سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:1

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

مرتب: غلام محمد لاکو

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخ نويس سيد حسام الدين راشديءَ جي تاريخي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُهاڳن جو مجموعو آهي، جيڪو نامياري تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب وڏي محنت سان مرتب ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو.

سنڌ جي هن تاريخ دان، عالم ۽ ڏاهي جي املهه پورهئي کي مانُ ڏيندي، بورڊ طرفان هن ڪتاب کي سال 1992ع ۾ پهريون ڇاپو شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو واڌارن ۽ سڌارن سان سيد حسام الدين راشديءَ جي پنجويهين ورسيءَ (1- اپريل 2007ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. هاڻي هِن ٽيئن ڇاپي لاءِ ڪتاب جي مواد جي سهيڙ، موجوده ڇاپي ۾ واڌارن ۽ سڌارن سان سموري سُوڌ سنوار سوڌو نئين سِر مهاڳ لکي ڏيڻ وارو اهم ڪم به ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب مڪمل ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو.

هِن ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ جو ٽيون ڇاپو آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان عاطف صاحب جي خاص هدايتن تحت، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سهڪار سان بورڊ طرفان شايع ڪري خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.

اميد آهي ته اسان جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان چاهه رکندڙن وٽ مان لهندي.

01 ذوالقعد 1441هه                   سيد سڪندر علي شاهه

23- جون 2020ع                                  سيڪريٽري

 

گذارش

 

سيد حسام الدين راشدي (1911ع – 1982ع)، سنڌ جو هڪ وڏو اديب، اسڪالر، محقق ۽ تاريخ دان ٿي گذريو آهي. سنڌ جي هن بي مثل عالم: فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾، سَٺِ کان به وڌيڪ ڪتاب ايڊٽ، مرتب، ۽ تصنيف ڪيا. ان کانسواءِ پاڻ ٽنهي ٻولين ۾، ڳچ تعداد مقالن ۽ مضمونن جو به ڇڏيو اٿن. راشدي صاحب جو اهم ڪم، سنڌ ۾ فارسي ادب کي شايع ڪرڻ، ۽ ان حوالي سان سنڌ جي تاريخ کي سائنسي انداز ۾ نروار ڪرڻ آهي. هونئن ان نوعيت جي ڪم جو آغاز ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم ڪيو هو.

راشدي صاحب جي حياتيءَ جي آخري مرحلي تي، سندن لکيل سنڌي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هڪ جلد ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان ڇپجي نروار ٿيو هو. هن ڪتاب ۾ ٽيتاليهه مضمون ۽ مقالا شامل آهن. هي جلد جناب عبدالحميد آخوند جي ڪوشش سان شايع ٿيو هو.

سال 1988ع ڌاري ڊئريڪٽر ”سنڌالاجي“ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، پير حسام الدين جي حوالي سان، مون کي ڪم ڪرڻ جي آڇَ ڏني. هي ڪتاب اصل ۾ ان رٿا تحت تيار ٿيو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ ميڊم مهتاب، سنڌ يونيورسٽي ڇڏي، حڪومت سنڌ جي ملازمت اختيار ڪئي. مواد جي ميڙا چونڊي ڪري مون اداري جي حوالي ڪيو. ليڪن حالتن جي تبديليءَ سان، ممڪن نه هو ته، اهو مواد سنڌالاجي اداري پاران ڇپجي سگهي. بعد ۾ ذڪر ڪيل مواد ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ عنوان سان، سال 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي ظاهر ٿيو.

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، نالي هي ڪتاب، راشدي صاحب جي لکتن، مضمونن، مقالن ۽ تقريرن جو ٻيو مجموعو آهي. ان ۾ ڪجهه خَطَ به آهن ته، لِکندڙ جا پنج عدد انٽرويو به شامل آهن. هي سمورو مواد مختلف ڪتابن، رسالن، ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇڙوڇڙ حالت ۾ موجود آهي. انهن جي ميڙا چونڊي ۽ سليقي سان ترتيب، چاليهه سال لڳاتار ڳولا ۽ محنت جو نتيجو آهي. سمورو مواد پڙهندڙن جي لاءِ، ۽ خاص ڪري نئين نسل لاءِ ڄاڻ ڀريو، مقصد ڀريو، ۽ صحت مند فڪري اوسر جي لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1992ع ۾ نِڪتو. ان ۾ راشدي صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ويهن صفحن جو جائزو پيش ڪيو ويو هو. سمورو ڪتاب 340 صفحن تي ڇپجي آيو. سال 2007ع ۾ ٻيو ڇاپو ڪجهه واڌارن سان، ڪل 380 صفحن تي نروار ٿيو. هن ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو عنقريب ڇپجڻ جي اُميد آهي. ٽئين ڇاپي ۾ اٽڪل روءِ هڪ سؤ، صفحن جي مواد جو واڌارو آهي. خاص ڳالهه ته هن ڇاپي ۾، سنڌ جي سدا بهار عالم، سيد حسام الدين جي علمي خدمتن، ۽ سندن باري ۾ ٿيل ڪم جو مناسب مگر تفصيلي احاطو ڪيو ويو آهي. هي مواد مستقبل جي لکندڙن جي لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

گذريل ٽن چئن سالن کان، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم هلندڙ هو. ان عرصي ۾ پبليڪيشن جي عملي: دبير مرزا، رفيق جمالي، عبدالصمد ٻٻر کي، بار بار تڪليف ڏني اٿم. بورڊ جي اڳئين توڙي موجوده سيڪريٽري به، صبر سان مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان لاءِ آءٌ سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان. جيسين زندگي آهي راشدي (پير حسام الدين) صاحب تي ڪم جاري رهندو. يار زنده صحبت باقي!!

2020-02-20                                                         غلام محمد لاکو

                                                                             ڄام شورو

                                          

مقدمو

 

(ٽيون ڇاپو)

سال 1972ع ۾ مون وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ داخلا ورتي. اهو سال سنڌ جي جديد تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. موري جو عبدالرزاق سومرو حيدرآباد ۾ شهيد ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت نئين دستور جي تياري ڪئي. سنڌي زبان جو بل سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو. سنڌ اندر زبان جي مسئلي تي غير ضروري طور تي زبردست ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ان طرح ڪيئي ٻيا ننڍا ننڍا مگر اهم واقعا ٿي گذريا. ان صورت حال ۾ سوين رسالا، مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا نڪري نروار ٿيا. سنڌ اندر موجود ان زبردست بي چيني ۽ پڻ نئين سجاڳيءَ جي پس منظر ۾، مون پنهنجي دوست غلام علي باگاڻيءَ جي صحبت ۾ ادب پڙهڻ شروع ڪيو. ان ريت سنڌي ساهت پڙهندي، رسالا ميڙيندي ۽ ڪتاب گڏ ڪندي، منهنجي ذهن کي مهميز لڳي، ۽ آهستي آهستي سنڌ شناسيءَ (Sindhological Studies) طرف توجهه ويو، جو اڄ سوڌو برقرار ۽ جاري آهي!

          سنڌ شناسيءَ جي ان ابتدائي مرحلي وقت؛ جن اديبن، عالمن ۽ محققن سان شناسائي پيدا ٿي، بلڪ دلي ۽ روحاني سلسلو قائم ٿيو، انهن اسڪالرن ۾ سيّد حسام الدين راشدي مرحوم جو نالو سرفهرست آهي. تاريخ ڪلهوڙا تي سندس لکيل مهاڳ، پهرين لکت هئي، جيڪا مون پڙهي هئي. ستت پوءِ اپريل 1973ع ۾ ”سنڌي پبليڪيشن“ ۾ راشدي صاحب جو انٽرويو پڙهيم، جيڪو مسٽر خان محمد پنهور جو ورتل هو. ان بعد هن مثالي سنڌي مؤرخ ۽ اسڪالر جا ڪتاب، انٽرويو، مقالا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخباري بيان مطلب ته، جو ڪجهه به ڏسبو هو سو خريد ڪري پڙهبو هو، يا وري ڪاليج ۽ پوءِ جي زماني ۾، يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني مان هٿ ڪري نظر مان ڪڍبو هو. 1976ع ڌاري خود مون به لکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا(1). تاريخ 27 آگسٽ 1977ع تي، 60 الحمرا ڪراچيءَ ۾، راشدي صاحب سان پهريون ڀيرو مفصّل رهاڻ ٿي. سال 1979ع ۾ سندن ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ڇپيو ته، ان تي مون هڪ تعارفي تبصرو لکيو، جو رسالي ”مهراڻ“ (2/1981ع) ۾ شايع ٿيو، جنهن کي خود مصنف به پسند ڪيو. ان طرح سنڌ جي هن برک عالم سان منهنجو باقاعده تعلق پيدا ٿيو. ميل ملاقات ۽ خط و ڪتابت، سندن زندگيءَ جي آخر تائين جاري رهي. منهنجو هڪ مضمون سنڌالاجيءَ جي رسالي ۾ ڇپجي نه سگهيو، جو پاڻ رسالي سه ماهي ”اردو“ (2/1981ع) ۾ ڇپرائي ڏنائون. سال 1981ع جي پڄاڻيءَ ڌاري مون سندس ڪتاب ”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمي، حاشين ۽ وضاحتن سان شايع ڪرايو. هي ڪتاب کين 28 ڊسمبر 1981ع تي پيش ڪيو ويو. هي اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿي.

حسب نسب:

يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ سيّد علي موسوي سنڌ ۾ داخل ٿيو. روايتن موجب هو اچي ”لڪي“ ۾ رهيو. علي ۽ لڪي، گڏجي ”لڪعلوي“ کي جنم ڏنو. سيّد صاحب جي شادي دلوراءِ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان جيڪو اولاد ٿيو، ان کي ”لڪياري“ ساداتن جو نالو مليو. هن سيّد جي ويهين پشت مان سن 1135هه/1722ع ۾، پير محمد بقا ڄائو. هن سنڌيءَ ۾ شعر چيو. سندس ڏوهيڙا اڄ به ملن ٿا. راهه ويندي سن 1190هه/1776ع ۾، پير صاحب چورن هٿان شهيد ٿي ويو. کيس هڪ پٽ پير محمد راشد جي نالي سان هو، جو سن 1170هه/1756ع ۾ ڄائو هو. هن علم ادب جي خدمت ڪئي ۽ متعدد ڪتاب ترتيب ڏنا. هن پير صاحب جو اولاد اڳتي هلي ”راشدي“ خاندان جي نالي سان مشهور ٿيو. پير محمد راشد سن 1223هه/1808ع ۾ وفات ڪئي. راشدي خاندان گذريل ٻن صدين کان، سنڌ جي تمدن، سياست ۽ علم ادب جي خدمت ۾ مصروف رهندو پيو اچي.

سنڌ جي هن محسن خاندان ۾ ويهين سيپٽمبر 1911ع تي، اسان جو هي نامور عالم ۽ مشهور محقق توڙي مؤرخ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ”حسام الدين“ رکيو ويو. اڳتي هلي هي اعلى انسان، ادبي تذڪرن ۽ تاريخن ۾، سيّد حسام الدين راشديءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. روايتي ڳوٺاڻي تعليم بعد ويهن سالن جي عمر ۾، پاڻ سکر پهتو ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار سان وابستہ ٿي ويو، جنهن جو ان وقت ايڊيٽر، سندس وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي هو. صحافتي دنيا ۾ رهندي اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن ”ستارهء سنڌ“ نالي پنهنجي اخبار پڻ سکر مان جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر سيّد حسام الدين راشدي بنيو. هت رهندي پاڻ علم ادب جي دنيا ۾ به قدم رکيائون. پهريان شعر چوڻ جي مشق ڪيائون(2). بعد ۾ فڪشن ۾ پڻ طبع آزمائي ڪيائون. اهڙا ڪجهه افسانه ”المنار“ ۾ ڇپيا. هي رسالو حافظ عبدالحميد ڀٽي مرحوم سکر مان ڪڍندو هو. سال 1947ع تائين سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ صحافت ۾ سرگرم رهيا. سنڌ مسلم ليگ ۾ به ڪم ڪيائون. زمينداري به ڪيائون ۽ فڪشن سان گڏ ٺوس علمي عنوانن تي به قلم کنيائون.

هونئن ته اسان کين 1940ع کان ڪراچيءَ ۾ مصروف عمل ڏسون ٿا، ليڪن قيام پاڪستان کان پوءِ سياست، صحافت ۽ زمينداريءَ جهڙن مشغلن کي ڇڏي، مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان طرح باقاعده تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جي دنيا ۾ قدم رکيائون. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد ۽ ٻين کوڙ ادارن جا باني عالم آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد تائين، ڪيترن ئي ادبي، علمي ۽ تحقيقي ادارن لاءِ ڪم ڪيائون. ڪيترن ادارن جا سرگرم رڪن ڏسجن ٿا. متعدد ادارن جي گورننگ باڊيءَ تي رهيا ۽ ملڪ جي مکيه يونيورسٽين سان پڻ لاڳاپيل رهيا. راشدي صاحب جو ڪتابي ورثو فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ موجود آهي. ٽنهي ٻولين ۾ مضمونن ۽ مقالن جو به وڏو تعداد ڇڏيو اٿن. سندن مطالعي جو خاص مرڪز سنڌ جي تاريخ جا فارسي ماخذ، اوليائن ۽ شاعرن جا تذڪرا، سنڌ جي ادبي تاريخ جا سرچشما ۽ مکيه مکيه قديم آثار هئا. فارسي مطالعي ۾ سندن دائرو سنڌ کان ٻاهر هندستان ۽ ايران تائين پکڙيل ڏسجي ٿو. سنڌ جي مؤرخ جي حيثيت ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيائون، ۽ هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ نون لکندڙن لاءِ نت نوان گس گهيڙ ۽ نقطا نروار ڪيائون. سندن تقريرن، تحقيق ۽ لکت ۾ سنڌ دوستيءَ جو عنصر نمايان ڏسجي ٿو. راشدي صاحب جي ادبي ڪاوشن جو دائرو ۽ خدمتون اڌ صديءَ تي پکڙيل آهن. سندن اڻ ٿڪ علمي ڪاوشن ۽ تحقيقي ڪمن جي حاصلات جي ڪري، سال 1974ع ۾ تهران يونيورسٽي کين ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. شايد هي پهريون سنڌي عالم هو جنهن کي علمي خدمتن سبب، ايڏي وڏي پيماني تي بين الاقوامي علمي مڃتا ملي. ان کان پوءِ به هي رڪارڊ ٽُٽي نه سگهيو آهي.(3) سيّد حسام الدين راشدي پهرين اپريل 1982ع تي وفات ڪئي. پاڻ هميشه هميشه لاءِ وڃي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو!

تصنيف تاليف:

        سيّد حسام الدين راشديءَ جي تحرير، تصنيف ۽ تاليف پنجاهه سالن تي پکڙيل آهي. سندن پهرين لکت جا اڄ اسان وٽ موجود آهي، اها ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سال 1932ع ۾ پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”بهار نثر“ ۾ شامل ڪئي هئي. ان جو عنوان ”ڪچي جو سير“ آهي. هي مختصر مضمون ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي(4). ان طرح سندن آخري تحرير ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ رسالي ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1980ع ۾ ڇپي هئي. هي مضمون به ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي. هي ڪتاب  1981ع ۾ شايع ٿيو. هن مستند ۽ معتبر عالم جي ڪتابي ورثي بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. راقم الحروف ويهه سال اڳ ان بابت هڪ جائزو شايع ڪيو هو(5). ليڪن پوءِ جي مطالعي، جستجو ۽ تلاش ذريعي، مذڪوره جائزي کي واڌارن ۽ سڌارن بعد، راشدي مرحوم جي ادبي اثاثي کي هيٺ نروار ڪجي ٿو. هي اڀياس ڪتابن جي اشاعت وارن سالن جي لحاظ سان مرتب ڪيو ويو آهي.

1. الزليخا: هن عنوان سان هڪ طويل ڪهاڻي لکيائون، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ناوليٽ جو نالو به ڏنو ويو آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1933ع ۾ نروار ٿيو  هو. ٽيون ڇاپو ڪرائون سائيز ۾ 62 صفحن تي 1951ع ۾ سکر مان ڇپيو. ان زماني ۾ پاڻ ”سيّد فدائي الراشدي“ جي قلمي نالي سان لکندا هئا. طويل ڪهاڻي ”الزليخا“ کي، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ صاحب، نئين سر مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ نروار ڪيو. هي ڪتاب مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو آهي. خانائي صاحب مرحوم ”الزليخا“ کي راشدي صاحب جي پهرين ادبي ڪاوش سڏيو آهي.

2. افسانا/ڪهاڻيون: راشدي صاحب ابتدا ۾ شعر به چيو ۽ پوءِ افسانه به لکيائون. انهن ۾ ”انار ڪلي“، ”پاڪ دامن عورت“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”امانت“ ۽ ”بدنصيب شهزادو“ ڇپيل ۽ شايع ٿيل ملن ٿا.  ان کان علاوهه ٻيا به ڪي افسانا لکيائون جي ڇپيل آهن. ضرورت آهي ته، ان آڳاٽي ادبي سرمايي کي گڏ ڪري ڇپرائجي. اهڙي مواد جي نشاندهي مشهور اديب رشيد ڀٽي ڪئي آهي.(6)

3. اسلامي ڪتبخانه: هي مختصر ڪتاب اطالوي خاتون مس اولنگا پنٽو پنهنجي زبان ۾ لکيو هو. ان جو پوءِ انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان انگريزي زبان تان قاضي اختر جهونا ڳڙهيءَ اردو ترجمو شايع ڪيو. ان اردو ترجمي تان بعد ۾ ”ستارهء سنڌ“ اخبار جي مدير سيّد حسام الدين راشديءَ جون 1937ع تي سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو. پبلشر نوٽ ۾ محمد صديق ميمڻ، ڪتاب ۽ راشدي صاحب جي محنت تي تبصرو ڪيو آهي. سيّد حسام الدين راشدي صاحب، پيش لفظ (تعارف) ۾ ڪتاب جي اصليت ۽ اهميت تي روشني جي وڌي آهي. هي ڪتاب سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1939ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. جڳ مشهور رسالي”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1984ع ۾ هن مختصر ڪتاب کي دوباره شايع ڪيو ويو آهي.(7)

4. سنڌي ادب: هي ڪتاب اردو ۾ پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1952ع ڌاري ڇپيو. سنڌي ادبي تاريخ بابت هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي دور وار ترتيب ڏئي لکي نروار ڪيو ويو. ان طرح سنڌي ادب جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿي. بعد ۾ ان جو روسي ترجمو مس ييگوروا رئيسه (Miss Yegorova Raissa) ماسڪو مان پڌرو ڪيو. مون کي اهڙو اطلاع رشيد ڀٽي صاحب، هڪ خط ذريعي ڏنو هو. مون ”سنڌي ادب“ جو سنڌي ترجمو سال 1981ع ۾، مصنف جي اجازت سان ڪيو. ڪتاب جو سنڌي ڇاپو گرامي پبليڪيشن دولت پور صفن شايع ڪيو. اردو ۽ روسي ايڊيشن ذريعي يورپ ۾، سنڌي ساهت جو اڀياس آسان ٿي پيو. ان کان علاوه سنڌي تذڪره نويسن به ان مان خوب استفادو ڪيو(8). سنڌي ڇاپو ٻيو ڀيرو سال 1996ع ۾، ناز سنائيءَ جي دلچسپيءَ سان ڇپيو. هن وقت هي ڇاپو اڻ لڀ آهي. ماهنانه ”اظهار“ جي اپريل- مئي 1983ع واري شماري ۾، اصل اردو ڪتاب ٻيهر شايع ٿيو.

5. مهراڻ جون موجون: فيبروري 1950ع ۾ وزارت اطلاعات، حڪومت پاڪستان پاران ماهوار سنڌي رسالو ”نئين زندگي“ جاري ڪيو ويو. تمام ٿوري عرصي ۾ هي رسالو ترقي ڪرڻ لڳو ۽ ان ۾ بهترين مواد ڇپجڻ لڳو. پنجن- ڇهن سالن کان پوءِ، رسالي جي سرپرستن جي هي سوچ بيٺي ته، ان ۾ ڇپيل چونڊ مواد جو منتخب تيار ڪري ڇپرائجي. مليل ڄاڻ موجب مختلف عنوانن تي، پاڪستان پبليڪيشن پاران، اهڙا اٺ انتخابي ڪتاب تيار ڪري ڇپرايا ويا.

ان سلسلي جو پهريون ڪتاب ”مهراڻ جون موجون“ نالي سان سال 1956ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب سيّد حسام الدين راشدي صاحب ترتيب ڏنو. مواد جا ٻه حصا: نثر جو حصو، ٻيو نظم جو حصو، ڪري ڪتاب تيار ڪيو ويو. نثر جا پنج حصا: تاريخ، سير و سفر، سوانح، ادب ۽ افسانوي ساهت تي مشتمل آهن. نظم جي ڀاڱي ۾ ڪافيون، گيت، نظم، غزل، قصيدا ۽ قطعا شامل ڪيا ويا آهن. راشدي صاحب ديباچي ۾ هن انتخاب ڪيل مواد جي اهميت کي نروار ڪيو آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1956ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو 1964ع ۾ شايع ٿيو.

6. مثنوي چنيسرنامه: ادراڪي بيگلاري سنڌ جي عشقيه داستان ”ليلا چنيسر“ تي مبني، هي فارسي مثنوي 1010هه/1601ع ۾ مڪمل ڪئي. ارغونن جي گهل ۾ مرڪزي ايشيا مان لڏي ايندڙن ۾، بيگلار خاندان کي سياسي طور وڏي اهميت حاصل آهي. ارغون- ترخان دور ۾ نصرپور جو علائقو، بيگلارن کي جاگير ٿي مليو. مغلن جي دور ۾ هي خاندان ختم ٿيندو ويو. ادراڪي بيگلاري هن خاندان جو شايد درٻاري مصنف هو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي مطبوعات جي پهرين ڪڙيءَ طور 1956ع ۾ ڇپيو هو. سيّد حسام الدين راشدي مرحوم هي مثنوي ايڊٽ ڪئي، ۽ ان متعلق سنڌي زبان ۾ طويل مقدمو به لکيو. راشدي صاحب سنڌ ۾ بيگلار خاندان جي تاريخ تي مفصّل روشني وڌي آهي. بيگلارن جو قبرستان ٽنڊي الهه يار- ٽنڊي آدم روڊ تي ميين وهيي جي مقام جي نالي سان مشهور آهي. اميرن جي قبرن جا ڪتبا ۽ عڪس به، راشدي صاحب شامل ڪيا آهن. ان کان سواءِ هڪ عدد شجرو به ڏنو ويو آهي، جنهن ذريعي بيگلارن جو گهراڻو نروار ٿي بيهي ٿو.(9) ڊسمبر 2015ع ۾ مون هي تاريخي آثار ڏٺا. اڪثر اميرن جون قبرون زمين جذب ڪري رهي آهي. امڪاني طرح ڪجهه سالن ۾ هي تاريخي آثار ختم ٿي ويندا. هي تاريخي ماڳ ڏسڻ جو بندوبست، عزيز دوست ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ڪيو هو.

7. مثنوي مظهرالآثار: ارغون دور ۾ جيڪي مشاهير مرڪزي ۽ اولهه ايشيا مان سنڌ ۾ داخل ٿيا، انهن ۾ سيّد جهانگير هاشميءَ جو نالو خاص اهميت رکي ٿو. سيّد جهانگير هاشمي مثنوي ”مظهرالآثار“ سن 940هه/1533ع ۾ لکي. بعد ۾ حج تي وڃڻ لاءِ مڪران وارو رستو اختيار ڪيائين. پاڻ ڪيچ مڪران وٽ 946/هه 1539ع ۾ مارجي ويو. مفصل فارسي مقدمي ۽ شاعر جي تصوير سان، هي مثنوي راشدي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي 1957ع ۾ شايع ڪئي. شاعر جي تصوير سنڌ جي فن مصوريءَ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي.

8. مقالات الشعرا: مسلم فتوحات کان پوءِ (712ع)، سنڌ اسلامي تهذيب، ثقافت ۽ علمن جو مرڪز بنجي وئي. عرب ۽ سومرا دور جو تحريري ورثو گم آهي. البت سمن جي دور کان ڪري، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ لکيل ڪتابي ذخيرو، ڪي قدر محفوظ آهي. جيڪڏهن ڪي ڪتاب گم آهن ته، انهن جا نالا ۽ عنوان پاڻ کي ملي وڃن ٿا. ننگر ٺٽو سمن جي دور ۾ عروج کي پهتو. ان دور ۾ شهر کي عراق ثاني به چيو ويندو هو. ڪلهوڙا دور ۾ هي شهر علمي ۽ تمدني لحاظ کان، بي شمار اهميت اختيار ڪري ويو. ان دور ۾ مير علي شير قانع جهڙو گهڻ پهلو اديب، شاعر، تاريخ دان ۽ تذڪره نويس پيدا ٿيو. ٺٽي واسي هن عالم فاضل انسان فارسي زبان ۾، چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. نثر ۾ هن تذڪراتي مواد به تيار ڪيو ته، تاريخ بابت به متعدد ڪتاب لکيائين(10).

سن 1174هه/1760ع ۾ قانع فارسي گو شاعرن جو تذڪرو تيار ڪيو. ان ۾ ذڪر هيٺ شاعر جو مختصر احوال ۽ سندس شعر جو انتخاب ڏنائين. هن تذڪري ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ذڪر ڪيل شاعرن کي ٽن طبقن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. اهي شاعر جي وچ ايشيا ۽ ايران مان ٺٽي آيا. اهي ڪجهه وقت هتي رهي  پوءِ هندستان طرف هليا ويا. انهن شاعرن ۾ ٻيو گروه اهڙو آهي، جي ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ يا ٺٽي ۾، ٻين علائقن مان آيا ۽ هميشه جي لاءِ هتي جا ٿي ويا. هن تذڪري ۾ ٽيون گروهه خاص سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو آهي، جن متعلق مير علي شير لکيو آهي. ڳچ شاعرن سان سندس ذاتي تعلق هو. سنڌ جي ادبي تاريخ تيار ڪرڻ لاءِ، هن ڪتاب جي خاص اهميت آهي.

پير سيّد حسام الدين راشدي، مصنف جي هٿ سان لکيل نسخي کي سامهون رکي ”مقالات الشعرا“ کي ايڊٽ ڪيو. مُهڙ ۾ مير قانع جي سوانح ۽ علمي آثارن بابت، راشدي صاحب فارسي زبان ۾ ڀرپور ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. اڪثر شاعرن جي باري ۾ حاشين جي صورت ۾، وڌيڪ معلومات ڏني وئي آهي. چوٽيهه عدد شاعرن جون تصويرون يا پورٽريٽ به نروار ڪيا ويا آهن، ۽ انهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي ته، اهي ڪٿان ڪٿان اخذ ڪري، ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هي تذڪرو راشدي صاحب جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو.

9. تڪمله مقالات الشعرا: مير علي شير قانع جو پٽ مير غلام علي ”مائل“ ٽالپرن جي دور جو فارسي زبان جو شاعر ۽ تذڪره نويس ٿي گذريو. هن والد جي تذڪري (مقالات الشعراء) جي پيرويءَ ۾ هڪ تذڪرو ”مجمع البلغاء“ سن 1218هه/1803ع ۾ تيار ڪيو. ليڪن هي تذڪرو گم ٿي ويو. مير مائل هن ڪتاب ۾ وڌيڪ فارسي گو شاعرن جو احوال مهيا ڪيو هو.


(1)  منهنجي پهرين مختصر لکت ”سنڌ جو ايران جي حوالي ٿيڻ“ عنوان سان، حيدرآباد جي ڊيلي ”آفتاب“ ۾ 13 فيبروري 1976ع تي ڇپي هئي.

(2)  محترم حسين شاهه راشدي چوندو هو ته، اهڙا ڪجهه شعر وٽن محفوظ آهن.

(3) راشدي صاحب جي وفات کان گهڻو پوءِ، سنڌ يونيورسٽي به هن مرحوم عالم جي نالي تي، ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني.

(4) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 11-12.

(5)  رسالو ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1983ع، ص 224-248.

ڪجهه ليکڪن مولانا صباح الدين عبدالرحمان جي جائزي کي درست سڏيو آهي. حالانڪه هن خود لکيو آهي ته کيس سنڌي زبان جي ڄاڻ ڪانهي، ۽ ٻيو ته هو راشدي صاحب جا لِکيل اڌ جيترا ڪتاب به ڏسي نه سگهيو آهي.

(6) رشيد ڀٽيءَ جو مقالو ”هلال پاڪستان“، ميگزين ص ص 69-70، سيپٽمبر 1983ع، ڪراچي.

(7) اسلامي ڪتبخانه، جو هڪ ايڊيشن سه ماهي ”الرحيم“ ۾ به ڇپيو آهي (پرچو نمبر ٻيو، بهار، 1965ع).

(8)  مون ان تي وڌيڪ روشني پنهنجي هڪ مقالي ۾ وڌي آهي: رسالو ”سنڌي ادب“ جلد 09، سال 86-1985ع، سنڌالاجي.

(9) ادراڪي بيگلاريءَ سنڌ جي تاريخ بابت عام طرح، ۽ بيگلار خاندان جي تاريخ تي خاص طرح سان، فارسي زبان ۾ هڪ ڪتاب ”بيگلار نامه“ نالي لکيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1980ع ۾ شايع ڪيو.

(10) مير علي شير قانع جي سَوانح ۽ علمي خدمتن تي، راشدي صاحب پهريون ڀيرو هڪ ڀرپور مضمون شايع ڪيو (مهراڻ، نمبر 02، سال 1956ع). موجوده دور ۾ ڪي لکندڙ پيدا ٿيا آهن، جي راشدي مرحوم پاران مير علي شير قانع جي ڇپرايل ڪتابن، ۽ ڪيل تحقيقي پورهئي تي، وڏي چالاڪيءَ سان هٿ صاف ڪري رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org