انٽرويوز
خصوصي ملاقات
[هي انٽرويو جناب عابد لغاري ”رهبر ڊائجسٽ“ سلسلي
جي ڪتاب نمبر 9، ”مورتي ۽ لڙڪ“ ۾ شايد 1967ع ۾
ڇاپيو. هي مواد آزاد قاضي صاحب فراهم ڪيو]
ايڊريس معلوم هجڻ جي باوجود به اسان کي
پير صاحب جي بنگلي ڳولڻ ۾ ڪافي دقت پيش آئي. آءٌ
ته واقعي ڪراچي جو ايترو واقف نه هئس پر منهنجي
ساٿي کي به بنگلو هٿ نه پيو اچي، جو پاڻ کي ڪراچي
جو رهاڪو سڏائيندو آهي. جڏهن ڪافي ٿڪجي پياسين
تڏهن منزل به اوچتو ئي اسان جي سامهون اچي وئي.
ائين پيو محسوس ٿئي ته قدرت رحم کائي اسان لاءِ
فاصلو گهٽائي ڇڏيو آهي. نوڪر کي سڃاڻپ جو ڪارڊ
ڏنم، هو اندر ويو ۽ ٿوري دير بعد واپس آيو، اسان
کي پاڻ سان وٺي اچي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. ڪمرو ڇا
هو، هڪ ڪتاب گهر هو، زمين کان ڇت تائين ڪتابن سان
ڀريل هو. صرف دريون دروازا ئي رهيل هئا. سرسري طور
تي معلوم ٿي ويو ته ڪافي کان زيادهه ناياب ڪتاب هت
موجود آهن. وري پير صاحب جو خيال آيم ته اهي سڀ
ڪتاب سندن ننڍڙي دماغ ۾ ڪيئن محفوظ هوندا. اڃا
سوچي ئي رهيو هئس ته اوچتو پاسي وارو در کليو ۽ هڪ
پورو پنو مگر بت ۾ ڀريل ماڻهو اسان جي سامهون اچي
بيٺو. اڇن وارن ۽ مهانڊي جي خد و خال مان سندن عمر
واقعي 50 سالن کان مٿي پي لڳي. مگر تندرست جان و
جسم ڪري جوان پي لڳو.
رسمي عليڪ سليڪ ۽ تعارف بعد مقصد تي آيس.
جڏهن پير صاحب منهنجي واتان انٽرويو جا لفظ ٻڌا
تڏهن سفيد چشمي مان ٻه سنهڙيون ۽ ننڍڙيون مگر
اونهيءَ نظر رکندڙ ۽ گهرو سوچيندڙ اکيون هاڻي
منهنجو جائزو وٺڻ لاءِ جهات جهات ڪري رهيون هيون.
راشدي صاحب ڇا اندازو لڳايو ان جي ته خبر خدا کي
مگر ٻئي ڏينهن ڏهين بجي صبح جو ٽائيم ڏنائون ته
پاڻ منهنجي هر آرزو پوري ڪندا. اٿندي هي شڪايت به
ڪرڻ کان نه رهيس، جا سڄي واٽ منهنجو ذهن چٽي رهي
هئي، ”آءٌ ضرور هي پڇندس ته اوهان کي مون هڪ سوال
نامو موڪليو هو مگر اوهان ان جو مون کي ڪو به جواب
نه ڏنو.“ جڏهن سبب معلوم ٿيم ته پنهنجي ئي پاڻي ۾
پنهنجو چهرو ڏسي رهيو هئس، جنهن تي ڪئين عيبن جا
نشان عيان هئا – ”سوال اردو تان ڪاپي ڪيا هئم“.
ڪافي ڪوشش جي باوجود راشدي صاحب منهنجي
گوڏي وٽ سلوار تي اهي رت جا نشان ڏسي ورتا، جي
سندن ئي ملاقات جي شوق ۾ ڪراچي جي ڊوڙندڙ زندگي جي
بس تي چڙهندي گوڏو زخمي ٿيو هئم. هاڻي آئون ڪجهه
شرم ۽ ڪجهه حجاب ۾ ڪنڌ نمائي ٻاهر نڪري آيس، جتي
معلوم ٿيم ته سعيد يونس به منهنجي پويان هلندو
منهنجي بيڪسي تي ڪجهه عجب ڪجهه رحم کائي پهچي ويو
آهي.
ٻئي ڏينهن اڪيلو هن بحر مان ماڻڪ چونڊڻ
لاءِ روانو ٿيس، مگر مليل ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ کن
ليٽ پهتس. راشدي صاحب جن به انهيءَ لاءِ باز پرس
نه ڪئي، شايد انهيءَ ڪري جو کين ٽائيم جي پوري خبر
نه پئجي سگهي يا جي.ايم.سيّد جن جي موجودگيءَ ۾
کين اهو احساس ئي نه رهيو هو. مقصد ٻنهي لاءِ واضح
هو. اجازت ملي ۽ مون اٿندي ئي هي سوال ڪيو ته-
”راشدي صاحب ! سنڌي ادب جي ترقي ۾ اها
ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ بنيل آهي جنهن ڪري ان جي رفتار
نهايت ئي سست آهي؟“
”رڪاوٽ؟ رڪاوٽ ته ڪا به نه آهي، ادب
پنهنجي پوري رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي. هڪ
ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي اصليت،
جاذبيت، رواني ۽ روح البت ختم ٿيندو پيو وڃي. ان
جو سبب زياده تر اخباري زبان آهي، جا سڌو سنئون
اردو تان ترجمو ڪئي وڃي ٿي. لفظ، محاورا ۽ چوڻيون
ڌاريون، بي جوڙ ۽ اڻ ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ استعمال ڪيون
وڃن ٿيون. حالانڪه اسان وٽ انهن کان به افضل موجود
آهن. اسان جا اديب ۽ شاعر پنهنجي مضمونن ۽ شعرن ۾
ٺيٺ سنڌي استعمال ڪن ٿا، مگر اخباري ٻوليءَ جو اثر
وڌندو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته اخبارون گهڻي انداز ۾
پڙهيون وڃن ٿيون. اها صورت حال ادب ۽ زبان لاءِ
گهاتڪ آهي ۽ انهيءَ ڪري سخت نقصان پهچي رهيو آهي.
زبان کي ايترو خراب ڪيو ٿو وڃي جو بعد ۾ ان جو
درست ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ڪاش اخبار نويس ڪاپي ڪرڻ
جي بجاءِ پنهنجي دماغي صلاحيتن کان ڪم وٺن. جيتري
تائين خبرن جو تعلق آهي اهي انگريزيءَ ۾ مهيا ٿين
ٿيون. پوءِ انهن کي سنڌي ۽ اردو اخبارن جي سانچي ۾
ڍالڻ سخت هاڃيڪار آهي. راشدي صاحب جي چشمي اندر ٻن
چشمن ۾ دورانديشي، پيشاني تي لهرن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ
ائين پيو ٿئي ته پاڻ هاڻي به ان منجهيل سُٽ کي
سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
”اڪثر ائين چيو وڃي ٿو ته اوهان پهريائين
اردو يا فارسي ۾ لکيو آهي، تنهن بعد ان کي سنڌي ۾
ترجمو ڪيو ٿو وڃي. اهو ڪيتري قدر صحيح آهي؟“
”اهو بلڪل غلط آهي لغاري صاحب، مون جيڪي
لکيو آهي سو سنڌيءَ ۾ ئي لکيو اٿم. ويهه ورهيه
اخبار نويسي سنڌيءَ ۾ ڪئي اٿم. هزارين اخباري
مضمون ۽ سوين مقالا سنڌي ۾ لکي چڪو آهيان. اگر ڪي
چند ڪتاب اردو ۾ لکيا يا فارسي ۾ مرتب ڪيا اٿم ته
انهيءَ ۾ به مقصديت شامل آهي. مقصد هو سنڌ ملڪ ۽
سنڌي ادب کي ٻين سان روشناس ڪرائڻ“.
”اوهان کي ڪهڙي شيءِ متاثر ڪيو جنهن ڪري
اوهان ٻين طرفن کان منهن موڙي هن ادبي سلسلي کي
اختيار ڪيو؟“
”ڪو به ڌنڌو ڪونه هو. جنهن ڪري سواءِ ان
جي ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيس.“ هن جواب تي ڪمري
۾ ڪجهه ٽهڪن جو آواز اڀريو. سڀ ئي زور زور سان کلي
رهيا هئاسين. آءُ سوچڻ لڳس ته نڪمي ماڻهو لاءِ اهو
به بهتر. جڏهن مون کان به ڪو ڌنڌو نه پنو تڏهن ئي
هن طرف رخ رکيو اٿم. ”ٻيو سڀ کان وڏو سبب علي محمد
شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جي صحبت ٿي جنهن انهيءَ طرف
مائل ڪيو“.
جي.ايم.سيد، راشدي صاحب جن کي ٽوڪ جي
انداز ۾ چيو ”ميرن لاءِ مشهور آهي ته جنهن به
ماڻهوءَ کي ڪو ڪم ڪندي ڏسندا هئا ته پاڻ به اهو
ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. سو اوهان سان به ساڳيو ئي
معاملو آهي.“
”اوهان جي تعليم، تعليمي ادارن ۾ ڪيتري
رهي؟“ مون وقت جو خيال ڪندي جلدي سوال ڪيو.
”بلڪل نه“ راشدي صاحب فخريه انداز ۾ چيو
۽، آءُ سوچڻ لڳس ته ڇا سندن اهو مقصد آهي ته اگر
تعليم اسڪولن ۾، پرائين ها ته خوام خواهه زندگيءَ
جو ٽيون حصو ضايع ٿي وڃي ها. وري چوڻ لڳا ”منهنجي
تعليم صرف مدرسن ۾ رهي، سا به ابتدائي. تنهن زماني
۾ تعليم لاءِ ٻه دستور هئا، هڪ ته نوڪرين لاءِ
تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ٻي زميندار يا مٿيون طبقو
فقط ديني (ٻي دستوري) تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن
ملان وٽ يا ڪنهن مدرسي ۾ ڏياريندا هئا. مون کي به
اها ئي نصيب ٿي. باقي ڪجهه پنهنجي محنت ۽ مطالعي
مان پرايو اٿم.
مطالعي جو لفظ ٻڌي مون وري به هڪ دفعو
ڪمري ۾ غور سان مشاهدو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو سوچڻ تي
مجبور ٿيس ته اگر واقعي راشدي صاحب جن تعليمي
ادارن تي ڀاڙي ويهن ها ته پوءِ شايد ئي ايترو ڪجهه
پرائي سگهن ها جيترو هن وقت سرمايو موجود اٿن.
اوچتو هڪ عجيب سوال ذهن تي اُڀريو، پڇيم، ”اوهان
کي پنهنجن تصنيفن مان ڪهڙي پسند آهي ۽ ڇو؟“
آءٌ جڏهن به ڪا تاليف ختم ڪندو آهيان ته
ختم ڪرڻ بعد مون کي ان کان هڪ قسم جي دوري پيدا ٿي
ويندي آهي. ٻيو ته اهي منهنجا ڪتاب عام مطالعي جا
نه هوندا آهن. ضرورت پوندي اٿم ته لازماً کولي
ڏسندو آهيان. ڪتاب سڀ ئي گهڻو ڪري جواني جا لکيل
آهن.
هت هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هر سوال جي
جواب بعد جي.ايم.سيّد به پنهنجي خيال آرائي ڪئي ٿي
۽ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ته هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع
ٿي ٿي ويو ۽ مون به هڪ پياسي وانگر پورن ٻارنهن
طاقن سان متوجه ٿي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
مگر افسوس هي ننڍڙو ذهن ايترو برداشت ڪرڻ کان قاصر
ٿي رهيو. ان جو احساس ان وقت ٿي ٿيم جڏهن ٻاهر روڊ
تي ٽريفڪ جي زوزٽ سان منهنجو ذهن به گاڏين کي
پوئتي ڇڏيندو نامعلوم منزل ڏانهن ڊوڙندو ٿي ويو.
وري جڏهن اهو محسوس ٿي ڪيم ته آءُ هڪ ڪمري ۾ ٻن
مدبرن جي سامهون ويٺل آهيان، تڏهن ان نامعلوم منزل
تان هڪ بريڪ ۾ ذهن کي واپس اصلي حالت ۾ آندم ٿي.
هاڻي به جي.ايم.سيّد صاحب چئي رهيو هو:
”مرزا قليچ بيگ ۽ اوهان ۾ وڏو فرق آهي. هن
زياده تر ترجمو بلڪه هر قسم جي ڪتابن جو ترجمو ڪيو
آهي. مگر اوهان خاص طرح سنڌ تي لکيو آهي ۽ تاريخ
جا بنيادي ڪتاب ڇپايا اٿو. بهرحال شروعات ۽ پايو
قليچ بيگ ئي پيدا ڪيو...“ ”ترجمو ڪرڻ به ته ڪو
آسان ڪم نه آهي. سيّد صاحب“ راشدي صاحب مون ڏانهن
نهاريندي چيو. جي.ايم.سيّد جن کي وري مخاطب ٿيندي
چيائين:
”منهنجي لکيل تاريخن مان هڪ راهه ۽ هڪ
نظريو ملي ٿو، تنهن ڪري لکندڙن اڳيان رستو صاف ٿيو
پوي ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي نقطه
نگاهه سان لکڻ گهرجي سو سندن اڳيان واضح ڪيو ويو
آهي. هن وقت تائين سنڌ اندر جيڪي تاريخون لکيون
ويون آهن، تن ۾ ڪو نقطئه نگاهه ڪونه آهي. هر ڌارئي
کي، جنهن به اچي قبضو ڪيو آهي ان کي اسان جي
لکندڙن اکين تي رکيو آهي. در حقيقت تاريخ ۾ چور کي
چور ۽ ساڌ کي ساڌ ڪرڻ گهرجي. تاريخ تڏهن سمجهه ۾
ايندي جڏهن هر هڪ جي عملن ۽ رويه جي تڪ تور ٿيل
هوندي. مثلاً آءُ ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ تي قبضو
غاصبانه سمجهان ٿو. اسان جي مؤرخن انهن کي به
مسلمان سمجهي پنهنجي اکين تي رکيو آهي. حالانڪه
اهي کانئن زياده سچا مسلمان هئا جن جي هٿان هنن
سنڌ کسي.“
”راشدي صاحب - ادب ڇا آهي؟ ادب ۽ سياست جو
پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي؟ ڇا هڪ اديب سياست کي اپنائي
نه ٿو سگهي؟“ هاڻي آءُ راشدي صاحب کان هڪ اهم سوال
پڇي ويٺس. پاڻ ٿورو خاموش رهيا، ڪمري جو سرسري
جائزو ورتائون. ڇت ڏانهن نهاريائون. هاڻي آءُ اهو
محسوس ڪرڻ لڳس ته لئبريري جا سڀ ڪتاب سندن ذهن تي
ايندا ۽ ويندا رهن ٿا. هڪ هنڌ نظر ڄمائيندي
چيائون، شايد اتي ئي ڪو پيل ڪتاب سندن رهنمائي ڪرڻ
لڳو هو.
”هر اها شيءِ جا قلم مان نڪري ۽ دل و دماغ
کي پسند اچي ان کي ادب چئجي ٿو.“
هن جواب تي علامه آءِ. آءِ قاضي جي ادب
متعلق وضاحت منهنجي ذهن تي تري آئي. هن چيو هو:
”ادب معنيٰ آهي ريڙهيون پائڻ.“ ٻنهي جو پاڻ ۾
ڪيترو تعلق آهي في الحال ته راشدي صاحب جي سلسلئه
ڪلام اهو سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.
”تقريرون به ادب جو قسم آهن. سياست خود
ادب آهي. هڪ ماڻهو جو هڪ ئي وقت ٻنهي ٽنهي شين سان
وابسته رهڻ ئي مڪمل اديب هجڻ جو ثبوت آهي. جنهن
لاءِ اسان وٽ مولانا ظفر الله (ظفر علي خان؟)،
ڪاڪو ڄيٺمل پرسرام، عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر
چوئٿرام جن اديب ۽ ساڳئي وقت سياسي رهنما پڻ هئا.
اديب جو ڪم ئي آهي سياست جي رهنمائي ڪرڻ، ور نه
اهو اديب نه آهي جو سياست کان ڪناره ڪش رهڻ جي
ڪوشش ٿو ڪري.“ راشدي صاحب جي هن وضاحتي بيان ٻڌڻ
شرط منهنجي ذهن تي اهو گذريل مهيني جو ڪراچي ۾ ٿيل
مباحثي وارو نقشو تري آيو جنهن ۾ مباحثي جو اختتام
صدر صاحب جن هيٺـين لفظن سان ڪيو هو: ”اديب سياست
۾ بهرو نه وٺي.“ مون کي وري سوچڻ تي مجبور ڪري
ڇڏيو.
”انقلاب فرانس روسو ۽ والٽيئر آندو“
جي.ايم.سيد، راشدي صاحب جي مدد ڪندي چيو. منهنجي
ذهن تي انقلاب فرانس جي پوري تاريخ ترڻ لڳي. پير
صاحب جو بيان اڃا ختم نه ٿيو هو، چيائين:
” مولانا محمد علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي،
علي محمد شاهه (سندن وڏو ڀاءُ) جن پڻ اديب آهن. هن
دور جو عظيم سياستدان چرچل پڻ وڏي ۾ وڏو اديب هو.“
ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانهن نهاريندي شايد وري ڪو ٻيو
ڪتاب ذهن تي اچي ويو هئس. چيائون:
”اقبال کي ڪنهن چيو ته سياست ۾ اوهين
بيڪار رهيا آهيو. مگر اقبال جواب ڏنو. اگر ائين نه
هجي ها ته مان جيڪر پيغمبر هجان ها.“ سو اهو ڪڏهن
به ٿي نه ٿو سگهي ته اديب سياست کي پاسي تي رکي ڪا
ادب جي خدمت ڪري. اگر ائين ڪندو ته ادب ۾ هڪ وڏو
خال رهجي ويندو.“ هن پوئين جواب مون کي خود راشدي
صاحب تي سوچڻ جو موقعو ڏنو. ڇاڪاڻ ته پاڻ خود
سياست کان ڪناره ڪش رهيا آهن. مگر عين موقعي تي
منهنجي لاءِ گلاس ۾ ڪوڪا ڪولا کڄي آئي. هڪ هڪ سرڪ
ڀرڻ سان منهنجي ذهن مان سوڍا جي باٽل کلڻ سان جي
بوڙيا نڪرندا آهن تن وانگر خيالات به منتشر ٿيندا
ويا. ذهن خالي ٿيندو محسوس ڪيم. شايد راشدي صاحب
جن جو پڻ اهو مقصد هو ته جيئن زياده قيمتي وقت
ضايع ڪرڻ کان پرهيز ڪري، پر آءُ ته هي پهريون دفعو
هڪ انٽرويو وٺڻ لاءِ نڪتو هئس، تنهن ڪري ايترا ته
سوال جمع ڪري آيو هئس جو ڀانيان ته راشدي صاحب
پنهنجي پوري عمر جي ڊائري منهنجي آڏو بيان ڪري ۽
نتيجا ٻڌائي جيئن نئين نسل لاءِ اهي مشعل بنجي
سگهن. ڪوڪا ڪولا ختم ڪيم ۽ منتشر خيالن کي جمع ڪرڻ
لاءِ هڪ ننڍڙو سوال پڇيم.
”اوهان ڪا تصنيف ڪري رهيا آهيو يا نه؟“
”سنڌي ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان. مڪلي
نامو ڇپيو اٿم. حديقة الاوليا، پڻ هن سال جو آهي.
پنهنجي زندگيءَ جي تجربات تي هڪ ڪتاب لکيو اٿم جو
پڻ عنقريب پريس ۾ ڏيندس.“ خيالات موٽي پنهنجي ماڳ
تي پهچي چڪا هئا. هاڻي هڪ اهم سوال ڏانهن راشدي
صاحب جو توجهه ڇڪائيندي پڇيم.
”موجوده وقت ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪو انتشار آهي
ان جا اسباب ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن دور ڪري سگهجن
ٿا؟“
”ادب جا ٻه قسم آهن، هڪ ساقط ۽ جامد جيڪو
تفريحي آهي. ٻيو متحرڪ ۽ زندگي بخش جيڪو واقعات کي
بيان ڪري ٿو ۽ ماحول جي چڱاين ۽ براين کي آشڪار
ڪري ٿو.
1930ع
تائين زياده تر ادب فقط تفريحي آهي. ان جو ماحول ۽
عمل سان ڪو به تعلق نه هو. اهو ته فقط دماغي عياشي
هو. پر
1931ع
کان پوءِ جيڪو ادب پيش ٿيو آهي ان ۾ هڪ پيغام آهي،
ان ۾ مقصد به آهي ته منزل ڏانهن ڪشش پڻ، ۽ زنده
ادب اهو ئي رهندو آهي جو ماڻهن جي هر عمل و فعل ۽
مقصد سان واسطو رکندڙ هوندو ...“ اڃا پير صاحب جو
ڪلام پورو نه ٿيو هو ته جي.ايم.سيّد ۽ سندن وچ ۾
هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ويو ۽ آءُ فقط اهو
سوچيندو رهجي ويس ته اگر هر سوال تي هي حال رهيو
ته پوءِ عابد جو خدا حافظ. اڄ ئي حيدرآباد پنجين
بجي شام جو پهچڻو اٿم... اڃا سوچي ئي رهيو هئس ته
ٻئي فريق شايد دم پٽڻ لاءِ خاموش ٿيا ئي مس ته مون
ان مان فائدو وٺندي چيو:
”اڄ جي دور ۾ لاديني، فحش ۽ عريان ادب جا
رجحان وڌندا وڃن ٿا، جيڪي (اوهان جي چوڻ موجب)
تفريحي ادب جي دور ۾ نه هئا. اهي مقصد ۽ منزل
ڏانهن ڪيترو وٺي وڃي رهيا آهن؟“
راشدي صاحب ڪجهه وقت ته خاموش فقط
جي.ايم.سيّد کي تڪيندو رهيو، پوءِ مون ڏانهن حيرت
مان نهاريندي چيائين:
”لغاري صاحب ! خبر نه آهي ته توهان فحش ۽
عريان ادب ڇا کي ٿا چئو! ڊاڪٽريءَ ۾ ٻئي جنسون
مخالف جنسن جا آپريشن ڪن ٿيون. پريڪٽيڪل ڪن ٿيون،
انهن تي ڪنهن به قسم جي پائبندي ڪانهي. ٻئي طرف
اگر معاشري جي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي بي نقاب ڪجي ٿو
ته توهان ان کي عريان ۽ فحش سڏيو ٿا. ڇا اها حقيقت
نه هوندي آهي؟ حقيقت کي حقيقت ڪري لکڻ عريانيت ڪٿي
آهي؟“ ٿورو ترسي وري چيائون: ”صوفين مجاز ۽ محبت
جو دم ڀريو آهي، ڇا ان کي به فحاشت ۾ آندو ويندو؟
منهنجي خيال مطابق ادب ۾ ڪا به عريانت ۽ فحاشت نه
ٿيندي آهي“.
”انگاري ۽ منٽو تي انهيءَ ڪري ئي ڪيس
هلايا ويا هئا. مگر اڄ تائين انهن جي تصنيفن کي
معاشري مان خارج نه ڪيو ويو آهي.“ جي.ايم.سيّد
صاحب جن راشدي صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو:
”بلڪل اهڙيءَ طرح عربي ادب جا شهپارا ۽
فارسي ادب جا ڪلاسيڪل ڪتاب پڻ اهڙين شين کان خالي
نه آهن. ڪيترا اهڙا ڪتاب درس ۾ داخل رهيا آهن جيڪي
موجوده اصطلاح موجب فحاشت ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.“
راشدي صاحب چيو.
”آزاد نظم متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“
”مون کي ته بلڪل ناپسند آهي. آزاد نظم
نتيجو آهي ذهني افلاس ۽ دماغي سڃائيءَ جو. جڏهن به
نثر يا نظم تي پورو پورو قبضو نه هوندو آهي تڏهن
ئي آزاد نظم ۽ ادب لطيف تصنيف ٿيندو آهي.“
”آزاد نظم ۽ ادب لطيف اصل ۾ تصورات جي
ڪنفيوزن جو نتيجو آهي. جهڙي طرح تجريدي آرٽ. جڏهن
به خيالن ۾ انتشار هوندو آهي ۽ زبان ۽ لفظن جو
فقدان هوندو آهي تڏهن ئي اهڙي شيءِ ايجاد ٿيندي
آهي.“ جي.ايم.سيّد جن لقمو ڏيندي چيو. ”بلڪل
ائين“، پير صاحب اتفاق ڪندي چيو.
”سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون
لکيون ويون آهن اهي ڪيتري قدر وقت جون ضرورتون
پوريون ڪري سگهيون آهن؟“ هاڻي مون تاريخ متعلق
سوال ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي راشدي صاحب جو
پسنديده موضوع رهيو آهي. پاڻ ان تي ڪافي مطالعو
ڪيو اٿن ۽ ڪافي لکيو به اٿن.
”سنڌ اندر هن وقت تائين جيڪي تاريخون
لکيون ويون آهن سي در حقيقت پراڻي ڍنگ جون آهن. جن
کي نه تاريخ چئي سگهجي ٿو ۽ نه اهي ضرورتن کي پورو
منهن ڏئي سگهيون آهن“.
”سنڌي اردو گڏيل مشاعرن متعلق اوهان جي
ڪهڙي راءِ آهي؟“
”گڏيل مشاعري جي عياشي تڏهن ئي ڪار آمد ٿي
سگهي ٿي، جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي زبان ۽ ڪلام
جون خوبيون سمجهي سگهن.“
”راشدي صاحب! اوهان مشاعري کي ادب لاءِ
ڪيتري قدر فائدي مند سمجهو ٿا؟“
”مشاعري جي مون وٽ اصل ۾ ڪا به اهميت ڪونه
آهي. ان مان ڪو به عملي فائدو ڪونه ٿو پهچي.
هندستان اندر زوال واري دور ۾ مشاعرا پيدا ٿيا. هي
ته وقت گذاري ۽ عياشي جو ذريعو آهن. مشاعرن سبب
پاڻ شاعرن جي خود داريءَ، مقام ۽ حيثيت کي ڪاري
ڌَڪ لڳو آهي.“
وقت ڪافي گذري چڪو هو تنهن ڪري ٻين سوالن
کي در گذر ڪري آخري سوال پڇيم:
”اردو زبان جي نزديڪ پوڻ ڪري سنڌي زبان
کي، ڪهڙو خطرو لاحق ٿي پيو آهي ۽ اهو ڪيئن دور ٿي
سگهي ٿو؟“
”اردو زبان جي ويجهو اچڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ
جو مفهوم ئي بدلجي ويو آهي. اصليت ان مان ختم
ٿيندي وڃي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ وري اسان جون اخبارون
آهن. جن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، واحد علاج ڪو
ٿي سگهي ٿو ته فقط ٻولي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ورنه
ٿوري عرصي بعد سنڌي سنڌي نه رهندي بلڪه اردو سنڌي
ڪا نئين ٻولي ٺهي پوندي.“
هاڻي جي.ايم.سيّد ۽ راشدي صاحب جن فرش کي
بوٽن سان رهڙڻ شروع هو، جيئن اسين ڪاليج ۾ ڪو پيرڊ
اٽينڊ نه ڪرڻ چاهيندا هئاسين ته ليڪچرر جي ايندي
ئي ائين ڪرڻ شروع ڪندا هئاسين ۽ هو اشراف ٿوري مان
گهڻو سمجهي فقط حاضري وٺي هليو ويندو هو. تنهن ڪري
آءُ به جلد موڪلائي ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجو رستو
ورتم.
پير
حسام الدين راشديءَ کان انٽرويو
[هي انٽرويو محترم خان محمد پنهور ”سنڌي پبليڪيشن“
ڄام شورو لاءِ ورتو، ۽ ان کي اپريل 1973ع واري
پرچي ۾ شايع ڪيو. هي پرچو ”پير حسام الدين راشدي
نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو هو. هي انٽرويو متعدد ڀيرا
ڇپجي چڪو آهي ]
سنڌ هڪ مردم خيز سرزمين آهي. هن وڏا وڏا
سياستدان، عالم، شاعر، اديب، دانشور ۽ تاريخ نويس
پيدا ڪيا آهن. پير حسام الدين راشدي تاريخ ۾ جيڪا
مهارت ۽ حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان جي مقابلي جو
ڪو ورلي هوندو ۽ سنڌ کي اهڙن سپوتن تي فخر آهي.
سنڌي پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب ”پير حسام
الدين راشدي نمبر“ ڪڍڻ جو سوچي اسان پير صاحب سان
ان جو اظهار ڪيوسين ۽ 08 مارچ تي شام جو ساڍي
پنجين بجي وقت وٺي مقرر وقت تي پير مظفر ۽ مان،
پير خليل کي ڪئميرا سميت ساڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ جمشيد
روڊ تي پير صاحب جي بنگلي تي اچي سهڙياسون. راشدي
صاحب ٻاهر دروازي تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وٺي
وڃي پنهنجي لائبريريءَ ۾ وهاريو، جنهن ۾ ڪئين
الماڙيون ڪتابن سان سٿيل پيون هيون، جا سندس لکڻ
پڙهڻ جي آفيس پڻ آهي. سندس سمهڻ وارو ڪمرو پڻ
ڀرسان آهي، جيڪو پڻ ڪتابن سان ڀريو پيو هو، درين
تي خواهه کٽن جي چوڌاري ۽ وهاڻي سان گڏ ڪتاب ئي
ڪتاب پيا هئا. لائبريريءَ ۾ ڪتاب الماڙين ۾ ترتيب
سان پيا هئا. ليڪن ڪيٽا لاگ نه هئڻ ڪري راشدي صاحب
ٻڌايو ته ضرورت وقت ڪتاب موجود هوندي به نه لڀندو
آهي ۽ پوءِ خريد ڪرڻو پوندو آهي. پير صاحب جي
لائبريري ۾، گهر ۾، خواهه ڳوٺ ۾ اٽڪل
40,000
کن ڪتاب آهن، جن ۾ ٻه سئو کن قلمي نسخا پڻ آهن.
اسان انٽرويو جو باقاعده سلسلو شروع ڪندي، سندن
ابتدائي تعليم بابت پڇيو ته پاڻ چوڻ لڳو ته:
ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ خانگي نموني مولوي صاحب وٽ ئي
فارسي، عربي ۽ سنڌي پڙهياسون جا به اڌوري رهجي
وئي، دستاربندي نه ٿي سگهي. اسان جي ڏاڏي پير شاهه
خاص اسان ٻن ڀائرن علي محمد شاهه ۽ مون لاءِ ڳوٺ
جي مسجد ۾ اهو مڪتب کولايو هو. ڏاڏو اسان جو وڏو
عالم هو ۽ پنهنجو نصاب شروع ڪرايائين، جنهن ۾
انگريزي الف، ب ۽ فارسي جو سڌو طريقو شامل هئا، ۽
ان وقت ”علم“ دانش ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هو.
نوڪريءَ جو خيال به نه هوندو هو ۽ نوڪريءَ کي عيب
سمجهيو ويندو هو. شهرن ۾ رهڻ جي بجاءِ ٻهراڙين ۾
رهڻ ۽ زمينداري ڪرڻ کي عزت وارو، مهمان نواز ۽
معزز سمجهيو ويندو هو. تاريخ ۽ ادب جي ڄاڻ حاصل
ڪرڻ علم جو مقصد هو. علم روزگار جو ذريعو نه پر
ذهن ۽ فڪر جي پرورش ۽ بلنديءَ لاءِ هو. ان کان
علاوه اسان جو خاندان به علمي ۽ ادبي هو. اسان جو
سلسلو پير پاڳاري صبغت الله شاهه سان آهي. جنهن کي
ٻه پٽ علي محمد شاهه ۽ علي گوهر شاهه هئا. وڏو علي
محمد شاهه هو، جنهن جوپٽ اسان جو ڏاڏو پير شاهه
هو. علي محمد شاهه وڏي هئڻ جي باوجود پڳ نه ورتي ۽
ان جو توجهه علم، ادب، طب ۽ حڪمت طرف هو ۽ ڏاڏو ۽
ٻيا سندس ڀائر ان طرف توجهه رکندڙ هئا ۽ طب، علم،
حڪمت تي ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. علمي ادبي ۽ لکيل
پڙهيل ماحول هئڻ ڪري انگريزي، اردو خواهه سنڌي سڀ
اخبارون اينديون هيون. زميندار هئڻ ڪري عزت آبرو
پڻ هئي ۽ والد صاحب وارا ڪجهه انگريز پرست هئا.
ڀرسان نصرت اسٽيشن تي مان ۽ علي محمد شاهه اسٽيشن
ماستر وٽ انگريزي پڙهڻ ويندا هئاسون. عربي فارسي
اڳ ۾ ختم ڪئي هئي سون، ڇو ته مائٽ وڌيڪ ٻاهر نه
موڪليندا هئا جو اڳتي پڙهي وڌ ۾ وڌ مختيارڪار ٿبو
هو. ليڪن نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو. اسان
جي ان وقت رهڻي ڪهڻي سٺي هوندي هئي ۽ نصرت اسٽيشن
تان ٽن پئسن جو ڪارڊ لکي ولايت مان وي، پي ذريعي
گهرو ضرورت جو سامان گهرائيندا هئاسون. ايمانداري
هئي، ذرو به ضايع نه ٿيندو هو.
صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ بابت پير
صاحب چوڻ لڳو: پهرين علي محمد شاهه 23، 1922ع ڌاري
ڪراچيءَ مان انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ لکڻ
شروع ڪيو ۽ 1925ع ۾ مولانا آزاد جي اخبار جي نموني
تي ”الراشد“ اخبار بهمڻ مان ڪڍندا هئاسون. مان
ساڻس مدد ۾ هوندو هئس. منهنجي صحافتي زندگيءَ جو
آغاز 1928ع کان ٿئي ٿو. هفتي وار ”سنڌ زميندار“
سکر مان نڪرندي هئي، جا خانبهادر محمد ايوب کهڙي
جي هئي. هن هڪ ڀيري سکر ويندي مون کي نصرت اسٽيشن
تي ملڻ لاءِ چيو، جتي مان مليو مانس ته پوسٽ جي
لفافي جي ڪاغذ جي ٽڪر تي مئنيجر ڏانهن لکي ڏنائين
ته،
حسام الدين کي 30 رپيا ماهوار پگهار سان سنڌ
زميندار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. مون کانئس سوال
ڪيو ته توهان خوشحال گهراڻي سان تعلق رکو ٿا پوءِ
به توهان جي زندگي ڪسمپرسيءَ ۾ ڇو گذري آهي؟ پاڻ
چوڻ لڳو ته، اسان جا مائٽ انگريز پرست هئا ۽ اسان
انگريزن ۽ هنن جي پاليسيءَ خلاف لکندا هئاسون ۽
پوءِ اسان ٻئي ڀائر باغي ٿي گهران نڪتاسون ۽ گهران
ڪا به مدد نه ملندي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ شروع ۾
آياسون ته وفائي پريس وٽ فٽ پاٿ تي سمهندا هئاسون.
ڪراچيءَ مان ”صبح سنڌ“ اخبار ڪڍندا هئاسون. اخبار
لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون
جو تعاون ۽ مدد هوندي هئي. اخبار تي ان وقت ڪو به
خرچ نه هوندو هو. 14 آنه ڪاغذ جو ريم ملندو هو ۽
400 رپين ۾ اسان سڄي پريس ”ستارهء
سنڌ“ ٺاهي هئي. پوءِ ”الحزب“ اخبار ڪڍي هئي سين.
توهان جو سياست سان به ڪو تعلق رهيو؟ چوڻ
لڳو ته منهنجو گهڻو لاڙو لکڻ پڙهڻ ڏانهن هو. ليڪن
پس پرده سياست سان به علي محمد شاهه سان گڏ رهندو
هئس. جناح صاحب هڪ دفعي مسلم ليگ ڪائونسل تي مون
کي به ميمبر ڪري رکيو هو ۽ علي محمد شاهه جو
منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان سان باوجود نظرياتي
اختلافن جي جو مان ترقي پسند ۽ قوم پرست آهيان ۽
هو رجعت پسند، ليڪن مان هن سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي
ٿي رهيو آهيان. ون يونٽ ٺهڻ وقت به
علي محمد راشدي صاحب سان توهان ساٿ ڏنو؟ حسام
الدين شاهه چوڻ لڳو بلڪل نه، مون ان جي سخت مخالفت
ڪئي ۽ ان لاءِ هن کي چيم به. بهرحال باوجود متضاد
طبيعتن هئڻ جي به. اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ
پنهنجي ڏاڏي کان متاثر آهيان، جيڪو علم دوست هو،
يورپي لباس پائيندو هو، انگريزي، عربي ۽ فارسي جو
ڄاڻو هو. سائين راشدي صاحب سان اسان جي ڪچهري مچي
چڪي هئي ۽ اسان سندس زندگيءِ جي فلم ڏسي رهيا
هئاسون ۽ ائين پيا محسوس ڪيون ته اسان به ساڻس گڏ
هئاسون. پير خليل فوٽا وٺي رهيو هو ته ڇوڪرو چانهه
کڻي آيو. بهرحال چانهه به اسان جي رهاڻ ۾ رڪاوٽ نه
وڌي ۽ پير صاحب سلسلوڪلام جاري رکندي چيو ته 1937ع
۾ اسان جو والد صاحب فوت ٿي ويو، جنهن ڪري مون وري
زمينداري سنڀالي ۽ علي محمد شاهه سياست، ليڪن ادب
سان دلچسپي ۽ مطالع ۾ فرق نه آيو پاڻ وڌيو. ان
زماني ۾ اسان کي سر غلام حسين وزارت ڏاڍو تنگ ڪيو.
10، 15 ڪيس هوندا ئي هوندا هئا. پوءِ هڪ دفعي
جي.ايم.سيّد ۽ پير الاهي بخش چڪائي چڪ ۾ هڪ
ڪانفرنس مان ٿي اچي رهيا هئا. واٽ تي اسان جي
اسٽيشن تي والد صاحب جي تعزيت لاءِ لٿا. رات جو
ڪچهري بعد پير الاهي بخش سمهي پيو ۽ جي.ايم.سيد،
علي محمد شاهه ۽ مون بخاري هيٺان ويهي ان لاءِ
سوچيو. فيصلو ٿيو ته مارچ سيشن ۾ ڪٽ موشن آڻجي،
پوءِ علي محمد شاهه ڪراچي هليو آيو ۽ ان نموني
وزارت ڊاٺي وئي ۽
الهه بخش وزارت اقتدار ۾ آئي جيڪا انقلابي هئي.
پير الاهي بخش
جي وزير ٿيڻ بعد علي محمد شاهه ان سان سنڌ جو گشت
ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ماڻهن عملدارن ۽ ڪامورن کي
گاريون ڏيڻ شروع ڪيون.
بهرحال اسان سياسي موضوع ڇڏي وري ڪجهه
سندس ادبي زندگي طرف وڌي آياسون. لکڻ طرف دلچسپي
ڪيئن ٿي؟ مون اٽڪل 30، 35 ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي
لکڻ جي شروعات اخبار نويسيءَ سان ٿي، ۽ هن وقت به
مان ڪتابن جو مسودو اخبار وانگر سلپن تي لکندو
آهيان. پير صاحب ميز تي رکيل لکيل سلپون ڏيکاريندي
چيو. فارسي سان وڌيڪ دلچسپي اٿم ۽ ان ۾ وڌيڪ لکيو
اٿم، جو بنيادي ادب فارسيءَ ۾ آهي. اسان جي سنڌ جي
تاريخ جا
Source books
فارسي ۾ آهن ۽ منهنجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هن
وقت تائين اٽڪل 30، 35 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ان
کان علاوه پنهنجي 50 ورهيه زندگيءَ جو مشاهدو پڻ
لکيو اٿم، جنهن جو نالو ”جيئن ڏٺو آهي مون“ هو
پر جي.ايم.سيّد جي ان نالي سان شايع ٿيل ڪتاب بعد
ان جو نالو بدلائي رکندس ۽ وقت اچڻ تي شايع ڪيو
ويندو. جو ان ۾ ڪي تلخ حقيقتون پڻ بيان ڪيل آهن جي
ڪن کي ناگوار به لڳن.
توهان ڪڏهن شعر به چيو؟ ها ڪنهن زماني ۾
شعر به چوندو هئس ۽ هڪ طويل نظم سهڻي ميهار تي لکي
هئم، جا سنڌ زميندار ۾ ڇپي هئي، جنهن کي مرحوم
”مخلص“ پڻ داد ڏنو هو. پنهنجي استاد غلام سرور
فقير (پروفيسر اياز قادريءَ جو پيءُ) جي فوت ٿيڻ
تي پڻ هڪ مرثيو لکيو هئم، جو به تمام سٺو هو. هاڻي
شعر پڙهندو آهيان ۽ ان سان دلچسپي آهي پر لکندو نه
آهيان. سخن شناس آهيان. ان کان علاوه افسانه ۽
ناول لکڻ سان پڻ شوق هوندو هئم ۽ ڪجهه شايع به ٿيا
هئا.
موجوده سنڌي ادب بابت توهان جو ڇا رايو
آهي؟
موجوده سنڌي ادب بلڪل اميد افزا آهي، اڳي
ادب ۾ ڪو مقصد نه هو، تقليدي ۽ روايتي هو. اڄڪلهه
تفريحي، تعليمي ۽ مقصد سان آهي، بي مقصد نه آهي.
اڳ بادشاهن جي رڳو ثنا خواني ٿيندي هئي، پر هاڻ
ماڊرن نموني لکيو وڃي ٿو. افسانه، تاريخ خواهه شعر
مقصديت سان ڀرپور آهي. سنڌي ادب سرڪاري سرپرستي نه
هجڻ جي باوجود وڏي همت سان ترقي ڪئي آهي، ضرورت ان
جي آهي ته سنڌي ادب ۽ اديبن جي همت افزائي ڪرڻ
گهرجي. تاريخ لکڻ لاءِ انهن کي همٿائڻ گهرجي ۽ سڀ
کان اول تاريخ لاءِ
Source books
هئڻ گهرجن. مغلن کان وٺي ميرن تائين خط شايع ٿيڻ
گهرجن، جن جي ڪافي تاريخي اهميت آهي. ليڪن هتي قصو
ئي الٽو آهي. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پير صاحب چوڻ
لڳو ته، ان تي اڻ پڙهيلن وڏيرن جو راڄ آهي، جن کي
ڄاڻ بلڪل نه آهي. ان جو مثال ڏيندي هن چيو ته مون
20 ورهين کان محنت سان ٺٽي تي تحقيقات ڪري مقالو
لکيو آهي، جنهن تي حڪومت ماسٽر پلان ٺاهيو آهي،
جنهن ۾ تاريخي حدون ڄاڻايل آهن، ۽ اهو مقالو
”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي صاحبن
چيو ته اهو اجايو آهي. ان ڪري مان هاڻي ايران جي
ادارن ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ لکان ٿو. ان کان علاوه
”مشائخ سيوستان“ آثار قديمه وارن طرفان ڇپجي رهيو
آهي. لکڻ کان سواءِ بچيل وقت ۾ مطالعو ڪندو آهيان
۽ شام جو ڪراچي جي بڪ اسٽالن تي ڪتاب جاچيندو
آهيان، جن جو گهڻو ڪري قرضي هوندو آهيان ۽ هاڻي ته
ڪتاب سنڀالڻ مون لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي. هڪ ته
20000 -25000 هزار ڪتابن لاءِ جڳهه نه آهي. ٻيو ته
مون وٽ ڪو عملو نه آهي، ان ڪري هاڻ لائبريري وڪڻڻ
جي تاڙ ۾ آهيان.
سنڌ يونيورسٽيءَ کي نه ٿا ڏيو؟
چوڻ لڳو ته آءٌ پيسن تي ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان، ڇو ته مون وڏي محنت ۽ جدوجهد سان ڪتاب گڏ
ڪيا آهن ۽ هاڻ انهن جي وٺڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي.
يونيورسٽي جيڪڏهن وٺندي ته ان کي اوليت ڏني ويندي،
۽ اهڙيءَ طرح جي.ايم.سيّد ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جي
ڪتابن جي حفاظت پڻ ڪئي وڃي ته بهتر. پنهنجي
لائبريري لاءِ ٻڌايائين ته گذريل هنگامن ۾ ان تي
پٿراءُ وغيره جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ليڪن حفاظتي
انتظام چڱي هئڻ ڪري بچاءُ ٿي ويو. پير صاحب ٻڌايو
ته منهنجن ڪتابن جو هن وقت ڪيٽالاگ به نه آهي، ٻه
ٽي ڏينهن هڪ ٻه همراهه رکيم ليڪن اهي ڀڄي ويا، پر
ڪجهه ڪتاب به کڻي وڃي رديءَ وارن گاڏن تي وڪيائون.
هڪ ڪتاب پنجاب جي وزير خزانه حنيف رامي مون کي
سوکڙي ڏنو هو، سو هن کي هڪ دوست فوٽ پاٿ وارن
اسٽالن تان وٺي موڪليو هو.
سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ توهان جو ڇا رايو
آهي؟
راشدي صاحب جواب ڏنو ته مان اڄڪلهه جي
سنڌي نوجوانن مان بلڪل مطمئن ۽ پر اميد آهيان.
جي.ايم.سيّد جي فڪر جيڪا جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽
نوجوانن جي تحريڪ جنهن جو بنياد 04 مارچ کان پيو،
ان نوجوانن ۾ انقلاب آندو آهي، ۽ اسان جا نوجوان
دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ
نه آهن ۽ تمام ذهين آهن. پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي
مقابلي ۾ افسانه، ناول، مضمون خواهه شعر وڌيڪ فڪر
انگيز صرف سنڌين جو ئي آهي ۽ مان پڙهندو آهيان ته
منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو آهي. مان يقين سان
چوان ٿو ته پاڪستان ۾ با مقصد ادب صرف سنڌين جو
آهي، بهرحال تڏهن به ترقي يافته ملڪن جي ادب جي
لحاظ کان گهٽ آهي. اڃا محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت
آهي. ان لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي هجي ڇو ته اسان مصيبت ۾
آهيون. ذهني طرح آزاد نه آهيون، اڳ هندستان اسان
جا حق کسيا هئا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ نشين ماڻهن.
وڏن خواهه ننڍن، سرڪاري نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌين
کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اسان جا نوجوان
دربدر، روزگار لاءِ پريشان آهن ۽ مجبورن مسعود
نوراني ۽ لالا قادر جهڙا نوجوان حڪومت وٽ وڪامجن
ٿا. پر جيڪڏهن آزاد شهرين وانگر باعزت روزگار ملي
ته ائين نه ٿئي. سائين حسام الدين شاهه چوڻ لڳو
ته، اسان وٽ تمام وڏين صلاحيتن وارا ماڻهو هر
ميدان تي موجود آهن ۽ هر فن ۾ سنڌي اڳتي آهن. اسان
وٽ اي. ڪي بروهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب دنيا جو
بهترين ذهن رکندڙن مان آهن. علامه آءِ. آءِ قاضي
عالمن ۾، اردو لکندڙن ۾ علي محمد شاهه ۽ تاريخ ۾
مون جيتري کوجنا ڪنهن نه ڪئي آهي. سياستدانن ۾
جي.ايم.سيّد آهي، جو ڪڏهن به وڪامي نه ٿو سگهي ۽
هاڻي سجاڳيءَ جو دور آهي. سڀ ڪو پنهنجي لاءِ سوچي
پيو. پنجاب ۾ هاڻي سرائڪي وارا به پنهنجي ٻوليءِ
لاءِ جدوجهد ۾ آهن. ڇو ته بهاول پور– ملتان جو
سرائڪي ڳالهائيندڙ حصو، سرحد صوبي کان وڏو آهي. ان
ڪري سنڌ جي نوجوانن کي به پنهنجي جدوجهد وڌيڪ تيز
ڪرڻ گهرجي، جو حڪومت تي آسرو رکڻو نه آهي، پر
نوجوانن تي اهو بار آهي. جيڪڏهن نوجوانن سستي ڪئي
ته، سنڌ قيامت تائين ڪنڌ نه کڻندي، ۽ ڪڏهن به کين
بخش نه ڪندي.
تاريخ سان توهان جي دلچسپي ڪيئن ٿي؟
ننڍي هوندي مذهبي تعليم هئڻ ڪري، اسلامي
تاريخ پڙهڻ ڪري، تاريخ نويسيءَ سان دلچسپي ٿي ۽
1930ع ۾ راجا ڏاهر خلاف مضمون لکيم.پاڻ چوڻ لڳو ته
مسلمانن جي تاريخ خون سان ڀريل آهي. عوام ته ڪا
شيءِ نه رهيو آهي.صرف اسلام جي نالي کي استعمال
ڪيو ويو آهي.احمد شاهه ابدالي، محمود غزنوي، بابر،
شاهجهان، جهانگير، عالمگير اورنگزيب اسلام جي نالي
۾ ظلم ڪيا ۽ دهلي ملڪ جو تختگاهه رهي. پر اتي هاڻي
به هندو گهڻا رهن ٿا. پير صاحب ان موقعي تي مڙئي
ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اسلام جو ڪو به
ٺيڪيدار نه آهي. اسان به خدا کي مڃون ٿا ۽ ان جي
رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان محبت آهي، پر
هاڻي قصو ئي نرالو آهي. ۽ اهو ”منصور“ وارو آهي.
راشدي صاحب موجوده تاريخ لکڻ بابت چوڻ لڳو ته،
اڄڪلهه تاريخ بلڪل غلط لکي وڃي ٿي ۽ حقيقتن کي مسخ
ڪيو وڃي ٿو. حاليه تاريخ ته آهي ئي ڪا نه ۽ هن وقت
تاريخ اسلام جو نظريو رکي پوءِ لکن ٿا، حالانڪه
تاريخ مسلمان نه ٿيندي آهي پر تاريخ تاريخ ٿيندي
آهي ۽ تاريخ هن وقت سائنسي ۽ جديد طريقي موجب نه
لکي وئي ته پوءِ سمجهه ۾ ئي نه ايندي.
پير صاحب جو اسان ڪافي وقت وٺي چڪا
هئاسون. اٿڻ مهل پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي
هليو، جتي لائبريري واري نموني ڪتاب درين تي سٿيا
پيا هئا، وهاڻي جي ٻنهي پاسي ڪتاب پيا هئا. خصوصن
شاهه جو رسالو ۽ مثنوي مولانا روم، جن کي پير صاحب
دلچسپي سان پڙهندو آهي، اهي پيا هئا. ڪمري جا ڪجهه
فوٽو وٺڻ بعد اسان سندس ٿورو مڃي ٻاهر نڪتاسين ۽
راشدي ”برادران“ جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هڪ ٻئي سان
مددڪرڻ واري ڳالهه پير مظفر تي اهڙو اثر ڪيو جو
چوڻ لڳو ته ”يار مان به اهڙي نموني وڏي ڀاءُ پير
مظهر جي مدد ڪندس ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهندس.“
اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ
[هي انٽرويو محترم ناصر مورائي ورتو ۽ ان کي رسالي
”برسات“ ڪراچي، ڊسمبر1974ع ۾ شايع ڪيو]
سنڌ جي ڌرتي سدا جوان ڌرتي آهي. زرخيزيءَ
۾ ان جو مٽ دنيا جو ڪو مشڪل خطو هوندو. هن ڌرتيءَ
پنهنجي ان خوبصورتيءَ، حسن ۽ زرخيزيءَ جي ڪري
جيترو ڌارين بگهڙن جا حملا سٺا آهن، اوترو دنيا جي
ڪنهن ٻئي ملڪ نه سٺا آهن. دراوڙ ڪال کان ويندي هن
دور تائين هن ڌرتيءَ جي حسن کي لٽڻ لاءِ ڪئين جارح
حملي آور ٿيندا رهيا آهن. هن ڌرتيءَ جنهن جي عظمت
جا نشان موهن جو دڙو ۽ رني ڪوٽ آهن، پنهنجي سيني ۾
سوين سورمن، هزارين ڪوپن ۽ ڪونڌرن جي ڪوس جا
داستان دٻالٽ ڪري رکيا آهن ۽ پنهنجي عظمت ۽ اعلان
کي برقرار رکڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين اهڙا ڪونڌر
ڄڻيندي ٿي رهي.
سنڌ جي موجوده ٻڪر ٻوساٽ واري دور ۾ سائين
جي.ايم.سيّد سان گڏ پير حسام الدين راشدي ئي واحد
شخص آهي، جيڪو سنڌين جي تهذيب، ثقافت ۽ سنڌي
ٻوليءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڌارين کان ٿيندڙ حملن جو
مقابلو ڪري رهيو آهي.
اروڙ جي فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ
جي سڳنڌ سان واسيل پير حسام الدين راشديءَ وٽ بنا
وقت مقرر ڪرڻ جي، چند سوال پني تي لکي ۽ هزارين
سوال سيني ۾ سانڍي ٽيپ رڪارڊ ڪلهي ۾ لڙڪائي وڃي
پهتس ته ”برسات“ جي پڙهندڙن سان پير صاحب جي
ملاقات ڪرايان. باريابي حاصل ڪرڻ جي ابتدائي مرحلن
مان گذرڻ کان پوءِ ڪمري ۾ پير ڌريم ته پير صاحب هڪ
وڏي ميز جي پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. فرش کان ڇت
تائين ڪاٺ جي طاقن تي ڪتاب سٿيا پيا هئا. چؤطرف
سانت ڇانيل هئي. سلام وارڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي
خيريت معلوم ڪئي سون. مان پير صاحب جي شخصيت ۽
ڪمري جي وايو منڊل ۾ مبهوت هئس ته پير صاحب پڇيو:
”ابا، ڪر خبر ڪيئن آيو آهين؟“ ان وقت مون محسوس
ڪيو ته ڄڻ اروڙ جي صدين کان خاموش ماٿريءَ مان
پڙاڏو اڀري رهيو آهي. مقصد بيان ڪيم ته ساڳئي وقت
حجت به رکيم، ڇاڪاڻ جو پير صاحب بي انتها مصروف
هو، متان ڪو انڪار ڪري وجهي. مون کي پنهنجي ارادي
تي پختو محسوس ڪري پير صاحب کي ٻيو چاروئي نظر نه
آيو. ان کان اڳ لکڻ ۾ مصروف هو، سو ڪاغذ پٽ سنڀالي
پاسيرا رکي، مون ڏانهن متوجه ٿي فرمايائين : ها،
چئه، ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟ “ مون ان وچ ۾ ٽيپ رڪارڊر
کي تيار ڪري رکيو هو. سوال ڪيم ته : ”پير صاحب
توهان سنڌ جي قديم تاريخ کي سهيڙڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي
آهي، سنڌين تي توهان جو اهو وڏو احسان آهي، ڇاڪاڻ
جو تسلسل نه ٿو ملي ۽ جيڪي ڪجهه تاريخ ۾ موجود آهي
اهو بگڙيل صورت ۾ آهي. توهان ان مسئلي تي روشني
وجهندا؟“ پير صاحب جواب ۾ ٻڌايو ته:
هن وقت تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون
آهن، انهن ۾ ڪو به خيال يا ڪو موڙ ڏنل ڪونهي. ان
کان سواءِ انهن مان عام حالتن جي ڪا به خبر نه ٿي
پوي. اهي فقط وڏن ماڻهن، عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جون
تاريخون آهن. عام ماڻهن جي ڪهڙي حالت هئي، انتظام
ڪهڙو هو، اٿي ويٺي ڪهڙي هئي، مالي ۽ سماجي حالت ڇا
هئي، نه فقط ان ڳالهه جي خبر نه ٿي پوي پر اها به
ڄاڻ نه ٿي پوي ته سنڌ تي آيل ڌارين حڪومتن هتي
ماڻهن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا، يا فاتح مفتوح سان ڪهڙي
نموني هليو، مرحوم مرزا قليچ بيگ توڙي محمد صديق
ميمڻ جي دور تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي تاريخون لکيون
ويون، انهن ۾ ان شيءِ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو
آهي. مون ماڻهن جي عام زندگي ۽ فاتحن جي مفتوح
سنڌين سان سلوڪ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مطالع ۾ آيل
مختلف ڪتابن مان ٽڪرا ڪڍي هڪ هنڌ گڏ ڪيا آهن.مثال
طور اسان کي اها خبر نه هئي ته ارغونن ۽ ترخانن
سنڌين تي ڪهڙا ظلم ڪيا. هاڻي اهي بلڪل وائکا آهن.
انهن جي ظلمن ۽ ڏاڍ جا جيڪي به واقعا هئا اهي مون
سمورا گڏ ڪري تاريخ ۾ ڏنا آهن. پڌرو آهي ته جيئن
ته اهي فارسيءَ ۾ آهن، ان ڪري انهن جو سنڌي ۾
ترجمو ٿيڻ لازمي آهي. جيسين تائين سنڌ جي تاريخ جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيندو تيسين تائين عام ماڻهو ان
کي سمجهي نه سگهندا. دهليءَ وارن مغلن جو دور
هميشه ساراهيو ويو آهي، پر انهن جي زماني ۾ اتفاق
سان ”مظهر شاهجهاني“ نالي فارسيءَ ۾ هڪ اهڙي تاريخ
لکي وئي آهي، جنهن ۾ مغلن جي گورنرن ۽ خود مغل
بادشاهن جيڪي سنڌين سان ظلم، ڏاڍايون ۽ بي
انصافيون ڪيون آهن ۽ سنڌين جيڪي اذيتون سٺيون آهن،
انهن جو نهايت اندوهناڪ ۽ دردناڪ نقشو چٽيو ويو
آهي. اها تاريخ مغلن جي هڪ ڪاردار لکي آهي، جنهن ۾
هن سنڌ ۾ مغلن جي ٿيل ڪوتاهين کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. اها ”مظهر شاهجهاني“ تاريخ جيڪڏهن سنڌيءَ
۾ ترجمو ٿي ماڻهن جي آڏو اچي ته مون کي يقين آهي
ته ان تاريخ پڙهڻ کان پوءِ ڪو به ماڻهو مغل حڪومتن
جي ساراهه نه ڪندو. تاريخ ڪو مذهبي ڪتاب نه آهي،
تاريخي واقعا الهامي نه آهن. مذهبي فريضو نه آهن.
انهن کي سائنسي انداز سان پڙهڻ ۽ پرکڻ گهرجي.
تاريخ هميشه پڙهڻ لاءِ آهي، تلاوت ڪرڻ لاءِ نه
آهي. سنڌ جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪتاب ”چچ
نامو“ آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي. اسلام کان اڳ
جا جيڪي به سنڌ ۾ ڪتاب هئا سي سڀ مسلمانن جي انهن
حملن ۾ تباهه ٿي ويا، جهڙي ريت مسلمانن ٻين هنڌن
تي مفتوح ملڪن جا ڪتبخانه تباهه ڪيا آهن. سنڌ ۾
عربن جي اچڻ کان اڳ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هو،
جيڪو عربن جي حملن ۾ تباهه ٿي ويو ۽ پوءِ اها ”چچ
نامو“ تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا غلط ۽ هٿ
گهڙيل واقعا ڏنا ويا آهن، جيڪي پوءِ ٻاهر لکيل
تاريخن سان ڀيٽڻ کان پوءِ غلط ثابت ٿيا آهن. مثال
طور اهو چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ جي ديبل بندر تي
مسلمانن کي ڦريو ويو، زائفون لٽيون ويون ۽ قيد
ڪيون ويون. اتان ڀڄي نڪتل ماڻهن وڃي حجاج بن يوسف
کي ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن مسافرن کي ڦريو آهي ۽
انهن توکي ”اغثني يا حجاج“ چئي مدد لاءِ پڪاريو
آهي. تنهن تي حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملي
لاءِ موڪليو. اهي ۽ ان قسم جا ماڻهو علامتون
(Symbol)
ٿي اچن ٿا. اها مسلمان مسافرن جي ڦر واري روايت
بلڪل غلط آهي. سنڌ تي حملو، مسلمانن جي ڦر جي داد
رسي ۽ ڦر جو مال واپس موٽائڻ لاءِ نه ڪيو ويو هو.
ان روايت کي ٿوري دير لاءِ کڻي مڃجي ته اهو ڪيئن
روا ٿي سگهي ٿو ته رستي ويندي ڪي چور ڪنهن کي ڦرين
ته ان ملڪ تي حملو ڪيو وڃي ! ٻئي پاسي ان کان اڳ
عربن سنڌ تي ڏهه ٻارهن حملا ڪيا، انهن جو ڪهڙو
جواز هو؟
ظاهر آهي ته عربن جو ٻين ملڪن وانگي سنڌ تي قبضي
ڪرڻ جو باقاعدي پروگرام هو، تاريخ ۾ ان حملي کي
جائز ڪرڻ ۽ ملڪ گيري کي قاعدي اندر ڄاڻائڻ لاءِ
اهو هڪ هٿ گهڙيو واقعو ٺاهيو ويو، جيڪو منطق ۾
بلڪل نه ٿو اچي. اهڙيءَ ريت ”چچ نامو“ تاريخ نه
آهي، محض ڏند ڪٿائون آهن. جيڪا به حاڪم قوم ايندي
آهي، اها پنهنجي غلط قدمن ۽ عملن جي جواز لاءِ
تاريخون لکرائيندي آهي، جنهن ۾ هٿ گهڙيا واقعا درج
ڪرائيندي آهي. اهڙي نموني سان اسان جي هر دور جي
تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي.
ٽيپ رڪارڊر پير صاحب جو آواز محفوظ ڪري رهيو هو ۽
مان سندس زبان مان نڪتل تاريخ جي شفاف جهرڻي جيان
وهندڙ ڌارا جي لئه ۾ گم هئس. پير صاحب جيئن بيان
پورو ڪري مون ڏانهن سوال ڪرڻ لاءِ نهاريو ته ڇرڪ
ڀري پاڻ کي سنڀاليم ۽ آڏو رکيل ڪاڳر تي نظر ڌري
ٻيو سوال ڪيم: ”سائين، سنڌ جي قديم تاريخ بگاڙڻ جا
بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟“ پير صاحب وراڻيو:
قديم دور کي ايندڙ دور يا حال ماضيءَ کي بگاڙي،
اهو ته سدائين رهيو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ڪا به
تاريخ صحيح ڪانه لکي وئي آهي. جنهن بادشاهه يا
حاڪم تاريخ لکرائي آهي، يا جنهن دور ۾ لکي وئي
آهي، انهي بادشاهه کي جائز ثابت ڪرڻ يا ان حاڪم جي
حڪومت کي جائز ثابت ڪرڻ يا حاڪم جي حڪومت کي صحيح
ثابت ڪرڻ لاءِ گذريل بادشاهن يا حاڪمن جا گناهه
لکيا ويندا آهن ته جيئن پڙهندڙ ائين سمجهن ته هيءُ
بادشاهه يا حاڪم رحمت جو فرشتو آهي، باقي اڳين
بادشاهن يا حاڪمن مصيبتون پي پيدا ڪيون آهن.
هندستان ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اهي ٻن
نوعيتن جون آهن. هڪڙيون تاريخون اهي آهن، جيڪي
مغلن ۽ ٻين بادشاهن سرڪاري طور لکرايون، جيڪي ظاهر
آهي ته يڪ طرفيون آهن.
ان کان پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ته هتي
گروهه پيدا ٿيا. هڪ هندن جو ته ٻيو مسلمانن جو.
انهن گروهن پيدا ڪرڻ ۾ انگريزن جو پنهنجو مقصد به
هو. ان دور ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون، انهن ۾
ڪي بت اهڙا بنايا ويا، جن جو مسلمان احترام ڪن ته
ڪي بت اهڙا کڙا ڪيا ويا، جن کان هندو نفرت ڪن.
انهن ۾ محمود غزنوي ۽ اورنگزيب عالمگير ۽ ڪي ٻيا
بادشاهه سرفهرست آهن. اهي تاريخون تاريخي لحاظ کان
نه، پر جواب در جواب طور لکيل تاريخون آهن. مثال
طور هندن کي چيڙائڻ لاءِ محمود غزنوي کي مسلمانن
جو وڏو سورمو، غازي، هندن جو وڏو ڪٽر دشمن ۽ اسلام
جي علامت ڪري لکيو ويو آهي. حالانڪ محمود غزنوي
هندستان تي جيڪي به ڪاهون ڪيون، اهي سڀ هن ذاتي ۽
دولت لٽڻ لاءِ ڪيون. اهي اسلام جي سربلندي يا
مسلمانن جي ترقي ۽ فائدي لاءِ نه هيون. هن هندستان
تي حملا ڪري رڳو لٽ مار ۽ قتل غارتگري ڪئي ۽ سمورو
لٽيل خزانو غزنيءَ کڻي ويو.
منصوره جي حڪومت ظاهر آهي ته اسلامي علامت سمجهي
ٿي وئي. اهو شهر اتان جا ماڻهو، انهن جي اُٿڻي
وِهڻي مطلب ته سڀ ڪجهه اسلامي نمونو هو، جنهن کي
محمود غزنوي تباهه ڪيو. ڪنهن هندو راجا يا مڪاني
بادشاهه نه ڪيو هو. هن ملتان سان به ساڳي ڪار ڪئي،
تنهن ڪري اهڙي شخص کي اسلامي علامت يا اسلام جو
علمبردار ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟
حقيقت ۾ هو هڪ عام غاصب ۽ ظالم بادشاهه هو، جنهن
جو اسلام سان ڪو به واسطو نه هو. جيڪي به مسلمان
بادشاهه ٿي گذريا آهن، تاريخ مان انهن جي ڪردار جو
جيڪڏهن ايمانداريءَ سان تجزيو ڪبو ته انهن مان
ڪوبه بادشاهه مسلمانيءَ جي نقطي تي يا اسلامي
علامت بنجڻ تي پورو ڏسڻ ۾ نه ايندو. هي بادشاهه به
ٻين قومن جي بادشاهن ۽ فاتحن جهڙا هئا.
مغل بادشاهن ۾ اڪبر جون ڪمزوريون معلوم آهن.
جهانگير جون اخلاقي ڪمزوريون بيحد گهڻيون آهن.
حالانڪ تاريخ ۾ هن کي عادل ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
پر سندس پنهنجي ڀائرن يا اولاد سان جيڪا روش هئي،
ان جي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي. پيءُ سان بغاوت
ڪيائين. هڪ ايراني عورت تي عاشق ٿيو ته ان جي مڙس
کي مارائي هن کي هٿ ڪيائين. شراب بي انتها پيئندو
هو. آفيم به کائيندو هو. گهڻي شراب پيئڻ ۽ آفيم
کائڻ ڪري سندس پويان ڏينهن مايوسي ۽ بي چيني ۾
گذريا، ۽
Nerves Breakdown
ڪري موت ٿيس. ان کان پوءِ شاهجهان تخت تي ويٺو،
تنهن به پنهنجا ڀائر مارايا. هاڻي اها ڪهڙي اسلامي
خدمت هئي يا هندستان ۾ شاهجهان جي انهن خوني
ڪاررواين کان پوءِ اسلام جو ڪهڙو واڌارو ٿيو؟ ان
کان سواءِ هو اخلاقي طور تي به تمام ڪمزور هو. اهو
سڀ ڪجهه تاريخن ۾ موجود آهي. هاڻي جي تاريخ کي
عقيدي سان پڙهبو ۽ لازمي طور اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪبي ته مغل بادشاهه فرشته سيرت هئا ته پوءِ ان جو
ڪو علاج ڪونهي!
اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏن ڀائرن سان
وڙهيو. داراشڪوهه ۽ ٻين ٻن ڀائرن کي مارايائين.
پيءُ کي ڪاٺ ۾ وڌائين. وچئين ڀاءُ جون اکيون
ڪڍرايائين، وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ان جو سر پيءُ
ڏانهن بندي خاني ۾ موڪليائين. مطلب ته اورنگزيب
تخت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون خونريزيون ڪيون. ڪيترا
دفعا سنڌ ۾ اچي وڙهيا. اها انگريزن جي ڪوشش هئي ته
اورنگزيب کي اسلام جو علمبردار ڪري پيش ڪن ته جيئن
هندو اورنگزيب کان ڇرڪن ۽ نفرت ڪن ۽ مسلمان هن کي
سورمو ۽ اسلام جي علامت سمجهن. اورنگزيب جي ڪردار
کي ڏسجي ته اخلاقي طور بيحد ڪمزور هو، شڪي ۽
بدمزاج هو. هن دکن جي چئن مسلمان رياستن کي ناس
ڪرڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ جا پنجويهه سال خرچ ڪيا.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته اونگزيب جنهن کي اسلام جو
علمبردار سڏيو ٿو وڃي، دکن جي انهن چئن ئي رياستن
کي ڇو ختم ڪيو؟ کيس گهرجي ها ته انهن مسلمان
رياستن کي مستحڪم ڪري ها! پر ائين نه ڪيائين، انهن
مسلم رياستن سان ساندهه پنجويهه سال جنگيون جوٽيو
ويٺو رهيو ۽ مئو به اتي ئي.
شاهجهان توڙي اورنگزيب جي زماني ۾ سنڌ ۾ شورشون
هيون. سنڌي بهرحال ڌارين جي حڪومتن کان آزادي حاصل
ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهيا آهن. ارغونن سان مقابلا
ڪيائون. پر سنڌين ۾ جيڪي ذاتي نفاق ۽ عداوتون هيون
ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ناڪام به ٿيا آهن، ۽ گهڻو ڪري
سنڌين کي جيڪا شڪست آئي آهي اها سڌي سنئين وڙهڻ جي
ڪري نه آئي آهي، پر ڌارين جي سازش ڪري آئي آهي.
مثلاً ڄامن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ فيروز شاهه تغلق جو
موقعي مان فائدو وٺي سنڌ تي حملو ڪرڻ. جنهن ۾ هن
ڄامن کي شڪست ڪانه ڏني پر سازش ڪئي. جهانيان جهان
گشت بخاريءَ کي دوکو ڏئي وچ ۾ آڻي ڄام کي صلح تي
راضي ڪري پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. مغل، شاهه
عنايت سان ويڙهه ۾ پڄي نه سگهيا. مغل گورنر وچ ۾
قرآن مجيد آڻي صلح ڪيو. پوءِ کيس ٺٽي ۾ آندو ويو ۽
قتل ڪيو ويو. هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌين جڏهن به
شڪست کاڌي آهي يا حڪومت وڃائي آهي ته هميشہ سازشن
۽ دوکن سان وڃائي آهي. باقي لڙائي جي ميدان ۾
سنڌين کي ڪڏهن به زير نه ڪيو ويو آهي.
ارغونن ڄام فيروز ۽ صلاح الدين کي ويڙهائي سنڌ جي
حڪومت هٿ ڪئي. ارغونن سان درياهه خان وڙهندي شهيد
ٿيو ته پوءِ به درياهه خان جا پٽ ۽ راجپوت ارغونن
سان هر قدم، هر جاءِ تي مقابلا ڪندا رهيا. هاڻي
اهي تاريخي حقيقتون هڪ پاسي آهن ته ٻئي پاسي
تاريخن تي جيڪي ڪتاب، اسان ننڍي هوندي کان پڙهيا
آهن، انهن ۾ ٻئي قسم جا تذڪرا ڪيل آهن. اهڙي ريت
تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي. اهو سڀ ان ڪري جو هندن ۽
مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ لاءِ انگريزن
اهڙيون تاريخون تيار ڪرايون. سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي
تاريخون لکرايون ويون، انهن ۾ ڪو به علم، قوميت،
يا وطن سان محبت جو ڪو احوال نه ڏنو ويو آهي. اهي
سڀ تاريخون انگريزن پنهنجي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ لکرايون آهن ۽ انهن ۾ انتهائي غلط مواد ڀريو
ويو آهي ۽ افسوس آهي جو اسان جي ئي مؤرخن انهن
تاريخن کي لکيو آهي. انهن ۾ يا ته هو اٻوجهه هئا
يا لکڻ لاءِ مجبور هئا. هنن هر ٻاهرئين حاڪم کي
”ظل الله“ يعني خدا جو پاڇو لکيو آهي. پوءِ کڻي ان
ٻاهرئين بادشاهه، سنڌ جي مسلمان بادشاهه کي قتل
ڪيو هجي، جنهن لاءِ کيس ڪو به اسلامي جواز، نه ئي
ڪو حق هو، ته به انهن حاڪمن جي ساراهه ڪئي اٿن.
انهن کي ڌوئي ڇڏڻ گهرجي. انهن تاريخن سان ذهن صاف
نه ٿيندو ۽ اسان جي تاريخ نئين زماني سان هلي نه
سگهندي. ان ڪري ضروري آهي ته تاريخن کي نئين سر
پڙهڻ گهرجي، نئين سر تدوين ڪرڻ گهرجي ۽ جتي جتي
تسلسل ٽٽي پيو آهي، ان کي ڳنڍڻ گهرجي. جنهن لاءِ
اسان وٽ تمام گهڻو مواد موجود آهي. فقط اسان کي
ڪوشش وٺڻ گهرجي. پيسو گهرجي ۽ پنهنجي ادارن کي
فعال ڪرڻ گهرجي.
پير صاحب سوال جو جواب ڏئي پورو ڪيو ۽ مان سوچي
رهيو هئس ته سنڌين کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا
ڪندڙ انهن تاريخن کي بلڪل ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، جنهن
لاءِ سنڌ جي موجودهه نسل کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي
آهي..... مون سوال ڪيو ته: ”سائين، سنڌ جي موجودهه
تاريخ کي اصلي صورت ۾ رکڻ لاءِ ته جيئن آئيندي جا
مؤرخ سنڌ جي هلندڙ دور جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ ڪا
ڏکيائي محسوس نه ڪن، ڪهڙيون ڪوششون وٺڻ گهرجن؟“
پير صاحب وراڻيو ته:
”انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ، اسان جي هن وقت جيڪا
تاريخ آهي، انهيءَ لاءِ هر ماڻهوءَ کي اخبارن جي
ڪٽنگس، يا اڙدو اخبار ۾ سنڌين تي جيڪي حملا ٿي
رهيا آهن، انهن جون ڪٽنگس گڏ ڪرڻ گهرجن. مون کي
حيرت آهي ته اردو اخبارون اهي مطالبا ڪري رهيون
آهن ته : ”نصابي ڪتابن مان دودي چنيسر جو احوال
ڪڍي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو احوال ڏيڻ
گهرجي.“ ڇا اسان جي سورمن، اسان جي مشاهيرن کي حق
نه آهي ته اسان جي تاريخ ۾ لکيا وڃن؟ ڪراچيءَ جو
مثال وٺو، جيڪا سنڌ پرڳڻي جو گادي هوندي به، ڪنهن
به سورمي جو نالو رستن تي نه لکيو ويو آهي. سڀ
ٻاهرين جا نالا لکيا ويا آهن. هڪڙو شاعر هو. ڄائو
به هندستان ۾ ته مئو به هندستان ۾، سندس وفاداريون
به هندستان سان هيون ته به سائين ان جو نالو هڪ
تمام وڏي ۽ مکيه رستي تي رکيو ويو آهي: ”جگر مراد
آبادي روڊ !“ ته منهنجو چوڻ آهي ته هن وقت جي
تاريخ تمام آسان آهي ڇاڪاڻ جو اها اسان جي اڳيان
هلي رهي آهي. اسان تي جيڪي ناجائز حملا ڪيا ٿا وڃن
۽ جيڪي اسان جا حق ڦٻايا ويا آهن. انهن جا انگ اکر
گڏ ڪرڻ گهرجن.روزمره جي واقعن جي باري ۾ جيڪي
اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو اهو محفوظ ڪرڻ گهرجي. اهو
هر سنڌيءَ جو فرض آهي ۽ وقت ايندو جو انهن اخبارن
جون ڪٽنگس ۽ ٽڪرا اسان جي تاريخ بنجندي. ان کان
وڌيڪ ٻي تاريخ ٿي نه سگهندي. ڇاڪاڻ جو اسان جي
انهن روزمره جي واقعن ۾ عجيب غريب شيون ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون. نوڪرين، واپار، زمين، قرضن ۽ شهرن ۾ سنڌين
جي دخل هئڻ جي سلسلي ۾ اسان سنڌين تي جيڪي ملڪ
دشمنيءَ جا الزام ڌريا ٿا وڃن، ايتريقدر جو هڪ
مسلمان ڪنهن ڪافر تي جيڪي الزام هڻي، اهڙا الزام
اسان تي هنيا ٿا وڃن، ان سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه مواد
هٿ اچي اهو سڀ محفوظ ڪيو وڃي. جنهن مان اسان جي
تاريخ جڙندي. سنڌين سان ناحق ٿي رهيو آهي. ڏاڍ ٿي
رهيو آهي ڇاڪاڻ جو قوت هنن جي هٿ ۾ آهي. اخبارون
هنن جون رهيون آهن ۽ اسان سنڌين کي پٺتي رکيو پيو
وڃي. اسان موجوده تاريخ کي پنهنجي اکين سان ڏسي
رهيا آهيون ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اسان ماضيءَ جي
تاريخ کي پرکي سگهون ٿا ته، جيڏو هن وقت اسان تي
ٻاهرين طرفان ڏاڍ ٿي رهيو آهي، ايڏو ئي ماضيءَ ۾
ٻاهرين حاڪمن طرفان سنڌين تي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيو هوندو.
ان ڪري ماضي ۽ حال سنڌ جي تاريخ لاءِ بلڪل ڳنڍيل
آهن. نا انصافين ۽ ڏاڍاين جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي.
اڄ جيڪي ڪجهه سنڌين سان وهي واپري رهيو آهي، ان کي
گڏ ڪري جيڪڏهن ڪو تاريخ لکي ته ان کي گذريل دورن ۾
ٻاهرين حڪمرانن جي سنڌين سان ڪيل هلت سان ڀيٽي
سگهجي ٿو. ان ڪري اسان کي اخبارون پڙهي اڇلائڻ نه
گهرجن. اخبارن ۾ درج ٿيل اهي سموريون ڳالهيون ۽
واقعا ڪوري ڪاغذ تي رکڻ گهرجن. مثال طور سنڌي
ٻوليءِ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جيڪا پندرنهن سالن کان
هلچل ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن کي به ياد نه هوندي.
پر مون وٽ اخبارن جون ڪٽنگس آهن ۽ مان سمجهان ٿو
ته فقط اهو مواد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ لاءِ
ڪافي آهي.
|