ڪيفي دتاتريه
]راشدي
صاحب جو مضمون ”ڪيفي دتاتريه“ اصل ۾ سہ ماهي
”اردو“ جي آڪٽوبر 1966ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو.
مترجم وڏي محنت سان، ان کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو.
هي ترجمو رسالي ”مهراڻ“، نمبر 03، سال 2002ع ۾
ڇپيو آهي[
چون، گفتگو زلاله وسوسن، بر آورم،
دست چمن گرفتہ، بمسکن در آورم.
اِهو ياد نه آهي ته جڏهن ورهاڱو ٿيو تڏهن مولانا
عبدالحق ڪٿي هو، البت ايترو ذهن ۾ ضرور آهي ته
جڏهن دهلي پي لُٽي ۽ خونريزيءَ جي بازار گرم هئي،
تڏهن مولانا حيدرآباد ۾ هو. اُتان جڏهن واپس دهلي
پي آيو ته مرحوم شعيب قريشيءَ کيس زوريءَ ڀوپال جي
اسٽيشن تي لاٿو. ڪجهه ڏينهن ترسيو، مگر دل نه پي
لڳيس ۽ سڌو ڪراچيءَ هليو آيو. ڏاڍو ڪمزور ۽ فڪرمند
ٿي لڳو.
دهلي بدستور اُجڙي رهي هئي. قيامت جو ڏيک هو. ڪنهن
جي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي. مولانا کي نهايت وحشتناڪ
خبرون ملنديون رهيون. ”جيترا وات اوتريون
ڳالهيون!....!“ انجمن برباد ٿي وئي. دفتر تباهه ٿي
ويو، ڪتبخانو ساڙيو ويو ۽ هڪڙو ملازم به شهيد ٿيو.
سيّد هاشمي وڃي جنت نشين ٿيو ۽ ويچارو پوڙهو ڪيفي
به قاتلن جي هٿان بچي نه سگهيو.
مولانا سمجهي ويو هو ته ڪجهه ٿيو هجي يا نه ٿيو
هجي، گهٽ ۾ گهٽ سندس قافلو ته سڄو سارو لُٽجي ويو.
عمر ڀر جي ڪمائي چَٽ ٿي وئي، ڪيو ڪمايو خاڪ ۾ ملي
ويو ۽ ٻه جگري يار، جن سان سڄي حياتي گڏ گذري هئي،
سي قيامت تائين ساٿ ڇڏي ويا:
ديدار تو با قيامت افتاد،
نيک است! ولي دران سخنهاست.
تلوارون ۽ ڪِرپان جڏهن موٽي وڃي مياڻن ۾ پيا،
درندگيءَ ۽ خون جا جيڪي ڦوهارا ڇٽجي رهيا هئا، تن
جا بنياد بند ڪيا ويا، تڏهن وڃي معلوم ٿيو ته
انجمن جو دفتر ته واقعي اهڙي نموني درهم برهم ٿي
ويو آهي، جو وري اُن جي شيرازه بندي نه ٿي سگهندي!
هڪڙو ملازم به اهل عيال سميت شهادت جو جام نوش ڪري
چڪو آهي. مگر هاشمي صاحب بچي ويو آهي ۽ پنڊت جي
[ڪيفي دتاتريه] به شهادت جي سعادت کان محروم ٿي
دهلي پهچي ويو آهي. البت لاهور جي ماڊل ٽائون ۾
سندس ڪوٺي هئي، جيڪا ماڻهن جي هٿ لڳي وئي ۽
ڪتبخانو ساڙيو ويو. شُڪر ٿيو جو جان ته بچي وئي.
مولانا هڪ ٿڌو ساهه کڻڻ ۽ وڏي آه ڀرڻ کان پوءِ وڃي
اطمينان جو ساهه کنيو!
نوميدي از وصال تو، بس جانگداز بود،
صد جاگره ز ديدم، اميد بريده را.
* * *
اُنهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مولانا جو قيام وزير
تعليم سنڌ پير الاهي بخش وٽ گانڌي گارڊن جي پويان
سائي رنگ جي ڪوٺيءَ ۾ هو. جسماني طور ته يقيناً
اُتي ئي هو، ليڪن سندس روح ”دريا گنج“ نمبر پهرين
(دهلي) جي آس پاس آواره ڦري رهيو هو. ڪڏهن فريد
آباد پي ڀٽڪيو ته ڪڏهن رامپور ۽ حيدرآباد ۽ ڪڏهن
ڪيفي صاحب جي ڳولا ۾ دهليءَ جي گهٽين ۽ رستن تي
منڊڪائيندو رهيو!
آءٌ پنهنجي طور تي کيس وندرائڻ جون هزارين ڪوششون
ڪندو پي رهيس. ملير، لانڍي، منگهوپير، جهونا
مارڪيٽ، ڪياماڙي، صدرــــ اهي سڀ اُن زماني ۾ اسان
جي پيرن هيٺان هوندا هئا. هوا بندر تي ته تقريباً
روز شام جو چڪر لڳندو هو. ليڪن باوجود اُنهن سڀني
ترڪيبن جي سندس خيال هر وقت اوڏانهن ئي رهندو هو.
جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته اُتان جي ئي ڪندو هو.
هندستاني احباب، انجمن ۽ اُن جو مستقبل، هاشمي،
ڪيفي، صلاح الدين، بدرعالم، بشير بورچي، ڪتبخانو،
نادر ۽ ناياب مخطوطا، مطبوعات جا هزارين جلد،
انجمن جي عمارت جو پلاٽ، بينڪ ۾ پيل پيسا ـــ مطلب
ته هڪ ماڻهو هزارين معاملا!... وقت اهڙيءَ طرح
ڪٽجي ته ويندو هو، پر ڏاڍو ڏکيو. آخر هڪ ڏينهن
ٻڌوسين ته انجمن جو باقي بچيل ڪتبخانو ۽ اُن جا
نادر مخطوطا مولانا جا پنهنجا ئي پاليل وڪڻي
کائيندا پي رهيا:
هزار گونہ بہ لنگم، بهر رهم کہ برند،
رهـﻶ
کہ آن بسوئـﻶ
تست، ترکنا زکنم.
پاڻ ئي چوندو رهندو هو ته ڪيفيءَ وصيت ڪئي آهي ته،
جيڪڏهن مولانا جو انتقال اول ٿئي ته ڪيفيءَ کي
ساڻس گڏ دفن ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن پهريائين ڪيفي صاحب
موت سان ملاقي ٿئي ته سندس خاڪ رکي رهي ۽ جڏهن
مولانا رحلت فرمائي ته محبت ۽ مروت جي اُن ننڍڙي
پيڪر جي ان خاڪ لپ کي به اُن ئي قبر ۾ جاءِ ڏني
وڃي!
* * *
منهنجو پنهنجو تعارف ته ڪيفي صاحب سان اُن وقت ٿيو
هو، جڏهن مولانا اسان ٻنهي ڀائرن
کي دهلي جي ڪارونيشن هوٽل مان زوري پاڻ وٽ وٺي وڃي
هڪ ڪمري ۾ اِهو چئي رهايو ته: ”ڏسو! ڀُلجي به هن
حضرت سان شاهنامي جي ڳالهه نه ڪجو، نه ته مصيبت
اچي ڪڙڪندي.“
هڪڙو، تراشيل ڏاڙهيءَ وارو، وڏين مُڇن سان ڪُراڙو
ماڻهو ميري پاجامي ۽ معمولي گنجيءَ ۾، چؤطرف ڪتابن
جا ڍير پيل، کٽ جي پريان پلٿي ماري پروفن پڙهڻ ۾.
ايتري قدر محو ۽ مشغول هو جو مولانا جو اِهو فقرو
جڏهن فضا ۾ گونجيو ته هڪدم ڇرڪي اُٿيو. اسان کي
ڏسي کِليو ته ضرور، پر سندس مسڪراهٽ ڦڪي پي لڳي،
جا گرمجوشيءَ کان بلڪل عاري ۽ خوشيءَ کان خالي
هئي. يا ته اُن ڪمري ۾ اسان اجنبين جو رهڻ هن کي
ناگوار لڳو هو يا هي دَمه ۽ پيريءَ جي دردمنديءَ
سبب ائين ئي مرجهايل هو.
اِهوئي هو هندستان جو مشهور محقق ۽ عالم، حافظ
محمود خان شيراني!.... اِهو ئي فردوسيءَ تي چئن
مقالن وارو، تنقيد شعرالعجم وارو، پرٿوي راج راسا
وارو، پنجاب ۾ اردوءَ وارو، ۽ هي اِهوئي پيءُ هو،
جنهن جنم ڏنو هو ”حضرت ابو المعاني الاختر شيراني
الافغاني“ کي، جنهن جي ”سلميٰ“ اُن وقت جي نوجوان
طبقي ۾ هڪ سُرور واري ڪيفيت پيدا ڪئي هئي. يعني
تصور ۾ ست رنگو سُهانو سمو پيدا ڪيو هو، ۽ جنهن جي
رومانوي شاعريءَ سان هر اهو انسان جيڪو جواني ۽
جوڀن ۾ هو، مست ۽ مگن هو!
”شاهنامي“ جي ڳالهه ته نه نڪتي، ليڪن ڏهن پندرهن
ڏينهن جي قيام ۾ ٻيون هزارين ڳالهيون پي وچ ۾
آيون. اُن ويجهڙائپ پاڻ ۾ وڏو اُنس پيدا ڪري ڇڏيو.
ايسين تائين جو اسان جي وڏين مُڇن واري پٺاڻ محافظ
لالا عباس خان سان به اُن جي محبت ٿي وئي. اسان
عجب مان ڏسندا هئاسون ته گرم راتين ۾ اِهي ٻئي
پٺاڻ پاڻ ۾ ڪهڙيون ٿا لڙيءَ رات تائين ڳالهيون ڪن؟
شڪار جون ڳالهيون، تيرو تفنگ جون حڪايتون ۽
هندستان ۾ پٺاڻن جي حڪومت جا داستان!... لالا عباس
خان هڪ رات اسان کي ٻڌايو:
”پیر!۔۔۔
شیرانی خو ٹھیک کہتا ہے، خو چار مرتبہ پٹھان کو
ہندستان کا حکومت ملا، اس خانہ خراب نے خو چھوڑدیا۔۔۔۔
وئی! وئی! وئی! اوکدا!“
لالا عباس خان جي مڇن جو هڪ هڪ وار پيو ڦڙڪي!...
معلوم پيو ٿئي ته پاڻيپٽ جي ميدان ۾ احمد شاهه
ابداليءَ جون فوجون اُن اوسيئڙي ۾ بيٺيون آهن ته
اجهو ٿي دهلي فتح ٿئي. لالا عباس خان جي وڏين گول
۽ ڳاڙهين اکين ۾ ائين رت ڀرجي ويو، جو ڄڻ شعلا پيا
نڪرن، ۽ هو ’مجموعه نغز‘ جي ايڊيٽر شيردل خان
آفريدي، جنهن دشمن قبيلي جي هڪ سو ڏهن ماڻهن کي
ٿري ناٽ ٿري سان دُف ڪيو هو، اُن کان به پاڻ کي
وڌيڪ بهادر ۽ غيرتمند سمجهي رهيو هو.
اُن مختصر قيام دوران مون شيراني صاحب کان گهڻو
ڪجهه سکيو. سچ ته اِهو آهي ته اُن ئي ڄڻ مون کي
تحقيق جي دڳ تي لاتو. اسان روز شام جو جامع مسجد
جي طرف ويندا هئاسون. هن مون کي ڪيترائي قيمتي ۽
مفيد ڪتاب چئين آني وٺي ڏنا. هڪ ڏينهن ”گلشن
بيخار“ تي وڏو جهيڙو ٿيو. ڪتب فروش چئين آني ۾ پيو
ڏيڻ چاهي ۽ شيراني صاحب ڇهين پيسن کان وڌيڪ ڏيڻ
لاءِ تيار نه هو. خدا خدا ڪري ٻن آنن ۾ وڃي معاملو
نبريو. اهو آنن وارو ”گلشن بيخار“، اڃا تائين مون
وٽ موجود آهي. هاڻي به جڏهن اُهو کڻندو آهيان،
تڏهن اُهو ئي تصور اکين جي آڏو اچي بيهندو آهي.
جامع مسجد جي آخر ۾ هڪ سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، چئني
پاسن کان هوا جو گذر بند، پگهر ۾ شَل، ڇهن پيسن ۽
چئين آني تي پيو جهيڙو هلي. وڏي اطمينان سان پئي
ٻوليءَ تي ٻولي هلي.
* * *
اُن ئي زماني ۾ اُتي ”دريا گنج“ نمبر پهرئين ۾ صبح
جو ٽهلندي، منجهند جو کاڌي جي ميز تي، شام جو
چانهه تي، هڪ ننڍي قد واري ماڻهوءَ کي مون سوٽ ڪوٽ
۾ ڏٺو. قميص جو کُليل ڪالر، جيڪو ڪوٽ جي ڪالر کي
ڍڪي ڇڏيندو هو. اُنهي تي ڪنهن وقت ٽاءِ به ٻَڌي
ويندي هئي. قميص عموماً اُها پهري ويندي هئي، جنهن
جو ڪالر ٽينس ڪٽ جو هوندو هو. اسرائيل جي اڳوڻي
وزيراعطم بن گوريان جي تصوير ڏسو، بس اُنهيءَ ئي
دور جو فيشن هو.
اُهو ننڍڙو صاحب گهٽ ملندڙ ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ هو.
ڳالهائيندو ته رڳو مولوي صاحب سان هو. شيراني صاحب
هوندو ته اُن سان به ٻه چار ڳالهيون ٿي وينديون،
ليڪن مطلب جي چئن جملن کان اڳتي اصل نه وڌندو.
جڏهن ته مولوي صاحب کاڌي جي ميز تي پنهنجن لطيفن
سان پيو رعب ڄمائيندو ۽ ڪمرو پيو ٽهڪن سان
گونجندو. اُن وقت به اُهو مٽيءَ جي مُٺ مان جڙيل
جسم وارو انوکو انسان رڳو مسڪراهٽ کي ئي ڪافي
ڀائيندو هو. آواز ڳورو هئس، مگر اُن ۾ وڏي ڪشش
هئي.
اُن وقت اهڙي خشڪ ماڻهو سان گڏ اسان جو پنهنجو
معاملو رڳو ’صاحب سلامت‘ تائين هو. اسان جي لاءِ
کيس علم رڳو ايترو هو، ته هي سنڌ جا وڏا رئيس ۽
جاگيردار آهن، جن کي مولوي صاحب پنهنجي عادت موجب
اِنهيءَ اُميد تي پيو پالي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اِهي
ماڻهو ”انجمن“ جي مقتل ۾ ڪم ڏئي ويندا.
خير اسان کي ته اُن لاءِ معلوم ٿي چڪو هو ته هي
حضرت اردوءَ جو تمام وڏو عاشق ۽ اديب، محقق ۽ عالم
”پنڊت برج موهن دتاتريه ڪيفي صاحب“ آهي، جو سڄو
ڏينهن ”انجمن“ جي اُن خاص ڪتبخاني ۾ لکندو پڙهندو
رهندو آهي، جتي انسان ته ڇا پکيءَ کي به پهچڻ جي
اجازت نه هئي. انجمن جي ڪل ڪائنات ۾ اُن ڪتبخاني
جو اُهو ئي مقام ۽ مرتبو هو، جو نه ڄاڻان ته ڪهڙي
آسمان تي طوبيٰ جو آهي. اُتي ئي ڪتبخاني سان گڏ هڪ
ڪمري ۾ اُن جي رهائش هئي. جيستائين اسان رهياسون،
ڪتبخانو ۽ ڪيفي صاحب ٻئي اسان لاءِ ڳجهه ڳجهاندر
ئي رهيا!
* * * *
تاريخ ياد نه رهي آهي. بس اُهو وقت نه ٿو وسري،
جڏهن مولانا دهليءَ کان ڪراچيءَ پهتو ته ڪيفي صاحب
به جهاز مان ساڻس گڏ لٿو. ڏاڍو ڪمزور ۽ ڪُراڙو!
وهڻ لاءِ هٿ ۾ هوا سان ڀريل هڪ ٽيوب هئس. لڪڻ جي
سهاري آهستي آهستي ڪراچيءَ جي سرزمين تي ڪيفي صاحب
قدم رکيو. حالتن کيس ڪيڏو نه ڪمزور ڪري ڇڏيو هو!
اُن عجيب غريب انسان کي انسان جي حرڪتن ڪيتري قدر
بي جان بنائي ڇڏيو هو! ڪجهه به نه هو، زندگيءَ جي
آخري پساهن جي جهلڪ هئي، جيڪا جهاز مان لٿي هئي!
مولانا جون اکيون روشن هيون، جن ۾ مشتريءَ جو تاب
هو. ڪيفي صاحب کي اسان سان اهڙيءَ طرح ملائي رهيو
هو، ڄڻ هُو پنهنجو ڪو وڏو ڪارنامو ڏيکاري، پورو
پورو داد پيو وصول ڪري، معلوم ائين پي ٿيو ته جڏهن
دهليءَ جو سهاڳ پي لُٽيو ته مولانا به اُن لُٽ ۾
پورو پورو شريڪ هو، يا اڃا به اُنهن لٽيندڙن تي
غالب هو ۽ هيڏانهن هي حضرت، ڄڻ اُن اڀاڳڻ جي نڪ جي
اُها نٿ کڻي ڀڳو هو، جنهن جي قيمت سندس نظر ۽
نگاهه ۾ هيءَ سموري ڪائنات به ٿوري پي لڳي. واقعي
مولانا اُن مهل ڄڻ هڪ فاتح جو ڏيک پي ڏنو، جنهن جي
منهن تي جلال به هو ته جمال به.
دراصل اها ڳالهه هئي به دُرست، ته هُو سڀ ڪجهه
لُٽائي چڪو هو ۽ زندگيءَ جي سڄي ڪئي ڪمائيءَ تي
پاڻي ڦِري ويو هئس. ليڪن پنهنجي هڪ اهڙي علمي همدم
۽ هم نفس کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو، جنهن جي آڏو
حقيقت ۾ سندس ٻئي جهان به هيچ هئا. اسان ڏٺو ته
ڪيفي صاحب جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جو ڪيف هو، جو هو
مطمئن پي نظر آيو. اسان سندس وجود ۾ هڪ قسم جو
سڪون محسوس ڪري رهيا هئاسون. اِهو سڀ ڪجهه شايد ان
ڪري به هو ته گويا اُهي ٻيئي يار غار ورندڙ ڏينهن
ڏهاڙا هِتي گڏجي گهاريندا ۽ گڏجي مرندا. سندن گڏجي
دفن ٿيڻ لاءِ جيڪا دشواري آڏو هئي، سا هاڻي ختم ٿي
وئي هئي.
مولانا جڏهن خوشيءَ مان مست ٿي جهومندو هو، تڏهن
سندس ڳاڙهي ٽوپيءَ جو ڦندڻ خودبخود ڦٿڪڻ لڳندو هو.
اهڙيءَ طرح ايئرپورٽ تي به ڪيچ مڪران کان آيل تيز
هوائن لڳڻ سبب سندس ڦندڻ اُن روايتي انداز ۾
پنهنجو پاڻ ڦٿڪندو پي رهيو. بلڪل اهڙي طرح جهڙيءَ
طرح ڪٺ پُتلي قسم جي ڪا گُڏي پئي ناچ ڪري!
* * * *
مولانا جڏهن ڀوپال مان تشريف فرما ٿيو، تڏهن سندس
کيسي ۾ ڪل ٽي سؤ رپيا پيا هئا! هن ”انجمن“ جو
بنياد اُن ٿوري پونجيءَ مان نئين سري سان ڪيئن ٿي
پئجي سگهيو؟ ”ڪل پاڪستان انجمن ترقي اردو“ ته وڏي
ڳالهه ٿي، پر اُن مختصر پونجيءَ مان ته ڪنهن
ننڍڙيءَ محفل جو اهتمام به نه پي ٿي سگهيو. حقيقت
۾ اهي ٽي سؤ رپيا ته مولانا جي ڪنهن چڱي دعوت لاءِ
به ڪافي نه هئا.
هاشمي صاحب هميشه اهو فرمائيندو هو ته مولوي صاحب
ته وڏو خوش قسمت ۽ بلند بخت ثابت ٿيو آهي. بلڪه
کيس اِهو گمان به يقين جي حد تائين ٿي چڪو هو ته
مولوي صاحب جيڪڏهن قطب ۽ ابدال نه آهي ته ولي ته
پڪ آهي. خدا کي خبر ته سندس وليءَ وارو قول ڪيتري
قدر صحيح ثابت ٿيو، البت سندس خوش بختيءَ ۽ خوش
قسمتيءَ جا حيرت انگيز ڏيک ته ڪنهن حد تائين آءٌ
پاڻ به اکين سان ڏسي چڪو هئس. هميشه سُٺو کائيندو،
سٺو پيئندو، سٺو پهريندو ۽ سٺو رهندو هو. جڏهن به
کيس ڏٺم ته سٺو ئي ڏٺم. اهڙيءَ طرح هِتي به سندس
خوش قسمتي ۽ خوش بختيءَ ۾ واڌارو اچڻ لڳو. اوچتو
هِتي به ’هذا من فضل ربي‘ جي هوا گُهلڻ لڳي. کيس
ڀريل تريل ’شاردا مندر‘ ملي ويو. هي گجراتي هندن
جو اُهو باوقار تعليمي ادارو هو، جيڪو پنهنجي
اعليٰ ترين تعليمي روايتن جي لحاظ کان ”مندر“ جو
روپ اختيار ڪري چڪو هو. تلڪ مهراج جڏهن به ايندو
هو، تڏهن اِتي ئي قيام ڪندو هو. مهاتما گانڌي جڏهن
به ڪراچيءَ آيو تڏهن اِتي ئي ترسيو. سردار پٽيل به
ڪانگريسين جا جهيڙا نبيرڻ جڏهن به آيو، تڏهن اِتي
ئي رهيو. هڪ دفعي اسان اِنهيءَ ’شاردا مندر‘ جي
مٿينءَ منزل جي ڪمري ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي
امامت ۾ نماز ادا ڪئي هئي. حد ته اها آهي ته شاردا
مندر ۾ جيڪي وڻ لڳل هئا، تن مان چوٿون حصو به هاڻي
باقي ناهن بچيا. اُنهن جي گهاٽي ڇانو ۾ لوهه جون
بينچون پيون هونديون هيون. اُهي وڻ هندستان جي
ڪنهن نه ڪنهن وڏي ليڊر جا لڳايل هئا. بال گنگا ڌر
تلڪ مهراج، سي.آر.داس، مهاتما گانڌي، موتي لال
نهرو، جواهر لال نهرو، لالا لجپت راءِ، ولڀ ڀائي
پٽيل، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر انصاري، مولانا محمد
علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، بادشاهه خان ۽ غالباً
سڀ کان آخري وڻ سڀاش چندر بوس پوکيو هو. ڪنهن ڪنهن
جا نالا ڳڻايان؟ مطلب ته ڪوبه رهنما اهڙو نه هو،
جنهن ”شاردا مندر“ ۾ ٻوٽو نه پوکيو هجي.
* * * *
مولانا جي هِت پاڪستان اچڻ جي حوالي سان، مون مندر
جي ويجهو هڪ وڏو گجراتي اسڪول ”انجمن“ جي لاءِ ذهن
۾ رکيو هو، پر جڏهن حڪيم محمد احسن، جو اُن وقت
ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر هو، سان ڳالهه ٻولهه ٿي،
ته اُهو مون ۽ مولوي صاحب کي سڌو ”شاردا مندر“ وٺي
آيو. عمارت ۽ اُن جو شان مان ڏسي پهرينءَ نظر ۾ ئي
مولوي صاحب هڪو ٻڪو ٿي ويو! موصوف هر چڱي چيز کي
خوب پسند ڪندو هو ۽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ملڪيت
ڪنهن جي به هجي، اُن سان مولانا جو سروڪار ڪونه
هوندو هو. شاردا مندر کي ڏسي مولانا جو وات پاڻيءَ
سان ڀرجي ويو!
مولانا جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن کان ڪم
وٺڻ مقصود هوندو هئس، تڏهن اول اُن ڪم جي نه ٿيڻ
جا سبب وڏي شَد مَد سان بيان ڪندو هو. پر بيان
اهڙيءَ ترڪيب سان ڪندو هو، جو جنهن کي ڪم سپرد
ڪندو هو، سو سندس ڳالهه ٻڌي ڪم پوري ڪرڻ جي شرط
لڳائڻ تي آماده ٿي ويندو هو ۽ طيش ۾ اچي سر ڌڙ جي
بازي لڳائڻ جو به قسم کڻي وِهندو هو. اِهو هڪ
نفسياتي حربو هو، جو مولانا وڏي چابڪدستيءَ سان
ليڪن بظاهر وڏي معصوميت جي انداز ۾ هر اهم موقعي
تي استعمال ڪرڻ فرمائيندو هو. ان مرحلي تي اُن جي
استعمال جو سچ پچ هڪ نادر موقعو نڪري آيو هو...
”انجمن“ جي لاءِ ايڏي شاندار عمارت! ڏاڍو اهم ۽
نازڪ موقعو هو!
مولانا پنهنجيءَ پر ۾ ڏاڍو مطمئن، پير الاهي بخش
جي بنگلي ۾ وقت گذاري رهيو هو يا وري سير و تفريح
مان لطف اندوز ٿي رهيو هو. گهڻو ڪري سندس صبح
”گانڌي گارڊن“ ۾ ۽ شام ”هوا بندر“ ڪلفٽن تي گذرندي
هئي. هوڏانهن حڪيم احسن هو، جنهن جي خودي انهيءَ
امتحان ۾ اڙجي وئي: مطب بند، بيمار دربدر ۽ هي خود
الاٽمينٽ جي چڪرن ۾ سرگردان... آخر هڪ سڀاڳي ڏينهن
جڏهن حڪيم صاحب الاٽمينٽ جا ڪاغذ هٿ ۾ کڻي پهتو،
تڏهن مولوي صاحب رڳو ايترو چيو ته:
”واهه ڀَئي واهه!
حڪيم صاحب! اهو اوهان جو ئي حصو آهي!
اسان ته چيو پي ته اوهان کان سواءِ هي ڪم ٿيڻ جو
ئي ناهي.
جيڪو ڪجهه به هو، اوهان جوئي معجزو آهي!
هاشم رضا به ڇا ڪري سگهي ها؟
واهه ڀَئي واهه!
اهو اوهان جو ئي ڪمال آهي!
واهه ڀَئي واهه!“
۽ آخر ۾ فرمائيندو هو ته، ”خدا اوهان کي خوش رکي.“
سچي ڳالهه اِها آهي ته اِهو فقرو سندس اندر مان
نڪرندو هو. اِها هن جي وڏي مهرباني هوندي هئي.
جيڪڏهن ائين به نه چوي ته ڇا هو؟ ”ڀلا اسان اٻوجهه
’سنڌي ماڻهو’، سو ”بابائـﻶ
اردو“ جي ايتري ئي شاباس اسان سڀني کي باغ و بهار
ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي هئي.
”انجمن“ جي هيٺينءَ منزل تي وڏي ڏاکڻي ڪمري ۾ ڪيفي
صاحب جو قيام ٿيو ۽ هاشمي صاحب ڪيفي صاحب جي
ڀرواري ڪمري ۾ رهڻ لڳو، جتي اُن وقت ڪتبخاني جا
شهيد ٿيل ڪتاب رکي ٻئي بزرگ پنهنجي صورت اهڙي ٺاهي
وِهندا هئا، جو سچ پچ چئجي ’ڪاغذي هي پيرهن هر
پيڪر تصوير ڪا‘ يا وري جهڙيءَ طرح ڪنهن خسته
خانقاه جا متولي خلوص جا پتلا بنجي دروازي تي
ڏوڪڙن جي انتظار ۾ ويٺا هجن ۽ اهڙي نموني پيا
گهورين جو بظاهر ڪن وردن وظيفن ۾ مشغول هجن ۽ اصل
۾ سمورو وقت اوڪڙو ويٺا هوندا آهن.
مولانا شروع کان ئي مٿينءَ منزل جي وچئين طبقي ۾
رهندو هو ۽ کاڌو اُن ننڍڙي ڪمري ۾ واپرايو ويندو
هو، جتي پوءِ قاضي احمد ميان ”اختر“ جهوناڳڙهي اچي
دفتر ڄمايو ۽ هاڻي اُتي جليل احمد قدوائي کي ”آتي
هين غيب سـﻶ
يه مضامين خيال مين.“
کاڌي جي اُن ننڍڙي ڪمري ۾ پيل بيضوي ٽائيپ ميز تي
علم ۽ دانش جا ڪيترائي مشاهير کاڌو کائي چڪا هئا.
عبدالرحمٰن قريشي مرحوم، شعيب قريشي، مولوي محمد
امين زبيري مرحوم، عمر يافعي مرحوم، غرض ته ڪنهن
ڪنهن جا نالا ڳڻايان؟ مرحومين جي هڪ قافلي دنيا
مان ڪوچ ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پنهنجي حصي جو رزق ان
ئي ميز تان کنيو هو.
اُن ڪمري ۾ مولانا اُنهن شاهوڪار ماڻهن ۽ سيٺين کي
طرحين طرحين جا طعام نوش ڪرايا، جن ۾ هُو اهو مقصد
رکندو هو ته انهن وٽان ”انجمن“ لاءِ وڏي وصولي
ٿيندي! مون ڏٺو ته اهڙي قسم جو اهتمام هميشه اجايو
ئي ويو. ”نه راههِ خدا نه راههِ رسول.“ اهڙن ماڻهن
هميشه کاڌو ته ٻنهي هٿن سان ڍَءُ ڪري کاڌو ۽ خوب
اوڳرايون ڏنيون، پر جڏهن عطيي ڏيڻ جي نوبت آئي ته
مجال آهي جو سندن هٿ کيسي ڏانهن وڌي! آخر ۾ ڪاوڙ
واريءَ ڪيفيت ۾ اُنهن ماڻهن جي حق ۾، مولانا جي
منهن مبارڪ مان ”اردوئـﻶ
معليٰ“ جا گل پکڙجندي ڏٺا ويا!
هڪ دفعي هڪ وڏي گجراتي سيٺ کي قاضي صاحب پنهنجن
پراڻن لاڳاپن جي بنياد تي ريجهائيندو ”انجمن” ۾
وٺي آيو. اُن جي دعوت جو اهتمام ۽ تياريون شروع ٿي
ويون، محض اُنهن ڏوڪڙن لاءِ، جن جي حصول خاطر دل
سان دسترخوان وڇايو ويو. وڏيون وڏيون اسڪيمون
سوچيون ويون. قاضي صاحب هن وقت اُن سيٺ سان پنهنجن
پراڻن ۽ گهرن لاڳاپن، سندس دولت جي فراواني ۽
فراخدليءَ جا داستان ٻڌائيندي مولانا جي يقين کي
پختو ڪندو رهيو ۽ گڏوگڏ مالي گهرجن کي به وڌائيندو
رهيو. البت اهو مسئلو آخر تائين مولانا ۽ قاضي
صاحب جي وچ ۾ متنازعه رهيو ته آخر هن حضرت کان رقم
ڪيتري طلبي وڃي. ڳالهه اها هئي ته هوڏانهن دولت جي
فراواني هئي ۽ هيڏانهن ضرورتن جي ڀرمار! اهڙين
حالتن ۾ ڪنهن نتيجي تي ڪيئن پهچجي؟
بهرحال اُها ساعت به اچي پهتي. اسان کي ٻه ڪلاڪ اڳ
۾ گهرائي اِهو ويچاريو ويو ته دسترخوان تي ڪهڙيءَ
طرح ”انجمن“ جو الميو ڇيڙيو وڃي؟ حُسن طلب جا ڪهڙا
ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن؟ سلسلئه ڪلام جو ڪهڙو
حصو ڪير بيان ڪري؟ مطلب ته ”علم الڪلام“ جا سڀ ئي
گُر برزبان ياد ڪرايا ويا. آخر ۾ سڀ اِن ڳالهه تي
متفق ٿيا ته جيڪا به گفتگو ٿئي ۽ جنهن به نموني ۾
ٿئي، تنهن جون حدون خدا ۽ اُن جي رسول تائين رسائڻ
کپن. مجوزه ”مهمان خصوصي“ ميمڻ قوم جو فرد فريد ۽
چشم چراغ هو. رهي ”انجمن“ جي حالت زار، سو سندس
لاءِ سورة الم نشرح کان وٺي تفسير حقاني تائين
سڀني مذهبي ڪتابن جي ڇپائڻ جو ذڪر ڪري ’حسن طلب‘
جي تيرن جو وسڪارو هر طرف کان ڪيو وڃي.
هڪ طرف اسان اِها ’ريهرسل‘ ڪري رهيا هئاسون ته ٻئي
طرف، اُتان جو بورچي بشير مختلف قسمن جي طعامن جي
نوڪ پلڪ درست ڪري رهيو هو. اِن ٻه واٽي تان جڏهن
به سيّد بدرعالم پي آيو ويو، تڏهن انتظار ۾ سٺي
سليقي جي سلسلي ۾ مولوي صاحب جي گارين جو ڦوهارو
مٿس پي برسيو، ايسين تائين جو هُو غريب وڃي کاڌي
جي ڪمري ۾ پهچي ساهه کڻي. اها ٻي ڳالهه هئي ته هو
معمول موجب ڏندن هيٺان ڪي ڳجهيون مصراعون ضرور پيو
گنگنائي، جنهن جا تيور ته اسان سڀ سمجهي پي
سگهياسون، مگر روانيءَ جي تک ۽ تاءَ ۾ ”حسن بيان“
مان پوريءَ طرح لطف اندوز ٿيڻ محال هو.
مولانا شيرواني زيب تن فرمائي، اُهائي ترڪي ٽوپي
ٿورڙو ڏنگُ ڏئي مٿي تي رکي ۽ لڪڻ هٿ ۾ کڻي الله جو
نالو وٺي اٿي کڙو ٿيو. اسان جو سڄو قافلو سندس
پويان پي هليو. هڪ وڏي موٽر در تي اچي بيٺي. هڪ
ڊگهو جوان هٿ ۾ ”فائيو فائيو“ جو دٻو کڻي وڏي شان
سان لٿو. قاضي صاحب نهايت ئي بي تڪلف ۽ فاتحانه
انداز سان کانئس پوءِ ڪار مان ٻاهر نڪتو.
مولانا ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين مهمان محترم جو
غور سان جائزو ورتو. ڪا صورت حال ڪانه سُجهي.
پنهنجي عادت موجب ڏندن ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين، پر
مون نه ٻڌو. هاشمي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٿورو
ٽهڪ ڏنو ته سندس ٻٽيهي ظاهر ٿي پئي ۽ سندس اکين جا
تارا ٽمڪڻ لڳا. هن جي منهن ۾ پيل گهنج ڏاڍا سهڻا
ٿي لڳا. مولانا ظاهري طور تي وڏي خلوص ۽ اخلاق سان
اڳتي وڌي، مهمان جو استقبال ڪيو ۽ اسان سڀ ئي به
واري واري سان هڪ ٻئي کان وڌيڪ گرمجوشي ڏيکاري
ساڻس هٿ ملايا. هُو اڳيان، مولانا پٺيان ۽ اسان سڀ
ئي مولانا جي پويان آهستي آهستي ڏاڪڻ ڏانهن
وڌياسين.
ڪيترا ڏينهن ان انتظار ۾ گذري ويا، پر مقصد برثواب
ٿيندي نظر ڪونه ٿي آيو! آَخر هڪ وقت کان پوءِ اهو
موضوع فقط قاضي صاحب کي ڇيڙڻ تائين محدود رهجي
ويو. مولانا طرحين طرحين جا مزا وٺي قاضي صاحب کي
ڇيڙيندو ٿي رهيو. اسان سڀني ۽ قاضي صاحب به مزو
ورتو. اول ته هو ڪجهه شرمائيندو رهيو، پر پوءِ
مولانا جي جملي بازي مان پاڻ به خوب لطف حاصل
ڪيائين.
جيسين تائين آس دل ۾ قائم رهي، تيسين تائين مولانا
جڏهن به ڪلفٽن ويندي، اُن سيٺ جي شاندار ڪوٺيءَ جي
سامهون لنگهندو هو، تڏهن اُن جي آل ۽ اقبال جي
دائمي بقا ۽ قيام لاءِ سَو سَو دعائون گهرندو
لنگهندو هو. پر جڏهن آس چيهاڙيون ٿي وئي ته پوءِ
اُتان لنگهڻ وقت مولانا پنهنجي مخصوص انداز ۾ منهن
ڦيري، خاص تشبيهن ۽ محاورن جي استعمال ڪرڻ ۾ مرحوم
عبدالرحمان صديقيءَ کي به گهڻو پوئتي ڇڏي ويندو
هو!
ان دل لڳيءَ جو سلسلو ڪو وقت هلندو رهيو. هڪ دفعو
وري اهڙي هڪ دعوت جو پروگرام ٺهيو ۽ مولانا جا
لطيفا ائين موزون ٿيا، جيئن مينهن جي مهل جهرڻن
مان پاڻيءَ جون لارون وهن.
* * * *
منهنجون صُبحون ۽ شامون گهڻو ڪري ”انجمن“ ۾ پي
گذريون. رات جو ماني به گهڻو ڪري اُتي ئي کائي گهر
موٽندو هئس. اُن وقت منهنجي رهائش پلازا ڪوارٽرس ۾
هوندي هئي. کيمچند بلڊنگ جا مٿيان ٻه فليٽ مون وٽ
هئا، جن مان هڪ ۾ هاڻي ماهرالقادري رهي ٿو. شام جو
چانهه پي اسان سڀ وچينءَ منزل جي ڪوٺي تي ايندا
هئاسون، جتي رات جي مانيءَ تائين محفل متل رهندي
هئي. مولانا، ڪيفي صاحب، هاشمي صاحب، مولوي زبيري
صاحب، پوءِ شعيب قريشي ۽ بعد ۾ عبدالرحمان صديقي.
پاڪستان نئون نئون ٺهيو هو. نوان نوان ماڻهو ايندا
ٿي رهيا. پنهنجي روايتي وضعداري کي اڃا ڪنهن به
خيرباد ڪونه چيو هو ۽ دوستيءَ جو انگ نباهڻ، پراڻن
قدرن موجب راهه رسم کي هٿان نه ڇڏڻ بهرحال باقي
هو. لهذا، لکيل پڙهيل جيڪو پنهنجو ڏيهه ڇڏي هتي ٿي
پهتو، اُهو هن چوياريءَ ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو.
چودري خليق الزمان سان ته مولانا جي هونئن ئي وڏي
ياري هئي. اُهو به جڏهن اوچتو لکنوءَ کان ڪراچيءَ
اچي راتورات پهتو هو، تڏهن مهيني اڌ ۾ هڪ اڌ ڦيرو
اسان وٽ ضرور ڪندو هو. اهڙيءَ طرح اردوءَ جا سڀ ئي
مصنف، شاعر ۽ سامعين، جن جا اسان سنڌي ماڻهن رڳو
نالا ٻُڌا هئا، اُهي هن چوياريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
علمي صحبت مان لطف اندوز ٿيندي ڏٺا ويا.
* * * *
بس اِنهن ٻن ٽن فردن تي ٻڌل هڪ بستي هئي ۽ اِنهن
سان ئي اُن وقت جي ”ڪل پاڪستان انجمن ترقي اردو“
عبارت هئي. هونئن ته اِهي صاحب پاڻ ۾ رڳو ٽي يا
چار فرد هئا، پر حقيقت ۾ اهي پوري دنيا تي ڳرا
هئا. اِنهن پنهنجي سر هڪ الڳ دنيا ٺاهي ورتي هئي.
سندن دنيا الڳ، جهان جدا، عالم انفرادي، مطلب ته
سڀ کان جدا سڀ کان نرالا ۽ سڀ کان دلچسپ ۽ دلڪش.
ڪنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سچ ته اهو آهي ته هنن
اکين اُنهيءَ دور ۾ جيڪي پرخلوص علمي محفلون ڏٺيون
۽ اُنهن ۾ جيڪي دلچسپ ادبي قصا ۽ داستان ٻڌا، سي
وري ڪڏهن ڪونه سُئا. اکين وري ڪڏهن اُهي منفرد
منظر ڪونه ڏٺا! هاڻي وري ڪير ڪٿي ٻڌي سگهندو. اُهو
هند ۽ پاڪ جي تهذيب، پراڻي علمي روايت ۽ تمدن جو
هڪ مثالي نمونو هو. اُهو اجهاڻل ڏيئي جي دونهون
هو. هاڻي ته عرصو ٿيو جو اُها بستي به اُجڙي وئي
آهي.
باورنمي شود کہ گهـﻶ
آن دلِ خراب،
معموره بوده است، کہ ويرانہ کرده اند.
* * * *
ڪيفي صاحب سان منهنجي بي تڪلفي انهيءَ زماني ۾
وڌي. مون کيس گهڻو ويجهو انهيءَ ڪمري ۾ ٿيندڙ
محلفن ۾ ڏٺو. دهليءَ ۾ هُو مون کي اصل ڪونه وڻيو
هو، پر هِتي اهڙو وڻيو ڇا، بلڪ اهڙو لڳو، جو اڳي
کان به وڌيڪ! انسان جي حيثيت سان به نهايت مٿاهين
مقام تي محسوس ٿيو. جيتوڻيڪ هاشمي صاحب مون سان
اِن مسئلي تي اتفاق ڪونه ڪندو هو، پر ڇا ڪجي، هر
ڪنهن جي پسند جي پنهنجي ڳالهه آهي. حسن ۽ عشق تي
نه اڳ ڪنهن جو وَسُ هليو آهي نه هاڻي ئي هلي سگهي
ٿو.
ڪيفي صاحب تي اِها حقيقت هِتي اچي عيان ٿي ته
مولوي صاحب شروع کان ئي اسان کي سنڌ جو رئيس ۽
جاگيردار سمجهي، خاص مصلحتن تحت مهمان طور رکيو
هو، پر اسان ٻئي ڀائر نه سرمائيدار هئاسون، نه
جاگيردار. البت اخلاص ۽ وفا شعاري جي دولت اسان وٽ
اُنهيءَ حد تائين هئي، جو خدا نه ڀُلائي، ته مولوي
صاحب کان به اِن معاملي ۾ اسان جو پلؤ وزن ۾ ڀاري
هو.
ها!.... ته ”انجمن“ جُڙي وئي هئي: ”آل پاڪستان
انجمن ترقيءَ اردو“. ڇاڪاڻ جو جاءِ موجود هئي.
تمام وڏي جاءِ، پر ٽن جاين تي مشتمل ڪيترين ماڙين
واري ۽ اڻ ڳڻين ڪمرن واري. گهاٽا وڻ وڏي ڇانو
ڪندڙ، ٻاهر وهڻ لاءِ سَوَ بينچون ۽ اندر ڪمرن ۾
ڪتب ايندڙ هر طرف فرنيچر، ڪرسيون، ميزون، ڪؤنچ،
الماريون، کٽون، ٽجوڙيون. ايسين تائين جو اِستنجي
لاءِ ناريل جا ٺهيل سُهڻا بَدنا وغيره به موجود.
انهيءَ گهڻي سازوسامان واري گهر ۾ اسين ايڏي
اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان رهي، اُنهن جو استعمال
ڪندا هئاسين، ڄڻ اهو سمورو سامان اسان پنهنجي رت
پونءَ جي پگهر ۽ حلال جي ڪمائيءَ مان شرعي حق پورا
ڪري خريد ڪيو هو! هوڏانهن ٻاهر نظر ڪريو ته چؤطرف
گل ئي گل... وڏين ڪونڊين ۾ موسمي ۽ مستقل گل
ٻوٽا.... ڏيهي توڙي پرڏيهي، اهڙا رنگا رنگي جو
سندن سونهن سان سموري عمارت رنگ محل پئي لڳندي
هئي.
اهو ته سڀ ڪجهه هو، پر انهيءَ کان علاوه لڏي ويل
گجراتي استاد ميزن تي مس ڪپڙيون، قلم ۽ تصنيف توڙي
تاليف لاءِ ڪاغذ به ڇڏي ويا هئا. بس، جي ڪا ڪمي
هئي ته رڳو ”پيسي“ جي هئي! مولانا هر وقت مختلف
اسڪيمون پيو سوچيندو هو ۽ پيسن پيدا ڪرڻ جي دائن ۽
پيچن ۾ پيو پاڻ کي مصروف رکندو هو. هاشمي صاحب به
هِتي هُتي وٺ پڪڙ ۾ پيو پنهنجو وقت ڪڍندو هو. وقت
گهڻو تڻو سنگت سان ئي گذرندو هو. دهلي ۽ اُن جي
آسپاس توڙي حيدرآباد دکن کان آيل شڪلين جو هڪ
سلسلو برابر ۽ سراسر جاري هو.
دهليءَ جو هڪ مرزا صاحب به هوندو هو، ڏاڍو کلمک،
مگر گهڻ ڳالهائو. بيگماتي ٻولي پيو ٻوليندو هو. هر
ڳالهه ”نوج“ کان شروع ڪري ”اوئي“ تي ختم ڪندو هو.
اٽڪل روءِ روزانه پَهرن جو چڪر ته لڳندو هو. ظاهر
۾ ته ڪو ڪم هوئي ڪونه ۽ اڃا ترڪ ڪيل جائداد جي
سلسلي ۾ ”فضل ربي“ جي هوا به ڪانه ٿي گُهلي، ان
ڪري سڀني کي في الحال فراغت ۽ فرحت ئي هئي.
* * * *
ها، ته ڳالهه نڪتي هئي وقت گذارڻ جي. هِتي ڪيفي
صاحب جي لاءِ وقت گذارڻ هڪ مسئلو ٿي پيو هو. مولوي
صاحب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان هن جي دوستي هئي
ڪانه. عام ملاقاتين کان هو سخت گهٻرائيندو هو.
سندس مسلڪ هو ته:
باعاشقان نشين و همہ عاشقي گزين،
باهر کہ نيست عاشق، کم گوئي کم نشين.
اجائي گپ شپ ڪرڻ ته ڪڏهن به هُن کي آئي ڪانه ۽
اجايو وقت وڃائڻ ته هن جي مذهب ۾ ڪفر کان به هزار
ڀيرا وڌيڪ حرام هو. دراصل هو هو ئي ”ڪتابي ڪيڙو“.
مولوي صاحب کان سواءِ جي هن جي گاڏي هلندي هئي ته
فقط ”ڪتابن“ سان.
حرام دارم با ديگران سخن گفتن،
کجا حديث تو آيد، سخن دراز کنم.
بس ڪتاب هن جي هٿ آيو ته اوسي پاسي ۾ به نظر نه
ايندو. وڃي الڳ ٿيندو. سو هتي ڀلا ڪتاب اچن ڪٿان؟
جيڪڏهن ڪجهه هئا ته به اُهي مون وٽ. مگر مان مولوي
صاحب جي هٿان مار کاڌل هئس. ديوان قلي قطب شاه
اڌارو ورتائين ته وساري به ڇڏيائين! رسالي ”اردو“
جا چند فائيل گهرايائين ته اُهي سندس ويسر جي
واديءَ جي ور چڙهي ويا! جڏهن ذڪر نڪرندو هو تڏهن
اهڙو ڀالو ڀولو ٿي ويندو هو ڄڻ هُن ويچاري وٺڻ ته
ڪجا، اُنهن ڪتابن جا نالا ئي نه ٻُڌا هئا. اهڙي
عالم ۾ ڀلا انجمن جي احاطي ۾ ڪيفي صاحب کي ڪير
ڪتاب آڻي ڏيندو. ٻنهي ڌرين گهڻو ئي ضبط کان ڪم
ورتو. ليڪن بي وسي ۽ بيحاليءَ جي ان مسلسل عالم کي
اکين سان ڏسي آخرڪار مون کي ئي هار مڃڻي پئي. مون
فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي، ڪيفي صاحب کي ڪتاب
ڏيڻا ئي پوندا.
سچ پچ اُهي ماڻهو ڏاڍا عجيب ماڻهو هئا! سڄو ساز
سامان لُٽائي ويٺا هئا. گهر ويو، تڙ ويو، وطن ويو،
وطن واسي ويا. صدين جا ڄميل گهراڻا لُٽجي ويا.
سڀ ڪجهه ويو، مگر غم ڪنهن به چيز جو ڪونه. جيڪڏهن
کين ڪو غم هو ۽ صدمو رسيو به هو ته کين پنهنجن
ڪتابن جو ۽ ڪتبخانن جو. جي سندن دل تي ڪو ٻوجهه
طاري ٿيو هوندو، ته اُهو ته ڪتابن جي ذڪر سان.
اهڙيءَ طرح جي سندن اکين ۾ لڙڪ لڙيا هوندا ته اُهي
انهيءَ مهل ڳڙيا هوندا، جنهن مهل قديم مخطوطن،
ناياب نسخن ۽
مسودن جي ياد کين ستايو هوندو!
نازم باهلِ عشق کہ برقيس غيرت است،
رشک بِملک و جاه فريدون، نکرده کس.
* * * *
ڪيفي صاحب جيڪو به ڪتاب چاهيندو هو، مان وٽس
پهچائيندو هئس. مگر هڪ شرط ساڻس لاڳو ڪيو هئم ته
پاڻ جڏهن ڪتاب واپس ڪندو تڏهن اُن تي ڪجهه نه ڪجهه
لکندو ضرور. گويا اِهو منهنجي لاءِ هڪ تبرڪ هو.
مهينن جا مهينا وٽس ڪتاب پيا هوندا هئا. اندر ڪمري
۾ ويهي هُو هر وقت ڪجهه نه ڪجهه پيو لکندو هو. گهٽ
۾ گهٽ مان اِهو سمجهي نه سگهيس ته اُن جي نوعيت
ڪهڙي هئي، ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ دوران هن جي ڪائي چيز
ڇپجي آڏو نه اچي سگهي هئي.
ورهاڱي کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ خانم محموده رضويه
پنهنجي اردو دوستي ۽ اردو تاليفات جي بنياد تي
ادبي حلقن ۾ گهڻي مشهور هئي. مولوي صاحب وٽ به
ايندي رهندي هئي. جڏهن ڪيفي صاحب آيو تڏهن ته هُن
جو اچڻ وڃڻ اڃا به وڌي ويو ۽ جڏهن ايندي هئي، تڏهن
ڪيفي صاحب لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور کنيو ايندي هئي.
ڪڏهن آچار، ڪڏهن چٽڻي، ڪڏهن پاوا ته ڪڏهن ڪا چَهري
چيز. اِهي نعمتون ڪيفي صاحب اڪثر اڪيلائيءَ ۾
تناول فرمائيندو هو. جڏهن رات جي مانيءَ تي سڀ
گڏجي وِهندا هئاسين ته اڪيلائيءَ ۾ کاڌل، اُنهن
شين جي بدهاضمي جي موضوع تي مولوي صاحب ۽ ڪيفي
صاحب جي وچ ۾ چڱي ڏي وٺ ٿيندي هئي. مگر ڪيفي صاحب
جيسين تائين اُتي رهيو، تيسين تائين اُنهن مزن وٺڻ
کان ڪونه مُڙيو، حالانڪ پنهنجي منهن ڀوڳيندو به
گهڻو ئي هو.
مولوي صاحب جا پُربهار مذاق، محموده رضويه جون
چهريون چيزون ۽ منهنجا ڪتاب ڪيفي صاحب جي تيسين
تائين دل بهلائيندا رهيا، جيسين تائين هو ڪراچيءَ
۾ قيام پذير هو. اِنهن ڳالهين کي هاڻي زمانا گذري
ويا. ارڙهن سال ڪو معمولي مدو ڪونهي. اهي گهڻيون
يادون ته هاڻي ذهن مان به نڪري چڪيون آهن. هاڻي
جڏهن پنهنجو ڪتبخانو صاف ڪري رهيو آهيان، تڏهن
پنهنجن ڪتابن مان اُهي ڪتاب نڪرن ٿا، جن تي ڪيفي
صاحب جا نوٽ لکيل آهن. ڪجهه ڪتاب ته اهڙا آهن، جن
کي ڏسي دل ڦِسي پئي آهي. اُهي وسريل ڳالهيون وري
دل تي تري آيون آهن ۽ مان بي چين ٿي ويو آهيان.
اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي حقيقتن جي روپ ۾ گذريون آهن،
اڄ افسانا لڳي رهيون آهن. هاڻي نه مولانا رهيو، نه
ڪيفي صاحب، عبدالرحمان صديقي الله کي پيارو ٿي
ويو، شعيب مرحوم به هليو ويو، مولوي زبيري ويو،
خانبهادر رضا حسين به جدا ٿي ويو ۽ قاضي احمد ميان
اختر جهونا ڳڙهي به وڃي جنت نشين ٿيو. نه معلوم
ڪيتريون صورتون اکين کان اوجهل ٿي ويون. هاڻي وڃي
هڪ هاشمي صاحب بچيو آهي، سو به ايڏو ڏور جو ساڻس
ميل ملاقات به مقدر جو معاملو ٿي پيو آهي(1)
اُن محفل کي هاڻي هڪ خواب ۽ خيال ئي سمجهڻ کپي.
خزان رسيّد گلستان بہ آن جمال نماند،
سماع بلبلِ شوريده رفت و حال نماند،
نشان لالہء اين باغ، از کہ ميپرسي؟
بروکہ آنچہ تو ديدي، بجز خيال نماند.
دل چوي ٿي ته ڪيفي صاحب منهنجن ڪتابن تي جيڪي نوٽ
لکيا آهن، اُهي سڀ هتي نقل ڪيان، جي بطور تبرڪ ۽
علمي يادگار جي لحاظ کان قائم رهن. ڇاڪاڻ ته پاڻ
اِهي عبارتون رڳو لکڻ لاءِ ئي نه لکيائين، پر
اُنهن مان گهڻيون ڪم جون ۽ ڪارآمد چيزون بيان ڪري
ويو آهي. مثلاً:
(1) ڪليات مير،
طبع نول ڪشور (1941ع) بمقدمہء عبدالباري آسي
مرحوم، تي لکي ٿو ته:
”آسي صاحب جي ڪوششن جي باوجود به غلطيون رهجي ويون
آهن، جن جو ذڪر مان ’هماري زبان‘ ۾ ڪري چڪو آهيان.
مير اُنهن شاعرن مان هو، جن جو ڪليات به منتخب
ڪلام سان گڏ زنده رهڻ کپندو هو. ڪليات کي غور سان
پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته مرزا غالب جا اڪثر سٺا
غزل اُهي ئي آهن، جي مير جي ضِمن ۾ چيا ويا آهن.
’غالب‘ ضرور ’مير‘ کي آڏو آڻي غزل چيا هوندا. مير
جا بهترين نشتر اُهي آهن، جن ۾ عربي ۽ فارسي جا
الفاظ ڪٿي به نظر نه ٿا اچن. جي اچن به ٿا ته رڳو
نالي ڳڻائڻ ڪاڻ ۽ عام فهم. هڪ نشتر هي ٻُڌو:
تهمتے
تھمتے تھمیں گے آنسو
رونا ہے یہ، کچھ ہنسی نہیں ہے۔
ڪيڏو چڱو ٿئي ها جي مرتب صاحب، هر ديوان جي شروع ۾
غزلن جي هر هڪ مطلع جي پهرين مصرع اشاري جي طور تي
ڏئي ڇڏي ها.“ ڪيفي، 6-6-1948ع.
مون به اِهائي اِملا ضبط ڪئي آهي، جا مرحوم جي
اختيار ڪيل آهي. حالانڪ ڊيش ۽ فل اسٽاپ جي بجاءِ
ڪراس (X)
قائم رکيو آهي. اها عبارت تيرهن سٽن ۾ آهي.
اِهوئي ڪتاب پورا ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ، منهنجي
عزيز جناب جي.ايم.سيّد صاحب وٽ 10- آڪٽوبر 1958ع
کان 31- ڊسمبر 1959ع تائين ڪراچيءَ جي سينٽرل جيل
۾ هو. جڏهن پاڻ مارشل لا لڳڻ سبب جيل ۾ هو، ۽ آءٌ
دل جي عارضي سبب وطن کان هزارين ڪوهه ڏور فلپائين
۾ زير علاج هئس.
ڪيفي صاحب جي نوٽ پڙهڻ کان پوءِ، جيئن ئي ڪليات
کوليم، تيئن اتفاق سان هي غزل نڪتو آهي.
جو تجھ بن نہ جینے کو، کہتے تھے ہم
سو، اُس عہد کو اب، وفا کر چلے
وہ کیا چیز ہے آہ! جس کے لئے
ہر اک چیز سے دل اُٹھاکر چلے
بہت آرزو تھی گلی کی تری
سو، یاں سے لہو میں نہاکر چلے
پرستش کی یاں تک کہ اے بت تجھے!
نظر میں سبھوں کی، خطا کر چلے
نہ دیکھا غم دوستاں، شکر ہے
یہی داغ اپنا، دکھا کر چلے
دکھائی دیے یوں کہ بیخود کیا
ہمیں آپ سے بھی جدا کر چلے
مولوي صاحب جڏهن هندستان کي ترڪ وطن ڪيو، ته کيس
ڪيترائي ڏينهن من تي ملال رهندو هو. جڏهن به نجي
محفلن ۽ صحبتن ۾ اورنگ آباد، دهلي ۽ حيدرآباد دکن
جو نالو زبان تي ايندو هو، اُتان جي مينهوڳين جي
مُندن جو ذڪر نڪرندو هو، محفلن ۽ مجلسن جون
ڳالهيون کُلنديون ۽ دوستن ۽ احبابن جي ياد ايندي
هئي ته سندس اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو ۽ گمڀير
آواز ۾ هي شعر پڙهندو هو:
ہم نے جب وادیٔ غربت میں قدم رکھا تھا
دور تک یاد وطن آئی تھی سمجھانے کو۔
ڪي گهڙيون مولانا ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو هو! مون کي
سندس شعر تي هڪ ڏينهن هي فارسي شعر ياد اچي ويو!
جڏهن ٻڌايومانس تڏهن چڱو وقت گُم سُم ٿي ويو.
چو اسبابِ سفر، از بهر غربت، بار ميکردم،
غريبانه نگه بر آن در و ديوار ميکردم.
مولوي صاحب اهڙن جيءُ
جهوريندڙ موقعن تي ”مير“ جي غزل جو هي شعر پيو
پڙهندو هو:
بہت آرزو تھی گلے کی تری
سو، یاں سے لہو میں نہاکر چلے۔
اِها حقيقت هئي ته مولانا هندستان ۾ رهڻ ٿي گهريو،
پر حالتن کيس ٽِڪاءُ ڪرڻ ڪونه ڏنو.
(2) انتخاب ڪلام مير،
مطبوعہ انجمن ترقي اردو هند (1932ع) مرتب: مولانا
عبدالحق صاحب بي. اي. (عليگ) چوٿون ڇاپو. ڪيفي
صاحب لکي ٿو:
”ڏاڍو چڱو ٿيو، جو اهو انتخاب شايع ڪيو ويو. صفحي
86 تي هي شعر درج ٿيل آهي.“
اب کے جنوں میں فاصلہ شاید نہ کچھ رہے
دامن کے چاک اور گریباں کے چاک میں
خواجه حالي اِن
شعر جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ واقعي
جو ذڪر به ڪيو آهي.(2)
ڪجهه به هجي شعر ۾ ترميم جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
شروعات وارا ئي ٻه ٽي لفظ آهن، جن ۾ ترميم ڪرڻ
کپي. موجوده صورت ۾ ائين ٿو معلوم ٿئي ته عاشق جو
جنون مستقل ناهي. موسمي تپ وانگر ڪڏهن ٿيو ته ڪڏهن
سالن جا سال نه ٿيندو. جنون عشق ۾ هيٺ مٿاهين چئي
سگهجي ٿي ته ٿيندي رهندي آهي، پر اِها ڪنهن وقت به
قطعي ڇڏي نه ٿي وڃي. جيئن بهار جي مند ۾ جنون جوڀن
۾ لڳندو آهي. خير، پهرين مصرع هيئن هجي ته بهتر:
اس فصلِ گل میں فاصلہ شاید نہ کچھ رہے۔
(ڪيفي، 6-6-1948ع).
(اِهو
نوٽ اوڻيهن سٽن تي مشتمل آهي)
(3) ديوان اثر،
مرتب عبدالحق آنرري سيڪريٽري انجمن ترقي اردو
(1930ع)، مطبوعه مسلم يونيورسٽي پريس علي ڳڙهه
1349هه.
”اگرچه مير اثر
جو ادبي شاهڪار سندس مثنوي ’خواب و خيال‘ آهي. مگر
سندس غزل ۾ به جيڪا لوچ ۽ بيان ۾ وسعت ۽ سادگي
آهي، تنهن جي ڪهڙي تعريف ڪجي! ڪهڙيون نه پياريون
پياريون ۽ معصومانه ڳالهيون ٿو ڪري“ (ڪيفي،
6-6-1948ع).
(اها لکت ستن سٽن تي ٻڌل آهي)
ڪيفي صاحب درست فرمايو آهي ته واقعي سادي زبان ۾
غضبناڪ شعر چئي سگهجي ٿو.
یا خدا پاس، یا بتاں کے پاس
دل کبھی اپنے ہاں رہا ہی نہیں
(4)
ديوان درد
(سلسلہ آصفيہ نمبر 3) مطبع نظامي، دفعو ٻيو،
1932ع. انهيءَ تي هي ڇهه سِٽي راءِ رقم فرمائي
آهي:
”خواجہ مير درد اُنهن چند شاعرن مان هو، جي منهنجا
ممدوح آهن. مان مير درد کي سندس سڀني همعصرن تي
ترجيح ڏيندو آهيان. ڇا زبان ۽ اسلوب جي لحاظ کان ۽
ڇا نقطئه نظر
۽ آفاقيت جي لحاظ کان“
(ڪيفي 6-6-1948ع).
هي غضب جا ٻه شعر ڏسو، ڪيڏا نه سٺا آهن:
تو ہی نہ اگر ملا کرے گا
عاشق پھر جی کے کیا کرے گا
اپنی آنکھوں، اُسے، میں دیکھوں
ایسا بھی کبھو خدا کرے گا۔
(5)
انتخاب سودا،
از ثاقب ڪانپوري، مڪتبه جامعه دهلي، دفعو ٻيو،
1941ع. انهيءَ تي ڪيفي صاحب لکي ٿو:
”مان سودا
کي مير تي ترجيح ڏيندو آهيان. مير وٽ رڳو پنهنجو
پِٽڪو آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. سودا
وٽ ٻيو ڪجهه به آهي، هن جي خارجيت مير جي مزاج کان
پري هئي“ (ڪيفي، 6- 6- 1948ع).
ڪيفي صاحب پنجن سٽن ۾ اها راءِ لکي آهي. انهيءَ
انتخاب مان ٻه ٽي شعر پڙهندا هلون. سودا فرمائي
ٿو:
دیکھئے آج کہ کس طرح سے گذرے ہم پر،
دن سے محشر کے تو، کل دست و گریباں تھی رات۔
* * * *
سودا سے شخص کے تئین، آزردہ کیجئے
اے خود پرست، حیف! نہیں تو وفا پرست
* * * *
سودا سے کا حال تونے نہ دیکھا کہ کیا ہوا؟
آئینہ لے کے آپ کو دیکھے ہے تو ہنوز!
* * * *
جو گذری مجھ پہ، مت اُس سے کہو ہوا سو ہوا
بلا کشانِ محبت یہ جو ہوا سو ہوا۔
(6)
ديوان حالي،
مطبع انوار احمدي، الہ آباد، تي لکي ٿو:
”ناشر چڱو ڪيو جو، مقدمہ
شعر و شاعريءَ کان ديوان کي جدا ڪري شايع ڪيو(3).
خواجه صاحب ديباچي ۾ لکيو آهي ته: ”اهڙيون نشانيون
موجود آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي
شاعريءَ جو ڏيئو تمام جلد ۽ هميشه لاءِ وسامڻ وارو
آهي.“ درست ثابت نه ٿيو. خواجه صاحب کي گذر ڪئي به
ٽيهه سال ٿيا آهن ۽ اِهي
لَفظَ
اڃا اڳ جا آهن، جيڪي نشانيون کيس نظر آيون
هونديون، اُهي اڃا ته نظر نه ٿيون اچن. شاعريءَ کي
حالي جتي ڇڏيو هو، اُها اُتان تمام گهڻي اڳتي وڌي
وئي آهي ۽ يقيناً اڃا به اڳتي وڌندي“ (ڪيفي،
6-6-1948ع).
حالي جي ديوان جو ذڪر نڪتو آهي ۽ ڪيفي صاحب جي
راءِ به آڏو آهي. هاڻي اُهي شعر به ڏسو جي مولانا
کي وڻندا هئا ۽ مون سندس زباني هر هر ٻڌا:
آگے بڑھے نہ قصۂ عشق بتان سے ہم
سب کچھ کہا، مگر نہ کھلے رازدان سے ہم
اب بھاگے ہیں سایئہ عشق بتاں سے ہم
کچھ دل سے ہیں ڈرے ہوئے، کچھ آسمان سے ہم۔
* * * *
ہے جستجو کہ خوب سے ہے خوب تر کہاں(4)
اب ٹھیرتی ہے دیکھئی جاکر نظر کہاں
یا رب، اس التفات کا انجام ہو بخیر
تھا اس کو ہم سے ربط، مگر اس قدر کہاں
ہم جس پہ مر رہے ہیں، وہ ہے بات ہی کچھ اور
عالم میں تجھ سے لاکھ سہی، تو مگر کہاں
ہوتی نہیں قبول دعا، ترک عشق کی
دل چاہتا نہ ہو، تو زباں میں اثر کہاں
حالی نشاط نغمۂ ومے ڈھونڈتے ہو اب؟
آئے ہو وقت صبح، رہے رات بھر کہاں۔
* * * *
کچھ ہنسی کھیل، سنبھلنا غم ہجراں میں نہیں
چاک دل(5)
میں ہے میری جو کہ گریباں میں نہیں
ٹھیرے ٹھیرے دل، یوں ہی ٹھہر جائے گا
بات جو آج ہے، وہ کل غم ہجراں میں نہیں
* * * *
کچھ پتا منزلِ مقصود کا پایا ہم نے
جب یہ جانا کہ ہمیں طاقتِ رفتار نہیں
بات جو دل میں چھپاتے نہیں بنتی حالی
سخت مشکل ہے کہ وہ قابلِ اظہار نہیں
* * * *
فصلِ خزاں کمیں میں ہے، صیاد گھات میں
مرغِ چمن کو فرصتِ سیر چمن کہاں
جی ڈھونڈتا ہے بزم طرب میں اُنہیں، مگر
وہ آئے انجمن میں تو پھر انجمن کہاں
روکا بہت کل آپ کو حالی نے واں، مگر
جاتا ہے محو شوق کا دیوانہ پن کہاں
* * * *
پوچھی گئی نہ بات کہیں، پاسِ وضع کی
اتنے ہی ہم سبک ہوئے، جتنی گراں رہی
دیر و حرم کو تیرے فسانوں سے بھردیا
اپنے رقیب آپ رہے، ہم جہاں رہے
دارا وجم کو تیرے گدائوں پہ رشک ہے
نرخِ متاعِ عشق، الہٰی گراں رہے
* * * *
کل مدعی کو آپ یہ کیا کیا گماں رہے
بات اس کی کاٹتے رہے، اور ہمزباں رہے
کل کی خبر غلط ہو تہ جھوٹے کا روسیاہ
تم مدعی کے گھر گئی اور میہماں رہے
حالی کے بعد کوئی نہ ہمدرد پھر ملا
کچھ راز تھے کہ دل میں ہمارے نہاں رہے؛
هي ٻه مشهور شعر به ان ئي غزل جا آهن:
يارانِ
تیز گام نے محمل کو جالیا
ہم محو نالہ جرس کارواں رہے
دریا کو اپنی موج کی طغنانیوں سے کام
کشتی کسی کی پار ہو یا درمیاں رہے
* * * *
سخت مشکل ہے شیوۂ تسلیم
ہم بھی آخر کو جی چرانے لگے
وقتِ رخصت تھا سخت حالی پر
ہم بھی بیٹھے تھے، جب وہ جانے لگے
* * * *
چارہ گر! کار باندازہ تدبیر نہیں
کیجیو ہمت اگر، وقت دعا یاد رہے
* * * *
عدم کی راہ کٹ جاتی کبھی کی
مگر یاد عزیزاں راہزن ہے
* * * *
کیوں بڑھاتے ہو اختلاط بہت
ہم کو طاقت نہیں جدائی کی۔
انهيءَ غزل ۾ ’حالي‘ پنهنجي اوائلي دوستن جي
انتقال جو ذڪر ڪندي مطلع ۾ چوي ٿو:
زندہ پھرنے کی ہے ہوس، حالی
انتہا ہے یہ بے حیائی کی
|