سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي صنعتي اقتصادي ۽ تاريخ

 

صفحو:8  

(1) ابو معشر نجيح بن عبدالرحمان: ٻي صدي هجريءَ جي مشھور حديث جي راوين مان آهي ۽ پنھنجي نسبت ڪري ’السندي‘ ۽ جاءِ قيام جي ڪري ’مدني‘ سڏجي ٿو. ڪنھن جنگ ۾ گرفتار ٿي حجاز ۾ وڪيو ويو هو. کيس ام موسيٰ بنت منصور خريد ڪيو، ۽ پوءِ بنو هاشم جي ميراث ۾ آيو. بعد بنو مخزوم کي مقرر رقم ادا ڪري آزاد ٿيو. هُو جنھن خاندان ۾ رهيو، اتي علم جي تحصيل ڪندو رهيو. سندس آقائن به کيس علم پرائڻ ۾ مدد ڏني. ايستائين جو هو ممتاز عالمن ۾ ڳڻجڻ لڳو. ابو معشر سنڌي علم حديث، مغازي ۽ فقه ۾ خاص درڪ رکندو هو. سندس حديث جي استادن ۾ محمد بن ڪعب قرظي، سعيد بن ابي سعيد مقبري، ابو برده ابن اُبي موسيٰ، هشام بن عروه، موسيٰ بن بشار، نافع موليٰ ابن عمر، محمد بن منڪدر ۽ محمد بن قيس وغيره هئا. جامع ترمذي ۾ سندس روايتون موجود آهن. حافظ ابن حجر ”تھذيب التھذيب“ ۾ سعيد بن مسيب کي به سندس شيخن ۾ شمار ڪيو آهي. ليڪن ذهبيءَ ”تذڪرة الحفاظ“ ۾ سعيد بن مسيب کان انڪار ڪري ٿو ۽ سعيد مقبري لکيو اٿائين. سندس شاگردن ۾ جليل القدر علمائن  ۽ امامن جا نالا اچن ٿا. چنانچه محمد بن ابي معشر، عبدالرزاق، ابو نعيم، محمد بن بڪر، منصور بن مزاهم، امام ليث بن سعد، عبدالله بن ادريس، هشيم، ابن مهدي، ابو نصر هاشم بن قاسم، وڪيع، ابن منصور، عاصم بن علي، ابو ربيع زهراني ۽ فن حديث ۾ امام سفيان بن ثوري وغيره آئمه فن سندس علمي مرتبي جو اعتراف ڪيو آهي. ايتري علم ۽ فضل هوندي به تلفظ درست نه ٿيو هو ۽ ان جي تلفظ مان سندس قديم وطن جي ياد تازي ٿيندي هئي. مهدي عباسي سندس قدردان هو. 120هه  ۾ کيس پاڻ سان مديني مان بغداد آندو. هن مستقل قيام اتي ئي اختيار ڪيو. پڇاڙيءَ جو سندس حافظو ڪمزور ٿي ويو هو. رمضان 170هه ۾ وفات ڪيائين خليفي هارون الرشيد سندس جنازه جي نماز پڙهائي ۽ بغداد جي ’مقبره ڪبير‘ ۾ اهو سنڌ جو فخر دفن ٿيو.

(2) ابوعبدالملڪ محمد بن ابومعشرالسندي: سنڌ جو هي لائق فرزند، پنھنجي زماني جي زبردست عالمن مان هڪ هو. خليفي مهديءَ انھيءَ کي به مديني مان بغداد آندو هو. علم حديث مان پيءُ وانگر هي به بھرور هو. بغداد ۾ ابن زيب، ابوبڪر هذلي سان سندس ملڻ ثابت آهي. پنھنجي والد جو ڪتاب المغازي انھن کان روايت ڪيو اٿائين. سندس صاحبزادن مان دائود ۽ حسن ۽ ٻيا شاگرد کانئس روايت ڪن ٿا. اُن کان سواءِ ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن ليث جوهري ۽ ابويلي موصلي کانئس حديثون روايت ڪيون آهن. 99 سال جي عمر ۾ 244هه ۾ وفات ڪيائين.

(3) امام اوزاعي: 88هه ۾ ڄائو، ۽ 156هه ۾ وفات ڪيائين. السندي هو. ان جو خاندان سنڌ جي قيدين مان هو. امام اوزاعي دمشق جي ڪنھن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ آخر عمر ۾ بيروت ۾ اچي رهيو. سندس شاگردن مان امام مالڪ، شعبه، امام ثوري، ابن مبارڪ، يحيٰ بن سعيد قطان وغيره آهن. سندس علم ۽ فضل متعلق ايترو چوڻ ڪافي آهي ته حديث جا چار امام آهن: اوزاعي، مالڪ، ثوري، ۽ حماد بن زيد. هُو شخصيت عامه جو مالڪ هو. امام اوزاعي جي سڄي عمر علم ۽ دين جي خدمت ۾ گذري. دنيوي جاه و جلال کان کيس نفرت هئي. قضا جو عھدو کيس پيش ڪيو ويو، مگر انڪار ڪيائين. بني اميه جي قتل عام متعلق، منصور عباسيءَ کي کريون کريون ٻڌايائين. ان جي عيوض خليفي کيس دينارن جي ٿيلهي پيش ڪئي. مگر گهر پھچڻ کان اڳ محتاجن کي ورهائي ڏنائين. امام اوزاعي ۽ امام اعظم رح ٻئي همعصر هئا. امام اعظم سندس قدر ڪندو هو. 156هه ۾ حمام کي اوچتو باهه لڳڻ ڪري وفات ڪيائين.

(4) حافظ ابو محمد خلف بن سالم السندي: حديث جي مشھور حافظن مان هو. آل مھلب جو غلام رهندو آيو. بغداد جي محلي محزم ۾ قيام هوس. محزومي جي نسبت سان مشھور ٿيو. ذهبي جو بيان آهي ته خلف بن سالم حافظ محمود ابو محمد سنڌي، موالي آل مھلب، بغداد جي وڏن حديث جي حافظن مان هو. ابن حجر به کيس ’السندي البغدادي الحفاظ‘ لکيو آهي. سندس شيخن جي فهرست هن طرح آهي: هشيم بن بشير، يحيٰ بن سعيد قطان، عبدالرحمان بن مهدي، اسماعيل بن عليه، سعدبن ابراهيم بن سعد، يعقوب بن ابراهيم، محسن بن عيسيٰ، ابونعيم فضل بن وڪيل، محمد بن جعفر، يزيد بن هارون، وهب بن جرير، عبدالرزاق بن همام ۽ ابن نمير. سندس شاگردن جي فهرست هي آهي: اسماعيل بن ابي حارث، حاتم بن ليث، يعقوب بن شيبه، احمد بن ابي حنيفه، جعفرطيالسي، عباس دوري، يعقوب بن يوسف مطوعي، حسن بن علي معموري، احمد بن حسن بن عبدالجبار صوفي، ابوالقاسم بغوي، احمد بن علي، آباءِ عثمان دارمي، امام احمد بن حنبل، يحيٰ ابن معين، حميدي، يعقوب بن شيبه، حمزه ڪتاني.  امام نسائيءَ به پنھنجي سنن ۾ هڪ واسطي سان سندس روايت درج ڪئي آهي. مختلف علمن ۾ پوري مھارت رکندو هو. 22 رمضان 231هه تي 69 سالن جي عمر ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين.

(5) ابو نصرفتح بن عبدالله سنڌي: آل حڪم جي موالي مان هو، جن بعد ۾ کيس آزاد ڪيو هو. فقهه ۽ ڪلام جو ماهر هو ۽ ’فقيھه متڪلم‘ جو لقب پاتائين. کيس سنڌي هئڻ تي فخر هو.

(6) ابو عطا السندي: عربي ادب ۾ اهڙو ڪمال پيدا ڪيائين، جو قادرالڪلام عربن جي پھرين صف ۾ شامل ٿيو. ابو تمام پنھنجي مشھور ڪتاب ”الحماسه“ ۾ کيس جاءِ ڏني آهي. ابو عطا جو نالو ”افلح“ ۽ سندس پيءُ جو نالو يسار هو. يسار پنھنجي پٽ سميت غلام بڻجي عراق آيو ۽ بنو اميه جو غلام رهيو. ڪوفي ۾ قيام هوس. ان جي ابتدائي نشونما ڪوفي ۾ ٿي. ان کانپوءِ عنتره بن سماڪ بن حيص اسديءَ جو غلام بڻيو. سندس آقا هن جو ذوق ادب ڏسي کيس آزاد ڪري ڇڏيو ۽ خوش قسمتيءَ سان معاش جي حيثيت ۾ کيس خاص ترقي ٿي. افلح جو پيءُ آخري عمر تائين عربي زبان نه سکي سگهيو. ليڪن افلح اڳتي هلي اهڙو قادرالڪلام شاعر بڻيو، جو سندس اڳيان زبان دان به ڪنڌ نمائڻ لڳا. تنھن هوندي به سندس لب لهجو ۽ تلفظ ۾ سنڌيت موجود رهندي آئي. نوجوان عطا جنھن مجلس ۾ قصيدو پڙهندو هو، ته ساري مجلس وجد ۾ اچي ويندي هئي. ابو عطا، محضرمي شاعرن ۾ ڳڻيو ويندو هو. سندس خاص موضوع بھادري هو. بنو اميه جو ثنا خوان هو. هو بنو عباس جي جنگين ۾ به شريڪ ٿيو هو. هن بنو اميه جي خاتمي تي هڪ پُر درد مرثيو لکيو، جنھنڪري ابوجعفرمنصور کانئس سڙندو هو. ڇاڪاڻ ته نصربن يسار سان افلح کي محبت هئي. ڪن موقعن تي ڏهه هزار ۽ ڪن تي چاليھه هزار دينار ۽ هڪ قنڌاري خوبصورت ڪنيز به انعام ڏني هئائين. خليفي منصور جي ڏينھن ۾ وفات ڪيائين. منصوره علم ۽ ادب جو گهوارو هو. هتي جا رهاڪو مسلمانَ اڪثر اهل حديث هئا. شھر ۾ قاضي ابو محمد دائودي، جو پنھنجي وقت جو امام هو، ان جو وڏو مدرسو هو. سندس تصنيفون به آهن. وڏن شھرن ۾ حنفي فقها به نظر اچن ٿا. مالڪي، حنبلي ۽ معتزلي جو نالو نشان ڪونه هو. سمورا مسلمان نيڪ پاڪدامن هئا.242 قاضي ابومحمد جي مدرسي کانسواءِ منصوره ۾ ٻيا به مدرسا هوندا، پر انھن جو مؤرخن ڏس ڪونه ڏنو آهي. مسعودي جنھن زماني ۾ منصوره آيو، تن ڏينھن ۾ ابوالمنذر عمر بن عبدالعزيز هتي جو حاڪم هو. هن وزير رياح ۽ اُن جي ٻن پٽن محمد ۽ علي سان ملاقات ڪئي هئي. ازانسواءِ هتي جي رهندڙ سادات ڪرام کي به ڏٺو هئائين. قضا جي عھدي تي قاضي ال ابي الشوراب هو، جو گهڻو ڪري مور جو گوشت کائيندو هو. قاضي صاحب چوندو هو ته مون سڄي عمر اهڙو لذيذ گوشت ڪونه کاڌو آهي.243 منصوره جا عراق سان تعلقات هئا. اڪثر علماء ڪرام ۽ علوي خاندان جا سادات ايندا ويندا هئا.

سنسڪرت لٽريچر جو بغداد پھچڻ:

عباسي خليفن جي دؤر حڪومت ۾ 136هه کان 186هه تائين يعني سفاح کان وٺي هارون الرشيد تائين حڪومت جون واڳون برمڪي وزيرن جي هٿن ۾ هيون، جن جي علم پروري، نظم ۽ نسق، جود ۽ ڪرم ڪري بغداد تمدن جو مرڪز بنجي ويو. هارون الرشيد جي ڏينھن ۾ برمڪين جي اوج جو آفتاب پوري آب و تاب سان چمڪڻ لڳو هو، ته هارون جي هٿان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو.244 برمڪين جو هندستان سان تعلق اسلام کان به اڳ جو هو. اسلام آڻڻ کانپوءِ برمڪين سنڌ سان تعلقات مضبوط ڪري ڇڏيا. سنڌ جا ويڄ ۽ طبيب گهڻي عرصي کان مشھور هئا. اُهي يونانين جي بيان موجب دوائن ۽ زهرن جي علم کي ڌارين کان مخفي رکندا هئا. يحيٰ بن خالد برمڪي سنڌ جي ٻُڌ عالمن ۽ طبيبن کي بغداد جي شفاخاني ۽ دار الترجمه لاءِ گهرايو. منصور عباسيءَ جي علم پروري جون ڳالهيون ٻڌي، سنڌي رياضي، هيئت دانن ۽ فاضل پنڊتن جو وفد بغداد پھتو. اهو 154هه/ 771ع جو زمانو هو. وري جڏهن طب، نجوم، هيئت، ادب ۽ اخلاق جا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏهن سنڌين جي دماغ ۽ علمي عظمت جي دنيا تعريف ڪرڻ لڳي. حقيقت ۾ اهي پاڪستاني سنڌي هئا، جن جي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري برصغير هند جو نالو مغربي دنيا ۾ روشن ٿيو. ان باري ۾ جاحظ بصريءَ جهڙي انشا پرداز، فلاسفر (متوفي 255هه)، يعقوبي جهڙي سياح ۽ فاضل مؤرخ (متوفي 278هه)، ’ابو زيد سيرافي‘ جو ٽئين صدي ۾ ٿي گذريو، تن جي بيانن مان سنڌين جي دماغ داري جو عڪس نظر اچي ٿو. مٿين بزرگن جي مطبوعات مان اسان کي سنڌي پنڊتن جا نالا نظر اچن ٿا. مثلاً ڀلو (بهله)، ماڻڪ (منکا)، بازيگر (بجيکر)، ڪلپ راءَ (فلبرفل)، سندباد- اهي نالا جاحظ ڏنا آهن، جن ويدن ۽ طبيبن کي يحيٰ بن خالد برمڪيءَ بغداد گهرايو هو. ڀلي (بهله) جو پٽ صالح مسلمان ٿيو هو، جنھن جو نالو ابن ابي اصبيعه ڏنو آهي. ابن نديم ڌني جو نالو به ڏنو آهي، جو ابن ڌن ڏيکاريل آهي. انھن نالن کانسواءِ باکر، راڄو (راجه)، مکي (مکه)، ڏاهر (داهر)، انڪو، زنڪل، اريڪل، جڀر، آندل (اندي)، جباري ويڄن ۽ نجومين جا نالا نظر اچن ٿا، جي پنھنجي نوعيت ۾ صاف سنڌي نظر اچن ٿا245 عربن ۽ سنڌين جي سنگم .

نجوم، هئيت:  

نجوم ۽ هئيت ڪري يورپ وارا سنسڪرت ڏانھن رجوع ٿيا. هارون الرشيد هڪڙي دفعي بيمار ٿيو. دربار جا نستوري عيسائي طبيب علاج کان عاجز ٿيا، ته سنڌ جي طبيب ماڻڪ کي خرچ سفر ڏيئي گهرايو ويو. صحت پائڻ سان خليفي هن کي انعام اڪرام ڏيئي بغداد جي دارالترجمه ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ تي مقرر ڪيو.246 سنڌ جا جاٽ جن کي عربن زط نالو بلاذري ’اساوره‘ نالو ڏنو آهي، انھن نه فقط محمد بن قاسم کي فوجي امداد ڏني هئي، پر امير معاويه انھن کي رومن جي مقابلي لاءِ انطاڪيه ۾ رکيو هو ۽ عبدالملڪ جي زماني ۾ به شام جي ڪناري جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مقيم هئا.  حضرت علي ڪرم الله وجھ به بصره جي خزاني جي نگراني ڪرڻ لاءِ کين مقرر ڪيو هو. صالح بن ڀلي هڪڙي موقعي تي هارون الرشيد جي درباري طبيب جبرئيل بختيشوع جا ڏند کٽا ڪيا هئا.247 ڌنو يا ڌنوتري بغداد جي شفاخاني ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ تي مامور ٿيو. طب جي ڪتابن جي ترجمن کان سواءِ افسانن، سياست، راجنيت، کيلن، تماشن ۽ اخلاقي آکاڻين جا ڪتاب به ترجمو ڪيا ويا. عرب حساب جون رقمون (هندسه) لکڻ جو طريقو هندو سنڌي پنڊتن کان سکيا.248 مشھور ”سڌانت“ جو ڪتاب 156هه ڌاري منصور جي دربار بغداد ۾ پيش ٿيو، جنھن کي محمد بن موسيٰ خوارزميءَ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. حساب ”ارقام“ عربن معرفت يورپ پھچي ”ارٿ ميٽڪ“ ٿيو. هڪ هزار تائين انگ لکڻ عربن کي سنڌي پنڊتن سيکاريا. نجوم ۽ هيئت جو ڪتاب ”برهمسپت سڌانت“ جو آريا ڀٽ جو ڪتاب هو، جنھن کي عربن ”ارڪند“ نالو ڏنو، عربي ترجمي سان ”السند هند“ مشھور ٿيو. هن ڪتاب کي ابراهيم فرازي ۽ يعقوب بن طارق ترجمو ڪيو ۽ هندو يگن جي حساب تي ”ايام السند هند“ نالا رکيا.249 ابوالحسن اهوازي ان کي عربي ۾ ترجمو ڪري، آريا ڀٽ جي نالي تي مٿس ارجبهند نالو رکيو. ابتدائي عرب هئيتدانن ۾ زياده رواج ”سڌانت“ جو پيو. ان کانپوءِ جڏهن بطيلموس جي ڪتاب ”مجسطي“ جو عربي ترجمو ڪيو ويو، تڏهن ”علمِ فلڪيات“ جي تحقيقات لاءِ مامون رصد خانو تعمير ڪرايو. غرض عربن ”سڌانت“ تي گهڻيون شرحون ۽ خلاصا لکيا. ان جي غلطين کي درست ڪيو ويو ۽ منجهس اصلاحون ڪيون ۽ عيسوي يارهين صديءَ تائين البيرونيءَ جي زماني تائين اهو سلسلو جاري رهيو ۽ ”سڌانت“ بغداد کان اسپين پھتو. مامون جي ڏينھن ۾ خوارزميءَ جيڪو زيچ تيار ڪيو، ان ۾ ايراني ۽ يوناني اصولن کان علاوه بنياد هندي اصول تي رکي، مٿس ”السند هند الصغير“ نالو رکيو ويو.250 ازانسواءِ حسن بن صباح، حسن بن خصيبم فضل بن حاتم تبريزي، احمد بن عبدالله مروزي، ابن الادمي ۽ البيروني ٽين صديءَ کان پنجين صديءَ تائين ”سڌانت“ جي تصحيح ۽ تڪميل ڪندا رهيا.251 ”سڌانت“ جا  اصول ڇهين صدي هجريءَ اسپين پھتا. چنانچه مسلمه بن احمد مجريتي 1007ع ۾ خوارزميءَ جي زيچ ”السند هند صغير“ جو خلاصو لکيو. بعد ابو قاسم اصبغ (متوفي 1027ع) سڌانت جي اصول تي هڪڙو وڏو زيچ تيار ڪيو. ابراهيم زرقاني ڪتاب ”صفحه زرقانيه“ لکيو. مٿين اندلسي عربن جي ذريعي ”سڌانت“ جو نسخو يهودين وٽ پھتو ۽ ابراهيم بن عزرا عبراني زبان ۾ ”سڌانت“ جي بعض اصولن تي زيچ تيار ڪيو ۽ اسپيني يهودين معرفت ”سڌانت“
يورپ پھتو. هن وقت يورپ وارا جيڪو خلا ۾ تجربو ڪري رهيا آهن، تنھن جو بنيادي پٿر سنڌي پنڊتن بغداد ۾ پھريون دفعو رکيو هو. طب متعلق دوائن، جڙين، ٻوٽين، مردن، عورتن، جانورن ۽ زهرن تائين تجربا ڪيا ويا. جيڪي به ڪتاب سنسڪرت جا سنڌ مان هٿ لڳي سگهيا، تن جا بغداد جي شفاخاني ۾ ترجما ڪري مٿن عربي نالا رکيا ويا. اڄ تائين ڪيترن هندي دوائن جا نالا عربيءَ ۾ رائج آهن. انھن ڪتابن مان ڪي مشھور آهن.چنانچه حڪيم ماڻڪ پنڊت ششرت جو بيمارين متعلق ڪتاب، جو ڏهن جلدن ۾ هو، ترجمو ڪري مٿس ”سسرو“ نالو رکيو. جنھن جو پوءِ عبدالله بن علي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
252 ڪتاب ”سنديسن“ جو ترجمو حڪيم ڌني ڪيو، جنھن جو عربي نالو يعقوبيءَ ”صورت ڪاميابي“ ڄاڻايو آهي.253 ڪتاب ”ندان“ ۾ 404 بيمارين جا سڃاڻپ لاءِ نالا ڏنل آهن. حڪيم ماڻڪ جڙين ۽ ٻوٽين جو ڪتاب سليمان بن اسحاق لاءِ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هرهڪ ٻوٽيءَ جا ڏهه ڏهه نالا ڏنل آهن. هڪڙي ڪتاب ۾ سرد ۽ گرم دوائن جي تاثيرن جو بيان موسمن مطابق ڏنل آهي، سنسڪرت ڪتاب ”استانگر“ ڌني حڪيم عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ڪتاب ”نوڪشنل“ جنھن ۾ ٻين بيمارين کانسواءِ وهمي بيمارين جو بيان ڏنل آهي. سنڌي پنڊتياڻي روسا جو ڪتاب جنھن ۾ زنانين بيمارين جو بيان ڏنل آهي ترجمو ڪيو ويو. ڪي ڪتاب نشيدار دوائن متعلق ترجمو ڪيا ويا. هڪڙو ڪتاب حامله عورتن جي بيمارين متعلق هو. ابن نديم ستن ڪتابن جا نالا ڏنا آهن. مسعودي لکي ٿو ته راجا ڪورش جي هڪڙي طب جي ڪتاب ۾ بيمارين جا اسباب ڏنل هئا. از انسواءِ ڪتاب ۾ جڙين ۽ ٻوٽين جو تصويرون به ڏنل هيون. پنڊت ستيا ورمن جو ڪتاب، جنھن کي بيروني ”ستيا“ لکيو آهي، ان ۾ پيئڻ وارين دوائن جو بيان ڏنل آهي.254 انھن دوائن جا نالا عربي طب ۾ صاف نظر اچن ٿا. مثلاً قسط هندي (ڪٿو)، زنجبيل (سنڍ)، صندل (چندن)، مسک (مشڪ)، ڪافور (ڪپور)، قرنفل (لونگ)، فلفل (ڪاريو مريون)، فوفل (سوپاريون)، نيلوفر، هيل (ننڍيون ايلائچيون)، اطريفل (ٽڦلو)، شخيره (توتيو)، بليلح (بهيڙا)، هليلج (هريڙون) وغيره.255 شفاخانن ۾ مريضن کي جيڪا چانورن جي نرم غذا ڏني وڃي ٿي، تنھن کي خوارزمي ”مفاتيح العلوم“ ۾ ’بهطه‘ لکيو آهي. اهو سنڌي لفظ ’ڀَتُ‘ آهي، جا اڄ به سنڌين جي مرغوب غذا آهي. هندي نالو ’ڀات‘ آهي.

جانورن جو علاج:

توهين ٻُڌ جي آسوڪا واري باب ۾ پڙهي چڪا آهيو ته سنڌ ۽ هند ۾ جانورن لاءِ شفاخانا کوليا ويا هئا. جانورن جي بيمارين متعلق ”چانڪيا“ پنڊت جو ڪتاب به سنڌي ويدن عربي ۾ ترجمو ڪيو هو. ابن ابي اصبيعه لکي ٿو ته هونامي طبيب ۽ جوتشي ٿي گذريو.256 هن فن تي چار ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪيا ويا:

(1) ڪتاب النمودار في الاعمار (جانورن جي عمر جي بيان ۾) (2) ڪتاب اسرار المواليد (پيدائش جي ڀيد متعلق) (3) ڪتاب القرانات الکبير (جانورن جي لڳ متعلق وڏو ڪتاب) (4) ڪتاب القرانات الصغير (لڳ متعلق ننڍو ڪتاب) قديم طب ۾ نجوم جو اثر به داخل هو. (5) ڪتاب في التوهم (مسميرزم). پنڊت ڪنڪه جو ڪتاب جوتش متعلق (6) ڪتاب في احداث العالم (دنيا جا واقعات ۽ تارن جا چڪر). واضح رهي ته اسلام کان اڳ ايرانين، يهودين ۽ عربن ۾ اوهام پرستيءَ جو رواج هو. مثلاً اسلام کانپوءِ به عرب عورتون ٻارن جي سيرانديءَ کان ڇُري يا پاڪي رکنديون هيون، ته جيئن جنن کان محفوظ رهن. چنڊگرهڻ جي موقعي تي نيڪ ۽ بدشگون سمجهندا هئا. تارن جي ٽُٽڻ کي به حوادث عالم تصور ڪندا هئا. يهودي سامريءَ جي سونهري وهڙي جي پُرستش ڪندا هئا. ايراني روشنائيءَ ۽ تاريڪيءَ کي نيڪي ۽ بدي تصور ڪندا. عيسائين ۾ عقيدو هو ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام صليب تي چڙهي سندن گناهن لاءِ ڇوٽڪارو بڻيو. هند ۽ سنڌ جا راجائون ته جوتشين جي نجوم کانسواءِ ڪوبه ڪم ڪونه ڪندا هئا. جوتشين جي چوڻ تي راجا ڏاهر پنھنجيءَ ڀيڻ سان رسمي شادي ڪئي هئي. حسين بن منصور حلاج به سنڌ ۾ جوتشين جا جنتر ۽ منتر سکڻ آيو هو. حضرت بايزيد بسطامي به سنڌ جي صوفي علي السندي کان تصوف جي تعليم وٺڻ آيو هو.257 سنڌ ۽ هند جي مسلمان بادشاهن جي دربار ۾ به جوتشي رهندا هئا. عرب سياحن، سنڌ جي پنڊتن جي جنترن ۽ منترن جو بيان ڏنو آهي. سنڌين جي اوهام پرستيءَ جو بيان ڊاڪٽر سارلي ڪتاب ”شاهه عبدالطيف آف ڀٽ“ ۾ ڏنو آهي. هن بيداريءَ جي دؤر ۾ به سنڌين ۾ سئونڻن ۽ ساٺن جو اڄ تائين رواج پيل آهي، جو هندن کان کين ورثي ۾ مليل آهي. مثلاً ڪانءُ لوندو ته چوندا: ڪو مھمان اچڻو آهي وغيره وغيره. عطارد بن محمد هڪڙي مسلمان منجم، هجري ٻي صديءَ ۾ هندي جفر متعلق هڪڙو ڪتاب لکيو هو.258 هٿن جي ليڪن کي ڏسي حال ٻڌائڻ تي هڪڙو ڪتاب هندي زبان تان عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو.259 هندي فال متعلق هڪڙو ڪتاب ”زجرالھند“ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. جھاڙ، ڦوڪ ۽ نانگن جي زهر ۽ نانگن جي قسمن بابت هڪڙو ڪتاب پنڊت راءِ جو ترجمو ڪيو ويو. سنڌ ۾ قسمين قسمين نانگن جو ڏس ملي ٿو. چنانچه اسڪندر مقدونيءَ کي مھراڻ جي ماٿريءَ جي راجائن ڪي نانگ پيش ڪيا هئا. ٽئڪسلا جي راجا اڀيسر وٽ ٻه نانگ ايڏا ڊگها هئا، جو هڪڙو 160 فوٽ ۽ ٻيو 280 فوٽ ڊگها هئا. نيرڪوس بيان ڏنو آهي ته سنڌوءَ جي ڊيلٽا تي ننڍڙا زهري نانگ خطرناڪ هئا. جوڳي نانگ کاڌلن  جو علاج ڪندا هئا.260 ماڻڪ پنڊت، يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جي چوڻ تي ابوبلخي حاتم جي مدد سان زهرن متعلق هڪڙو ڪتاب پنجن بابن ۾ تيار ڪيو هو، جنھن جو عباس بن سعيد جوهريءَ 218هه ۾ ٻيهر هارون الرشيد لاءِ ترجمو ڪيو هو.

موسيقي:

موسيقي ته سنڌين جو ڌرمي جزو هو، جنھن جي جاحظ تعريف ڪري ٿو. قاضي صائد اندلسي لکيو آهي ته فنِ موسيقيءَ تي پنڊت بيافر جو ڪتاب، جنھن جو نالو ”دانائيءَ جو ڦل“ آهي، اندلس تائين پھتو. اهو ڪتاب نوبر جي نالي سان يعني ”نئون ڦل“ پھريان ايران ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو بعد ۾ عربن وٽ پھتو. ڪتاب منجهه راڳن ۽ سُرن جو بيان ڏنل آهي. ڪي چون ٿا ته اهو ڪتاب پنڊت ’ناد‘ جي تصنيف آهي. سنسڪرت ۾ ناد جي معنيٰ آهي آواز. ”مھاڀارت“ جا قصا به پھريان فارسي ڪتاب ”مجمل التواريخ“ ۾ ڏنل هئا، جن کي ابو صالح بن شعيب جبليءَ 417هه ۾ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو.261 جاحظ سازن مان رڳو سنڌين جي يڪتاري جو بيان ڏنو آهي.

سياست:

جنگ ۽ راجنيتي معاملن متعلق چانڪيا پنڊت ۽ وياگهر جا ٻه ڪتاب سنسڪرت يا پالي زبانن ۾ هئا، عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. چانڪيا پنڊت، جنھن کي عربن پنھنجي لهجي ۾ شاناق سڏيو، تنھنجي ڪتاب ۾ لڙائيءَ جي انتظام لاءِ بادشاهه کي ڪھڙي قسم جا ماڻھو چونڊڻ گهرجن، ميدانِ جنگ ۾ سوارن جي ڪيئن ترتيب ڪجي، دشمن کي کاڌي ۾ ڪيئن زهر ڏجي وغيره مسئلا ڏنل آهن. ويا گهر (ياجهر) جي ڪتاب ۾ ترارين جي پرکڻ ۽ سندن خوبين ۽ نشانين جو بيان ڏنل آهي. ٻيا گهڻائي ڪتاب، جيڪي سنڌ مان هٿ لڳي سگهيا، تن جا سنڌي پنڊتن جي مدد سان ترجمو ڪيا ويا. مثلاً سنسڪرت جي هڪڙي ڪتاب جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري مٿس ”ادب الملڪ“ نالو رکيو ويو، جنھن ۾ ”سلطنت جي طريقي“ جو بيان ڏنل هو. هن وقت فقط فارسي ترجمي جو ڏس ملي سگهي ٿو، جو 417هه ۾ ابوالحسن بن علي جبليءَ جو ڪيل آهي؛ جو ڪنھن عباسي امير جي ڪتب خاني جو مهتمم هو.262

ڪيميا:

هڪڙي هندو ڪيمياگر جي ڪتاب جو مشھور ڪيميا ساز جابربن حيان ترجمو ڪري، مٿس ”ڪتاب خاطف“ نالو رکيو. ليڪن هندي فاضل جي نالي جي خبر معلوم ٿي نه سگهي آهي.263

منطق ۽ فلسفو:

يعقوبي (278هه) منطق ۽ فلسفي جي ڪتابن جي نالن جي فهرست ۾ توپا پنڊت جي منطق متعلق ”ڪتاب طوفاني علم الحدود النمطق“ جو نالو ڏنو آهي. ڪتاب ۾ آکاڻيون ڏنل آهن، جن مان معلوم ڪجي ٿو ته انسان جي ڳالھائڻ جون ڪيتريون حدون آهن. ڪھڙن موقعن تي ڪيئن ڳالھائجي ۽ ڪٿي نه ڳالھائجي. فلسفه اخلاق متعلق بهترين ڪتاب آهي، منجهس آکاڻين ۽ افسانن ذريعي سمجھاڻي ڏنل آهي.

معاني ۽ بيان:

جاحظ (255هه) جي ڪتاب ”البيان والتبيين“ مان خبر پوي ٿي ته يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جيڪي پنڊت سنڌ مان گهرايا هئا، تن مان هڪڙي وٽ فن بلاغت متعلق هڪڙو رسالو هو، جنھن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو. ڪتاب ڏيکاري ٿو ته مقرر کي مختلف موقعن تي ڪھڙيون تقريرون ڪھڙي ڍنگ سان ڪرڻ کپن.

منتر، ڪرتب ۽ جادو:

مٿيان سنڌ جا جهونا فن آهن. عربي ڪتابن ۾ جتي به سنڌ جو ذڪر ڏنل آهي، اُتي ڪرتبن، بازيگرن ۽ جادو جو بيان به ڏنل آهي. ابن نديم ڄاڻايو آهي ته سنڌين کي جادو ۽ منتر تي اعتقاد هو. توهم پرستي ته سندن شيوو هو. مٿين فنن تي ڪيترائي ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. ابن نديم چوي ٿو ته توهم اُهو ساڳيو مقصد آهي، جنھن کي اڄڪلھه مسميرزم چون ٿا.264 يعقوبيءَ جي بيان موجب جنھن ڳالهه جي خيال جو يقين ڏياريو وڃي ۽ نتيجو ساڳيو نڪري.265 مسميرزم متعلق سيسه هندي جي ڪتاب کي ترجمو ڪيو ويو. سنڌ ۾ اڄ به هڪڙي قديم قوم رهي ٿي، جنھن جو پيشو بازيگري آهي ۽ اهي بازيگر سڏجن ٿا.

آکاڻيون ۽ افسانا:

ديپڪ هنديءَ جي آکاڻي. هڪ مرد ۽ هڪ زال جو قصو. حضرت آدم جي زمين تي اچڻ جي آکاڻي. هڪڙي راجا جي آکاڻي، جنھن ۾ وڙهڻ ۽ ترڻ جو بيان ڏنل آهي. سخيءَ ۽ ڪنجوس جي آکاڻي. جنھن ۾ سخي ۽ شوم جو مناظرو ۽ راجا جو فيصلو ڏنل آهي.266 ترياچتر زالن جي فريب متعلق ترجمو. مصنف جو نالو راجا ڪوش ڏيکاريل آهي. ”علم الھند“ نثر ۽ نظم ۾ ترجمو ٿيو. هندي آکاڻين جا حوالا ”اخوان الصفا“ جي رسالن ۾ نظر اچن ٿا.267

اخلاق ۽ حڪمت:

اڳوڻن حڪيمن جو دستور هو ته اخلاق، حڪمت ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون آکاڻين ۽ قصن ۾ بيان ۾ ڪندا هئا يعني ته ڪُتن، ٻِلين، ڪانون ۽ ڪوئن جي زباني انسانن کي سمجھائيندا هئا. اُن لاءِ ”ڪليله دمنه“ جو فارسي تان ترجمو ”ڪتاب الامثال“ ڪيو ويو. ابان نالي شاعر ڪتاب عربي نظم ۾ ترجمو ڪيو ۽ هارون الرشيد جي وزير جعفر برمڪيءَ اڳيان پيش ڪيو، جنھن شاعر کي هڪ لک درهم انعام ڏنا. حڪمت ۽ دانش تي بلوهر جا افسانا عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. مگر اهو ”ڪليله ۽ دمنه“ کان گهٽ درجي تي آهي. ڪتاب ۾ گوتم ٻُڌ جي پيدائش ۽ اتفاقي واقعي جي سبب ڪري دنيا کي ترڪ ڪرڻ، سرانديپ جي هڪڙي جوڳيءَ جو سوداگر جي لباس ۾ وٽس اچڻ، شاگرد ۽ گروءَ جو دنيا ۽ ڪائنات متعلق رازن تي سوال ۽ جواب. هي ڪتاب عيسائين ۾ بيحد مقبول ٿيو ۽ ڪتاب کي يسوع مسيح ڏانھن منسوب ڪيو. انھيءَ طرح ”اخوان الصفا“ جو چوڏهين صديءَ جو نيم مذهبي ۽ نيم فلسفي ڪتاب آهي، مٿئين حيثيت سان خاص اهميت رکي ٿو ۽ اسلام جي هڪڙي خاص فرقي جي نظريي موجب مذهبي صحيفي جي حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ بلوهر جي ڪتاب جا ڪي باب ڏنل آهن. تنوخي ۽ ابوالريحان بيروني به هندن جا گهڻائي ڪتاب سنسڪرت تان ترجمو ڪيا. هن سنسڪرت دان ۽ سائنسدان بابت به گهڻني جو خيال آهي ته البيروني سنڌي هو. بيرون، نيرن ڪوٽ ۽ ديبل جي وچ ۾ هو. ڪن محققن جو فيصلو آهي ته هو وچ ايشيا جو رهاڪو هو.268

سنجيده رانديون:

چوپڙ ۽ شطرنج هندن جي دماغي راند آهي. انھن راندين جو بنياد حساب ۽ هئيت تي رکيل آهي. انھن مان چوپڙ ته گهڻو اڳ سنڌ کان ايران پھتي هئي ۽ هجري پھرين صديءَ ڌاري ايران کان بغداد پھتيون. چوپڙ جي متعلق يعقوبيءَ جو بيان آهي ته هيءَ راند دنيا جي انقلاب جو نقشو آهي، جنھن جا 360 ڏينھن، هر هڪ ڏينھن جا 24 ڪلاڪ، 12 ڪلاڪن جو ڏينھن ۽ 13 ڪلاڪن جي رات. اهو سمورو حساب آسماني برجن وانگي چوپڙ جي خانن ۾ ڏيکاريل آهي. شطرنج جو 64 خانن، 32، 16، 8 ۽ 4 تي حساب رکيل آهي. ٻئي رانديون هندن جي مذهبي ۽ فلسفانه مڪتبن جي عڪاسي ڪن ٿيون. چوپڙ ثابت ڪري ٿي ته انسان مجبور آهي. آسمان ۽ تارن جي گردش جيڪي گهرن ٿا، ان کان ڪرائين ٿا. دنيا ۾ انسان جو ڪو قدم سندس ارادي ۽ نيت سان نٿو کڄي. مگر ڪا ٻي طاقت آهي، جا سندس قدم کڻائي ٿي. برخلاف ان جي شطرنج ثابت ڪري ٿي ته دنيا ۾ انسان جيڪي ڪري ٿو، سو سندس ڪوششن جو نتيجو. هارڻ يا کٽڻ، ڪاميابي يا ناڪاميابي، سندس دل ۽ دماغ، ادراڪ ۽ فهم تي منحصر آهي. الغرض ٻئي رانديون دنيا جون ناقابل فيصلي جون عملي صورتون آهن. شطرنج (چترنگ) جو ذڪر ”رامائڻ“ ۾ ڏنل آهي، جنھن مان ان جي قدامت جو ثبوت آهي. عربن معرفت هيءَ راند يورپ ۾ چيس Chess جي نالي سان سڏجي ٿي.269 

علم لغت:

عراق ۾ ادب ۽ لغت جي شوقينن جي هڪڙي جماعت هئي، جن مان چار گهڻو مشھور هئا. ابو زيد، ابو عبيده، خليل ۽ اصمعي. مٿيان چارئي هجري ٻي صديءَ ۾ همعصر هئا. انھيءَ زماني جا ڪامل اديب هئا. ابو عبيد، ابو زيد ۽ اصمعي، علم لغت، نحو، شعر ۽ قرات، عمرو ابن العلاء (متوفي 154هه) جا شاگرد هئا.270 ابو زيد انصاري (متوفي 214هه) لغت دانيءَ ڪري مشھور هو. ابو عبيد (متوفي 209هه) ايامِ جاهليت ۽ اسلام جي لڙائين ۽ اخبار کان واقف هو. اصمعي (متوفي 212هه) لغوي ٿي گذريو. خليل بن احمد، (متوفي 170هه) سڀني کان گوءِ کڻي ويو. سڀني کان پھريان هن پنھنجي ڪتاب العين ۾ معجم حرفن تي لغت جي تدوين ڪئي. پھريان حلقي حرفن، پوءِ لساني، بعد اسناني، ان کانپوءِ جيڪي زبان مان نڪرن ٿا ۽ ع (عين) کان شروع ڪيائين، جن جي ترتيب هن طرح هئي:- ع.ح. ه. خ. غ. ق.ڪ. ج.ش.ص.ض. س. ر. ط. د ت. ظ.ذ. ث. ز. ل. ن. ف. م. و. ا. ي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته هن اهو طريقو هندو پنڊتن کان سکيو هو. ڇاڪاڻ ته سنسڪرت جا لغت جا ڪتاب به انھيءَ ترتيب سان آهن. يعني پھريان حلقي حرف، پوءِ لساني، پوءِ اسناني، بعد ۾ اهي جيڪي وات کان نڪرن ٿا.271

 

باب ڇهون

 

سنڌ تي غزنوي، غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق سلاطين جي حڪومت

1025ع کان 1412ع تائين

 

غزنوي گهراڻي جي حاڪمن 366هه/976ع کان 1186ع- 1160ع تائين غزني ۽ لاهور تي حڪومت ڪئي. غور گهراڻي جي بادشاهن 543هه/1148ع کان 602-599هه/1206-1201ع تائين غور تي حڪومت ڪئي. غلام فرمانروائن 602هه/1206ع کان 686هه/1287ع تائين دهليءَ تي حڪومت ڪئي. خلجي حاڪمن 689هه/1290ع کان 720هه/1321ع تائين دهليءَ تي حڪومت ڪئي. تغلق سلاطين 720هه/1321ع کان 720هه/1399ع تائين دهليءَ تي حڪومت ڪئي.272 سنڌ به انھن فرمانروائن جي ماتحت رهي. دهليءَ جي تخت تي جيڪڏهن ڪو ڪمزور بادشاهه تخت تي ويھندو هو، ته سنڌ جون قومون خود مختياري اختيار ڪنديون هيون. وري جڏهن ڪو طاقتور بادشاهه تخت تي ويھندو هو، ته سنڌي جهڪي ويندا هئا.

صنعت وحرفت:  

سنڌ، هرهڪ دؤر ۾، هنرن ۾ ترقي ڪئي هئي. هتي جي رهاڪن جو هنري اوج انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين قائم رهندو آيو. سندن ماضيءَ جا هنر، جهڙوڪ: برتن سازي، سرن تي مينا ڪاري ڪرڻ، جنڊيءَ جو سامان، چمڙي سازي، ڪپڙي سازي وغيره اڄ به قائم آهن، جن کي مملڪت جمهوري پاڪستان نئين سر اجاگر ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي گهرو هنرن کي مالي امداد ڏيئي رهي آهي، ته جيئن سنڌي ثقافت جو گذريل اوج ٻيهر نمودار ٿئي. غزني ۽ دهلي جي سلاطين جي دؤر ۾ تاتارين جي مسلسل ڪاهن جي ڪري سنڌ ۾ هنگامي حالتون قائم رهيون، يعني مارشل لا. ليڪن تاتارين جو سيلاب بلوچستان کي وڪوڙي ويو ۽ وحشين جو سيلاب بعض دفعا ملتان ۽ لاهور تائين پھتو. پر، سنڌ تي جيڪي دهلي پاران فوجي سپهه سالار بطور گورنرن جي حڪومت هلائيندا هئا، سي تجربيڪار ۽ برجستا هئا، تنھنڪري سنڌ محفوظ رهي. تاتارين وچ ايشيا، ايران، ماسڪو، هنگري ۽ بلوچستان تائين اسلامي ملڪن کي لٽي ساڙي، قتل ۽ خونريزيءَ جي گرم بازاري ڪئي. چنگيز جي هلاڪوءَ 656هه مطابق 1258ع ۾ خلافت عباسيه جي تختگاهه بغداد کي، جو ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ 132هه کان 656هه تائين 524 ورهيه ثقافت ۽ علميت جو مرڪز رهيو هو، خليفي مستعصم عباسيءَ کي قتل ڪري، شھر جي سِر سان سِر وڄائي ڇڏي ۽ اٽڪل سورهن لک شھرين کي قتل ڪيو.273 وقت جي شاعرن هن واقعي تي پُرسوز قصيدا چيا آهن، جن مان تقي الدين بن ابي اليسر جو عربي قصيدو ۽ شيراز جي بلبل شاعر مصلح الدين ”سعدي“ جو فارسي پُرسوز مرثيو موثر ۽ مشھور آهن:

آسمان را حق بود گر خون ببارد بر زمين

بر زوال ملک مستعصم اميرالمومنين

اي محمد گر قيامت سر برون آري ز خاک

سر برون آرد قيامت درميانِ خلق بين

نازنينانِ حرم را موج خون بيدريغ

زآستان بگذشت و مارا خون دِل در آستين...... الخ.

مٿئين بيان مان اندازو ڪندا ته اسلامي دنيا سان تاتارين ڪھڙو سلوڪ ڪيو هو. سنڌي خوش نصيب هئا، جو هن قيامت خيز قتل عام کان بچي ويا. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ غزنوي گهراڻي جي حڪمرانن سنڌ ۾ رهندڙ عرب سردارن ۽ جاگيردارن کي سنڌ مان لڏائي ڇڏيو. فقط اهي عرب قومون سنڌ ۾ رهڻ ڏنائون، جن مان مقابلي جو خطرو ڪونه هو، جهڙوڪ قاضي، مڪتبن جا آخوند، هنرمند ڪاريگر ۽ ڪاشتگار، جي گهر ٻار ڪري ويهي رهيا هئا. جن جو اولاد اڄ به موجود آهي. (1) ثقفي، (2) بني تميم (ٿهيم)، (3)بني مغيره (موريا)، (4) عباسي، (5) صديقي، (6) فاروقي، (7) بني حارث (پنهور)، (8) جبريه، (9) بني اسد، (10) منگي (بني تميم جي شاخ)، (11) بني عتبه، (12) بنوالي درويش، (13) بني حاڪم، (14) بني جريمه (سيپا)، (15) انصاري (16) بلوچ (هارون مڪراني جو اولاد).274 ليڪن هندو رياستون قائم رهيون، چنانچه ناصرالدين قباچه جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ست هندو رياستون قائم هيون، جن جي راجائن جو لقب ’راڻو‘ هو. (1) درٻيلو، (2) روپاهه، (3) ماڻڪ تارو، (4) سوي (سيوهڻ)، (5) ڀاڳناڙي، (6) همه ڪوٽ، (6) برهمن آباد.275

مھراڻ جو رخ بدلائڻ:

الور جو راجا دلوراءِ زاني ۽ ظالم هو. هر رات ڪنھن نه ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ سان هم بستر ٿيندو هو. اتفاق سان هڪڙو خدا رسيدو بزرگ سيف الملوڪ قيمتي غوراب مال سان ڀرائي حج ڪرڻ لاءِ ٿي ويو. هُن جڏهن الور بندر تي اچي لنگر هنيو، تڏهن راجا جا ڪامورا سندس سهڻي زال بديع الجمال کي راجا وٽ پھچائڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. سوداگرٽن ڏينھن جي مھلت گهري. انھيءَ وچ ۾ ڪاريگرن کي گهرائي انعام اڪرام ڏئي مھراڻ کي پٿرن جو مضبوط بند ڏياريائين. درياءَ الور کان رخ بدلائي هاڻوڪي بکر، سيوهڻ ۽ لڪيءَ جو رخ اختيار ڪيو. سنڌ ۾ اها پھرين بيراج هئي.276 هن بند جي تعمير کانپوءِ الور جو اوج مٽجي ويو.

مومل جي ماڙي:

سنڌ جي هڪڙي گجر راجا نند وٽ هڪڙو جادوءَ جو ڏند هو. اُهو کڻي جڏهن درياءَ مان لنگهندو هو ته درياءُ ٻه ڦاڪون ٿي هن کي رستو ڏيندو هو. هڪڙي رمتي جوڳيءَ جنتر منتر ذريعي اهو راز معلوم ڪيو هو. هڪڙي ڏينھن راجا شڪار تي اُسريو ۽ جادوءَ جو ڏند پنھنجي ڌيءَ مومل کي ڏيئي ويو، جا پنھنجي اباڻي حڪومت جي خودمختيار وارثياڻي هئي ۽ ان کي راجا جي غير حاضريءَ ۾ جوڳيءَ شاهي محل جي در تي اچي بکيا گهري. مومل هن کي دان ڏنو. پر، جوڳيءَ ڏند لاءِ گهر ڪئي. مومل کي ڏند جي ماهيت جي خبر ڪا نه هئي. بيڪار سمجهي فقير جي حوالي ڪيائين. راجا جڏهن شڪار کان موٽيو ۽ کيس ڏند جي ماجرا جي خبر پئي تڏهن بي حال ٿيو، ڇاڪاڻ ته جوڳي سمورو مال درياءَ مان ڪڍي ويو هو. مومل پيءُ کي آٿت ڏني ته مال ميڙي ڏيندي. هن هڪڙي جادوءَ جي ماڙي لوڊاڻي درياءَ جي ڪپ تي ڪاڪ نالي ٺهرائي، جنھن جي هيٺان جادوءَ جو درياءُ وهائي ڇڏيو، ۽ ماڙيءَ جي دروازي تي جادوءَ جا شينهن بيهاري ڇڏيائين. تنھن کانپوءِ هوڪو ڏياريائين ته، ”جيڪو شھزادو يا امير منھنجي ماڙيءَ تي چڙهي ايندو، تنھن کي آئون بھادر ڄاڻي ساڻس شادي ڪنديس. جيڪو چڙهي اچڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، سو پاڻ سان آندل مال ملڪيت اتي ئي ڦٽي ڪري هليو ويندو.“ ڪيترائي شھزادا ۽ امير مومل سان شادي ڪرڻ جي سڌ رکي ڪاڪ تي آيا؛ ڪي جادوءَ جو درياءُ ڏسي دهلجي ويا ۽ ڪي شينهن ڀرڏٻي ڀڄي ويا. انھيءَ طرح ڪئين اُتان ڦُرجي فقير ٿي ويا ۽ ڪئين اتي فقيراڻيون دونهيون دکائي مري کپي ويا. آخر همير سومري جو وزير راڻو مينڌرو ماڙي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ مومل سان شادي ڪيائين.277

سومنات:

گجرات ۾ سمنڊ جي ڪناري تي سومنات جو عظيم الشان مندر هو، جنھن ۾ مھاديو جو بت سڄي برصغير ۾ مشھور هو. مندر جي اندرين ديوارن تي ايترا جواهر جڙيل هئا، جو رات جي اونداهيءَ ۾ ڄڻ ڏين ٻرڻ جي جهرمر لڳل هجي. مندر 56 ٿنڀن تي بيٺل هو، جن تي جواهر مڙهيل هئا. انھن ٿنڀن ۾ سونين زنجيرن ۾ قنديلون لڙڪيل هيون، جن جو وزن ٻه سؤ مڻ هو. بيشمار گهنڊ ۽ گهڙيال پوڄارين لاءِ لڙڪيل هئا. مندر جي خذمتگارن ۽ لنگر جي ڀنڍارين جو تعداد ٻه هزار هو. پنج سؤ ديوداسيون موسيقيءَ جون ماهرناچ ۽ گاني لاءِ مامور هيون. خاص طرح چنڊگرهڻ جي موقعي تي وڏو ميلو لڳندو هو. ڀانت ڀانت جا ياتري بت جي درشن ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. ٽي سو حجام پروهتن جي حجامت ڪرڻ لاءِ مقرر هئا. هندستان جي راجائن ٻه هزار ڳوٺ مندر جي شان ۽ شوڪت جي خرچ لاءِ وقف ڪيا هئا. سومنات جو بت پنج گز اوچائيءَ ۾ هو. هر روز ڇهن سون ميلن کان گنگا جل بت جي اشنان لاءِ ايندو هو. بت مقناطيس جي ذريعي زمين ۽ ڇت جي وچ ۾ بيٺل هو. بت لوهه جو هو ۽ ديوارون مقناطيس جون هيون، جن جي ڪشش سان بت کڄيل بيٺل هو. برهمڻ انھيءَ ڍنگ سان ديوتا جي ڪرامت ياترين کي ڏيکاريندا هئا. سلطان محمود غزنويءَ جڏهن مندر جي ديوارن کي ڪيرايو، تڏهن بت اونڌو ٿي ڪري پيو. سلطان کي مندر مان بيشمار خزانا هٿ لڳا هئا.278 ايشوري پرساد مال غنيمت جو تعداد ٻه ڪروڙ دينار ڄاڻايو آهي.279

نوڪدار ميخن واريون ٻيڙيون:

417هه مطابق 1026ع ۾ سومنات کان موٽندي سلطان محمود غزنويءَ سان سنڌو ماٿريءَ جي جاٽن اُلھندي پنجاب وارين لوڻ جي ٽڪرين جي جاٽن سلطاني لشڪر سان درياءَ تي ٻيڙين وسيلي جنگ شروع ڪئي. سلطان پنھنجن ٻيڙين کي اڳيان پٺيان ۽ پاسن کان لوهه جون نوڪدار ميخون هڻايون، جن سان جاٽن جون ٻيڙيون ٽڪرجي پاش پاش ٿي ويون ۽ سلطان هٿان ٻارن ٻچن سميت مارجي ويا. سندن جاءِ پناه درياءَ ۾ هڪڙو ٻيٽ هو، جتي جاٽن پنھنجن زالن کي ٻارن ٻچن سان رهايو هو.280

شھر ۽ قلعا:

هن دؤر ۾ سنڌ جا ڪيترا مشھور بندر ۽ شھر ناس ٿي ويا. مثلاً ديبل جو مشھوربندرگاه، جو هندوراڄ ۽ عربي دؤر ۾ وڏي واپار جو مرڪز هو، سو 1334ع ۾ شيخ ابن بطوطه ديبل پھتو، تڏهن شھر ويران ٿي چڪو هو، فقط هڪڙو بت سالم هو. انھيءَ طرح برهمن آباد، جو سنڌ جي وچولي جو تختگاهه هو ۽ هندستان ۾ مشھور قلعو هو، سو 339هه مطابق 950ع ۾ زلزلي ڪري ناس ٿي ويو.281 منصوره جو ڏس به 1025ع کانپوءِ ملي نٿو سگهي. ديبل جي مٽجڻ کانپوءِ لاهري بندر مھراڻ جي ڊيلٽا تي مشھوري حاصل ڪئي، جنھن جو وجود 1652ع تائين قائم رهيو. غزنوي، غوري ۽ غلام سلاطين جي ڏينھن ۾ سنڌ جي لاڙ ڀاڱي تي سومرن جو راڄ هو، جن جو پھريون تختگاهه لاڙ ۾ ٿري شھر هو، جو اُلھندي پراڻ واري شاخ جي ساڄي ڪپ تي هو. هن شھر جا آثار ديره محبت کان ساڍن ڇهن ميلن جي مفاصلي تي اوڀر ڏاکڻي طرف موجود آهن. پراڻ جي اُلھندي واري شاخ سُڪي وڃڻ کانپوءِ سومرن نئون تختگاهه شھر محمد طور يا مھاتم طور هاڻوڪي ٺٽي کان 28 ميل اوڀرندي، شاهه ڪپور ڳوٺ جي ويجهو هو. هن شھر ۾ عظيم الشان قلعو ۽ شاهي عمارتون هيون، جو گنگرو واهه جي کاٻي ڪپ تي هو. مٿس ٻيو شھر مغل ڀين هو. گنگرو سيروٽ ڇوڙ ڪندو هو ۽ مھراڻ جي شاخ ريڻ مان نڪرندو هو.282 ايلٽ جي بيان موجب محمد طور جو اوج 900ع کان 1000 تائين رهيو. وگهيه ڪوٽ يا وجيه ڪوٽ جنھن کي وگو ڳڙهه به سڏيندا هئا، ڍوري پراڻ کان پنجن ميلن تي هو. سندس نشان موجود آهن. درڪ جو قلعو جو همون ٻائي جو قلعو هو، جا سنگهار بن دودي سومري جي زال هئي. سنڌ جا مٿيان شھر ۽ قلعا ”طاهري“ جي بيان موجب ديرڪ پرڳڻي ۾ هئا، جو چاچڪان (چچا گام) ضلعي ۾ هو، ۽ پارڪر ۽ ونگا بازار جي وچ ۾ ان زماني ۾ زرخيز هو. هينئر اتي ڇاڇرو ۽ بدين تعلقا آهن.283 جناني- بکر ۽ اُچ جي وچ ۾ هو. ابن بطوطه ڄاڻايو آهي ته مھراڻ جي ڪپ تي وسيع، خوبصورت ۽ خوشنما بازارن سان هو. هن شھر جو کيس ڏس (اسڪندريه) مصر ۾ شيخ برهان الدين اعرج ڏنو هو.284 ڪلاڪوٽ، ٺٽي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف ۽ ساموئيءَ کان ڇهن ميلن تي ٽڪريءَ تي هڪڙو قلعو هو، جو ”تحفـﺔ الڪرام“ جي بيان موجب راجا ڪلا جو تعمير ڪرايل هو. ڪوٽ کي چوطرف کاهي ڏنل هئي. ڄام تغلق سمي هن کي ٻيهر تعمير ڪرائي، مٿس ’تغلق آباد‘ نالو رکيو هو.

دمريلاه :

سومرن جو شھر ديبل ضلع ۾ هو. سلطان محمد تغلق جي غلام تغي فساد ڪري گجرات کان ڀڄي سومرن وٽ هن شھر ۾ پناهه ورتي هئي. سلطان سندس پٺيان هتي پھتو هو ۽ ڀر واري ڳوٺ ۾ وفات ڪئي هئي. سلطان محمد تغلق 744هه مطابق 1343ع ۾ ڪاٺياواڙ کان گونڊل پھتو ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ مڇي کائڻ ڪري سندس طبيعت ناساز بنجي ويئي ۽ گونڊل ۾ وفات ڪيائين. سلطان فيروز شاهه جي تاجپوشي به گونڊل ۾ ٿي هئي. دمريلاه جو ذڪر ”طبقات ناصري“ ۾ به ڏنل آهي.285 هتي جو حاڪم سنان الدين چنيسر هو، جنھن سلطان ايلتمش جي اطاعت ڪئي هئي.

نصرپور:

عام روايتن موجب هتي نصيرمھاڻي جو پتڻ هو. دودي سومري لاڙ جو حصو نصرپور تائين فتح ڪيو. حيدرآباد کان 17 ميلن جي مفاصلي تي هو. سلطان فيروز شاهه گجرات کان 751هه مطابق 1350ع ۾ موٽندي، هن شھر جو بنياد وڌو ۽ قلعو تعمير ڪرايو هو. ارغونن جي ڏينھن ۾ ڪو وقت سنڌ جو تختگاهه شھر هو.  ڪپڙي سازي ۽ علميت جو مرڪز هو. 1758ع ۾ مھراڻ جي رخ بدلائڻ ڪري شھر جو اوج گهٽجي ويو. ”آئين اڪبري“ ۾ ٺٽي سرڪار ۾ هڪڙي محال هو. اڄ به موجود آهي. قلعي ۽ مسجدن جا آثار موجود آهن.286

روڙي:

جنھن جا نالا ’لوهڙي‘ ۽ هينئر ’روهڙي‘ آهن. ڪپتان جي.اي.ويسٽ ميڪاٽ ”جرنل ايشياٽڪ بنگال“ 1841ع ۾ روڙي تي هڪڙو مضمون لکيو هو، جنھن ۾ هن شھر جو قديم نالو ’لوهرڪوٽ‘ ڄاڻايو هو. مسٽر اي.ڊبليو.هيوز جنھن سنڌ جو پھريون گزيٽئر تيار ڪيو، تنھن ۾ لکيل آهي ته هي شھر سيد رڪن الدين 696هه مطابق 1297ع ۾ ٽڪريءَ تي تعمير ڪرايو هو. 952هه ۾ مخدوم ميان عبدالباقي صديقي استنبول کان وار مبارڪ روهڙي آندو هو، جنھن جي وقت جي بزرگن مان شاهه حيدر حقانيءَ ۽ مخدوم عبدالملڪ زيارت ڪئي هئي. وار مبارڪ اڄ به روهڙيءَ ۾ آهي ۾ انڪري هيءُ شھر روهڙي شريف سڏجي ٿو.287 هن شھر علميت ۽ واپار ڪري ترقي ڪئي.

ڳاهو:

سيوهڻ کان 27 ميل اُتر-اُلھندي طرف زرخيز ۽ مردم خير ڳوٺ ڪو وقت علميت جو مرڪز هو. مير محمد معصوم غلطيءَ سان هن شھر کي ڪاهان لکيو آهي، جنھن ڪري گهڻائي مؤرخ غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا. مثلاً هينري ايلٽ ته هن شھر جي ڳولا ڪندي، مري جبلن واري ڪاهان تائين پھتو آهي.

پاٽ ڪهنه:

سيوهڻ کان اورڀرو ڪڪڙ تعلقي ۾ سنڌ جو جهونو ڳوٺ درياءَ جي هڪڙي شاخ تي هو. سندس سنسڪرت نالو ’پاتري‘ هو. جهوني ڳوٺ جا آثار هاڻوڪي پاٽ ڳوٺ جي ڀر ۾ آهن. علميت ڪري هن شھر ڪافي شھرت حاصل ڪئي. پاٽ جا ڪيترا بزرگ احمدآباد، برهانپور ۽ دکن پھتا هئا.288

ساموئي:

هاڻوڪي ٺٽي کان ٽي ميل اُتراُلھندي طرف ۽ ڪلاڪوٽ کان ٻه ميل ڏاکڻي طرف اڳ سندس هنڌ تي سماننگرا سنڌ جو تختگاهه هو، جو راجا سامبس تعمير ڪرايو هو. ساموئي، جنھن کي ماموئي به چوندا هئا، ڪلري شاخ تي سمن جو پھريون تختگاهه هو، جو مير محمد معصوم جي بيان موجب ڄام جونا بن بابينه تعمير ڪرايو هو. ساموئي جي ويراني کانپوءِ سنه 900هه مطابق 1495ع ۾ سمن جي پوئين حاڪم ڄام نظام الدين (ننده) هاڻوڪو ٺٽو تعمير ڪرايو هو. پر ساموئي به ٺٽو سڏبو هو. 1699ع تائين ٺٽو ايشيا ۾ علميت، ثقافت ۽ تجارت ۽ دولت ڪري برک شھر رهيو. سنڌين جيڪي به قلعا ۽ ڪوٽ تعمير ڪرايا، تن کي چوطرف بچاءَ لاءِ پاڻيءَ سان ڀريل کاهيون هيون. اُن زماني جي لحاظ ڪري بچاءُ لاءِ ڪارگر هنڌ هئا. ويهين صديءَ جي شروعات تائين فوجي نڪته نظر سان قلعن کي وڏي اهميت حاصل هئي. پھرين عالمگير جنگ ۾ جرمن زيپلن ۽ ٻين هوائي جھازن جي وجود ۾ اچڻ ڪري قلعن جي اڳوڻي اهميت گهٽجي ويئي.

سيدعلي بغداديءَ جو مقبرو:

”حيات نامه قلندري“ مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد علي بغدادي مخدوم قلندر جو هم سفر ۽ سندس خليفو هو، جنھن جي قبر تي سيوهڻ ۾ سلطان فيروشاهه تغلق جي سيوهڻ جي واليءَ سيد جلال الدين 7 صفر 758هه ۾ هڪ گنبذ تعمير ڪرايو هو. شيخ محمد بغداديءَ جو ڏس ابن بطوطه اندلسيءَ به پنھنجي سفرنامي ۾ ڏنو آهي. خبر نه ٿي پوي ته انھيءَ ٻڍي گوشه نشين بغداديءَ جو علاءُ الحق علي بغداديءَ سان ڪو تعلق آهي يا نه؟ بھرحال گبنذ جي پھرين ڪتبي جو متن هيٺين ريت آهي:

بعھد دولت فيروز شاه سلطان دين پرور،

که خاک درگه سازند شاهان جهان افسر.

ازانگاهي که بر تخت شهنشاهي نشت اين شه،

سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور.

عمارت شد مقام شيخ عثمان مرندي کو،

ولي الله باز اسفيد مير بحر بود و بر.

اگرچه اوليا اندر زمان شيخ بس بودند،

و ليکن در کرامت بود او از همگنان برتر.

چه زيبا بارگاهي شد به هفت طاق شش گنبذ،

که رنگ نه فلک گشته زرشک بام او خضر.

بروز هفتم از ماه رجب مبني شد اين روضه،

بسال هفصد و پنجاه و هشت از هجرت مهتر.

بنايش کرد والي اختيارالدين ملک ارشد،

امير عادل و بادل تهمتن ثاني اسکندر.

که تابودست سيوستان نبودست اين چنين والي،

تقي و مشفق و مکرم سخي و پاک دين ديگر.

اُميد آن هست که بايد جزاي اين چنين خيري،

هزاران قصر در جنت بفضل ايزد اکبر.

حضرت مخدوم لعل شهباز جو روضه:

هن مان ظاهر آهي ته گبنذ جو باني ملڪ ارشد آهي. مگر اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور مان سيد جلال الدين باني معلوم ٿئي ٿو. حضرت مخدوم قلندر جو روضو سنڌ جي جهونين عمارتن مان آهي. هڪ ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته 7 رجب 757هه ۾ ملڪ اختيارالدين والي سيوستان فيروز شاهه تغلق جي زماني ۾ شيخ عثمان مرندي زماني جي ولي الله جي مزار تي روضي بڻايو، جنھن کي 7 ونگون ۽ 6 گنبذ هئا. ان کانپوءِ مرزا جاني بيگ ترخان جي زماني ۾ وڏو گنبذ اڏايو ويو ۽ انھيءَ فيروز شاهي ڪتبي واري پٿر کي هڪ طرف اُڇلايو ويو. وري جڏهن شاهجھان جي زماني ۾ روضي جي صحن کي فرش لڳارايو ويو ۽ ٻه مسجدون بڻايون، ته انھن قديم ڪتبن کي خانقاهن جي ديوارن ۾ نصب ڪرائي ڇڏيو، ته جيئن گذريل بادشاهن جو يادگار قائم رهي. ڪتبي جي اصل عبارت هن طرح آهي:

”چون درعهد سلطان فيروز شاهه مرحوم روضه قديم حضرت مخدوم بنا شده بود و اين دو سنگ تاريخ نوشته نصب کرده بودند آخر چون گبنذ کلان درعهد ميرزا جاني بيگ ترخان بنايافته اين سنگهاءِ برهم افتاده بودند في الحال اين فقير سيد بهووه عرف ديندار خان در عهد دولت حضرت صاحبقران ثاني صحن روضه را ترتيب داده و دو مسجد راست مي ساخت اين دوسنگ را هم در ديوار خانقاه بنھادتا يادگار سلاطين گذشته مي باشد“ 289

سلطان محمد تغلق جو مقبرو:

سلطان محمد تغلق مھراڻ جي ڪپ تي گونڊل ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو ڪٿي آهي، ان بابت تاريخ جا ورق بلڪل خاموش آهن. سال 1935ع ۾ پروفيسر محمد شفيع لاهوري سيوهڻ آيو هو، تنھن هڪ ڪتبي جي بنا تي دعويٰ ڪئي آهي ته سلطان محمد تغلق جي قبرخانقاه قلندر جي اُلھندي پاسي کان هڪ حاطي ۾ آهي. ڪتبو نمبر (1):

جهان مردم کش ست اي دل مباش از جان وفادارش،

که جزکين و جفا نامد زبيدادي دگر کارش.

تو از حال محمد شاه بر گير اعتبار از وي،

که چون اورنگ شاهي دور بود که اين دؤر غدارش.

شهنشاهست اين اي خواجه کش بيني بخاک اندر،

که همچو بندگان بودند شاهان جهاندارش.

اگرچه پيش ازين صد بار دربارش چنان ديدي،

کنون چشم خرد بکشادر اينجا بنگر اين بارش.

جهان بکشاد از مردي و بخشيد از جوانمري،

بد هراز کوشش و بخشش فراوان بود کردارش.

شد از ماه مجرم بيست و يک کاندر شب شنبه،

گذشته هفصد  و  پنجاه  دوشد  عزم ان دارش.290

ڪتبو نمبر (2):

بعهد دولت فيروز شاه خسرو گيتي،

که يزدان بر سرير سلطنت بادا نگهدارش.

بران سلطان دين پرور برآمد اين چنين گنبد،

که آمد پيش پائي گبند گردون دوارش.

بسال هفصد و پنجاه و چهار از هجرت احمد،

قبول بنده درگاه او سر مست معمارش.

خانقاه خواجه خضر:

بکر جي قلعي جي اُتر ۾ هڪڙي ٽڪريءَ تي درياءَ اندر محمد تغلق جي ڏينھن ۾ ڪشلو خان هڪڙي خانقاه تعمير ڪرائي هئي، جنھن جو بيان ابن بطوطه ڏنو آهي. بعد اڪبري دؤر جي بکر جي نواب سعد خان (1007هه کان 1011هه) هن ٻيٽاڙي تي هڪڙي مسجد تعمير ڪرائي هئي. مھراڻ جي مست موجن ڪري هينئر خانقاه ۽ مسجد ٻئي ڊٺل آهن.291

شاهه يوسف گرديزيءَ جو مقبرو:

مھراڻ جي ماٿريءَ ۾ سڀ کان جهوني عمارت شاهه يوسف گرديزيءَ جو مقبرو ملتان ۾ آهي، جنھن جو سال 1152ع آهي. مقبري جون سرون ڪاشيءَ جون آهن.

بھاء الدين زڪريا جو مقبرو:

ملتان ۾ ٻيو نمبر جهونو مقبرو شيخ الشيوخ بھاء الدين زڪريا ملتانيءَ جو مقبرو آهي، جنھن جو سال 1262ع آهي. ڪنگرن واري هن ڪچي عمارت جي ساخت ديره اسماعيل خان جي ويران ڪافر ڪوٽ واري عمارت سان مشابهت رکي ٿي.

مخدوم رڪن عالم جو مقبرو:

مٿين مقبرن کانپوءِ مخدوم رڪن عالم جو مقبرو جهونو آهي، جو (1324ع- 1325ع) سلطان غياث الدين تغلق پنھنجي آخري آرامگاه لاءِ تعمير ڪرايو هو. مگر سندس وفات بعد سلطان محمد تغلق، شيخ رڪن عالم کي پيش ڪئي هئي. هيءَ عمارت هڪڙي بلند ٿلهي تي ٻڌل آهي، جنھن جي چئني ڪنڊن کان نوڪدار ڳوڙهي نيري ڪاشيءَ جي سرن جا منارا آهن. سرن تي نقاش ڪاريءَ جو ڪم ڪيل آهي.292

عربن جو اثر هندستان تي ايترو ڪونه پيو، جيترو ايران تي پيو. غزنيءَ جي ترڪن هندستان تي يارهن دفعا ڪاهون ڪيون. اُهي نو مسلم هئا، مگر عربي تمدن جا حامي هئا. عرب جڏهن سنڌ تي قابض ٿيا، تڏهن کين هڪ اهڙي قديم تمدن سان واسطو پيو، جو سندن تمدن کان گهٽ ڪونه هو. انھيءَ طرح ترڪي فاتح سلطان محمود غزنوي مٿرا جي عمارتن ۽ مندرن ۽ اُتي جي سون ۽ چانديءَ جي قيمتي بتن کي ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو.293 سلطان محمود غزنوي ۽ شھاب الدين جون ڪاهون طوفان وانگر هيون. سلطان شھاب الدين غوريءَ جي ڪاهن کانپوءِ هندستان ۾ اسلامي حڪومت جو پايو پيو ۽ اٺن صدين تائين اسلام جو تسلط برصغير تي رهيو. فاتحن، هندي تمدن کي اسلام سان کير ۽ کنڊ وانگي گڏي ڇڏيو، جيئن هنن ايران ۾ ڪيو. هندڪي رسمن ۽ رواجن جو مسلمانن تي اثر پيو. هندن جا مندر ۽ محلات قيمتي پٿرن جا جڙيل هئا، پر منجهن ذوق ڪونه هو. نه منجهن اڱڻ هئا، نه وري سندن دروازا ڪشادا هئا. رات ڏينھن منجهن چؤمکي ڏيا ٻرندا هئا. مسلمان ثمام فتح ڪري، رومن تعمير کان واقف ٿيا ۽ مصر فتح ڪرڻ بعد فراعنه مصر جي بلند اهرام ۽ لڪسر جي ٿنڀن کان واقف ٿيا. اندلس فتح ڪرڻ کانپوءِ گاٿڪ تعمير کان واقف ٿيا. سندن عمارتن مان رومن، گاٿڪ ۽ ايراني تعمير جو اثر نمايان آهي. 662ع کان 1258ع تائين بغداد علميت ۽ ثقافت جو روشن مناري وانگر ضياپاشي ڪرڻ لڳو. بغداد جي زوال کانپوءِ مغرب ۾ قاهره، قرطبه تمدني مرڪز بنجي ويا ۽ مشرق ۾ غزني ۽ دهلي ايشيا کي روشني پھچائڻ لڳا. ليڪن 1150ع ۾ غورين جي وحشي هٿن سان غزنيءَ جو ستارو غروب ٿي ويو. مگر دهلي، ايشيا جو روم ROME بنجي ويو. مسلمانن جن ملڪن تي قبضو ڪيو، اتي جي رهاڪن جي هنرن ۽ لٽريچر کي ترقي ڏيئي، انھن کي پنھنجو ڪري هڪ قوم بنجي ويا. اهڙي مساوات ڪري سندن حڪومتون قرطبه کان ڊاڪا تائين اهڙي مضبوط بنياد تي قائم ٿي ويون، جو صدين تائين سندن بنياد کي ڪو لوڏو نه آيو. هنن جيڪي نقش ونگار قائم ڪيا، تن جو نظير تاريخ ۾ ڪونهي. وري لطف اهو جو انھن برصغير ۾ جيڪي عمارتون تعمير ڪرايون، تن جي ڪاريگرن ۾ وڏو تعداد هندن جو هو. تنھن ڪري ضروري هو ته هن ’اِنڊو- مسلم‘ گڏيل تھذيب ۾ عمارتسازيءَ تي به ساڳيو اثر پوي. جين فرقي جي هندن جا مندر ڏسو: جيترو اهي عاليشان آهن، اوترو سوڙها آهن. فاتح مسلمانن جون مسجدون ڏسو: جن جا صحن ايترو ڪشادا آهن، جو منجهن هزارها نمازي سمائجي سگهن ٿا. مسجدن کان علاوه اولياء الله جون خانقاهون ۽ مقبرن جا گنبذ ڏسو، ته ڪيترو بلند ۽ ڪشادا آهن. ٽئين نشاني آهي قلعا، عالمپناهون، حوض ۽ شاهي ايوان، جن جي تعمير جي ابتدا مھراڻ جي ماٿريءَ مان ٿي. سومرن، سمن، غلامن، خلجين ۽ تغلقن، جيڪي شھر، ڳوٺ، قلعا، قافلي سرائون، ڪوس مينار، مدرسا، باغ، حوض ۽ حمام تعمير ڪرايا، تن کان هند وغيره واقف هئا. بلڪ مسلمانن جيڪي باغ تعمير ڪرايا، تن جي گلن جي بھاري ۽ نالن مان اسلامي جهلڪ نظر اچي ٿي. مسلمانَ بابلين، اشورين، فنيقين ۽ يونانين فاتحن وانگر ڦورو ڪونه هئا، جو ملڪ ڦري، لٽي موٽي وڃن. فاتح مسلمانن برصغير کي پنھنجو مستقل وطن جوڙي هن کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي، نه ڪي ملڪ کي کٽي ماڻھن جي رت سان هٿن کي رنڱي موٽي هليا وڃن، جيئن اڳوڻن فاتحن ڪيو هو. مسلمانن هندو عورتن سان شاديون ڪري هڪ جسم ۽ جان بنجي ويا. هن دؤر ۾ تاتاري ڪافرن اسلامي دنيا جي وڏن شھرن، جهڙوڪ: سمرقند، بخارا، مرو، نساءِ، نيشاپور، طوس ويندي عروس البلاد بغداد تائين ملڪ کي ساڙي لٽي تاراج ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏيائون. ليڪن سلاطين هند جي فوجي طاقت مضبوط هئي، تنھنڪري فرصت آهر سلاطينِ هند ۽ سنڌ ۾ نوان شھر، ڳوٺ ۽ عمارتون تعمير ڪرائي سگهيا. توڙي جو سمورو وقت هنگامي حالتون قائم رهيون. سنڌ جو تختگاهه ملتانُ هند ۽ وچ ايشيا ڏانھن ويندڙ شاهراهه تي هو، جتي سنڌي سھروردي بزرگن جي فيض جو چشمو جاري هو. هي باب الاسلام سنڌ جو پھريون شھر هو، جتي فنِ تعمير جو آغاز ٿيو. سلاطين دهليءَ جي ڏينھن ۾ روم، شام، ايران، ترڪستان جا ڪاريگر جيڪي غزني پھتا هئا، انھن ئي قطب مينار ۽ محلات تعمير ڪيا، جيڪي ايران جي نموني تي آهن ۽ مٿن ڪوفي خط ۾ اکر اُڪريل آهن. سنڌُ، برصغير ۾ پھريون ملڪ هو، جتي ڪاشيءَ جو هنر پھتو ۽ اڄ به ملتان، هالا ۽ سيوهڻ ڪاشيءَ جي هنر جا مرڪز آهن، جن کي مملڪتِ جمهوريه پاڪستان ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهي. اڄ جيڪي به سنڌ ۾ اوليائن ۽ درويشن جا فلڪ بوس مقبرا آهن، سي ڪاشيءَ جي سرن ۽ نيلن سان سينگاريل آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌي وڌيڪ پير پرست آهن. سنڌ ۾ جيڪي به پوئين زماني ۾ سياح آيا، تن سنڌ جي شھرن ۾ مٽيءَ جي ڪچين عمارتن ۽ ڳوٺن جي جهوپڙين  جو ذڪر ڏنو آهي. ليڪن ابن بطوطه جن شھرن مان لنگهيو، تن جي بازارن جي خوبصورتي ۽ پڪين خانقاهن، پٿر جي قلعن ۽ عاليشان مدرسن جو بيان ڏنو آهي. ايرانين جو هي پهاڪو سنڌ متعلق مشھور آهي، ته هن ملڪ ۾ ”گرد، گرما، گورستان، گدا“ ضرور آهن. ان جو مکيه سبب هن طرح آهي ته هن صوبي جا رهاڪو فياض، مھمان نواز ۽ پير پرست آهن. هتي جي رهاڪن جو گذران کيتيءَ تي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ مھراڻ جي مٽيءَ مان جڙيل آهي، تنھنڪري شھرن جي نسبت ڳوٺن جو تعداد وڌيڪ آهي. پيرن جي مڃتا ڪرڻ ۽ سندس مقبرن کي سينگارڻ سندن شيوو آهي. ڪن بزرگن جي گنبذن تي سون مڙهيل آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌين جي فن عمارتسازيءَ لاءِ مقبرا شاهد آهن ۽ اهي مشرقي عمارتسازيءَ جو نمونو آهن، جن جي مغربي سياحن تعريف ڪئي آهي. اڪثر مغربي مؤرخ دهليءَ جي ترڪي سلاطين کي وحشي لکن ٿا. مغربي مؤرخن وٽ هڪڙو ئي نالو مسلمانن لاءِ آهي ”موئر“ (Moors). پوءِ کڻي اهي عرب هجن، ترڪ يا ايراني يا افغان ٺيڪ دهليءَ جي سلاطين پنھنجن مسجدن، مدرسن ۽ محلاتن تي هندن وانگي هيرا يا جواهر ڪونه مڙهيا. فقط عمارتن تي جيڪا چٽسالي يا پچڪاري ڪيل آهي، سا اقليدس جي طرز تي آهي. سلطان قطب الدين ايبڪ راءِ پٿو راءِ جي لال قلعي ۾ مسجد قوت اسلام 1191ع ۾ تعمير ڪرائي، جنھن جو ڪم ايلتمثس 1198ع ۾ پورو ڪرايو. اها هندي ڪاريگرن تيار ڪئي. قطب مينار جو رهيل ڪم به سلطان ايلتمثس پورو ڪرايو. فرگوسن ۽ ڊاڪٽر گستاولي بان تسيلم ڪن ٿا ته هن جهڙو چوماڙ  منارو سڄيءَ دنيا ۾ ڪونهي. دهليءَ جا جيڪي به منارا آهن، تن تي ڪوفي خط ۾ قرآن جون آيتون اُڪريل آهن. جيئن ان زماني جا منارا نوڪدار آهن، تهڙيءَ طرح گنبذ به شام ۽ مصر جو نمونو آهن.294 سلطان علاءُالدين خلجيءَ وٽ اهڙا ڪاريگر هئا، جيڪي ٽن ڏينھن اندر ڪابه عمارت تيار ڪري سگهندا هئا. سلطان موصوف خواجه نظام الدين اولياء جي درگاه تي جماعت خانو، مسجد ۽ مسجد قطب کي علائي دروازا هڻايا. اهي دروازا اسلامي تعمير جو بهترين نمونو آهن. سلطان رعايا جي ڀلي لاءِ 1303ع ۾ حوض علائي ۽ حوض خاص تعمير ڪرايا، جن تي اميرتيمور 1398ع واري ڪاهه وقت لشڪر لاٿو هو. سلطان غياث الدين تغلق (1221ع کان 1325ع) تغلق آباد شھر ۽ قلعو تعمير ڪرايا. هي شھر پنجن ميلن ۾ هو. شھر ۾ سلطان موصوف پنھنجي مقبري لاءِ عمارت به تعمير ڪرائي هئي. سلطان محمد تغلق پنھنجي قبرلاءِ لعل گنبذ تعمير ڪرايو هو. ازانسواءِ عادل آباد قلعو به تعمير ڪرايو هو. چون ٿا ته قلعي جي ديوار ويڪر ۾ ٻارهن گز هئي، منجهس پاڻيءَ جي ڍنڍ به هئي.295 منجهس بيجائي منڊل محلات رومن نموني تي تعمير ٿيل هو. فيروز شاهه تغلق وٽ غازي ملڪ شهنه ۽ عبدالحق ٻه مشھور انجنير هئا. سلطان موصوف جونا خان جي يادگار لاءِ جونپور جو شھر تعمير ڪرايو ۽ مسافرن لاءِ هڪ سؤ ويھه سرائون تعمير ڪرايائين. دهليءَ ۾ فتح آباد ۽ حصار فيروز ۽ دربار لاءِ فيروز آباد محل تعمير ڪرايائين. ڪوٽلا فيروز شاهه ، شاهجھان آباد (دهلي) کان وسعت ۾ ٻيڻو هو. شھر کي پاڻي پھچائڻ لاءِ جمنا کان هڪڙي نهرآندائين، جا اڄ سوڌو موجود آهي. رفاه عام لاءِ اٺ مسجدون، هڪڙي جامع مسجد، ٽي محلات ۽ هڪڙو عظيم الشان مدرسو تعمير ڪرايائين. جامع مسجد اڳيان آسوڪا جو ٿنڀو انبالا کان پٽرائي کڻائي آڻي کوڙيائين. ٻيو ٿنڀو ميرٺ کان کڻائي ڪوشڪ- شڪار اڳيان هڻايائين.296  دهليءَ جون اُن زماني جون عمارتون چُن، گچ، ڳاڙهي پٿر ۽ سنگ مرمر جون آهن. دهليءَ ۾ فيروزآباد ۾ سلطانَ گهنٽا گهر به تعمير ڪرايو هو، جو برصغير ۾ پھريون گهنٽا گهر هو ۽ هندستانين لاءِ عجيب ۽ غريب شيءِ هئي. دهلي ۾ ستر شفا خانا تعميرڪرايائين، جن ۾ مريضن کي کاڌو ۽ علاج سرڪار پاران ملندو هو. فيروز شاهه سڄيءَ سلطنت اندر پنجاهه واهه، چاليھه مسجدون، ٽيھه مدرسا، ٻه سؤ خانقاهون، پنجاه شفا خانا، هڪ سو مقبرا، ڏهاڪو حمام، پندرهن سوکوه، هڪ سؤ پليون تعمير ڪرايائين. سنڌ کي به هن ڪافي نوازيو.297 سلطان محمد تغلق مانگرول، ڀڙوچ ۽ کنڀات ۾ جامع مسجدون تعمير ڪرايون، جي اڄ ڏينھن تائين سندس يادگارون آهن. خلجي سلطانن فقط چاليھه ورهيه حڪومت ڪئي. علاءُالدين گجرات ۽ دکن جا علائقا فتح ڪيا ۽ تلنگانه جي راجائن کان خراج وصول ڪيائين. هُو صحيح معنيٰ ۾ هندستان جو شنهشاه هو. آسوڪا کانپوءِ ٻئي ڪنھن به ايڏي عظيم الشان شهنشاهت قائم ڪونه ڪئي هئي. سندس دؤر ۾ وڏيون عمارتون، مسجدون، مقبرا ۽ خانقاهون تعمير ٿيون. الپ خان جي پٽن جي گجرات ۾ مسجد ڪاريگريءَ جو نمونو هو. هر مهيني جو چنڊ پوئين تاريخ ۾ اُن جي برج مان ڏسڻ ۾ ايندو هو.


 

242احسن التقاسيم“، ص 481- قاضي ابو محمد دائود ظاهري جو پيرو هو، جو هڪ قسم جو اهل حديث هو.

243 ”مروج الذهب“، ج ،1 ص 377.

244 86هه/ 705ع اسلام جي مشھور سپهه سالار قيبه بن مسلم بلخ فتح ڪيو. اتي جو مندر نووهار، جو منوچهر تعمير ڪرايو هو، اتي جا پوڄاري خوشيءَ سان مسلمان ٿيا. منجھان ڪي دمشق آيا. وري جڏهن 133هه ۾ بغداد ڏانھن مرڪز حڪومت بدلجي ويو، ته برمڪي حڪومت جي اعليٰ عھدن ۽ وزارت تي مامور ٿيا. اصل مندر جا پوڄاري هئا. برمڪ اصل برفع آهي، جنھن جو جمع مغان آهي، يعني آتش پرست. ابن الفقيه: ڪتاب ”البلدان“، ص 223.

245 البيروني: ”ڪتاب الھند“، ص 208، لنڊن- قفطي اخبار: ”الحڪماء“، مصر، ص 177. تاريخ ابن واضع يعقوبي ج 2.

246 ابن نديم: ”الفهرست“، ص 245.

نوٽ: برنيٽ ڪتاب ”قديم يوناني فلاسافي“ ۾ لکي ٿو ته علم هندسه کان قديم مصري واقف هئا، جڏهن هنن نيل جي کيتين جي حدبندي مقرر ڪئي هئي. ثاليس ملطي پھرين يوناني عالم هو، جنھن يونانين کي علم هندسه کان واقف ڪيو هو. فيثا غورث، اقليدس جون 47 شڪليون ايجاد ڪيون هيون. افلاطون، علم هندسه تي هڪڙو ڪتاب تصنيف ڪيو هو. ”معارف“ اعظم ڳڙهه، نومبر 1659ع، ص 366.

247  قنطي: ”تاريخ الاطباء“، ج 2، مصر، ص 34

248 البيروني: ”ڪتاب الھند“، ص 93.

249 قاضي صائد اندلسي: ”طبقات الامم.“

250 قفطي، مصر، ص 178

251 سڌانت جو ذڪر ابن نديم، مسعودي، قفطي، البيروني ڏنو آهي.

ماه شوال سنه 280هه ۾ معتقدبالله جي ڏينھن ۾ ديبل ۾ سخت زلزلو پيو. ڏيڍ لک ماڻھو مري ويا. خليفي کي پرچه نويسن خبر مڪي هئي. سيوطي: ”تاريخ الخلفاء“، ڪلڪتو، ص 380

252 ابن نديم: ”الفهرست“، ص 303.

253  يعقوبي: ج 1، ص 105.

254 سخاؤ جو مقدمو ڪتاب ”هند بيروني“، ص 23.

255 ڪپڙي ۽ ميون جا ڪي سنڌي نالا عربيءَ ۾ هن طرح آهن: قرفس (ململ)، فوطه (لنگي)، شيت (ڇيٽ)، موز (ڪيلا)، نارجيل (ناريل)، انبج (انب)، ليمون (ليمو)، نيلج (نير)، قرمز (ڪرمچي). ڪن سنڌي شين جا نالا توريت ۾ ڏنل آهن.

256 ابن ابي اصيبيه: ”عيون النباء في طبقات الاطباء“، ج 2، مصر، ص 33.

257 ”تحفـ الڪرام“، ج 3.

258  ابن نديم، ص 278.

259 ايضاً ص 314.

260 ”ڪئمبرج تاريخ هند“، ڏسو: باب يونانين جي ڪاهه- ميجر ايم.آر.هيگ، ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ ڏيکاري ٿو ته 1555ع ۾ پورچوگيزن ٺٽي جي جهنگ ۾ هڪڙو ايڏو نانگ ماريو هو، جو ثابت ڍڳي کي ڳهي رهيو هو.

261 ايلٽ: ”تاريخ هند“، ج  ،1 ص 100- ابن نديم: ص 315.

262 ايضاً، ج 1، ص 112.

263 ابن نديم، ص 353.

264 ”الفهرست“، ص 309.

نوٽ: حڪومت جمهوريه پاڪستان جسماني ورزش لاءِ هرهڪ وڏي شھر ۾ ورزش گاهون ’اسٽيڊيوم‘ تعمير ڪرايون آهن. سنڌين جي ورزش لاءِ ملهه قومي راند آهي جنھن جو بيان 324 ق.م. يونانين ڏنو آهي ۽ ميلن تي ملاکڙا لڳن ٿا. اهو سلسلو جاري آهي.

265 يعقوبي، ج 1، ص 97.

266 ”الفهرست“، ص 316.

267  يعقوبي ج 1 ص 105.

268 بيرونيءَ جو ڪتاب ”الھند“ مشھور آهي، جنھن ۾ هندن جي عقيدن، علوم ۽ تحقيقات جو بيان ڏنو آهي. ان کانسواءِ هندن جي اصولن جي تصحيح ڪيائين.

269 يعقوبي، ج 1، ص 101، معسودي، ج 1، ص 160. برٽانيڪا انسائيڪلوپيڊيا، ج 6، ص 100.

270 ابن خلڪان، ج 1، ص 386.

271 جرجي زيدان: ”علوم عرب“، ج 3، انسٽيٽيوٽ پريس علي ڳڙهه، مترجم: مولانا محمد اسلم جيراجپوري، ص 90-91

272 اسٽينلي لين پولي: ”ميڊيول انڊيا“، لنڊن 1917ع، ص 425- 428.

273 ابن خلدون: ج 3، ص 537، اُردو ترجمو. سيد امير علي مسلمان مقتولن جا انگ اکر ڏنا، جن کي ترڪستان ۽ خراسان جي شھرن ۾ تاتارين قتل ڪيو هو.

274 ”تحفـ الڪرام“، ج 3- ”چچنامه“، ج 2.

275 ايضاً.

276 ايچ.جي.ريورٽي: پنھنجي ڪتاب ”مھراڻ ائنڊ اٽس ٽريبيوٽريز“ ۾ الور جي درياءَ جي رخ بدلائڻ جو سال 335هه مطابق 946ع ڏنو آهي. انھن ڏينھن ۾ سنڌ بني بويه وارن جي هٿن ۾ هئي. معزالدوله جو زمانو هو. سنڌي خطبو به بني بويه وارن جي نالي تي پڙهندا هئا. 17 ورهيه بعد 352هه ۾ الپتگين غزنيءَ ۾ ننڍڙي رياست جو بنياد وڌو هو. ريورٽي: ڪلڪتو، 1892ع، ص 491

277 ”تحفـ الڪرام“، ج 3، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هن رومان کي سُر مومل راڻي ۾ وحدت جي رنگ ۾ ڳايو آهي. ڏسو ”شاهه جو رسالو“ داستان  ”مومل مينڌرو“، بمبئي 1900ع، ص 384

278  مولانا محمودالرحمان: ”دولت غزنوي“، لاهور 1931- فرشته ج 1، اُردو ترجمو، نولڪشور، ص 76

279  ايشوري پر ساد: ”هسٽري آف مسلم رول انڊيا“، الهه آباد 1939ع، ص 159

280 ”دولت غزنويه“- مولانا محمودالرحمان مٺڻ ڪوٽ وٽ ٻيٽ جو هنڌ ڏيکاريو آهي. حقيقت هن طرح آهي ته سياري ۾ درياءَ سنڌ ۾ ڪيترائي ٻيٽ نمودار ٿين ٿا ۽ آبڪلانيءَ جي مند ۾ ٻڏيو وڃن.

281 ايچ.جي.ريورٽي: ”دي مهران ائنڊ اٽس ٽربيوٽريز“، ص 202.

282 ايم.آر.هيگ: ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، لنڊن 1894ع، ص 76

283  ايچ- ايلٽ (ڊائوسن) ”تاريخ هند“، ج 1، ص 403- 404.

284  ”عجائب الاسفار“،ج 2 ،ص 7، بيان شھر جناني.

285 ايچ. جي. ريورٽي: ”دي مهران آف سنڌ ائنڊ اٽس ٽربيوٽريز“، ص 255.

286 ايچ.ايلٽ: ”تاريخ هند“، ج 1، ص 216، ”ريورٽي“، ص 494.

287  سيد محمد ضامن ڪنتوري: ”عبرتڪده“ سنڌ، حيدرآباد دکن 1903ع، ص 35- 36

288   جهوني پاٽ جي ڀر ۾ ڳوٺ رڪڻ لڳ لوهم جو دڙو آهي، جنھن جي اڃا کوٽائي ڪا نه ٿي آهي. پاٽ جي سنڌي بزرگن متعلق سيد محمد مطيع الله ڪتاب ”برهانپور ڪي سندهي اولياء“ لکيو آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي. 1541ع ۾ همايون معزوليءَ جي حالت ۾ هن ڳوٺ ۾ حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي هئي. سنڌ جي قديم تاريخي شھرن مان آهي.

289  ”الوحيد“ اسپيشل ايڊيشن، ”سنڌ آزاد نمبر“ ، 15 جون 1936ع ڪراچي، ص 71.

290 ايضاً، ص 72.

291  ”عجائب الا سفار“،ج 2 ، دهلي، ص 20

292 سيد محمد لطيف: ”دي اَرلي هسٽري آف ملتان“، ڪلڪتو، 1809ع.

293 سلطان محمود کي هڪڙي مندر ۾ پنج بُت مليا، جن جون اکيون ياقوت جون هيون ۽ انھن جي قيمت پنجاه هزار دينار هئي. سندس چوڻ هو ته مٿرا جي عمارتن تي ڪروڙها دينار خرچ ٿيا هوندا ۽ اهڙيون عمارتون ٻن صدين ۾ تعمير ٿيون هونديون. ڏسو: ڊاڪٽر گستاؤلي بان: ”تمدن- هند“، مترجم سيدعلي بلگرامي، حيدرآباد دکن، ص 182

294  مغليه دور اڪبري ۾ ميرمحمد معصوم سکر ۾ جيڪو مشھور منارو تعمير ڪرايو، سو به نوڪدار آهي. روهڙيءَ ۾ پل جي ڀرسان جيڪو ٽڪريءَ تي قاسم خواني قبرستان آهي، تنھن جا منارا به نوڪدار آهن.

295 سرسيد احمد خان: ”آثار الصناديد“، ڪوٽلا فيروزشاهه، ڪانپور 1904ع، ”يادگار دهلي“ 1905ع ڪيني. ايچ.جي. ”دهلي انٽروڊڪشن“، ڪلڪتو 1899ع.

296  سراج عفيف جو بيان آهي ته سلطان لوهي ٿنڀا جنھن گاڏيءَ ۾ کڻائي آيو هو، تنھن کي 42 ڦيٿا هئا. هرهڪ جو وزن چاليھه ٽن هو. ٿنڀن جي پيڙه جن پٿرن تي ٻڌل هئي، تن مان هرهڪ جو وزن 800 سؤ ٽن هو. ايڏا وزندار پٿر يا ته يونانين بعلبق ۾ ڪتب آندا هئا يا مصرين اهرام تي ڪمايا هئا.

297  ابوظفرندوي: ”مختصر تاريخ هند“، ايچ. ڪزنس: ”دي ائنٽيڪوئيٽيز آف سنڌ“، ڪلڪتو، 1926ع، ص 71.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org