سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:2 

ان علمي کوٽ کي محسوس ڪندي، انگريزن جي دور ۾ مخدوم ابراهيم خليل هڪ تذڪرو ”تڪملہ مقالات الشعرا“ جي نالي سان تيار ڪيو. گمان غالب آهي ته هي تذڪرو سن 1307هه/1890ع ۾ لکجي مڪمل ٿيو. خليل هن تذڪري ۾ 82 شاعرن جو ذڪر ۽ منتخب فارسي شعر ڏنو آهي. ڪتاب جي فاضل ايڊيٽر، جناب سيّد حسام الدين راشدي، هي تذڪرو شايع ڪندي، تمام گهڻي تحقيق ۽ کوجنا کان ڪم ورتو آهي. ابتدا ۾ ايران جي مشهور عالم علامه سعيد نفيسيءَ جي ”تقريظ“ ڏني وئي آهي. ان کان پوءِ راشدي صاحب ’مقدمو‘ لکي، مخدوم ابراهيم جي سوانح، علمي آثارن ۽ تڪملہ بابت، وافر معلومات فراهم ڪئي آهي. راشدي مرحوم تحقيق جو حق ادا ڪندي، جدا جدا شاعرن بابت حاشين ذريعي عمدي معلومات گڏ ڪري، مستقبل جي محققن جي لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي. ان کان سواءِ آخر ۾ تعليقات ذريعي به وڌيڪ مواد مهيا ڪيو ويو آهي. خاص ڪري ٽالپر حاڪمن ۽ شهزادن بابت، گهڻي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ذڪر ڪيل ٽالپر اميرن جون فارسي علم ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن. ڪتاب ۾ فاضل محقق ٽيتاليهه عدد تصويرون به ڏنيون آهن. سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي اڀياس لاءِ به، هن تذڪري جي خاص اهميت آهي. هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ خاص اهميت سان شايع ڪيو(11).

10. تذڪرهء اميرخاني: سنڌ جي امير خاني سيدن بابت هي تذڪرو، راشدي صاحب مرحوم سنڌي زبان ۾ لکيو آهي. هي خاندان مغل دور ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو. خاندان جو پهريون فرد ميرابوالقاسم ”نمڪين“ بکر جو عملدار مقرر ٿي آيو. بعد ۾ هن کي سيوهڻ جي حاڪميت به ملي. مير نمڪين سنڌ کي اختياري وطن قرار ڏنو. مغل دور ۾ اميرخاني سادات سنڌ جي سياست، تمدن ۽ ادب تي ڇانيل هئا. هن خاندان ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، ميرابوالبقا اميرخاني ۽ ميرڪ يوسف ٿي گذريا، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ وڏي حيثيت ماڻي.

هن تذڪري ۾ انهن اميرن، عالمن ۽ مشاهيرن جو ذڪر به ملي ٿو، جن مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ جدا جدا حيثيتن ۾ سماج ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن خاندان جا آثار، مقبرا ۽ قبرون وغيره روهڙي، سيوهڻ، ۽ ٺٽي ۾ موجود آهن. هي منفرد تذڪراتي ڪتاب، سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن بابت معياري معلومات ڏئي ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ فوٽن جو پڻ وڏو تعداد شامل ڪيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪرهء اميرخاني“ سال 1961ع ۾ پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ نڪتو، جنهن ۾ راقم الحروف پاران لکيل واڌارا پڻ شامل ڪيا ويا. هن ايڊيشن ۾ پروف ريڊنگ جو احتياط نه ڪرڻ سبب ڪيئي غلطيون رهجي ويون آهن.

11، 12، 13، 14. مثنويات وقصائد قانع: هڪ جلد ۾ مير علي شير قانع جون چار تصنيفون: مثنوي قضا وقدر، ا جو سينگار بنيو آهي. قات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ۾ لکي تيار ڪيو. رجمو مثنوي قصاب نامه، مثنوي محبت نامہ، توڙي قصيدا ۽ منقبت شامل آهن. ابتدا ۾ راشدي صاحب جو سنڌي زبان ۾ لکيل طويل مقدمو شامل ڪيو ويو آهي. مفصّل مقدمي ذريعي مثنوين ۽ قصيدن جي ادبي ۽ تاريخي اهميت تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي. ان کان علاوه موجوده دور تائين، مير قانع جي خاندان متعلق، هڪ نسب نامو پڻ تيار ڪري شامل ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب هي ارادو به ڏيکاريو هو ته، پاڻ هن خاندان بابت جدا ڪتاب تيار ڪرڻ جو به ارادو رکن ٿا. ليڪن ان قسم جو علمي ڪم نه ٿي سگهيو. سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب 1961ع ۾ شايع ڪيو.

15. تاريخ مظهرشاهجهاني: ميرڪ يوسف (امير خاني سيّد) سنڌ جي تاريخ تي هي ڪتاب سن 1044هه/1634ع ۾ لکيو، جنهن ۾ مغل دور بابت قيمتي معلومات ملي ٿي. سيّد حسام الدين راشدي هن ڪتاب کي دريافت ڪيو ۽ ايڊٽ ڪندي، ان تي اردو ۾ تفصيلي مقدمو لکيو. آخر ۾ معلوماتي تعليقات به شامل ڪيا. مغل دور ۾ ڪي ٻيا ڪتاب به، فارسي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ تي لکيا ويا. ليڪن هي ڪتاب خاص اهميت رکي ٿو. ميرڪ يوسف ڪتاب ۾ ٺٽي صوبي، سيوهڻ، بکر ۽ سبيءَ جو جدا جدا احوال لکيو آهي. مغلن جي انتظامي جوڙجڪ، شهر، ڳوٺ، پرڳڻا ۽ سرڪار، مختلف علائقن ۾ آباد قومون ۽ قبيلا، بيان ڪندي لکندڙ، مغل حاڪمن جي پرڪارن تي خوب روشني وڌي آهي. ان ڪري موجوده دور جي ڪجهه لکندڙن، هن ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ کي سترهين صديءَ جي سنڌ جي گزيٽيئر به سڏيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ جو هي منفرد ڪتاب سال 1962ع ۾ ڇپيو.

بورڊ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع ڪيو، جو نياز همايونيءَ جو ڪيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو 2009ع ۾ ڇپيو آهي. اردو ترجمو سيّد محمد افضال نقوي صاحب ڪيو آهي. اردو ترجمي تان فارسي ايڊيشن جي فاضل ايڊيٽر جو نالو به گم ڪيو ويو آهي. تاريخ جي حوالاجاتي ڪتاب طور، نه سنڌي ترجمو معتبر آهي ۽، نَه وري اردو ڇاپو اعتبار جوڳو آهي. (12)

16. هشت بهشت: سنڌ جي مشهور شاعر، ملا عبدالحڪيم عطا جي اَٺن فارسي مثنوين، جو هي هڪ مجموعو آهي. هن شاعر جو تعلق ٺٽي سان هو. پاڻ ”عطا“ جي تخلص سان مشهور آهي. عطا جو واسطو سبزپوش خاندان سان هو. لِکندڙن سندس پرهيزگاري، ادبي خدمتن ۽ فارسي زبان لاءِ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئي آهي.

راشدي صاحب اَٺ مثنويون ڏيڻ کان اڳ، انهن جو تعارف ڏيندي، مثنوين جي ادبي حيثيت تي به قلم کنيو آهي. ان کان علاوه عطا جي خاندان، شخصي زندگي، هندستان جون حالتون ۽ ننگر ٺٽي جي ان وقت جي صورت حال تي به تفصيلي روشني وڌي آهي. عطا جو دور مغلن جو دور هو. خاص ڪري هن جي جواني توڙي پيري، اورنگزيب جي دور ۾ نروار ٿي. ذاتي زندگيءَ ۾ عطا سُک گهٽ، ۽ ڏک گهڻا ڏٺا. پير حسام الدين راشديءَ هر پهلوءَ کان هن بي مثل شاعر جي زندگيءَ کي مڪمل طرح سان نروار ڪيو آهي. راشدي صاحب جو طويل سنڌي مقدمو، عَطا ۽ سندس خاندان توڙي زماني کي احسن طريقي سان نروار ڪري ٿو. اَٺن مثنوين کي ايڊٽ ڪندي، راشدي صاحب ”هشت بهشت“ جي نالي سان 1963ع ۾ نروار ڪيو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي. (13)

17. منشورالوصيت و دستورالحڪومت: فارسي زبان ۾ هي مختصر رسالو، سنڌ جي حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي، سن 1163هه/1749ع ڌاري لکيو. اصل ۾ هي وصيّت نامو آهي، جو پٽن جي رهبريءَ لاءِ تيار ڪيائين. حڪومت، رياست ۽ سياست ڇا آهي؟ حڪمرانيءَ جا اصول ڇا هجڻ کپن؟ ڀائرن جو هڪ ٻئي سان سلوڪ، اولاد، عزيزن ۽ قريبن ۾ جاگيرن جي مسئلي کي به، ميان صاحب احسن طريقي سان نروار ڪيو آهي. منشور ۾ ٽوٽل ٽيٽيهه نڪتا ڏنا ويا آهن. هي لکت هڪ دورانديش ۽ پڙهيل لکيل حڪمران جي آهي. سيّد حسام الدين راشدي،  ميان صاحب جي هن قلمي ڪشالي کي محنت سان تيار ڪيو. ان ۾ اٺ ضميما شامل ڪري ڪتاب جي تاريخي اهميت کي نروار ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب سنڌي زبان ۾ مقدمو لکيو ته، جيئن عام پڙهندڙ به ميان نورمحمد جي ڪتاب جي اهميت کي سمجهي سگهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو. جناب ڊاڪٽر عبدالرّسول قادري هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1996ع ۾ ڇپرايو. نئون سنڌي ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ۾ نروار ڪيو آهي.

18. ترخان نامه: هي ڪتاب سنڌ جي ترخان دور بابت آهي، جو ٺٽي جي سيّد مير محمد سن 1065هه/1654ع ۾ مڪمل ڪيو. هي ڪتاب ارغونن ۽ ترخانن جي دور بابت معلومات فراهم ڪري ٿو. هي ڪتاب ان وقت لکيو ويو، جڏهن ترخان پنهنجي سياسي انجام تي پهچي رهيا هئا. مرزا محمد صالح پٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني)، جاگير کان واندو ٿي، گجرات ۾ شاهي فرمان جي انتظار ۾ هو. ان وقت سندس حڪم تي سيّد مير محمد، ٺٽي ۾ مواد گڏ ڪري هي ڪتاب تيار ڪيو. پير حسام الدين راشدي هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو، فارسيءَ ۾ مقدمو لکيائين ۽ آخر ۾ متعدد شجرا شامل ڪري، ارغونن ۽ ترخانن جي حسبِ نسب کي نروار ڪيائين. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

مرزا عباس علي بيگ مرحوم جو ڪيل سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع ۾ ڇپرايو. سنڌي ترجمي جي ٻئي ڇاپي وقت، مترجم پاران ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا. ان طرح ٻيو ڇاپو وڌيڪ موزون ٿي نروار ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ هي ايڊيشن 2005ع ۾ شايع ڪيو.

19. مَاڪ ڀِنا رابيل: راشدي صاحب پاران ماهنامه ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل مواد جو، هي ٻيو انتخاب آهي. ذڪر ڪيل رسالي ۾ شايع ٿيل ويهن کان وڌيڪ، معياري مضمون گڏ ڪري، انهن کي ”ماڪ ڀِنا رابيل“ جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. سنڌي مضمونن جي هن بهترين انتخاب کي، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1965ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو. سيّد حسام الدين راشديءَ پاران، مرتب جو نوٽ اداري پاران لکيو ويو آهي. سبب هي آهي ته راشدي صاحب ان وقت ايران جي دوري تي روانو ٿي چڪو هو. ڪتاب جي آخر ۾ ”نئين زندگي“ ۾ ان وقت تائين ڇپيل ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي، مضمونن جي فهرست به ڏني وئي آهي. هن فهرست ڏيڻ سان ڪتاب جي خاص اهميت ٿي پئي آهي.

20. مڪلي نامه: مسلمانن علم تاريخ کي نه رڳو دوّام بخشيو، ليڪن ان کي مختلف شاخن ۾ تقسيم ڪري، هن علم کي وسعت به ڏني. ان ڏس ۾ مقبرن، مزارن ۽ قديم آثارن جي اڀياس جو فن به ايجاد ڪيو. عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ ان بابت گهڻو مواد ملي ٿو.

ٺٽي جي عالم مير علي شير قانع، سن 1174هه/1760ع ۾، هڪ مختصر رسالو ”بوستان بهار“ عرف ”مڪلي نامہ“ نثر توڙي نظم ۾، فارسي زبان ۾ لکي تيار ڪيو. مير قانع جي فارسي زبان تي مهارت جو علم هن ڪتابڙي ذريعي پوي ٿو. هي رسالو به ان سال ۾ تيار ٿيو، جنهن وقت ”مقالات الشعرا“ لکيو ويو.

مير علي شير قانع، هن رسالي ۾ مڪليءَ جي ٽيٽيهه (33)، ماڳن جي اهميت کي محسوس ڪندي قلم کنيو. اهي سڀ ماڳ مڪلي ٽڪريءَ تي آهن. مڪليءَ جي اُتر ۾ ساموئي ۽ ڏکڻ ۾ ڪلان ڪوٽ تائين، موجود مکيه مکيه تاريخي ماڳن جي چونڊ ڪري قلم کنيائين. ابتدا ۾ سيّد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ مختصر حاشين سان، رسالي ”مهراڻ“ جي ٻن اشاعت (02، 1956ع، ۽ 04، 1956ع) ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ان تي عالمانه انداز سان ڪم ڪندي، اٽڪل روءِ ٻاويهه عنوانن تي مفصّل حاشيا لکيائين. ڪجهه ماڳن جي نشاندهي ٿي ته ڪي ماڳ مقرر نه ٿي سگهيا. ان هوندي به جيڪو مواد مليو اهو ڪتابي ايڊيشن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. پاڻ جيڪي ماڳ متعين ڪري سگهيو، انهن متعلق ڀرپور تاريخي ۽ معلوماتي حاشيا ۽ تعليقات لکيائين. هونئن ته راشدي صاحب جي سموري ڪم جي اهميت آهي. ليڪن ڄام نظام الدين تي لکندي، وافر مواد مها ڪيائين. ان ريت سمن ڄامن جي دور تي ڪم ڪندڙن لاءِ آساني  پيدا ٿي آهي. مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) تي تحقيق ڪندي، تمام گهڻي محنت ڪئي وئي آهي. هن عنوان جي لاءِ لڳ ڀڳ چار سؤ صفحا وقف ڪيا ويا آهن.

ان ريت، ترخانن جي عنوان تي ڪم ڪندڙن لاءِ، پير صاحب تمام گهڻو مواد نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه پير مراد شيرازي، ساموئي، جامع مسجد مڪلي، مرزا خسرو چرڪس، سيّد يوسف رضوي، پير عالي ۽ ڪلان ڪوٽ (طغرل آباد) تي به حاشين ۽ تعليقات ذريعي سٺي ڄاڻ ڏني وئي آهي. راشدي صاحب جا لکيل حاشيا سنڌي زبان ۾ آهن. سنڌي مقدمي سان گڏ ”مڪلي نامہ“ جو اصل فارسي متن به، ڪتاب جي مهڙ ۾ ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ مختلف گهراڻن جا نسب نامه، ۽ تصويرن جو سيٽ شامل ڪري، فاضل ايڊيٽر ڪتاب سان گڏ پنهنجي علمي حيثيت ۽ ساک کي دنيا ۾ تسليم ڪرايو آهي. هي مختصر رسالو مڪمل ڪتابي صورت ۾، سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو. ٻيو ڀيرو هي ڪتاب سال 1994ع ۾ ڇپيو. هن وقت هي ڪتاب ناياب آهي.

مڪلي نامہ، جو اردو ترجمو، سن 2011ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ ڇپرايو آهي. هي ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو آهي. ليڪن ڪتاب جي فهرست درست طرح، ترجمي ۾ شامل نه ٿي سگهيو آهي. ڪتاب جو هي ايڊيشن راشدي صاحب جي صد ساله جشن پيدائش جي نسبت سان شايع ٿيو(14).

21. مرزا عيسى ترخان: ترخان گهراڻي ٺٽي تي اڌ صديءَ کان وڌيڪ (1555ع- 1612ع)، وقت حڪومت ۽ حڪمراني ڪئي. جداگانه حاڪميت جي خاتمي کان پوءِ، ٺٽو مغل شهنشاهت جو هڪ صوبو بنجي ويو. زوال واري دور ۾ هن خاندان ۾، مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) وڏي نالي وارو امير ۽ حاڪم ٿي گذريو. هن ملازمت جو وڏو عرصو گجرات صوبي ۾ گذاريو. مرزا عيسيٰ وڏي ڄمار ۾ سن 1062هه/1652ع ۾ سانڀر (گجرات) ۾ فوت ٿيو. پنهنجي جيئري مڪليءَ تي مقبرو تعمير ڪرايائين. وفات کان پوءِ سندس لاش، گجرات کان ٺٽي پهتو. هن کي مڪليءَ تي سندس ٺهرايل رانڪ ۾ دفن ڪيو ويو. ترخان خاندان جو، ان کان پوءِ سياسي زوال تيز ٿيندو ويو. بعد ۾ صرف سندس پٽ مرزا صالح جو ذڪر ملي ٿو، ليڪن اهو ملازمت جي دور ۾، والد مرزا عيسيٰ ترخان (ٻيو) جي مرتبي کي نه پهچي سگهيو.  مرزا جي رانڪ سڄي مڪليءَ تي موجود مقبرن ۾ خاص اهميت رکي ٿي. مير قانع کي مقبري جي بيهڪ، اڏاوت، ۽ مرزا عيسيٰ جي شخصيت پسند هئي. ان ڪري ”مڪلي نامہ“ ۾ ان کي خاص جاءِ ڏنائين.

سيّد حسام الدين راشديءَ ”مڪلي نامہ“ تي، هن عنوان تحت جيئن مٿي ذڪر ٿيو، وڌ ۾ وڌ مواد فراهم ڪيو آهي. مذڪوره مواد کي جداگانه نالو (مرزا عيسيٰ ترخان) ڏئي 1967ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جو انتساب دولهه دريا خان ڏي ڪيل آهي.

22. هفت مقاله: سه ماهي اردو ۾ فارسي ادبيات متعلق ڇپيل ستن مقالن جو هي هڪ انتخاب آهي. ڪتاب ۾ شيخ عطار، فردوسي، شاهنامي، عمر خيام، ماثرالامراءَ، ۽ ڪجهه ٻين عنوانن بابت گذريل صديءَ جي معتبر عالمن: حافظ محمود شيراني، حڪيم سيّد شمس الله قادري، پروفيسر شيخ محمد اقبال، ۽ داڪٽر سيّد عبدالله جا مقالا شامل آهن. ڪتاب اردو زبان ۾ آهي. راشدي صاحب جي ترتيب ۽ پيش لفظ سان هي ڪتاب، انجمن ترقي اردو پاڪستان، ڪراچيءَ مان سال 1967ع ۾ شايع ڪيو آهي.

23. حديقةالاولياء: سنڌ جي اوليائن تي پهريون تذڪرو، ٺٽي جي علامه قاضي محمود ”تذڪرة الاولياءَ“ سن 980هه/1572ع ۾ لکيو. هي تذڪرو وقت جي وهڪري ۾ گم ٿي ويو. ان کان پوءِ سيّد عبدالقادر هن عنوان تي قلم کنيو. هن سال 1016هه/1607ع ۾ سنڌ جي صوفين تي هڪ ڪتاب ”حديقة الاولياءَ“ فارسي زبان ۾ تيار ڪيو. هي تذڪرو نثر توڙي نظم ۾ تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڪيتاليهه صوفين جو احوال ڏنو ويو آهي. ابتدا بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ کان ڪندي، ڪتاب جو خاتمو ساڪري جي درويش آلو تي ڪيو ويو آهي. ضميمي طور آخر ۾ سيّد جميل شاه گرناريءَ متعلق مختصر رسالو به ڏنو ويو آهي. هي رسالو به سيّد عبدالقادر جو لکيل آهي. سيّد حسام الدين راشدي مرحوم، متعدد نسخن جي آڌار تي هن تذڪري جو متن تيار ڪيو. سنڌي زبان ۾ طويل مقدمو لکندي، ٻياسي ماخذن جو تعارف ڏنو ويو آهي، جي سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ تيار ڪرڻ لاءِ ازحد مفيد آهن. هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو آهي. مصنف ڪتاب جو انتساب، ترخان دور جي مشهور امير مرزا خسرو چرڪس جي نالي ڪيو آهي. فاضل ايڊيٽر تذڪرو شايع ڪندي، ان کي پنهنجي جگري يار آغا بدرالدين خان درانيءَ جي نالي منسوب ڪيو. ڇو ته دراني صاحب کي ”حديقة الاولياءَ“ جي ايڊيٽنگ جو ڪم به ڪرڻو هو. ليڪن سندس اچانڪ وفات سبب هي ڪم نه ٿي سگهيو. سنڌي ادبي بورڊ بعد ۾ هي ڪم راشدي صاحب جي حوالي ڪيو. راشدي صاحب جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ هي تذڪرو سال 1967ع ۾ شايع ڪيو.

اسان جي عزيز دوست ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب کي، صوفين ۽ اوليائن سان وڏي عقيدت ۽ محبت آهي. ان جذبي تحت پاڻ هن اهم ڪتاب جو سنڌي ترجمو تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيائون. قادري صاحب، مصنف جي اصل انتساب ۾ هيرا ڦيري ڪندي، ڪجهه مواد ترجمي جي مهڙ ۾ رکيو. باقي مواد جي به پنهنجي ليکي تجديد ڪندي، رائج علمي تقاضا کي نظرانداز ڪندي، ڪجهه ماڻهن کي ته خوش ڪيو. البته سيّد عبدالقادر، سيّد حسام الدين راشدي ۽ سنڌي ادبي بورڊ سان زيادتي ڪئي آهي. ٻيو ته علمي دنيا ۾ معتبر مترجم طور تي، سندن ساک به سواليه نشان بنجي وئي آهي. سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ ڇپيو آهي.

24. تذڪره شعراء ڪشمير: انهن فارسي گو شاعرن جو تذڪرو آهي، جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪشمير سان لاڳاپيل هئا. هي ڪتاب مرزا اصلح سن 1161هه/1747ع ۾ تيار ڪيو. هي تذڪرو اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1983ع ۾ ڇپيو آهي.

25. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد اول: مٿئين تذڪري کي ايڊٽ ڪندي سيّد حسام الدين کي هڪ وڌيڪ ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. سندن هن ڪاوش کي مرزا اصلح جو تڪملو سڏڻ بهتر ٿيندو. جلد اول اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ 120 شاعرن (الف – ش) جو احوال ملي ٿو. 1983ع ۾ هي جلد وري ڇپيو آهي.

26. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد دوم: هي ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 54 شاعرن (ص – غ) جو ذڪر ٿيو آهي. اقبال اڪيڊمي ان کي 1968ع ۾ ڇپيو. هي جلد ٻيهر 1982ع ۾ شايع ٿيو آهي.

27. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد سوم: هن ٽئين جلد ۾ ڪشمير جي وڌيڪ 69 شاعرن جو (ف – م) تذڪرو ٿيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1968ع ۾ اقبال اڪيڊمي ڇپيو آهي. ٻيو ڇاپو پڻ 1982ع ۾، ساڳئي اداري پاران ڇپيو آهي.

28. احوال و آثار ملڪ الشعراء ابوالفيض فيضي: شيخ مبارڪ جا ٻه پٽ ابوالفيض فيضي ۽ علامه ابوالفضل، اڪبر بادشاهه جي درٻار جا ٻه اهم رڪن ۽ امير ٿي گذريا. ابوالفضل جي دلچسپي تاريخ سان هئي، جنهن- اڪبرنامہ ۽ آئين اڪبري- جهڙا معتبر تاريخي ڪتاب لکيا. جڏهن ته ابوالفيض فيضي اڪبر جي دور جو نامور فارسي گو شاعر ۽ مصنف ٿي گذريو. راشدي صاحب ”تذڪره شعراي ڪشمير“ جي ٽئين جلد ۾، فيضيءَ بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو، ان کي جداگانه ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي 1968ع ۾ پڌرو ڪيائين. ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي.

29. تذڪره روضةالسلاطين: سلطان محمد فخري، سنڌ ۾ ارغون دور ۾ پهتو. هن جو تعلق هرات سان هو. ان ڪري هروي سڏيو وڃي ٿو. هي فارسي تذڪرو انهن اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن بابت آهي، جي شاعر هئا. سلطان محمد فخري هرويءَ سن 958هه/1551ع ۾ هي تذڪرو ترتيب ڏنو، ۽ ان کي شاهه حسين ارغون ڏانهن منسوب ڪيائين. راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان هي تذڪرو سال 1968ع ۾ شايع ٿيو.

ان کان ٻه سال اڳ ”روضة السلاطين“ تبريز مان ڊاڪٽر عبدالرسول خيام پور پڻ ڇپيو هو، ليڪن اسان جي هن مانائتي عالم ان کي ناقص ايڊيشن سڏيو آهي.

30. جواهرالعجائب: فخري هرويءَ هي تذڪرو سن 962هه/  1554ع ۾ تيار ڪري، مرزا عيسى ترخان جي زال ماهه بيگم کي منسوب ڪيو. هن ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ملي ٿو، جن شعر و شاعريءَ ۾ حصو ورتو. راشدي صاحب وڏي محنت سان هي تذڪرو ايڊٽ ڪري 1968ع ۾ ڇپرايو. ان کان اڳ به هن تذڪري جا ڪجهه ايڊيشن نڪتا هئا، جن کي ناقدين ناقص سڏيو آهي. تازي دور ۾ ”جواهر العجائب“ جو هڪ غير اهم ايڊيشن پڻ تهران مان ڇپيو آهي.

31. ديوان فخري: فخري هرويءَ فارسي غزلن جو هڪ ديوان مرتب ڪيو هو، ليڪن اهو ديوان وقت گذرڻ سان گڏ گم ٿي ويو. سنڌ جي برک عالم سيّد حسام الدين راشدي صاحب کي مختلف تذڪرن ۽ ڪتابن ۾، فخري هرويءَ جو جيڪو شعر مليو، ان کي ديوان جي صورت ۾ مرتب ڪيائين، ۽ مٿي ذڪر ڪيل ٻن تذڪرن سان گڏ 1968ع ۾ ڇاپي نروار ڪيائين. موجوده دور ۾ ايران مان به، ديوان فخري ڇپيو آهي. ليڪن ان کي غير اهم ڪوشش سمجهڻ کپي.

راشدي صاحب سلطان محمد جا ٽي ڪتاب ايڊٽ ڪندي، تمام وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ڳچ عدد قلمي نسخا سامهون رکي، ذڪر ڪيل ٻه تذڪرا ۽ فخريءَ جو ديوان ايڊٽ ڪيائين. ايران ۽ وچ ايشيا جي ادبيات ۾، هن سنڌي عالم جي مهارت، فخري هرويءَ تي ڪم ڪندي، نمايان ٿي بيٺي آهي. اردو زبان ۾ لکيل تفصيلي مقدمو، لاڳاپيل موضوع تي غير معمولي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. جڏهن فخريءَ بابت راشدي مرحوم جو ڪم، ايران پهتو تڏهن هر ايراني عالم ان جي واکاڻ ڪئي(15).

32. دود چراغ محفل: مرزا غالب آخري مغل دور ۾، فارسي ۽ اردو ٻولين جو ڀلوڙ شاعر ۽ نثرنگار ٿي گذريو آهي. سال 1857ع جي ويڙه جو دور اکين سان ڏٺائين. هي جنگ انگريزن ۽ بهادر شاه ظفر ۾ ٿي. بهادر شاه آخري مغل بادشاه ثابت ٿيو. جنگ ۾ شڪست کاڌائين. بعد ۾ انگريزن پوري هندستان تي پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪيو. مرزا غالب 1869ع ۾ وفات ڪئي. سال 1969ع ۾ غالب جي وفات کي هڪ صدي پوري  ٿي. ان نسبت سان ادارهء يادگار غالب (ڪراچي) پاران ڪي تقريبون منعقد ٿيون. ان حوالي سان راشدي صاحب، هڪ ڪتاب ”دود چراغ محفل“ اردو زبان ۾ تيار ڪيو. اصل ۾ هي هڪ تذڪراتي ڪتاب آهي. ان ۾ مرزا غالب جي لڏي جي پنجن شاعرن جو، راشدي صاحب غيرمعمولي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي: ناطق مڪراني، خادم بردواني، رسوا بجنوري، شاه باقر علي، ۽ مولانا طرزي هاپوڙي. پيش لفظ (حقيقت حال) به دلچسپ آهي. راشدي صاحب ڪتاب جو انتساب، پنهنجي علمي دوست مولانا غلام رسول مهر جي نالي ڪيو آهي.

33. تذڪره شعراء ڪشمير، جلد چهارم: ڪشميري شاعرن بابت راشدي صاحب جي رٿيل تذڪري جو هي آخري جلد آهي، جنهن ۾ ڪل 130 شاعرن (ن- ي) جو احوال ملي ٿو. هي جلد اقبال اڪيڊمي 1969ع ۾ شايع ڪيو. مجموعي طرح سان چئن جلدن ۾ 373 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. چارئي جلد ٻه هزار صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ لاتعداد تصويرون، عڪس ۽ آخر ۾ فهرستون به ڏنل آهن.

34. مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب: سنڌ جي آخري ترخان حاڪم (وفات: 1612ع) بابت هي ڪتاب راشدي صاحب اردو ۾ لکيو آهي، جنهن کي انجمن ترقي اردو ڪراچي 1970ع ۾ ڇپيو. ڪتاب نهايت تفصيلي آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ مرزا غازي بيگ جو پورٽريٽ (تصوير) به ڏنو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ مرزا بابت احوال ملي ٿو. هن حصي ۾ مرزا غازي بيگ جي احوال سان گڏ، ان دور جي سنڌ جي تاريخ کي به مفصّل طرح سان نروار ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اهڙن 35 شاعرن جو ذڪر ۽ شعر ملي ٿو، جي مرزا جي درٻار سان وابستہ هئا(16).

35. ديوان بيرم خان: مغل دور جي مشهور سپهه سالار عبدالرحيم خانخانان جو والد بيرم خان نه رڳو نامور امير هو، پر پنهنجي دور جو اعلى پايي جو فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر پڻ هو. ابتدا ۾ انگريز اسڪالر اِي. ڊينسن راس، بيرم خان جو ديوان مرتب ڪيو هو. هي ديوان 1910ع ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ذڪر ڪيل ديوان جي نئين ڇاپي جي ضرورت محسوس ٿي. ان سوچ تحت هي ديوان ٻيهر ايڊٽ ڪندي، ٻن عالمن گڏجي ڪم ڪيو. فارسي شعر راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر محمد صابر ترڪي شاعري ترتيب ڏني. ڊاڪٽر صابر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، اسلامي تاريخ جو پروفيسر هو. صابر صاحب ترڪيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي هئي، ان ڪري هن کي ترڪي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، سال 1971ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن ديوان تي مقدمو ڊاڪٽر ايم.ايڇ صديقيءَ لکيو جو انگريزي زبان ۾ آهي.

36. تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جو سيّد حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو. قانع ”تحفة الڪرام“ سن 1181هه/ 1768ع ۾ مڪمل ڪيو. ليڪن ان ۾ 1188هه/1775ع تائين واڌارا ۽ سُڌارا ڪندو رهيو. ڪتاب جو ٽيون جلد سنڌ جي تاريخ، مشاهيرن ۽ شهرن بابت آهي. فاضل ايڊيٽر هن جلد جو به تاريخ وارو حصو ايڊٽ ڪيو ۽ ان ۾ نهايت مستند  ۽ معتبر تاريخي حاشيا، ضميما، تعليقات ۽ نسب ناما شامل ڪيائين. گڏوگڏ تصويرن جو سهڻو سيٽ به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1971ع ۾ ڇاپيو. راشدي صاحب هن ڪتاب تي ڪم ڪندي، مصنف جو لکيل پنهنجو نسخو سامهون رکيو. هي قلمي نسخو لاهور جي مولانا محمد شفيع جي ڪتب خاني ۾ موجود هو. رٿا موجب ڪتاب جي ٽئين جلد جا وڌيڪ ٻه ڀاڱا شايع ٿيڻا هئا. ليڪن فاضل ايڊيٽر جي ٻين علمي مصروفيتن ۽ ڪرندڙ صحت جي ڪري، قانع جي هن اهم ڪتاب (تحفة الڪرام) جو ڪم اڌورو رهجي ويو.

37. تذڪره مشايخ سيوستان: هي مختصر تذڪرو سيوهڻ جي صوفين بابت آهي، جو عبدالغفور بن حيدر سيوستانيءَ سن 1039هه/ 1629ع ۾ مڪمل ڪيو. تذڪري جي ڪاپي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ موجود آهي، جتان راشدي صاحب کي پنهنجي اسڪالر دوست سائمن ڊگبي فوٽو ڪاپي موڪلي ڏني. راشدي مرحوم هن مختصر تذڪري کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايو (3-4/1974ع). تذڪري جو سنڌي ترجمو نياز همايوني ڪيو، جو پڻ رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو (3-4/1979ع). هنن ڪاغذن جي ڪاري ڪندڙ، سموري مواد کي گڏ ڪري، 2010ع ۾ ”تذڪره مشايخ سيوستان“ ڪتابي صورت ۾ نروار ڪيو. هي مختصر تذڪرو شهباز ميله ڪميٽي ضلع ڄام شورو پاران شايع ٿيو هو.

38. مثنوي مهر و ماه: هندستان جي مشهور شاعر جمالي دهلويءَ، هي مثنوي سن 905هه/1499ع ۾ مڪمل ڪئي. سنڌ جي هن مانائتي عالم جي سعيي ۽ مقدمي سان، هي مثنوي مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد 1974ع ۾ ڇپي آهي. راشدي صاحب جو لکيل مفصل مقدمو فارسي زبان ۾ آهي. هي مقدمو پڙهندي خبر پوي ٿي ته راشدي مرحوم کي، سنڌ کان علاوه هندستان، ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي فارسي ادبيات تي مڪمل مهارت حاصل هئي(17).

39. تذڪره مشاهير سنڌ، (جلد اول): حضرت مولانا دين محمد وفائي (وفات: 1950ع)، سنڌ جي علمي دنيا جو هڪ اهم نالو آهي. هونئن ته هن جو هڪ صحافي ۽ قلم ڪار جي، حيثيت ۾ گهڻو ڪردار آهي. البت ”تذڪره مشاهير سنڌ“ لکڻ جي ڪري، وفائي صاحب جو نالو گهڻي وقت لاءِ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.

مولانا صاحب گهڻي وقت کان، سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، اميرن ۽ بادشاهن جي متعلق، هڪ ڪتاب لکڻ جي جستجو ۾ هو. ان ڏس ۾ هن پنج نوٽ بڪ لکيا هئا. البت وفائي صاحب کي مواد کي، فيئر ڪرڻ ۽ آخري شڪل ڏيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.

جڏهن سنڌي ادبي بورد مولانا جي، هن اهم علمي ڪم کي ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن اداري في الحال پهريون نوٽ بڪ، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي ڪيو. ان نوٽ بڪ ۾ 124 مشاهيرن جو لکيل احوال موجود هو. راشدي مرحوم مواد کي ايڊٽ ڪيو، ۽ ڪجهه عالمن جي باري ۾ مختصر حاشيا به لکيا. راشدي صاحب ڪتاب جي لکجڻ جي پس منظر ۽ ان جي اهميت تي، پنهنجي لکيل ’مهاڳ‘ ۾ احسن طريقي سان روشني وڌي آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جي نالي سان، سال 1974ع ۾ شايع ڪيو.

بعد ۾ جڏهن هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد ڇپيا، تڏهن راشدي صاحب جي ’مهاڳ‘ سان سينگاريل حصو، جلد اول طور نروار ٿيو. جلد ٻيو 1985ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 70 مشاهيرن جا سوانح آهن. جلد ٽيون 1986ع ۾ نروار ٿيو. ان ۾ 178 مشاهيرن جو احوال ملي ٿو. هي ٻه جلد ڪنهن خاص ايڊيٽنگ کان سواءِ ڇپيا، ان ڪري پارکو عالمن جي نظر ۾، انهن ۾ ڪوتاهيون رهجي ويون. وفائي صاحب جي لکيل ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جي ٽنهي جلدن ۾، ڪل 472 مشاهيرن جو احوال مهيا ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب (ٽي جلد)، اردو ترجمي جي صورت ۾ به ڇپيو آهي (18).

40. هو ڏوٿي هو ڏينهن: ويهين صديءَ سنڌي زبان جا ڪجهه، ناليرا نثر نويس پيدا ڪيا. ان ڏس ۾ راشدي ڀائرن جا نالا خاص اهميت رکن ٿا. پير علي محمد راشدي: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جهڙو شاهڪار نثري ادب لکڻ سبب مشهور نالو آهي. جڏهن ته سيّد حسام الدين جو ڀلوڙ سنڌي نثر: ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ نالي ڪتاب جي صورت ۾ آهي.

سيّد حسام الدين راشدي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب، سال 1960ع ۾ منيلا (فلپائن) ۾ رهائش دوران لکيو. ڪتاب مصنف جي يادگيرين تي مشتمل آهي، ۽ اهو ڏهن حصن (بابن) ۾ لکي تيار ڪيو ويو. هن ڪتاب لاءِ مصنف جو چوڻ آهي ته، سندس دور جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ لکڻ لاءِ، هي هڪ اهم ماخذ جو ڪم ڏيندو. راشدي ڀائر ابتدا ۾ سکر ۾ اخبار نويس ٿي رهيا. ان ڪري سنڌ جي ان دور جي اخباري دنيا، تبديل ٿيندڙ سنڌي سماج ۽ ان ۾ مذهبي عنصرن جي عمل دخل، توڙي ادبي يا وري شاعرن جي سوچ، سرگرمين ۽ جهان کي بيان ڪيو ويو آهي. سکر بئريج 1932ع ۾ وهي آيو، ان سماج جي مختلف پاسن تي ڪهڙا اثر ڇڏيا، انهن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. يارن دوستن جا قصا، زميندارن جا ظلم، ڪامورن جا قهر ۽ خانقاهي پيرن جا داستان، ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ لکيا ويا آهن.

هن ڪتاب ۾ هونئن ته سڄي سنڌ ليڪن خاص ڪري، اُتر سنڌ جي سوچن، ڪردارن، عملن، ماحول، هلچل توڙي روايتن ۽ ريتن رسمن کي، نهايت سهڻي نثر ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سال 1947ع کان پوءِ سنڌ جي صورت حال، راشدي صاحب جي لفظن ۾ هي وڃي بيٺي:

”هندو به ويا، جن سان مقابلو هوندو هو؛ انگريزن به ملڪ ڇڏيو، جن تي جهٽ ڪاوڙ وٺندي هئي، هاڻي ته ملڪ سڄوئي ملير- خودي بلند، جي ڪجهه چئبو ته موچڙا، جي ڪجهه ڪُڇبو ته ’کلا ۽ کوسڙا‘. تنهنڪري مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ!“

راشدي صاحب جو هي ڪتاب 1977ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، نهايت عمدي طريقي سان شايع ڪري پڌرو ڪيو. مختلف خانگي ادارن به هي ڪتاب ڇپيو آهي.

41. تذڪره رياض العارفين، جلد اول: هي تذڪرو آفتاب راءِ لکنوي، سن 1300هه/1800ع ۾ لکيو. هي تذڪرو فارسي گو شاعرن بابت، ان وقت لِکيو ويو جڏهن ننڍي کنڊ مان ايراني ٻولي ختم ٿي رهي هئي. تذڪري جو قلمي نسخو (شايد واحد نسخو)، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچيءَ جي ذخيري ۾ موجود آهي. راشدي صاحب جي عالم دوست، مشفق خواجه جي نشاندهي ۽ معاونت سان، اسان جي هن سنڌي اسڪالر، هن تذڪري جي ايڊيٽنگ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.

(11) ڪجهه صاحبن ويجهي دور ۾، ”تڪملة مقالات الشعرا“ تي راشدي صاحب جي ڪيل تحقيق تي، منفي انداز سان تحريري گفتگو ڪئي آهي.

(12) هن ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن ”سنڌ انڊر دي مغلز“ جي نالي سان، سال 1990ع ۾ اسلام آباد مان تاريخ ۽ تمدن بابت قومي اداري ڇپيو آهي. ڊاڪٽر محمد سليم اختر جو انگريزي ترجمو، سنڌي ۽ اردو ترجمن جي ڀيٽ ۾، ڪي قدر معياري آهي.

(13) سيّد محمد مطيع الله راشدي برهانپوريءَ، ٺٽي جي هن شاعر جو فارسي ديوان ايڊٽ ڪيو. هي ديوان ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو.

(14) مڪلي نامہ (فارسي متن)، جو انگريزي ترجمو Dr. N.B.G. Qazi صاحب ڪيو. هي ايڊيشن سنڌ آرڪائِوز (حڪومت سنڌ) ڪراچيءَ مان 2011ع ۾ شايع ڪيو. هن ايڊيشن ۾ فارسي متن به، شامل ڪيو ويو آهي پر ان تي ايڊيٽر طور راشدي مرحوم بجاءِ، ڪنهن ٻئي صاحب جو نالو ڏنو ويو آهي.

(15) فخري هرويءَ بابت راشدي صاحب جو لکيل مقدمو، ايران ۾ فارسي ترجمي جي صورت ۾ ڇپيو آهي. هي ترجمو محمد ظفر ڪيو ۽ دانشڪده ادبيات و علوم انساني مشهد جي رسالي ۾ 1350 هجري شمسيءَ ۾ شايع ٿيو.

(16) لڳ ڀڳ ان دور ۾ سيّد اختر مسعود رضوي: ”مرزا غازي بيگ اور اس کا دربار علم و فن“ پشاور مان ڇپيو هو. هي هڪ مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ مرزا جي درٻار سان وابستہ ٻارهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. رضوي صاحب پشاور يونيورسٽيءَ جي فارسي شعبي جو صدر رهيو.

(17) جمالي دهلويءَ جي ڪتاب ”سير العارفين“ جو اردو ترجمو ڊاڪٽر محمد ايوب قادري ڪيو، جو مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع ۾ شايع ڪيو. ان تي پڻ مفصل مقدمو راشدي صاحب لکيو آهي. هي مقدمو اردو زبان ۾ آهي.

(18) ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر عزيز انصاري، ۽ عبدالله ورياه ڪيو، پهريون جلد 1991ع ۾، ٻيو ۽ ٽيون جلد، هڪ جلد طور (ڪتاب)، سن 2005ع ۾ ڇپيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org