هن چنار جي وڏي
وڻ جي سامهون هڪ معمولي دروازي مان اسان هڪ چار
ديواريءَ جي اندر داخل ٿياسين. ننڍي اڱڻ کان پوءِ
چار فوٽ مٿي هڪ ٿلهو هو، جنهن تي ڇت هئي. کليل اڱڻ
جي وچ ۾ ڪجهه ميويدار وڻ هئا، جيڪي هر ايرانيءَ جي
گهر جي سونهن پڻ آهن.
انهيءَ ٿلهي تي
مقبرن جو اهو مجموعو آهي، جنهن ۾ خواجه بزرگ جي
قبر کان سواءِ ڪجهه سلجوقي سلاطين به مدفون آهن.
انهن سلجوقين ۾ سلطان سنجر کان بعد ملڪ شاهه سڀ
کان گهڻو نالي وارو بادشاهه ٿي گذريو آهي، ليڪن
خواجه نظام الملڪ جهڙي نامور وزير، عالم ۽ اديب جي
ڀرسان دفن ٿيو، انهيءَ ڪري سندس نالو دٻجي ويو ۽
خلق جي زبان تي ”قبر نظام“ نالو رهجي ويو. خواجه
بزرگ جي اوچتي مارجي وڃڻ جو واقعو ايترو ته وڏو
هو، جو ان کان هڪ مهينو پوءِ جڏهن ملڪ شاهه جي لاش
کي کڻي اچي هن هنڌ دفن ڪيو ويو ته، سندس مدفن کي ڪنهن به اهميت جي قابل نه سمجهيو ويو۔
خواجه نظام الملڪ جي مزار:
ٿلهي تي ايندي
ئي پهرين قبر خواجه جي اچي ٿي. مزار تي لڳل تختي
سنگ مرمر جي، ڪنارا چٽيل ۽ قرآني آيتن سان سجيل،
مٿي ڪنارن تي آيتون آهن ۽ سيرانديءَ کان گهڻن هنڌن
تان ڊٺل ڪتبو آهي جنهن جي عبارت هن طرح آهي ۽ هيئن
پڙهي وڃي ٿي:
”واصل گشت بجوار مرحمت و غفران، و
فايزشد
بغرفات جنان و روضئه رضوان، حضرت مغفرت
مآب قيام بصفت رحمة ديان.... المفاخر و افتخار
الاکابر و اعاظم الوزرا..... خواجہ..... الملک“
مون کي ڊاڪٽر
هنرفر ٻڌايو ته هي ٻين قبرن جا پٿر صفوي دور جا
ڏسجن ٿا، موجودهه عمارت ويجهڙائي واري دور جي ٺهيل
آهي.
انهيءَ قبر جي
آس پاس خواجه جي پٽ ابوبڪر عبيدالله مؤيدالملڪ جي
قبر به هئي، جنهن کي سلطان برڪيارق پنهنجو وزير بنايو ۽ پوءِ 494هه ۾ پنهنجي هٿن سان
سندس سسي اڏائي ڇڏي. هاڻي اها قبر ظاهر ناهي. مرمت
۽ زماني جي لاهن چاڙهن ۾، ٻين قبرن سان گڏ هيءَ
قبر به مٽجي وئي آهي.
مان، انهيءَ
عظيم الشان شخصيت جي تاريخي قبر جي چوڌاري هر هر
ڦريس ۽ حيرت مان پٿر جي ان نشان کي ڏسندو رهيس
جنهن جي هيٺان گمان آهي ته نظام الملڪ جهڙي عظيم
شخصيت ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي. تصويرون ڪڍيم ۽ قدم
اڳتي وڌايم.
ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي قبر:
چند قدمن جي
فاصلي تي ٻه قبرون هڪ
ٻئي سان گڏ آهن. ٻنهي جي مزار جو پٿر سنگ مرمر جو آهي. هڪ
چٽسالي ۽ آيتن سان سجيل آهي ۽ ٻي ان جي ڀيٽ ۾ گهڻي
نقش نگاريءَ سان آراسته آهي. ٻنهي تي نالا نه آهن.
گمان آهي ته جيڪا گهٽ نقش دار قبر آهي، اها سلطان
ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي آهي، جيڪو خواجه نظام الملڪ
جي شهادت کان هڪ مهينو بعد، شوال 485هه ۾ جمعي جي
ڏينهن بغداد ۾ مري ويو. ملڪ شاهه جي درٻاري شاعر
امير معزي ان واقعي تي هي شعر چيا هئا:
رفت در يک مه به فردوس برين، دستور
پير
شاه برنا، از پس او رفت، در ماه دگر
کرد ناگه قهر يزدان، عجز سلطان آشکار
قهر يزداني ببين و عجز سلطاني نگر
سلطان جو لاش
پهريان امانت طور بغداد ۾ ”شونيز“ جي قبرستان ۾
دفن ڪيو ويو، جتان سندس پٽ محمود شاهه کڻي اچي
اصفهان جي هن ”مدرسهء ملڪ شاهي“ ۾ خواجه نظام
الملڪ جي ڀرسان دفن ڪيو.
ترڪان خاتون:
ترڪان خاتون ملڪ
شاهه جي عظمت واري ملڪه هئي. جهڙو عظيم مڙس هو
اهڙي ئي هيءَ بيگم هئي. سال 487 هه ۾ مڙس جي وفات
کان تقريباً ٻه سال پوءِ اصفهان ۾، ۽ هتي ئي سلطان
جي ڀرسان دفن ٿي. قبر چئني پاسن کان چٽيل آهي. ان
تي نالو لکيل نه آهي، فقط قرآني
آيتون نقش ٿيل آهن.
سلطان برڪيارق – سلطان محمد:
هي ٻئي ملڪ شاهه جا پٽ هئا.
زندگيءَ ۾ هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جا سخت مخالف ۽ جاني
دشمن هئا، ليڪن جڏهن هي جهان ڇڏيائون ته سندن قسمت ۽ بيوسيءَ، ٻنهيءَ کي هڪ ٻئي جي ڀرسان جڳهه ڏئي ڇڏي. ملڪ
شاهه جي سيرانديءَ کان ٻه اڍائي فوٽ مٿاهينءَ تي
ٻن قبرن جا نشان آهن ۽ اهي ٻئي قبرون انهن ٻنهي
ڀائرن جون ٻڌايون وڃن ٿيون.
انهيءَ سڄي ڍڪيل
ايوان جو فرش ۽ ديوارون سائي رنگ جي ٽائيلن جون
آهن. سلطان برڪيارق جي قبر جو صندوق نما ٿلهو،
انهن ساين ٽائيلن جو ٺهيل آهي. ڪا به چٽسالي يا
ڪتبو لڳل نه آهي. روايت اها ئي آهي ته اها قبر
برڪيارق ۽ محمد جي آهي.
ٻيون قبرون:
معلوم ٿئي ٿو ته
”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ جي هيءَ ڪنڊ، جنهن ۾
پهرين نظام الملڪ کي دفن ڪيو ويو، بعد ۾ ”سرڪاري
قبرستان“ جي شڪل اختيار ڪري ويو. اصفهان سلجوقي
سلاطين جي هن شاخ جو دارالسلطنت رهيو. انهيءَ ڪري
جو سلجوق سلطان فوت ٿيو، سندس دفن گاهه به اها ئي
ڪنڊ بَني. بعد جي دورن ۾ ٻيا ماڻهو به دفن ٿيا آهن. ڪجهه قبرون
نائين ۽ ڏهين صديءَ جون به موجود آهن، جن جي
شخصيتن جي تاريخي حيثيت معلوم نه آهي. نالا ۽ سال
انهن تي لکيل آهن. اسان انهيءَ عبرت گاهه تي
تقريباً ٻه ڪلاڪ گذاريا ۽ قبرن جي پاسي بار بار
گهمندا رهياسين،
بحث ڪندا
رهياسين ۽ انهن جي قتل ۽ ظلمن جا داستان ياد ڪندا
رهياسين.
تاريخي شخصيتن جو آغاز
توڙي انجام ۽ پوءِ هيءَ ڪسمپرسي واري حالت
ڏسي، دنيا ۽ دنيا وارن جي بي ثباتي تي ملامت ڪندي
اسان چار ديواريءَ کان ٻاهر نڪري آياسين، ۽ انهيءَ
قديم چنار جي شاخن ۽ ٿڙ کي هڪ دفعو غور سان ڏسندا
موٽر ۾ سوار ٿي ”مهمان
خانهء شاه
عباس“ طرف هلياسين. موٽر هلندي رهي ۽ منهنجي ذهن ۾
خاقانيءَ جو هي شعر ڦرندو رهيو:
ملک شه، آب وآتش بود، رفت آن آب و
مرد آتش
کنون، خاکستر و خاک است مانده، در صفا هانش
سلطان ملڪ شاهه
خوش قسمت هو جو خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ٿيو
۽ ان نامور وزير، منشي ۽ مصنف جي ڪري سندس قبر اڄ
تائين قائم رهندي آَئي آهي. جيڪو پڙهيل لکيل نظام
الملڪ جي زيارت لاءِ ويندو آهي، اهو هن عظيم سلجوقي بادشاهه جي قبر کي به حيرت مان ڏسندو
آهي.
(ڪراچي 6-8-1974ع)ارت ويجهڙائي واري دور جي
ٺهيل آهي.
ن هنڌن تان ڊٺل ڪتبو آهي جنه ،دروازه لنبان“ هو. ۽
جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه اصفهان جو هڪ محلو ٿي
وئي. ۽ عالمن جي محفلن ۽ دلچسپ مجسلن جو ذڪ
فقير عبدالغفور
(سنڌي موسيقيءَ جو سينگار)
[30 جون 1978 تي، حيدرآباد ۾
پاڪستان نيشنل سينٽر، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي ۽
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان، سنڌ
جي نامور فنڪار فقير عبدالغفور سان هڪ شام ملهائي
وئي. ان محفل جو خاص مهمان وطن عزيز جو مايه ناز
عالم ۽ دانشمند پير حسام الدين راشدي صاحب هو. ان
موقعي تي پير صاحب جي ڪيل تقرير کي
روزانه
”عبرت“ 10
جولاءِ 1978ع تي شايع ڪيو]
جناب حميد
آخوند، جناب فقير عبدالغفور، جناب حسين بخش خادم ۽
معزز خواتين و حضرات.
مان خدا کي حاضر
ناظر ڄاڻي، دل جي گهراين سان اهو اظهار ٿو ڪريان،
ته اوهان مون کي اڄ سنڌ جي هنن ٻن وڏن فنڪارن جي
وچ ۾ وهاري منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي آهي. مان پاڻ کي ان اعزاز جو مستحق نه ٿو سمجهان. ان هوندي به
مان منتظمين جو نهايت ٿورائتو آهيان. حقيقت اها
آهي ته اها مٿاهين جاءِ فقط هنن ٻن فنڪارن
(عبدالغفور ۽ حسين بخش) کي سونهي ٿي، جي پنهنجي فن
جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم مقام والارين ٿا.
جيئن ممتاز مرزا
پنهنجي تقرير ۾ هينئر اسان کي ٻڌايو ته فقير
عبدالغفور پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ حيدرآباد شهر
جو ڏاڍو مڙس هو. شهر جي دادائن کان آنڪي ڇڏائيندو
هو ۽ ٽڪري هلائي نال به وصول ڪندو هو، وغيره. ته دوستو! اهو فقير عبدالعفور جي
مجاز جو زمانو هو. توهان کي خبر آهي ته مجاز کان
پوءِ حقيقت جو ڏاڪو اچي
ٿو ۽ هاڻي اسان جو فقير حقيقت جي ڏاڪي تي آهي.
فقير نال تڏهن به ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي به ڇڏائي ٿو.
اڳي پيسن جو نال ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي ”دلين“ جو نال
ڇڏائي ٿو. اڳ فقط حيدرآباد شهر تائين سندس نالو
محدود هو، پر هاڻي ان جو دائرو سنڌ ۽ سموري فضا
تائين وسيع آهي، جتي
ڪٿي سندس وڻندڙ آواز اڄ به هر ٻڌندڙ کان ”دل“ جو نال ڇڏائي
رهيو آهي.
دوستو! فقير
عبدالغفور سنڌي موسيقيءَ جي هڪ ”اسڪول“ سان تعلق
رکي ٿو، جيڪو سچل سرمست جي درگاهه مان ۽ نج سنڌي
تصوف سان وابستہ آهي. اهو سلسلو پنهنجيءَ حقيقت جي
حيثيت سان نهايت جامع، وسيع ۽ همہ گير آهي. انهيءَ
سلسلي سنڌ ۾ جيڪا روح پرور ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، سا
اسان جي سماجي زندگيءَ تي حاوي آهي. هن دور ۾
انهيءَ سلسلي جو واحد نمائندو فقير عبدالغفور ئي
اسان وٽ باقي آهي.
دوستو! فقير عبدالغفور سان شام
ملهائڻ جو اهتمام ڪري اسان پنهنجي فرض ادائي ڪئي
آهي. دراصل اسان فقير جو تمام دير سان قدر ڪيو آهي. جنهن احترام ۽ قدر شناسيءَ جو هو مستحق آهي، تمام دير سان
اسان محسوس ڪيو آهي، ڇو ته اسان سنڌي بدقسمت آهيون!
حسين بخش خادم
پنهنجيءَ تقرير ۾ شڪايت ڪئي آهي ته، اسان فنڪار مالي لحاظ کان تنگ
دستيءَ جو وقت گهاري رهيا آهيون. هن انهيءَ نقطي
تي زور ڏنو آهي ته سنڌي فنڪارن جي مالي خوشحاليءَ
طرف توجهه ڏنو وڃي. ان ڏس ۾ هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جو حوالو ڏنو آهي.
دوستو! اها
شڪايت فقط فنڪارن تائين محدود ڪانهي. اسان، جيڪي
قلم جا فنڪار آهيون، تحرير جا فنڪار آهيون اسان کي
پڻ ساڳي شڪايت آهي. اسان اديبن ۽ شاعرن جي شڪايت،
فنڪارن جي شڪايت کان مختلف ڪونهي. زماني جون
حالتون اکين اڳيان آهن. اسان سنڌي، هڪ پيڙهيل ۽
نپوڙيل قوم جا بدقسمت فرد آهيون. ان ڪري اسان کي
شڪايت کان پرهيز اختيار ڪرڻ گهرجي.
اسان کي بهرحال
پنهنجي فرض جي ادائگي ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجو
قلم وهائڻو آهي ۽ گلي مان سرن جي ورکا ڪرڻي آهي.
اسان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي. سنڌي ادب کي زندهه
رکڻو آهي، سنڌي موسيقيءَ کي برقرار رکڻو آهي، ۽ سنڌي ثقافت جي شان کي قائم ڪرڻو آهي. اها فرض ادائي اسان
تي ان حد تائين لازمي آهي، جو توڙي بک هجي، ڏک
هجي، سک هجي، اسان کي هر حال ۾ خدمت ڪرڻي آهي.
اسان کي الله تعاليٰ جيڪا صلاحيت بخشي آهي، سا غير
مشروط سنڌ جي خدمت جي خاطر بروءِ ڪار آڻڻي آهي.
سنڌ جي مانائتي فنڪار فقير عبدالغفور جي خدمت ۾،
مان سنڌ جي اديبن جي طرفان ”سلام“ ئي پيش ڪريان
ٿو، ڇو ته اسان وٽ ٻي ڪابه شئي ڪانه آهي.
دوستو! مغليه
شاهي فوجن جي مهندار مرزا عبدالرحيم خانخانان جڏهن
سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هتان جي مفتوح فرمان روا مرزا
جاني بيگ ترخان کي پاڻ سان گڏ دهليءَ وٺي ويو ۽
اڪبري درٻار ۾ پيش ڪيائين. اڪبر، سنڌ جي معزول
سلطان کي پستيءَ جي احساس ڏيارڻ خاطر اها سٽ سٽي
جو عظيم فنڪار تانسين کي وٽس موڪليائين. تانسين
جاني بيگ وٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مفتوح ۽
معزول سلطان وٽ رکيو ئي ڇا هو، جو تانسين جي قدر
داني لاءِ سندس خدمت ۾ هديو رکي! خالي هٿين جاني
بيگ، راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ ست دفعا تانسين جي
چوڌاري پاڻ کي گهوري چيو ته، ”اي عظيم فنڪار! غريب
الوطني ۾ مون وٽ ڪجهه به نه آهي، لهذا مان پاڻ کي
تو مٿان گهوري رهيو آهيان، منهنجو اهو هديو قبول
ڪر!“
سو، دوستو! اڄ
سنڌ سکڻي آهي، هٿين خالي آهي. هن وٽ ڪابه شئي ناهي
عبدالغفور کي هديي ڏيڻ لاءِ. لهذا اڄ سنڌ پاڻ کي
عبدالغفور جي مٿان گهوري رهي آهي. شال اهو جذبو
اسان جي هٿان هن فنڪار کي قبول پوي.
حميد آخوند ۽ ممتاز پنهنجين تقريرن
۾ ٻڌايو ته اسان جي نج سنڌي موسيقيءَ جا املهه سر
اسان جي نئين نسل کان وسرندا پيا وڃن ۽ باقي ڪي
ٿورا سر اسان وٽ بچيا آهن. دوستو، ان جو سبب اها
خلا آهي، جا ٻن نسلن کي منقطع ڪري رهي آهي. اسان
پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪافيون ٻڌيون، تن جا سر اڄ
ناپيد آهن. ان وقت ۽ هاڻوڪي وقت جي درميان وڏو فرق
اچي ويو آهي. تمام ٿورا سر اهڙا آهن، جي باقي آهن.
اسان تي فرض آهي ته اسان انهن سرن کي، پنهنجي عظيم ڪلاسيڪي ورثي کي بچايون، سنڀاليون ۽ محفوظ ڪريون. ائين ڪرڻ سان
ئي اسان سنڌي موسيقي کي بچائي سگهنداسون ۽ اها سنڌ
جي وڏي خدمت ٿيندي.
ڪجهه وقت ٿيو ته
حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا مون سان ملڻ آيا. مون کين ٻڌايو
ته ”بابا! زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي، ٻه سال بيماري
۾ گذاريا اٿم ۽ باقي عمر جو پتو ناهي. ڪم ڪندي عمر
گذري چڪي آهي، صحت جو حال ڏسو پيا، هاڻي ته ڪجهه
وندر ورونهن جو سامان پيدا ڪريو ۽ ڪجهه وقت روح
ريجهائجي، دل گهري ٿي ته عبدالغفور کي ٻڌجي. هنن
دوستن منهنجي خواهش جي پورائي ڪندي اڄ عبدالغفور
کي ٻڌڻ جو اهتمام ڪيو آهي، ان لاءِ مان سندن
ٿورائتو آهيان.
ان موقعي تي مان
سنڌ جي نئين نسل کي هڪ عرض ڪندس ته عبدالغفور،
خادم ۽ ٻيا ڪجهه فنڪار اسان جي نج سنڌي موسيقي جا
ٿورا نمائندا وڃي بچيا آهن. اهي فنڪار روز
روز ڪونه پيدا ٿيندا آهن، انهن جو دم غنيمت
آهي. اهي فنڪار سنڌ جو شان آهن، سنڌ جو سينگار
آهن، سنڌ جي تاريخ آهن، سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر آهن،
اهي سنڌ جي ساک ۽ وقار آهن. انهن جي
قدرداني ۽ فن شناسي اسان تي لازم آهي.
سچل سارو سچ
[24 جولاءِ 1980ع تي درازا ۾ سچل
سرمست جي عرس جي موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس ٿي،
جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي هي يادگار صدارتي
تقرير ڪئي. اها تقرير سروري پبليڪيشن هالا جي
ڪتاب ”واريءَ تي مورت“ ۽ ”سرمست“
نمبر 02، سال
1982ع ۾
ڇپيل آهي. ٻنهي ڪتابن جي تقابلي اڀياس ذريعي تقرير
جو هي متن تيار ڪيو ويو آهي]
دوستو، عزيزو، اها حقيقت آهي ته هن
درگاه تي مان پهريون دفعو حاضر ٿيو آهيان ۽ اها
منهنجي سعادت آهي، جو پنهنجي زندگيءَ ۾ مان هتي
پهچي سگهيس. مانهنجو دوست تنوير عباسي چوي ٿو ته
مان ڀرپور نموني ۾ پنهنجا معروضات پيش ڪيان. عرض
هي آهي ته وقت تمام گهڻو ٿي ويو آهي ۽ ڀرپور نموني
۾ يا مختصر نموني ۾ جيڪي گذارشون ڪرڻيون آهن، انهيءَ منجهئون
گهڻن تي ته توهان سڀ منهنجا دوست روشني وجهي ويا
آهيو. خصوصاً منهنجي دوست حامي صاحب جيڪي ڪجهه
فرمايو اُن سان مان بيحد متفق آهيان ۽ اهو ضروري
ٿو سمجهان. اسان جي قاضي علي اڪبر صاحب جو مسئلو
عشق آ ۽ جتي عشق هجي اتي بحر طويل ۽ بحر هجز جي جيڪو ويجهو آ، سو نه ايندو آ. اهو بحث ڪٿ ۽ ويچار کئون مٿي
آ، پر جن سنڌ جي فڪر ۽ ذهن کي موڙيو، جن تاريخ
پيدا ڪئي، جنهن پنهنجو مقام پيدا ڪيو، اُهي فقط ٻه
آهن: هڪڙو شاهه ۽ ٻيو سچل سرمست.
جيڪي ڪجهه مانهجا دوست هتي چئي ويا آهن، انهن سڀني شين کان سچل مٿي آهي، سچل بيحد ارفع ۽
اعليٰ آهي. مانهجي دوستن نه حلاج پڙهيو آهي، نه
عطار کي پڙهيو ٿن، نه انهن جي تعليم جو ڪو مطالعو
ڪيو اٿن. فقط سچل چئي ويو. ان جي شعر ۾ ڏٺئون. ان
کان پوءِ جو ڪو به انهن مطالعو نه ڪيو آهي. مقصد
منهنجو هي آهي ته فقط سچل جو ديوان... مانکي کل ايندي آهي، جڏهن مان اخبارن ۾ پڙهندو آهيان ته
”شاعر هفت زبان.“ بابا شاعر هفت زبان جو مطلب ڇا
آهي؟ اڄ يورپ جون ڇوڪريون ويهين ۽ پنجويهين ورهين
جون، سورهن زبانون ڄاڻن ٿيون پيون ۽ ان ۾ لکن ٿيون
پيون. هفت زبان ڪا
به شئي دنيا ۾ اڄ نه ٿيندي آ. تنهن کان پوءِ سچل سواءِ سنڌي
زبان جي باقي جيڪي ڪجهه چيو اُهو خام آهي. تنهن
ڪري هن کي ”هفت زبان“ چئي ان جي مقام کي توهان هيٺ
ٿا ڪيو. اسان جي ڊاڪٽر شميل آ، جنهن سچل تي به
لکيو آ ۽ شاهه تي به. سورنهن زبانون ڄاڻي ٿي پئي ۽
سورنهن ۾ ئي لکي ٿي، جنهن جو مطلب اهو آ ڇا ته
ڊاڪٽر شميل سچل سرمست کان مٿي آ. سچل ستن زبانن ۾
چوي يا سترهن زبانن ۾، سچل جو مقام جيڪو آهي، سو
انهن سڀني کان بالا آهي. هن جو ڪنٽريبيوشن فقط اهو
فڪر آ، اهو فلسفو آ، اهو پيغام آ، جيڪو هن ڏنو آ
پنهنجي ڪلام ۾. انهيءَ کي ئي اسان کي سوچڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ کپي. مون
کي معلوم آ، توڻي جو مان هتي ڪڏهن حاضري نه ڏني آ. ليڪن مون
کي معلوم آ، ته
پاڪستان کان اڳ ۾ هيءَ درگاهه روشن هئي. هن تي
ٻارنهن ئي مهينا منڊل متو پيو هوندو هو. سڀني
مذهبن، سڀني عقيدن، سڀني فرقن جا ماڻهو هتي سجدو
ڪندا هئا. هر هندوءَ ۽ مسلمان جي گهر سخي قبول
محمد جي تصوير لڳل هوندي هئي. اهو ڇا هو؟
هاڻي مان هتي
مزار ڏٺي آهي نماڻي فقير جي، جيڪا هندو مائي هئي.
جنهن سچل سرمست جو رسالو هندستان ۾ مرتب ڪيو.
اتئون لاش کڻايو اٿئين ۽ هتي پاڻ پورايو اٿئين.
اهو ڇاهي؟ اهو ڪهڙو فلسفو، اها ڪهڙي شئي ۽ ڪشش
هئي، جنهن نماڻي فقير کي هتي دفن ڪرايو؟
جيسين ايهو
فلسفو، جنهن نماڻي فقير کي دفن ڪرايو آ، اهو اسان
جي سنڌ جو فلسفو زندهه آهي، ۽ انهين جي پيغام کي توهان زندهه رکيو آ، تيسين هي ياد رکو ته سنڌ زنده
آهي.
سنڌ جي افاديت ۽ سنڌ جو مختلف هجڻ
ٻين جي مقابلي ۾، اهو فقط انهن شين ۽ علامتن منجهئون معلوم ٿئي ٿو پيو. سنڌ کي پنهنجو مخصوص هڪڙو پيغام آ. سنڌ کي هڪڙو فڪر عطا ٿيو. جيسين اها شئي
توهان کي حاصل نه ٿي آ، انهين کي نه سوچيو ۽
سمجهيو ۽ انهين کي فروغ يا انهين کي نه پکيڙيو
آهي، تيسين توهان جو فرض ۽ توهان تي جيڪي وطن جي
طرفان ۽ پنهنجي اديبن ۽ شاعرن جي طرفون ۽ هن
درگاهه جي طرفون جيڪي فرائض عائد ٿين ٿا سي پورا
ڪين ٿا ٿين. توهان جو فرض آ. توهان ماڻهو اديب
آهيو. توهان پڙهيل آهيو. هن دور جا مهندار آهيو.
توهان جو فرض آ ته جيڪي ضرورتون ادب جون آهن. جيڪي
توهان جا اسان جا بزرگ چئي ويا آهن. انهن سڀني جو
شرح، ان جو استحڪام توهان ڪيو. ائين ته نه ڪرڻ کپي
ته ڪجهه وقت تي اچي پهتئو ۽ چار لفظ ڳالهايو. تنهن
کان پوءِ ختم ٿيو قصو.
مون کي معلوم
آهه ته سچل سرمست جو رسالو ايڊٽ ڪونه ٿيو آ. تصحيح
بلڪل ڪانهي ڪا. غلط آ جيڪو رسالو مرحوم انصاريءَ
جو ڇپيو. يا جنهن جو ٻيو ايڊيشن هاڻي محمد ابراهيم
جويي ڇپيو. اهو سؤ فيصد غلط آ. سرائڪيءَ ۾ جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ مولوي محمد صادق کان رسالو ڇپرايو
سو ڀي جعلي آ. حامي صاحب جيڪي چئي ٿو سو بلڪل صحيح
آ. عشق جو مسئلو الڳ آ، ته عشق ۾ ڪا
به شئي نظر نه
ايندي آ. صحيح ۽ غلط جي ڪا به پروڙ عشق ۾ ڪانه
ايندي آ. اهو مقام ارفع ئون اعليٰ آهي. ليڪن
جيڪڏهن حقيقتون اسان کي ڏسڻيون آهن ۽ جيڪڏهن واقعي
ڪنهن مقام کي واقعي ڪنهن پڙهلين ڪڙهلين جي محفل ۾، ۽ مجلس ۾ سچل کي متعارف ڪرائڻو آ
ته فقط ”هفت زبان شاعر“ چئي اسان کي متعارف نه
ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اها ڪابه ڪريڊٽ ڪانهي ڪا.
اسان کي هن جي تعليم، هن جون جيڪي شاعري جون خوبيون آهن
يا جيڪو فلسفو آ. عطار ڇا هو؟ حلاج ڇا آهي؟ اهي سڀ
هڪڙا پيغام آهن. اهي فلسفا هن. اهي دائمي قيامت
تائين رهندڙ پيغام آهن. سچل اسان وٽ انهن جو شرح
آ. ۽ سچل مان سمجهان ٿو ته ڪيترين ڳالهين ۾ اسان
جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان تمام گهڻو مٿي آ. هن
لحاظ کان مٿي آ ته شاهه پنهنجو پيغام فقط پاڻ
تائين محدود رکي ٿو ۽ پاڻ ئي ان جو شارح ۽ پاڻ ئي
ان تي تڪميل ٿئي ٿي پئي. ليڪن سچل پنهنجي زماني
کئون وٺي ويندي اڄ تائين ۽ مون کي يقين آ ته هن
کان پوءِ به جيڪو سنڌي شاعري ڪندو اهو سچل جي
پيغام کي اڳتي وڌائيندو. توهان جا ڪنڊڙي وارا،
بيدل، بيڪس، ٻڍڙو فقير، فتح پور وارا، يعني ڪهڙو شاعر آهي، سچل کان پوءِ جيڪو سچل جي تابع نه آهي،
سچل جي فلسفي ۽ فڪر کي هن پنهنجو نه ڪيو آ.
تنهن ڪري منهنجا
دوستو! خبر ناهي ته پاڻ ملون يا نه ملون، مان
توهان کي اهو ئي عرض ڪندس، مانهنجو پنهنجو تجربو
اهو آهي ته سچل تمام وڏو شاعر آهي. سچل جي لاءِ
توهان کي – شاهه تي – ڀي ڪو ڪم ڪونه ٿيو آ. پر هن
جو ڪم از ڪم هڪڙي ايڊيشن جو هڪڙو حصو مرحوم
گربخشاڻي اهڙو اسان کي ڏئي ويو آ، جنهن تي اسان
انحصار ڪري سگهون ٿا. يقين ڪري سگهون ٿا. انهيءَ
کي مستند اسان چئي سگهون ٿا پيا. ليڪن سچل مرحوم
جو ڪو به ايڊيشن، ڪوبه حصو، ڪو به جزو صحيح ڪونهي ڪو. تنهن ڪري
سنڌي
ادبي بورڊ جو چيئرمين هجي يا اسان جي سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هجي. بهرحال انهن سڀني جي خدمت ۾، انهن تي منصبي فرض آ، جن جن عهدن
تي اهي آهن انهن جو فرض آهي ته اهي شيون جيڪي قومي
آهن ۽ جيڪي شيون لازمي آهن ۽ هن وقت جي تقاضا آهن،
انهن کي پورو ڪن. اُهو ڪم هو ختم
ڪرائين.
مان نهايت اڪير
۽ نهايت محبت سان هن سرزمين ۾ حاضر ٿيو هئس، مون
کي اهو چيو ويو ته هتئون جو ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ميمڻ
صاحب، انهين ۾ ذوق شوق وٺي ٿو پيو، هن جي نسبت، هو
پاڻ اهل قلم ٿي رهيو آ، رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو
آ. انهين نسبت سان مان هتي آيس. نه ته هونءَ ڪهين
به ڊپٽي ڪمشنر يا ڪمشنرن جي فرمان ۽ حڪم تي آءُ نه
ايندو آهيان. پر مان ڏٺم ته هي مانهنجو ڪنهن زماني
۾ هم قلم سنگتي هو. جيڪڏهن هو ڪم ڪرڻ گهري ٿو ته
خيرپور ۾، هڪڙي ڦٽل درگاهه کي وري آباد ڪرڻ گهري
ٿو پيو ۽ هڪڙو پيغام جيڪو وسري ويو آ ماڻهن کئون،
۽ ممڪن آ جيڪڏهن اهو تساهل ۽ ايهو ويسارو رهيو ته
گهڻي حد تائين انهيءَ پيغام کي نقصان پهچڻ جو
انديشو آهي ۽ ياد رکي ڇڏيو
ته
جيڪڏهن سچل جي پيغام کي ۽ فڪر کي ۽ فلسفي کي نقصان پهتو ته اهو انسان ذات جو
هاڃو آهي، اهو انسان ذات جو نقصان آ، سچل معنيٰ
انسان ذات آ. سچل سڄو اسلام آ. جيڪڏهن اسلام
سلامتيءَ جو مذهب آ، جيڪڏهن ان ۾ انسان جي واسطي
امن ۽ سلامتي ۽ راحت ۽ يڪسانيت آ ته اهو سچل جو
مذهب آ ۽ اهو اسلام آهي.
تنهن ڪري منهنجا
دوستو! مان هتئون جي نوجوان ۽ زنده دل ڊپٽي ڪمشنر
کي عرض ڪندس ته جناب عالي ڪيترا ڊپٽي ڪمشنر آيا ۽
ويا. توهان کنئون پوءِ ايندا ۽ ويندا. هميشہ جيڪي
ڪم ماڻهو يادگار طور ڪري ويندو آ، اهو ئي ياد
رهندو آ، ماڻهو اچڻا وڃڻا آهن. اچن ٿا وڃن ٿا اها
ڪا به وڏي شئي ڪانهي ڪا. اسان وٽ حيدرآباد ۾ نياز
مرحوم فوت ٿي ويو. ليڪن اسٽيڊيم ٺهرائي ويو. ٻيا
ڪم ڪري ويو. اهي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. اسان جو
ڊاڪٽر رضي الدين صديقي ڪنهن زماني ۾ اتي هيو،
وائيس چانسلر. سنڌالاجي توهان کي ڏئي ويو ٺاهي. اڄ
اها ياد اسان کي اچي ٿي پئي. تنهن ڪري منهنجا دوست
توهان ممڪن آ ته هتي گهڻو وقت رهو. خدا ڪري گهڻو
وقت رهو. پر صبحاڻي ويندوءَ به هليا. توهان کي
محسوس ٿيڻ کپي ته هتي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي.
توهان به محسوس ڪيو هوندو، مان ڀي محسوس ڪيو. هي مانهنجو وطن آهي. هن وقت سينٽر جيڪو آهي اسان جي سنڌ
جو سو حيدرآباد اتفاق سان ٿي ويو آهي. تنهن ڪري
سڄي علمي، ادبي ۽ جيڪا به طباعتي ايڪٽوٽي اسان جي
آ، يا جيڪو عمل سو انهين طرف ٿئي ٿو پيو، ۽ هتي هي
جيڪو اپر سنڌ آ سو سڄو ويران ٿي چڪو آ، ثقافتي
لحاظ سان، ۽ اپر سنڌ اسان جي ادب ۽ اسان جي ڪلچر ۽
اسان جي سياست ۽ اسان جي ٻين اقتصادي مسئلن ۾ وڏي
۾ وڏو پارٽ پلي ڪيو آهي، تنهن ڪري هتئون جو ويران
ٿيڻ ۽ نابود ٿيڻ سمجهان ٿو پيو ته سنڌ جي بربادي
آهي.
تنهن ڪري توهان کي، مانهنجو عرض
اهو ئي آهي ته خيرپور ۾ توهان کي اڪيڊمي ٺاهڻ کپي،
۽ اها انهين بنياد تي ٺاهڻ کپي، جنهن ساڻ تعلق
اوهان جي ريڊيو اسٽيشن جو به هجي ۽ توهان وٽ مان
ٻڌو آ ته يونيورسٽي به ٺهي آ، يونيورسٽي جاتي
هوندي آ اتي علم جو مرڪز هوندو آ. اها ڳالهه الڳ آ
ته اسان جي حيدرآباد واري يونيورسٽي بدعمليءَ ۽
جهالت جو مرڪز ٿي پئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، پر
يونيورسٽيءَ جو وجود علم جو دليل ٿيندو آهي.
تنهن ڪري توهان وٽ يونيورسٽي آهي، انهين کي ڀي فعال بڻايو. جاتي يونيورسٽي ۽
ريڊيو اسٽيشن هجي اُتي ڇو نه محفلون ۽ مجلسون ٿين،
ڇو نه علم وڌي، ڇو نه شاعر پيدا ٿين. ڇو نه
نوجوانن ۾ هڪ قسم جي جان ۽ زندگي پيدا ٿئي، ۽ تنهن
کان پوءِ خدا توهان کي وڏي قوت ڏني آ. اقتدار
توهان جي هٿ ۾ آهي، عمل توهان جي هٿ ۾ آهي. مان
سمجهان ٿو جيڪڏهن توهان کان ٻيو ڪونه ڪو، تڏهن به قدرت
پڇا ڪندي ته توهان ڇا ڪيو خيرپور ۾، ۽ توهان تي ايهو،
ايمانداريءَ ساڻ ٿو مان چوان ته بِلا ڪنهن هن... جي ته توهان تي فرض آهي. هن لحاظ
کان ته توهان پاڻ لَکندڙ ٿي رهيا آهيو ۽ اوهان کي
قدر هوندو ۽ توهان کي محسوس ڪرڻ کپي ته لکندڙن جي
تقاضا ڇا ٿيندي آهي. هنن جون خواهشون ڇا ٿينديون
آهن، هنن جي تعريف ڇا آهي، انهي نسبت ۽ انهيءَ
رعايت ۽ انهيءَ لحاظ سان توهان
کي مان عرض ڪندس.
گهڻو وقت ٿي چڪو آهي تنهن ڪري
زيادهه تفصيل ۾ مانکي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي ڪا.
توهان گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪا آهيو. بهرحال سچل تي ڪم
ٿيڻ جي ضرورت آهي. سچل سان متعلق جيڪي به
شاعر هتان جا رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن وقت
اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي به تحقيق اسان کي
ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هيءَ به هڪڙي شخصيت آهي،
جنهن جو تعلق آهي سچل جي درگاهه سان. مطلب هي آهي
ته، انهن سڀني تي تحقيق ٿيڻ کپي، ٿيسزون اچڻ کپن.
انهن جا ديوان. توهان کي هڪڙو يقين ٿو ڏياري ڇڏيان
ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ جان نه پوندي، هڪڙو دفعو جيڪا
شيءِ مري چڪي هجي يا مري ٿي وڃي انهن ۾، وري مئل کي
مڙهه کي مکڻ لائڻ سان به ساهه نه ٿيندو. تنهن ڪري اهو
نه ٿي سگهندو. تنهن ڪري توهان کي، نئين سر هتي
مقامي حالتن کي مد نظر رکندي....
مان سکر کان وٺي
ويندي خيرپور تائين بي انتها کجين جا باغ ڏٺا آهن،
۽ انهن ۾ ايترو ڦر ڏٺو اٿم جو جيڪڏهن کجيءَ جي هڪ
وڻ تي توهان هڪ هڪ رپيو عشر ۽ خمس جيڪڏهن ۽ ٻيو ڇا
آهي؟ زڪوات، ته توهان هڪڙو ٽيون به پنهنجي هي ڪيو.
آخر جڏهن ته اهو اسلام ايتريقدر وڌي هليو آهي ته
توهان به هڪڙي کجيءَ جي هڪڙي وڻ تي جيڪڏهن هڪڙو
رپيو رکو ته مان ڀانيان ٿو سڀئي توهان جون علمي
ضرورتون جيڪي آهن، سي پوريون ٿي سگهن ٿيون پيون، ۽ ياد رکو ته هڪ هڪ ڏينهن جيڪو اسان جو، اسان سڀ وڃڻ وارا آهيون، عمريون
اسان جون اچي پوري ٻني تي لڳيون آهن. نئون نسل
پيدا ٿي رهيو آهي، هتي ٻن نسلن جو آهي، هڪڙو وڃي
رهيو آهي، ٻيو اچي رهيو آهي. هن وقت بي
انتها ضروري آهي ته توهان هر مسئلي ۾ الرٽ رهو ۽
هر شئي کي توهان پنهنجو ڪري ۽ انهين کي وڌايو.
خيرپور توهان کي معلوم هجڻ کپي ته
سنڌ جي سياست بلڪ هندستان جي سياست ۾ نمايان حيثيت
رکي ٿي. هتان جا وزير، هتان جا امير تشڪيل ڏيندا
هئا سنڌ جي سياست کي. هندستان جي سياست کي. توهان
اسان جي ڪتابن ۾، منهنجي ڀاءَ جي ڪتابن ۾، شيخ عبدالقادر جون يا ٻين وزيرن
جون يا ٽالپرن جون ڪيفيتون پڙهيون هونديون، سڄو
توهان جو سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، سنڌ جو بمبئي کان
جدا ٿيڻ، مسلم ليگ، هي سڀ تحريڪون، انهن جي
رهنمائي خيرپور ڪئي آهي. ادبي تحريڪون، توهان کي تعجب لڳندو
ته
”دين الاهي“ جي تحريڪ به هتان ئي هلي هئي. مولوي محمد صادق مرحوم اسان جي
مير علي نواز جي لاءِ تيار ڪيو هو قصو ايهو.
بهرحال اهي سڀ شئي ۽ عشق جو ته وڏي ۾ وڏو مرڪز
خيرپور رهي آهي. سچل سرمست، مرحومه بالي، علي نواز
ناز. اهي سڀ شيون اُهي هن جيڪي سنگ ميل هن اوهان جي ڪلچر ۽ تهذيب جو. توهان انهن
کي وساري نه ٿا سگهو پيا، يا جيڪڏهن توهان گهرو ٿا
پيا ته انهن سڀني کي پاسي ڪري ۽ تنهن کان پوءِ
توهان ڪا حيثيت ۽ شخصيت قائم رکو ته مطلقاً نه.
قومن جي وطن جي شهرن جي شخصيت چند اصولن ۽ چند
بنيادن تي انحصار رکي ٿي پئي، ۽ اهي اُهي بنياد
آهن جيڪي اسان جي تهذيب اسان جي تمدن ۽ اسان جي
ڪلچر جا آهن، ۽ توهان جنهن صورت ۾ حڪومت جا
نمائندا آهيو ۽ ظاهر ته اسان جا ڀي، ته توهان تي
فرض اهو آهي ته توهان مهرباني ڪري هتي سوسائٽي،
اڪيڊمي قائم ڪريو ۽ انهي ۾ پروگرام رٿيو. جيڪي جيڪي ضرورتون آهن، جن جن شاعرن تي توهان کي تحقيق
ڪرائڻي آهي. ۽ ديوان مان سمجهان ٿو يا ڪلام جيڪو
آهي. اسان جي دوست شڪايت ڪئي ته ڪونهي ڪو، آهي
ماڻهن وٽ موجود آهي، ڳولها ۽ جڏهن ضرورت ٿئي ٿي ته
اها هر شئي خدا ميسر ڪري ڏئي ٿو پيو ۽ اهي سڀ شيون
ملي سگهن ٿيون پيون. آخر جنهن وقت گربخشاڻي مرحوم
خدا جنت نصيب ان کي ڪري، مان ڀانيان ٿو پيو مولوين
جي اعتقاد مطابق گربخشاڻي کي بهشت نه ملندو، ڇاڪاڻ
ته هندو هو پر مان سمجهان ٿو پيو ته قطعاً اسان
سڀني کئون اڳ ۾ بهشت ۾ هليو ويندو. ممڪن آهي ته
مولانا قاسميءَ کان به اڳ ۾ هليو وڃي!
ته مطلب هي آ
منهنجو ته جڏهن مرحوم گربخشاڻيءَ ڪم شروع ڪيو هو
شاهه جو، تڏهن به هن کي ڪا خبر ڪانه ٿي پئي ته
ڪيترا رسالا شاهه جا آهن؟ انهي وقت پنج ڇهه لڌا.
اڄ ٽيهه، پنجٽيهه نسخا لڌا
هن شاهه جا ۽ ايترا گهڻا هن، جو اسان جي پڙهيلن لکيلن کي هاڻ ايترو عقل نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئن سموهي سگهن، ڪيئن انهن
جي تصحيح ڪن. تنهن ڪري اسان وٽ مواد جي ڪمي ڪانهي
ڪا ۽ مان سمجهان ٿو جذبو ۽ شوق به آهي پر انهي شوق
۽ جذبي کي چئنلائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي
لاءِ مان توهان کي گذارش ٿو ڪيان پيو. انهين پراڻي نسبت جي ڪري جيڪا لکندڙ جي حيثيت ۾ توهان کي
حاصل رهي آ، ۽ اهو وڏو اعزاز آ، ورنه بحيثيت ڊپٽي
ڪمشنر جي ته ڪيترا ايندا ۽ ڪيترا ويندا.
بهرحال توهان تي حق ۽ فرض آ، هن
سرزمين جو به ۽ هونءَ سنڌ جو به، ته توهان ڪجهه
هتي جيترو وقت آهيو، ڪجهه ڪيو، ۽ هتي پڙهيل لکيل
ماڻهو ڀي تمام گهڻا آهن، پيسي وارا ڀي آهن، خود
ٽالپر جيڪي هن رياست جا مالڪ ٿي رهيا آهن، انهن وٽ
پيسو جام آ، تنهن ڪري پيسي جي ڳڻتي توهان کي نه
هجڻ کپي ۽ پيسو ملي سگهي ٿو پيو. همت ڪري، خدا تي توڪل
رکي، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندؤ انشاءَالله ڪاميابي
ٿيندي. ممڪن آهي توهان ۽ اسان پوءِ ههڙي ڪچهريءَ ۾
نه ملي سگهون، پر مانهنجون اهي توهان کي گذارشون
آهن، ۽ مان توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان. مايوس توهان جي حالتن کي ڏسي ضرور
ٿيڻو ٿو پوي.
مطلب هي آهي ته
خدا ڪندو ملندا رهنداسين، ميڙا ٿيندا رهندا، پر
بهرحال هر ملاقات کي هميشہ مسلمان کي گهرجي ته
آخري ملاقات سمجهي. ممڪن آ پوءِ وري ملي يا نه ملي. تنهن ڪري گذارش اها ئي آ، جيڪي مان
توهان کي عرض ڪيا آهن، ته تنوير عباسي يا اسان جي
ٻين دوستن تي ڀي، پر مان سمجهان ٿو پيو ته توهان
جي هٿ ۾ اختيار ۽ اقتدار آهي، توهان چئن ٻين کي
سڏي جيڪڏهن انهي محفل جي تشڪيل ڪندؤ، ڪوبه انڪار
ڪونه ٿيندو، ۽ مان سمجهان پيو ته جيڪو اوهان
سيمينار شايد ڪرڻ ٿا گهرو پيا، سيپٽمبر يا آڪٽوبر
۾. انهي اڪيڊمي تيار ڪرڻ کان پوءِ انهين سيمينار
کي توهان گهرايو. توهان هتان جي وائيس چانسلر کي
به جنجهوڙيو. آخر يونيورسٽي آ، آخر پنهنجي زندگيءَ جو ثبوت ڇو نه ٿي ڏي اڃا؟ حيدرآباد جي جيڪا اسان جي يونيورسٽي آهي، انهي جو خدا ڪري ڪنهن کي مثال نه
بڻجڻ گهرجي. انهي جي تقليد ڪا به يونيورسٽي نه ڪري. هن کي توهان
جدا لائينس تي هلايو، ۽ يونيورسٽي ۾ به جان وجهو،
۽ توهان جيترو وقت رهو ته معلوم ٿئي ته هتڙي
نوجوان رهي ٿو پيو.
انهن لفظن سان، مان توهان سڀني جو شڪريو ادا ڪيان ٿو پيو، ۽ ايمانداريءَ جي ڳالهه ته مان
پنهنجي سعادت سمجهان ٿو جو هن سرزمين تي توهان
مانکي گهرايو، مانکي هن درگاهه جي زيارت ڪرائي
آهي، اهو مانهنجي لاءِ وڏو اعزاز ۽ سعادت آهي. خدا
توهان سڀني کي خوش رکي، الله توهان کي خوش رکي.
|