سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :6

پارس عباسي        Paras Abbasi

هائڪا

روشن نيڻ- نهار

ڪلف لڳل ڪپڙا اڇا

اجرو ايڏو  پيار

گجر سنڌي ڄاڻ

ٽه گُلي پيرن ۾ جتي

چڪني تي پهراڻ

گجري  جي هٻڪار

تنهنجو هڪ هڪ ساهه آ

موتئي، مکڙين لار.

(سرتيون، جنوري 1997ع)

 

نور الهديٰ شاهه   Nur- ul- Huda Shah

اليڪشن

ڪيئي اليڪشنون ٿيون،

مون ۽ منهنجن ابن ڏاڏن ڪيئي ڀيرا

اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي

ووٽ وڌا

ڪيئي حڪومتون آيون ۽ ويون

ڪيترن ئي وزيرن کي مون ۽ منهنجي  ابن ڏاڏن

هٿ  لوڏي سلاميون ڏنيون

ڪيترن ئي ليڊرن جي بتن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ

اسين نعرا هڻي هڻي ساهه ڏيندا رهيا سين

جلوس ۾ هلي هلي پير پٿون ڪندا رهيا سين

تاڙيون وڄائيندي هاڻي ته هٿ به پٿون ٿي ويا آهن.

 پر منهنجا پٽ!

پنهنجي ڳوٺ جو رستو ڪلهه به ڪچو هئو

اڄ به ڪچو آهي

ڪلهه وانگر اڄ به

جيئڻ به پنهنجو ڍڳي ۽ ڍور جيان آهي.

(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)

پشپاولڀ   Pushpa Valabh

ايئرپورٽ

”هيلو.....هيلو“

”ڇا هي ايئرپورٽ آهي؟“

”نه رانگ نمبر آهي“

پر ها!

هي ايئرپورٽ آهي

جتي تنهنجا سپنن جا سهڻا پکي

اڏامندا رهندا آهن.

Land ڪري نه سگهندا آهن.

(دري کان ٻاهر، جنوري 1985ع)

 

پرهه سڪينه گاد    Pirah Sakina Gad

شرعي حق

اڄ وري

ڪا ناري

بنا جوڙ جي نڪاح جي

ٻنڌڻن  ۾ ٻڌي وئي

اڄ وري ڪنهن جا سپنا

اناخاطر نراس ڪيا ويا

اڄ وري ڪنهن ناريءَ  کان

سندس شرعي حق کسيو ويو

سندس سڏڪندڙ........ ڏڪندڙ

ڪنڌ کي زوري لوڏي هاڪار

ڪرائي وئي

شاهدن  مبارڪون ڏنيون

سندس ڀاءُ مبارڪون وصول ڪيون

او ڊاڪٽر ڀاءُ!

 توکي ڀيڻ جي بنا جوڙ نڪاح

ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿي

ته پوءِ تون به پنهنجي  ويٺل ونيءَ سان نڪاح

ڇو نه رچايو

تنهنجا ارمان ڀيڻ کان مٿانهان آهن؟

تو کي حق پهچي ٿو

پسند ۽ نا پسند جو ته پوءِ

ڀيڻ کي به اهو حق ڏي

 هن کان هن جو شرعي حق نه کس!

(سرتيون، جنوري- مارچ 1991ع)

*

راحيله امان قريشي    Rahila Aman Qureshi

وائي

تو کي پئي ساريم،
تنهنجن يادن ۾

خوشبو وکري وئي!

نانءُ لکي پاڻي ۾ اڇليم
ساگر لهرن مان

خوشبو وکري وئي!

هن ٿي وار سنواريا
وکريل زلفن مان

خوشبو وکري وئي!
 

(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)

روشن تبسم Roshan Tabassum

”الاڙي! تو نه ورائي واڳ“

موٽي سانوڻ آيو سائين،

تو نه ورائي واڳ،

لاڙي تو نه ورائي واڳ.

چڻنگ چاهت جي دکي دکي

بنجي ويئي آڳ،

الاڙي  تو نه ورائي واڳ.

اڱڻ اچين جي واپس سهڻا

جاڳن منهنجا ڀاڳ

الاڙي تو نه ورائي ماڳ

جيئري جاني ڪئي جدائي

”تبسم ورتو ماڳ“

الاڙي تو نه ورائي واڳ.

(نئين زندگي آڪٽوبر 1989ع)

 

روبينه ابڙو Rubina abro

غزل

ماٺو آ ماحول اندر ۾

هاءِ ٻري ڪو ٻول اندر ۾

رلندو آ تولاءِ رڳن ۾

رهندو آ ڪو رول اندر ۾

سڪ جا سڪا، سئن انو کي

 ڪير جهلي ٿو جهول اندر ۾

سور  سنڀاري  پوءِ ٿو  سرجي

گيت ڪوئي انمول اندر ۾.“

رخسانه پريت چنڙ

Ruhhsana Preet Channar

غزل

تند تپي ڪا سانت ٽٽي پئي

ديپ جلي ڪو رات ٽٽي پئي

سار اها جا پل ۾ سامهون

 ساجن پنهنجي تاٽ ٽٽي پئي

سور نه ڪر سنگسار ائين جو

سپنن جي محلات ٽٽي پئي

جذبو جي اڊڙپو، ٽوپيو ويو

پر نه اسان جي ڏات ٽٽي پئي.

(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)

سلميٰ پنهور  Salma Panhwar

منهنجي اکڙين ۾ خوب ڪونهي ڪو

چند سوالن جو جواب ڪونهي ڪو

منهنجي هڪڙي خطا بس تولاءِ ڏکي

تنهنجين هيڏين خطائن جو حساب ڪونهي  ڪو

بس ڏکي ڳالهه آهي گذارڻ جيون

ان کان وڌ ٻيو عذاب ڪونهي ڪو

ڇا سندس رنگ آ، ڇا ته خوشبو مٺا

هن کان وڌ ڪوئي گلاب ڪونهي ڪو

مان ته مرڪي ويٺس، بس اها ئي خطا

هن چيو تنهنجو جواب ڪونهي ڪو.

(مهراڻ، جولاءِ- ڊسمبر 1994ع)

 

سڪينه مير جت      Sakina Mirgat

ساٿ ڪيسين ڏيندا  سپنا

نيٺ ته مات ڏيندا سپنا

دل ته گهايل ٿيندي رهندي

روز نوان جو جڙندا سپنا

پن ڇڻ موسم وانگر هڪ ڏينهن

 نيٺ ته وکري ويندا سپنا

ڪيئن ڀلا ماڻيندا ساڀيان

سپنا آخر ٿيندا سپنا.

(ادب، فيبروري  1995ع)

سحر امداد  Sahir Amdad

سندر سپنو

آ ويهه گهڙي پل سائين

ڇو من کي ٿو ترسائين؟

آ ويهه گهڙي پل سائين

مان تنهنجي سندر مورت  اڳيان

ڪنڌ جهڪائي ويهان

من ۾ پريت جي جوت جلائي

پنهنجي سڪ ۽ سوز سجائي

تن من پنهنجو واسيان

ڪنڌ نمائي

نيڻ جهڪائي

پريم پوڄارڻ بنجي

توکي بس پوڄيان

توکي ئي بس چاهيان

منهنجو تون ڀڳوان  او سائين

ڀڳوان به آهي سندر سپنو

تون به ته سندر سپنو آهين!

(سوجهرو، ڊسمبر 1972ع)

شاني   Shani

امن جو پکي حنوط ٿيل، پٿر بڻيل“

 

امن جو پکي!

جيڪو زيتون جي ٽاري چهنب ۾ جهلي

آيو هئو حضرت نوح جي قوم لاءِ پيغام کڻي

۽ چيائين کلي

ته امن آ، ڌرتي تي!

 مان ڳوليان پئي ۽ ڳوليان پئي

امن ۽ ان امن  جي پکيءَ کي

۽ هيل تائين

ميڙي چونڊي، اڄ جي بازن کان

هٿ ڪيا اٿم

ان جا پر، پڇ، ڌڙ، اکيون چهنب ۽ ٽاري زيتون جي

۽ پر پر جوڙي، ڌڙ مٿان

چنبڙيا اٿم، چهنب پر پڇ ۽ اکيون ۽ حنوط ڪري رکيو اٿم

امن جو  پکي ڊرائنگ روم جي

شوڪيس ۾.

(سرتيون، جولاءِ 1992ع)

شبنم گل   Shabnam Gul

 پريت ڄڻ ته پهيلي آهي

درد جي ڪائي سهيلي آهي

رات سڄي جا واٽ نهاري

ڪيڏي سا ته ڳهيلي آهي

سپنا سي ڪيئن ساڀيان ماڻين

جن جي اڳيان حويلي آهي

راهه اچي ٿي جا دل تائين

راهه اها پٿريلي آهي.

(آخري لفظ، مارچ 1994ع)

*

شبنم موتي   Shabnam moti

مست الست مهراڻ الا

سنڌوءَ ۾ سرهاڻ الا

ڇوليون ڇلڪن مرڪن مٺڙا

جهرمر جهرمر جرڪن ڏيئڙا

مڃون ڪڏهن نه آڻ الا

مست الست مهراڻ الا.

 

وڄ جو چمڪي دلڙي ڌڙڪي

ڇم ڇم، ڇم ڇم پايل ڇمڪي

ڳايون گڏجي پاڻ الا.

مست الست مهراڻ الا.

(سوجهرو، اپريل 1973ع)

شگفته شاهه     Shagufta Shah 

ڪوئل

نما شام

هيءَ تنها ڪوئل

وڻ جي ٽاري ٽاريءَ تي اڏري

ڪنهن کي آخر ڳولي ٿي؟

من جي اونهائين مان

ڪيڏي پيڙا مان

ڪوڪو ڪوڪي ٿي

ڇو ٿي منهنجي جيون جي

ماٺي جر ۾

يادن جي راهن ۾ رولي ٿي

دردن جي نينڍ ڏئي ٿي

بهار رت جي نينڍ ڏئي ٿي

يا ته دري خزان جي کولي ٿي

تڙپي ٿي تڙپائي ٿي

گيت ڪو اهڙو ڳائي ٿي.

(سرتيون، جولاءِ ڊسمبر 1992ع)

 

شاهده  تارا ڀٽي    Shahida Tara Bhatti

اهڙو هي دستور ٿيو ڇو؟

ماڻهو ماڻهوءَ کان ڌار  ٿيو ڇو

ڪيڏو هي پيو ڪوس ٿئي

هرڪو ماٺ ۾ آهي ڇو؟

لت پت ۾ جو لاش لڇي ٿو

ونيءَ ور ورائيندو ڪو؟

 ٻاٽ ۾ ڪيڏا قهر ٿين ٿا

لاٽ اچي جلائيندو ڪو.

(سرتيون، اپريل،جون 1992ع)

شميم ميمڻ     shamim memon

هاءِ ڙي جيون

آندو  ماندو

اوسيئڙو... اکيون جر ٿر

اڻڀا وار- ڳوڙها ڳل

ڪنهن لئه آ

ڪوئي پاڳل

ڪو به  نه آيو

ڪو به نه ايندو

ماڻهن جي هن ميڙ ۾ ڪو ئي

هيڪل  ويا ڪل

من مالڪ کي پرچائي پرڀائي

آسن جي جوت جلائي

چؤ واٽي تي نيڻ وڇائي

نهاري پل پل

ڪنهن اڻ ڄاتي  آديسيءَ لاءِ.

(سوجهرو، اپريل 1973ع)

شمشاد مرزا Shamshad Mirza

مان ئي ڪاتي، مان ئي ڪنڌ

مان ئي پانڌي، مان ئي پنڌ،

مان ئي تنهنجو سڏ او سنڌو

مان ئي تنهنجو گيت.

مان ئي  سونهن ۽ مان سرهاڻ

مان ئي چنڊ ۽ مان چانڊاڻ

مان ئي تنهنجو سڏ او سنڌو!

 مان ئي تنهنجو گيت.

مان ئي مومل، مان ئي آس

مان ئي رڃ، ۽ مان ئي تاس

تون ئي منهنجو سڏو او سنڌو !

مان ئي تنهنجو گيت.

(سوجهرو، ڊسمبر 1972ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com