هڪ يادگار تقرير
[سرڳواسي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب
”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورتي تقريب، پاڪستان نيشنل
سينٽر حيدرآباد ۾
09- نومبر 1980ع تي ٿي هئي. ان موقعي تي راشدي صاحب مرحوم هيءَ تقرير ڪئي، جا رسالي ”مهراڻ“ جي
نمبر 2-3، سال
1991ع واري پرچي ۾ ڇپي آهي]
آغا صاحب، دادا گرداس واڌواڻي ۽ دوستو!
اسان ٻڌو هو
دادا ليکراج، اڄ ٻڌوسين ته واڌواڻي به دادا آهي.
خواتين، نوجوان دوستو منهنجا! منهنجي ڪيفيت ذهني ۽
جسماني، توهان کي منهنجي صورت ۾ چهري منجهئون
معلوم هوندي. ڪلهه صبح جو ڪراچيءَ کنئون نڪتو آهيان ۽ مسلسل هن وقت تائين هلندو رهيو
آهيان ۽ بيحد ٿڪل آهيان. اها شايد توهان سڀني کي
خبر آهي ته مان بيمار رهان ٿو پيو اڪثر. تنهن ڪري زيادهه
مان توهان جي خدمت ۾ پنهنجا خيال عرض نه ڪري
سگهندس. منهنجي نوجوان دوستن بي انتها نفيس ۽ مؤثر
مضمون پڙهيا آهن. جن کنئون ايمانداريءَ جي ڳالهه
اها آهي ته مان متاثر ٿيو آهيان. بيحد اميد افزا
ڳالهه آ، اها ته انسان تسلسل ۽ ذهن جي حاضريءَ ساڻ
مضمون لکي سگهي ٿو. تنقيد ۽ تبصرا ڪري سگهي ٿي
پيو. اها خود اميد افزا ڳالهه آ. مسٽر واڌواڻيءَ جي ڪتاب تي مفصل ڪلاڪ ڏيڍ تائين مان تقرير ڪراچيءَ ۾
ڪري چڪو آهيان. انهن ساڳين خيالن کي وري دهرائڻ جي
ڪا هتي ضرورت ڪانهي ڪا.
توهان کي مان
عرض فقط هڪڙو ڪندس. جيئن اسان جي هڪڙي نوجوان دوست
توهان کي ٻڌايو ته: سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا تاريخي
آثار، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جو تمدن، سڀ خدشي ۾ آ.
برباد ٿي رهيو آ. سنڀال ڪانهي ڪا، تنهن ڪري انهيءَ
شيءِ کي نظر ۾ رکندي، هن وقت اسان جي لاءِ بيحد
ضروري آهي ته، ڀل اسان افسانه لکون، ڇاڪاڻ ته اهي
ڀي ڪنهن مقصد جي تحت لکيا وڃن ٿا. نظمون ڀي ڀل
لکون، ڇاڪاڻ ته ڪا به نظم سنڌ ۾ بي مطلب، بي معنيٰ
۽ بي مقصد نه ٿي لکي وڃي. اهي ٻئي صنفون بي حد
ضروري آهن. ليڪن ساڳئي وقت مان توهان کي عرض ڪندس
ته هڪ زمانو گذري چڪو آ. ٻيو زمانو جيسين
تائين
پڪو ٿئي، ۽ اچي تيسين
تائين جو وچون دور جيڪو آهي، جنهن ۾ هن وقت توهان
هلي رهيا آهيو، ۽ اسان موجود آهيون. اهو اهڙو آ
جڏهن توهان جا عمر رسيده ماڻهو، جن هيءَ سڄي صدي
ڏٺي آ، اهي پنهنجون يادگيريون، ايندڙ دنيا جيڪا
تيار ٿي رهي آهي، انهيءَ جي لاءِ لکي ڇڏي وڃن.
توهان سيريس ڪتاب خبر ناهي پڙهو ٿا
يا نه. ليڪن انهي ڏس ۾، جنهن ۾، اسان جي دوست
واڌواڻيءَ لکيو آ ڪتاب. انهيءَ ۾ سڀ کنئون پهرين
جي.ايم.سيّد ٻن جلدن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ لکيو
آهي. تنهن ۾ انهيءَ سڄي زماني ۽ انهن سڀني ماڻهن
جو هن ذڪر ڪيو آهي، جن سان اهو اُٿيو ويٺو، گڏ گهميو يا رهيو آ. بيحد مفيد، بيحد قيمتي ۽ آئنده نسلن جي تاريخ
جي لاءِ مستند دستاويز آهي. اهڙي نموني سان پير
علي محمد راشديءَ ڀي ٻن جلدن ۾ ”اهي ڏينهن اهي
شينهن“ جي نالي سان ڪتاب لکيو آهي. ٽيون جلد ڇپجي رهيو آهي. اهو ڪتاب ڀي انهيءَ سلسلي يعني يادگيرين واري سلسلي جو بهترين
ڪتاب آهي. اهڙي نموني ساڻ منهنجو ڀي هڪڙو ڪتاب ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي ساڻ ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ ڀي
ڪنهن هڪڙي خاص عرصي جون يادگيريون لکيل آهن. هن
ڪتاب جو عنوان ”جيڪي ڏٺو مون“ سو حقيقت ۾ مان
انهيءَ پنهنجي ڪتاب جي لاءِ جنهن جو پوءِ نالو ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“ ٿيو، 1960ع ۾ رٿيو هئم ۽ تقريباً
منهنجي سرڪل ۾ مشهور به ٿي ويو هو. ليڪن جي. ايم.
سيّد انهيءَ ساڳئي نالي ساڻ هڪڙو ڪتاب ڇپرايو،
تنهن کان پوءِ وري مان مناسب نه سمجهيو ته انهيءَ
ساڳئي نالي ساڻ منهنجون يادگيريون ڇپجن. هاڻ چڱو
ٿيو جو گرداس جو ڪتاب ڇپيو آهي. هي ڪتاب پنجون
ڪتاب آهي، انهيءَ سلسلي جو، ”يادگيرين“ جو. توهان کي مان عرض ڪيو ته يادگيريون، مثلاً خواجه صاحب ويٺو
آ، جنهن کي خوجو چون ٿا پيا، هن جي زندگي پوري
تاريخ رهي آهي. هن هڪڙي دنيا ڏٺي آهي. توهان جي
تعليم جو جنهن نئون نسل تيار ڪيو آهي، انهيءَ سموري
جا داستان ۽ واقعا، نواب شاهه جي تاريخ، اهي سڀ
جيڪڏهن هي پنهنجيون ويهي يادگيريون لکي ته اها هن
جي لاءِ ته تاريخ نه هوندي، ليڪن پڙهندڙن جي لاءِ
۽ ايندڙ نسل جي لاءِ اها تاريخ جو ڪم ڏيندي.
تاريخ جو مطلب ئي اهو آهي ته انسان واقعات جيڪي
ڏسي ٿو يا جيڪي هن کي معلوم آهن، سي قلمبند ڪري. پڙهندڙ انهيءَ
منجهئون ڪهڙو فائدو وٺن ٿا پيا، ڇا لاڀ پرائين ٿا پيا، اهو انهن
تي ڇڏيل آهي.
پندرهن ويهه
ڏينهن ٿيا جڏهن گرداس جي ڪتاب جو مهورت ٿيو ڪراچيءَ ۾، تڏهن مان افسوس پي
ڪيو ته خانبهادر کهڙي ڪجهه ڪونه لکيو. ڪجهه لکي
وڃي ها ته بهتر هو. فلاڻي نه لکيو، شيخ صاحب نه لکيو، پنجن ڏهن ڏينهن کان پوءِ خانبهادر کهڙو ڀي هليو ويو.
اها ڀي تاريخ اسان جي ختم ٿي وئي!
توهان کي مان
حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي، هيءَ
پرزور ۽ دست بدست گذارش ٿو ڪيان ته اوهان مهرباني
ڪري هت جيئن آغا صاحب توهان کي چيو ته انگريزيءَ ۽
يورپ جي زبانن ۾ ايڏو علم آهي، جنهن جو ڪو سرو نظر
ئي نه ٿو اچي پيو. اسان ته هڪڙي تمام محدود، تاريڪ ۽ ردي دنيا ۾ رهون ٿا پيا، جا ٿي جيڪو ساهه کڻون ٿا پيا سو تعفن ۽ بدبودار آب و هوا ۾ کڻون ٿا پيا. دنيا ۾ انسان ائين زندگي
گذارين ٿا گندگيءَ ساڻ، جيئن هتي اسان جي سرزمين
تي ڪيليون، ماڪوڙا يا ڪينئان زندگي گذارين ٿا!
اسان هن دنيا جي ڀيٽ ۾ حالتن جي
لحاظ ساڻ، پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ جي لحاظ ساڻ، علم ۽
دانش جي لحاظ ساڻ، انهن جيتن جي برابر آهيون، انهيءَ دنيا جي مقابلي ۾. هيءَ اها صدي
آهي، جنهن ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا ايجاد ٿيا آهن. ٻه
جنگيون هن ۾ لڳيون. بادشاهيون هن صديءَ ۾ ويون.
هوائي جهاز، ٽرانسسٽر، ٽيويون حتيٰ ڪهِ آغا صاحب
راڪيٽ جو نالو ڀي کڻي ٿو. مانکي ڀئو ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته راڪيٽ جي سلسلي ۾ دنيا ۾ خبر
ناهي ته الا ئي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي. مطلب هي آهي ته
هيءَ صدي ايڏي وڏي فن ۽ علم ۽ دانش ۽ سائنس جي
لحاظ ساڻ ثروت مند آهي، ۽ علم جي انهن شاخن ۾
ماڻهن لکيا آهن ڪتاب، جو مان ڪهڙو توهان کي بيان
ڪيان.
تنهن ڪري توهان کي جيئن آغا صاحب فرمايو، آغا صاحب هڪ ڳالهه
وساري ويو ته، سندس تعلق چورن ۽ ڌاڙيلن ساڻ ڀي
رهيو آهي، اها ڳالهه کانئس وسري وئي. مطلب منهنجو
هيءَ آهي ته اوهان کي پڙهڻ کپي، حاصل ڪرڻ کپي، علم
ڄاڻڻ ۽ انهيءَ ڄاڻ کي توهان ٻين تائين پهچائڻ جي
ڪوشش ڪيو.
منهنجا دوستو!
اها حقيقت آهي ته اڄ بهترين تقريرون نوجوانن ڪيون
آهن. دل خوش ٿي آهي. هڪڙي دوست انهيءَ تي افسوس جو
اظهار ڪيو ته، اسان جون سڀ تاريخي شيون برباد ٿي
ويون آهن. انهيءَ جي تحفظ جي لاءِ سوسائٽي ٺاهيو
يا ڪو ٻيو صلاح مشورو ڪيو. اها حقيقت اٿوَ ته اسان
هن وقت درياه جي ڪپ تي ويٺا آهيون ۽ درياهه
پائيندڙ آهي. ڪنهن به وقت درياه جو بند جيڪڏهن
پاڻيءَ پاتو ته اسان وڃي پاڻيءَ پونداسين. اهڙي صورت حال ۾ هن وقت اوهان ويٺا آهيو، تنهن جي تحفظ ۽ انهيءَ جي بقاءَ جي
ڪوشش ڪرڻ کپي. مان ڪالهه ڊاڪٽر الانا جي تحريڪ ۽
پنهنجي دوست عبدالله ورياهه ۽ آخوند حميد جي تحريڪ
ساڻ ويو هئس شاهپور چاڪر ٽالپرن جا مقبرا ڏسڻ ۽
اتون هاڻ سڌو اچان ٿو نهايت ڏکويل دل ساڻ. سڄو
قبرستان جيڪو تاريخي آهي، اهو برباد ٿي چڪو آهي.
انهيءَ جا پٿر ماڻهو کڻي ويا آهن. ڪابه قبر سلامت
ڪانهي ڪا. تاريخي ڪتبا ڪرن ٿا پيا. اها ساڳي حالت
هالن جي ڀڪ ساڻ ٽالپورن جي مقبرن جي آهي. حيدرآباد
جي حالت توهان پاڻ ٻڌي. انهيءَ کنئون زياده ابتر
حالت مڪليءَ جي تاريخي قبرستان جي آهي، جنهن جي
تاريخي قبرن جا ڪتبا ڪراچيءَ جا واپاري ايندي
ويندي پٽيون کنيون وڃن ٿا ۽ پنهنجن بنگلن ۾ وڃي
محض ڊيڪوريشن آرائش جي واسطي هڻن ٿا. اتان جي تاريخ
تباهه ٿئي ٿي. هنن جي بنگلن جي ديوارن جي هڪڙي
زينت ٿئي ٿي، جنهن کي هو نه پڙهي سگهن ٿا، نه
سمجهي سگهن ٿا، نه عربي ڄاڻن جو اهي ڪلام مجيد جون
آيتون، انهن تي جيڪي اڪريل آهن سي پڙهي سگهن. نه
فارسي منجهئون بهرور آهن، جو هنن کي خبر پئي ته هن
تي ڪهڙو شعر لکيل آهي.
بهرحال مطلب اهو ته نقصان ضرور
ٿئي. اها جيڪا تخريبڪاريءَ جي اسان جي عادت آهي،
جو ايندي ويندي ڪنهن جي موٽر بيٺي هوندي. تڏهن ڀي ان کي نقصان ٿئي، ته اها تخريب جي عادت جيڪا آهي،
انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ ضرور پٿر ساڻ کنيو ايندا.
تنهن ڪري مڪليءَ جو قبرستان توهان جو برباد ٿو ٿئي
۽ اهو ته فقط اسان کي تاريخ جي لحاظ ساڻ عزيز آهي.
ليڪن تازيءَ تاريخ جي سلسلي ۾ هن ڪري ڀي عزيز آهي، جو شيخ
عبدالمجيد سنڌي هتي دفن آهي. ۽ مان کي يقين آهي ته
اسان جي سنڌ جي نئين تاريخ مڪليءَ جي قبرستان تئون
ٺهندي، تنهن ڪري توهان کي انهيءَ طرف توجہ ڏيڻ
کپي.
هتي ڪيترا
منهنجا فاضل دوست ويٺا آهن. مسٽر پنهور
(ايم. ايڇ پنهور) آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري ٿو پيو. ڊاڪٽر الانا آهي. هي نوجوان اسان
جو عبدالله ورياهه، جيڪو آهي زميندار، جنهن
کي زندگي پنهنجي
زميندارن جا جيڪي گندا شغل ٿيندا آهن وڏيرن جا،
انهيءَ ۾ گذارڻ کپندي هئي. ليڪن انهيءَ جي مقابلي
۾ هن سنڌ جي تاريخ ساڻ دلچسپي ورتي آهي، ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته ويهه هزار سڪا سنڌ جا... جيڪي
پنجاهه ورهيه اسان تاريخ لکي آهي. ليڪن انهن
منجهئون هڪڙو نه ڏٺو اٿئون، سي هن عبدالله ورياهه
اهي گڏ ڪيا آهن. انهن تي تحقيق ڪري ٿو پيو. مطلب
اهو ته اسان وٽ مواد آهي. اسان وٽ ماڻهو آهن. اسان
وٽ جذبو آهي ۽ اهو جذبو الله ڪارڻ آهي. وطن
دوستيءَ ۾، آبروءَ جي خدمت جي لاءِ اسان کي اهو جذبو آهي. تنهن ڪري مان
توهان نوجوانن کي عرض ڪندس ته توهان منجهئون هر هڪ
ماڻهو سنڌ جي تاريخ جو محافظ بڻجڻ کپي. سنڌ جي
زبان جو محافظ هجڻ کپي. سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو
محافظ هجڻ کپي. جيسين توهان منجهئون هر هڪ ماڻهو
انهيءَ شئي جي حفاظت جو عزم نه ڪندو، تيسين مان سمجهان ٿو ته اهي شيون گهڻي عرصي تائين قائم رهي نه سگهنديون.
منهنجا دوستو!
منهنجي ڪيترن نوجوان دوستن، واڌواڻي صاحب جي ڪتاب
متعلق توهان کي ٻڌايو آهي. مان سمجهان ٿو پيو ته
بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾، ۽ بهترين دور جيڪو
اسان جو سونهري دور آهي، انهيءَ جي سلسلي ۾ اهو دستاويز اٿو. ممڪن آهي ته انهيءَ شئي
جو احساس ۽ اهميت هاڻ اسان کي نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته
واڌواڻي ۽ اسان جو زمانو قريب آهي. تنهن ڪري جيڪا
شئي قريبي هوندي آهي، انهيءَ جي اهميت جو احساس نه
ٿيندو آهي.
ليڪن مان توهان کي يقين ٿو ڏيان ته
زبان جي لحاظ ساڻ، لکڻ جي انداز جي لحاظ ساڻ، جڏهن
هي پنهنجي وطن جو بيان ٿو ڪري ته ايڏي محبت ساڻ ۽
هڪڙي جذبي ساڻ ڪري ٿو جو، معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي
دل به ٻاهر ڪڍي هٿ تي کنيو ٿو وتي پيو. تنهن کنئون
پوءِ ڪرامت، واڌواڻيءَ جي هيءَ آهي ته هن سڄي
زندگي انگريزيءَ ۾ لکيو. ڪڏهن ڀي سنڌيءَ ۾ هن هڪ
سٽ نه لکي. ليڪن اها اسان جي زبان جي ڪرامت آهي
ته، جڏهن هن انهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن بهترين
ڪتاب، بهترين زبان ۾ لکي هن تيار ڪيو. واڌواڻيءَ
کي مان ڪراچيءَ ۾ عرض ڪيو هو ته، ڀائي! هن وقت
اسان جي زبان ٻين سڀني ڳالهين ساڻ گڏ وڏي خدشي ۾
آهي. نه فقط اسان جي پنهنجي زبان خراب ٿي رهي آهي.
هتي اخبارن جي ذريعي، ريڊئي ۽ ٽي. ويءَ جي ذريعي ۽
هي جيڪو بي شعور نوجوان جنهن کي ڪابه بيڪ گرائونڊ،
پسمنظر ڪونهي ڪو، نه تهذيب، نه علم. انهيءَ جي
گاڏڙ زبان يا اسان جا بعض ڪامورا ٻاهر سنڌي
ڳالهائين ۽ گهر ۾ اردو ٿا ڳالهائين ۽ اردو ڀي ڪا
فضيلت واري اردو هجي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي
ڪو. ليڪن گورکن واري اردو ڳالهائين ٿا، جيڪا
جيڪڏهن اردوءَ وارا ٻڌن ته مار ڪڍن هنن کي. ته
اهڙي صورت حال ۾ منهنجا دوستو توهان کي، مان
واڌواڻيءَ کي عرض ڪيو هو ته هندو اسان وٽئون هليا
ويا. هاڻي اسان سڀني تي فرض آهي ته ان زبان کي
محفوظ رکون.
ڊاڪٽر نواز علي
شوق توهان کي عرض ڪيو ته ڪيترا لفظ هن جي پٽن کي
يا اولاد کي نه ٿا اچن. ڇاڪاڻ ته هو ٻاهراڙيءَ
منجهئون اٿي ۽ اچي شهرن ۾ آيا آهن. انهن ساڻ واهپو
ڪونهي ڪو. مان واڌواڻيءَ کي چيو ته ڀائي هندو اسان
وٽئون هليا ويا آهن ۽ هندو سنڌ جو هڪ جزو آهي، ۽
تاريخ آهي ۽ هنن جو احساس آ! جنهن کي هاڻ اسان
پنهنجي زبان چئون ٿا. حقيقت ۾ مشترڪ زبان هئي،
اسان جي ۽ هنن جي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو پنهنجي
زبان تي احسان هو. ليڪن بهرحال اهو اسان سمجهون ٿا
اسان تي احسان آهي. مان عرض ڪيو هن کي ته اها وڏي
۾ وڏي خدمت ٿيندي. هي وقت آهي، جو تون ڀي جيئرو
آهين. ممڪن آهي ته سڀاڻي تون ڀي نه هجين. بهشت ته
ڪونه چوندس. ڇاڪاڻ ته مسلمان مڃيندا ڪونه، ته جنت نصيب
توکي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اسان جو اعتقاد آهي ته فقط
مسلمان، پوءِ ڪهڙا ڀي هجن اهي جنت ۾ ويندا. باقي
ٻيو ڪوبه دنيا جو بني بشر ڪونه ويندو. تنهن ڪري
ممڪن آهي ته تنهنجو ڀي جلد پراڻ تياڳي. تنهن ڪري
ڀائي منهنجا، اها زبان، اهي
اکر، مثلاً مان پنهنجي والدهه مرحومه تي مضمون پي
لکيا، مانکي پنهنجي ڳوٺ جو نقشو انهيءَ ۾ ڏيڻو هو.
مانکي ”رسويو“ نه آيو. ڀائي، جيڪو ماني پچائيندو
آهي. ليڪن رڌڻي جو هندو اکر به مانکي نه آيو. مان
ڪيترا ڏينهن بلڪ اڄ ڏينهن تائين سرگردان آهيان.
شڪارپور....... مان واڌواڻيءَ کي عرض ڪيو ته اسان
جي تهذيب ۽ تمدن جو خاص مرڪز هو. انهيءَ ۾ بهترين
تمدن رکندڙ هندو هيا. جن جو تعلق سينٽرل ايشيا ساڻ
هيو. انهن جون پڳڙيون جيڪي هيون ڪيئي نمونا ته،
شڪارپور جي پڳڙين جا هئا. اهي هندو ويا، اهي پڳڙيون ويون، اهي رنگ روپ ويا،
اهي کاڌا خوراڪون ويون، اها زبان وئي. مان کيس عرض
ڪيو ته مهرباني ڪري، هاڻ گهڻو ئي ڪجهه تو اسان جو
خانو خراب ڪيو آهي. اسان جا اعمال لکي انهيءَ ڪتاب
۾، انهيءَ کنئون مٿي لکڻ جي ڀي ضرورت آهي. پر
مهرباني ڪري تون ڪوشش ڪر ته اهي لفظ جيڪي متروڪ ٿي
ويا آهن، ترڪ ٿي ويا آهن، هندن جي وڃڻ جي ڪري ترڪ
ٿي ويا آهن، انهن کي تون پنهنجن مضمونن ۾ ڪنهن نه
ڪنهن صورت ۾ آڻ ته ڪي اهي اسان جي لاءِ محفوظ رهجي
وڃن. انهن پڳڙين جا نالا، اهي ڪريا ڪرم جا نالا،
اهي کاڌن خوراڪن جا نمونا ۽ نالا. اهي سڄيون شيون
اهي آهن جيڪي نه فقط هتي اسان وٽئون عدم پيدا ٿي
ويون آهن. ليڪن مان سمجهان ٿو پيو ته سنڌي هندن
ساڻ هندستان ۾ اها ئي عقوبت آهي، جيڪا هتي اسان
ساڻ آهي. انهن جي آل اولاد کان ڀي اها تهذيب ۽ اهو
تمدن ۽ اهي زبان جا اکر، انهن کان ڀي وسري ويا
هوندا! تون هتي آهين اڃا سلامت آن. توڙي جو توکي
گهر ڪونهي ڪو ۽ اسان جي دوستن کي افسوس ٿيو ته
توکي گهر ڪونهي. ليڪن مانکي افسوس اهو ٿيو ته گهر
ته ڪونهي ڪو، ليڪن جنهن ڪوٺيءَ ۾ تون رهين ٿو،
تنهن ۾ به ٻڌو اٿم ته هڪڙي مسلمان تو سان کهند ٻڌي
آهي، جيڪا ڳالهه اخبار ۾ پڻ آئي آهي. تنهن ڪري گهر
ته توکي هي وٺي نه ٿا ڏئي سگهن. انهيءَ کهند کان
توکي بچائين ته ڀاءُ منهنجا! تون مهرباني ڪر اسان
تي، جيئن مان توکي ڪراچي ۾ اڳي عرض ڪيو هو. مان
هنن سڀني نوجوانن کي به عرض ڪندس ته توکي التجا ڪن
ته، اسان جا وسريل اکر ۽ متروڪ ٿيل جملا ۽ تهذيبي
نشانيون، اهي تون ڪوشش ڪر، پنهنجن مختلف مضمونن ۾
آڻڻ جي.
رڌڻي جو هندو
اکر اڃا تائين مانکي نه آيو جو مان گهڻي ڪوشش ڪئي
آهي. ڊاڪٽر الانا به هندو نسل جو آهي. ممڪن آهي ته
هن کي خبر هجي ته رڌڻي کي ڇا چئجي. بهرحال مطلب
اهو آهي ته معمولي شئي آهي. رسويو جو لفظ اچي ٿو
مانکي. ليڪن جاتي رسوئي پچائجي ٿي انهيءَ جو ڇاهي
هندو اکر؟ نتيجو اهو نڪتو جو هڪڙي جاءِ تي اچي مان
اٽڪي بيهي رهيس ۽ اتي جو قلم مان ڇڏيو آهي ته اڃا
تائين..... مطلب اهو آهي ته ڪيڏيون مشڪلاتون اچن
ٿيون نئين زماني ۾ رهڻ جي ڪري.
مان توهان کي
ٻڌايو هو ته مان ٿڪل آهيان ۽ حالت منهنجي خراب
آهي. ليڪن باوجود انهيءَ جي ڀي، ڇاڪاڻ ته توهان جي
خدمت ۾ بيهندي مانکي هڪڙي سعادت ۽ خوشي ٿئي ٿي.
تنهن ڪري مان بي اختيار ڳالهائيندو ويو آهيان، ۽
انهيءَ ۾ وقت ظاهر آهي ته زيادهه ٿي ويو آهي.
توهان کنئون معافي وٺان ٿو پيو ۽ توهان کي اهو عرض
ڪندس ته واڌواڻي صاحب کي پنهنجي خانگي نشست
برخواست ۾، انهيءَ ڳالهه تي ضرور آمادهه ڪيو ته
اڃا ڀي لکي،
گهڻو لکي ۽ انهن شين تي خاص طرح لکي، جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿيڻ
تي آهن. مهرباني.
سنڌ جي آبروءَ
جي پاسباني
[مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾، جناب رئيس ڪريم
بخش خان نظاماڻيءَ جي نامور تصنيف ”ڪيئي ڪتاب“ جي
رونمائي تقريب ٿي گذري. ان مجلس جي صدارت محترم
عبدالله ڪمشنر حيدرآباد ڪئي، ۽ خاص مهمان ممتاز
عالم ۽ تاريخ دان پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب
هو. ان موقعي تي پير صاحب جي ڪيل تقرير پيش ڪجي
ٿي. هي تقرير ماهوار نئون ”نياپو“ جي پرچي، مئي-
جون 1981ع ۾ شايع ٿي]
هن ڪتاب کي ته پنهنجي عظمت ۽ وقار حاصل آهي. رئيس
جي انفراديت جيڪا آهي، سا پنهنجي جاءِ تي، پر سندس
ڪتاب هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿو.
منهنجي دوست جويي صاحب پنهنجي تقرير ۾، رئيس صاحب
لاءِ جيڪو ”ڏويون“ لفظ ڪتب آندو، اهو سندس سڄي
تقرير تي ڀاري هو. يعني ”حيرتناڪ شخصيت“، جو ڪيترن
سالن تائين ته مان ٻڌندو رهيس ته، رئيس ان قسم جي
وضع قطع جو مالڪ آهي. هن جي مجلس، شغلن، ذوق شوق
وغيره جا داستان، ٻڌي ٻڌي حيرت ۾ محور رهيس ته آخر
هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ جنهن کي ايڏي ڀرپور ۽
ايڏي هماهميءَ جي زندگي آهي. ڪيترا ماڻهو هن جي
پٺيان وارفتہ گهمن ٿا، ڪيترا هن سان منسلڪ آهن،
وغيره.
حالانڪ هو صاحب هڪ اهڙي طبقي سان تعلق رکي ٿو،
جيڪو اسان وٽ... مُئل طبقو آهي، يعني ”زميندار“
طبقو. زميندار، مير پير وغيره جهڙي غير مقبول طبقي
مان ان حد تائين ”مقبول ماڻهو“. فن، علم، ادب،
دوستن، انسانن، ۽ غريبن جو دوست آخر ڪيئن پيدا ٿي
سگهيو آهي! جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته مان ڏٺو ته
واقعي رئيس حيرتناڪ ماڻهو آهي.
ڪتاب جي قيمت سؤ رپيا آهي. ڪتاب پيسن سان خريد ڪرڻ
جي هونئن به اسان ۾ عادت ناهي. مون کي يقين آهي ته
باوجود هن رونمائي تقريب جي، ڪتاب ڪوبه خريد ڪونه
ڪندو. پر بهرحال جيڪڏهن خدا ڪنهن کي توفيق ڏئي ۽
اهو ڪتاب خريد ڪري وجهي! منهنجي ته سفارش اها
ٿيندي ته اهو ڪتاب خريد ڪرڻ کپي ۽ پڙهڻ کپي.
هي ڪتاب ڪو معمولي ڪتاب ڪونهي. هي ڪتاب هڪ جهانديد
۽ تجربيڪار شخص جو لکيل آهي، ۽ هڪ برڪت ڀرئي دور
جي تاريخ آهي. يعني انگريز دور جي تاريخ، جيڪو دور
واقعي اسان لاءِ برڪت جو سبب رهيو آهي، اطمينان جو
سبب، شادابيءَ ۽ درخشندگيءَ جو سبب رهيو آهي. هي
ڪتاب ان دور جي عجيب غريب تاريخ آهي. ان ۾ توهان
کي هر طبقي جو مثال ۽ نمونو ملندو. شخص توڙي ادارن
جي اجتماعي زندگي ملندي. فردن جي شغلن ۽ غلط ڪارين
جي جهلڪ ملندي.
رئيس جي زندگي هڪ عجيب غريب زندگي آهي. قدرت هن کي
سڄي برصغير جو علائقو ميسر ڪري ڏنو هو. بمبئي
تائين ٻارنهن رپيا ٽڪيٽ هئي. نه بندش، نه ويزا، نه
فارين ڪرنسي، نه حد بنديون ۽ نه جاگرافيائي
پابنديون هيون. جڏهن به رئيس کي وڻندو هو، پورو
هندستان گهمي ايندو هو. مسلسل ۽ طويل سياحت جي ڪري
هن جو مشاهدو نهايت قوي آهي.
اهو رئيس جو وڏو ڪمال آهي، جو جيڪي ڪجهه ڪتاب ۾
ڇپيل آهي، اهو سڀ سندس ياد داشت جو ڪرشمو آهي. اها
خداداد ڏات آهي، جو رئيس هيترن سالن گذرڻ کان پوءِ
به، ان دور جي ماحول، حالتن، صورتن، سيرتن، عادتن
۽ ڪيفيتن کي جيئن جو تيئن چٽي سگهيو آهي. مشاهدي
جي گهرائيءَ جو اهو عالم آهي جو واقعات جي جزئيات
تائين سندس ذهن جي رسائي آهي. اها ڏات انسان کي
اڪتساب يا پرائڻ مان نه ٿي ٿئي. پر اهو قدرت جو
عطيو آهي، جيڪو رئيس کي حاصل آهي.
منهنجي عمر هينئر ستر ورهيه آهي ۽ اٽڪل روءِ
پندرنهن ورهين کان مون لکڻ شروع ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن
تائين بفضل خدا تعاليٰ لکندو اچان ٿو. مون کي ياد
ناهي ته سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٻه ورق ڊڪٽيٽ ڪرائي
لکي سگهيو هجان. رئيس جو سمورو ڪتاب ڊڪٽيٽ ڪرايل
آهي، جيڪا خود وڏي ڪمال جي ڳالهه آهي.
اها اسان جي خوش قسمتي آهي منهنجا دوستو! جو گذريل
ٿورن سالن ۾ بعض سببن جي ڪري، اسان جي لکندڙن لکڻ
ڏي گهڻو توجهه ڏنو آهي. انهيءَ ۾ سوانحي ادب به
شامل آهي، جنهن مان معاشري ۽ تمدن جي تاريخ مرتب
ٿيندي آهي. ان سلسلي ۾ چار پنج ڪتاب ڏاڍا چڱا
لِکيا ويا آهن. جيڪي اسان جي مؤرخن لاءِ ”سورس بڪ“
ٿي ڪتب ايندا.
ان ۾ سڀ کان پهرين اسان جي محترم دوست جناب جي.
ايم. سيّد جو ڪتاب آهي ”جنب گذاريم جن سين“. ان
ڪتاب ۾ شخصيتن جا سوانح ۽ واقعا نهايت قيمتي آهن،
جيڪي توهان کي ڪنهن ٻئي هنڌان نه ملندا.
ان طرح منهنجي بزرگ ڀاءُ علي محمد شاهه جي ڪتاب
”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سؤ ورهين جي سياست،
تهذيب، تمدن، ۽ اٿي ويٺيءَ جو عڪس ڏنو ويو آهي.
منهنجو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ سوانحي ادب ۾ شمار
ته ڪري سگهجي ٿو. بهرحال اهو انهن ڪتابن کان گهڻو
گهٽ آهي. بهر صورت، اهي ڪتاب يا رئيس صاحب جو
ڪتاب، سنڌ جي جڏهن به سماجي تاريخ لکي ويندي، تڏهن
انهن مان مواد وٺڻ جي بيحد ضرورت رهندي.
مون ڪشمير ڪونه ڏٺو آهي، ليڪن ڪشمير جي شاعرن جو
تذڪرو لکيو آهي، جيڪو ٽن چئن هزارن صفحن تي، پنجن
جلدن تي مشتمل آهي. ظاهر آهي ته جنهن موضوع تي
ماڻهو ڪم ڪري ٿو ته، اُن جو سمورو لٽريچر سامهون
رهي ٿو. ٽن ورهين جي تحقيقي ڪم دوران مون ڪشمير
ايترو نه ڏٺو، جيترو رئيس جي ڪتابن مان، پنجن اٺن
صفحن تي پڙهڻ سان ڏٺو.
ڪشمير بابت پڙهندي، قاري بلاشبه ائين محسوس ڪندو،
ڄڻ هو پاڻ رئيس سان ڪشمير جي سياحت ۾ هم رڪاب آهي.
ڪشمير جا گل، ڪشمير جا باغ، ڪشمير جا رستا، ڪشمير
جو عطر عنبير، ماحول ۽ اتان جا نظارا، جنت سمان
منظر ۽ روح پرور فضائون، پڙهندڙ پاڻ کي ان ماحول ۾
موجود محسوس ڪندو هن ڪتاب پڙهڻ سان.
وطن سان محبت اسان سنڌين جي ڪمزوري آهي. پوءِ اهو
ايمان جي نشاني آهي يا اسان جي آبادين جو سبب آ.
جنهن محبت ۽ پيار سان رئيس، ماتلي، ماتليءَ جي
ماڻهن، ماتليءَ جي وڻن، کيتن، ماتليءَ جي سرزمين ۽
ماحول جو ذڪر ڪري ٿو، اهو مان ڀانيان ٿو ته ماڻهن
کي ايمان جي روشني عطا ڪري ٿو.
رئيس کي ماتليءَ سان محبت آهي. حالانڪ ننڍو شهر
آهي، هاڻ ته ان ۾ انب به ڪينهن، ۽ رئيس جيڪي اَنب
ڏنا آهن، سي الانا چوي ٿو ته خراب هئا. بهرحال
ڪنهن زماني ۾ ماتليءَ جا انب مُلڪان مُلڪ مشهور
هئا.
دوستو! مون گهڻو وقت ورتو آهي. سچي ڳالهه اها آهي
ته ان ڪتاب تي سڄي رات ڳالهائي سگهجي ٿو. اهو ياد
رکي ڇڏيو ته جيڪي لکندڙ آهن، سي سِنڌ جي عظمت ۽
آبروءَ جا پاسبان آهن. رئيس اهو ڪتاب لکي سنڌ جو
فرض پورو ڪيو آهي. سِنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ان کي ياد
رکندي!
|