سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:15 

سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط

[سنڌ جي مايه ناز عالم سيّد حسام الدين راشدي مرحوم، هي مضمون اردو زبان ۾ پاڪستان هسٽري اينڊ ڪلچر ڪانگريس، منعقده اسلام آباد يونيورسٽي سال 1973ع جي هڪ بيٺڪ ۾ پڙهيو هو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو پهريون جلد، ساڳي يونيورسٽي سال 1975ع ۾ شايع ڪيو، جنهن کي ڊاڪٽر احمد حسن داني ايڊٽ ڪيو هو. هن مقالي جو سنڌي ترجمو ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 01، سال 1987ع ۾ شايع ٿيو آهي]

        تاريخ جي سلسلي ۾ خط، دستاويز، درخواستون ۽ فرمان، اهميت جي لحاظ کان عالمن کان ڳجها نه آهن. اسان جي تاريخن ۾ واقعن کي گهڻي حد تائين وقتي ضرورتن تحت خاص خيال کان لکيو ويو آهي، جنهن ڪري واقعن ۽ حالتن جو اصل رخ پڙهندڙن جي اڳيان چٽو نه ٿو ٿئي ۽ حادثن جي اصلي سببن جو صحيح علم نه ٿو پوي.

        تاريخ جا هي نقص تڏهن ختم ٿي سگهن ٿا، جڏهن اسين ان جي ترتيب ۽ تياريءَ لاءِ خطن کي به پنهنجي آڏو رکون ۽ انهن کي تاريخ جو ماخذ سمجهي فائدو وٺون. اسان خطن کي ”انشاءَ“ جو درجو ڏئي درس ۾ ته داخل ڪري ڇڏيو، پر انهن ذريعي تاريخي فائدو حاصل ڪرڻ کان پاسو پي ڪيو آهي. هن ننڍي کنڊ جي خطن يا ”انشاءَ“ جا جيڪي به ڪتاب تيار ڪيا ويا آهن، انهن متعلق منهنجي نظر مان ٻه تفصيلي مضمون نڪتا آهن.

1. ”انڊوايرانيڪا“ ۾ ڊاڪٽر مؤمن محي الدين جو مضمون چند اشاعتن ۾ ڇپيو آهي.

2. ”هنر و مردم“ تهران ۾ ”دبيري و نويسندگي“ جي عنوان سان آقاي دانش پزوهه جو چوڏهن قسطن ۾ مقالو، جنهن ۾ ”انشاء“ جي ٽي سؤ ڇاهٺ ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي مقالو تيار ٿيل انهن سمورن فارسي خطن متعلق آهي، جيڪي ترڪيءَ کان ڪري هندستان تائين ترتيب هيٺ آيا آهن.

جيڪي ڪتاب فهرستن ۾ داخل نه آهن ۽ اڃا تائين ذاتي ڪتبخانن ۾ موجود آهن، ظاهر آهي ته آقاي دانش پزوهه جي مقالي ۾ انهن جو ذڪر ڪونهي. مثال طور سنڌ ۾ خطن جا جيڪي ڪتاب ملن ٿا، اهي اڃا تائين اهل علم جي نظرن کان پري آهن، حالانڪه اهي مجموعا تاريخي مواد جي لحاظ کان ايران، افغانستان، سنڌ، ملتان، دهلي ۽ پنجاب تائين جي تاريخي واقعن ۽ حالتن جو گهيرو ڪيو بيٺا آهن ۽ ڪيترن ئي اهم واقعن ۽ حادثن جو پس منظر ۽ تفصيل انهن ۾ موجود آهي.

خوش قسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ته ڇاپي ڇڏيا آهن، پر خطن جي ذخيري کي اڃا ڇهيو به نه آهي. خود تاريخ بابت به ڪتاب اڃا قلمي حالت ۾ ايتري ته گهڻائيءَ ۾ آهن، جو جيڪڏهن رقم هجي ۽ ڪم ڪندڙ ملي وڃن ته سالن جا سال هي ڪم ختم نه ٿو ٿي سگهي. ان صورت حال ۾ هي ڳالهه امڪان کان خارج آهي ته، خطن جي انهن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي سگهندو. سنڌي انشاءَ نويسن جي مرتب ٿيل ڪجهه مجموعن کي دنيا ڄاڻي ٿي، ڇو ته مختلف ڪتبخانن جي فهرستن ۾ انهن جو ذڪر اچي چڪو آهي. مثال طور:

1. منشات نمڪين........ از ابوالقاسم نمڪين بکري.

2. رقائم ڪرائم..... از محمد اشرف پٽ امير عبدالڪريم امير خاني سنڌي.

3. آداب عالمگيري...... از شيخ ابوالفتح قابل خان ٺٽوي

Text Box: 219
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

هنن ٽن ڪتابن کان سواءِ سنڌ ۾ مرتب ٿيل خطن جا جيترا به مجموعا آهن، اهي سڀ جا سڀ تاريخ دانن جي نظر ۾ نه آيا. جيئن ته هن ڪانفرنس کي ارڙهين صدي عيسوي تائين محدود رکيو ويو آهي، ان ڪري آءٌ صرف انهن تاريخي خطن جي ڪتابن جو ذڪر ڪندس، جيڪي هن دائري ۾ اچن ٿا. في الحال آءٌ انهن خطن، رپورٽن، دستاويزن ۽ شاهي فرمانن کي ڇڏي ڏيندس، جيڪي ”انشاءِ ماهرو“ کان ڪري عالمگير جي آخري دور تائين ترتيب هيٺ آيا آهن. خطن جي هنن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هيءَ حقيقت آڏو رکڻ گهرجي ته، انهن جو واسطو جنهن صديءَ سان آهي، ان صديءَ ۾ اسان جي ۽ اسان جي پاڙيسرين جي سياسي صورت حال ڪهڙي هئي؟ عالمگير جي موت کان پوءِ هندستان ۾ مغل سلطنت جو زوال، متعدد شهزادن جو تخت تي ويهڻ ۽ ٿوري وقت ۾ ئي ڦاسي يا تلوار جي نوڪ تائين پهچڻ، سنڌ جو 1151هه ۾ مغلن جي قبضي مان آزاد ٿيڻ، عالمگير جي وفات کان ڪري سنڌ مان مغلن جي بستري ويڙهڻ تائين، يعني 1118هه کان 1151هه تائين ڪل ٽيٽيهن ورهين جي ٿوري وقت ۾، سترهن صوبيدارن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان خوار خراب ٿي ناڪام واپس موٽڻ، سنڌ جي پنهنجي هڪ خاندان ”ڪلهوڙن“ کي سنڌ حوالي ڪري وري پنهنجي قبضي ۾ رکڻ، هوڏي ايران ۾ صفوي گهراڻي جو زوال، افعانستان ۾ مير ويس ۽ محمود خان جو اڀرڻ، خراسان ۽ اصفهان جو انهن جي هٿان برباد ٿيڻ، لٽ مار جو مال ۽ قيمتي سامان سنڌ جي ڪلهوڙا بادشاهن ۽ اميرن وٽ آڻي وڪڻڻ، هن زوال جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظاهر ٿيڻ، ايران تي قبضو، دهليءَ تي نادر شاهه جي لشڪر ڪشي ۽ سنڌ کي ڏن ڀرو بنائڻ، سنڌ مان هيرا، جواهر، خزانو ۽ شاهي ڪتب خانو پاڻ سان ايران کڻي وڃڻ، سنڌ جي حڪومت کي هميشہ گهرو ويڙهه ۾ رکڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ بهاول خان کي سنڌ جو هڪ ٽڪرو ڏئي الڳ رياست ٺهرائڻ، نادر جي قتل کان پوءِ احمد شاهه ابداليءَ جو افغانستان ۾ هڪ الڳ ۽ مستقل حڪومت قائم ڪرڻ، سندس پنجاب ۽ هندستان تي لاڳيتا ۽ تباهه ڪن حملا، سنڌ جي ڌرتيءَ تي افغانن جو قبضو، ڍل جي نالي ۾ خزاني کان سواءِ هيرا ۽ جواهر وري وري اچي لٽڻ، شڪارپور کي مستقل طرح افغانستان جي قبضي ۾ ڏيڻ، سنڌ جي اصلي عوام کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ افعان قبيلن کي ڌڙا ڌڙ شڪارپور ۽ ان جي آسپاس آڻي وسائڻ، مدد خان افغان جو سنڌ ۾ پهچي هر شهر، هر بستي، هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي برباد ڪري سڀ ڪجهه لٽي کڻي وڃڻ، بهاولپورين جي هشيءَ تي ڪلهوڙا خاندان اندر گهرو ويڙهه، ٽالپور خاندان جيڪو اصل ۾ ڪلهوڙن سان لاڳاپيل ۽ درٻاري اميرن جو گهراڻو هو، انهن جو ڪلهوڙن سان اختلاف ۽ جهيڙو، جنهن جو نتيجو هنن ٻنهي گهراڻن جي وچ ۾ خونريزيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. آخر ۾ ٽالپور خاندان جو ڪلهوڙن کي ختم ڪري پاڻ تخت ۽ تاج تي ويهڻ، ان بعد ٽالپور گهراڻي ۾ جهيڙو، جنهن سبب سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٽن حصن تي پنهنجي الڳ الڳ حڪومت قائم ڪرڻ، ڪلهوڙا خاندان جي آخري دور ۾ انگريزن جو ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ، ٽالپوري عهد جي شروع ۾ افغانستان تائين پهچڻ لاءِ دريائي ۽ زميني رستا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجو اثر پيدا ڪرڻ ۽ آخرڪار پوري سنڌ تي قبضو ڪرڻ!

سياسي صورت حال جو هي سرسري خاڪو آهي، جيڪا ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ موجود هئي ۽ سنڌ ۾ جيڪي واقعا ظاهر ٿيا، ان جي لپيٽ ۾ ايران، افعانستان، هندستان، ملتان ۽ مرڪزي ايشيا جا به سڀ علائقا اچي وڃن ٿا. هن صديءَ جي تاريخ ايسين اڌوري ۽
نا مڪمل رهندي، جيسين، خطن جا هي ڪتاب ”انشاءَ“ مان خارج ڪري، تاريخي ماخذ جي حيثيت ۾ استعمال نه ڪيا ويندا.

Text Box: 221
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

خطن جي جن ڪتابن جو ذڪر آءٌ ڪري رهيو آهيان، انهن ۾ اهو سمورو مواد موجود آهي، جيڪو هن صديءَ جي سڀني واقعن جي اصل سببن ۽ اندروني معاملن بابت حيرت انگيز حد تائين روشني وجهي ٿو.

1. گلدستہء نورس بهار:

هي شيخ عبدالرؤف سيوهاڻي (و-1140هه) جا لکيل سرڪاري خط آهن ۽ عالمگير جي حڪومت جي آخري سالن کان ڪري 1140هه تائين جي سياسي واقعن ۽ حالتن تي روشني وجهن ٿا. شيخ عبدالرؤف، ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جو منشي هو ۽ شيخ موصوف جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شيخ محمد وفا سيوهاڻي، انهن خطن کي ”گلدستہء نورس بهار“ جي نالي سان گڏ ڪيو. هي مجموعو ٽن لطيفن تي مبني آهي:

لطيفو پهريون: بادشاهن، اميرن ۽ راجائن جي خدمت ۾ عريضيون،

لطيفو ٻيون: جاگيردارن، سيدن، عالمن ۽ معزز ماڻهن ڏي خط،

لطيفو ٽيون: وڪيلن ڏانهن خط.

پهرئين حصي ۾ اڻهٺ خط آهن، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان ڪري ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي شروعاتي دور تائين جيڪا سرڪاري لکپڙهه ٿي اها شامل آهي. عالمگير جي وفات تي سنڌ ۾ جيڪو رد عمل ٿيو، ان جي ذڪر کان سواءِ، ڪجهه شهزادن جي تخت سنڀالڻ جون خبرون، ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر ۾ صوبيدارن جي مقرري ۽ معزوليءَ جا واقعا، ميرويس غلزئيءَ جي افغانستان تي قبضي، قنڌار، قلات، بلوچستان، ملتان ۽ هندستان ۾ پيدا ٿيل حالتن ۽ انهن واقعن جي حوالي سان شخصيتن جي سڃاڻپ ۽ ملتان، سيوهڻ، بکر، بلوچستان ۽ ٺٽي جي صوبيدارن جا نالا ۽ انهيءَ دور ۾ ٿيل جنگين جو ذڪر هنن خطن ۾ ملي ٿو.

ٻئي لطيفي ۾ ٻه سؤ خط آهن، جن ذريعي هندستان جي وزيراعظم، سپهه سالارن، صوبيدارن ۽ ٻين واسطيدارن اميرن کي واقف ۽ حالتن کان باخبر ڪيو ويو آهي. هنن خطن ۾ ڪيئي ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ واقف مگر اهم ماڻهن جي نالن ۽ ڪارنامن جو ذڪر ملي ٿو.

ٽئين لطيفي ۾ درٻاري وڪيلن جي نالي خط آهن. انهن خطن ۾ ان وقت جي مکيه تاريخي واقعن جي لڪل ڪڙين تي روشني پوي ٿي. ان کان سواءِ مکيه ڪردارن ۽ ماڻهن جي ڄاڻ به ملي ٿي، جن جي نالن ۽ ڪارنامن کان تاريخ جا پنا بلڪل خالي آهن. هي حصو اٺاويهن خطن تي مدار رکي ٿو.

هن ڪتاب جا ٻه نسخا منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن، جن کي آڏو رکي مون هن ڪتاب جو متن تيار ڪيو آهي، ۽ انتظار آهي ته تاريخي حاشين ۽ چٽاين سان ان کي ڇاپيو وڃي.

2. خلاصة المڪتوبات:

هي خط سنڌ جي ٻن وڏن منشين ميان هارون ۽ منشي عبدالرؤف جا لکيل آهن. هي جلد حقيقت ۾ انهن خطن جي چونڊ آهي، جن کي انشا نويسيءَ جي خيال کان تيار ڪيو ويو آهي، ليڪن هر خط ڪنهن نه ڪنهن تاريخي حيثيت ۾ اهم آهي.

خط گهڻو ڪري جيوند ابڙي، تخت مل مهتي، نواب بختيار خان ۽ مير عبدالله بروهيءَ جا آهن. هن جلد مان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اميرن ۽ ان دور جي مشاهيرن جا نالا معلوم ٿين ٿا، جن مان ڪيئي نالا اسان جي لاءِ بلڪل نوان آهن. محمود خان، جنهن کي هنن خطن ۾ ”نامحمود قنڌار“ لکيو ويو آهي، ان سان جنگ ڪرڻ بابت به هڪ خط هن مجموعي ۾ شامل آهي. هڪ خط 1139هه جو لکيل آهي، جنهن ذريعي اصفهان ۽ افغانستان جي جهڳڙن تي روشني پوي ٿي. هڪ خط انهيءَ هرات جي حاڪم سلطان محمود خان افغان جو رياست پناهه مير عبدالله خان آنگه جي نالي آهي. ٻيو هڪ حڪم نامو آهي، جيڪو سلطان محمود خان 1135هه ۾، امير عبدالله خان جي نالي لکيو آهي.

هن خطن جي جلد ۾ محمود خان جو هڪ عهد نامو به آهي، جيڪونهايت اهم آهي. هن عهد نامي ۾ محمود خان افغان، اصفهان، افغانستان، سنڌ ۽ پنجاب جي باري ۾ نهايت اهم معلومات داخل آهي. هنن خطن مان اصفهان جي گهيري، هرات، مشهد وغيره ۽ پڻ افغانستان ۽ موجوده پاڪستان جي سرحدن متعلق وڏي قيمتي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

افغانن ۽ صفوين جي وچ ۾ جيڪو جهڳڙو کڙو ٿيو ۽ جنگيون ٿيون ۽ جنهن جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظهور ٿيو، ان موضوع تي جيڪي ڪتاب منهنجي نظر مان نڪتا آهن، جيڪڏهن هنن خطن مان فائدو ورتو وڃي ها ته، هوند انهن جي تاريخي اهميت اڃا به وڌيڪ بنجي ها.

مون وٽ هن ڪتاب جو جيڪو نسخو آهي، ان تي هڪ مهر لڳل آهي، جنهن جا هي لفظ پڙهي سگهجن ٿا: بندهه؟ محمد 1163هه. گويا هي ان دور کي هڪ ويجهو نسخو آهي.

3. انشاءِ نورالحق مشتاقي:

هي سنڌ جي نامياري انشاءَ نويس، شاعر، عالم ۽ سرڪاري منشي ميان نورالحق مشتاقي سيوهاڻيءَ جي لکيل سرڪاري رپورٽن (مراسلن) جو هڪ نسخو آهي، جيڪو بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي سياسي، مالي ۽ ٻين تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي ۽ مکيه ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.

مثال طور:

محمد عطا منصبدار سرڪار سيوستان،

ٺٽي جي ڍل متعلق هڪ خط،

عبدالرحيم (؟) ٺٽي جي صوبيدار جا پنج خط،

سميجن جي وڳوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ابو المعاليءَ کي ڪيل درخواست.

4. انشاءِ عطارد:

منشي شيوڪرام عطارد، ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي شهيد جو درٻاري شاعر ۽ منشي هو. هو مکيه امير بجار خان ٽالپور سان به لاڳاپيل هو. هن جيڪي سرڪاري خط لکيا هئا، اهي سندس وفات کان پوءِ سن 1212هه ۾، امل راءِ اروڙا جمع ڪيا هئا. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو 1282هه جو آهي.

هي ڪتاب ”گلدستہءَ نورس بهار“ کان پوءِ خطن جو اهم ترين ذخيرو آهي، جنهن ۾ ارڙهين صدي عيسويءَ جي واقعن بابت ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. ڪل پنجاسي خط آهن. آخري خط مير بجار خان شهيد جو آهي، جنهن کي ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ شهيد ڪرايو هو ۽ جنهن جي شهادت ڪلهوڙا خاندان جي پڄاڻي ۽ ٽالپوري حڪومت جي ابتدا جو سبب بني.

مسقط جي شيخ، ايران، قلات، جوڌپور، سنڌ ۽ ملتان جي اٽڪل روءِ سڀني اميرن ۽ سلطنت جي مهندارن جا نالا، خطن جي هن ڪتاب ۾ ملن ٿا ۽ انهن ذريعي تاريخ جا ڪيئي گوشا اسان جي آڏو روشن ٿين ٿا.

5. مجموعه مڪاتيب دانشگاهه سنڌ:

هي سنڌ جي اميرن ۽ حاڪمن جي خطن جو هڪ اهم مجموعو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهي. هن مجموعي ۾ سنڌ جي ملڪي معاملن ۽ سياسي حالتن متعلق قيمتي خط موجود آهن.

6. مجموعه رقعات دانشگاهه سنڌ:

هي تاريخي خط قاضي عبدالرسول ۽ منشي جان محمد سيوهاڻي (وفات:1123هه) جا لکيل آهن ۽ سنڌ جي گوناگون سياسي، انتظامي، سماجي ۽ علمي حالتن جي چٽائي ڪن ٿا. هن صديءَ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ هنن خطن جي اڀياس کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري رهندي. مغلن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا لاقانونيت ۽ بدانتظامي پکڙي هئي، انهن خطن مان ان تي روشني پوي ٿي. ڪن خطن جو مطلب پيش خدمت آهي.

نواب عبدالصمد خان، نواب خان دوران، دل قوم جا ماڻهو، دل قوم جي ماڻهن جو قتلام، نور محمد ڪلهوڙو، ٺٽو، شيخ مبارڪ جو خط، سيّد عبدالجليل بلگراميءَ جو مڪتوب، مخدوم عيسى ولد مخدوم عباس هڱورجو، مير يعقوب بکري، سنڌ جي امن امان جي تباهيءَ تي عبدالواسع جو خط، ٺٽي جو ميوو ۽ آب و هوا، ٺٽي جو ڪپڙو، ميان عبدالرؤف ۽ ابوالقاسم، ملان الله ڏنو بوبڪائي، مخدوم عبدالرحيم، ٺٽي ۽ ڪابل جو ناظم، بکر جو قانون گو ميان عبدالواسع رسول پوري، شهزادو محمد اعظم، ڏڪار، بدحالي ۽ قرضداري، سرڪار بکر، روهڙي ۽ سکر قلعي جي قضا، بکر جو وڏو خزانچي، ٽامي جو ڪارو سڪو، درٻيلي، الور ۽ ڪاڪڙي پرڳڻن جو انتظام، شيخ فيض الله، ملان نجم الدين بوبڪائي، ويهه هزار دام، ارسلا خان، قلعي بکر جي خاص درٻار، روهڙي، باغ ۽ ميوو، اولاد مخدوم عثمان درٻيلوي، قاضي نصيرالدين صدر سرڪار بکر ۽ سيوهڻ، خوشحال بخشي وقائع نگار سرڪار بکر، سيوهڻ سرڪار جا قانون گو، بومئي جي ماڻهن سان انهن جي بدسلوڪي، شيخ عبدالرؤف، مادي هاٿي، ۽ سوکڙين جي باري ۾ نواب عبدالصمد خان جي نالي خدايار خان جو خط.

7. گلدستهءِ باغبان:

Text Box: 227
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

هي خطن جو نهايت اهم ڪتاب آهي. هن ۾ قدوت السالڪين مخدوم قاضي محمد رحيم، مخدوم محمد پناهه، قاضي محمد شاڪر ۽ قاضي عبدالجليل ويٺل شهر نصرپور جا لکيل خط آهن، جن کي ميان قاضي محمد حافظ (ڀاءُ قاضي محمد اڪبر) بن قاضي ميان خميسو نصرپوريءَ مرتب ڪيو آهي.

خطن جو موضوع افغانستان جي سنڌ ۾ ڦرلٽ، مدد خان جي سنڌ ۾ آمد، انگريزن جي اچڻ تي سنڌ جي رهاڪن ۽ صاحب فڪر بزرگن جي ڳڻتي، شڪارپور تي افغانن جو قبضو، پنهنجن عملدارن جي مقرري ۽ خراسان، ايران ۽ افغانستان جا سياسي مسئلا ۽ معاملا آهن. هن مجموعي ۾ ڪوبه ديباچو ڪونهي. ان جي شروعات هڪ خط سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ محمد رحيم خان بارڪزئيءَ جي شڪارپور بدر ٿيڻ ۽ عاليجاهه مدد خان پٽ عاليجاهه غفور خان کي شڪارپور جي حڪومت ملڻ جو حال درج آهي. هي ڪتاب 223 صفحن تي ۽ هر صفحي تي چوڏهن سٽون آهن. هي مجموعو سنڌ، افغانستان ۽ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اثر متعلق تاريخ جو اهم ماخذ آهي.

8. انشاءِ ابري (دفتر اول):

خطن جو هي ڪتاب ٻن دفترن تي مشتمل آهي. مؤلف جو نالو ابراهيم بن حافظ نصرالله خان بن عبدالڪريم احمداڻي سيوهاڻي انصاري آهي. سندس تخلص ”ابري“ هو. هي پهريون دفتر 1204هه ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو پنجن فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي:

در خطوط جانب عزيزان و خويشان.

در مکاتيب ياران دوستي نشان.

در تحرير پروانه جات و پرزه جات، هي ٻن قسمن ۾ آهي.

دراستحصال دستکات کار و دستکات طالب سرڪار.

در عرائض حضور و امراءَ عظام و خوانين عالي مقام و در عرائض دربار معلى.

9. انشاءِ ابري (دفتر دوم):

هي دفتر 1207هه ۾ مرتب ٿيو ۽ ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي.

در تحرير اخلاص نامجات شوق انگيز آتش ريز.

در نوشتن مڪتوبات آميز، و يک فرد فرمان درگاهه فلک بارگاهه که تيمناً و تبرکا ثبت نمودهه شد.

ٻنهي دفترن ۾ ڪجهه ذاتي خط آهن. باقي سياسي خط آهن، جيڪي مغل، ڪلهوڙا، افغانستان ۽ ٽالپورن جي دور جي واقعن تي روشني وجهن ٿا. مون وٽ 1268هه جو نسخو آهي.

10. منهاج الشعور (ابراهيم ابري سيوهاڻي):

هن نالي سان ابري ٽيون مجموعو مرتب ڪيو آهي. هن جلد جي پهرئين حصي ۾ اعزازي عبارتون آهن، جي ان دور ۾ دوستن، اميرن، عزيزن يا سرڪاري ملازمن جي خطن جي لاءِ سنڌ ۾ رائج هيون. ٻئين حصي ۾ تاريخي دستاويز، درخواستون ۽ خط آهن. هي حصو بي حد قيمتي آهي.

Text Box: 229
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن درميان خطن جي مٽاسٽا، ايران ۽ افعانستان ۾ لکپڙهه، سنڌ ۾ صوبيدارن جي مقرريءَ جا پروانه ۽ بهاولپور جي پهرئين حاڪم بهاول خان جي سلسلي جا خط ٻئين حصي ۾ شامل آهن. هن جا ٻه نسخا مون وٽ آهن، جن مان هڪ 1216هه جو مخطوطو آهي.

11. تاريخي انشاءَ:

هي مجموعو بياض جي صورت ۾ آهي. گڏ ڪندڙ يا مرتب جو نالو معلوم ڪونهي. پهريون خط شهزادي مراد جي نالي احمد نگر جي وڳوڙ متعلق ابوالفضل جو لکيل آهي. ٻيا خط سنڌ، ملتان، دهلي، بلوچستان ۽ افغانستان جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي آهن. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي باري ۾ هن مجموعي ۾ تمام مکيه واقعا آيا آهن، جن جو اڃا تائين تاريخ ۾ ذڪر نه ٿيو آهي. ڪل پنجٽيهه خط آهن.

12. انشاءِ خبرت:

هي مجموعو سلطاني مل تخلص خبرت جو ملتان ۾ ترتيب ڏنل آهي. ان جو تاريخي نالو رقعات ماني نگار 1143هه آهي. هن مجموعي جا ڪجهه خط تاريخي ۽ سماجي پس منظر ڪري اهم آهن. مون وٽ 1265هه جو قلمي نسخو آهي.

13. انشاءِ منشي محمد سعيد:

هي نسخو چند خطن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ ناقص آهي. هي خط آخري مغل دور جي سنڌ جي باري ۾ اهم ڄاڻ ڏين ٿا.

14. رقعات امام الدين:

خطن جو هي جلد امام الدين هالائيءَ جو مرتب ڪيل آهي. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو مؤلف جي پنهنجن هٿ سان لکيل آهي. ان جي ڪتابت جو سال 1265هه آهي. هي خط جيتوڻيڪ تاريخي خيال کان اهميت نه ٿا رکن، پر سنڌ ۾ فارسي عبارت نگاريءَ جو هڪ سهڻو نمونو آهن.

15. انشاءَ:

هن مجموعي جي مؤلف جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو. مون وٽ ان جو جيڪو نسخو آهي، اهو دولت راءِ 10 جمادي الاول 1126هه تي پورو ڪيو. هن ۾ سنڌ ۽ هند جي معاملن جو ذڪر ملي ٿو.

16. مجموعه شاهي اسناد و فرامين:

هن مجموعي ۾ ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جون سندون ۽ فرمان گڏ ڪيل آهن ۽ تاريخي اهميت رکن ٿا. ٺٽي جي مغل گورنرن جي تاريخن طئه ڪرڻ ۾، هن جلد مان وڏي مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ هن مان سلطنت جي اميرن، قاضين، ساداتن، عالمن، شاعرن ۽ سندن وارثن ۽ پونئيرن جي وظيفي جي باري ۾ به سٺي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ڪري عالمن ۽ قديم خاندانن جي حالتن، عهدن ۽ سلسلن جو به پتو پوي ٿو. هي سندون سڀ جون سڀ ٺٽي جي رهاڪن ۽ ٺٽي جي اميرن جي نالي جون آهن. هي نسخو مون قاضي علي محمد ٺٽوي مرحوم جي نسخي تان نقل ڪرايو آهي.

17. مجموعه اسناد و فرامين:

Text Box: 231
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

هي مجموعو ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جي اصلي حڪمن، فرمانن ۽ سندن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ذخيري ۾ موجود آهي. فرمان ٽن حصن ۾ گڏ ڪيا ويا آهن:

پنج فرمان: عيسى خان اول، باقي بيگ ترخان، جاني بيگ ترخان ۽ غازي بيگ تر خان جا آهن.

ٽي فرمان: شاهجهان ۽ عالمگير جا آهن.

عالمگير جي آخري ڏينهن کان ڪري مير نصير خان تائين، مغل صوبيدارن ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جا تيرهن فرمان آهن. هي آخري حصو ارڙهين صدي عيسويءَ جي تاريخ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. مون وٽ انهن فرمانن جا نقل موجود آهن. ڪجهه فرمانن جا فوٽو مون تحفة الڪرام ۾ به ڇپيا آهن.

18. مڪتوبات قانع:

هي خط سنڌ جي نامياري تاريخدان مير علي شير قانع جا لکيل آهن. هي تاريخ دان ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن ۾ سرڪاري منشي هو. خطن جي هن جلد ۾ چند ذاتي ۽ سرڪاري مراسلا آهن. هي مجموعو سنڌي ادبي بورڊ جي تحويل ۾ آهي.

19. مڪتوبات مير عظيم الدين:

مير عظيم الدين ٺٽوي ٽالپورن جي پهرين درٻار جو اڳواڻ شاعر هو.مثنوي ”فتح نامه“ ۽ هڪ ديوان سندس يادگار آهي. هي خط ڪلهوڙا خاندان جي آخري زماني ۽ ٽالپور گهراڻي جي شروعاتي دور جي ڪيترن ئي مکيه واقعن تي روشني وجهن ٿا.

20. مڪتوبات مير نصير خان ٽالپر:

مير محمد نصير خان سنڌ جو آخري ٽالپور حڪمران هو، جنهن کان 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جو اقتدار کسيو ۽ ٻين ٽالپور صاحبزادن سان گڏ کيس به ڪلڪتي ۽ هندستان جي ٻين شهرن ۾ نظربند رکيو ويو. مير صاحب جلاوطني جي زماني ۾ جيڪي خط پنهنجن زالن، اميرن ۽ ٻين عزيزن کي لکيا، هي انهن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ 292 خط آهن. آخري خط مير صاحب جي ڌيءُ، هڪ درخواست جي شڪل ۾ راڻي وڪٽوريا جي نالي لکيو آهي.

جنهن زماني ۾ سنڌ جو هي حڪمران ڪلڪتي ۾ جلاوطنيءَ جي حياتي ڪٽي رهيو هو، انهن ڏينهن ۾ واجد علي شاهه به مٽيا برج (ڪلڪتي) ۾ غريب الوطنيءَ جا ڏينهن گهاري رهيو هو. ان دور ۾ واجد علي شاهه پنهنجي زالن جي نالي خط لکيا آهن، جن جا ڪيئي جلد ڇپجي چڪا آهن.

Text Box: 233
234
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

مير نصير خان جا هي خط جتي ڪيئي تاريخي فائدا رکن ٿا، اتي سماجي ۽ تهذيبي لحاظ کان وڏي اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. واجد علي شاهه جي خطن جي جيڪڏهن مير نصير خان جي خطن جي عبارت ۽ مفهوم جي خيال کان ڀيٽ ڪئي وڃي ته، واجد علي شاهه جي خطن جون عبارتون، انهن جو مطلب ۽ انهن خطن ۾ بيان ڪيل عاشقاڻا جذبا نهايت خراب، عامي ۽ ڪريل نظر اچن ٿا. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ مير نصير خان جا خط نهايت شائسته، مهذب ۽ باوقار آهن. صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مير نصير خان جي خطن جو لهجو هڪ سڌريل ۽ سنجيده بادشاهه جي جذبن جو عڪس آهي، جنهن ۾ شاهي حرم جي عزت ۽ ناموس توڙي ان جي عظمت ۽ تقدس جو پورو پورو احترام رکي محبت جي جذبن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هڪ جملو به ڪريل ۽ پست ڪونهي. ان ذريعي جتي لکنو درٻار جي سماجي ذلت جو پتو پوي ٿو، اتي سنڌ جي بادشاهن جي تهذيبي برتريءَ جو چٽو اظهار ٿئي ٿو.

جيئن شروع ۾ چيو اٿم، مون هتي فقط تاريخي خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي معلوم ٿيل آهن. انهن سڀني خطن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جي صوفين ۽ عالمن جا لکيل آهن، جن ذريعي سنڌ جي مذهبي معاملن، مذهبي معرڪن ۽ ديني توڙي تصوف جي نقطن تي روشني پوي ٿي. ملڪي ۽ سياسي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ هي مجموعا ڪم نه ٿا ڏئي سگهن، پر ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي سماجي صورت حال، مذهبي حالتن ۽ صوفياڻن لاڙن جي خبر انهن ذريعي ضرور پوي ٿي.

ايران ۾ اڄڪلهه تاريخي خط ڇاپڻ جي طرف ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اٽڪل روءِ پندرهن ويهه مجموعا منهنجي نظر مان گذريا آهن. زندهه قومون پنهنجي تاريخي اثاثي ۽ تهذيبي ورثي کي سيني سان سانڍين ٿيون. ڪاش اسان وٽ به هن قومي سرمايي جي بچاءُ جو احساس پيدا ٿئي ۽ اسين به هوش ۾ اچون ۽ تاريخي خطن جا قدم به قدم اهڙا مجموعا گڏ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ شروع ڪيون، جنهن ذريعي اسان کي تاريخ جون گم ٿيل ڪڙيون ملي وڃن ۽ دلچسپ اندروني معاملا ۽ مسئلا معلوم ٿين، جن جو اڄ تائين اسان کي علم نه ٿي سگهيو آهي.

 

منهنجو علمي ۽ فڪري سفر

 

[6 مارچ 1974ع تي تهران يونيورسٽي، راشدي صاحب مرحوم کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. هن اعزاز ملڻ تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان؛ سندن مان ۾ 14، اپريل 1974ع تي هڪ پروقار ادبي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي همعصر اديبن ۽ عالمن کين ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو. هت ان تقرير جو متن ڏجي ٿو جا پاڻ دوستن آڏو ڪيائون. هن تقرير ذريعي سندن علمي ۽ ادبي سفر تي خاص روشني پوي ٿي. جلسي جي روئداد رسالي ”مهراڻ“ نمبر 01، سال 1974ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي]

 وچ ايشيا ۾ عربي زبان کان پوءِ فارسي زبان اٺن سون ورهين تائين علم جو ذريعو رهندي آئي آهي. انهيءَ سڄي دور ۾ سنڌ جون جيڪي به تاريخون لکيون ويون آَهن، سي زياده تر فارسي زبان ۾ آهن. مون کي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۽ تصنيف ۾ انهن تاريخن کي ڏسڻو پيو. چنانچه، مون فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب ايڊٽ ڪيا، جن ۾ اڪثر سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيا. انهن ڪتابن وسيلي سنڌ ٻاهرينءَ دنيا ۾ متعارف ٿي، ڇو ته اڳ ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هوندا هئا، سي چند ماڻهن جا ڏٺل يا پڙهيل هوندا هئا. خود ايران جي محققن ۽ عالمن کي به پوري ڄاڻ نه هئي ته، سنڌ ۾ ڪيترو فارسي ادب ۽ علمي سرمايو موجود هو. حڪومت ايران فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جو قدر ڪندي مون کي دنيا جي انهن ڏهن چونڊ عالمن ۽ ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄيءَ عمر جي علمي ڪم جي اعتراف طور تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جون افتخاري ڊگريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه ايران سرڪار مون کي ٻيا به اعزاز ڏنا آهن. مثلاً: پهلوي لئبرري، جنهن جي سرپرست ايران جي راڻي آهي، تنهن جا جيڪي ڇهه امين مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو آهي. آءُ انهن مڙني مهربانين لاءِ ايران سرڪار جو شڪر گذار آهيان. پر مون جيڪو به علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو آهي، اهو بنيادي طرح علم سان حب ۽ پنهنجي وطن جي خاڪ پاڪ سان محبت جي جذبي هيٺ ڪيو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال آهي. مون کي ان ڳالهه تي خوشي ۽ فخر آهي ته مون عمر عزيز جو وڏو عرصو علمي خدمت ۾ گذاريو آهي. مولانا قاسمي مون لاءِ چيو ته آءُ ننڍي لاءِ کان روايت کان بغاوت ڪندو رهيو آهيان، ۽ سنڌي اديبن جي ذهن ۾ قوميت جو ٻج پوکيو اٿم. درحقيقت، سنڌي ادب ۾ قوم پرستيءَ جي تحريڪ جو معمار محمد ابراهيم جويو آهي. آءُ شروع کان تاريخ جو طالب علم رهيو آهيان. مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون لکيون ويون آهن، سي سنڌ جي فاتحن جي ثنا ۽ ساراهه ۾ لکيون ويون آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪم ذات ڪوٺيو ويو آهي. انهيءَ گناهه ۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مؤرخ ٻئي شامل هئا. اهي تاريخون فارسيءَ ۾ لکيون ويون، ڇاڪاڻ ته فارسي، عربي کان پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تسليمي ملي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته، سنڌي مؤرخن ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظل الله“ جي خطاب سان سڏيو.

منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هنن سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جنهن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آهي، اهو منهنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب صحيح راهه تي هلي رهيو آهي. آءُ نوجوانن کي عرض ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽ عالم لاءِ مان نه آهي، اها اڳتي وڌي نه سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي پنهنجي عالمن کي لڏائي، محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا. جڏهن ان تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته ان کي، حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻهو روزانه ڄمن ۽ مرن ٿا پر عالم روزانه پيدا ڪونه ٿا ٿين. اهي پوريءَ قوم جي ميراث آهن ۽ انهن جو تحفظ ۽ سلامتي، علم ۽ هنر جو تحفظ ۽ سلامتي آهي، جنهن کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن وانگر علمي ادارن جو پڻ احترام هڪ لازمي امر آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت بخشي آهي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا.


* ترجمو: غلام محمد لاکو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org