فتاويٰ عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف
۽
سندن بزرگ
[راشدي صاحب مرحوم جو هي مضمون مشهور اردو رسالي
”معارف“ جي پرچي نمبر6، جلد 59، سال 1947ع ۾ شايع
ٿيو هو. مذڪورهه پرچو شاهه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. جتان هن پيپر جو
فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪري، ان جو ترجمو ڪيو ويو، جو
رسالي ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1990ع ۾ ڇپجي ظاهر
ٿيو]
مغل بادشاهه اورنگزيب (1658-1707ع) جي حڪم سان،
فقہ جو هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪيو
ويو. هي ڪتاب پوءِ ”فتاويٰ عالمگيري“ جي نالي سان
مشهور ٿيو. هن علمي ڪم جي پورائي لاءِ شيخ نظام
الدين برهانپوريءَ جي سربراهيءَ ۾ عالمن جي هڪ
ڪميٽي جوڙي وئي. ساڻس گڏ چار وڏا عالم: قاضي محمد
حسين جونپوري، سيّد علي اڪبر سعدالله خاني، ملا
حامد جونپوري ۽ محمد اڪرم لاهوري شريڪ ڪار رهيا.
هرهڪ عالم سان گڏ ڏهه معاون عالم مقرر ٿيا، جن ۾
سيّد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽوي به
شامل رهيا. فقہ جو هي جامع ڪتاب اٺن سالن ۾ تيار
ٿيو ۽ ان تي عالمگيري سڪي جا ٻه لک رپيا خرچ ٿيا.
مترجم
معارف جي ڊسمبر 1946ع، ۽ جنوري 1947ع وارن پرچن ۾
”فتاويٰ عالمگيري ۽ ان جا مؤلف“ عنوان سان جيڪو
مضمون ڇپيو آهي، تنهن ۾ سنڌ جي ٻن بزرگن سيّد نظام
الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جا نالا به
کنيا ويا آهن، جن کي هن جامع فتاويٰ جي مؤلفن ۾
شامل هجڻ جو شرف حاصل آهي. صاحب مضمون هنن ٻنهي
بزرگن جي باري ۾ مولانا رحمان عليءَ جي ”تذڪره
علماءِ هند“ کي پنهنجو ماخذ بنايو آهي، جنهن ۾ ٻن
ٽن سٽن کان وڌيڪ سندن سوانح حيات موجود ڪانهي. هيٺ
ٻنهي بزرگن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏجي ٿي.
(1) سيّد نظام الدين ٺٽوي
نسب:
سيّد صاحب جو نسب هن ريت آهي: ”سيّد نظام الدين بن
سيّد نور محمد بن سيّد نظام الدين اول بن سيّد نور
محمد بن سيّد شڪرالله ثاني بن سيّد ظهير الدين
والاسلام عرف سيّد جادم اول بن قاضي سيّد شڪرالله
اول بن سيّد وجيہ الدين بن سيّد نعمت الله بن سيّد
عرب شاهه بن سيّد امير نسيم الدين محمد المعروف
ميرڪ شاهه بن امير عطاءُ الله جمال الدين المحدث
بن سيّد فضل الله بن سيّد ميرعبدالرحمان بن سيّد
عبداللطيف الحسيني الاسڪني شيرازي.“
وطن:
سندن وڏا شيراز ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ هرات ۾ اچي
رهڻ لڳا. هتان ئي قاضي سيّد شڪرالله اول بن سيّد
وجيہ الدين سن 906هه ۾ قنڌار ۾ پهتو.
سنڌ ۾ اچڻ:
قاضي سيّد شڪرالله قنڌار ۾ 21 سالن تائين رهيو. ان
بعد مرزا شاهه بيگ ارغون جي چوڻ تي، واپار سانگي
سن 927هه ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي ٺٽي ۾ رهائش اختيار
ڪيائين. هو صاحب علم ۽ فضل سان گڏ، وڏو متقي ۽
ديندار هو. مرزا شاهه بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه
حسين ارغون بادشاهه بنيو، تڏهن قاضي صاحب کي ٺٽي
جي قضا جي مسند تي فائز ڪيو ويو.
هڪ ڀيري شاهه حسين ڪجهه واپارين کان چند گهوڙا
خريد ڪيا ۽ ڏوڪڙن ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي ايتري سُستي
ڪئي، جو واپاري مايوس ٿي قاضي سيّد شڪرالله جي
عدالت ۾ دعويدار ٿيا. قاضيءَ، بادشاهه کي جوابدار
جي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ۽ جڏهن هو آيو ته، کيس
فريادين سان گڏ بيهڻ جو اشارو ڪيائين. ڪيس هليو ته
بادشاهه دعويٰ جي درست هجڻ جو اقرار ڪيو ۽ فريادين
کي رقم ڏئي راضي ڪري ورتائين. بعد ۾ قاضي مسند تان
اٿيو ۽ اڳتي وڌي سلطنت جا آداب بجا آڻي، بادشاهه
کي پنهنجي مسند تي آڻي ويهاريائين. مرزا شاهه حسين
پنهنجي قبا ۾ لڪل اگهاڙي تلوار ڪڍي، قاضي صاحب جي
سامهون رکي ۽ چيو ته: ”اڄ جيڪڏهن اوهين فيصلي کان
اڳ سلطنت جا آداب بجا آڻيو ها ۽ مون کي منهنجي
درجي کي ڏسي، دعويدارن سان گڏ نه بيهاريو ها ته،
هن تلوار سان اوهان جو سر قلم ڪيان ها.“ تنهن تي
قاضي پڻ مسند هيٺان رکيل اگهاڙي تلوار ڪڍي ڏيکاري
ته مون پڻ اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاهه شريعت
جي خلاف هلت ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪوبه ماڻهو ويجهو
اچڻ جي جرئت نه ڪري ته، مان پاڻ هن ترار سان شرعي
سياست بجا آڻيندس. ڪجهه عرصي کان پوءِ سيّد صاحب
استعيفا ڏني ۽ شاهه حسين، سندس جاءِ تي محمد اچيءَ
کي مقرر ڪيو.
صاحب ”تحفة الڪرام“ لکي ٿو ته: ”قاضي شيخ محمد
اُچي آل جعفر ڏي منسوب ۽ وقت جي مشهور عالمن مان
آهي. پهريان هرات کان اُچ پهتو هو. ڄام نظام الدين
جي ڏينهن ۾ جڏهن سيّد ميران محمد جونپوري ٺٽي آيو
۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني، تڏهن هن
قاضيءَ ان ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهر
پرست عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڏنو. ڇاڪاڻ
ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ حال جي صاحبن جي درجي
کان واقف هو. سيّد ميران محمد هن جي حال ڏي توجهه
فرمائي، سندس اولاد ۾ خوشحالي ۽ بزرگيءَ جي دعا
ڪئي. ان ڪري هن خاندان تي ڪنهن به حادثي جو اثر نه
ٿو ٿئي. بعد ۾ اُچ ۽ ملتان کان پوءِ سکر ۾ رهيو،
پر پهرين مشهوريءَ ڪري اُچ ڏي منسوب رهندو آيو.
جيئن اڳ ذڪر ٿي آيو ته ٺٽي جي قضا تان قاضي سيّد
شڪرالله استعيفا ڏني، تڏهن مرزا شاهه حسين، مٿئين
قاضي جنهن سان هن جا اڳئين وطن هرات کان ئي
خانداني لاڳاپا هئا، ۽ انهن تعلقات کي برقرار رکڻ
لاءِ هت پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان، رهائش ۽ واسطو پيدا
ٿي پيو هون، جي رٿ موجب کين گهرائي (شيخ محمد کي)
انهيءَ معزز عهدي تي فائز ڪيو. ميران سيّد محمد
جونپوريءَ جي دعا جي برڪت ۽ قديمي نجابت سبب، هي
عهدو موروثي طور تي سندس اولاد لاءِ وقف ٿيل آهي.
مرزا عيسيٰ جي حڪومت جي شروعاتي زماني ۾ فوت ٿيو.
ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيا اٿس. ان بعد سندس اولاد جو
تذڪرو اچي ٿو“(1).
وڏا بزرگ:
سيّد شڪرالله ٺٽي جي انصارين مان شادي ڪئي، جنهن
مان سيّد ظهيرالدين پيدا ٿيو. سيّد ظهيرالدين جي
باري ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب لکيو آهي ته: ”والد
بزرگوار جو جاءِ نشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱي حالت جو
مالڪ هو، ظاهر ۾ پرهيزگاري، شريعت جي پائبندي ۽
درس توڙي تدريس ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ ۽ وڏن جي
طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو“(2).
تاريخ طاهريءَ جو مصنف کيس هن ريت ياد ڪري ٿو: عزت
۽ سيادت جي درياءَ جو موتي، فصاحت ۽ بلاغت جي کاڻ،
سڀني علمن ۽ معنائن جو جامع مير ظهيرالدين(3). کيس
ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيّد شڪرالله ثاني، ٻيو سيّد
عبدالرحمان. سيّد شڪرالله بابت ”تحفة الڪرام“ ۾
آهي ته: ”پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل هو ۽
زماني ۾ نالي ۽ نيڪيءَ سان گذاريائين.“ هڪ يادگار
مسجد به پنهنجي محلي ۾ ٺهرايائين. کيس چار پٽ ٿيا:
سيّد محمد حسن، سيّد نور محمد، مير سيّد ظهيرالدين
جادم ثاني، ۽ سيّد لطف الله.
سيّد نور محمد بابت ”تحفتة الڪرام“ ۾ آهي ته
پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽ دين
۽ يقين وارن جو مرجع هو. کيس هڪ پٽ سيّد نظام
الدين ٿيو، جو تحفة الڪرام موجب علم ۽ ڪمال ۾ منظم
۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو. کيس چار پٽ
ٿيا: سيّد نعمت الله، سيّد نور محمد ثاني، سيّد
فضل الله ۽ سيّد محمد شفيع.
سيّد نظام الدين ثاني:
سيّد نور محمد ثانيءَ کي ٻه پٽ ٿيا: سيّد
ابوالقاسم ۽ سيّد نظام الدين ثاني. هيءَ سيّد نظام
الدين ثاني ”فتاويٰ عالمگيري“ جي مؤلفن مان هڪ
آهي. مير علي شير قانع سندس متعلق لکي ٿو: سيّد
نظام الدين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽
ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي
جذبي جي وس ٿي جهان آباد (دهلي) ڏي هليو ويو. اتي
ٻين عالمن جون ”فتاويٰ عالمگيري“ بابت ڪيئي
مشڪلاتون حل ڪيائين. بادشاهه کي خبر پئي ته کيس
عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي
قاعدي موجب علم وارن کي نوڪر جي نالي سان نه
سڏيندا هئا. سيّد ان عهدي وٺڻ کان انڪار ڪيو. تنهن
تي بادشاهه وظيفي قبول ڪرڻ جي تڪليف ڏني، ته به
سيّد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد ئي اتي آخرت جو سفر
اختيار ڪيائين.(4)
سيّد نظام الدين ثانيءَ جو اولاد:
کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيّد عرب شاهه ۽ ٻيو سيّد احمد.
سيّد عرب شاهه پڇاڙيءَ ۾ مجذوب ٿيو ۽ ڪوبه اولاد
نه ڇڏيائين. سيّد احمد کي هڪ پٽ سيّد عطاءُ الله
ٿيو، جنهن شادي ڪئي ۽ اولاد وارو به ٿيو. ليڪن عين
جوانيءَ ۾ هي به مجذوب ٿي ويو.
پويان بزرگ:
سندس پوين بزرگن ۾ امير نسيم الدين، ۽ عطاءُ الله
جمال الدين ۽ پڻ سندس چاچي بزرگوار مير اصيل الدين
جو تذڪرو، قاضي نورالله شوستري ”حبيب السير“ جي
حوالي سان ”مجالس المؤمنين“ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته
”روضة الصفا“ ۽ ”هفت اقليم“ ۾ به سندن ذڪر آيو
آهي. ٻئين جلد ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب به، انهن
حوالن سان سندن حالات بيان ڪيا آهن.
(1) امير جمال الدين عطاءُ الله بن فضل الله
المحدث الاسڪني الشيرازي، سيّد نظام الدين ثانيءَ
جو ٻارهون ڏاڏو آهي. سندس متعلق ”تحفة الڪرام“ ۾
اچي ٿو: عقلي ۽ شرعي علمن سان سينگاريل، علم حديث
جو ڄاڻو: تحفة الاحباءَ، رياض السير ۽ روضة
الاحباب – سندس لکيل ڪتاب آهن(5).
اڳتي هلي ”حبيب السير“ جي حوالي سان لکي ٿو: هيءُ
بزرگ پنهنجي چاچي امير اصيل الدين وانگر زماني ۾
علم حديث جو بي مثال ڄاڻو، سڀني ديني ۽ يقيني علمن
جو ٻين کان وڌيڪ ماهر ۽ پنهنجي چاچي جو شاگرد آهي.
ڳچ سال مدرسه شريفيه سلطانيه جي گنبذ ۾ جتي حضرت
خاقان منصوره جو دو قبو آهي، ۽ ان کان پوءِ
خانقاهه خلاصيه ۾ درس ۾ مشغول رهيو. هفتي ۾ هڪ
ڀيرو جامع هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي مجلس به ڪندو هو.
سلطان ۽ حاڪم سندس خدمت ۾ وڃڻ کي واجب ڄاڻندا
هئا(6).
هفت اقليم ۾ امين رازي لکي ٿو ته: سيّد اصيل
الدين، عبدالله جو ڀائٽيو آهي. پنهنجي وقت جي
اڪابرن ۾ نالي وارو هو. سندس دل، ڪتاب الاهي ۽
حضرت رسالت پناهه صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حديث
مبارڪ سان روشن آهي.
زبانش مظهر اسرارِ تحقيق
ضميرش مظهر انوار توفيق
جمال دين مزين ز اهتمامش
علوم شرع واضح ز ڪلامش
مطلب ته ان جي زبان تحقيقي اسرار جو مظهر آهي.
سندس دل به توفيق جي نور جو مظهر آهي. سندس ئي
ڪوشش سان دين جي سونهن آهي. سندس ڪلام مان شرعي
علم چٽو آهي. سندس ڪتابن مان ”روضة الاحباب“ زماني
۾ مشهور آهي(7).
(2) امير نسيم الدين، امير جمال الدين جو پٽ ۽
سيّد نظام الدين جو يارهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو آهي. ان
جي لاءِ مير علي شير لکيو آهي ته، حديث جي علم ۾
زماني جو وڏو ماهر هو، پنهنجي والد بزرگوار جي
مسند تي مٿئين مدرسي ۾ مقرر هو. سندس پٽ سيّد عرب
شاهه والد وارين صفتن سان سينگاريل هو. ان بعد
سيّد وجيہ الدين سندس قائم مقام ۽ يادگار آهي.
سندس پٽ شڪرالله شيرازي ٿيو، جنهن جو احوال ”تحفة
الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾ ٺٽي جي بيان ۾ آيل آهي(8).
هي اهو ئي قاضي سيّد شڪرالله شيرازي هو، جو سن
906هه ۾ هرات کان قنڌار ۾ آيو ۽ سن 927هه ۾ قنڌار
کان سنڌ پهتو.
(3) امير جمال الدين عطاءُ الله جي چاچي سيّد
الجليل امير اصيل الدين عبدالله الحسيني الاسڪني
الشيرازيءَ جي سلسلي ۾ ”تحفة الڪرام“ جو مصنف لکي
ٿو ته: علم تفسير، حديث، انشاءَ ۽ تاليف ۾ سندس ڪو
به ثاني نه هو. پاڻ سلطان ابو سعيد جي زماني ۾
(855- 872هه) شيراز کان هرات ۾ اچي رهيو، هر هفتي
هڪ ڀيرو مدرسي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ
ڪندو هو. ان طرح سان ربيع الاول مهيني ۾ حضرت رسول
الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مجلس بيان ڪندو
هو. سندس تصنيفات مان: شرح درج الدرر برسير سنيہ
خيرالبشر ۽ مزارات هرات – اهم آهن. تاريخ 17 ربيع
الاول سن 803 هه ۾ فوت ٿيو. کيس ٻه ناليرا پٽ: صفي
الدين محمد ۽ برهان الدين محمد آهن(9).
ساڳئي سيّد جي باري ۾ ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو
ته: سيّد صاحب شرافت ۽ جلالت جي حقيقت ۾ مشهور هو.
علم تفسير ۽ حديث ۾ به بي مثل هو. سلطان ابو سعيد
جي زماني ۾ شيراز کان لڏي، هرات ۾ اچي ٽڪيو. هفتي
۾ هڪ ڀيرو بادشاهه جي تحريڪ تي وعظ ڪندو هو. سندس
لکيل ڪتاب– درج الدرر برسير سنيہ خيرالبشر ۽
مزارات هرات– جڳ مشهور آهن(10).
هن خاندان جي ڪجهه ٻين بزرگن جو تذڪرو به آيو آهي.
مير اصيل الدين جي سوٽ سيّد الحڪماء امير صدرالدين
محمد شيرازيءَ جي باري ۾ ”هفت اقليم“ ۾ اچي ٿو ته
طبيعت جي رواني ۽ ذهني فراواني جي ڪري سڀني متبحر
عالمن ۽ پوئين دور جي فاضلن ۾ ممتاز ۽ نالي وارو
هو. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد، درس تدريس شروع
ڪيائين. ان بعد تصنيف ۽ تاليف تي همت ۽ ڪوشش
ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: رساله تحقيق
علم و اثبات واجب، حاشيه شمسيه ۽ مطالعه وحاشيه
تجريد. سندس وفات سلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ
سگهوئي ٿي(11). هن ڏس ۾ ”تحفة الڪرام“ ۾ پڻ ساڳي
عبارت آرائي ٿيل آهي.(12)
امير صدرالدين جي پٽ خاتم الحڪماء، غوث العلماءَ،
امير غياث الدين منصور شيرازيءَ جي لاءِ ”هفت
اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: هو چنڊ جي روشني ۽ وڻ
جو ميوو آهي. پيءُ کان پوءِ علم ۽ فضل ۾ ڪمال حاصل
ڪيائين. سندس حڪمت ۽ رياضيءَ جي علمن جي مهارت جو
غلغلو ويجهي ۽ پري جي عالمن جي ڪنن تائين پهتو ۽
پڻ سندس علم و فضل جو آواز به هرطرف گونجڻ لڳو.
وصف خورشيد ازنگويد هوشمند
فيض نور او بود مدحش پسند(13).
هن متعلق وڌيڪ تفصيل ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: سندس
ولادت سن 900هه ۾ ٿي. پنهنجي والد بزرگوار امير
صدرالدين کان علم جي تحصيل ڪيائين. چوڏهن سالن جي
عمر ۾ علامه دوانيءَ سان مناظرو ٿيس. ويهن سالن جي
عمر ۾ سڀني علمن کان فارغ ٿيو. ڪجهه وقت صدارت جو
عهدو ماڻيائين. عراق کان مجتهد الزمان شيخ علي بن
عبدالعالي تختگاهه ۾ آيو ته، ڪن فسادين شيخ ۽ سيّد
جي وچ ۾ مناظرو ڪرائي وڌو. بادشاهه مجتهد الزمان
جي حمايت ڪئي ۽ سيّد صاحب ناراض ٿيو. ان بعد صدارت
جو عهدو ڇڏي شيراز هليو ويو، جتي سن 948هه ۾ فوت
ٿيو(14).
تحفة الڪرام ۾ حبيب السير جي حوالي سان سندس
تصنيفات جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي. حبيب السير جي
صاحب سندس هي تصنيفون ڏٺيون: ڪتاب حجة الڪلام،
ڪتاب محڪمات شرح هياڪل انوار، شرح رساله الثبات
واجب، ڪتاب تعديل الميزان يعني منطق شفا جو خلاصو،
ڪتاب معيار الافڪار، خلاصه تعديل الميزان، ڪتاب
لوامع، معارج علم هيئت ۾ (هي ڪتاب سترهن سالن جي
عمر ۾ لکيائين)، ڪتاب تجريد برحڪمت، رساله معرفت
قبله، معالم الشفا طب ۾، معالم الشفا جو خلاصو
شافيه، سفرويه هيئت، حاشيه برالاهيات شفا، حاشيه
براشارات، حاشيه برحڪمت العين، رساله در باب خلافت
فرزند مير صدرالدين محمد، رد برحاشيه تهذيب، رد
حاشيه شمسيه علامه دواني، رد حاشيه خلاصته
التحقيق، رد برانموذج، رساله در تحقيق جهات، رد
بررساله زدار(؟)، رساله مشارق در اثبات واجب، ڪتاب
اخلاص مغفوري، حاشيه براوائل ڪشاف، تفسير سوره(؟)،
ڪتاب مقامات العارفين (هي رسالو تصوف ۽ اخلاص ۾
پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)،
رساله قانون السلطنت. هنن ڪتابن کان علاوه هي ڪتاب
به سندس چيا وڃن ٿا: رياض الرضوان، ۽ ڪتاب اساس در
علم هندسہ وغيره. حبيب السير جي ليکڪ پڻ سندس
ڪتابن جو تفصيل آندو آهي(15).
سيّد غياث الدين کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ سيّد شرف الدين،
ٻيو سيّد مير صدرالدين. هن خاندان جي ٻين ٻن بزرگن
جو ”تحفة الڪرام“ ۾ ذڪر آيو آهي. يعني سيّد نظام
الدين احمد ۽ مير حبيب الله. هي ٻئي بزرگ به علم ۽
فضل جي لحاظ کان زماني ۾ بي مثال هئا.
شڪرالاهي سيد:
قاضي سيّد شڪرالله شيرازيءَ جي نسبت سان، مير
نظام الدين جو خاندان، ٺٽي ۾ شڪر الاهي شيرازي
سيدن جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جا گهڻو
ڪري سڀ ماڻهو، علم و فضل ۾ ديني مرتبي جي ڪري،
زماني ۾ مشهور ٿيندا آيا آهن. اڄ به هي خاندان
پنهنجي قديم محلي ۾ آباد آهي. موقعي جي مناسبت سان
آءُ هن خاندان جي چند بزرگن جو به ذڪر ڪندس، ته
جيئن اندازو ٿئي ته هن گهراڻي جي مختلف ماڻهن، سنڌ
۾ اچڻ کان پوءِ علم ۽ ادب توڙي مذهب جون ڪهڙيون
ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
سيّد شاهه ولي:
سيّد شاهه ولي بن سيّد ابوالقاسم بن سيّد علي اڪبر
بن سيّد عبدالواسع بن سيّد محمد حسين بن سيّد
شڪرالله ثاني علامه مخدوم رحمة الله جهڙي مشهور
بزرگ جو شاگرد هو. هو املا، انشا ۽ شعر ۾ صاف
طبيعت جو ۽ ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو(16).
”تحفة الڪرام“ جو صاحب، مير علي شير قانع ٺٽوي
”مقالات الشعرا“ ۾ سندس ذڪر هن ريت ڪري ٿو: تقويٰ،
پرهيزگاري ۽ علمي ڪمالات جي فنن سان سينگاريل،
پنهنجو وقت ڪتابن جي اڀياس ۾ گذاريندڙ ۽ طالبن کي
درس ڏيندڙ هو. وڏن جي پيرويءَ تي پورو ۽ بزرگيءَ
سان سينگاريل، حسن خلق ۾ وڏن ننڍن ۾ معروف هو.
(17).
سيّد شاهه ولي ”تحفة المجالس“ نالي هڪ ڪتاب لکيو
آهي. شوال جي 13 تاريخ سن 1150هه رات جي وقت،
پنهنجي جاگير جڳت پور، تعلقي ڪڪرالي (سنڌ) ۾ وفات
ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي، 15 تاريخ تي سندس
اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان جي هڪ شاگرد لطف
الله ”قد فات في عشقہ“ (يعني هو الله جي عشق ۾
وفات ڪري ويو)، مان هن جي وفات جي تاريخ ڪڍي آهي.
سندس ٻه فارسي شعر ”مقالات الشعرا“ ۾ نموني طور
ڏنل آهن. ”تذڪره علماءَ هند“ ۾ صفحي 250 تي به
سندس ذڪر ملي ٿو. کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيّد محمد
ناصر ۽ ٻيو سيّد محمد سراج الدين.
مير سراج الدين:
هي به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. تاريخ گوئيءَ ۾ ان
کي خاص ملڪو حاصل هو. ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي ته وڏن
جي وصفن سان سينگاريل، وڏن جو يادگار ۽ جاءِ نشين،
سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي......طبيعت ۾ شعر جو چڱو
جذبو هئس ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو(18).
سيّد غلام اوليا:
سيّد غلام اولياءَ بن عنايت الله بن سيّد اسد الله
بن سيّد عنايت الله بن سيّد عبدالرحمان بن سيّد
ظهير الدين و الاسلام عرف مير جادم بن سيّد شڪر
الله اول. هي سيّد تمام وڏو بزرگ ۽ اهل دل انسان
ٿي گذريو آهي. ان بابت مير علي شير لکي ٿو ته ؛
سيّد غلام اوليا ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني
علمن جي تحصيل ڪري، تقوى ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو
حاصل ڪري، هميشه جي دستور موجب هر روز سيّد
عبدالله جي زيارت تي ويندو هو ۽ پنهنجو برڪت ڀريو
وقت چڱن ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو صاحب به
هو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ هن فاني دنيا کي رخصت چئي،
مريدن جي خاص جماعت پٺيان ڇڏي ويو. هر مهيني جي 21
تاريخ سندس وفات جي تاريخ تي، مريدن جي جماعت مزار
جي زيارت تي پهچي ختمو خيرات ڪري مشڪل حل ڪرائيندي
آهي(19).
سيّد محمد ناصر:
سيّد محمد ناصر بن سيّد عطاءُ الله بن سيّد نعمت
الله بن سيّد نظام الدين بن سيّد نور محمد بن سيّد
شڪر الله ثاني بن سيّد ظهير الدين بن سيّد قاضي
شڪر الله اول. هي سيّد زهد ۽ تقويٰ ۾ زماني ۾
عجوبو هو. تحفة الڪرام ۾ آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن
عورت جو منهن نه ڏٺو. ايتري تائين پاڪ هو جو
جانورن ۾ نر ۽ ماديءَ ۾ فرق نه ڪري سگهندو هو. پاڻ
نقشبندي سلسلي ۾ ڪامل هو. سندس پوئلڳن جي گهڻائي
هئي، جن جي حاجت روائي ڪندو رهندو هو.
هڪ ڀيري ٺٽي ۾ اچي ڏڪار پيو. ماڻهو ڏاڍا پريشان
ٿيا ۽ مهانگائي ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي، وڃي ولين جي
قبرن تي دعائون گهرڻ لڳا. ڪنهن ماڻهو خواب ۾ ڏٺو
ته، جيڪڏهن ڪو اهڙو پرهيزگار جنهن عمر ڀر ڪنهن
عورت جو منهن نه ڏٺو هجي، سو ٻاهر مينهن لاءِ نماز
پڙهائيندو ته، پوءِ دنيا تي رحمت جي مينهن جي
پالوٽ ٿي سگهندي. ماڻهو هن سيّد وٽ پهتا. پنهنجي
والد جي چوڻ تي، ٽي ڏينهن باران نماز پڙهائي
دعائون گهريائين. رحمت جو ڪڪر جوش ۾ آيو. آخر
مينهن وسيو.
سيّد نظام الدين جي ٻئي ڏاڏي يعني سيّد نور محمد
جي ڀاءُ سيّد ظهير الدين جادم ثانيءَ جي اولاد مان
گهڻا ڪمال وارا بزرگ پيدا ٿيا.
سيّد محمد ڪاظم:
سيّد محمد ڪاظم بن سيّد محمد مقيم بن سيّد ظهير
الدين ثانيءَ بابت تحفة الڪرام ۾ آهي ته، سيّد
محمد ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو. ٻه ٻه، ٽي ٽي
ڏينهن ننڊ ۾ جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي، خلوت
۾ پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جو قلبي ذڪر ٻڌندا هئا.
آخر پاڻهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون
ڪماليتون هيس جن جو شمار مشڪل آهي(20).
تحفة الڪرام جو صاحب:
مير عليلطان يعقوب جي
وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). عه وحاشيه تجريد. از
۽ نالي وارو هو. ي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي
وعظ ڪندو ه ئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ
ڏنائين. ين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو
۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو.
شير بن سيّد عزت الله بن سيّد محمد ڪاظم بن سيّد
محمد مقيم بن سيّد ظهير الدين به هن سلسلي جو هڪ
چمڪندڙ موتي هو. هن - تحفة الڪرام ۽ مقالات
الشعرا- ۽ ٻيا به ڪيترائي يادگار ڪتاب ڇڏيا آهن.
پاڻ خاص ڪري ذڪر ڪيل هي ٻه ڪتاب نه لکي ها ته، اڄ
اسين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کان بلڪل بي خبر
هجون ها.
مير عظيم الدين:
هن خاندان جي ٻي هڪ عظيم شخصيت مير عظيم
الدين جي آهي. سندس سلسلو هن ريت آهي: سيّد عظيم
الدين بن سيّد يار محمد بن سيّد عزت الله بن سيّد
محمد ڪاظم بن سيّد محمد مقيم بن سيّد ظهير الدين
ثاني. هي سيّد به وڏي درجي وارو شاعر ۽ اديب هو.
هڪ ديوان، هڪ مثنوي هير رانجهو ۽ هڪ منظوم تاريخ
”فتح نامه“ سندس يادگار آهن.
مطلب ته سيّد نظام الدين مؤلف ”فتاويٰ
عالمگيري“ جو سڄو خاندان شيراز، هرات ۽ قنڌار کان
وٺي سنڌ تائين، ڪيئي صديون برابر علم جو درياءَ
وهائيندو ۽ دين جي خدمت سرانجام ڏيندو رهيو.
(2) قاضي ابو الخير ٺٽوي
سيّد نظام الدين ٺٽويءَ کان پوءِ ”فتاويٰ
عالمگيري“ جي مؤلفن ۾، قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جو
نالو اچي ٿو. هي بزرگ به سنڌ جي مشهور مردم خيز ۽
تاريخي شهر ٺٽي جو رهاڪو هو. پاڻ ٺٽي جي مشهور
عالم ۽ بزرگ علامه مخدوم فضل الله جو فرزند هو.
جنهن بابت ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي ته ”پاڻ فضيلتن جو
جامع، انساني علمن جو ماهر، پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي
زيور سان سينگاريل هو. هميشه درس ۽ تدريس ۾ مشغول
رهندو هو“ (21).
ٿوري ڦير ڦار سان تاريخ معصومي (22)، ۽
ماثر رحيمي (23) ۾ به سندن ذڪر اچي ٿو. پاڻ مرزا
عيسيٰ ۽ مرزا باقي ترخان جو همعصر هو. علامه فضل
الله جي فرزند مخدوم ابو الخير ٺٽويءَ ( فتاوي
عالمگيريءَ جي مؤلف) جي لاءِ ”تحفة الڪرام“ جو
مصنف لکي ٿو ته، پنهنجي وقت ۾ هڪڙو ڪامل طالب علم
پيدا ٿيو. فتاوي عالمگيري جي مسئلن جي چونڊ ۾ شريڪ
رهيو(24)
تحفة الڪرام موجب سندس پٽ ملا اسحاق به
ڪمالات جو صاحب هو. سندس هڪ پٽ ڪمال الدين هو،
جنهن کي ڪو به اولاد نه ٿيو.
حوالا ۽ حاشيا:
(1)
تحفة الڪرام، قلمي، ص 615.
(2)
تحفة الڪرام، قلمي، ص 543.
(3)
تاريخ طاهري، قلمي، ص 11.
(4)
تحفة الڪرام، قلمي، ص 543.
(5)
تحفة الڪرام، جلد 2، ص 71، مطبوعه بمبئي.
(6)
تحفة الڪرام، جلد 2، ص 71.
(7)
هفت اقليم، مطبوعه بنگال، ص 261.
(8)
تحفة الڪرام، جلد 2، مطبوعه بمبئي، ص 71.
(9)
تحفة الڪرام، جلد 2، مطبوعه بمبئي، ص، 70.
(10)هفت
اقليم، ص 261، مطبوعه بنگال.
(11)هفت
اقليم، ص 261 مطبوعه بنگال.
(12)تحفة
الڪرام، جلد 2، ص 71.
(13)هفت
اقليم، ص 259 ۽ 260، مطبوعه بنگال.
(14)تحفة
الڪرام، جلد 2، ص 72.
(15)تحفة
الڪرام، جلد 2،ص 72 ۽ 73.
(16)تحفة
الڪرام، جلد 3، ص 195، مطبوعه بمبئي.
(17)مقالات
الشعرا، قلمي، ص 304.
(18) تحفة
الڪرام، جلد 3، ص 196، مطبوعه بمبئي.
(19)تحفة
الڪرام، جلد 3، ص 196، مطبوعه بمبئي.
(20)تحفة
الڪرام، قلمي، ص 556.
(21)تحفة
الڪرام، قلمي ص 620.
(22)
مير محمد معصوم: تاريخ معصومي،
مرتب: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه، ص 217.
(23)
ماثر رحيمي، ص 328، مطبوعه
بنگال.
(24)
تحفة الڪرام، قلمي، ص 620.
سنڌ جي تاريخ جا ماخذ
]هن
مضمون ۾ راشدي صاحب خاص طرح سان انهن عربي ڪتابن
جو ذڪر ڪيو آهي،جيڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ اسان جي
مدد ڪن ٿا. هي مضمون اصل ۾ اردو زبان ۾ لکيل هو ۽
پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ماهنامه ”نئين زندگي“ جي
سيپٽمبر 1952ع، ۽ نومبر 1952ع وارن پرچن ۾ ڇپيو
هو. علمي دنيا کي هن تاريخي تحرير جي گهٽ ڄاڻ رهي
آهي[
تاريخ سنڌ جي ماخذن جي جيڪڏهن فهرست لکڻ
ويهنداسين ته اسان کي ان مواد کي چئن ڀاڱن ۾ تقسيم
ڪرڻو پوندو. 1، جاگرافي 2، ملڪي تاريخ 3، علمي ۽
تمدني تاريخ 4- قديم آثار. تنهن کان پوءِ وري اسان
کي هرهڪ ڀاڱي جي ماخذن کي جدا جدا عنوانن جي ماتحت
لکڻو پوندو.
جاگرافي
جڏهن اسان جاگرافي جي تاريخ مرتب ڪنداسين،
تڏهن ان وقت اسان کي ٻن قسمن جي ڪتابن کان مدد
وٺڻي پوندي.
(1) سفرناما:
ان عنوان جي ماتحت انهن سمورن سفرنامن کي ٻوليءَ
جي لحاظ کان جدا جدا لکڻو پوندو، جن ۾ سنڌ جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي ۽
انگريزي ۾ وڌيڪ ڪتاب ملندا.
(2) جاگرافي:
انهيءَ عنوان جي هيٺ اسان کي اهي سمورا جاگرافيءَ
جا ڪتاب ڳولڻا پوندا، جيڪي سنڌ جي متعلق آهن. جن ۾
ضمناً سنڌ جو ذڪر آيو آهي انهن جي تقسيم به ٻوليءَ
جي اعتبار سان ڪرڻي پوندي، جيئن ته عربي، فارسي ۽
انگريزي جدا جدا ڏيکارڻا پوندا. انهيءَ سلسلي ۾
اسان کي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ گهڻو مواد
ملندو. اردو ۽ سنڌي ۾ شايد ڪي ٿورڙا ترجما ملندا
نه ته ڪو خاص ڪتاب انهيءَ موضوع تي نه ملندو.
انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي انگريزيءَ جا اهي سمورا
رسالا، مخزن ۽ جرنل به ڏسڻا پوندا، جن ۾ خاص سنڌ
جي جاگرافيءَ تي مضمون شايع ٿي چڪا آهن.
ملڪي تاريخ
عام ملڪي تاريخ لکڻ جي سلسلي ۾ جڏهن ماخذن
کي گڏ ڪرڻو پوندو ته ان وقت فهرست هيٺين عنوانن تي
ورهائبي:
(1) سنڌ تي خاص ڪتاب:
انهيءَ عنوان هيٺ تاريخ جا اهي سمورا ڪتاب درج
ڪرڻا پوندا، جيڪي خاص طرح سنڌ تي لکيا ويا آهن.
انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي فارسيءَ ۾ ڪي ٿورڙا ليڪن
انگريزيءَ ۾ گهڻا ڪتاب ملندا. انگريزي ڪتابن جا
ماخذ به چند فارسي تاريخ جا ڪتاب آهن، جيڪي انهيءَ
عنوان هيٺ اسين لکنداسون. ليڪن آخري دور لاءِ
انگريزيءَ ۾ خاص طرح سان سنڌ تي وڏي ڪثرت سان ڪتاب
آهن، جيڪي اسان کي انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪرڻا
پوندا. انگريزن، ڪلهوڙن جي حڪومت، ٽالپرن جي صاحبي
۽ پنهنجي راڄ جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ گهڻو ڪجهه
لکيو آهي.
(2) عام تاريخون:
انهيءَ عنوان ۾ اهي سمورا تاريخ جا ڪتاب اچن ٿا،
جن ۾ ضمناً سنڌ جو ذڪر آيو آهي. انهيءَ باري ۾
عربي ۽ فارسي تاريخن جو تت تيار ڪبو ۽ انگريزي
تاريخن جا نالا لکڻا پوندا. اها فهرست به ٻوليءَ
جي لحاظ سان ورهائڻي پوندي.
(3) رسالا ۽ مخزن:
انگريزي زبان ۾ اسان کي اهڙا رسالا ۽ مخزن ڪثرت
سان ملندا، جن ۾ سنڌ تي خصوصيت سان نهايت اهم
مضمون لکيا ويا آهن ۽ اهي سمورا مضمون نهايت قيمتي
۽ ناياب مواد جي اهميت رکن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ ۾
انهيءَ عنوان تي ڪجهه به ناهي. اردو ۾ البته چند
مضمون ممڪن آهي ته ملي وڃن.
(4) سياسي رهبرن جون سوانح عمريون:
انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي سنڌ ۽ هندستان جي سياسي
رهبرن ۽ سرڪاري عهدي دارن جي سوانح عمرين تي لکيل
ڪتاب، فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انهيءَ عنوان تي
اسان کي فقط انگريزيءَ ۾ ڪتاب ملندا.
(5) سياسي خَطَ:
انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا خط پنهنجي فهرست
۾ شامل ڪرڻا پوندا، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ ملڪي
انتظام جي سلسلي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران پنهنجي
نوڪرن کي لکيا ويا هئا يا وري ڪمپني جي نوڪرن،
ڪمپني ڏانهن خط لکيا آهن. انهن خطن ۾ ڪي نادر ترين
تاريخي شيون ملن ٿيون، جيڪي عام تاريخ جي ڪتابن ۾
نه ٿيون ملن. ليڪن انهيءَ قسم جا ڪتاب انگريزن جي
صاحبيءَ سان تعلق رکن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ
موضوع تي مواد نه آهي.
علمي ۽ تمدني تاريخ
تمدن و تهذيب ۽ سنڌ جي علم و ادب جي تاريخ
جي سلسلي ۾ اسان کي جن ڪتابن کان مدد ملي سگهي ٿي،
انهن کي هيٺين ستن عنوانن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.
(1) علمي مڪتوبات:
انهيءَ عنوان هيٺ ولين ۽ بزرگن جا مڪتوبات ۽ ڪي
علمي خَطَ درج ٿيندا. انهيءَ قسم جا مڪتوبات گهڻو
ڪري فارسي ۽ سنڌي ٻولي ۾ آهن.
(2) ملفوظات:
انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اولياءَ ڪرام ۽ اسلام جي
اڪابرن جا ملفوظات درج ڪرڻا پوندا. ملفوظات جا
ڪتاب گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ آهن ۽ سنڌيءَ ۾ بلڪل گهٽ
آهن.
(3) سوانح حيات:
انهيءَ هيٺ اهي سمورا ڪتاب شامل ڪرڻا پوندا، جيڪي
ڪنهن مصنف يا عالم جي سوانح عمري جي متعلق لکيا
ويا آهن. انهيءَ قسم جا ڪتاب عربي، فارسي، انگريزي
۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن.
(4) تذڪرا ۽ طبقات:
انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي ڪثرت سان ڪتاب ملندا. ڪي
عام تذڪرا آهن. جن ۾ ضمنًا سنڌي مشاهيرن جو بيان
آيو آهي، ۽ ڪي ڪتاب خاص سنڌي مشاهيرن جي سلسلي ۾
لکيا ويا آهن. عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي
۾ ڪافي ڪتاب انهيءَ موضوع تي موجود آهن.
(5) ديوان:
انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا فارسي، عربي ۽
سنڌي ديوان گڏ ڪرڻا پوندا، جيڪي سنڌي شاعرن مرتب
ڪيا آهن، ۽ اهڙن ڪتابن جو تعداد سوَن تائين پهچي
وڃي ٿو.
(6) سنڌين جون تصنيفون:
جڏهن اسان علم و ادب جي تاريخ مرتب ڪنداسون ته
اسان کي سنڌي بزرگن جي تصنيفن تي هڪ نگاهه وجهڻي
پوندي ۽ اهي تصنيفون اسان کي علم و ادب توڙي مذهب
جي متعلق ملنديون. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ
موضوع جا هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن.
(7) فنون لطيفه:
انهيءَ عنوان هيٺ به گهڻا ئي ڪتاب اسان کي فهرست ۾
شامل ڪرڻا پوندا.
قديم آثار
قديم آثارن جي سلسلي ۾ اسان کي ٽي عنوان
قائم ڪرڻا پوندا. ملڪي توڙي علمي تاريخ انهيءَ وقت
تائين مڪمل نه ٿي سگهندي، جيسين اسان سنڌ جي آثار
قديمه کان استفادو نه ڪنداسون.
(1) آثار قديمه جي کاتي جون رپورٽون:
هند سرڪار جي آثار قديمه جي سلسلي ۾ اسان کي اهي
سموريون ساليانه رپورٽون گڏ ڪرڻيون پونديون، جي
انگريزن جي صاحبي ۾ مرتب ٿيون آهن.
(2) ڪتاب:
ساليانه رپورٽن کان سواءِ انگريزيءَ ۾ سنڌ جي آثار
قديمه تي خاص طرح سان گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن، تن
کي به فهرست ۾ شامل ڪرڻو پوندو.
(3) رسالا:
گذريل ڏيڍ سئو ورهين ۾ يورپ توڙي هندستان مان
انگريزي رسالن ۾، سنڌ جي آثار قديمه تي گهڻا مضمون
شايع ٿي چڪا آهن، ۽ اهي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح
استفادي جي اعتبار سان گهڻي قدر ضروري ۽ اهم آهن.
سنڌ جي تاريخ انهيءَ وقت تائين مڪمل نه ٿيندي،
جيسين تائين انهن مضمونن کي نهايت اونهي نظر سان
مطالعو نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جا مضمون سوَن
جي تعداد ۾ آهن. انهن رسالن جو اڄڪلهه ملڻ بلڪل
مشڪل آهي.
هيءُ هو تاريخ سنڌ جي ماخذن جو ذڪر، ”نئين
زندگي“ جي آئنده اشاعت ۾ عربيءَ جي جاگرافي ۽
سفرنامن جي فهرست پيش ڪئي ويندي.
جغرافيه ۽ سفرناما
1. ابن خورداذبہ:
هيءُ سڀ کان پهريون ( 250 هجري) عرب جغرافيه نويس
آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ ۾
هندستان ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. خليفه معتمد جي
زماني ۾ ابن خوردازبہ پوسٽ آفيسن ۽ خفيه اطلاعات
کاتي جو آفيسر هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ سنڌ ۽ هندستان ۾
نه آيو هو، ليڪن سندس لکيل احوال درست آهي. سندس
ڪتاب 1889ع ۾ بريل ليڊن ۾ شايع ٿيو. ڊي جيوجي
(De
-Geoji)
ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي.
2. سليمان تاجر:
237هجري ۾ هيءُ سڀ کان پهريون تاجر هندستان جي
ساحلن تي واپار جي سلسلي ۾ پهتو هو. 237 هجريءَ ۾
هن پنهنجو سفرنامو تيار ڪيو هو. اهو سفرنامو 1845ع
۾ پيرس ۾ ڇپجي ويو آهي. سنڌ ۽ هند جي متعلق انهيءَ
۾ نهايت بيش بها معلومات آهي.
3. ابوزيد سيرافي:
(264هه) سيراف ايران کاريءَ جو هڪ مشهور بندرگاهه
هو. ابو زيد انهيءَ شهر جو باشندو هو. 264 هجري
سندس ڪتاب ۾ ڏنل آهي. عرب جو مشهور سياح مسعودي
300 هجري ۾ هن سان سيراف ۾ مليو هو. هن 25 يا 30
ورهين کان پوءِ ان ڪتاب جو تڪمله لکيو. ابوزيد پاڻ
ته ڪڏهن به هندستان ۾ نه آيو، ليڪن هُو انهيءَ
بندرگاهه جي باشندي هئڻ سبب سنڌ ۽ هند جي مسافرن
سان ملندو رهندو هو. سنڌ جي متعلق احوال معلوم
ڪندو رهندو هو ۽ انهن کي لکندو ويندو هو. مسعودي
جنهن انهيءَ سفرنامي کي پڙهي ان جو تڪمله لکيو هو،
ڪيترا دفعا هندستان آيو هو. تنهن ڪري سيرافيءَ جون
جغرافيائي چڪون به مسعوديءَ جي نظرثاني سان درست
ٿي ويون. هيءُ ڪتاب پيرس مان 1845ع ۾ ”سلسله
التواريخ“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
4. ابو دلف مسعر بن مهلهل ينبوعي:
(331هه) انهيءَ عرب سياح جو زمانو 331هه کان 377هه
تائين هو. هي سڀ کان وڏو سياح آهي. بغداد کان
روانو ٿي، ترڪستان پهتو ۽ اتي بخارا جي بادشاهه
نصربن احمد (المتوفي 331هه) سان مليو. اتان وري
چيني ايلچيءَ سان چين ڏانهن روانو ٿي ويو. وري چين
کان ڪابل، تبت ۽ ڪشمير مان ٿيندو ملتان پهتو. سنڌ
۽ هند جي ڏاکڻي ساحل (ڪولم) تائين پهتو. انهيءَ
ڪتاب جو هڪ حصو 1845ع ۾ برلن ۾ ڇپيو ۽ ان جا ڪي
ٽڪرا ابن نديم پنهنجي ”الفهرست“ ۾، ياقوت ”معجم
البلدان“ ۽ قزويني ”آثارالبلاد“ ۾ ڏنا آهن. غالباً
هيءُ پهريون عرب سياح آهي، جو خشڪيءَ جي رستي سنڌ
پهتو هو.
5. بزرگ بن شهريار:
(300هه) هيءُ هڪ جهازران هو، جو پنهنجي دريائي
سفرن جي ذريعي عراقي بندرگاهن کان وٺي هندستان جي
ساحلن تائين، ۽ ان کان پوءِ چين ۽ جاپان تائين
پهتو. هن ”عجائب الهند“ جي نالي سان هڪ ڪتاب عربي
۾ لکيو هو، جو 1886ع ۾ بريل پريس ليڊن کان شايع
ٿيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو فرينچ ۽ انگريزيءَ ۾
ترجمو به اتان ئي شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾
سنڌ ۽ هند جي سلسلي ۾ عجيب و غريب واقعا ملن ٿا.
6. مسعودي ابوالحسن علي:
(303هه) هن مصنف جا ٻه ڪتاب دستياب ٿيا آهن ۽ شايع
به ٿي ويا آهن. هڪ آهي ”مروج الذهب و معادن
الجواهر“ ۽ ٻيو آهي ”التنبيہ والاشراف“. ٻئي ڪتاب
ليڊن مان شايع ٿي چڪا آهن ۽ پڻ مصر کان به ان ڪتاب
جا متعدد ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. التنبيہ
والاشراف– جي هڪ ڀاڱي جو اردو ترجمو دارالترجمه
حيدرآباد دکن مان شايع ٿيل آهي.
مسعودي هڪ بلند پايه مؤرخ، جغرافيه نويس ۽
سياح هو. هن پنجويهه ورهيه مختلف ملڪن جي سياحت ۾
گذاريا. هيءُ سياح سنڌ ۽ هند ۾ به آيو هو. سندس
ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾ نهايت قيمتي معلومات
درج آهي. مروج الذهب، مسعودي پنهنجي سيروسفر ختم
ڪرڻ کان پوءِ 332هه ۾ لکيو هو. هيءُ ڪتاب فرينچ
ترجمي سان نون جلدن ۾ پيرس مان به شايع ٿيو آهي.
7- اصطخري:
(340هه) ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي پورو
نالو اٿس. هو اصطخر نالي شهر جو باشندو هو. تنهن
ڪري هو اصطخري مشهور ٿيو. هيءُ سياح 340هه ۾ سنڌ ۽
هند ۾ آيو ۽ پنهنجي معاصر سياح ابن حوقل سان اتي
ئي مليو هو. علم جغرافيه تي سندس ٻه ڪتاب آهن. هڪ
ڪتاب ”الاقاليم“، جو 1839ع ۾ گوٿا کان شايع ٿيو.
عرب، ايران، ماوراءُالنهر، ڪابلستان، سنڌ ۽ هند جو
هن سفر ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ ڪي حالات لکيا. سنڌ
تي هن هڪ خاص باب لکيو، جنهن ۾ هن تفصيلي حالات
لکيا آهن.
8- ابن حوقل:
( 331هه / 943ع – 358هه / 979ع)، ابوالقاسم ابن
حوقل النصيبي بغداد جو واپاري هو. سن 331هه / 943ع
۾ هن بغداد ڇڏيو. يورپ، آفريڪا، ايشيا، اسپين،
سسلي ۽ هندستان جي سياحت ڪيائين. هيءُ سڀ کان
پهريون جغرافيه نويس آهي. جنهن سنڌ جو نقشو پنهنجي
ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هن هندستان جي طول ۽ عرض ٻڌائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ سنڌ تي هڪ جدا باب آهي،
جو معلومات سان ڀريل آهي، هيءُ ڪتاب ليڊن کان ٻه
دفعا سال 1938ع ۽ سال 1939ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڪتاب
جو نالو ”صورت الهند“ آهي.
9-
بشاري مقدسي:
(375هه) شمس الدين محمد بن احمد بشاري بيت المقدس
جو باشندو هو. هن پنهنجو ڪتاب ”احسن التقاسيم في
معرفة الاقاليم“ 375هه ۾ لکي راس ڪيو. هن اسلامي
ملڪن جو سفر ڪيو ۽ هند و سنڌ ۾ به آيو هو. بشاري
پنهنجي ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ جا نقشا ڏنا آهن ۽ سنڌ
بابت هڪ جدا باب به ڏنو آهي. هي ڪتاب ٻه دفعا
1906ع ۾ ليڊن کان شايع ٿيو.
10- البيروني:
(400هه) البيروني پنهنجي مشهور تصنيف ”ڪتاب الهند“
سببان مشهور آهي، تنهن ڪري تفصيلي حالات لکڻ جي
ضرورت ناهي. محمود غزنوي سان هندستان ۾ آيو هو.
”ڪتاب الهند“ ۽ ”قانون مسعودي“ سندس ٻه عالمگير
مشهوريءَ جون تصنيفون آهن، جن ۾ هند جا تفصيلي
حالات ۽ سنڌ جا حالات مختلف ٽُڪرن جي صورت ۾ ملن
ٿا. ڪتاب الهند، عربي، انگريزي ۽ اردو ۾ متعدد بار
ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ ترجمو مسٽر سخائو ڪيو
آهي. البيروني جا تفصيلي حالات لکيا آهن. سخائو جي
شهرت البيروني جي ترجمي سببان ٿي. ”ڪتاب الهند“ جو
اردو ترجمو تازو انجمن ترقي اردو پاڪستان طرفان
شايع ٿيو آهي.
11- ابن بطوطه:
(779هه / 1377ع) مراڪش جو مشهور سياح هو. هن کي
پنهنجي سفرنامي سببان لافاني مشهوري حاصل ٿي. سندس
سفرنامي جو نالو ”عجائب الاسفار“ آهي. هي ڪتاب
عربيءَ ۾ آهي. هن ڪتاب جا يورپ جي مختلف ٻولين ۾
ترجما ٿي چڪا آهن. اردو ۾ به هن ڪتاب جو ترجمو
محمد حسين ڪيو آهي. هي ڪتاب ڪيترا دفعا ڇپيو آهي.
اردو ۾ هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ آهي. ابن بطوطه محمد
تغلق جي عهد حڪومت ۾ هندستان آيو، جتان سنڌ ۾
پهتو. هن سياح سنڌ جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي.
اهو احوال نهايت قيمتي ۽ دلچسپ آهي.
مطلب ته جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، جن ۾
سنڌ جو احوال ملي ٿو، ڪثرت سان ملن ٿا، جن جو
تفصيلي بيان طوالت جو سبب ٿيندو، تنهن ڪري بعض
ڪتابن جا اسان فقط نالا ڏيون ٿا:
12- ابن رسته:
(290هه). اعلاق النفيسہ ليڊن مان ڇپيو آهي.
13- قدامه بن جعفر:
(296هه).
14- ادريسي:
(560هه / 1165ع) نزهة المشتاق.
15- ياقوت الحموي:
(627هه / 1229ع) معجم البلدان.
16- ذڪريا قزويني:
(682 / 1282ع) آثار البلاد.
17- صوفي دمشقي:
( 728هه / 1326ع) عجائب البر والبحر.
18- ابو الفدا:
( 732هه / 1331ع) تقويم البلدان.
19- نويري:
( 733هه / 1331ع) نهايت الارب في فنون الادب
20. شهاب الدين العمري:
( 748هه / 1346ع) مسالڪ الابصار وممالڪ الامصار.
هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو لاهور مان شايع ٿيو آهي.
21. سيّد علي رئيس:
( 1553 - 1556ع)، ترڪ اميرالبحر هو. همايون جي عهد
۾ سنڌ ۽ هند آيو هو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو
ويمبري 1899ع ۾ لنڊن مان شايع ڪيو.
هي سمورا جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما،
تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ سنگ ميل جو درجو رکن ٿا.
ترتيب مان معلوم ٿيندو ته 25 هجري کان وٺي اٽڪل
ڏهين صدي هجري تائين انهيءَ پوري زماني تي پکڙيل
آهن. ڪن سياحن ۽ جغرافيا نويسن سنڌ جي بيان ۾ جدا
جدا باب پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. ڪيترن مختلف
عنوانن هيٺ يا هندستان جي حالات ۾ مختلف هنڌن تي
سنڌ جي شهرن، دريائن، رستن ۽ ملڪي پيداوار، آب و
هوا ۽ ٻين ضروري شين جي متعلق نهايت قيمتي معلومات
ڏني وئي آهي. جيڪڏهن جغرافيه جي انهن ڪتابن ۽
سفرنامن جو نهايت غور سان مطالعو ڪبو ته اٺن صدين
جا حالات اسان کي نهايت سولائي سان ملي سگهندا.
|