جيتوڻيڪ سنڌ گذريل دور ۾ ئي فارسي زبان کي درٻاري
۽ علمي زبان قبول ڪري چڪي هئي، ليڪن هن خاص فارسي
گو گهراڻي جي تسلط بعد، ايران سان اسان جا لاڳاپا
زياده مضبوط ٿي ويا. شيراز، مشهد، سبزوار ۽ ٻين
ايراني شهرن مان سوين روحاني ۽ علمي گهراڻا سنڌ ڏي
لڏي آيا، جنهن ڪري فارسي ٻوليءَ ۽ فارسي تمدن جي
جهڙوڪر، هڪ مڪمل دنيا سنڌ ۾ پيدا ٿي پئي.
هن زماني ۾ غياث الدين منصور دشتڪيءَ جي گهراڻي
مان سيّد شڪر الله شيرازي (43)، سنڌ ڏي لڏي آيو،
جنهن جي گهراڻي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ناميارن عالمن،
فارسي گو شاعرن، طريقت جي صاحبن ۽ اهل قلم فاضلن
کي جنم ڏنو. شيرازي ساداتن جو ٻيو خاندان سيّد
ڪمال ۽ سيّد جمال نالي ٻن ڀائرن تي مشتمل، سيّد
شڪر الله سان گڏ ٺٽي پهتو، جنهن جي گهراڻي به ڪيئي
مشاهيرن کي پيدا ڪيو(44).
مولانا جامي رحه جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال
الدين بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف
آهي، جنهن
”نفحات الانس“ پڙهيو آهي. هن شيخ جلال الدين
پورانيءَ جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود سنڌ ۾ هن زماني
۾ پهتو(45)، ۽ ٻن سون سالن تائين سندس خاندان سنڌ
۾ عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن کي پيدا ڪندو رهيو. سنڌ ۾
هي گهراڻو عرب شاهي سبزواري ميرڪ سيّد جي نالي به
مشهور آهي ۽ پوراني سادات پڻ سڏائي ٿو.
مير غياث الدين محمد معروف، سلطان رضائي عريضي
سبزواري، صاحب ”حبيب السير“ يعني خواند مير جو
ڏوهٽو هو(46). هي به پنهنجي اولاد کي وٺي هن دور ۾
لڏي آيو. سندس سنڌي اولاد به سنڌ ۾ فارسيءَ جا
ڪيئي پائدار علمي آثار ڇڏيا آهن. هي معلوم هجڻ
گهرجي ته ”حبيب السير“ واري ليکڪ جا ارغون گهراڻي
سان تمام ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. خواند
مير پاڻ هتي آيو هو، پر پوءِ هندستان ويو ۽ اتي ئي
وفات ڪيائين (47).
مولانا مصلح الدين لاري (48)، مولانا عبدالخالق
گيلاني (49)، مولانا يار محمد ياري هروي (50)، ۽
مولانا يونس سمرقندي (51) به هن دور ۾ آيا، ۽ حيدر
ڪلوچ به هن دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(52).
شاهه جهانگير هاشمي ڪرمانيءَ جي مثنوي ”مظهر
الآثار“ (940هه) (53)، فخري هرويءَ جو تذڪرو ”روضة
السلاطين“ (958هه) (54)، شاعريءَ جي فن ۾ ”صنايع
الحسن“ (55)، ۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو ”جواهر
العجائب“ (56)، يا وري ”فتاويٰ پوراني“ (57) ۽
”آداب المريدين“ (58)، هن دور ۾ اسان جي مٿي ذڪر
ڪيل خاندانن جون چند علمي نشانيون آهن.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ”روضة السلاطين“
فارسي شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾
لکيو ويو ۽ ان ريت فخري هرويءَ جو ”جواهر العجائب“
خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو آهي، جيڪو هتي لکيو
ويو.
هند جي مغل بادشاهه همايون جو ايران وڃي پناهه
وٺڻ، هن دور جو مکيه سياسي واقعو آهي. هن ڏس ۾ هي
ياد رکڻ گهرجي ته اهو شاهه حسين ارغون ئي هو، جنهن
سنڌ ۾ همايون کي (47-950هه) رهڻ نه ڏنو، ۽ پنهنجي
سمورين ڪوششن ناڪام ٿيڻ بعد، ٻيو رستو نه ڏسي هو
ايران ڏي ”صراط مستقيم“ (950هه) ذريعي روانو ٿيو
(59). شاهه طهماسپ صفويءَ کي همايون بادشاهه جيڪو
خط لکيو، ان ۾ شاهه حسين ارغون جي سياست ڪاريءَ
ڪري، کيس پهتل تڪليفن جو اشارو هن ريت ڪيو آهي.
”از فضائي سواد اعظم هند، بتنگنائي ظلم سندهه،
رسيدهه شد.“
بگذشت از سرما آنچه گذشت
چه بدريا و چه کهسار و چه دشت (60).
(9)
ارغونن کان پوءِ (962هه) سنڌ کي، ترخانن
جي ٻن اميرن تقسيم ڪيو. هيٺئين سنڌ (ٺٽو) ميرزا
عيسيٰ ترخان ۽ اتر سنڌ (بکر) سلطان محمود بکريءَ
جي حصي ۾ آئي.
هي اهو ئي مرزا عيسيٰ ترخان آهي، جنهن جي
زال ماهه بيگم جي نالي فخري ”جواهر العجائب“ منسوب
ڪيو هو. ليڪن جڏهن اڪبر بادشاهه تخت تي ويٺو
(963هه)، تڏهن معمولي امير جي زال جي ڀيٽ ۾، هڪ
وڏي بادشاهه جي دائي ماهم انگه جي نالي، هن پنهنجي
انتساب کي تبديل ڪري ڇڏيو.
مرزا عيسيٰ ۽ سندس پوين (962-1000هه) جا
لاڳاپا، ايران سان اهڙيءَ ريت ٺيڪ رهيا، جهڙيءَ
ريت اسان ارغوني دور جو اڀياس ڪيو. هن دور ۾ به
ڪيئي ايراني خاندان، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي سنڌ
پهتا. سيّد بدرالدين مازندراني (61)، هن دور ۾ لڏي
ايندڙن مان هڪ آهي. تاريخ ”نگارستان“ جو مؤلف قاضي
احمد غفاري قزويني، هن زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ هتي
ئي فوت ٿيو. (975هه) (62).
مشهد (آستان قدس) سان، مرزا عيسيٰ ترخان
جي گهري وابستگي هئي. چنانچه عقيدت جي اظهار طور
هن خاص اهتمام سان سنڌي مشعل ٺهرائي، اوڏانهن
موڪلي ڏنا. مرزا عيسيٰ سياسي طور تي به ايران سان
لاڳاپي جي لاءِ مجبور هو. هو سنڌ ۾ هڪ پاسي بکر جي
حاڪم سلطان محمود بکريءَ کان ڊنل هو، ته ٻئي طرف
اڪبر کان به کيس خوف هو، جيڪو نئون نئون فتوحات جي
تازي جذبي ۽ ارادي سان تخت نشين ٿيو هو. لهذا مرزا
جي لاءِ بيحد ضروري هو ته، هو پنهنجي پاڙيسري
سلطنت بلڪه عظيم تر مملڪت يعني ايران سان لاڳاپو
پيدا ڪري. ليڪن سندس مشهد ڏي لاڙو پڪ آهي ته سياسي
نوعيت جو هو.
محمود بکري جنهن جو نالو اسان هاڻي کنيو
آهي، سو ان وقت نه رڳو لاثاني بهادر ۽ جنگجو امير
هو، بلڪه سياست ۽ ڏاهپ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو.
ايران ڏي ميرزا عيسيٰ جو لاڙو ڏسي، هن به پنهنجا
سفير موڪلي شاهه طهماسپ سان پنهنجا تعلقات پيدا
ڪري ورتا هئا (63).
مير ابوالمڪارم بن غياث الدين سبزواري،
جنهن جي خاندان جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، محمود
بکريءَ پاران ۽ تردي بيگ يا حق بردي بيگ ايراني
درٻار مان سنڌ ايندا ويندا رهيا (967هه) (64).
شاهه طهماسپ نه رڳو پاڻ کيس ”خان“ ۽ ”سلطان“ جو
لقب ڏنو، بلڪه محمود جي ئي درخواست تي، اڪبر کي به
خط لکيو، ته محمود کي پنهنجي درٻار مان به ”خان
خانان“ جو خطاب ڏنو وڃي. هندستاني درٻار ۾ جيئن ته
هڪ وقت ۾ صرف هڪ ”خان خانان“ هوندو هو، ۽ ان وقت
منعم خان هن منصب تي فائز هو، لهذا اڪبر، شاهه
طهماسپ کي معذرت جو خط لکيو(65).
(10)
ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي
حڪومت ڪندا رهيا، ۽ سال 1000هه ڌاري سنڌ، هندي
مغلن جي سلطنت جو حصو بنجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو
سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو.
’ يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني
درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور
امير، مؤرخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ هو. اڪبر
جي حڪم تي،
مير معصوم (11-1013هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ
(985-1038هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي
ڪاميابي حاصل ڪئي، بلڪه ذاتي طور تي به ايران ۾
پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. حڪيم
شفاعي اصفهاني (وفات 1027هه) (66)، محمد رضا فڪري
۽ تقي اوحديءَ جهڙن شاعرن سان سندس صحبتن ۽ مشاعرن
جو ذڪر، ايران ۽ سنڌ جي ادبي لاڳاپن جو هڪ مستقل
عنوان آهي(67). اصفهان جي مسجد علي جو ڪتبو (68)،
ڪاشان ۽ مورچه (مورچئه خورت) جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ
عباس جو ڪتبو (69)، يا احمد جام زنده پيل جي مزار
جو ڪتبو (70)، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا جيڪي مير معصوم
ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير
معصوم (وفات 1014هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر،
”تاريخ سنڌ“ جو مولف (1009هه)، صاحب ديوان ۽ هڪ
”خمسه“ جو مصنف آهي. خواجه نظام
الدين”طبقات اڪبري“ (1003هه)، سندس ئي تحرڪ ۽ مدد
سان لکي هئي (71).
سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ
وارو، ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم
مرزا غازي وقاري هو، جنهن جي شخصيت نه فقط دلچسپ
آهي، بلڪه رنگا رنگ خوبين جي ڪري بي انتها دلڪش پڻ
آهي. جڏهن هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو
(1017-1021هه)، ان وقت سندس ذاتي درٻار، سندس غير
معمولي علم پروريءَ ۽ شخصي ڪشش جي ڪري ايراني
شاعرن سان ڀريل هئي. طالب آملي پهريان سندس درٻار
جو شاعر هو، جنهن سندس مدح ۾ ايڏا ته سٺا قصيدا
لکيا، جو کيس (طالب آملي) ”ملڪ الشعرا“ بنائڻ کان
پوءِ به، جهانگير کي اهڙا قصيدا نصيب نه ٿيا.
شمساي زرين رقم، مرزا فصيحي هراتي، ملا شاني تڪلو،
مير الاهي اسد آبادي، سنجر ڪاشي، محوي اردبيلي،
بزمي کوز، مير نعمت الله وصل شيرازي، ملا اسد قصه
خوان، شيدا اصفهاني، مرشد بروجردي، عتابي تڪلو،
مولانا صوفي مازندراني صاحب بتخانه، سروري يزدي،
مير عبدالباقي
”قصہ خوان“- حڪيم فغفور لاهيجاني (72)، مرزا
غازيءَ جي بزم ادب سان واڳيل ۽ سندس مدح خوان هئا.
مرزا غازيءَ جا شاهه عباس ڪبير سان گهرا
لاڳاپا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ايلچي نياپو نڙو کڻي
ايندڙ هئا. مرزا غازيءَ جي پاران، سيّد عبد الله
سلطان عريضي سبز واري هي فرض بجا آڻيندو رهيو
(73).
پهريان ته سياسي لاڳاپا رهيا. ليڪن جلد ئي
شاهه ۽ مرزا جي وچ ۾ شخصي تعلقات پيدا ٿي ويا ۽
اهي ان حد تائين وڌيا، جو جهانگير وانگر شاهه عباس
به پنهنجي خطن ۾ مرزا کي ”فرزند“ جي لقب سان مخاطب
ٿيڻ لڳو. مرزا غازيءَ، شاهه عباس جي مدح ۾ جيڪي
قصيدا لکيا آهن، ان مان هڪ قصيدي جو هڪ ئي شعر
اسان تائين پهتو آهي.
ز زهر مار زمان، در امان بود آن ڪس
ڪه شاهه مهرهه مدح تو، در دهن گيرد (74).
مرزا رستم صفوي (وفات 1051هه)، شاهه
اسماعيل ڪبير جو پڙ پوٽو هو. ايران کان ڀڄي جڏهن
سنڌ پهتو، ان وقت (1000هه) اڪبر جي سپهه سالار
عبدالرحيم خان خانان ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ
ترخان درميان لڙائي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾
واسطيدار تاريخن ۾ ڪو به حوالو منهنجي نظر مان نه
گذريو آهي، ليڪن ”عالم آرائي عباسي“ ۾ آهي ته، هنن
ٻنهي ۾ مرزا رستم صفويءَ ذريعي صلح ٿيو (75).
ميرزا غازي ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو
(1021هه)، تڏهن مغلن سِڌو سنڌ تي صوبيدار (گورنر)
موڪلڻ شروع ڪيا ته، سڀ کان اول مرزا رستم صفوي
صوبيدار ٿيو، جيڪو 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو. حقيقت ۾
مرزا رستم کي موڪلڻ کان اڳ ۾ مرزا غازيءَ جي ئي هڪ
مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) کي، صوبيدار ڪرڻ جي
رٿ غور هيٺ آئي. ليڪن کيس هيڏي موڪلڻ کان ان ڪري
ٽارو ڪيو ويو ته، متان هو قديم لاڳاپن جي ڪري،
شاهه عباس جي مدد سان سنڌ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي
مسند واپس وٺي وڃي ۽ هندي مغلن کان سنڌ کي آزاد
ڪري وڃي (76). چند سال اڳ شاهه عباس جي پاران
قنڌار تي حملو ٿيو هو، جنهن ڪري شاهه عباس ۽
جهانگير جي وچ ۾ لاڳاپا سٺا نه هئا، جيتوڻيڪ ٻنهي
طرفن کان نياپي نڙي جو سلسلو جاري رهيو (77).
جهانگير سنڌ جي مسئلي ۾ مناسبت ۽ چڱائي ان ۾ ڏٺي
ته، سنڌ کان ايران جي لاڳاپن جي خاتمي لاءِ مرزا
رستم صفويءَ کي موڪلي، جيڪو شاهه عباس جو مخالف هو
۽ ان مخالفت جي ڪري وطن ڇڏي هتي پهتو هو.
هن يارهين صدي هجريءَ ۾ جيڪا مغلن جي صدي
آهي، ڪيئي ايراني شاعر هندستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾
ٽڪيا. مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شاگرد ملڪ
تعظيما قمي (78)، هندستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين
ترسيا. اهڙا ٻيا ڪيئي مثال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾
موجود آهن.
سرمد ڪاشاني شهيد (1070هه)، جيڪو هن دور
۾ ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو
(79). ٺٽي جي ئي هڪ فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان
ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو ترڪ نه
پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو. جنهن لاءِ سرمد چيو هو:
خدا ئي کيست اي سرمد! درين دير
نمي دانم ابي چند است، يا غير !
ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين
جي ڳانڍاپي جي ڪري سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي چڪو
هو ۽ سنڌي فطرت جو حصو بنجي ويو هو، جو هن يارهين
صديءَ ۾ جڏهن رضائي ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبانگار“
(1053هه) لکي، تڏهن هن عشق جو پورو مواد جيتوڻيڪ
سنڌ مان کنيو، ليڪن عاشق ۽ معشوق جا مقامي نالا ان
ڪري بدلائي ڇڏيا، ڇو ته فارسيءَ جي نرم فطرت انهن
نالن جي ڌاريائپ واري وزن کي پهچي نه ٿي سگهي.
باوجود ان جي ته هو پنهنجي مادري زبان سنڌي کي
بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو:
زبان سندهه شيرين است شيرين
بجاي خويش رنگين است رنگين!
***
نمي سازم بيان را سندهي آميز
نيام از زبان سندهه پرهيز!
***
ز ملک پارس آدم پرنيان را
بيو شانم عروس داستان را
چو حرف از عاشق و معشوق دانم
بلفظ فرس هر يک را بخوانم
بگويم نام هر يک تابداني
به هنگام که اين دفتر بخواني
چو در معشوق حسن و زيب ديدم
پي او نام ”زيبا“ بر گزيدم!
***
همان شهري که مي باشد مقامش
زادم شهر حسن آباد نامش
”نگار“ از بهر عاشق ساختم نام
که نقش اوست زيب لوح ايام (80).
(11)
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي
۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو، حڪومت جي
گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن
دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر
جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو
هئائون، ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي
پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. ان ڪري ان دور ۾ سنڌ
۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب
لکيا ويا، بلڪه ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا
ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان
ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات
الشعرا“ وغيره، هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون
آهن.
نادر شاهه جو دهليءَ کان موٽندي سنڌ ۾ اچڻ، هن دور
جو ايران جي حوالي سان مکيه سياسي واقعو آهي
(1152-1153هه). ميان
نور محمد (1132-1167هه) ساليانو ڏن ڏئي، ايران سان
پنهنجن لاڳاپن کي ٺاهيو ۽ نادري تلوار جي رتو ڇاڻ
کان پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي بچائي ورتو، جيڪا
محمد شاهه جي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري، دهلي ۽ دهليءَ
وارن کي ڏسڻي پئي!
سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار
ڇڏيا آهن. هي علمي آثار ۽ نشانيون سنڌ جي حاڪم
ميان نور محمد جي تصنيف ”منشور الوصيت“ (81)، ۽
تاريخ جي متعدد ڪتابن تي مشتمل آهن ۽ ادب ۾ اهي
مخالف توڙي موافق قصيدا آَهن، جيڪي نادر شاهه جي
آمد تي سنڌ جي شاعرن چيا آهن. سنڌي شاعرن تلميح جي
طور تي به نادر شاهه کي پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو
آهي. مثال طور:
کرد غارت دهلي دل آن شهه، مهه پيکران،
شوخ من اندر ستم کمترز نادرشاهه نيست (82).
ان دور ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري طور تي ايران جا
ڪيئي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان
عاشق اصفهاني (83)، مرزا جعفر شيرازي (84)، ۽ ٻيا
ڪيئي شاعر ۽ حڪومتي ڪارڪن آيا، جن جو ذڪر ”مقالات
الشعرا“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ موجود آهي. شيخ علي
حزين (85)، ۽ ايران جو مشهور مرثيه گو شاعر ملا
مقبل (86) (وفات گجرات، 1158هه) پڻ ان دور ۾ سنڌ
پهتا هئا.
نادر شاهه 11 محرم 1153هه تي سنڌ مان ايران لاءِ
موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب
ڏنو، جنهن جي تاريخ سنڌي درٻار جي شاعر هن ريت
چئي:
اي آنکه تو ئي بملک دولت قائم
از خوان تو افطار کند هر صائم
تا مملکت ”سند“ شهنشاهت داد
تاريخ تو شد ”شــــاهه قـلـي خــان دائــم“
(1152هه) (87).
جيسين نادر شاهه جيئرو هو، ايران سان اسان جا
سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود
سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور تي نادر
شاهه جي قتل (1160هه) تائين ايران ۾ رهيا. جڏهن
محمد مراد (1164هه) سنڌ واپس پهتو ته، شاعرن سندس
آمد جي موقعي تي قصيدا ۽ تاريخون چيون. مثال طور:
با مزدهه رسيد، خان عالي به وطن (جعفر)
بافضل خدا، خان جوان بخت رسيد
از راهه خراسان، به وطن باز رسيّد (محسن)(88).
شيخ غلام محمد پڻ ايلچيءَ طور نادري درٻار
۾ آخر وقت تائين رهيو (89). مير ابراهيم شاهه
حيدرآبادي ٻيو سفير هو، جو سنڌ مان ايراني درٻار
ڪيئي ڀيرا آيو ويو (90).
سنڌ جي والي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايران
پرستيءَ جو هڪ ٻيو مستحڪم ۽ مقدس نشان پڻ آهي، جو
اڄ به اسان کي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. هي
مشهد مقدس جي ڪتبخاني جي ميوزيم ۾ اهو لاثاني ڪلام
مجيد آهي، جيڪو هن نادر شاهه جي اچڻ کان اڳ
(1148هه) ”مقدس آستان“ ڏي موڪليو هو، جنهن جي
سينگار ۽ سونهن جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪتبخانن ۾
ملي (91).
(12)
تيرهين صديءَ هجريءَ ۾ ”ٽالپور“ نالي هڪ ٻيو مقامي
قبيلو حڪمران (1198-1258هه) هو. خود ”تال پور“ جي
لفظي ترڪيب ايراني ۽ سنڌي لاڳاپن جي هڪ علامت آهي.
ايران سان هن گهراڻي جو تعلق ان حد تائين ڳنڍجي
ويو، جو انهن ايران دوستيءَ ۾ نه فقط ان کي پسند
ڪيو، بلڪ سندن طور طريقا، حڪمرانيءَ جا قاعدا ۽
ضابطا، رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارت
سازيءَ تي ايراني اثر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري
بادشاهن سان، سندن گهرا لاڳاپا هئا. وڪيلن جي اچ
وڃ ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏي وٺ آخر تائين جاري رهي.
مرزا محمد عليءَ کي سفير طور 1214هه ۾ ايران
موڪليو ويو، جيڪو واپسيءَ تي فتح علي شاهه قاچار
جي سفير مرزا اسماعيل کي پاڻ سان وٺي آيو. هنن
سفيرن جي اچ وڃ جون تاريخون مقامي شاعرن جي ديوانن
۾ موجود آهن (92).
سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيّد ثابت علي شاهه
1219هه ۾ ايران جي سفارت تان واپس پهتو، جنهن جي
تاريخ مير مائل چئي آهي. مير غلام محمد ٺٽوي سفارت
تان 1225هه ۾ واپس ٿيو ته سندس آمد جي تاريخ چئي
وئي (93).
ٽالپور حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان
شاعر هئا، چناچه نظم ۽ نثر ۾ هنن حڪمرانن ڪيئي
ڪتاب ڇڏيا آهن. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح
ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي. ڪتبخانه ٺاهڻ جو
کين خاص شوق هو. هر بادشاهه جي حرم اندر هر عورت
جو ڪتبخانو الڳ الڳ هوندو هو، جن ۾ فارسيءَ جا
مکيه ڪتاب موجود هئا. هي سڀ ڪتاب خاص طور تي شاهي
ڪتبخانن لاءِ لکيا ويندا هئا ۽ اڪثر ڪاتب ايراني
هئا (94).
هي ڪتبخانه انگريزن ”سنڌ“ غضب ڪرڻ وقت 1843ع ۾
ويران ڪيا. روس کان پيرس ۽ لنڊن کان جرمنيءَ تائين
مختلف ڪتبخانن ۾ انهن جا جزا موجود آهن. هن وقت به
جيڪي ڪتاب اسان وٽ بچيا آهن، اهي پنهنجي جاءِ تي
بيحد قيمتي آهن. گهڻا ڪتاب اهڙن ايراني ڪاتبن جا
ترتيب ڏنل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ايران ۾ اڻ ڄاتل آهن
۽ پنهنجي دور جي ”خطاطن جي تاريخ“ ۾ اهي قيمتي
واڌاري جو باعث بنجي سگهن ٿا. وصال شيرازيءَ جا
لکيل ڪيترائي ڪلام مجيد موجود آهن. مولانا جاميءَ
جو مڪمل ”خمسه“ سندس پنهنجي اکرن ۾ لکيل موجود
آهي. ماضيءَ جي ٻين هندي بادشاهن کان سواءِ
شهنشاهه آريه مهر جو دستخط پڻ موجود آهي، جو سنڌ
جي آخري دارالسلطنت حيدرآباد ۾ سندس آمد جي موقعي
تي يادگار طور هنيو ويو هو.
ٽالپر دور جو هڪ ٻيو يادگار به اسان وٽ موجود آهي
۽ اهو آهي معاصر شاعرن جو تذڪرو، جيڪو سيّد مير
حسن الحسيني شيرازي ”زبدة المعاصرين“ (95)، جي
نالي سان، ٽالپر بادشاهن جي لاءِ (1240هه) تاليف
ڪيو هو. هن تذڪري ۾ گهڻو ڪري اهڙن ايراني شاعرن جو
ذڪر ملي ٿو، جن کان خود ايران جا ادبي عالم به
واقف نه هوندا.
هن ڪتبخاني (ٽالپوري لائبريري حيدرآباد) ۾ ٻيا
قيمتي ڪاغذات، جي ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن سان تعلق
رکن ٿا ۽ ايراني بادشاهن جا موڪليل تحفا به شامل
آهن. اسان مٿي چيو آهي ته هتي جي اٿي ويٺي ۽ عمارت
سازيءَ تي به ايراني اثر غالب هو. هن هڪ جهڙائيءَ
جي آخري نشاني حيدرآباد جي قلعي ۾ اها ننڍڙي عمارت
اڃا به زبون حالت ۾ موجود آهي، جيڪا اصفهان جي
”علي قاپو“ جو نقل ڏسجي ٿي.
(13)
تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پهريائين هندستان ۾، ۽
پوءِ سنڌ ۾ انگريز ۽ سندن قبضي جا آثار گهرا ٿيندا
ويا. مسلمانن کي ان جو ڪافي احساس هو، ليڪن مسلم
حاڪم ان حد تائين ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ مغل سلطنت جي
وحدت ان حد تائين ختم ٿي چڪي هئي ۽ ننڍن ننڍن ٽڪرن
۾ تقسيم ٿي وئي هئي، جو ڪنهن ٻاهرئين تازه دم قوت
جو مقابلو ڪرڻ سندس لاءِ ناممڪن هو. هن دور جا
رسالا، ڪتاب ۽ شاعرن جا ديوان هن ڳالهه جي شاهدي
ڏين ٿا ته، هند جو خواهه سنڌ جو مسلمان، هر وقت
ايران جي طرف واجهائيندو هو. کين يقين هو ته ايران
ضرور هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندو.
هن دور جو هڪ هندي شاعر ظهورالله ”نوا“، جنهن جا
وڏا ستين صديءَ هجريءَ ۾ ايران کان هند پهتا هئا
(96)، سو سنڌ ۽ هند جي هن حالت کان متاثر ٿي ايران
جي طرف ويو ۽ اتي پهچي، هن
”تاريخ جهانکشائي نادري“ جي مؤلف مرزا مهديءَ جي
ڏوهٽي مرزا ذڪيءَ آڏو هي شعر پڙهيو:
تنگ دل، بيمار، جان بر
لب، بہ ايران آمدم
اندرين ”دارالشفاءَ“ محتاج درمان آمدم
هي فتح علي شاهه قاچار (1797-1834ع) جو دور هو.
مرزا ذڪي شاهي درٻار جي شاعر فتح علي خان ”صبا“
تائين کيس پهچايو ۽ ان جي ذريعي ”نوا“ جڏهن شاهه
جي آڏو پهتو ته هند ۽ سنڌ جي ڏک ڀري حالت تي هن هڪ
دردناڪ قصيدو پڙهيو، جنهن جي شروعات هن فرياد سان
ٿئي ٿي:
در هند از بد گوهران، آفت پديدار آمدهه!
سبز نخل فتنها، ظلم و بلا بار آمدهه
۽ اڳتي هلي چوي ٿو:
احوال هندستان زِمن، کن گوش اي شاهه رمن
درهند و سند و هم دکن، رايت نگونسار آمدهه!
”نوا“ قصيدي ۾ چيو آهي ته: اي دوست جنهن ڏينهن
پيغامبر هي خوشخبري ڏيندو ته، شاهه ايران هندستان
جي ارادي سان قنڌار تائين پهتو آهي، ان وقت اسين
زبان سان سندس شڪر ادا ڪنداسين:
سازد ز قندش پر دهن، گويد چو منهى ناگهان،
ياران! پي هندستان، شاهم بقندهار آمدهه!
قنڌار، ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي طرف ويندڙ رستي کي
صاف ڪرڻ لاءِ، بهرحال انگريزن هي ضروري سمجهيو ته
پهريائين سنڌ تي قبضو ڪجي. چنانچه دهليءَ تي تسلط
(1857ع) ڪرڻ کان چوڏهن سال اڳ هنن (1843ع) سنڌ تي
قبضو ڪيو.
آزاد سنڌ جي حڪومت ۽ ايراني مملڪت جي لاڳاپن جي
آخري نشاني، اسان وٽ يادگار طور تي اهو لاجواب
ڪلام مجيد آهي، جيڪو ٽالپورن جي آخري آزاد سلطان
مير محمد نصير خان 1258هه ۾ مشهد مقدس جي لاءِ سنڌ
کان موڪليو هو، جيڪو اڄ به اتي جي ميوزيم جي زينت
بنيل آهي. هي ڪلام مجيد (97)، ان قرآن پاڪ کان،
جيڪو هڪ سؤ سال اڳ سنڌ کان موڪليو ويو هو، سينگار
۽ سونهن ۾ ڪنهن ريت به گهٽ ڪونهي.
بزرگ خطئه هند و امير کشور سند
که نام نامئي او خود علي مدد خان شد
بزرگواري کز عقل و دانش و تدبير
بدهر غيرت اغشى و رشک حسّان شد
پس آنگه از پئي تاريخ اين زيارت مير
خرد ”بعرصئه فکر و خيال“ پويان شد
زهوش ”فرصت آورد سر“ پس آنگه گفت
علي مدد مددش از علي عمران شد! (98).
1294=5+1289هه
جيتوڻيڪ انگريزن جي تسلط بعد سنڌ ۽ ايران جا
لاڳاپا ظاهر ۾ ختم ٿي ويا، پر روحاني ۽ ادبي
لاڳاپا، صدين وانگر برابر قائم ۽ جاري رهيا. هن
وقت سنڌ، پاڪستان جو حصو آهي. پاڪستان ۽ ايران جي
سٺن لاڳاپن جي صورت حال، ڪنهن رسمي تعارف جي محتاج
ڪونهي.
[ڪراچي2-8-1966ع]
حوالا ۽ حاشيا:
(1) ص ص 162-148، 47، 38
J.B.
(2) رشيد: ص 23-49.
(3) قصص: ص
Smith P. 118,107
(4) عزر: ص 563، مسعودي: ج 2، ص 191-200.
(5)
E.I.P 38
(6) خان: ص 12-14، خرد: ص 62، مسعودي: ج 1، ص 349.
(7) تاريخ: ص 134-136-216-233، خل: جلد 3، ص 343،
سيد: ص 241.
(8) ايران جي ماڻهن ۽ قافلن جو ذڪر عربي ڪتابن ۾
موجود آهي.
مثال
طور: مسعودي (346هه)..... ”وبلاد الهند متصله
ببلاد خراسان والسند ممائل المنصوره والمولتان و
القوافل المتصله من السند الي خراسان“ (ج1، ص
157)، ۽ ادريسي (560-493هه) لکيو آهي ته خراساني ۽
ايراني بلخ جي بختي نسل توڙي سمرقندي نسل جي وڌائڻ
لاءِ سنڌ کان اٺ خريد ڪيا هئا. ”اهل يرغب فيها اهل
خراسان وغيرهم من اهل فارس وشبائها النتاج البخت
البلخيہ والنوق السمرقنديه“ (ص 21). ان ريت ابن
بطوطه (734هه) بادام متعلق لکيو آهي ته..... ”از
خراسان بادام وارد مي کردند زيرا که در اينجا
(درسند) درخت بادام وجود نداشت.“ عالمن ۽ شاعرن جي
آمد رفت جو حال به عربي ڪتابن ۾ اچي ٿو. چنانچه
مقدسي (تاليف 375هه) شيراز ۾ هڪ عالم سان ملاقات
ڪئي، جو مدت کان سنڌ ۾ ٽڪيل هو، ۽ هن کيس سنڌ جي
حالتن کان واقف ڪيو هو. هڪ وڌيڪ فاضل سان به
مقدسيءَ جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ابوالهشيم
نيشاپوريءَ جي دوستن مان هو، ۽ هن سرزمين سنڌ جي
ڪيئي علائقن کي ڏٺو هو.... ”وسائلت رجلا من اهل
العلم الحکمہ و کان يجلس بشيراز والاهواز ويقص
عليهم و يعرف بالزهد و قد اقام بتلک البلدان مدة
مديدة (ص 477)..... و کذالک سالت فقيها آخر من
اصحاب ابي الهشيم النيشابوري وقد وطي تلڪ النواحي
وعرف اسبابها فصح عندي من قولها (ص 477).
مقدسي انهن سفيرن سان به مليو هو، جي منصوره جي
حڪومت پاران، عضدالدوله (283-338هه) جي درٻار ۾
مقرر هئا..... ”ورايت رسولهم قدواني، الى ابنہ
ونحن بشيراز“ (ص 285).
جنهن وقت ابن بطوطه (734هه) بکر پهتو هو ته، ان
وقت هن شمس الدين بن محمد شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي
هئي. هنن لاڳاپن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، عربن جي
دور ۾ پڻ سنڌ ۽ ايران جا گهرا لاڳاپا قائم هئا.
(9) اگرچه عرب جغرافيه نويسن منصوره ۾ فارسي زبان
جي رواج جو ذڪر نه ڪيو آهي، تاهم انهن مڪران ۽
ملتان جي باري ۾ لکيو آهي ته اتي جا ماڻهو فارسي
ڳالهائيندا هئا، بلڪ وڏيءَ حد تائين مڪران سر زمين
سنڌ جو حصو هو ۽ ملتان به ان وقت منصوره کان جدا
ٿي چڪو هو، ليڪن جغرافيه ۽ تاريخ جي خيال کان سنڌ
جو هڪ حصو خيال ڪيو ويندو هو. اصطخري هندستان ۾
534هه ۾ پهتو سو لکي ٿو: ”ولسان اهل مکران فارسي و
مکراني“ (ص 40). اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو
لباس به ايراني هو. ڏسو: اصطخري (ص 177). ان ريت
مقدسي (تاليف 375هه) ملتان متعلق لکيو آهي.
”....وفارسية مفهومة“ (ص 480).
اگر ملتان ۽ مڪران ۾ فارسي رائج هئي، ۽ ماڻهو هن
زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ته پوءِ هي ڪيئن ٿو
چئي سگهجي ته سنڌ فارسي زبان کان محروم هئي، جڏهن
ته منصوره ۽ ديبل وڏا واپاري مرڪز هئا.
(10)
223.
E.R.E:P.
(11) زين: ص 70، سنڌ ۽ ملتان جي اسماعيلين لاءِ
وڌيڪ ڏسو، سيد: ص 305-329، 341-355، ۽ فرشته: ج 1،
ص 17 ۽ 27، ڪامل: ص 132. هن ڏس ۾ عنصري چوي ٿو:
نه قلعه ماند که نکشاد و نه سپه که
نَزد
نه قرمطي، که نکشت و نه گبر نه کافر |
(ديوان: ص 111). |
(12) دقيقي:
شہ بر برستان وشاهان هند
گزينش بدارند و شاهان سند
|
(ديوان، ص 80) |
فرخي:
(جڏهن هو محمود سان گڏ سفر ڪري رهيو هو)
شنيدهه امه که فرامر ز رستم اند سند
بکشت مار و بدان فخر کردبيش تبار |
(ديوان، ص 53) |
کز آن تو شود آنجا بجنگ يک چاکر
زندهه پيلان کز در درياي سند آورده اي |
(ص 73) |
مال ديگر بگز راني ازلب دريائي نيل
رايت توسايه افگندهه است بر دريائي
سند
که بود شاها که سايه افگند بر کوهه
شام
سند و هند از بت پرستان کرد پاک
رفتہ زيد سرتا بدرياي روان |
(ص 221)
(ص 263) |
عنصري:
بسند و هند زعکس رخ هزيمنيان
مزار غوان را نتوان شناختن ز زيد
بسند و ناحيت هند شهر يار آن کرد
کجا بمردم خيبر نکردهه بُد حيدر |
(ديوان، ص 37)
(ص 111) |
هم اندرين مه کايد حرب کرد و رفت بسند
بحرب کورهه و تارا چوگير کان کبر |
(ص 112) |
قطران:
اگرچه زاءِ تو اين جا و گرچه جاي تو
ايدر
بتو ترسانند اندر سند و چين اطفال را
مادر |
(ديوان ص 174) |
ناصر خسرو:
از پارسي و تازي و از هندي و از ترک
و ز سندي و رومي و ز عبري همه يکسر
پيغمبر عرب يکسر مشرف گشت و فراد
ز ترک و رومي وهندي وسندي گيلي وديلم
بــعــلــم هــنــد ســر بــر
کــشـيــدي
بــســنــد و هـــنـــد اطـــراف
خـــراســـان |
(ديوان ص 174)
(ص 269)
(ص 213) |
بسند انداخت گاهم گهه بمغرب
چنين هرگز نديد ستم فلاخت
من همي نازش بال حيدر و زهرا کنم
تو همي نازش سند و هند بد گو هر کني
***
بندهه اي را سند بخشي پيشکاري را
طراز!
کهتري را برزمين خاوران مهتر کني
بخواهد خورد مر پروردگان خويش را گيتي
نخواهد رستن از چنگال او سندي و نه
هندي
چو فضل دين احمد را ز فضل خويش بفگندي
چوباشد فضل سوي او برهندي وسندي |
(ص 311)
(ص 423)
(ص 493)
(ص 494) |
مسعود سعد سلمان:
رايان هند را هز بران سند را
در بيشها بيان و بکجا نثار کن
|
(ديوان، ص 437). |
عسجدي:
(جڏهن محمود غزنوي سان سنڌ ۽ گجرات ۾ هو)
تا شاهه خسروان سفر سومنات کرد
کردار خويش را علم معجزات کرد
(ديوان، ايڊٽ: طاهري شهاب)
امير معزي:
بر زمين هند و سند از هيبت شمشير او
شير غرند نگردد يکزبان غائب ز غائب
از ناحيہ سند کنو تا بدر هند |
(ديوان، ص 66) |
بس کس که ازين رنج بدر دست و بيمار
خصم ملک از گريزي صد لشکر آوردهه بهم
از حد کالنجر و قنوج و سند و مولتان |
(ص 202)
(ص 520) |
مختار غزنوي:
(جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد سلمان جي ملڻ لاءِ
سنڌ ۾ آيو هو. مقدمه: ص 95).
ترا بحاکمي سند تهنيت چه کنم
که گشت از هنرت هنرور زمانه سمر
همه ممالک مشرق سپردهه گير بتو
چو هند برتو نوشتند سند راچه نظر |
(ديوان، ص 39). |
(13) ناصريءَ ۾ لکيل آهي ته: ”چون ممالڪ سند بروي
(ناصرالدين) قرار گرفت در حوادث کفار چين اکابر
خراسان و غور و غزنين بسيار بخدمت او پيوستند واو
در حق همگنان انعام و اکرام فرمود“ (ج 1، ص 419).
(14) مملوڪيه: ص 60 (بحواله فرشته).
(15) بزم: ص 93.
(16) لباب: ص 764، مملوڪيه: ص 39، ميگزين، ص 93،
نومبر 1938ع. هي عبارت گل رعنا (شفيق) تان کنيل
آهي: ”فضلي ملتاني ملقب بتاج الفضلا از علماءَ
ملتان بود در خدمت ناصرالدين قباچه بسرمي برد“.
(17) چچ نامه، ص 11.
(18) ناصرالدين قباچه جي مدح ۾ چيو اٿس:
خسروا ملک بر تو خرم باد
نخل گيتي ترا مسلم باد!
(وڌيڪ ڏسو: چچ نامه، ص 7.)
(19) عوفي: جلد 2، ص 418، ميگزين: ص 19 (نومبر
1938ع)، قانع: ص 27 (مقدمه)
(20) عوفي: ص 24.
(21) بزم: ص 104 (بحواله فرشته).
(22) بزم: ص 102 (حوالو فوائد الفوائد، ص 137).
(23) بزم: 157.
(24)
P.P.S:P.P1-9،
مظهر: حاشيه عثمان، لب: ص 8-6 ”در دربار خان شهيد
(683-668هه) شعر و ادبيات فارسي رونق خاصي داشت
اشعار فردوسي، سنائي، خاقاني و نظامي قرائت مي شد،
و مورد بحث قرارمي گرفت“. برني لکي ٿو: و درميان
او شاهه نامه و ديوان سنائي و ديوان خاقاني و خمسه
شيخ نظامي خوانندي و در اشعار بزرگان مزکور
دانايان درپيش او بحث کردند.... (ص 67). جنهن دور
۾ شيخ مرندي هن سر زمين تي رهيل هو، خان شهيد ٻه
ڀيرا شيخ سعديءَ (691 هه) کي ملتان گهرائڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر شيخ پيريءَ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. برني لکي
ٿو.... شيخ عثمان مرندي که بزرگوار بود در ملتان
رسيد.... خان شهيد...... او ابا فراط تواضع
کرد......... و خان شهيد......... دوکرت از ملتان
در طلب شيخ سعدي قاصد او عائد اکسان و خرج در
شيراز فرستاد، شيخ را در ملتان طلب کرد، و خواست
که بجهت او در ملتان خانقاهه سازد و دران خانقاهه
دهه ها وقف کند خواجه سعدي از ضعف پيري نتوانست
آمد وهر دو کرت بکان سفينه غزل بخط خود، نزد خان
فرستاد و عذر نيامدن خود در قلم آورد..... (ص 68).
(25) عفيف: ص 246.
(26) عفيف: ص 406، ماهرو: مکاتيب نمبر1 (ص 2)، 8
(ص 19)، 46 (ص 100)، 99 (ص 186)، 134 (ص 229) ۽
مڪلي نامه (حاشيه)، ص 137-176.
(27) مڪلي: (حاشيه) ص 87-107، ميگزين: فيبروري
1935ع، ص 140.
(28) ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 142-156.
(29) ايوب: ص 262 ۽ 263، قلمي نسخو ذاتي ملڪيت
ڊاڪٽر معين الحق ڪراچي.
(30) قلمي نسخو، خانقاه مخدوم نوح هالا [طبع سنڌي
ادبي بورڊ، 1401هه].
(31) بزرگ: ص 3
(32) مڪلي: (حاشيه) ص 41-72، معارف: ص 195، تک: ص
186.
(33) رحيمي: ج 1، ص 273.
(34) رحيمي: ج 1، ص 273، معصومي: ص 74-75.
(35) قانع: ص 816.
(36) معصومي: ص 76، 199، حبيب ج 4، ص 349، هاشمي:
راقم الحروف جو مقدمو، رحيمي: جلد 1، ص 275، تک: ج
3، ص 141.
(37) رحيمي: جلد 1، ص 274، معصومي: ص 75. علامه
دوانيءَ کي محمود گاوان وزير به دعوت ڏني هئي ته
هو بيدر ۾ اچي رهي. ڏسو گاوان: مڪتوب نمبر 41، ص
172.
(38) تڪ: ج 3، ص 191.
(39) تڪ: ص 192.
(40) مڪلي: (حاشيه) ص 550.
(41) حبيب: ج 4، ص 390 کان 494، ترخان: شجرو ايل،
مڪلي (مقدمو).
(42) فرشته: ج 2، ص 620، طاهري: ص 61.
(43) تڪ: ج 3، ص 193، قانع: راقم الحروف جو مقدمو،
پڻ ص 531، قصائد: راقم الحروف جو مقدمو سنڌي: مير
قانع جي زندگيءَ جو خاڪو از راقم الحروف.
(44) تڪ: ج 3، ص 198.
(45) معصومي: ص 91-92-181، تک: ج 3، ص 300 ۽
پوراني.
(46) معصومي: ص 44-46-47-52-112-215-225-239، تک:
ج 3، ص 202.
(47) شيخ نظام الدين دهلوي مڪي خانقاهه ۾ دفن ٿيو.
قبر اڄ به موجود آهي.
(48) معصومي: ص 204.
(49) معصومي: ص 44، 204، 217 ۽ 239.
(50) معصومي: ص 204.
(51) تک: ج 3، ص 141.
(52) معصومي، ص 206.
(53) ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ، ايڊٽ راقم الحروف.
(54) زير طبع، ايڊٽ ۽ مقدمو راقم الحروف
(هاڻي شايع ٿيل)
(55) نسخو قلمي بانڪي پور جو ڪتبخانو. ان جو عڪس
مون وٽ آهي.
(56) مطبوعه: نولڪشور لکنو 1880ع، ٻيو ڇاپو
نولڪشور لکنو 1903ع، ٽيون ڇاپو: ماهنامه اردو:
اورنگ آباد جولاءِ 1928ع، ۽ راقم جو قلمي نسخو.
(57) ناياب.
(58) راقم جو قلمي نسخو.
(59) قانع: ص 862، معصومي (ص 180) لکيو آهي - ”پل
بر نهر مقابل قصبه جون بستند و تاريخ مصالحه و پل
بستن را بادشاهه (همايون) ”صراط مستقيم“ يافتہ
اند. پڻ ڏسو بيگم: ص 63.
(60)
RAY:P.65،
عباسي: ص 97.
(61) تڪ: ج 3، ص 199.
(62) قانع: ص 71.
(63) قانع: ص 465، تک: ج 3، ص 203.
(64) معصومي: ص 225 ۽ 239.
(65) عباسي: ص 116، اڪبر: ج 2، ص 237، (روملو: ص
422، اهو خط جيڪو شاهه طهماسپ لکيو هو ”عالم آراي
عباسي (برٽش ميوزيم
Add: 7654 f. 173a)
جي قلمي نسخي جي ڪناري تي هڪ غير معلوم شخص جي هٿ
سان لکيل موجود آهي. راقم کي ان جو اطلاع ڊاڪٽر
رياض الاسلام ڏنو، جنهن لاءِ سندس شڪريو ادا ڪجي
ٿو.
(66) تقي: 483-486، روز: ص 679، نشتر: ورق 327،
مخزن: ص 1401-1406.
(67) معاني: ص 523-524.
(68) زخمي: ورق 254، هنر: ص 377، آثار ص 73.
(69) هنر: ص 359.
(70) سير: ص 169، معاني: 116 (حوالو عرفات).
(1) مرشد نامي شيخ گرامي احمد جامي عمم
بره
سال وفاتش گرتو بجوي احمد جامي قدس سره
(2) 536
(3) حرره محمد معصوم
(4) بکري نامي
(5) 1012
راقم الحروف 13 سيپٽمبر 1966ع تي هي ڪتبو ڏسڻ ۽ ان
جو عڪس پاڻ وٺڻ ويو. ڪتبو احمد جام تربت جي
پٿرائين ڪٽهڙي جي مٿئين ڪناري تي نصب ٿيل آهي.
(71) عباسي: 647-663، اڪبر ج 3، ص 825، بکري: خط
جيڪو مير معصوم، شاهه عباس جي نالي کڻي ويو هو،
اهو جامع المرسلات ۽ فياض القوانين (برٽش ميوزيم
O.R.9617)
۾ موجود آهي ۽ پڻ اڪبر: ج 3، ص 836.
(72) ترخان: ص 85، معاني: ص 293، 294، 325، 437،
453، 477، 555، 576، 598، 603، 605.
(73) تڪ: ج 3، ص 85-138، ترخان: ص 91، ماثر: ج 3،
ص 346.
(74) ذخيره: ص 162.
(75) عباسي: ص 450.
(76) ذخيره: ص 286، ماثر: ج 3، ص 485، مڪلي
(حاشيه)، ص 267-276، تزڪ: ص 129.
(77) مڪلي (حاشيه) ص 277-280، تزڪ: ص 350-356،
359.
(78) قانع: ص 130-759
(79) قانع: ص 300.
(80) راقم جو قلمي نسخو: ص 51.
(81) وصيت: مقدمو از راقم الحروف.
(82) مهراڻ: ص 145.
(83) قانع: ص 390 (حاشيه).
(84) قانع: ص 150.
(85) حزين: ص 732، قانع: ص 168، سفينه: ص 1-54،
آزاد: ص 193.
(86) قانع: ص 766، روئداد: ص 384.
(87) محسن: ص 487.
(88) وصيت: ص 12.
(89) وصيت: ص 23.
(90) مهراڻ: ص 180.
(91) نمبر 255 (مشهد مقدس جو ميوزيم، ورق:
4/36x23=606).
(92) مهراڻ: ص 179، ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ٽالپر،
ايراني اثر هيٺ شيعا مذهب ۾ داخل ٿيا:
The Talpurs were originally Soonnees like
Balochees and Sindhians in general. But their
connection with Persia has infected the Court
with the heresies of that Kingdom, and with the
exception of Murad Ali and Sobdar, who are still
attached to the orthodox doctrines, they have
become Sheah’s or followers of Ali (p.81)
|