سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :23

سحر ڪُبريٰ

(نثري نظم)

ٻُڌ-!

پل اهو ياد ڪر

جنهن ويل تو پڇيو هو،

”ٻانهن ۾ هڪ چوڙي“

ڇو وڻندي اٿئي.“

گلاب جي گُل سان

پيار ڪندي

آڪاش ڏي گهوريندي

تنهنجي هٿ کي زور ڏيندي

تنهنجي ڳل تي هلڪي ٿڦي هڻندي.

ڪجهه سوچيندي

مون وراڻيون هو ته

”سائين منهنجا!

انهي ڪري ته تنهنجي ٻانهن ۾

هڪ چُوڙيءَ وانگي

تنهنجي دل، ذهن، روح ۾

آءٌ هڪ ئي سمايل آهيان

جنهن سان تو کي

بيحد پيار آهي.“

*

زينت بلوچ

شاعري

 تنهنجي انتظار ۾

مون تنهنجي انتظار ۾

من آڳر سان گڏ

گهر آڳر تي به

گلاب ۽ موتيا پوکيا

سي سڀ خزان اچڻ سان

ڇڻي ويا آهن

سياري جي  سرد سُت

۽ مان تنهنجي انتظار ۾.

ڄانڀي گل ڦلاريا

ڪڻڪ سونا سنگ ڪيا

بهارون آيون

سڪل وڻ ساوا ٿيا

خزان جون نانءُ نشان مٽجي ويو

تيز هوائون لڳيون

هوائن ۾ خوشبو

خوشبو  سان من واسجي ويو

چنڊ جون چانڊوڪيون

تنهائي ۽ مان.

تنهنجي انتظار ۾

اکين به برسات سان گڏ

مينهن وسايا هئا

ڦوٽهڙي جي مند آئي

مون تنهنجي انتظار ۾.

ٻيهر گهر ۽

من آڳر تي

گلاب ۽ موتيا پوکيا.

*

بنفشه منظور

غزل

مون کي ساري ساريندين مون کان پوءِ،

تنها ڪيئن گذاريندين مون کان پوءِ.

 

جڏهن به پنهنجي ويجهو ڪا ئي سندين ڇاپ،

ڇرڪي پٺيان نهاريندين مون کان پوءِ.

 

هي جي پنڇي قيد ڪيا ٿئي پنڃرن ۾،

سڀ هڪ هڪ ڪري، اڏاريندين مون کان پوءِ.

 

مون پڄاڻان ساٿ ڪوئي گيت نه هوندئي،

تنهائي ۾ ڪيئن جهونگاريندين مون کان پوءِ.

 

ڪڏهن ڪوئي جي ساٿ ڇڏيندئي وچ ۾رستي  ۾،

ان اڌراهه ۾ مون کي پڪاريندي مون کانپوءِ.

 

غزل

تنهنجي گهر ڏانهن ايندڙ واٽ،

اونداهيءَ ۾ ڄڻ ڪا لاٽ.

 

جيون پويان ڊوڙي ڊوڙي،

پهلو ڪوئي موت جي گهاٽ.

 

روح جي تنهائي ويتر وڌي ٿي،

زنجير لڏڻ جو ٿيو جو چڻاٽ.

 

پڇئي  ته ويتر ڦٽ آلا ٿيا،

درد وڌيا ٿي ويا هئا جي ماٺ.

*

آکيرو اکين ۾ بنائي ڇڏيو اٿم،

پڃري ۾ پکي پڻ ويهاري ڇڏي اٿم.

هينون پوءِ به خالي لڳي مون کي ڇو ٿو،

دل کي پڻ دنيا سان لڳائي ڇڏيو اٿم.

پرين پنهنجي هٿن سان اماڻي ڇڏيئي،

اکيون اک آڻي روئاڙي ڇڏيئي.

متي پڻ کڻي ويئي گهڻا سال پهرين،

تو کي پڻ ته هاڻي ريجهائي ڇڏيو اٿم.

لڙڪن تان تنهنجي هي قربان حوالي،

تنهنجي لاءِ ته حاضر ساري زندگاني،

پيرن خاڪ تنهنجي ته  سرمون منهنجي لاءِ،

اکين کي پڻ ته تنهن سان اجاري ڇڏيو اٿم.

*

ڪلثوم منظور

تنهنجي واٽ نهاري رات تارن به ڏنو روئي،

گن ڳوڙها ڳاڙيا شبنم به ڏنو  روئي.

 

جدائي تنهنجي جانب جان منهنجي جهوري،

منهنجي حال تي سهڻا غمگسارن به ڏنو روئي.

 

رات تو کي ساري بادل به خوب هو برسيو،

رنگ خوشبو منظر نظارن به ڏنو روئي.

*

ذڪيه تبسم عباسي

احساس عاري آهيان

ناهي پيار سان پنهنجو واسطو،

۽ نه عشق جي ڪائي خبر.

 

ها دل اسان جي مري ويئي،

۽ روح به ناهي شايد حيات.

 

آهي  اُڃ رڳو، آهي سُڃ رڳو،

دل آ پياسي، من آهي پياسو.

 

ڪي ورهيه وهامي  ويا هليا.

اڃا نه ٿي سگهي آهي برسات.

 

پنهنجي چؤطرف تنهائي آهي،

ڳالهه دل ئي ته ڳالهائي آهي.

 

ما‎ٺ ۾ پئي آ، منهنجي قسمت،

نصيب کي به آهي سانت.

 

بي قراري نه آقرار ئي ڪو،

اذيتون نه آڌار ئي ڪو.

 

احساس عاري ٿي پئي هان،

”تبسم“ هر طرف آهي رڳو سانت.

*

بدر النساء  سيد

رواج

هن ڪمري جي هر ڪنڊ ۾،

هڪ خواهش روز روئي ٿي

ڪتبان جي ڪٻٽ ۾

لفظ بي ڪفن لاش جيان

ڌوڙ ۽  دز  سان لٽجي

معنيٰ وڃائي ويٺا آهن

تصويرن جا البم

رنگين چهرن کان خالي آهن

ڊائريون

ڏکن جو بوج کڻن کان انڪاري آهن

ڪيسٽن مان آواز

گم ٿي ويا آهن

هن ڪمري ۾ هاڻي تازو ئي.

هڪ خواب قتل ٿيو آهي

هڪ ڇوڪري جي ڪمري ۾

خوابن، خواهشن

اميدن ۽ رنگن جي نقاب مان  نڪري

ڪنهن جي پيار جي پکيءَ جو

اتي پهچڻ ممڪن ئي ناهي

جتي..........

غريب غرور سان ويٺل آهه!

بک بينون وڄائي ٿي

زندگي زور جو سودو آهي

مائون! باقاعده مرن ٿا

ان گهر جي اداس اڱڻ ۾

هڪ نراس ڇوڪريءَ جي خوابن تائين

ڪٿي ممڪن آهي

ها،

ممڪن ئي ناهي!

لالي مصراڻي

سسئي جي دانهن

مون چيو

اڄ دفتر ۽ داتانن

زوهه ۽ اڻ ريگزارن

کي ڇڏي

اڄ اچي دنيا  ڏسان

سڀ کان پڇان

مون کي ڳاتو شاعرن

مدبرن ۽ رهبرن

آئون رهيس

دلين، اندر، جذبن اندر، اڌمن اندر

آئون ديس

بربٽ اندر، جبلن اندر، روهن اندر 

سار منهنجي ڪنهن لڌي؟

ڪنهن پڇيو مون کان وڌي؟

آئون سسئي ساڳي سور ۾

سورن سندي مذڪور ۾

پل  پل انهيءَ  پور ۾

آئون اڪيلي ۽ ڳهيلي

اڻ پٽ دلان ڏک ڏسان جهوريءَ جهڄان

ٻي نه ڪا سسئي بڻي!

آئون رهيس هڪڙي ڄڻي

تو ڇا ڪيو آهي ڌڻي؟

يا ڳالهه سانگين کي وڻي؟

جو سسئي نٿي پيدا ٿئي

ڪو ته  ڪنهن کي دانهن ڏئي

ڪو ته اچي مون کي چئي

من رڻ پٽ ڇڏي

شعر جا دفتر ڇڏي

موٽي اچان هن ماڳ تي

موٽي اچان هن ماڳ تي.

*

سحر سنڌو

ڪنول رُنا ڪينجهر جا،

بيوسيءَ منهنجيءَ تي،

ڪَنوَلَ رُنا ڪِينجهر جا.

صحرا بڻيل ساري،

زندگيءَ منهنجي تي،

ڪَنوَلَ رُنا ڪِينجهر جا.

ورهين کان وٺي الا،

مفَلسيءَ  منهنجيءَ تي،

ڪَنوَلَ رُنا ڪِينجهر جا.

هاءِ غمن ساڻ اَلا،

دوستيءَ منهنجي تي،

ڪَنوَلَ رُنا ڪِينجهر جا.

راس نه آئي جيڪا،

دل لڳيءَ منهنجيءَ تي،

ڪَنوَلَ رُنا ڪِينجهر جا.

زرينا عباسي

هائيڪا

اونداهي اڌ رات

عورت اهڙي حال ۾

ڳولهي پنهنجي ذات.

اونداهي اڌ رات

عورت واڳن وات ۾

کائي ويٺي مات.

اونداهي  اڌ رات

ستي ڪانهي سورمي

ڄاڻ ته ٿي پرڀات.

اونداهي اڌ رات

ملي عورت ذات کي

سورن جي سوغات.

اونداهي اڌ رات

عورت ۽ عظمت جي

ڪنهن نه وائي وات.

سليٰ ”صدا“

نظم

ذهن کان سڀ وسوسا ويچار ڇن،

هر طرح هن جسم کان آزار ڇن.

 

صبح جو سورج ٿو جيئن باکون ڪڍي،

رهه اڳيان تيئن رات جا بازون وڍي.

 

ڪير ٿو تنهنجي برابرٿي سگهي،

تل سوا جڳ ۾ نٿو ڪو جي سگهي.

 

جنهن جڳهه تي تنهنجو نالو ٿي پڙهان،

شاهه جو  ڄڻ مان رسالو ٿي پڙهان.

 

ڇو نه تنهنجي خير خواهي ٿو گهري،

پاڻ لئه ڄڻ سو تباهي ٿو گهري.

 

تون پٽي ناهين جو ڪو ميٽي ڇڏي،

تو ڇڏيو هر شخص کي آهي اڏي.

 

من گهريو محبوب آهين، اي وطن،

خوبصورت خواب آهين، اي وطن.

*

نجمه ”نور“ ڦلپوٽو

غزل

ڪپڙا ڍڪي ٿو ڪارا، مروت جي ڳالهه ڪئي،

معصوميت سان ساٿ  ۽ سنگت جي ڳالهه ڪئي.

 

مسجد ۾ تو بتن جي محبت جو دم ڀريو،

بت خاني ۾ خدا جي عبادت جي ڳالهه ڪئي.

 

هڪ شاعراڻي رنگ ۾ ڏئي سڪ جي سوکڙي،

اکڙين ۾ آس پائي محبت جي ڳالهه ڪئي.

 

ٿئين ڌڙڪندڙ وجود جي حسرت جو ترجمان،

مهمان نوازي واري روايت جي ڳالهه ڪئي.

 

هڪ ذهني انتظار مسلسل کان پوءِ مسين،

همت جي، حوصلي جي ۽ جرئت جي ڳالهه ڪئي.

 

حد هڪ طويل صبر ۽ برداشت جي ٽپي،

پنهنجي اندر جي اونهي علالت جي ڳالهه ڪئي.

 

آخر هي راز فاش ڪيو، بي خودي ۾ تو،

جو ”نور“ ساڻ نينهن ۾  بغاوت جي ڳالهه ڪئي.

*

نجمه ”پروين“

ٽرسٽا

ڇڻي  پيو سڪايل پن

يادن جي سمنڊ ۾

تو لئه تڙپيو من

سانتيڪي شام

آديشي اوٺار آيو

پنڇيءَ ڪئي اُڏام.

 

سار نه لڌي جن

حياتي سان هام آ

هوندي ته ملبو تن.

 

خوشين بنا رتول

خالي آ مهراڻ ۾

جيون جو ڪشڪول.

 

تن ۾ تنهنجي تات

اکڙيون اب راتيون

هئه هئه آڌيءَ رات.

خديجة الڪبريٰ ابڙو

پنهنجا ڀاڳ ڀلا هن سائين.

پنهنجا ڀاڳ ڀلا!

جن کي اسان ڪين سڃاتو

تن کي  ورهين رلاهن سائين؛

پنهنجا ڀاڳ ڀلا!

محنت کي جن مهڻو ڄاتو

تن وٽ سوز سلاهن سائين؛

پنهنجا ڀاڳ ڀلا!

ڪوشش کان جن ڪين ڪيٻايو،

تن لئه سهنج سدا هن سائين؛

پنهنجا ڀاڳ ڀلا هن سائين،

پنهنجا ڀاڳ ڀلا!

*

نورجهان کتري

آءُ ڏسان خوش تو کي

آءُ ڏسان خوش توکي سدائين،

آءُ ڏسان خوش توکي!

شل نه ڏسين ڪو ڏينهن  ڏکن جو،

روز پسين سک سائين سدائين،

آءُ ڏسان خوش توکي!

تون وٽ خوشيون خيما کوڙن،

ڏاگهه ڏکن جو ڏون ٽوڙن،

پگ پگ  جو جلائين سدائين،

آءُ ڏسان خوش توکي!

اکڙين کان شل ڏور نه ٿين تون،

اهڙو ڪڏهن مجبور نه ٿين تون،

دل جو ديس وسائين سدائين،

آءُ ڏسان خوش توکي!

تنهنجي مورت منهنجي من ۾،

ڄڻ پيو چنڊ رهي درپن ۾،

چاهه چوڏس چمڪائين سدائين،

آءُ ڏسان خوش توکي!

توکي ڄاتم، صحيح سڃاتم،

تنهنجو پيار اکين  ۾ پاتم؛

ساٿ ڏيئي سرچائين سدائين،

آءُ ڏسان خوش تو کي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com