سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :24

ثريا ”سوز“ ڏيپلائي

سانوڻ جي رُت آئي

سانوڻ جي رت آئي آهي، رم جهم جان جلائي آهي!

هر هڪ شيءِ تي آيو نکار، هر ڪنهن ساريو چين قرار،

پر مون کي ٿي تنهنجي سار، جوت جواني ڏينهڙا چار!

بوندن باهه لڳائي آهي؛ سانوڻ جي رت آئي آهي.

سانوڻ پسندي ساريون سرتيون، پنهنجن پيارن سان پر پرتيون؛

موٽ! ڇڏيم سڀ سهڻا مستيون، تو سان ڪهڙا هوڏ ۽ هستيون!

دلڙي درد جلائي آهي: سانوڻ جي رت آئي آهي!

تنهنجيون ڳالهيون ڪيئن وساريان؟ قرب ڪچهريون ويٺيسارياسن؛

تنهنجي ڪارڻ جيءُ جياريان؛ دل ڇا هي؟ هيءَ جندڙي واريان!

تو ڪيئن ياد ڀلائي آهي؟ سانوڻ جي رت آئي آهي!

تون جي اچين نه، ته جاڳن ڀاڳ، تو سان آهن راڻل راڳ؛

تون ئي نه سهندين منهنجا چاڳ: تنهنجي وس ئي منهنجي واڳ!

پل پل تنهنجي وائي آهي؛ سانوڻ جي رت آئي آهي!

دور رهين تون ڌن ڪمائين؛ مون کان وڌ ٿو نوڪري ڀائين!

دلڙي دوريءَ منجهه جلائين؛ اڃا لکين ٿو”خوش ته آهين؟“

نيڻن ننڊ اُڏائي آهي! سانوڻ جي رت آئي آهي.

سرتيون هاڻي ڏين ٿيون طعنو، هاڻ تون ساجن ڇڏ بهانو!

نوڪريءَ منجهه آهه سارو زمانو! قول ڪيو هو تو مرادانو!

تنهنجي من ميرائي آهي؛ سانوڻ جي رت آئي آهي!

مريم ”مجيدي“

سورن جي سنجوئي مالا،

گيت بنايان مون متوالا.

چاهت جي چانڊاڻ کڻي مون؛

چوڏس ڪيڙا جوت  اُجالا.

آس اڌوري سپنا ساڻا؛

ڪل جڳ جا سڀ ڪشٽ ڪشالا.

دلڙي آ ڪو بربٽ ناهي،

ڪيسين نيڻ نه  ٿيندا آلا!

خديجه ميمڻ

مان رلندي رهان ٿي

پريشان ۽ حيران حيران،

مان رلُندي رهان ٿي!

حياتي جي سنسان راهن رڃن ۾،

اڇايل امنگن  جي پکڙيل پٽن ۾،

مان رلُندي رهان ٿي!

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا ۽ بي چين راتيون،

لهن سک جو پل هڪ به اکڙيون نه آليون،

چيئون چنڊ چمڪي ٿو ۽ سج ٿو اڀري،

مگر ڪهڙي هنڌ، پئي نه ڪا ڄاڻ مون کي،

مان پڇندي رهان ٿي!

مان مدت کان سا روشني پيئي ڳوليان،

چون ٿا، جا اوندهه هٽائي ڇڏي ٿي،

اندر ۾ ڪري سورهه ٿي جيڪا پيدا،

سا ٻوسٽ ۽ سا گهٽ گهٽائي ڇڏي ٿي،

مگر سا ڪٿي، سا ڪٿي روشني آ،

وڏا ٿا لڳن ان کان اوندهه جا پاڇا،

مان پڇندي رهان ٿي!

سو انسان جو چئي روشني روشني پيو،

ڏسي ئي نٿو جيڪو اندر جي اوندهه،

سو شايد ته اڻ  ڄاڻ ۽ نابينو آهي،

مون کي ائين لڳي ٿو!

تڏهن ڀي ڏسان  راهه پئي روشني جي؛

مان رلُندي رهان ٿي،

ڪڏهن کان؟ نه ڄاڻان؟

پريشان پريشان ۽ حيران حيران!

انيلا ”ادا“

غزل

دردن جا ديرا دل ۾ اٿم لک، نهان مگر،

هي رز دل جا مان ڇو، افشان ڪيان مگر.

سرتا به پير ٿي ٿو وڃي غم، وجود،

يادن کي دل مان ڪيئن، ڪڍي ٿي سگهان مگر.

ڪيئن پنهنجي دل کي چيري ۽ ڏياريو ڀلا،

هو چاهي پوءِ ته ائين به مان شايد ڪيان مگر.

دل ۾ هزار پيار اٿم جنهن جي واسطي،

تنهن بي خبر تي حال ڪيان، ڪيئن عيان مگر.

چاهيان ٿي منهنجي پيار کي منزل اها ملي،

ڪنهن کي نه جنهن جو خواب هجي يا گمان مگر.

نظرن مان مِان حال دل ٿو عيان ٿي وڃي ”ادا“،

نظرن کي ڪيستائين جهڪائي رکان مگر.

نور جهان”ناز“

غزل

اسان داغ دل جا، لڪائيندا آهيون،

۽ دنيا سڄيءَ کي، کلائيندا آهيون.

مڃون ٿا ته سپنا، سچا مور ناهن،

تڏهن ڀي اکين ۾، سجائيندا آهيون.

اسان کي ڀلي ڪو، غمن سان نوازي،

اسان پوءِ به خوشيون،لٽائيندا آهيون.

الائي ته ڇا ڇا، اسين سوچي دل ۾،

جي جاڳن ٿا جذبا، دٻائيندا آهيون.

محبت به ڇا هي، چريائي، چريائي،

ائين پاڻ چريو، چوائيندا آهيون.

اسان جا نٿا ٿيو، ته ڇا هي او سائين،

اسان ئي اوهان جا، سڏائيندا آهيون.

اگر عڪس ڪوئي، اندر کي وڻي ٿو،

اسان ”ناز“ نيڻن، سمائيندا آهيون.

سنجيده ”ناز“

غزل

ستم ڪنهن تي ڪنهن پر روا ڪين ڪر،

وفا ڀل ته ڪر، پر جفا ڪين ڪر.

زمين تي نه ڇڏ، نفرتن جو نشان،

محبت کي ڪنهن لئه سزا ڪين ڪر.

جو گذري ويو آهي گذري ويو،

ويل وقت جي لئه صدا ڪين ڪر.

چيم ڏس! خدا واسطي مڃ چوڻ،

دلين درميان  فاصلا ڪين ڪر.

هلي دؤر جيئن ٿو هلڻ ڏي تون تيئن،

تون دشوار هيئن مرحلا ڪين ڪر.

سدا ”ناز“ گهر ويٺي دل سان دعا.

ٻين وانگي در در گدا ڪين ڪر.

 

سلميٰ  سومرو

غزل

مان تو سان ڇو ملندي آهيان،

تو سان گڏ جو گهمندي آهيان.

نادان اڪثر پڇندا آهن،

ڇا لاءِ توکي ڏسندي آهيان.

تو سان آ منهنجو ڪهڙو ناتو،

لوڪ پڇي ٿو؛ کلندي آهيان.

چاهت آهي عبادت مون لئه،

ان آڏو بس جهڪندي آهيان.

ڪيڏا نادان آهيون لوڪو،

مان ته هن لئه ئي رلندي آهيان.

پيار جي مٺڙي باهه ۾”سلميٰ“

پنهنجي خوشيءَ سان پچندي آهيان.

حسينه اختر

گيت

اوجاڳيل منهنجي نيڻن  ۾ سپنو آ،

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

اکڙين جي پٺيان جا دنيا آهي وسيل،

تنهن دنيا ۾ اڄ ڪو پيارو اچڻو آ؛

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

چاهه چمن ۾ گل وانگر سرهاڻ کپي،

سرهي سيج سوتائي ڪوئي مهڪڻو آ؛

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

اوجاڳن ۾ آهي اوجهل ٿي ويئڙو،

سو سپني ۾ ساڻس نسري نچڻو آ؛

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

ناهي ڪيو ها! ناهي ڪيو ڪو قول ڪچو،

قول تي قائم آهيان ماڳ تي رسڻو آ؛

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

ننڊ پري  اچ، اچ نيڻن ۾، مهر ڪري،

شڪ جي ڇڪ ۾ هنجو پيار پرکڻو آ؛

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

جنهن سپني آ موهي من مستان ڪيو،

ان سپني جي ساڀيا روپ کي پسڻو آ؛

پرچي جيڪر ننڊ رٺل تان ڏسي وٺان!

 

عاليه آغا

ڪاڪ محل

مان پنهنجي ڪاڪ محل

 جي قيدياڻي

هو آ پنهنجي سپنن جو

قيدي

نه هو ٿو پنهنجي

سپنن کي ٽوڙي سگهي

نه

مان ٿي پنهنجي ڪاڪ

مان نڪري سگهان.

نسيم شيخ

رات

رات چپ چاپ آهه

خاموش فضا آساري

رات خاموش ۽ اداس آ

رات کان پوءِ آخر ته سحر ٿيندي!

هر رات کان پوءِ نيٺ ته صبح ٿيندو!

خاموش رات چنڊ ۽ تارا

سامهون چنڊ ۽ تارن کلي ڏنو

خبر ناهي ڪهڙي منزل هوندي

ڪهڙي  صبح جنت هوندي

سامهون ڏس هُو، هن شفق کي

نيٺ ته سوجهرو ٿيندو!

آزاد نظم

زرد پن

سرءُ جو جهوٽن سان

جيئن ڪرندا زمين تي آهن زرد پن

تيئن هو به لاچار ڇڻي ڪري پيو هو

سرءُ جهڙو بي جان

بلڪل پيلو زرد پن بي آواز سرد آهه

شايد زندگي جي آس ۾ آخري پساهن کان پوءِ

مجبور ۽ بيوس  ڄڻ آخري پساهن  کان پوءِ

مجبور ۽ بيوس ڄڻ آخري آرامگاهه الائجي نصيب

ٿئي نه ٿئي

پر هو سڌو هيٺ اچي ڪريو

۽ پنهنجي ساڳي ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو هو

جتان اٿيو هو پاسي کان بيٺل سائي گاهه

ٽهڪ ڏيئي چيو رزد ۽ بيڪار پن.

 

فهميده حسين رنگريز

نظم

ٻُڌ!

جيءُ

خوشبو ڏٺي اٿئي؟

ها ڏٺي اٿم!

تنهنجي پهراڻ ۾!

ٻُڌ!

جيءُ؟

سچائي ڏٺي اٿئي؟

ها ڏٺي اٿم!

تنهنجن جذبن جي!

ٻُڌ!

جيءُ؟

سپنا ڏٺا اٿم!

تنهنجي ساٿ جا!

ٻُڌ!

جيءُ؟

ڪڏهن  رُنو اٿئي؟

ها رنُو اٿم!

تنهنجي فراق ۾!

 

خوشبو سومرو

نظم

ڪاري رات ٻاٽ ۾

منهنجو من ٿو، روشن روح کي ڳولي ٿو

تنڀا ٿنڀا ٿنڀا ويرانن ۾، ڪو وڇڙيل پکي ڄڻ ٻولي ٿو

سپنا سارا وکري ويا، ڪو اکيون پوءِ به نه کولي ٿو

خزان کڻي گل ساڻ وئي، تڏهن به خالي ٽاريءَ!

تي ڪو اوسيئيڙي ۾ جهولي ٿو

محبت جا مهراڻ ڏسي، هو پنهنجو پاڻ ادولي ٿو.

 

آس قاضي

برٿ ڊي گفٽ

تنهنجو مور کي ارپيل برٿ ڊي گفٽ

تنهنجي  هٿن جي ڇُهاءُ جيان

نرم نرم نشو

پيپرز

هٿ ۾ کڻان ٿي

ڄڻ ته تنهنجا ڪپهه کان به

وڌيڪ نرم ملائم هٿڙا هجن

جن کي مان پيار ۽ اُڪير مان

پنهنجي اکين تي رکان ٿي

تڏهن ٻه گرم لُڙڪ منهنجي اکين مان لڙي

دل جي داغن کي ڌوئيندي

انهن ٽشو پيپرز ۾، جذب ٿي وڃن ٿا

بلڪل ائين جيئن.........

تنهنجو معصوم پيارو چهرو

منهنجي نظرن ۾ جذب ٿي ويو!!

 

شرف النساءِ ابڙو

ٿوهر

توبن جيون ڄڻ ٿوهر جو وڻ!

ڇا ڪنديس هي جيون؟ سڪل ٿوهر........

توبن مان ڄڻ رستي جو پٿر،

تنهنجي پيار بنا زندگي به........؟!

تون منهنجو آدرش، مان تو لاءِ،

ٿر جو ٿوهر!

 

ريحانه قاضي

دولت

هيءَ دنيا آهي ڪاڪ محل

هي محل ماڻيندين ڪيترو

هڪ ڏينهن ايترو تو مٿان آخر

ماڻيندين وڃي مٽي جو محل.

 

ڪار

”مري مري رهيو آهيان؟“

”ڪنهن  تي؟“
”ڪار تي؟“

”سمجهه کڻي ته پنهنجي آ.“
 

سنجها راشدي

غزل

سوچون پنهنجون صحرا آهن،

زخم سمورا گهرا آهن.

جيون جي هن جوءِ ۾ جيڏي،

سپنن تي به پهرا آهن.

من جو مندر ويران ويران،

خالي سڀ، آکيرا آهن.

”سنجها،“ همٿ هار نه هاڻي،

قسمت جا ڪي ڦيرا آهن.

نسيم آريجو

هائيڪا

ڳالهه پنهنجي ڪريو

مون کي چُوڻو نه آ

واءُ اهڙو وريو.

ڪجهه ته ڳالهايو

ساز ڇيڙي نيم

دل کي پرڀايو

سڀ ڪري ٿون سگهين

ميڙ منٿون رهيون

جي ڪنداسين اسين.

سڀ وساري ڇڏيم

سونهن آسري آ تون

ڄاڻ جڏهن پيم.

چپ ته ناهي سٺي

آءُ روئيندي رهيس

ڏات مون کان رٺي.

انڌاري اڌ رات

سارو لوڪ ستو

مون تنهنجي تات.

لکي ڪيئن لکان

سوچيان سنسار کي

ويٺي آءُ ڏسان.

ناهي ڪنهن کي ننگ

رنگ نسل جي راڳ ۾

ذاتيون ذاتيون زنگ.

پردي هيٺان جو

رنگ پسان ٿي رات جو

ڪو نه ڏسي پيو ڪو.

زيب النساء شاهه بخاري

سپنا اڻپورا

منهنجا سندر سپنا اڻپورا،

منهنجا سڀ خواب اڌورا،

پنهنجي ڪمري ۾ هڪ شمع جلائي رکان ٿي

دل ۾ اميد جي سُندر لاٽ جلائي رکان ٿي،

منهنجا سُندر سپنا اڻپورا،

منهنجا سڀ خواب اڌورا،

اڻپورا خواب دل جي شوڪيس ۾ سجائي، رکان ٿي

خيالن جي دنيا پوئي ۽ شاد رکان ٿي،

منهنجا سندر سپنا اڻپورا،

منهنجا سڀ خواب اڌورا.

ناهيد مغل

                  وائي

رهيو ئي ڪو ئي نقش چٽو،

جيون سارو اولڙا اولڙا؛

تنهنجي وڃڻ کان پوءِ.

يادون اچي پيون جهول ۾،

دريا ۾ ڄڻ گولڙا گولڙا،

تنهنجي وڃڻ کان پوءِ.

پنهنجين پرين سان  سکي آ دنيا،

تو لاءِ منهنجا رولڙا رولڙا،

تنهنجي وڃڻ کان پوءِ.

پاڻ چئون ٿا گهڻا آهيون پر،

رهون ٺاهي ٽولڙا ٽولڙا،

تنهنجي وڃڻ کان پوءِ.

زينت سحر

نظم

او! بختاور هارياڻي،

سنڌ جي سورهيه ناري نماڻي،

او! بختاور هارياڻي.

 

اُتم سر احوال بڻين تون،

جابر لئه جنجال بڻين تون،

ماضي هلندڙ حال بڻين تون،

پاڻ مٽائي رنگجي وئي راڻي،

او! بختاور هارياڻي.

ڪانئر آندا ڪات ڪهاڙا،

زور زبر سان وڍيائون واڙا،

ماروئڙن تي ڪيائون ماڙا،

سهڻي ڌرتي  تي هنيائون ڌاڙا،

تن سان ڪئي تو هڪ هڪاڻي،

او! بختاور هارياڻي.

 

ڪرها ڪر ڳل ڪانگ اڏايا،

مانجهي، سانجهي سون سهايا،

نوي، ناري پنهنجا پرايا،

ناز آ تو تي ڌيءَ ڌياڻي،

او!  بختاور هارياڻي.

روبينا راجپوت

نظم

تنهنجو منهنجي اڱڻ اچڻ

ايئن آهي ڄڻ،

فضا جي موسم ۾

ڪو گلابي گل ڦٽڻ.

تنهنجو منهنجي اڱڻ  اچڻ

ايئن آهي ڄڻ،

اوندهي رات ۾،

ڪنهن ٽاري جو جرڪڻ.

تنهنجو منهنجي اڱڻ اچڻ

ايئن آهي ڄڻ،

صدين کان اڃايل،

سپ تي سانوڻ جو وسڻ.

تنهنجو منهنجي اڱڻ اچڻ

ايئن آهي ڄڻ

چانڊوڪي  رات ۾

رابيل جو ٽڙڻ.

 

غزل

مدت ٿي وئي آ، ڪا محفل برپا ڪجي،

اي دل اجائي، درد جي ڪهڙي دوا ڪجي.

 

خوشين جي پوپٽن پٺيان گذري تمام عمر،

ان بيوفا سان هاڻي ته ٿوري جفا ڪجي.

 

اميد جا چراغ وسامي ويا سڀئي،

هاڻي ته دل جو داغ سان روشن فضا ڪجي.

 

”روبي“ ويو گذري هُو، منهنجي حيات به،

ڇو پوءِ دل ۽ روح نه ان تي فدا ڪجي.

*

امرتا ميتلو

اي دل

ڇا تو ڏٺو هو مون ۾

جو ايتري وقت تائين

پنهنجو پاڻ ۽ دنيا کان

بي خبر رهينءَ!

شايد

تو ڏٺو هو مون ۾

ته منهنجي دل اڃا تائين

منهنجي دماغ سان گڏ

پنهنجي دنيا ۾ رکيل آ.

ڇا  تو ڏٺو هو مون ۾

جو پنهنجي روح کان

رٺل  رهينءَ!

شايد

تو ڏٺو هو

ته منهنجي دل

اڃا تائين منهنجي روح سان گڏ

رهاڻ ۾ آهي

ڇا تو ڏٺو هو جو

تو آس جي اوسيئڙي ۾ رهينءَ!

شايد

تو ڏٺو هو ته منهنجي دل

آس کان وانجهيل آهي

ڇا تو  ڏٺو هو

جو پنهنجو پاڻ کي ماريندي رهينءَ!

شايد

تو ڏٺو هو ته منهنجو من

اڳ ئي ماريل آهي!

*

حميده اتم

آزاد ديش جي قيدڻ ناري،

سوريءَ چڙهندي هاءِ ويچاري،

پوءِ به حق جو نعر هڻندي-

اناالحق اناالحق!

توڙي اجري هوندي ساري،

ڪوٺي ويندي ڪاري ڪاري،

پوءِ به حق جو نعرو هڻندي-

اناالحق اناالحق!

سفر ڪندي هوءَ عمر ساري،

ڀل پيرن هيٺان واري واري،

پوءِ به حق جو نعرو هڻندي-

اناالحق اناالحق!

غزل

نراس اکين ۾ آس به آهي،

پياسي دل ۾ پياس به آهي.

ٽُٽي پوندس ڪين جهڪندس،

مون کي سو وشواس به آهي.

دل جو شيشو ٽوڙي ڪيڏو،

چنڊ رُنو آڪاس به آهي،

دل کي ڪيڏا وڍ ڏنا اٿئي،

چچريل چچريل ماس به آهي.

سمنڊ ڪناري هوندي ڀي ڏس!

من ۾ ڪيڏي تاس به آهي.

هن دنيا ۾ رهڻو آهي،

۽ ورتو مون  بنواس به آهي.

پنهنجن رت ڦڙن سان ”اُتم“،

مون کي لکڻو اتهاس به آهي.

*

ٽه- سٽاءُ

لڙڪن جُون لارون

منهنجين اکين ۾

من اندر سارون.

 

دل وڃايل

ڪو ڳولهي ڏيندو

مون کي آيل!

 

اکيون مون اکيون

روز ازل کان

خوابن کي وڪيون.

 

ڏنيون ڙي ڏنيون

سپنن کي مون

اوجاڳيل اکيون.

 

ڄڀ ۽پايل

ڦُري ور تئي ڇو؟

مون کان آئي آيل!

 

ڀلو ٿيو آن ڀاءُ

گهڙي گهڙيِ پيو ڏين

ڪيڏو من کي گهاءُ.

 

وقت آپکي

وري نه وري

هلي آ سکي.

سکي او سکي

سور سڀ اڄ سل

هٿ دل تي رکي.

وائي

ڪڏهن ته ٿيندا ڀورا اڙي،

پنهنجا گيت اڌورا ڙي.

مقتل ٿي ويا آهن ڇو؟

پريم جا گس ساراڙي.

پنهنجا گيت اڌورا ڙي.

رسي ويا هن ميت الا،

دل ۾ ٻاري کورا ڙي.

پنهنجا گيت اڌورا ڙي.

ڪوثر ”سحر“ ڀٽي

ڪائي سوچ ڏي

ڪا نئين سوچ ڏي مون کي،

ڪو نئون دلاسو ڏي مون کي.

 

تصوير سندم ڪڍي تون،

خالي فريم نه موٽائي مون کي.

 

اکين ۾ ڳوڙها لڪائي تون،

درياءَ جيان نه وهاءِ مون کي.

 

مرڪ ساڻ لڙڪ جهلي تون،

ايڏو نه آزماءِ مون کي.

 

ساهه ٿڌو کڻي ڪري  تون،

انديشن ۾ نه اڙاءِ مون کي.

 

هٿ ۾ قلم کڻي ڪري تون،

خالي پنو نه وراءِ مون کي.

 

رات کي آسرو ئي تون،

”سحر“ جيان  نه وڃاءِ مون کي.

*

جيئن اچن لوڏا گهاءَ ٿا اٿليو پون،

دل جي درياءَ ۾ سور ٿا ڇلڪيو پون.

 

مارون ايندا ڪين ڪي اٿم پڪ،

چرڻ جي هن کي سگهه ئي ڪو نه،

ڪنهن کي ڳوليندي ٿا رليو پون.

 

روئيندڙ نڀيندڙ ڪو ڪيندڙ هڏ،

وري نئي زخم تي ٿا لکيو پون.

 

گونگا ٻوڙا انڌا  سپنا،

الائي ڪهڙي پار کان ٿا هليو پون.

*

نوشابه منير

آئيڊيل گهر

اهو هڪ آئيڊيل گهر آ

جتي هڪ مرد، پنهنجي گهر جي حقن جو

هر قدم تي خيال رکي ٿو

ان جي اهميت قائم رکي ٿو

۽ اهو سڀ ڪجهه به ڏئي ٿو

جيڪو مٿس فرض جي صورت ۾ لاڳو ٿيل

۽ سمجهي ٿو، ان ۾ ايتري قابليت ضرور آ

جو ان جي هر فيصلي کي

پاڻ اکيون ٻوٽي، بغيرسوچي

قبول ڪري!

پر کيس اها ڀي خبر آ

ته اهڙي ئي  مرحلي تي کيس!

ڪوئي اهڙو اڻ وڻندڙ خطاب به ملي سگهي ٿو

جيڪو سندس خودداريءَ لاءِ

برداشت کان ٻاهرٿي سگهي ٿو

تنهن ڪري پاڻ اهڙي راهه اختيار ڪري ٿو

جو سندس حاڪميت

۽ سندس عورت جي قابليت

هر ماڻهو دل سان مڃي ٿو

۽ پڻ سندس عورت!

پنهنجي فرصت ۽ ذهانت

سندس ذات، گهر ۽ ٻچن تي

صرف ڪري ٿي

پنهنجي صبح جهڙي روشن ۽ اجري مرڪ سان 

سندس منهن مان

ٿڪ جو هر گهنج لاهي ڇڏي ٿي

سندس وارن کي ٺاهي

مڃڻ جهڙي نرم ۽ ماکيءَ جهڙي مٺي

لهجي ۾ چوي ٿي

ٿڪي پيا آهيو

هو کيس محبت سان ڏسي، مرڪي

کيس ڀاڪر ۾ ڀري ٿو

۽ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو.

*

حمده قاضي

پيڙائون پڄرن

ترقي پسند روايتن

۽ قدرن  جو حامي

سماج......

جنهن جي سيني تي

اسين ائين ئي آهيون

ڄڻ زندهه لاش!

ناريءَ جو دشمن ۽ ويري

هر وک تي ڏئيس ٿو

هڪ نئين ڪهاڻي!

هر قدم تي هڪ نئون الزام!

پاپ جو پريم جي پاپ جو!

پر هن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي سماج کي

شايد خبر ڪانهي ته

مان هڪ اڻپوري عورت آن،

۽ روئي رهي آهيان

پنهنجو پاڻ کان وڇڙڻ تي

منهنجي دل روح

پنهنجين ئي

محرومين جي پيڙائن ۾

جلي رهيو آهي

ائين جيئن ٻرندڙ سڙندڙ ڪاٺيون

جلي رهيون هجن

ٽڙڪي رهيون هجن

سڙي رهيون هجن.

 

ڪلثوم منظور 

اي خدا! اي خدا

پينگها لڏندا رهن

محب ملندا رهن

هر هلندا رهن

ٻج ڦٽندا رهن

اَن پچندا رهن

گاج گجندا رهن

مينهن وسندا رهن

گاهه گسندا رهن

پانڌ پسندا رهن

ڊيل ٽلندي رهي

گُل ٽڙندا رهن.

سنڌ تو تي رهي

رَبُ راضي سدا

آهه منهنجي دُعا

اي خدا! اي خدا!

مان ملندا رهن

شان وڌندا رهن

دل  جي ديو اندر

ديپ جلندا رهن

نفرتون ٻن ٿيون

پيار وڌندا رهن

شل سڻائي ڪرين

منهنجا سائين خدا

سنڌڙيءَ جي مٿان

گهور اُن تا وڃان.

ساري سنسار تان

هي ڏڪر، ڏک لهي

ظالمن  جي مٿان

قهر ڪرندو رهي.

اي خدا! اي خدا!

سنڌڙي جا ڪوي

گيت لکندا رهن

شال ڀٽ شاهه تي

ميڙا لڳندا رهن

دهل وڄندا رهندا

مچ مچندا رهن

ڇير وڄندي رهي

پير نچندا رهن.

”عذرا“ جبين

غزل

توبن منهنجا گيت اُجهاڻا،

خواب بڻيا آهن ويڳاڻا.

 

نيڻن ننڊ اڏاڻي آهي،

تون جو ياد پيو آن راڻا.

 

نيڻن ۾ سندر سپنا ٿيا،

پر سکڻا سکڻا ۽  اُٻاڻا.

 

موٽي اچ تون ساجن سائين،

ڇڏيم سڀ رسڻ ۽ ماڻا.

 

تنهنجي ياد جا پاڇولا.

آهن بڻجي گيت اُڏاڻا.

 

ياد وري اڄ دل کي پياهن،

پريت جا ”عذرا“ پڌر پراڻا.

*

 

گذري توبن ڪيئن، ڪهڙي ڪريان بات،

ڏينهن به گذري ڏکيو، ڪاري ڏائڻ رات،

جيئن ڪوئل جي لات، تيئن دانهون منهنجي دل جون!

 

دانهون دل ڪري، جهري پوي ٿو هانءُ،

رويو رويو پئي ڳنهان، تڏهن به تنهنجو نانءُ،

ٻولي ويٺو ڪانءُ، ايندين شال عجيب تون!

 

ايندين شال عجيب تون، من ۾ ٽڙندا گل،

سايڍي توکي ساهه ۾، ڪيئڙم ڪهڙي ڀل،

پوندا تڏهن هل، آتڻ جڏهن تون اچين!

 

ساهه به ٿيندو سرهو، وسري سور،

توبن گوندر گذاريم،ياد نه ايندم مور،

پل پل پونم پور، وايون وار اچڻ جون !

*

گيت

توبن هيءَ رت ڪهڙي آئي.

من ۾ آ جنهن آڳ لڳائي،

توبن هيءَ رت ڪهڙي آئي؟

 

ڪڪر ڪارا پل پل برسن،

اکڙيون منهنجيون تولئه ترسن،

نيڻن منهنجي ننڊ نه آئي،

توبن هيءَ رت ڪهڙي آئي؟

 

ياد آ تنهنجي واسو ڪيئڙو،

توکي ساري جيئڙو منهنجو،

ڳالهه وڻي نه من کي ڪائي،

تبن هيءَ رت ڪهڙي آئي؟

 

توکي ساريو ساريان ٿي مان،

آب اکين مان هاريان ٿي مان،

موٽي منهن تي مرڪ نه آئي،

توبن هي رت ڪهڙي آئي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com