واپارين اسڪندريه ۾ ڪوٺي وڌي هئي. سنڌ جون ڳئون،
شڪاري ڪتا به بطليموس حڪمرانن کي گهڻو پسند هئا.
جن مال پھچائڻ لاءِ سوئيز جي نار کي اسڪندريه سان
ملايو هو، 330ع ۾ قسطنطنيه جي بنياد پوڻ ۽ بطيلموس
گهراڻي جي پڄاڻيءَ بعد به اسڪندريه يورپ ۽ ايشيا
جي مال جو وڏو تجارتي بندر هو. جيڪي شيون ملبار،
سيلون يا ڪاري منڊل ۾ پيداوار هيون، اُهي سنڌ جي
تجارتي مرڪزن تان ملي سگهنديون هيون. مثلاً صندل،
گرم مصالحا، سچا موتي ۽ چين جو ريشم، خوشبودار
شيون عطر ۽ مشڪ وغيره. سون، چاندي ۽ جواهرات جو
سڄي هندستان ۾ واپار هلندو هو. سون، چاندي جي سڪن
کان علاوه سچا موتي به ڏيتي ليتي ۾ سڪن وانگي چالو
هئا. سوداگر ايراني نار کان گهوڙا سنڌ ۾ آڻيندا
هئا ۽ هتان هندستان جي صوبن ڏانھن برآمد ٿيندا
هئا. 527ع ۾ ايراني به ريشم جو واپار مشرقي
بيزانطوم شهنشاهت سان ڪرڻ لڳا. ايڊورڊ گبن شڪايت
ڪري ٿو ته بيزانطوم جو سون مشرق ڇڪي ٿو.
شھرن جي عالم پناهه کان نڪرڻ وقت واپارين کي محصول ڀرڻو
پوندو هو. بندرن تي برج ٺهيل هئا ۽ سرحدن تي
چوڪيون مقرر هيون، جتي مال جو پنجون حصو محصول
ڀرڻو پوندو هو. محصول اُڳاڙيندڙ عملدار ڌارين ملڪن
جي واپارين کي پاسپورٽ به ڏيندا هئا. وٽن فوجي
دستو به رهندو هو. وٽن آمدني ۽ روانگيءَ لاءِ
رجسٽر هوندو هو. رستن تي ڪوس مينار، شفا خانا جڙيل
هئا. چوري مال نيڪال ڪندڙن کي سخت سزائون ملنديون
هيون. ڪن مارڪيٽن ۾ مال نيڪال ڪرڻ لاءِ نيلام
وانگي خريدار واڪ ڏيندا هئا. وڌيڪ نفعي خورن کي
سزائون ملنديون هيون. واپارين جي نقل ۽ حرڪت حڪومت
جي ايوانن تائين پھچندي هئي. شھرن ۾ سرڪاري محتسب
روزانو شين جا اگهه مقرر ڪندو هو. اهڙي پڌرائي
سرڪار پاران ٿيندي هئي. کاڻين جي اپت، ڪارخانن جون
جڙيل شيون، جيلخانن جو تيار ڪيل سامان، ٻيلن جي
اُپت کونئر، لاک وغيره، زمينن جي اُپت راجائون پاڻ
نيڪال ڪندا هئا. هرهڪ شھر ۾
گدام
’ڪوشاتاگرا‘ جڙيل هئا، جن ۾ حڪومت مال گڏ
ڪري رکندي هئي. راجا جا ايجنٽ ’راجو ويڌيڪا‘ نيڪال
ڪندا هئا. سرڪار هارين کي قيمت جي عيوض سون ۽
چاندي ڏيندي هئي. رستا ٽن قسمن جا هئا: (1) راجا
پاٿا، جتان شاهي سواري ۽ لشڪر لنگهندو هو. (2)
واپار ۽ عوام لاءِ رستا بانڪپاٿا. محتسب روزانو
تور جي وٽن، ترازين جي چڪاس ڪرائيندو هو. ديبل جي
اهميت ڪراچيءَ جيتري هئي. ملڪ جي حفاظت لاءِ
پنچايتون ۽ جهنگلي قومون به ٻڌل هيون، بلڪ وڻجارا
به مدد ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا.
’تيز‘ مڪران جو بندر، سمنڊ کان ٽي ميل
اندر کجين جي باغن ۾ هو. هتي خراسان، سيستان ۽
قنڌار جا قافلا مال آڻيندا هئا. تيز بندر تي
هندستان ۽ چين جا جھاز لنگرانداز ٿيندا هئا. زڪريا
قزوينيءَ جو بيان آهي ته ديبل کان وڌيڪ دولتمند
هو. اڄڪلھه تيز ننڍڙو ڳوٺ آهي، جتان تڏا، ٽوڪريون، گيھه ۽ چمڙو
ٻاهر وڃي ٿو.
سنڌ ۽ گجرات جي جھازن تي ميد ۽ ڪورا ملاح هئا. ديبل عيسوي
ڏهين صديءَ ۾ مٽجي ويو، پر تيز جو خوبصورت بندر
عيسوي چوڏهين صديءَ تائين اوج ۾ رهيو. بشاري مقدسي
لکي ٿو ته بندرگاه تي سوداگرن جا گدام هئا ۽ شھر
جي وچ ۾ خوبصورت جامع مسجد هئي. ٻارهين صدي
عيسويءَ ۾ سنڌ جو هي بندرگاه هرمز کان وڏو هو. هتي
جا جھاز دور تائين مسافري ڪندا هئا. تيز ۽ ديبل جي
وچ ۾ سنڌ جو ٽيون ننڍڙو بندر ڪمبالي هو، جو لسٻيلي
جي خيرڪوٽ ويجهو هو. سنڌ جون حدون ڪرمان ۾ نرماسير
تائين هيون. سنڌين واپار ۽ فوجي ملازمتن ڪري ايران
۽ يونان تائين فوجي لحاظ ڪري ۽ عرب، عراق، شام ۽
مصر سان واپار جي سانگي تعلقات پيدا ڪيا هئا.
اسلام کان اڳ مڪي جي قريش قبائل کي تجارتي قافلن
ڪري ٻين قبيلن تي سيادت حاصل هئي. مدائن جي طاق
ڪسريٰ جهڙي رنگ محل، حيره جي متمدن قصر خورنق جي
اميرزادين ۽ قسطنطنيه
(Constantinople) جي پُر شوڪت شھزادين کي سنڌ جي باريڪ ململن، عطر، لوبان،
سون، جواهرن، ريشم ۽ خوشبودار مصالحن جي ضروت هئي.
ويھن لکن پائونڊن جو مال ساليانو فقط بيزانطوم
ڇڪيندو هو. تدمر ۽ پطرا جي عربي رياستن کي رومن
فقط انڪري ناس ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته واپار جون منڊيون
هيون. شين کانسواءِ سنڌ جا جانور جهڙوڪ مور،
باندر، چتون، ڪتا، ڳئون به انھن لاءِ تحفا هئا.
ٻُڌ جي روحاني تبليغ يونان ۽ مصر جي صنم ڪدن کي
روشن ڪيو. ميمفس جي تصويرن ۾ ٻُڌ جي تپسوني جون
مورتيون صاف ٻڌائين ٿيون ته سنڌي ڪيڏيون مسافريون
ڪندا هئا. سنڌي سنگها ڀڪشو انڪري بين الاقوامي
شھرت ۽ باعث احترام پوزيشن رکندا هئا جو اُهي حڪمت
جا ماهر هئا. ان ڪري هر هنڌ هنن لاءِ عزت هئي،
جهڙي پنھنجي ديش ۾، پوءِ کڻي واديءِ نيل هجي يا
حجاز، بيت المقدس يا اپالو جو مندر، فرات يا
جيحون- اهي پورب جا پرديسي هر مڪان، هر ڪنڊ تي
براهمه سڏبا هئا، يعني ’اهلِ علم‘. شاعريءَ جي
لحاظ ڪري شهنشاهن جي دربارن ۾ عزت ۽ احترام سان
رهندا هئا. جيئن درباري امير، جوتش، فلسفي، جنتر،
منتر، فال ۾ مھا جوتشي. بازيگريءَ ۾ يگانه کيڏاري.
وري لطف اهو جو ساڳئي وقت حساب دان صراف. سنڌين جي
جھازن جا نالا ايراني ۽ عربي ملاحن جي زبانن تي
اهڙو چڙهي ويا هئا جو سنڌي ٻيڙي کي عرب ’بارجه‘
چوندا هئا. سنڌي دنگي ننڍي ٻيڙي ’دونيج‘، ’هوري‘
سمورا نالا اڄ به سنڌ ۾ رائج آهن. اهي جھاز ڪاٺ جي
بنڊن طور هڪٻئي سان ناريل جي رسن سان ٻڌل هئا، جن
جي وسيلي برِاعظم جي رهاڪن سيلون، جاوا، چين تائين
سمنڊ جھاڳي بيٺڪون وڌيون هيون. سنڌي جھازرانن لاءِ
قيس، سيراف، سوهار ۽ اُبله گهڻو قريب ۽ سڻاوا هئا.
ڪن جھازن تي پنج سؤ ملاح هئا. هن شمار موجب جھازن
جي ڊگهائي، ويڪرائي ۽ مضبوطيءَ جو اندازو ڪري
سگهندا. سوداگرن جو مال راجا کان ڏنل پرمٽ ذريعي
هلندو هو، جنھن جي معنيٰ هئي حڪومت جي ملڪيت.
سوداگرن کي مسلح ناڪي عملدار پاسپورٽ، مال، جنس،
قيمت کي رجسٽر ۾ درج ڪري ڪڍي ڏيندو هو. رستي تي
جيڪي بندر ايندا هئا، تن ۾ سوداگرن جون ڪوٺيون،
صراف، منشي، دلال رهندا هئا ۽ سندن گدام به هئا.
سنڌي سڪو سون، چاندي ۽ سچن موتين ۾ هو. ان مان
اندازو لڳائيندا ته سنڌي سِڪي کي نه فقط قيمت ۽
قدر هو، پر سنڌ هڪ دولتمند ايشيا ۾ ڏاکڻي طاقت
هئي، جا سياسي ۽ تجارتي لحاظ سان سياسي توازن
رکندڙ هئي، ۽ سندس سفير مدائن ۽ قسطنطنيه جي
دربارن ۾ رهندا. هرش کانپوءِ سڄي برصغير ۾ واحد
طاقت الور هئي، جنھن جا بيروني دنيا سان تعلقات
هئا. اقتصادي طور، سنڌ جا رهاڪو شاهوڪار هئا. وٽن
ڌن هو، اَناج هو، ڪپڙو هو، زمين ۽ گهر هو. هڪ دنيا
سندن اڳيان محتاج هئي. علم ۽ اخلاق ڪري دنيا ۾
سندن گهرج هئي. ڪسرائن جي فوجن ۾ وڏو تعداد سنڌين
جو هو، جن جا نالا علامه شبلي ”الفاروق“ ۾ ڏنل
آهن. انھن قومن جي سپاهين جي اسلام قبول ڪرڻ ڪري
ساساني شهنشاهت صفحه هستيءَ تان هميشه لاءِ مٽجي
ويئي. ان دؤر ۾ سنڌ جي شهنشاهت ايشيا ۾ ايتري
حيثيت رکندڙ هئي، جيئن اڄ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ رکي
ٿو. هندستان جي بچاءَ لاءِ هڪ مضبوط ديوار هئي،
جنھن جي ٽٽڻ ڪري عربن ۽ ترڪن لاءِ هندستان جا در
پٽجي پيا. اڄ پاڪستان به ساڳيءَ طرح برصغير درن جي
پاسباني ڪري رهيو آهي ۽ سياسي نڪته نظر سان ايشيا
جي سياسي توازن جي ترازي واشنگٽن جي آزاديءَ واري
بت وانگر جهليو بيٺو آهي.
ايران جو سنڌ تي اثر:
ايران سنڌ جو پاڙيسي آفتاب ۽ آتش پرست ملڪ
هو. اهو پھريون سٻنڌ هو. سياسي نقطه نظر سان رومن
شهنشاهت ۽ الور هندو هم مذهب شهنشاهت جي وچ ۾ هو.
سنڌو ماٿريءَ جو اولھندو مھراڻ جو حصو ڪياني،
اشڪاني ۽ ساساني ڪسرائن جي ماتحت رهندو آيو.
ايراني رسمن ۽ رواجن جو سنڌ تي اثر پوندو رهيو.
اگني مندرن ۾ ٻرندي هئي. آفتاب سوريه جو ملتان ۾
هيڪل جنھن جو بُت ڪاٺ جو هو ۽ مٿس ڳاڙهو چمڙو
چڙهيل هو. غازي محمد بن قاسم کي هتان وڏو خزانو هٿ
لڳو هو. 324 ق.م. سنڌ ۾ بعض قومون پنھنجن مڙدن کي
ميدان ۾ ڦٽو ڪندا هئا ۽ ڳجهون سندن ماس پٽينديون
هيون. بيروني دنيا ۾ ايران ۽ سنڌو ماٿريءَ جا گهرا
تجارتي تعلقات هئا. ايراني واپارين جون سنڌ ۾
ڪوٺيون هيون ۽ سنڌي واپارين جون سيراف، قيس ۽
اُبله ايراني بندرن تي ڪوٺيون ۽ صرافڪا دوڪان
(بئنڪون) هيون. انھن بندرن تي قافلن ذريعي مال
پھچندو هو ۽ مٽاسٽا ٿيڻ کانپوءِ جھاز کڻندا هئا.
اُبله، ايراني نار تي وڏو تجارتي بندر هو، جتي چين
جا جھاز لنگر هڻندا هئا. 14هه ۾ بصره جي بنياد پوڻ
ڪري اُبله جي اقبال کي ايترو ڪيرائي ڇڏيو، جو هي
بندر زوال ڏانھن تڪڙو قدم کڻي مٽجي ويو. ساساني
شهنشاهت دولت، سطوت ۽ جبروت جي لحاظ سان ڪياني ۽
اشڪاني شهنشاهتن کان وڌيڪ دٻدٻو رکندڙ هئي. خسرو
پرويز جي ڏينھن ۾ ته ڪمال اوج کي پھتي. سندس آفتاب
نصف النھار تي هو. سن 628ع ۾ خسرو جي مئي کانپوءِ
شھزادا هڪٻئي پٺيان مدائن جي تخت تي لهندا چڙهندا
نظر اچن ٿا. پويون يزدگرد هو جنھن کي مسلمانن
شڪست ڏني. سنڌ وانگر حيره ۽ يمن عربستان جا صوبا
درفش ڪياني هيٺ هئا. سنڌ، هندستان، يونان ۽
مصرتائين ايراني تھذيب ۽ ثقافت جو اثر پئجي ويو
هو. ساساني شهنشاهت جو مشرقي بيزانطوم شهنشاهت سان
جنگين جو سلسلو قائم رهيو. ڪسرائن پنھنجن فوجن ۾
پنھنجن ماتحت قومن کي ڀرتي ڪيو هو. الور جي حڪومت
رومن خلاف ايراني سلطنت کي فوجي هاٿين ۽ هٿيارن جي
مدد ڪندي رهي. ليڪن رومن کان وڌيڪ خطرو اسلام جي
ڪاهه جو هو. الور حڪومت هن اهم موقعي تي پنھنجي
بچاءُ جي خوف ڪري دل کولي لشڪر ۽ هٿيارين سان مدد
ڪئي. خسرو پرويز جي هندستان جي راجائن سان دوستي
هئي. پر اُهي الور وانگر طاقتورنه هيون، جو الور
جي خلاف ايران کي سنڌين جي ڪاهن کان بچائي سگهن.
علمي تعلقات هر حال ۾ آزادانه قائم رهندا آيا.
سنسڪرت فلاسافيءَ جا ڪتاب سنڌ مان ايران پھچي،
فارسي زبان ۾ ترجمو ٿيا، جن تان ٻين قومن لاڀ
پرايو. انھيءَ طرح ايران ۾ جيڪي به مذهبي انقلاب
پيا، جهڙوڪ مانويه ماني بن ناتڪ جو مذهب شاپور بن
اردشير جي ڏينھن ۾ پيو ۽ مزدڪيه قباد جي ڏينھن ۾
مزدڪ وڌو هو. اهي توڙي جو مٽجي ويا، پر سندن اثر
سنڌ کانسواءِ ايران، ڀر وارن ٻين ملڪن تي به پيو.
مثلاً مزدڪيه ڪيترن ئي فرقن ۾ وراهجي ويو. اهواز،
فارس ۽ شھرزور ۾ ڪوزڪيه فرقو رائج هو. سنڌ،
سمرقند، شاش (ڪاشفر) تي ماهانھي ۽ جامڪيه جو اثر
پيو هو. مرو ۽ شيراز ۾ عيساڻي نسطورين جون ديولون
هيون. ساساني ڪسرائون سنڌي حڪيمن کان علاج
ڪرائيندا هئا. اسڪندر جي ڪاهه ڪري ايران جي
آتشخانن جي رک اڏامي ويئي. زنداوستا جا ورق هن
طوفان اڏائي ڇڏيا. نوشيروان، ڪيومرث، مهه آباد ۽
زردشت جي پريشان ورقن کي هٿ ڪري پازندي مان دري
زبان ۾ قلمبند ڪرايا ۽ مٿن ’وساتير‘ نالو رکيو.
پازندي زبان، سنسڪرت سان گهڻو مشابهت رکندڙ هئي.
فقط لب ۽ لهجي جو فرق هو. جمشيد جنھن باهه جي پوڄا
ڪندو هو، تنھن کي نوشيروان ڪرمان ۾ روشني ڪئي.
ايراني شھزادي بوران يونان ۾ آتشخانو جوڙايو هو.
بلخ جو هيڪل نووهارته سڄي ايشيا ۾ مشھور هو. عيسوي
تيرهين صديءَ تائين سنڌ ۾ آتشخانن جو ڏس ملي ٿو.
اسلام جي ظهور وقت ٻُڌ ڌرم (بت پرستي) ۽ مجوسيت
دنيا ۾ ٻه مکيه مذهب هئا. سنڌ ٻنهي جي عقيدتمنديءَ
۾ هئي. ايراني ٻوليءَ جو سنڌي قومن مان گهڻو اثر
بلوچ مڪرانين تي پيو، جن جي مڪراني زبان، جرمن
ڊاڪٽر ائنڊريز پروفيسر ڪيل يونيورسٽي جي فيصلي
موجب، پهلوي زبان جي بطن مان ڄاول آهي. ڇاڪاڻ ته
مڪران خسرو پرويز جي ڏينھن تائين ايران جي ماتحت
هو. ايران سنڌين کي قالين جوڙڻ جو هنر سيکاريو، جو
اڄ تائين رائج آهي. سنڌي غاليچن جي بيروني دنيا کي
گهرج آهي. سنڌي سلوارن پائڻ جو رواج ايرانين کان
سکيا. اڳ ڌوتيون ٻڌندا هئا. ايراني هنر جا آثار اڄ
به سنڌ جي صوبي ۽ بلوچستان ۾ موجود آهن. مثلاً
کيرٿر جبل جي وادين ۽ بلوچستان جي جبلن کي ڪي پٿرن
جا بند ڏنل آهن، جن کي ’گبربند‘ يعني آتشن پرستن
جا بند چون ٿا. سنڌ جي مڪران ضلعي ۾ بهمني، ڪائوسي
۽ خسروي ڪاريزون آهن، جي ڪيڪائوس، بهمن ۽ ڪيخسرو
مڪران جي زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ تعمير ڪرايون
هيون. ايران جي شڪست، اسلام کي سنڌ جي بتخانن ۾
آندو. اسان جو وطن اسلام جي شرف ڪري برصغير ۾ ’باب
الاسلام‘ هميشه لاءِ بنجي ويو. اڄ به ايران سان
ممڪلت پاڪستان جا برادرانه تعلقات آهن. حقيقت ۾
اسان جو ادبي سرمايو گهڻي ڀاڱي فارسي زبان ۾ آهي،
ڇاڪاڻ ته 1024ع کان 1850ع تائين سنڌ جي سرڪاري
زبان فارسي هئي. اسان جون بهترين صنعتون يعني برتن
۽ سرن تي ڪاشيءَ جو روغن چاڙهڻ ايران کان آيل آهي.
اسان جي بزرگان- دين جي قبرن جا گنبد ۽ مسجدون ۽
مينار ڪاشي ڪيل آهن. ايراني تصوف ۽ تھذيب
پتاليپوترا تائين اثرانداز ٿيا. سنڌي مصوريءَ تي
به ايران جو اثر پيو. اڄ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪي
مثالي تشبيهون ڏنل آهن، سي پنھنجي اصليت ۾ فارسي
آهن. اهڙن سببن ڪري سنڌ تي ايران جا گهڻائي احسان
آهن. ايران جي اثر کي اسين هرباب ۾ دهرائينداسون،
ڇاڪاڻ جو ادب، واپار ۽ اقتصاديات جو منجهن گهڻو
سرمايو سانڍيل آهي.
برهمڻ گهراڻو:
آسوڪا ۽ هرش، جنھن قسم جي جمهوريت جو رواج
وڌو هو ۽ ڌرمي آزادي ڏيارڻ لاءِ قوم کي هڪ مرڪز تي
آڻڻ لاءِ مساوات ۽ فياضين جو جيڪو سلسلو ڀڪشو ۽
برهمڻ پنڊتن ڏانھن جاري ڪيو هو، تنھن کي راءِ
گهراڻي جي راجائن به قائم رکيو. برهمڻ اهلِ علم
هئا. راجائون فقط ڌرمي ’سنگها‘ يعني صدارت جي
ڪرسين لاءِ مستحق هئا ۽ ڌرم جي پاسباني ڪرڻ ڪري
گروءَ جي حيثيت رکندا هئا. حڪومت سندن نائب
هلائيندا هئا. صوبن مٿان راجائن جي ماتحت ننڍا
راجائون حڪومت هلائيندا هئا. مقرر ڍل ڏيڻ کان
علاوه فوجي امداد ڏيڻ لاءِ ذميدار هئا. مندرن جا
گدي نشين، جي عوام لاءِ روحاني پيشوا هئا، اُهي
سخت رياضتون ڪندا هئا. وڏا دولتمند ۽ جاگيردار
هئا. سندن پاران ايجنٽَ واپار ۽ صرافڪو ڌنڌو ڪندا
هئا ۽ زائرين کي مورتي پوڄا ڪرائي ڌن ميڙيندا هئا.
سندن حيثيت روم جي پوين وانگي هئي. سندن ماتحت
ننڍا پنڊت پوپ جي بشپن وانگي گروءَ جي ڪرامتن،
جنترن ۽ منترن جي تعريف ڪري، گروءَ جي وقار کي
بلند رکڻ لاءِ سرگرم عمل هئا. ٻئي پاسي برهمڻ سندن
غالب حريف هئا. نتيجي طور ٻن ڌرمي گروهن جي ڇڪتاڻ
ڪري راجائون توڙي عوام کانئن بيزار هو. ٻُڌ ڌرم به
برهمڻي ڌرم مان نڪتل هو. جيئن ٻُڌ ڌرم ۾ فرقي بندي
پيل هئي، تيئن برهمڻن جا به ڌار ڌار فرقا هئا.
سڀني گروهن جو ڌرم ساڳيو هو. جنگ وقت غيرآريائي
قومون، جي تعداد ۾ آرين کان وڌيڪ هيون،
فرمانبرداريءَ سان آريائي حڪومت کي امداد ڪنديون
هيون، جيئن آمريڪا جي ريڊ انڊين فرينچن ۽ انگريزن
جي جنگين ۾ حصو ورتو هو. مگر برهمڻ انھن سان ساڳيو
سلوڪ روا رکندا آيا، جهڙو ڏکڻ آفريڪا جا سفيد فام
حڪمران ڪارن حبشي قومن سان هن ترقيءَ جي دؤر ۾ روا
رکيو آهي. حالانڪ غيرآرين جو رت آرين جي رڳن ۾
شامل هو. ازانسواءِ غير آرين جي زبان سنسڪرت جهڙي
سڌريل ٻوليءَ کي بگاڙي، فنا جي غار ۾ ڦٽو ڪيو هو.
برهڻمن سَٿين، هُن ۽ يونانين کي جذب ڪري انھن تي
کتري نالو ڏنو، پر قديم باشندن، جن آرين کي پاڻ ۾
جذب ڪيو هو، تن لاءِ برهمڻن کي ايترو ڌڪار هو،
جيترو عرب ۽ اسرائيليءَ کي هڪ ٻئي لاءِ آهي.
حالانڪ عرب يهودي هڪڙي سامي واد طبقي جي قوم آهن ۽
هڪڙي ڏاڏي جو اولاد آهن. ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾
برهمڻي تحريڪ سڄي برصغير کي سيلاب وانگي وڪوڙي
ويئي. نتيجو هن طرح نڪتو، جو ٻُڌ ڌرم هندستان کان
موڪلائي ويو ۽ سنڌ جي جمهوري حڪومت ٻين راجپوت
شخصي رياستن وانگي شخصي حڪومت بنجي ويئي. برهمڻن
جي پيدا ڪيل انتشار ۽ غير برهمڻ قومن سان سختين
سان پيش اچڻ سبب سنڌ هڪ ڌاري عرب فاتح قوم جي
ماتحت بنجي ويئي.
چچ بن سيلائج هڪڙي پينو برهمڻ جو پٽ هو،
جنھن کي چارئي ويد برزبان ياد هئا. چانڪيا جي
”ارٿا شاستر“ موجب، سياسي ٺڳين کان واقف هو. جيئن
چندرگپت ٺڳيءَ سان نندا راجائن جي حڪومت جو خاتمو
ڪيو هو، ساڳيءَ طرح چَچَّ، راءِ گهراڻي جو خاتمو
ڪري، سنڌ ۾ غير محدود برهمڻي حڪومت قائم ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو. پھريان راءِ سهاسي ثانيءَ جي وزير جي
دفتر ۾ محرر مقرر ٿيو. هو نوجوان، خوبصورت ۽
انشاپرداز هو. هڪڙي ڏينھن وزير ٻڌيمن جي غير
حاضريءَ ۾ ڪي ضروري ڪاغذ راجا جي پيش ڪرڻ لاءِ
ديوان خاني ڏانھن ويو. راءِ سهاسي جنھن کي اولاد
ڪونه هو ۽ سندس راڻي شوڀا ديوي ان وقت موجود هئي.
راجا برهمڻ ٻچي کي ديوان خاني ۾ گهرائي کانئس ڪاغذ
پڙهايا. هن اهڙي چترائيءَ سان پڙهي ٻڌايا، جو راجا
مٿس مهربان ٿيو ۽ راڻي شوڀا ديوي برهمڻ تي عاشق ٿي
ويئي ۽ دل ۾ هن کي پيار ڪرڻ لڳي. چچ به هن راز کي
دل ۾ سانڍيندو رهيو. راجا ستت ڪنھن بيماريءَ وگهي
مري ويو. راڻي، راجا جي موت کي لڪائي. چچ کي
سڏائي، کيس خزانن ۽ هٿيارن جي زخيرن جون ڪنجيون
حوالي ڪري، حڪومت جي عملدارن کي راجا جي آخري درشن
ڪرڻ جي بھاني سان گهرايو. جن کي چچ گرفتار ڪري.
راڻيءَ سان شادي ڪري تخت تي ويٺو. چچ جي ٺڳيءَ
خلاف حڪومت جي ننڍين رياستن بياس، ملتان، اُچ،
برهمن آباد، نيرن ڪوٽ ارمائيل ۽ سيوستان جي راجائن
بغاوتون ڪيون. پر جنھن صورت ۾ انھن کي بيروني
امداد ملي نه سگهي، چچ سڀني کي شڪستون ڏيئي ماري
مڃايو. پوءِ حڪومت جي صوبن جو دورو ڪري، سرحدن کي
مضبوط ڪيائين. بياس واري سرحد کان علاوه، مڪران جي
دشت نديءَ جي ڪپ تي کجين جا وڻ پوکرائي، سرحدي
نشان کڙا ڪيائين.
ساساني شهنشاهت جو زوال:
پوين ساساني شهنشاهن مان خسرو پرويز وڏي
فوجي طاقت رکندڙ هو. 611ع ۾ هُن بيت المقدس جي بي
حرمتي ڪئي. انھن هولناڪين جو بيان بهتر آهي ته
علامه گبن جي جلد 5 ۾ پڙهڻ گهرجي. حد درجي جو
مغرور ۽ ظالم هو. بيت المقدس کي برباد ڪرڻ وقت نوي
هزار تثليث جي پوڄارين کي قتل ڪرايو هو. بيحد عياش هو. مدائن جي شاهي محلات ۾ پنج سؤ دنيا جون چونڊ
حسين ۽ جميل دوشيزاؤن شهنشاهه جي چاڪري ڪرڻ تي
بطور ٻانھيون هيون. دنيا ۾ سندس ڪاهن ۽ سفاڪين
انقلاب وجهي ڇڏيو، جنھن کي قرآن حڪيم سوره الروم ۾
وحيءَ جي زباني بيان ڪيو آهي. حضور سرورِ ڪائنات
رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم اسلام جو دعوت
نامو خسرو پرويز ڏانھن عبدالله بن حذاقه السهمي
هٿان موڪليو هو، جنھن کي مغرور پڙهي ڦاڙي ڦٽو ڪيو.
رات جو اهڙو ڀيانڪ خواب ڏٺائين، جو فڪر ۽ بيچينيءَ
سان سندس گهڙيون گذرنديون. آخر جڏهن پنھنجي پٽ
شيرويه هٿان قتل ٿيو، تڏهن مس مس قيدِ حيات کان
کيس آزادي ملي. خلافت صديقيءَ ۾ حيره اسلام جي جهنڊي هيٺ اچي چڪو هو. خلافت
اعظميٰ جون حدون ساساني شهنشاهت سان لاڳو ٿي ويون
هيون. مدائن جي تخت تي يزدگرد بن شھريار بن پرويز
هو. خلافت فاروقيءَ ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص 635ع
ڌاري مدائن تي قبضو ڪيو. جيڪي سنڌي قومون ايراني
فوجن ۾ ملازم هيون، تن اسلام خوشيءَ سان قبول ڪيو. قادسيه جنگ کانپوءِ جلولا ۽ ٻيون جنگيون به لڳيون، پر
ايرانين جا پير ڪٿي به ڪونه کٿا. سمورو ايران،
سجستان ۽ مڪران اسلامي جهنڊي هيٺ اچي ويا. خلافت
راشده جي حد وڃي ديبل جي ديوارن سان ٽڪرجڻ لڳي.
اسلام جي خلاف چچ بن سيلائج ڪسريٰ يزدگرد کي جنگ
قادسيه جي موقعي تي بيشمار هٿيار ۽ جنگي هاٿي ڏنا
هئا، پر ايران کي بچائي نه سگهيو.
برهمڻ حڪومت جو زوال:
چندرگپتا وانگر چچ به ڇل، ڪپٽ سان شهنشاهت
۽ دولت هٿ ڪئي هئي. پر حڪومت ۽ دولت سندس بچاءَ
لاءِ ضامن ڪونه هئا، ڇاڪاڻ ته عوام ۾ سمورا ٻُڌڪي
ڌرم تي قائم هئا. چچ وڏو سياستدان هو. پنھنجن
ڪرتوتن کي لڪائڻ ۽ پنھنجي گهراڻي جي پيڙه کي مضبوط
ڪرڻ لاءِ هن جيڪا دٻاءُ جي پاليسي اختيار ڪئي هئي،
سا فضا لاءِ سازگار نه هئي. راجسٽريا (راجپوتانا)
جا راجپوت راجائون، جي ٻُڌ ڌرم جي خلاف هوندي به
سنڌي ٻُڌ رهاڪن سان همدردي رکڻ لڳا، جن جي مغربي
حدن تي اسلامي حڪومت جون حدون لاڳو هيون. سڀ کان
پھريان چچ برهمن آباد جي ’مھاڀڪشو‘ پنڊت کي ختم
ڪرڻ جو ارادو ڪيو. جو مھاٻُڌي ۽ وڏو جوتشي هو.
جنھن جو عام توڙي خواص نه صرف احترام ڪندو هو، پر
سندس مڃتاکي موڪش تصور ڪندا هئا. چچ کي چارئي ويد
ياد هئا، پر مھاٻڌي اڳيان قائل ٿي هٿ جوڙڻ لڳو.
سوامي اهڙن سروپن ۾ پاڻ کي پڌاريو، جو چچ جي ڏسندي
زبان بند ٿي ويئي. حڪم ڏنائين ته سرڪاري خرچ سان
مندر جي مرمت ڪرائي وڃي. مھاٻلي کان هارائي رعيت
تي سختيون ڪرڻ لڳو. سنڌي عظيم الشان شنهشاهت چئن
ديشن ۾ ورهايل هئي، جن مان هرهڪ ديش رياست هئي.
انھن جا سرڪاري بالا عملدار ’ملڪ‘ ڪوٺبا هئا. مَلڪ
فوجي خطاب ۽ وڏو فوجي رتبو هو، جيڪو دهلي جي
مسلمان سلطانن کان علاوه مغلن جي ڏينھن ۾ به رائج
هو.
(1) برهمن آباد: نيرون، ديبل، لوهانو، لاکا ۽ سمه.
(2) سيوستان: ٻڌپور، ڪيڪانا (سراوان)، ڪوه پايا
(جھالاوان)، مڪران، روجھاڻ.
(3) اسڪده (اُچ): هن صوبي کي بابيه کان سواءِ
تلواڙ يا چچپور چوندا هئا.
(4) ملتان- سڪه، برهمپور، ڪروڙ ۽ ڪنڀ يا ڪنڊ.
ڪيڪانا ۽ مڪران اهم سرحدي علائقا هئا. ٻئي
سڌا سنوان راجا جي نگرانيءَ هيٺ رهندا هئا.
ازانسواءِ هتي جا شورش پسند رهاڪو، ڪڙڪ، ميد،
بلوچ، جاٽ، ڪرد هروقت فساد ڪندا هئا. مٿيون قومون
ڍلون به ڳريون ڀريندا هئا. مثلاً سني (ڪڇي) جي
ڪردن تي (جن خانه بدوشن جو گذر ڍوڍي ۽ پنير تي هو)
هڪ لک نقد ۽ ڪي عمدا گهوڙا ڍل مقرر ڪئي هئي، جنھن
کي اڳاڙڻ لاءِ چچ پاڻ ويندو هو. ملڪ جي چڪاس رکندو
هو. انھن قومن جي عادت هئي ته امن جي حالت ۾ ٻيو
نه، ته پاڻ ۾ وڙهندا هئا. مقامي حڪومت جيڪڏهن مٿن
ضابطي کي سخت ڪندي هئي ته انتقام وٺڻ لاءِ ڪنھن
ڌاريءَ قوم سان ساز باز رکڻ شروع ڪندا هئا. حڪومت
کي سرحدي علائقي هئڻ ڪري هميشه انھن قومن کان خطرو
رهندو هو. مڪران سنڌ کان ڌار ۽ غير علائقو بنجي
چڪو هو. دمشق جي دربار مان جنھن به ڪمانڊر کي
مڪران وڃڻ لاءِ حڪم ملندو هو، ته سندس رت سُڪي
ويندو هو. عربي حڪومت به هميشه مڪران جي فسادن ۾
رڌل رهندي هئي. حڪومت اندر جيڪي قلعا هئا، تن کي
مضبوط ديوارون ۽ چوطرف پاڻيءَ سان ڀريل کاهيون ڏنل
هيون. اسڪندر مقدوني قلعي شڪن انجڻيون آنديون
هيون، جن کان واقف ٿيڻ کانپوءِ سنڌين پنھنجن ڪن ڪن
قلعن کي ٻٽيون ديوارون ڏنيون هيون. انھن قلعن ۾
فوجون رهنديون هيون، جن کي ’گلما‘ يعني ڇانوڻيون
سڏيندا هئا. ديشن تي ننڍا راجائون حڪومت هلائيندا
هئا. مثلاً بهمن آباد جو اگهم راڻو، جنھن کي چچ
دٻائڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيو هو. اگهم لوهاڻي،
هندستان جي راجائن کان مدد گهري هئي. چچ وٽ وڏي
فوج هئي. پيادن اڳيان جنگي هاٿين جو صفون
بيهاربيون هيون. راجا وچ فوج ۾ هاٿيءَ تي چڙهي
لشڪر جي ڪمان ڪندو هو. يونانين، ايرانين ۽ عربن
لاءِ هاٿي عجيب ۽ مهيب جانور هو. چچ جي ڊڪٽيٽري
راڄ ۾ فوجي مارشل لا ڪري، انھن مندرن جي رونق
گهٽجي ويئي، جن ۾ هرشام ڀڄن ڳائڻ وقت ديوداسيون
سنگيت وديا جا ’ڀرت ناٽم‘ ۽ ’ڪٿڪ‘ سرن ۽ تالن سان
ناچ ۽ راڳ ڪري، سامعين جي روح ۽ بدن ۾ تازگي پيدا
ڪنديون هيون، ازانسواءِ ٻڌ، شو، وشنو، گنپتي،
سوريه ديوتائن کي ريجھائينديون هيون. ڀرت ناٽم ان
موسيقيءَ کي چون ٿا، جن جي ڀڄن ۾ سهاڳڻيون ديون ۽
ديوين کان اولاد گهرنديون آهن ته جيڪڏهن ڌيءَ پيدا
ٿي ته ان کي ديوداسي ڪيو ويندو، جا سڄي ڄمار روم
جي راهبه ڪنوارين وانگر ديوتائن کي ريجھائيندي
رهندي. ڪٿڪ موسيقيءَ ۾ ناچو ۽ راڳي مھاڀارت،
رامائڻ ۽ راڌا پريم ڀڳتيءَ جا گانا ڳائيندا هئا.
غريب چنڊال عورتون شھرن جي چوسولن يا محلن ۾ نچي ۽
ائڪٽ ڪندي ڊراما پيش ڪنديون هيون ۽ سامعين سندن
عضون جي حسن ۽ لچڪ تان ٻلھار ٿيندا هئا. اهي چنڊال
عورتون، جي بازاري هيون، خوبصورت هيون. برهمڻ، جن
شودر زالن سان شاديون ڪندا هئا، تن مان جيڪو اولاد
ٿيندو هو، تنھن کي چنڊال ڪوٺيندا هئا. آسوڪا جي
جهنڊي تي گول چڪر جو نشان هو. سنڌي لشڪر جو جهنڊو
به ڌرمي هو، جنھن تي ڪرشنا ۽ راما جون تصويرون
نڪتل هيون، جن مندرن ۾ گهڙيال، ناد، سنک، شرنايون
۽ نقارا وڄندا هئا، سي جنسي خواهشات جي دٻاءُ ڪري
بي حيائيءَ جا اڏا بنجي ويا ۽ مھامتر پروهت ڀڙوت
جي ڪمائيءَ تي ڌن ميڙڻ لڳا. سنڌي هندن جا ٻه وڏا
طبقا لوهاڻا ۽ جاٽ پڌري پٽ برهمڻ حڪومت جي خلاف
هئا. جاٽن جا طرفدار جھازران ڦورو

ميد هئا. چچ کي پڪ هئي ته جيڪڏهن ڪو ڌاريو عظيم سنڌ تي ڪاهه ڪندو، ته هُو
هيڪلي سر وڙهندو. هن کي ماتحت راجائن تي اعتبار
ڪونه هو. هُن کي مھراڻ جي تاريخ به ياد هئي، جنھن
۾ ڄاڻايل هو ته پورس سان راجائن مدد ڏيڻ جو وعدو
ڪيو هو. پر جڏهن اسڪندر مٿس ڪاهي آيو، ته راجائون
واعدن کان ڦري ويا ۽ پورس هيڪلو وڙهندي شڪست کاڌي
هئي. انھن ڳالهين جي آڌار تي هُن آرڊيننس جاري
ڪيو ته:
”هن لوهاڻن ۽ جاٽ سردارن کان ضامن ورتا ۽
حڪم ڪيائين ته ڪوبه منجھان حڪم عدولي ڪندو، ته سخت
سزا ڀوڳيندو. اصلي ترار بدران مصنوعي ترار چيلهه
سان ٻڌي نڪرن. شال، مخملي ۽ ريشمي ڪپڙا بلڪل نه
ڍڪين. پر جي پائين ته سڃاڻپ لاءِ ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ
جا هجن. گهوڙن تي سنجن ۽ زين بغير اُگهاڙي پٺيءَ
تي سواري ڪن. مٿو ۽ پيراگهاڙا رکن. جُتي، ٽوپي ۽
پڳ نه پائين. وري پيادا هجن، سي پاڻ سان ڪتو ساڻ
کڻن. برهمڻ آباد جي شاهوڪارن جي باورچي خانن لاءِ
روزانو ڪاٺيون پھچائين. حڪومت پاران جاسوسي ۽
قاصدائي جو ڪم ڪن، پر سچائيءَ سان. ملڪ تي ڪو دشمن
ڪاهي اچي، ته ٻانھن ٻيلي ٿي مقابلو ڪن.“
غرض راجائن نائبن ڏنڊي جي زور جي اطاعت
منظور ڪئي. دل ۾ انتقام وٺڻ لاءِ منتظر هئا. ايران
جي ساساني حڪومت ۽ برهمڻ شهنشاهت جي زوال جا اسباب
هڪجهڙا آهن. ايران ۾ شيرويه فقط اٺ مهينا مس حڪومت
ڪئي. هن شاهي خاندان جي 15 شھزادن کي قتل ڪرائي
ڇڏيو. شيرويه جو پٽ صغير هو، جو ڏيڍ سال ۾ اميرن
هٿان مارجي ويو. اميرن هڪڙي شھزادي جوان شير کي
تخت تي ٿاپيو، جو سال کانپوءِ مري ويو. يزدگرد
باقي بچيو هو، سو به صغير هو. سندس پاران شھزادي
بورات دخت حڪومت هلائڻ لڳي. سڄي ايران ۾ هل پئجي
ويو، ته ايران جي تخت لاءِ وارث نٿو ملي. بدامني
هتان شروع ٿي. چچ مغروريءَ سان جيڪي قانون نافذ
ڪيا، تن زوال آندو.
سنڌ جي طبعي حالت:
چچ جي ڪارن قانونن مان سنڌين جي معاشي
حالت جي خبر پوي ٿي ته سنڌي هروقت ترار چيلهه سان
ٻڌندا هئا ۽ سندن لباس شال، مخمل ۽ ريشمي ڪپڙن جو
هو. سنڌين کان وڌيڪ خوش نصيب ڪا ورلي قوم هوندي.
نه وري ملڪ ۾ گهڻا واهه هئا. سڄيءَ سنڌ ۾ فقط ڇَهه
واهه نظر اچن ٿا: (1) اڙل، (2) وڌا واهه، (3)
ڪوتڪ، (4) منجهل، (5) جلواتي، (6) ڀرتري. انھن
ڏينھن ۾ سنڌ کي واهن جي ضرورت ڪا نه هئي.
آبڪلانيءَ ڪري سڄي صوبي ۾ ڍنڍون بنجي وينديون
هيون. درياءَ جو وهڪرو به اڄ کان ٻيءَ طرح هو.
سيوهڻ کان 25 ميل اوڀرندي طرف وهندو هو. ڪلريءَ جو
شھر، سڪرنڊ کان ٽن ميلن تي اُتر اُلھندي طرف هو.
هتان مھراڻ مان هڪڙو ڦاٽ نڪرندو هو. جو هيٺ وڃي
وري درياءَ سان گڏبو هو. هن کي ’لوهاڻو درياءُ‘
چوندا هئا. وچ وارو دوآبو نھايت زرخيز هو.
اوڀرندي ناري تي به وڏا شھر هئا. مثلاً راور جو
برهمن آباد ۽ نيرن جي وچ واري رستي تي مضبوط قلعو
هو، جنھن جي بچاءُ لاءِ بھرور ۽ دهليلا ٻه ننڍا
قلعا هئا. وچولي جي آبهوا وڻندڙ هئي. الور جا
راجائون اونھاري جا چار مهينا هتي گذاريندا هئا.
سمنڊ جي هير هت پھچندي هئي. ڪڇ جو رڻ سمنڊ هيٺ هو. نيرن ڪوٽ کان سمنڊ ٽيهن ميلن تي هو. پراڻ جون ٻه شاخون ڪڇ
جي نار ۾ پونديون هيون. ريڻ جي منھن کان هيٺ ڀرو
گنگرو واهه جو ويھن ميلن تائين وهندو هو، ساڻس
پيڃاري گڏبو هو. هينئر گنگرو ويران آهي، فقط ريڻ
جي شاخ ڦليلي موجود آهي. مھراڻ جي اُلھندي ڊيلٽا
تي ڪلري ڦاٽ، جنھن جو وهڪرو چاليهن ميلن تائين هو،
بگهاڙ سان گڏبو هو. ڪلري ۽ گهاري جي وچ ۾ ڏهن يا
ٻارهن ميلن جو مفاصلو هو. ديبل، منجابري ۽ دمريلا
هن دوآبي ۾ هئا. ڀنڀور گهاري جي ڪپ تي هو. چچڪان جو سمورو علائقو ۽ سماواتي نھايت زرخيز هئا. ارل واهه
کي عربن ’جوءِ سند‘ نالو ڏنو. ان جو پھريون نالو
’سند اَرل‘ هو. اَرل، مھراڻ جي شاخ اولھندو نارو
هو، جو منڇر جي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کانپوءِ اَرل جي
صورت وڃي مھراڻ ۾ پوي ٿو. ڊاڪٽر ڇٻلاڻيءَ ”سنڌ جي
اقتصادي تاريخ“ ۾ ٽالپرن تي ڇوهه ڇنڊيا آهن ته هنن
واهه ڪونه کڻايا، زمينون شڪار گاهون هيون. ڊاڪٽر
صاحب شاندار ماضيءَ جي تاريخ پڙهي ڏسي ته جن ڏينھن
۾ سنڌ ۾ فقط ڇهه واهه هئا، سنڌي سون ۽ رپي سان
رانديون ڪندا هئا ۽ سندن پوشاڪون ريشمي ۽ مخملي
هيون. اُلھندي ڊيلٽا تي ديبل ۽ اڀرندي ڊيلٽا تي پاري ننگر
بندرگاه هئا. 1758ع ۾ مھراڻ رخ ڦيريو ۽ 1819ع جي
زلزلي ڪڇ جي حالت بدلائي ڇڏي. برهمڻ راڄ ۾ آسودگي هئي. راجائون، امير، عوام زالون ۽ مرد
ڪنن، ٻانھن ۽ ڳچين ۾ زيور پائيندا هئا. مندرن جي
بُتن تي سون ۽ جواهرات مڙهيل هئي. الور جي بت کي
ٻانھن ۾ وزني سون جا ڪنگڻ پيل هئا. کترين ۾ شراب
نوشيءَ جي عادت پيل هئي. هندو گڏجي ماني ڪونه
کائيندا هئا. بلڪ گڏجي کائڻ کي عيب سمجهندا هئا.
وڻن جا پن سندن دسترخوان هئا. بچيل کاڌو پنن سميت
ڦٽو ڪندا هئا. ماني کائڻ کان اڳ ڏندڻ ۽ غسل ڪندا
هئا. زالن ۽ مردن جو لباس هڪ جهڙو هو. چيلهه سان
هڪڙي چادر ٻڌندا هئا ۽ ٻئي چادر سان لڱ ۽ مٿو
ڍڪيندا هئا. غلامن جي ڪنڌ تي چڙهي سواري ڪرڻ جو
رواج هو. پان چٻاڙن جو عام رواج هو. چونو، ڪٿو، سوپاريون ۽ الائچي
وجهي کائيندا هئا. ڳاڙها ڏند ڪرڻ تھذيب جي نشاني
هئي. ماڻھو فوتيءَ جي لاش کي ساڙي رک اڏائي
ڇڏائيندا هئا. اميرن ۽ شاهوڪارن جي لاشن کي صندل،
ڪافور ۽ زعفران سان ساڙيندا هئا. فوتيءَ جا مائٽ
پنھنجون ڏاڙهيون، مڇون ۽ مٿي کي ڪوڙائيندا هئا.
اها رسم ’بڌر‘ ڪوٺبي هئي. برتن مٽيءَ، لوهه ۽ ٽامي جا هئا. اميرن جا سون ۽ چانديءَ جا
هئا. شھرن ۾ واپاري تعلقات ڪري ’طاطري‘ سوماترا جا
سِڪا به رائج هئا. ديبل جي ويجهو کجور ۽ ناريل جا
باغ هئا. هتي جون فولادي تراريون، شالون جن کي
’شال ديبلي‘ ايراني چوندا هئا، مشھور هيون. هتان
ڪٿو، بانس، بيد ۽ باريڪ ڪپڙو در آمد ٿيندو هو.
ٻُڌيا جو شھر منڇر جي ڍنڍ تي هو. هتان ناريل ۽
چانور ٻاهر ويندا هئا. ونجوٽ جو شھر، جو سري ۾
ريتي اسٽيشن کان ٻن ميلن تي برهمڻ آباد جيڏو شھر
هو. جندرود ملتان کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي وڏو
قلعو هو، چناب نديءَ تي ٻڌل هو. سمد جو شھر ملتان
۽ جندرود جي وچ ۾ مھراڻ جي ڪپ تي هو. هتي جي قلعي
کي ٻه عالم پناهون ڏنل هيون. قنزبون جو اڄڪلھه
پنجگور سڏجي ٿو، مڪران ۾ وڏو شھر هو ۽ باغات سان
معمور هو. قندابيل، ٻڌا (ڪڇي) ۾ جو اڄڪلھه
گنداواهه سڏجي ٿو، جنھن کي هوئن تسانگ ’فوڪي ڪي‘
نالو ڏنو هو. هِتان ملتان ڏانھن به رستو ويندو هو
۽ موله لڪ وسيلي جھالاوان جي شھر خزدار سان گڏيل
هو. هتان گهوڙا مڪران جي بندر تيز کان ٻاهر ويندا
هئا. وچولي ۾ برهمن آباد تختگاهه شھر هو. هتي جي
قلعي کي جاويتري، ڀارنا، ساتيا ۽ ماليا چار دروازا
هئا. قلعي تي 14 سؤ ڪنگرا هئا. مھراڻ جي لوهاڻي
شاخ تي ٻڌل چئن ميلن جي اراضي ۾ هو. 1854ع ۾ مسٽر
اي . ڊبليو. هيوز ۽ آثار قديمه جي ماهر رچرڊسن کي
عاج، شيشي جو سامان، بت، شطرنج جون ڳوٽون، زنانابت
۽ ڪي سِڪا هٿ لڳا هئا، جن تي سنسڪرت ۽ ناگري اکر
لکيل هئا. 339هه/950ع لوهاڻي درياءَ ٻوڙي ڇڏيو. سري ۾ روهڙي (روراننگرا) قافله سراءِ هئي. ٻن ٿوهن وارا
سنڌي اُٺ، جي منڇر جي ڪناري وارن ڳوٺن ۾ ٿيندا
هئا. سنڌي انھن کي ’پاله‘ چوندا هئا، ٻاهرين دنيا
۾ وڏي قيمت تي وڪامندا هئا، تن جو نسل سنڌ ۾ عربن
اچي ختم ڪيو هو. سنڌي شين جا نالا عرب ۽ ايران
تائين رائج هئا. مثلاً ناريل عربيءَ ۾ نارجيل،
انب، ابنج، نير، نيلج، ڪرپاسا (ڪپهه) جو عربيءَ ۾
قرفس ۽ يورپ ۽ پھچندي ڪاٽن
Cotton ٿيو. سنڌي جڙين، ٻوٽين ۽ دوائين
جا نالا اڄ تائين عربي طب ۾ موجود آهن. ٻيڙي لاءِ
سنڌي لفظ ’ناءُ‘ فارسيءَ ۾ بدلجي ’ناخدا‘ ٿيو، جو
دراصل ناءُ خدا ’سنڌي ناکئو‘ آهي، يعني معلمِ
عربيءَ ۾ بدلجي ناخوزه ٿيو. سنڌ جي شھرن جي نالن جي فهرست ابن خردازبه 250هه مطابق
عيسوي نائين صديءَ ۾ هن طرح ڏنا آهن: قيقان (قلات)
جتي ڪالي جو مندر هو، بنه، مڪران، ميد، قنڌار،
قصدار (خضدار)، بوقان (مڪران)، قنزبون (پنجگور)،
ارمابيل (لس ٻيلو)، قندابيل (گنداواهه)، ديبل،
قنبلي، ڪنباياد، ڪميايت (کنڀات)، سهبان، سدوسان،
راسڪ، رور (الور)، سانوندي، مولتان، منڊل، بيلمان،
سرشت، ڪيرج، مَرمد (مارواڙ) ڪالي، دهنج،
بروص (ڀڙوچ). هن شھرن جي جاءِ وقوع جو پتو پئجي نٿو
سگهي.
برهمڻ گهراڻي جي راجائن ڪل ٽيھه ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. چچ
662ع ۾ گذاري ويو. کانئس پوءِ چندر سندس ڀاءُ چندر
662ع کان 669ع تائين ۽ 700ع تائين ڏهر، ڌراج، ڏهر
۽ ڏهر سياه حڪومت ڪئي. ڏاهر بن چچ بن سيلائج 712ع
تائين حڪومت ڪئي. حڪومت جون حدون بياس نديءَ تائين
هيون. ڪشمير جو راجا رامل، چچ جو ڏوهٽو هو. ڏاهر
پنھنجي وڏي ڀاءُ ڏهر سياه (ڏهرسين) کي برهمن آباد
جو عامل مقرر ڪيو هو. ڏاهر کي نجومين خبر ڏني ته
جيڪو سندس ڀيڻ ٻائيءَ سان شادي ڪندو، سو سنڌ جو
حاڪم ٿيندو. هُو شش و پنج ۾ پئجي ويو. پر پوءِ
پنڊتن جي صلاح سان هن ڀيڻ سان رسمي طور شادي ڪئي،
جنھن جو سڱ ڏهرسين، راجا رامل جي پٽ کي ڏيڻو ڪيو
هو. ڏاهر جي مٿئين فعل ڪري شاهي خاندان وارا توڙي
رعايا ناراض ٿي ويئي. ازانسواءِ چچ توڙي ڏاهر
خلافت راشده جي دؤر ۾ مڪران جي فسادين کي هروقت
ڀڙڪائيندا رهيا. حضرت علي رضه جي ڏينھن تائين
مڪران ۾ فساد پوندا رهيا. ليڪن اسلامي ٻيڙي جون
ڪاهون گجرات ۽ ڪوڪن تائين پھتيون هيون. تاهم مڪران
جا فساد بند ٿي نه سگهيا. ڪنھن ڪنھن وقت باغين جو
تعداد اڌ لک کي پھچندو هو، ۽ خلافت راشده کي وڏو
لشڪر رکڻو پوندو هو. خلافت راشده جي خاتمي کانپوءِ
دمشق ۾ امير معاويه بني اُميه حڪومت 64هه/683ع کڙي
ڪئي، جا جمهوريت بدران شخصي ۽ موروثي هئي. بني
اميه خليفن 132هه/749ع تائين حڪومت ڪئي. 65هه/684ع
عبدالملڪ بن مروان، حجاج بن يوسف ثقفي جهڙي ظالم
کي مشرقي مقضوبات مٿان بصره جو حاڪم مقرر ڪيو؛
جنھن بني هاشم جي طرفداري ڪندڙن مان جمله ٽي لک
مسلمان قتل ڪرايا هئا، جن مان پنجاهه هزار علماءُ
هئا.حجاج جي خوف ڪري گهڻي عربي قبيلن ڪوڪن، ملبار،
سرانديپ ۽ معبر (ڪارو منڊل) ۾ بيٺڪون وڌيون هيون.
انھن جو گذران واپار تي هو. علافي قبيلي مان ڪن
حڪومت سان بغاوت ڪري مڪران کان ڀڄي ڏاهر وٽ پناهه
ورتي هئي. اها ڏاهر جي پاليسيءَ خلاف هئي. نيرون
ڪوٽ جي راجا، ڏاهر جي ڪڌن ڪرتوتن کان تنگ ٿي حجاج
بن يوسف ڏانھن پنھنجو وفد بصره موڪليو هو، ته
اسلامي لشڪر سنڌ تي ڪاهي. هن هٺيلي، ظالم راجا
ڏاهر کان سنڌين کي نجات ڏياري، مگر حجاج ڪو قدم نه
کنيو هو.
|