سنڌي ٻوليءَ ۾
حُب رسول
]راشدي
صاحب جو هي مضمون، اردو اخبار ”حريت“ ۾ 04، نومبر
1972ع تي ڇپيو هو. مترجم آزاد قاضيءَ، مضمون لکجڻ
جي پس منظر ۽ پيش منظر تي احسن طريقي سان، روشني
وڌي آهي. مضمون جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ ۾،
نمبر 3-2، سال 2015ع واري پرچي ۾ نروار ٿيو آهي[
]سنڌي
ٻوليءَ مٿان وقت به وقت مختلف حوالن سان گهڻ رُخا
حملا ٿيندا پي رهيا آهن. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو
وائيس چانسلر باڪمال شخصيت سائين غلام مصطفيٰ شاهه
هو. يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي باوقار ميمبرن ۾ پير
حسام الدين راشديءَ جهڙو نامور عالم پڻ شامل هو.
پير صاحب جي ئي ڪوشش سان، يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ
فيصلو ڪيو هو ته ”يونيورسٽيءَ جي اندر لکپڙهه،
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي ويندي.“ ان ڳالهه تان وڏو ممڻ
مچي ويو هو. ڪيترن ئي ماڻهن بيان ڏنا ۽ مضمون
لکيا، جن ۾ ڪيترن ئي ٻين حوالن سان گڏ ديني ادب
واري حوالي سان به سنڌي ٻوليءَ کي غريب ڏيکارڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي. ايتري قدر جو اهو پڻ لکيو ويو ته
سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جو به ڪو تفسير ڪونهي. ائين
معلوم ٿئي ٿو ته پير صاحب، هي مضمون ان صورت حال
کي نظر ۾ رکندي لکيو هو، جيڪو اخبار روزانه حريت
ڪراچي 04، نومبر 1972ع تي شايع ڪيو هو. سنڌيڪار[.
سنڌ جيئن ئي اسلامي جهنڊي جي پاڇي هيٺ آئي، هتان
جا ماڻهو حضور نبي ڪريم (صلي الله عليہ وآلہ وسلم)
جي ذات گرامي ۽ سندن آندل تعليم کان واقفڪار ٿيڻ
شروع ٿي ويا ۽ تمام تيزيءَ سان اسلام جي روح تائين
پهچي ويا(1).
اسلام قبول ڪرڻ سان ئي سنڌي ماڻهن جي مدينه طيبه
طرف آمد شروع ٿي وئي هئي. تعلقات جي شروعات ٿيندي
ئي سنڌ جي ماڻهن ان دين (اسلام) کي پنهنجو ڪري
ورتو ۽ ان ۾ درڪ پيدا ڪيو. ڪيترين اهڙين شين ۾
انهن سبقت حاصل ڪئي ۽ اوليت وارو شرف حاصل ڪري،
عالمِ اسلام ۾ پاڻ لاءِ هڪ خاص نوعيت جو مرتبو ۽
امتياز پيدا ڪري ورتو.
قرآن مجيد جو پهريون ترجمو هتي ٿيو(2)، ۽ دين جي
رُڪنن ۽ عقيدن بابت پهريون ڪتاب هن سرزمين تي لکيو
ويو(3). حديث جو پهريون مجموعو هتي مرتب ٿيو(4)، ۽
حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خطن کي
پڻ مجموعي واري صورت هن سرزمين تي ڏني وئي(5).
مطلب ته ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ اسلامي رنگ ۾ رڱجي
وئي.
نئون دين هو، امنگون تازيون ۽ ولولو، نقطهء عروج
تي پهتل هو، ان ڪري هتان جي بزرگن، دين جي رُڪنن
سان گڏ، دين آڻيندڙ جي شخصيت کي پڻ پنهنجي محبت ۽
عقيدت جو مرڪزي نقطو ٺاهي، ان جي چؤگرد هڪڙو حلقو
۽ دائرو جوڙي ورتو ۽ ان جي حرارت ۽ روشنيءَ ۾
پنهنجون زندگيون گذارڻ شروع ڪيون.
ڪيئي خاندان ترڪ وطن ڪري مديني طيبه هليا ويا ۽
آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خواب گاهه
جي چوگرد وڃي اجها اڏيائون ۽ هر گهڙي هر پلڪ
پنهنجي ديني رهبر، خدا جي رسول، قرآن پاڪ ۽ روضي
اقدس جي ديدار سان پنهنجي اکين کي پُرنور (ڪندا)،
۽ دل کي سُرور بخشيندا رهيا. رسول جي محبوب شخصيت،
انهن عاشقن جي دلين جي دنيا تبديل ڪري ڇڏي هئي.
پاڻ نه رڳو پهريون ڀيرو انسانن کي هڪ ٻئي سان محبت
ڪرڻ جو سبق ڏنائون، بلڪه سندن ئي ذات گرامي هئي،
جنهن هن دنيا ۾ رهندڙن کي پهريون ڀيرو مهرو محبت
وارن اهڃاڻن کان عملي طرح آشنا ڪيو. انهن لفظن جي
معنيٰ ۽ مفهوم کي ذهن نشين ڪرائي، ذهن جي انڌيرن ۽
دلين جي اونداهين کي بغض و حسد ۽ عناد واري
اونداهي دنيا مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ وٺي آيو هو. پاڻ
دنيا جي واحد پهرين ۽ آخري شخصيت آهن، جن سان سندن
امت جي محبت، عشق ۽ پيار جنون واري درجي تائين
پهتل آهي. ’مسلمان‘ دين جي فرضن ۾ ته ڪوتاهي ڪري
سگهي ٿو، ممڪن آهي ته دين جي روح سان به کيس پوري
طرح شناسائي نه هجي، پر سندن ذات مبارڪ لاءِ جيڪا
شگفتگي ڏسجي ٿي، ان ۾ گهٽتائي يا ڪوتاهي ڪڏهن به
برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ پنهنجي غلامانه وابستگيءَ
۾ ڪڏهن به غفلت نه ٿو ڪري سگهي. بلڪه سدائين سندن
ناموس تان نثار ٿيڻ لاءِ هر وقت سر گهورڻ تائين
تيار رهندو آهي. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي نبيءَ کي نصيب
۾ ڪانه آئي. ان شگفتگي ۽ تعلق سبب، جيڪو حضور صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات مبارڪ سان هو، سندن
تعليم ۽ سيرت کان وڌيڪ واقف ٿيڻ لاءِ، سنڌ جا
ماڻهو سيرت ۽ حديث طرف پنهنجو پاڻ راغب ٿي ويا.
اهوئي ڪارڻ هو جو حديث ۽ سيرت سڀ کان اڳ سنڌين جي
وسيلي ئي برصغير ۾ پهتي. سڄي برصغير ۾ روايتن جو
ڪوبه اهڙو سلسلو ڪونهي، جنهن جون اڪيچار ڪڙيون
سنڌي محدثن سان نه ملنديون هجن. ابو طيب سنڌي(6)،
ابوالحسن(7)، ابوالحسن صغير(8)، قاضي عبدالله
محدث(9)، محمد حيات(10)، ۽ محدث محمد قائم(11)،
وغيره ان ڊگهي سلسلي جون چند ڪڙيون آهن، جن هن خطي
۾ حديث ۽ سيرت کي آندو، بلڪه پنهنجون عمريون حضور
ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي جوار مبارڪ ۾
گوڏو ڀڃي، حديث جو درس ڏيندي گذاري ڇڏيون، بلڪه
مرڻ کان پوءِ به حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم
(جن) جي ئي قدمن ۾ فنا ٿيڻ کي ترجيح ڏني. حضور صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن سان بي انتها محبت، سيرت
جي گهري مطالعي ۽ حديث واري شڪل ۾ ارشادات گرامي
سان لڳاءَ، جيڪا تڙپ سنڌ وارن جي دلين ۾ پيدا ڪري
ڇڏي هئي، ان نه رڳو نثر ۾ سندن ذات بابرڪات بابت
ڪتابن لکڻ واري تحريڪ پيدا ڪئي. بلڪه جيئن ته هتي
معاملو عشق ۽ شگفتگيءَ وارو هو ان ڪري ان پنهنجي
اظهار لاءِ نظم کي پڻ اظهار جو ذريعو اختيار ڪري
ورتو.
نثر ۾ لکيل ڪتاب آخري دور تائين بين الاقوامي شهرت
حاصل ڪندا رهيا آهن، مثال طور مخدوم محمد معين
ٺٽويءَ جو ”دراسات اللبيب“(12)، ۽ مخدوم محمد هاشم
جو ”بذل القوة“(13)، ٻارهين صدي هجريءَ جا مستند ۽
مشهور ڪتاب آهن. آخري ڪتاب رسالت مآب جي 23 سالن
واري زندگيءَ جي ڏينهن رات، گهڙيءَ گهڙيءَ جو
تاريخ وار روزنامچه آهي، جيڪو سيرت نگاريءَ جي
سلسلي ۾ هڪڙو ڪرشمو آهي(14).
اهڙي طرح سنڌ ۾ نظم جون ڪيئي صنفون حضور صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي مدح ۽ ثنا ۾ ايجاد ڪيون ويون
آهن، ڪن قبيلن ته، پنهنجي قبيلي کي رسول جي مدح
لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو قبيلي جو نالو،
ان حوالي سان مشهور ٿي ويو، مدح چوندڙ قبيلن مان،
هڪڙي قبيلي جو نالو ’ڀان‘ آهي، جيڪو پاڻ کي ڪعب بن
زهير(15)، جي اولاد مان سمجهي ٿو، ۽ ان مان مشهور
نعتيه قصيدي ”بانت سعاد“ واري نسبت سان بان- ڀان
سڏرائيندو آهي.
سنڌي لغتن ۾ عرب جي مشهور نعت گو شاعرن جا نالا
ڏنا ويا آهن، جنهن منجهان، ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ جا
شاعر پنهنجي نبيءَ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي
محبت ۾ عربيءَ جا نعتيه قصيدا پڙهندا هئا. شاعر
صدرالدين(16)، جي نعت ۾ ’ڪعب بن زهير‘ جو نالو ان
ريت اچي ٿو:
’ڪر قبوليت ڪعب جيئن، ڪو قصيدو ڪم ذات جو‘.
(اي منهنجا حضور، ڪعب جي قصيدي وانگر، منهنجي به
ڪنهن قصيدي کي شرف قبول عطا فرماءِ)
ان نعت ۾ ’لبيد‘ کي پڻ ياد ڪيو ويو آهي.
تنهن لنگهي لاڳُ لبيد جان
ڏني خزاني دل خواه مان
(مون ڪمينيءَ کي به لبيد وانگر انعام سان نواز ۽
سرفراز فرماءِ)
سنڌي شاعريءَ ۾ نج مدح رسول لاءِ اٺ شعري صنفون
ايجاد ٿيون ۽ استعمال ڪيون ويون آهن.
1.
مناجات:
هن صنف ۾ چوڻ وارو پنهنجي لاچاري، هيڻائي ۽
ضرورتون، مشڪل ڪشائي ۽ حاجت روائيءَ لاءِ درخواست
ڪندو آهي(17).
2.
مداح:
اها دراصل مدح آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ مداح چيو
ويندو آهي. هن صنف ۾ فقط تعريف ۽ حضور صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جون وصفون بيان ڪيون وينديون
آهن.
3.
مولود:
هيءَ صنف هونئن ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن جي ولادت وارو ڏينهن ملهائيندي ڳائي ويندي آهي.
پر سنڌ ۾ ان کي سڄو سال ڳاتو ويندو آهي. ان ۾ مدح
وارا مضمون هوندا آهن، هر تعريف جو عنوان هوندو
آهي ۽ سيرت واري حُسن جا سڀ ئي پاسا بيان ڪيا
ويندا آهن. شادي مرادي يا خوشيءَ جهڙن ٻين موقعن
تي ناچ گانن بجاءِ مولود ڳايا ويندا آهن.
چند ماڻهن جي هڪڙي ٽولي سُريلي آواز ۾ مولود
ڳائيندي آهي. جن کي مولود چوڻ ۾ وڏي مهارت هوندي
آهي. انهن جا ڌار ڌار پنهنجا پنهنجا حلقا هوندا
آهن. اهي شخص مولودي سڏيا ويندا آهن، ۽ هر هنڌ
گهرايا ويندا آهن(18).
4.
مناقبا:
اهو مناقب واري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن ۾
حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان گڏوگڏ سندس
اصحابي سڳورن جي تعريف ۽ خاص طور تي خلفاءِ راشدين
جون وصفون بيان ڪيون وينديون آهن. حضور صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن لاءِ ڌار ۽ خلفاءِ راشدين لاءِ
ڌار مناقبا لکيا ويندا آهن(19).
5.
معجزا:
هن صنف ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڏانهن
جيڪي معجزا منسوب آهن اُهي بيان ڪيا ويندا آهن.
مجموعي طور معجزا ان بيان ۾ هوندا آهن ۽ هر هڪ
معجزي تي ڌار قصيدو به چيو ويندو آهي. مثلاً: شق
القمر، جابر انصاري-زيد ڪافر، زهر هاڻو گوشت، انڌو
يهودي، اٺ جو قصو، هرڻيءَ وارو معجزو، مطلب ته
حضور جن جي ذات (مبارڪ) سان جيترا به معجزا مشهور
۽ منسوب آهن انهن مان ڪوبه نه ڇڏيو ويو آهي(20).
6.
نڙ جا بيت:
اهو دوهي جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ ٻن ٽن يا چئن
لاڳيتن مصرعن ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي
تعريف ۽ سندن شخصيت سان پنهنجي وابستگيءَ کي
والهاڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. اندازِ بيان
واري لحاظ سان، اها صنف نهايت پاڪيزه ۽ نهايت
متاثر ڪرڻ واري آهي. هڪڙو ماڻهو نڙ وڄائيندو آهي.
ٻيو ان جي لئه تي بيت ڳائيندو آهي. ان کي سنڌيءَ ۾
نڙ چيو ويندو آهي. ان ڪري انهن دوهن کي اهو نالو
ڏنو ويو آهي.
ان صنف جا بيت سنڌي ادب ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود
آهن. ٻوليءَ ۽ لفظن جو انهن ۾ بي بها خزانو موجود
آهي. مقامي استعارا، تشبيهون ۽ چوڻيون حيرت ناڪ حد
تائين استعمال ٿيون آهن(21).
7.
ڏور جا بيت:
اهو به دوهي جو ئي هڪ قسم آهي، جيڪو ٻن ٽن چئن
پنجن مصراعن تي مبني آهي. ان ۾ رمز رکي ويندي آهي.
اها معمي جي شڪل آهي ۽ فقط حضور جن لاءِ مخصوص
آهي. سندن ڪابه وصف يا سيرت پاڪ جي ڪنهن واقعي کي
رمز يا معمي واري شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. گرمين
۾ چانڊوڪيءَ وارين شگفته ۽ خوشگوار راتين ۾، جڏهن
ڪو سوچ سمجهه وارو مهمان ڳوٺ ۾ اچي ويندو آهي ته
اوطاق ۾ گڏجي ماڻهو اهي بيت پڙهندا آهن(22).
8.
لولي:
مائرون ٻارن کي رات جو لوليون ڏئي سمهارينديون
آهن، پر اها لولي بي معنيٰ ناهي هوندي. پر لوريون
جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’لولي‘ چئبو آهي، اها مدح يا
مناجات تي مشتمل هوندي آهي. سمجهه وارن ٻارن کي
معجزي واري لولي ٻڌائي ويندي آهي. اهي لوليون
عورتن جي تصنيف هونديون آهن. انهن ۾ ڏاڍو سوز ۽
جذبو هوندو آهي. لفظ نهايت نازڪ ۽ انهن ۾ ٻولي
خالص گهريلو استعمال ڪئي ويندي آهي(23).
عربي ۾ ڪعب بن زهير جو قصيدو، لاثاني آهي. فارسيءَ
۾ قدسي مشهدي(24) جي مدحيه نعت کي غير معمولي شهرت
حاصل آهي، ۽ تقريباً مڙني مشرقي ٻولين ۾ ان تي
تضمينون چيون ويون آهن. اردو ۾ محسن ڪاڪوروي(25)،
جي نعتيه قصيدي کي ٻوليءَ جي صفائيءَ ۽ بندش جي
بنياد تي هڪڙو خاص مرتبو حاصل آهي. اهڙي طرح
سنڌيءَ ۾ ڪجهه قصيدن کي لافاني شهرت حاصل آهي.
مثلاً: سنڌ جي فرمان روا سرفراز خان(26)، جي چيل
مدح:
”ڀلا ڄام هن غلام سندو، سوال سُڻج تون.“
(اي منهنجا اعليٰ مرتبت، اعليٰ صفت آقا، پنهنجي هن
ادنيٰ غلام جي التجا ته ٻڌو)
اهڙي طرح شاعر صاحب ڏني(27)، جي مدح:
”اغثني يا سيدا، رس يا رسول الله تون“
هن ذهني خلفشار واري دور ۾ ته نه ٿو چئي سگهجي، پر
25-30 سال اڳ تائين، سنڌ جي هر مرد عورت کي اهو
قصيدو بر زبان ياد هوندو هو. وڏڙيون ڪراڙيون
عورتون رات جو سمهڻ وقت ڪابه مدح دعا طور پڙهي
(پوءِ) سمهنديون هيون، ۽ مرد صبح جو ڪلام مجيد جي
تلاوت کان پوءِ انهن مداحن کي دعا طور پڙهي ڇڏيندا
هئا. اهو روز جو معمول ۽ مشغلو هوندو هو. مٿي ذڪر
ڪيل صنفن جو رواج ستين صدي هجريءَ کان معلوم ٿئي
ٿو.
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا ۽ ڪجهه شعر
پڻ ملن ٿا، پر مڪمل نظم يا مسلسل مواد ڏهين ۽
يارهين صدي هجري کان پوءِ ملي ٿو.
ماضي قريب ۾ ثنائي(28) ۽ مولانا غلام رسول(29)،
مقبول ترين مدح گو شاعر ٿي گذريا آهن. جن جا مدح ۽
مولود 25 سال اڳ تائين سڄي سنڌ ۾ گونجي رهيا هئا.
مطلب ته سنڌ ۾ اسان کي ڪو هڪ به اهڙو شاعر نه ٿو
ملي، جنهن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات
گرامي سان لڳاءَ ۽ لاڳاپي واري بنياد تي دل جي
گهرائيءَ سان نعتيه شعر چئي پنهنجي غلامانه لاڳاپي
جواظهار نه ڪيو هجي. اهو ئي سبب آهي جو نظم ۾
رسالت ماب جي مدح جون ڪيتريون ئي صنفون موجود آهن.
حواشي از سنڌيڪار:
(1) سنڌ جي ماڻهن جا عرب دنيا سان قديم ترين زماني
کان تعلقات هلندا پي آيا. انهن تعلقات جو سلسلو
رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي دور تائين
نمايان نظر اچي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ اها ڳالهه وڏي وثوق
سان چئي سگهجي ٿي ته، حضور صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جي ظهور ٿيڻ ۽ عرب دنيا ۾ اصلاح آڻڻ واري
عمل دوران سنڌي ماڻهو پڻ ان ماحول ۾ موجود هئا، ۽
ٿي سگهي ٿو ته انهن سنڌين منجهان ڪن رسول مقبول
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سچائي ۽ ايمانداريءَ
وارين صفتن جي مدنظر اسلامي پرچار وارن ابتدائي
ايامن ۾ به کين ساٿ ڏنو هجي.
اهڙي ريت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سلسلي ۾ رسالت مآب
جي حوالي سان ڪيئي حوالا ملن ٿا. انهن قديم لاڳاپن
۽ ويجهن واسطن سبب سنڌ جي ماڻهن عربن سان مٽيون
مائٽيون به ڪيون، جن جو پڻ ڊگهو تفصيل آهي. (سنڌ،
عربن جي نظر ۾، مهراڻ 2/1980ع).
(2) قرآن پاڪ جو اهو ترجمو راجا مهروڪ بن رائق جي
ڏينهن ۾ منصوره جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز
جي حڪم سان هڪ عراقي عالم ڪيو، جيڪو سنڌي زبان جو
وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو.
(3) دين جي رُڪنن ۽ عقيدن بابت مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جو لکيل ڪتاب ”فرائض الاسلام“ چيو وڃي ٿو،
جيڪو مخدوم صاحب 1171هه ۾ لکيو هو. ان ڪتاب ۾
مخدوم صاحب 1262 فرض ڪتب آندا آهن، انهن مان ڪن جو
فرض هجڻ قرآن مجيد مان ته ڪن جو متواتر حديثن مان،
ڪي وري مجتهدن جي بيان مان ثابت ڪيل آهن. ”هن
رسالي ۾ اهي فرض درج ڪيا آهن، جيڪي حضرت امام اعظم
ابوحنيفه جي مذهب ۾ فرض آهن“ (قادري، 2002ع، ص
342).
(4) حديث جي ميدان ۾ امام اوزاعي، ابومعشر سندي،
ابوبڪر، احمد بن سندي، اسلم بن سندي، ابو ابراهيم،
اسماعيل بن عيسيٰ بن فرح سندي، ابو نصر سندي، ابو
عبدالله، ابوجعفر بن ابراهيم ديبلي، محمد حيات
السندي ۽ ٻين جا سوين ڪتاب لکيل آهن.
(5) رسول مقبول
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي خطن مبارڪن کي ديبل جي هڪ سنڌي عالم مرتب ڪيو
هو.
(6)
ابوطيب سنڌي:
ابوالطيب محمد بن عبدالقادر حنفي سنڌي مدنيءَ،
مديني منوره ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس تعلق ٻارهين
صدي هجريءَ جي محدثن سان آهي (اسحاق، 1976ع، ص
283).
(7)
ابوالحسن ڪبير ٺٽوي:
جنهن دور جو پير صاحب ذڪر ڪيو آهي ان دور يعني
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر ”ابوالحسن“ واري
ڪنيت سان چار بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن مان ٽي
ابوالحسن ٺٽي شهر جا رهاڪو هئا ۽ چوٿين ابوالحسن
جو تعلق نواب شاهه ضلعي سان هو. انهن مان هڪڙي
بزرگ يعني ابوالحسن صغير جو پير صاحب ڌار ذڪر ڪيو
آهي، ان ڪري ٻئي ذڪر ڪيل ابوالحسن جو اشارو
ابوالحسن ڪبير طرف آهي، جيڪو ابوالحسن ڪبير محدث
مدني طور مشهور آهي. ٺٽي کان مديني منوره ڏانهن
هجرت ڪري ويو ۽ اتي جي ڪيئي مشهور عالمن کان وڌيڪ
علم پرايائين، حرم نبوي ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيائين. هن
اڪثر مشهور عالم پيدا ڪيا. هن جا لکيل ڪتاب اسلامي
دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. محدث ابوالحسن جي وفات
1139هجري ۾ مدينه منوره ۾ ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون
آهي“ (قاسمي، 1997ع، ص 389).
(8)
ابوالحسن صغير:
هن کي وڏي ابوالحسن کان ڌار سڃاڻپ ڏيڻ خاطر ’صغير‘
سڏيو ويو. هن جو اصلي نالو غلام حسين ابن مخدوم
ميان صادق نقشبندي آهي. محمد حيات سنڌيءَ کان علم
پرايائين. هي اصل ٺٽي جو هو، اُتان هجرت ڪري مديني
منوره هليو ويو. محدث محمد حيات سنڌيءَ جي وفات
کان پوءِ ان جي جاءِ تي حديث جو درس ڏيندو رهيو ۽
ڪيترن برگزيده عالمن جو استاد آهي… ڪيترا علمي
ڪتاب پڻ تصنيف فرمايا اٿس… هن بزرگ محدث جي وفات
مدينه منوره اندر ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون ٿيو
(قاسمي، 1997ع، ص 390).
(9)
عبدالله محدث:
تحفة الڪرام جي صاحب درٻيلي جي قاضي عبدالله جو
ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، ”هن علم مخدوم عبدالعزيز
ابهريءَ جي خدمت مان سکيو هو، پورو پورو متقي ۽
پرهيزگار هو. سنه 934هه ۾ گجرات ۽ اتان مديني
ڏانهن هليو ويو ۽ هميشه لاءِ اتي رهي سڪونت اختيار
ڪري گذاري ويو (قانع، 1976ع، ص 360).
(10)
مخدوم محمد حيات سنڌي:
هيءُ بزرگ ذات جو چاچڙ، سندس پيءُ جو نالو ابراهيم
عرف ڦلاريو، عادلپور لڳ گهوٽڪي اُتر سنڌ ۾ ڄائو.
سنڌ ۾ ابتدائي علم حاصل ڪري، علم جي طلب ۾ مديني
شريف وڃي نڪتو. اتي سنڌ جي ٺٽوي محدث ابوالحسن
ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي تڪميل ڪيائين. پنهنجي
استاد ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ
تي مسجد نبويءَ ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي ويٺو.
(قادري، 2002ع، 191)
ڪيترن ئي تصنيفن جي مصنف هن سنڌي محدث، 26
صفرالمظفر 1163هه ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت
البقيع ۾ دفن ٿيو.
(11)
مخدوم محمد قائم سنڌي مدني:
پنهنجي دور جو نالي وارو بزرگ هو. مخدوم رحمت الله
جو شاگرد هو. علم ۾ مخدوم محمد هاشم جي مدِ مقابل
هوندو هو. ”هر روز ٽپهريءَ جي وقت حديث نبوي عليہ
الصلواة والسلام جو بيان ڪندو هو ۽ ڪيترن توفيق جي
صاحبن کي سلوڪ جي واٽ جي هدايت ڏيندو هو. سن
1145هه ۾ هڪڙو دفعو حج تي وڃي خير سان واپس آيو،
وري ٻيو دفعو اهليه سميت وڃي اتي رهي پيو ۽ انهيءَ
برڪت ڀريي هنڌ حديث جي درس ۾ سڀني عالمن ۾ مشهور
ٿيو. سن 1157هه ۾ گذاري ويو“ (قادري، 2002ع، ص
189)
(12)
دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة بالحبيب:
نالي ڪتاب 455+56+55+107=674
صفحن تي مشتمل جديد ٽائيپ ۾، تصحيح ٿيل سنڌي ادبي
بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو هو.
(13)
بذل القوة في حوادث سني النبوة:
مخدوم صاحب جو سيرت پاڪ بابت هي نرالي نوعيت وارو
ڪتاب، مخدوم امير احمد عباسي کهڙائي سن 1966ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان مرتب ڪري شايع ڪيو
هو. متن 307 صفحا، عربي مقدمو، فهرست، انڊيڪس ۽
تعليقات 331 صفحا، جملي 638 صفحا آهي“ (قادري،
2002ع، ص 327).
(14) هن ڪتاب جي اهميت بابت مخدوم امير احمد لکي
ٿو، ”هيءُ مختصر ڪتاب آهي جنهن ۾ انهن واقعن جو
تاريخي ترتيب سان ذڪر آهي، جيڪي نبي ڪريم صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جي ٽيويهه ساله نبوت واري زندگيءَ
۽ دور ۾ واقع ٿيا، يعني 13 سالن جو مڪي زندگيءَ
وارو دور ۽ 10 سالن جي مدني زندگي واري دور جا
حالات، واقعا ۽ غزوات، سرايا يا جنگيون. ڪتاب لکڻ
جي شروعات 5 ذوالحج 1166هه تي ٿي، ۽ پڄاڻي 4
صفرالمظفر 1168هه جي ڏينهن ٿي (قادري، 2002ع، ص
328).
(15)
ڪعب بن زهير:
عربي نعتيه شاعريءَ جو وڏو نالو، ڏکڻ يمن جو رهاڪو
هو. پهريائين پاڻ سڳورن جي مخالفت ۾ شعر چوندو هو،
انهيءَ ڪري سندس لاءِ رسول مقبول جو حڪم هو ته جتي
نظر اچي ته کيس قتل ڪيو وڃي. مڪي جي فتح کان پوءِ
جڏهن رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي
عفوو درگذر جو چرچو چوڌاري ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن هو به
اخلاق نبويءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو. هڪ
رات رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جڏهن مدينه
منوره جي مسجد ۾ هئا ته ڪعب اچانڪ ڏاچيءَ تي چڙهي
اچي پهتو، ۽ آواز ڏنائين ته مان ڪعب بن زهير آهيان
۽ مشرف به اسلام ٿيڻ آيو آهيان. حضور اڪرم صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن ڏاڍا خوش ٿيا. ڪعب رسول جي
شان ۾ پنهنجو قصيدو پيش ڪيو. …ڪعب جو اهو قصيدو
’بانت سُعادُ‘ نالي سان مشهور آهي. (فتحپوري،
1974ع، ص 30).
(16)
صدرالدين چارڻ:
سندس پيءُ جو نالو مهرل فقير، ويٺل ڳوٺ فتحپور
ضلعو دادو، ميرن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي.
رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شان ۾
چيل سندس هڪ مدح ملي آهي.
(17) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پهريون
ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ آهي، ان ۾ آيل مواد
1958ع تائين گڏ ٿيل آهي. ان ۾ ئي سنڌ جي مختلف
شاعرن جون مداحون ۽ مناجاتون گڏ ڪيل آهن.
(18) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو چوٿون
ڪتاب ”مولود“ مرتب ٿيل آهي. ان ۾ آيل مواد 1958ع
تائين گڏ ٿيل آهي، ان ۾ سنڌ جي 186 شاعرن جا 782
مولود آيل آهن.
(19) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو ٻيو ڪتاب
”مناقبا“ آهي، ان ۾ آيل مواد 1958ع تائين گڏ ٿيل
آهي، 388 صفحن واري ان ڪتاب ۾ 73 مناقبا شامل ڪيا
ويا آهن. حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي
ڄمڻ وارا ڇهه مناقبا ته مختلف شاعرن جا چيل آهن،
جڏهن ته معراج بابت چئن مختلف شاعرن جا مناقبا آيل
آهن.
(20) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو ٽيون
ڪتاب ”معجزا“ آهي. ان ۾ آيل مواد جولاءِ 1958ع
تائين گڏ ڪيل آهي. ان ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن جا
معجزن بابت 65 طويل شعر چيل آهن. انهن مان سنڌ ۾
مشهور هرڻيءَ وارو معجزو، ته يارهن شاعرن جو چيل
آهي ۽ بادشاهه پير رحه جو ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو
معجزو پنجن مختلف شاعرن جو چيل آهي. اهي معجزا اڄ
تائين بيان ٿيندا ۽ ورجائبا اچن ٿا.
(21) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو اڻويهون
ڪتاب ”نڙ جا بيت“ آهي. سنڌ ۾ سانوڻ فقير جا نڙ بيت
مشهور آهن. هن ڪتاب ۾ سانوڻ فقير ۽ سندس ساٿيارن
جا 54 طويل نڙ بيت ڏنل آهن، جن مان ارڙهن طويل بيت
سڌي طرح حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم،
اوليائن جي معجزن ۽ صفت ساراهه بابت چيل آهن.
(22) سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پندرهون
ڪتاب ”ڏور“ آهي. هي ڪتاب چئن ڀاڱن تي هن ريت مشتمل
آهي: ڀاڱو پهريون، سوا لک (حضرت آدم کان نبي صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جي ڄمڻ تائين) ڀاڱو ٻيو،
پنجتن (نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ اصحاب
سڳورا، ڀاڱو ٽيون، وليت (اولياء سڳورا)، ۽ ڀاڱو
چوٿون، قدرت (ڌڻي سڳوري جي قدرت جا معجزا. ڪتاب
”ڏور“ ساڍا ست سؤ صفحن تي پکڙيل آهي.
(23) اهڙيون لوليون هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ڳوٺن
وستين واهڻن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهي. افسوس جو
لوڪ ادب اسڪيم جو ان عنوان هيٺ ڪو ڪتاب جُڙي ڪونه
سگهيو آهي.
(24) قدسي مشهدي: حاجي محمد جان قدسي 1646ع
۾ وفات ڪئي. سندس نعتيه ڪلام عشق رسول جي نهايت
لطيف، پراُثر ۽ پرڪشش مضمونن سان پُر آهي (ميمڻ،
1980ع، ص 70).
(25) محسن ڪاڪوروي: ٻارهين صديءَ جو بزرگ
محمد محسن ڪاڪوري علائقي ۾ پيدا ٿيو. ان نسبت سان
ڪاڪوروي سڏيو ويو. سندس تصنيفن ۾ صبح نجله،
نگارستان الفت ۽ خزانه رحمت شامل آهن. 1905ع ۾
وفات ڪيائين، ”هي اردو جو پهريون شاعر آهي جنهن
نعت گوئي کي سنجيدگيءَ سان مستقل فن وارو درجو ڏنو
۽ ايترو ته مٿاهين مقام تي کڻي ويو، جنهن کان مٿي
کڻي وڃڻ ٻين لاءِ سولو نه هو“ (فتحپوري، 1974ع، ص
56).
(26) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فرزند، سنڌ
جو حڪمران، سندس شهادت 1775ع ۾ ٿي.
(27) ملا صاحبڏنو: ويٺل شڪارپور 1843ع ۾
وفات ڪري ويو.
(28) ثنائي: مولوي ثناءَ الله ثنائي، ولادت 1895ع،
ويٺل ڳوٺ ’کوهارا‘ ضلع لاڙڪاڻو، وفات 1977ع.
(29) مولانا غلام رسول: ذات جتوئي ويٺل ڳوٺ محراب
پور، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جو، سندس وفات
1957ع ۾ ٿي.
ببليوگرافي
سنڌي
(1) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مناقبا، 1960ع، سنڌي
ادبي بورڊ، ڪراچي حيدرآباد.
(2) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مداحون ۽ مناجاتون،
1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد.
(3) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، مولود، 1961ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد.
(4) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، معجزا، 1960ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد.
(5) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ڏور، 1970ع، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد.
(6) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، نڙ جا بيت، 1969ع، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد.
(7) قادري، عبدالرسول، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي،
سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، 2002ع، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو.
(8) قاسمي، غلام مصطفيٰ، مقالات قاسمي، 1997ع،
نفيس پرنٽنگ پريس، حيدرآباد.
(9) قانع، علي شير، تحفة الڪرام، 1957ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڪراچي.
(10) گرامي، غلام محمد، سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ، سه
ماهي مهراڻ 4/1976ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
(11) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌ عربن جي نظر ۾، سه
ماهي مهراڻ 2/1980ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
(12) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري،
1980ع، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو.
اردو
(13)
اسحاق، محمد ڈاکٹر، علم حدیث میں پاک و ہند کا حصہ،
1976ء، ادارہ ثقافت اسلامیہ لاہور۔
(14) فتحپوری، فرمان ڈاکٹر، اردو کی نعتیہ شاعری،
1974ء، آئینہ ادب چوک مینار انار کلی لاہور۔
(15) ندوی، سید سلیمان، عرب و ہند کے تعلقات،
1976ء کریم سنز پبلشرز، کراچی. |