سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :9

گوارا.

مئڪدي ۾ رات ڇا ديدار تنهنجو عام ٿيو؟

زاهدن جي جبهّ و دستار جو نيلام ٿيو.

ياد آهي محفلِ وارفتگي ساقي! مگر،

ڪجهه خبر ناهي ڪڏهن گردش ۾ مئي جو جام ٿيو

”ڪافرِ عشقم مسلماني مرا درڪار نيست“،

تنهنجي پوڄا توکي سجدا منهنجي لئه اسلام ٿيو،

جذبهء جوشِ جنون کان آه! ايڏي بيرخي،

راهِ الفت ۾ جنون، عقل خرد جو نام ٿيو،

قرب جي شب هوش پنهنجا گم ڪري ويهي رهيس،

بيخودي مستيءَ جو مون لئه قرب ڀي پيغام ٿيو

روز و شب تنهنجي تجلّي کان علاوه ناهه ڪجهه،

صبح تنهنجو رخ ٿيو، زلفن جو نالو شام ٿيو

حوصلي جي سربلندي، شهه بلندين کي ڏني،

عرش اعظم صرف هڪڙي منهنجي وک جو گام ٿيو.

عرض کان نڪتي وڃي’شاهين‘ گهڻو پرتي مگر،

راهه ۾ آهي مہ و انجم جو حائل دام ٿيو.

جان بهار آيو، بهارون نثار ٿيون،

صد حمد بيقرار دليون قرار ٿيون.

رندن ڏي آيو آهي، هلي پاڻ مئڪدو،

رندانه مستيون ڪي وڌي باده خوار ٿيون.

بلبل کي چهڪندو ڏسي گلشن ۾ خوش تمام،

غنچن جون اڄ دليون به ٽڙي لاله راز ٿيون.

 

پنهنجي صنم جا صحن تي پنهنجي ڏسي قدم.

ويران جهوپڙيون گلِ رشڪِ بهار ٿيون.

ساقي کي مرڪي ڏيندو ڏسي آب آتشين،

”ڏي جام“ جون صدائون جوان بار بار ٿيون.

اڄ حسن و عشق ۾ نه رهيو آهي فرق ڪو،

ٿيو حسن، عشق، جنهن جون وفائون شعار ٿيون.

پيغام پهتو قرب جو قيلِ هلالِ عيد،

عيدن کان پهرين عيدون اچي ساز گار ٿيون.

قلقل مان آئي جو ندا، قُم قُم ٿي اذنِ حق،

خوابيده ڌڙڪنون به اٿي نغمه بار ٿيون.

تڪميل ٿي بهارِ گلستان آرزو،

’شاهين‘ تي وفا جون عطائون هزار ٿيون.

ڪو پيار جو وعدو ئي ملي نامِ محبت،

آغاز جو اقرار آ انجامِ محبت.

دک درد الم رنج و محسن زخم، ڪراهون،

ڇا ڇا نه مليو پيار انعام محبت.

ڪجهه داغ مليا دل کي اٿم زخم جگر کي،

ڪا آه رڪيل لب تي ٿي اڪرام محبت.

هر رشتو ڇڄي، دنيا ڇڏي، پنهنجا ڇڄڻ ٿا،

ڇڄڻو نه ڪڏهن آهي مگر دامِ محبت.

دنيا کان ڪري بند اکيون اڳتي وڌي هل،

تو ڏي پيو اچي ڏس هو وڌيو گامِ محبت.

سر لاهي ۽ ساقي جي اڳيان نقد رکيوسين،

اي ڪاش ملي هاڻ ئي ڪو جام محبت.

سر صبح سان پنهنجو تون نذرِ صنم ڪر،

’شاهين‘ ڪڏهن ايندي نه پوءِ سامِ محبّت.

قطعات

(1)

هٿ وڌائي ڏي سڪرائي ڏي،

ڏي مگر ساقي ڪجهه وڌائي ڏي،

ننگِ ساقي گري آهي اي دوست:

ظرف منهنجو ته آزمائي ڏي 

 (2)

هڪ ڀيري ويس ڪعبي، بتخانو  نظر آيو،

بتخانو ڦري ٻيهر، پئمانو نظر آيو،

وک جلدي کنيم، ’شاهين‘ نظرن سان وڌي پيتم،

جو ساقي نظر آيو، مئخانو نظر آيو

(3)

ڪجهه ته چئو اي دوست وئي ڪيڏاهن اها تنهنجي جواني،

هر قدم تي هو فسون تنهنجو، ڪڏهن سحرِ بياني،

حسن تي ڇانيا اٿئي اڄ ڇو هي آثار  قديم،

تلخ ٿي هاڻي لڳي هئي جا ڪڏهن شيرين تراني.

  (4)

تنهنجي دنيا تنهنجي آهي منهنجي منزل ناهه دوست،

تنهنجي الفت مان وفا حاصل نه ٿيڻي آهه دوست،

وقت جو مرهم چڙهيو هٿ آهه ڏاڍو لاجواب،

توکي ’شاهين‘جو وسارڻ هاڻ مشڪل ناهه دوست.

*

رباعيات

(1)

آلام فراق کي هي دعوت  ڇو آ؟

ڪجهه ناهه ته پوءِ اها بري گت ڇو آ؟

هر شعر دکيل آ ڄڻ جهنم ’شاهين“،

هي دوزخِ انتظار فرقت ڇو آ؟

 

(2)

هڪ سوز جي آبشار تنهنجا اشعار،

لاوا يا ڪ سيلِ نار تنهنجا اشعار؛

هم شعله بڻي برق جيان ساڙين ٿا،

اف دوزخ انتظار تنهنجا اشعار،

نيون طرزون

ترائيل

صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،

 ڪجهه تڙپ، مان نه ٿيو آهي، نڪي ٿيندو ڪڏهن.

ڪا گهڙي نيٺ ملي ويندي محبت جي ڪري،

صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري.

ڇا تون تڙپين ٿي دل! پستيءَ همت جي ڪري،

عشق حاصل ٿيندو پر هوندي هي همت به جڏهن،

صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري.

ڪجهه تڙپ مان نه ٿيو آهي نڪي ٿيندو ڪڏهن.

سانيٽ

ڇو  سرِ راهه صنم تو سان شنا سائي ٿي،

هوش پنهنجي کي وڃائي سدا ديواني رهَيس،

غم رهيا مون سان لڳي، پاڻ کان بيگاني رهيس،

تنهنجي الفت جي ڪري پيار جي رسوائي ٿي.

ٿي حقيقت به زماني ۾ فسانو منهنجي،

سايهء زلف صنم کان جو تهي دست رهيس،

يادءِ ماضي کي دمِ زهر ڪري مست رهيس،

ڇو وفا آهي جفا جو ٿي نشانو منهنجي

لذتِ ديد کان محروم نگاهون آهن،

ٻيو نه ڪجهه باقي رهيو آهه هن ويرانيءَ ۾،

ياد جا صحرا اٿم دل جي صنمخاني ۾،

هجر جي دنيا جون پر درد فائون آهن،

ٿي به دل شاد ڪڏهن هاڻ به برباد اٿم

روز و شب تڙپي گذاري ٿي جواني منهنجي،

نيٺ اشڪن سان لکي ويندي ڪهاڻي منهنجي،

توڪري قول نه پاريا سي قسم ياد اٿم،

ٿيا نه جي اشڪ روان آندي انهن طغياني،

ڪجهه رهي ڪين ڪا ’شاهين“ بجز ويراني.

مثنوي

مثنوي صد آه

اي حسن ساٿي! طلب منهنجي تون محبوب تون،

زندگي جي جان تون ۽ طالب و مطلوب تون،

تنهنجي قدمن ۾ اچي حاصل ڪئي مون زندگي،

زندگي کي وئي ملي رونق، ملي تابندگي،

روز و شب گذريا اٿم تنهنجي حسين آغوش ۾،

بي خودي ۾ ڪجهه گذر ٿيا، ڪجهه گذر ٿيا هوش ۾

آهين تون اهڙو صنم جنهن تان فدا ارض و سما،

ڇا ڪري توکي سڏيان؟ ماهِ منور؟ لقا!

ٿيو بهانو روز و شب جو گردشِ ليل و نهار،

درحقيقت تنهنجو قدقو آهي عالم جي بهار.

تنهنجي دم سان لاله و گل، موسم گل کي بقا،

نگهتِ گل عنبرين تنهنجي نفس ڪئي دلربا.

حسنِ اخلاق وفا تو وٽ رسيو معراج تي،

ڪين سهڻو آهي، ٻيو جو پهچي تنهنجي گرد کي.

تنهنجي هستي تان ٿين باغ ۾ بستان نثار،

منهنجي اميدن جو تون سرسبز آهين لاله زار.

غيرتِ ماهِ منور تنهنجو چهرو اي حبيب،

حسن يوسف دست بسته تو اڳيان گويا نقيب.

تنهنجي مدحت ۾ رهي ٿو هر نفس ۽ وار وار،

شاهِ خوبان! ماهِ ڪامل تنهنجي آڏو داغدار.

ٿو ڪرين پٿر جگر کي هڪ ادا سان رام تون،

طائرِ دل لئه قفس تون اي صنم ۽ دام تون.

دلفريبي، دل ڪشي جو اهڙو تون آهين قفس،

قيد ۾ جنهن جي رهڻ لئه تڙپي ٿو مرغِ نفس.

حسنِ عشق جو ناز جو تون شان منهنجا دل نشين،

نقشِ پا تنهنجا ڏسي سجدا ڪيا منهنجي جبين.

عڪس حسنِ روز آول صنعتِ پاڪِ جمال،

صانعِ قدرت جو توتي ختم ٿيو آهي ڪمال.

چال تنهنجي نغمه گر جي لئي آ جنهن تي دل نثار،

تنهنجي قيامت جي اڳيان آهي قيامت شرمسار.

مست ٿي توتي ملاحت، صدقي ٿيو گذار،

محوِ حيرت ناز تي تنهنجي ٿيو خود آهه ناز.

پيار سان توکي عطا قدرت ڪئي سرشار دل،

عشق ٿو واجهائي تو لئه اچ اچي دلدار مل.

ساغر و مينا کي خمرِ  چشم کان مستي ملي،

۽ تبسم کي ڏسي تنهنجي، ڪلي دل جي کلي.

تنهنجي برق چشم جامارا ڏسي اي، جان جان،

برق ٿي بيخود پڪاريو العياذ الامان.

چشم آهوئي ختن کي ڪا مجال و تاب ناهه،

غرقِ حيرت تنهنجي نيڻن خود ڪيو صنّاح آهه.

مستيء ڪيفِ نظر مخمور ميخانو ڪيو،

چشم جي گرمي سندءِ چُور پيمانو ڪيو.

هو نشو نيڻن جو جنهن ۾ ميڪدا رقصان ٿيا،

هو ش و هستي ۽ خودي عقل و خرد حيران ٿيا.

جامِ چشمِ احمرين تنهنجو، خُم و ساغر شڪن.

لڙ کڙائن، تنهنجا گر مئڪش قدم زاهد ڏسن.

 

تيرِ چشم ناز تنهنجي کي ڏني دعوت جگر،

فخر ٿئي جنهن  وار تي، اهڙو وري ڪو وار ڪو.

سرخيء عارض تي پئي تنهنجي، شفق جي ڇا نظر،

شرم کان ٿي سرخ ويو آهي رخِ شام و سحر.

هي فلڪ جو حسن، هي رنگين ۽ روشن شفق،

آهي تنهنجي پرتو رخسارِ رنگين جي رمق.

لال لب مرڪي کُلن، لعل و گهُر قربان ٿين،

صاحب دل کان کسي دلڙي وٺن، جي ٻئي ملن.

خَم ٿئي، رفتار ۾ ٿو تنهنجي شاهانه وقار،

تنهنجي آڏو هر وجاهت ٿي اچي  سجده گذار.

تنهنجي ئي گفتار سان برسات ٿي نغمات جي،

خوش گلو قمري کي آهي تات تنهنجي تات جي.

تنهنجي ئي شيرينيء گفتار ٿي حورون فدا،

تنهنجي ئي آواز، موسيقي ۾ آندي آ جلا.

جامعَ  حسن و ادا تون، آهين تون بيمثل يار،

مون ٻڌي آ غوش ۾ تنهنجي، محبت جي پڪار.

عشق، جنهن کي تنهنجي روح جو آهه ڏيکاريو چراغ،

گم ٿي تو ۾ سو، وڃائي ويٺو خود پنهنجو سراغ.

مون اچي قدمن ۾ تنهنجي قرب جو ماڻيو سهاڳ،

۽ ڪيو ساري زماني کي فقط تو لئه تياڳ.

تون لطافت، تون نزاڪت، پيڪرِ رعنائي تون،

 تون بهارِ گلستان، روحِ چمن آرائي تون.

تنهنجي خاڪِ پا کان ڀانيم هيچ هي ڪون و مڪان،

گلستانِ عشق جو تون باغبان، منهنجا جهان.

 

اهڙون تون آهين حسين ساٿي شہ، ناز وقار،

ٿي جوان، جنهن جي جوان آ غوش ۾ رنگين بهار.

تنهنجي اهڙي او حبيبي! دلربا آغوش ۾،

ٿي رقايت مون ۾، منهنجي عقل ۽ هوش ۾.

قرب ۾ تنهنجي ٿي حاصل زندگاني جي ادا،

۽ مقدر ٿي ملي وئي، هجر کي اهو بڪا.

طلعتِ شب ٿي ڏٺو، هر اسان جي پيار کي،

ٺوڪرون پهتيون رقيبن جي گهڻيون پندار کي.

روح کي تنهنجي محبت جي مسرت ٿي عطا،

لمس تنهنجو ٿي خوشين لئه منهنجو ويو گويا بقا!

عشق پنهنجو هو جوان ۽ هئي جوان هر  آرزو،

تو محبت جو محبت کي پياريو ٿي سبو.

پيار ۾ تنهنجي نه تو ۾ ئي ڏٺو مون ڪو به عيب،

هر ادا تنهنجي وفا، تنهنجي نظر پيغامِ غيب،

جاڳندي پڻ ٿي ڏٺم دمدم سوين رنگين خواب،

بي سڪوني جي سڪون تي، هر سڪون هو ب آب.

هر تمنا عشق جي مون وٽ اچي مي ناب ٿي،

شو رشِ عشق و جنون کان مان ويس بيتاب ٿي.

تنهنجو رخ هو عشق ۾ سرشار، گويا گل شهاب،

هر نفس منهنجو وفا جي باغ لئه ٿيو هو سحاب.

ياد ٿم عشق و جنون جي رمز هر ڪا ياد ٿم،

ڪائنات دِل اڃا ان ياد سان آباد ٿم.

ڪين وسري ٿو نظر سان پڻ نظر جو هو مساس،

ياد آهي بيخودي ۾ غرق سارو آسپاس.

 

ياد ٿم جو هجر تڙپائي ڪيو بيتاب تي،

اڌ ڪُٺل وانگر لڇيس ٿي بسترِ سنجاب تي.

ياد ٿم هٿ کان جهلي تنهنجو نهارڻ ياد ٿم،

ٿي مليون نظارن سان نظرون ياد ٿم تنهنجو قسم.

هوش ۾ بيهوشين جون ٿيون اُمنگون نؤجوان،

پيار تي پنهنجي ڪيون سرگوشيون ٿي ڪهشان.

ياد ٿم شيرين تر هُو تنهنجي قولن جو شراب،

جنهن اڳيان ماکي جي شيريني به آهي آب آب.

ياد ٿم تو عشق ۾ ڪيئن دل ڪئي منهنجي چري،

ياد ٿم ڪيئن ڪشتيء دل بحرِ مستي ۾ تري.

ياد آهي سا گهڙي ٿيو صبرِ  دل جنهن ۾ حباب

ٿيون وفائون جنهن ۾ تنهنجون عشق جو بحرِ شباب.

هوش پنهنجو ڪو رهيو ٿي ۽ نڪو محسوس جو،

بيخودي، مستي، جنون لئه هر لمحو مخصوص هو.

ياد آهي عشق جو ڪو ڪيف آور ارتعاش،

ڪائنات حسن جي ڪيو صبر کي جنهن پاش پاش.

ياد آهي جرومد، انفاس جو بي ربط هو،

جنهن گهڙي نظرن ۾ تنهنجي، روح منهن ضبط هو.

تنهنجي نظرن سان جا آئي دل تي هئي پهرين خواهش،

ياد ٿم سا ۽ پڪارڻ منهنجو بيخود، آه ڪاش.

مئڪدي مان چشمه جي مئه پي سندءِ، مان ٿيس شراب،

تارِ دامن مان ٿي ڦاٽي عشق جو نڪتو شباب.

شربتي نيڻن جي تنهنجي ياد سا سرخي اٿم،

صبر دل جو خون جنهن منهنجي ڪيو، منهنجا صنم.

 

ياد آهي عشق کان جو ٿيو جنون دل کي عطا،

آتشِ هجر و وفا پڻ ياد آهي دلربا.

ياد  ٿم تنهنجو ڏسڻ مون ڏي وري مرڪي ڏسڻ،

مرڪي مرڪي شوخ نظرن سان پري ويهي ڏسڻ.

ڇا غضب جي هئي ادا جنهن ۾ ڀريو پيو هو سرور،

نيڻ تنهنجا پيار جي نشي ۾ ٿيا ها چور چور.

ڪائنات روز و شب تي هئي محبت جلوه ريز،

هر تڙپ جو هوش ٿيو ٿي عشق جي لئه حشر خيز.

تنهنجي نظرن روح کي دعوت لڇڻ جي ٿي ڏني،

صبر جون واڳون هٿن مان ٿي ويون منهنجي ڇني.

ياد ٿم جوش و جنون عشق جو هر شوق تيز،

هو نفس جو خوابِ قربت جي مهڪ سان عطر بيز،

کوهه پياسي وٽ ڪڏهن ٿي آيو پياسو کوهه تي،

پر بنهي تشنه رکيو هر وقت پنهنجي چاهه کي.

ڪين آيو ٿي ذرو قلب و نظر تي ڪو قياس،

هٿ وٺي خود ٿي ڪيو سين هر سڪونِ قلب ناس،

لب پياسا جام لئه، پياسو لبن لئه جام هو،

عشق جو ليڪن حواسن تي ٻنهي جي دام هو.

لئي ڪا ساز عشق جي دل ۾ فقط بيدار هئي،

دل زماني جي ٻئي آواز کان بيزار هئي.

عشق جي سوز، نظر دل کي ڪيو ٿي بيقرار،

صبرِ دل منهنجو کڻي وئي، قلب جو ٿيو حال زار.

 ۽ اهو پڻ  ياد آهي هجر وارو وقت سخت،

تُنهنجي صورت ۾ اچي جنهن ۾ رُسي ويو هوم بخت.

 

ڪو نه ٿي پيغام آيو تو وٽان پانڌي ڪڏهن،

ڪين قاصد موڪلڻ جو تاب هو مون ۾ جڏهن.

ويٺي ويٺي بيخودي ۾ خط ڪئي مون ٿي لکيا،

خود لکي ۽ خود پڙهي روئي ڪيم ٿي خود ڦٽا.

ڪيترا ڀيرا سڏي ڪانگل کي مون خبرون ڪيون،

هر دفعي ٿي قلب منهنجي ۾ نيون چيرون پيون.

ڏينهن جو ڇا رات جو ڇا ڪو نه ڪو آرام هو.

ويٺي سوچيم ڪيئن، ڪري پنهنجو، وساريو آهه تو.

ياد ۾ تنهنجي وهايا ويٺي پل پل نير مون،

ويٺي کاڌا قلب تي فرقت ۾ تنهنجي تير مون.

هجر جي جذبات ۾ سڪون ٿي آيون گاه گاه،

ڪين وسري ٿي اها بيڪل جگر جي آه آه .

ياد ٿم جوعضوو عضوو منهنجو ساڻو ٿي ٿيو،

جنهن گهڙي مون تي ٿيو ٿي غلبو تنهنجي هجر جو.

ڀاڪرين مون کي ڀري ڪيو هجر تنهنجي تنگ تر،

ماهيء بي آب وانگر منهنجو ڦٿڪڻ ياد ڪر،

ڪين وسري ٿم نئي سج جي سدا حسرت نئي،

رات ساري بيڪلي ۾ تڙپي تڙپي ٿي وئي.

قرب جي چاهت ڪيو جان! مون کي بيجان ٿي،

لوڏو آيو ٿي ذري گهٽ ساهه جي ايمان کي.

هجر وارو وقت ليڪن خير سان ٿي ويو گذر،

مان وساري ٿي ڇڏيان ۽ ڪين تون پڻ ياد ڪر.

دوري واري عهد ۾ پڻ دل هئي تولئه چري،

ڪين دوري دوري هئي، ڏس عشق جي جادوگري.

 

حال ساڳيو ٿم، خلش ڀي، دل ٿئي ٿي فاش فاش،

اڄ اچي لهه  سار،  دل جي حال کان غافل مباش.

عشق ۾ ٿي ٻئي رهون ٿا هڪ ٻئي جو روح ساه،

ويجهڙائي جي گهڙين ۾ دور آهين پر به آه!

اچ اچي جامِ محبت ڏي اچي مخمور ڪر،

مستيء عشق و وفا کي اچ اچي مسحور ڪر.

عشق لايون اچ نئون ۽ پيچ پايون ڪي نوان،

سرورِ ڪونين هاڻي بخت ڪيا آهن سنوان.

ڪر عطا دل جي ڪليءَکي خندهء بي اختيار،

 بخش ڪر اميد جي بستان کي رنگ بهار.

هر تمنا ٿي سڙي دل جي پڪاري المدد!

داغ آهن هجر جا سيني تي منهنجي بي عدد.

هجر ۾ راتين جي سردي ٿي لڳائي سرد آگ،

ڏينهن فرقت جا ڏنگن ٿا جيئن ڏنگي واسينگ نانگ.

موجون بحرِ نفس ۾ جذبهء معصوم ٿم،

ڪشتيء اميد ساحل کان مگر محروم ٿم.

ناخدا بنجي سفينهء دل کي تاري پار ڪر،

جان بلب آعشق، سڪ جي سرڪ سان ڪر جان بر.

 تنهنجي ئي خمدار زلفن جي سياهيءَ جو قسم،

هجر ۾ حالت دگر ٿم، نا رسائيءَ جو قسم.

عظمت مهر و وفا جي سربلندي جا نجيب،

درد تون، دارون به تون، تون ئي طيبِ دل  حبيب.

خضر آهين عشق جو تون، مان وفا جو ڪاروان،

”هر يڪي رابهر ڪاسري ساختند“ اي جانِ جان.

 

منهنجي درمانده جوانيءَ جي تمنا جو قسم،

تون شرابِ عشق آهين، جام وصهبا جو قسم.

هر ادا تنهنجي وفا، هرڪا وفا  محبوب تر،

 خوب آهين تون، تصور تنهنجو آهي محبوب تر.

هر نفس مخمور مستيءَ ۾ ٻڏل، خود تون شراب،

هر قدم ميڪس سندءِ ٻي هرڪا مئه آهي سراب.

تو قرينو پيار کي بخشيو، وفائن کي شعر،

سر بسجدد عشق آهي تو اڳيان منهنجا حضور.

دل جي مخفي ڀيد جو آهين صنم اظهار تون،

راز هاي عشق ’شاهين‘ لئي فقط سرڪار تون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com