سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :12

هائيڪا

تنهنجي آئي فون

ڪيڏن ڏينهن کان پوءِ

گهر ۾ هيس ڇو نه !

 

ياد ڇو نه رکيائين

گذري جنم ڏينهن ويو

فون ئي ڪو نه ڪيائين،

 

ملڻ لاءِ  چيائين

ڪيم جو انڪار

فون رکي ڇڏيائين.

 

فون پئي وڳي

پڪ سمجهائين ساجن هوندو

ڊُڪ پائي ڀڳي.

 

ٻارن گوڙ متل

پوءِ به گهر ننڊ ۾

پوڙهو هيو ستل.

 

کلندي پئي ملهايم

تو کان پري جنم ڏينهن

اکيون ڀرجي آيم.

 

هينئو ايڏو نه هار

سپنا ڪڏهن ساڀيا نه ٿيندا

سپنا سڀ وسار.

 

منهنجي من اڱڻ

برسن پيون بوندون

آيو آ سانوڻ.

 

لاتئي ايڏا ڏينهن

ڪيئن گذاريئي مون سواءِ

هُت سانوڻ جا مينهن.

 

ڪيم جي اقرار

چيائين چري ڇوڪري

ڪر نه ايڏو پيار.

 

منهنجو جنم ڏينهن

آيو ڪو نه پرين

نيڻ وسڻ جيئن مينهن.

 

اچي ڪو نه سگهيو.

ساجن منهنجي شهر ڏي

ڪرفيو جو هيو.

 

مينهن ۾ پسي

ڊڪي ڇوري گهر ڏي

وٺي نه ڪو ڏسي.

 

تنهنجو منهنجو نينهن

ناتو اهڙو آهي

ماروئڙا ۽ مينهن.

 

ڪويل پئي ڪوڪيو

منهنجو اندر اڌ ٿيو

ڇو نه هو موٽيو.

 

مينهن جو سٽڪو

رستي ويندي ماڻهو جو

ڀڄي پيو پٽڪو.

 

آيو سانوڻ وري

ٿر ۾ ماروئڙن جا

نيڻ پيا ٺري.

 

تو کي وڻان ٿو مان

هر هر ٿي پڇيائين

ڪيئن چوانس ها.

 

هر هر ٿي سمجهائي

پرديسي پرين سان

نينهن نه ڇوري لائي.

 

تو کي ڇا چوان

ڪيڏو ڳالهايان ٿو تو سان

تنهنجي اُها ئي هان!

شبنم گل

موسم جي پهرين برسات

بادلن کي ڇهي ايندڙ هوائون

گل مهر جي ڀرسان لنگهندي

منهنجي ڳلن کي

ائين ڇُهي ويون آهن پيار سان

جيئن سالن کان پوءِ

ڪنهن دوريءَ جي زخمن تي

آٿت جو هٿ رکيو هجي

صبا و صل جا خواب کڻي

تمنائن جي در تي

دستڪ ڏيئي رهي آهي

فضا ۾ وکريل خوشبو

ڏاڍي مايوس لڳي ٿي

مون سالن کان جو سانڍي

رکيو آهي اکين ۾ اڃان تائين

شايد ان سپني جي مهڪ آهي

اڄ موسم جي پهرين برسات آهي

روڊ جي ٻنهي پاسي

يوڪليٽس، املتاس ۽ گل مهر جي

وڻن جون قطارون آهن

رستي تي ڊوڙندڙ ٻارن جي

چهرن تي خوشي آهي

ڄڻ رقص ڪندڙ زندگي آهي

ننڍڙو ٻار پوپٽ پٺيان پيو ڊوڙي

(تڪميل جا پوپٽ تمنا جي گلن کان ڪيترو نه پري آهن)

بارش جي قطرن ۾ پسندي

اندر  جي تنهاين سان وڙهندي

بظاهر مرڪندي سوچيان ٿي

زندگيءَ جا سمورا منظر

منهنجي من ۾ وسندڙ برسات کان

احساس

جيئن برسات کانپوءِ

سمورا منظر اُجرا ٿي ويندا آهن

مون محسوس ڪئي آهي

ائين

تنهنجي ڳالهين جي خوشبو

تنهنجي هئڻ جو احساس

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ!

التجا

منهنجي هر ساهه تي

مصلحتن جا پهرا آهن

اي محبت! مون کي تون فقط

چنڊ اهڙا ساهه ڏيئي ڇڏ

جن ۾ ڪو ڊپ، خوف ۽ انديشو نه هجي

جن ۾ بس چنبيليءَ جي خوشبو

رات جي راڻيءَ جي مهڪ هجي!

 

بي خوفي

مون تيز هوائن کان

ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي

ڇو ته تيز هوائن کان

اڪثر ٻرندڙ ڏيئا

ڊڄندا آهن!

سرد دل

مون تيز هوائن کان

ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي

ڇو ته تيز هوائن کان

اڪثر ٻرندڙ ڏيئا

ڊڄندا آهن!

 

محبت جي زمين ۾ لکيل ڪجهه نظم

جيئن برسات کانپوءِ

سمورا منظر اُجرا

ٿي ويندا آهن

مون محسوس ڪئي آهي ائين

تنهنجي ڳالهين جي خوشبو

تنهنجي هئڻ جو احساس

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ!

منهنجي هر ساه تي

مصلحتن جا پهرا آهن

اي محبت! مون کي

چند اهڙا ساهه بخشي ڇڏ.

جن ۾ ڊپ، خوف ۽ ڪو

انديشو نه هجي

جن ۾ فقط چنبيليءَ جو هڳاءَ

نئين رُت جي مهڪ  هجي!

تنهنجو ڪجهه نه چوڻ

بس رڳو چاهه مان

مون کي ائين تڪيندو رهڻ

جيئن اُس جا ڪرڻا

اکين ئي اکين ۾

سورج مکيءَ کي

چمندا آهن

تون پنهنجون سڀ نشانيون کڻي وڃ

هيئن مان تو کي وساري سگهان

خاموشي جي گيت

ڪوئل جي گيت

هوائن جي سرگوشين ۾

روح کي  ڇهندڙ

تنهنجي لفظن جي خوشبو

شام جي منظر ۾

تنهنجي اکين جي الوداعي ڇُهاءُ

چانڊوڪيءَ ۾ مرڪ جو شفاف عڪس

زندگيءَ  جي خواب جيان

آرزوءَ جي اڌ کڙيل مُکڙيل مُکڙي

۽ هڪ اڻ چيل اڌوري ڳالهه

تون پنهنجون سڀ نشانيون کڻي وڃ

جيئن مان توکي وساري سگهان!

 

روح جي بند دريءَ کان ٻاهر

روح جي بند دريءَ  کان ٻاهر

گهڻو ڪجهه آهي ڏسڻ

۽ محسوس ڪرڻ لاءِ

جي تون چاهين ته

تنهنجي هڪ مُرڪ سان

ڪائنات هيءَ ساري

مُرڪي سگهي ٿي

نراشا جي زنجير کي

ٽوڙڻ لاءِ بس رڳو

آٿت جي روشن چاٻي ٿي گهرجي ۽

جي تون چاهين هت

رستن جي ڌوڙ جي پريان

منزل جي آسمان تي

انڊلٺ جهڙو ڪو رستو

نڪري سگهي ٿو.

بک، ڏاڍ، موت ۽ ڏک

جيون جي حقيقتن جا

اڻ وڻندڙ پيچرا آهن سرا

نه چاهيندي به جن تي هلڻو پوي ٿو

درد جا درمان هٿ ڏيئي

ويندا رهن ٿا سڀ چارا

پر پوءِ به جيئڻو ته آهي

ان ڪري اچ ته پنهنجي ياري سهاري

درد جي سائبان هيٺان

بس هلندا ئي رهون

مرڪ جي جام هر قسم وساري

بس جيئندا ئي رهون!

 

ويساهه

ڳجهن جي چهرن تان

مورن جو نقاب هٽڻ تي

اڪثر ابابيل سهڻا لفظ

ڪاريهر بڻجي ويندا آهن

هو نئن به

هن شهر جا رواج ئي

عجيب آهن

هتي الزام تراشين جا موسم

سدائين ساو رهندا آهن.

لفظن  جي پٿرن سان

سنگسار ڪرڻ جي رسم

شوق سان ادا ڪئي ويندي آهي

انسان جي سڃاڻپ

سندس عمل نه

پر کڄيل آڱرين جا اشارا آهن

ڪنهن جي به زندگيءَ جي

ڪوري ڪاغذ تي

ڪنهن به وقت

تجريدي آرٽ جي

ڪا معنيٰ خيز تصوير چٽي سگهجي ٿي

پر ان جي باوجو اڄ به

سرمئي شام جي راهن تي

ويساهه جي هوائن ۾ مرڪندڙ

گل مهر جا ڳاڙها گل

براهه راست اکين جي رابطي ۾ آهن

جبر جي ماحول ۾ ساهه کڻڻ لاءِ

وجود جي اندر پوءِ به

رات جي راڻيءَ جيترو Space

اڃا باقي آهي!

*

روبينا ابڙو

غزل

آءُ نه آهيان ڇا هي اڳتي هلندو هَلُ.

منهنجي ڏات ته آهي اڳتي هلندو هَلُ.

آءُ بغاوت پوکي تنهنجن پيرن ۾ ،

ڏاڍ جا ڏونگر ڊاهي اڳتي هلندو هَلُ.

ڇا لئه پير پساري ويٺين او پيارا؟

منزل ڏور ته ناهي اڳتي هلندو هَلُ.

ڪو به نه بيهندو تنهنجي لئه،

ڪير ٿو ڪنهن کي چاهي اڳتي هلندو هَلُ.

تون جي پار پُڄڻ ٿو چاهين پرين جي،

لاڳاپا سڀ لاهي  اڳتي هلندو هَلُ.

ڇا لئه ٻي جي واٽ هلين ٿو پير کڻي،

پنهنجيون واٽون ٺاهي اڳتي هلندو هَلُ.

 

غزل

سائر ٻوڙ نه مون،

ڏي ٿو جنهن جي تات ۾،

اندر مون اڇلون،

سائر ٻوڙ نه مون،

هڪ ڀيرو ميهَر ملان!

سڪ جنهن جي ساهه کي،

ڏيندي آه سٽون،

سائر ٻوڙ نه مون،

هڪ ڀيرو ميهَر ملان!

سندي عشق عذاب جون،

هونديون تو خبرون،

سائر ٻوڙ نه مون،

هڪ ڀيرو ميهَر ملان!

سندي ساهڙ ديدريءَ،

اُڃيون هِن اکڙيون،

سائر ٻوڙ نه مون،

هڪ ڀيرو  ميهَر ملان!

سڀ گيت لڳن هڪ جهڙا ٿا

سوچن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

ريتن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

مون گيت ڏنا تحفا، تو چيو،

تحفن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي.

ڇو نيڻ چون مون کي هر هر،

سپنن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي؟

ٿا روز پسون ساڳيا چهرا،

چهرن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي.

تو ٽوڙيو رشتو هيئن چئي،

رشتن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

تون روز ڏسي بس مشڪين ٿو،

جذبن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

ٿو روز ڪرين ساڳيون ڳالهيون!

لفظن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

سڀ گيت لڳن هڪ جهڙا  ٿا،

گيتن ۾ نواڻ اچڻ گهرجي!

غزل

تنهنجي اوسيئڙي ۾ راڻا رات مٽايا روپ هزارين !

باک ڦٽي پئي آس ٽٽي پئي تات مٽايا روپ هزارين!

ڪنهن کي ڳولهين ڪوڪي ٽاريءِ ٽاريٰ شام سويري،

ڪنهن لئه پڳلي ڪويل تنهنجي لات مٽايا روپ هزارين!

نيڻ بڻيا نيسارا ڪڏهن، ڦُڙ ڦُڙ ڦُڙ ڦُڙ مينگهه ملهار،

تو لئه ڏس بن بادل هن برسات مٽاياروپ هزارين !

ماضي من جي مونجهه وڌائي، حال ڪيو او سائين،

ڪهڙو مستقبل ٿيندو فڪرات مٽايا روپ هزارين!

تنهنجو آهيان، تنهنجو ناهيان جنهن جو آهيان تنهنجو آهيان،

هڪڙي بات نه تو ڪڏهين ڪئي بات مٽايا روپ هزارين!

پاڻ بندو آ، پاڻ الله پاڻ گدا ۽ پاڻ ئي شاهه،

جتڙي جتڙي جنهن به لکيو آ، مون ته لکيو آ، مون ته لکيو آ،

منهنجي ذات جيان ئي منهنجي ڏات مٽايا روپ هزارين!

 

تون پتڪڙو

ڪمري مان جو ٻاهر نڪران

چوڌاري چنبيليءَ خوشبو

سوچيم پئي!

 

”صبح صبح سان اَجرڪ- تر تي

اَڇا تارا کيڙيا ڪنهن؟

ڇٻي ۾ گل ڪيريا ڪنهن!

هير جو گهُلي

ته تنهنجي پتڪڙيءَ مُک تان

گلن ۽ ٽارين جو گهونگهٽ ويو  هُٽي.

 

ڇا ڏِسان تون پتڪڙو

ٽارين مان جندُ ڇڏائيندو

۽ جهول مان اَڌ گل هاريندو

پيو هيڏانهن اَچين.

 

جڏهن  اَچڻ ۾ دير ڪرين ٿو

اوڏو ئي ٿو پيارُ اچي

مِٺي ڏئي هنج کنيو مانءِ

مار او ننڍڙا گل!

 

تنهنجو ايڏو پيار گلن سان

مان ڀي چاون صبحُ صبحُ سان

هنڌُ ڇڏي تون وئين ڪيڏانهن؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com