سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :10

نظم

ڪشمير

هي آهون ۽ دانهون هي معصوم چهرا،

هي ظلم و ستم بيوسيلن تي پهرا.

هي رستن تي بس لاش ئي لاش پکڙِيل،

جي ڀاڳن بچيا زخم ڏس تن تي گهرا.

ڪٿي ڀاءُ ٿيو ڀائٽي لئه پريشان،

ڪٿي ماءُ جيجل جا پٽ لاءِ ڀيرا.

ڪٿي ڪا سهاڳڻ ٿي واٽون نهاري،

ڏهاڳڻ ڪا ڳاري ٿي صدين کان ڳوڙها.

هي ظلم و تشدد نه هوندو هميشه،

وهامي اجها رات ٿيندا سويرا.

نه رهندي سدائين ڪا ظلمن جي نگري،

نه هوندا هميشہ هي بزدل لٽيرا.

خدا وٽ  ته ظالم لئه  ڏوري ڊگهي ٿي،

ٿي گر دير آ، پر نه رهندا انڌيرا.

آمد صبح

هر ڪنهن کي تياري پنهنجي آهه،

هر مکڙي ماڪ سان وهنتي آهه،

ڪا ڳالهه  صبا سان تنهنجي آهه،

گلشن ۾ سواري ڪنهن جي آهه،

ٿي ڪوئل ٻولي ساز جيان،

پرواز ڪري ٿي باز جيان.

وڻ وڻ کي ٻڌائي راز جيان،

سا ڳالهه نياري ڪنهن جي آهه.

شبنم به اچي ڇڻڪار ڪيو،

هر طرف گلن سينگار ڪيو.

ويراني کي گلزار ڪيو،

هي ڪار، گذاري ڪنهن جي آهه.

ڏس سونا ڪرڻا ظاهر ٿيا،

مشرق مان نڪري ٻاهر ٿيا.

سڀ پکي پکَڻ پڻ حاضر ٿيا،

ٿڌڪار هي ساري ڪنهن جي آهه.

سچ آهه نئون پيغام ڏنو،

ڄڻ آبِ حيات جو جام ڏنو،

آهه رات اهو انعام ڏنو،

 رنگين جي ٻاري ڪنهن جي آهه.

عزم جوان

ڪفر ۽ اسلام کي تون برسرِ پيڪار ڏس،

زندگي مومن جي ڏس، ۽ پڻ سندس ڪردار ڏس.

هر قدم آزاديءَ ڏي ٿو سندس وڌندو وڃي،

مردِ ميدان جي هٿن ۾ تيغ جوهردار ڏس.

نعرهء تڪبير سان جيڪي مجاهد ٿا وڌن،

ڪفر لرزان ٿو ٿئي تن کان، اُهي سالار ڏس.

في سبيل الله، جي خدمت ڪري خادم ٿيا،

 غزنوي، غوري ۽ اورنگزيب جا اطوار ڏس.

جن چيو لبيڪ اللّهم، خدا جي راهه ۾،

ڪارناما تن جا پڙهه هر ڪو سندن ايثار ڏس.

ناز ڪر اي ’ناز“ تن تي، جن رڱيو  تلوار کي،

تون به انداز مجاهد! جنگ جو جنسار ڏس.

سحر امداد:

1969ع جي ابتدا کان شاعريءَ جي ابتدا- ان کان اڳ رسالن، اخبارن ۽ ڪاليج  مئگزين ۾ ڪجهه مضمون ڇپيا هئا. 1972ع ڊسمبر کان 1973ع آڪٽوبر ائين ”سوجهرو“ (ڪراچي) ايڊٽ ڪيم. 1976ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بطور استاد آهيان- ۽ هن وقت فل پروفيسر ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيان. اُن وچ ۾ ٽکڙ پبليڪشن جو هڪ ڪتاب ”مئل ماڻهو جيئري پيڙا“ امداد ۽ مون گڏجي ايڊٽ ڪيو هو. ان کان سواءِ عبرت مئگزين جي نئين دور جي نئين صورتگري ۾ پڻ منهنجين محنتن جو دخل آهي- ڪُل 4 کان 5 پرچا ٿيندا، ان کان پوءِ  ساڳي اداري جي ”بختاور“  رسالي جا پهريان ٻه پرچا منهنجا ئي ايڊٽ ڪيل آهن. سنڌالاجيءَ پاران ڇپايل ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“منهنجو ۽ امداد جو مرتب ڪيل آهي. ”ڪونج“جو هڪ پرچو پڻ اسان جو ايڊٽ ڪيل آهي. شروعات ۾ ريڊيو ۽ ٽي. وي.لاءِ پڻ لکيم- اڄڪلهه گهڻو وقت تحقيق کي وڃي ٿو. تخليق ڪڏهن ڪڏهن!

غزل

جنهن  تي ڳاڙهو جلد چڙهيل آ،

تنهن پُستڪ ۾ چُمي  رکيل آ.

مُرڪن سان هوءَ جئين ملي ٿي،

ڳوڙهن سان تيئن رليل مليل آ.

اچڻو آهين، اچي وڃين  ها،

دل- ديول جو دووار کُليل آ.

جهيڙو  پريس بيانن ۾ آ،

ڏس هو ڪيڏو پڙهيل ڳڙهيل آ.

پن کان هلڪو، نِم کان کان ڪوڙو،

پڙهيل آهي، ڪين ڪڙهيل آ.

پنهنجي  پاڇي کان کان به ٽهي ٿو،

اهڙي ڪهڙي ڳالهه هُليل آ.

ڪيئن اچان مان خوابن  تائين،

چاهه سندي ساراهه ڀُليل آ!

گُل سان خوشبو ساڻ هجي جيئن،

هرديه ۾ هو ائين گهُليل آ.

پولار

ذهن جي پولار ۾

ڪيتريون ئي ڪهڪشائون 

ڪيترائي چنڊ، سورج گِرهه تارا

 ۽ ستارا

جهلملائن ٿا پيا

پر انهن مان ڪيتريون ئي ڪهڪشائون

ڪيترائي چنڊ، سورج  گرهه تارا

۽ ستارا

 پار- اَپار

۽

ڪال- اَڪال

هيترن پُرپيچ پنڌن کي لتاڙي پوءِ ڀي

 ڪيترن ئي نوري سالن جي سفرکان پوءِ ڀي

ڏور پولارن ۾ ڪٿ چمڪن پيا- پر

دل جي ڌرتيءَ جي اننت  آڪاس تي اڀرڻ بنان

چمڪڻ بنان

جي انهيءَ پولار ۾ آهن

مگر ناهن!

دوها

جهونجهڪڙيءَ جي جهانجهه

سانجهه سويرو، اگهور انڌيرو، موڳو موڳو من- درپُن؛

جهونجهڙيءَ جي جهانجهه وڳي، ڇڻي پيو هر پيلو  پُن.

ڏور پِپر جي ڇانوَ ۾ ويهي؛ ڪريون رِيجهه رهاڻ؛

تون جي آهين ساڻ ته ساجن، ڪهڙي ڪنهنجي ڪاڻ.

پل پل پيارو، ساعت ساعت، سونهن سندو سنديس.

ههڙو سُندر، ههڙو پيارو، ڄڻ ته ڇَمر جي ڇانءُ.

هڪ ڏينهن ويٺي سوچيم ساچيم سائين تنهنجو منهنجو ڪهڙو سنگُ؟

آڪاس جهُڪي ڌرتيءَکي چمُيو، روح رچي ويو رنگُ!

وائي

ويلَ ويلَ جي واڳ ورائي آڻيون اهڙي راتِ

الوميان، آڻيون اهڙي راتِ

جنهن جي سُهڻي سانجهه هجي ۽ رنگ رتي پرڀاتِ

الوميان، رنگ رَتي پرڀاتِ

من جي مُکڙي هيڪل ويا ڪل، تن کي تنهنجي تاتِ

الو ميان تن کي تنهنجي تاتِ

توکي سهڻا سانول سُپرين، ساريان ساري راِتِ

الوميان، ساريان ساري راتِ

چنڊ جهُلي ٿو، هير گهُلي ٿي، لُنوَ لُنوَ ڪائي لاتِ

الوميان، لُنوَ لُنو ڪائي لاتَ

ڏسڪي ڏسڪي ڏينهن لنگهيا ٿي، روئي روئي راتِ

الوميان، روئي روئي راتِ

نيهن نکٽ آ، اونداهيءَ کان ڪڏهن نه کائي ماتِ

الوميان، ڪڏهن نه کائي ماتِ

سُورج بڻجي اُڀري ايندي، ڏاهي پنهنجي ڏاتِ

الوميان، ڏاهي پنهنجي ڏاتِ

گيت

هو گورل

تنهنجا اَباڻا

ساهه سيباڻا

جُڳ جُڳ جيئن ووءِ!

تنهنجا ماڻهو مڙ موچارا

جيءُ جيارا، سهڻا پيارا

کير ۽ کنڊون پين ووءِ!

هي گورل

تنهنجا مٺڙا ماروئڙا

جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا

شل ٿائينڪا ٿيئن ووءِ!

هو گورل

تنهنجي ديس جون سندر ناريون

بُولن واريون، ٻانهياريون

ڏونرا ڏاڻ ڏيئن ووءِ!

هو گورل

ماسڪ

راتين جو جاڳندي ٿا گذاريون اسين هِتي

چوڌاري ڊپ ۽ خوف جو ماحول آ جِتي

ڄڻ ڪنهن پرائي ديس ۾ آهيون رهيل اسين

ماڻهوءَ جو ماس کائي گذارو ٿا ڪن جتي

سڀ خونخوار وحشي درندا رهن اتي

ماڻهوءَ جو ماسڪ پائي گهمن ٿا گهٽيم ۾ هُو

هٿ ۾ بندوق وات مان وِهه ٿو ڳڙي پيو

۽ اڄ ڪلاشنڪوف جو ڪلچر تڳي هتي

لاشن جي ڍوُنڍ تي سڀئي ولچر مڙيا هتي

 

سنڌڙيءَ جا رنگ روپا زمانا ڪٿي ويا؟!

خالق ڏنا جي خوب خزانا ڪٿي ويا؟!

شاعر ڏٺا جي خواب سهانا ڪٿي لُٽيا؟“

پرڀات- ‎ڦيرين ۾ ڳُڻوان ڳائڻن؟!

آزادين جا ڳاتا ترانا ڪٿي گهُٽيا؟!

سحر امداد

بنا جيئڻ جي جيون گهارڻ

تو کي هڪڙي اهڙي عورت

گهرجي

جيڪا

جيئن تون چاهين تيئن ڪري

جو تون چوين سوئي چري

تنهنجي نسل وڌائڻ ڪارڻ

ٻار ڄڻي

ڏڏ؛  ڇسي؛ بنا سوچ ۽ بنا ذهانت جي

پنهنجي ڪنهن به ائڊنٽيفڪيشن کان سواءِ

تنهنجي ئي فيڊ ڪيل پروگرام پٽاندر

بيهو ڪري

هڪڙي روبوٽ وانگي

جي اٿارينس- اٿي

جي وهارينس- ويهي

جي روئاڙينس- روئي

جي کلائينس- کلي

بنا محسوس ڪرڻ جي

پيار ڪرڻ جا

جاڳڻ جا

سمورا نيم

جيئن تو فيڊ ڪيا آهن

تيئن ئي تن تي عمل ڪري

اڻ سوچيل؛ اڻ سمجهيل؛ اڻ محسوس ڪيل؛

احساسن سان

بنا جيئڻ جي جيون گهاري!

 

صوفيه مير جت

چانڊوڪي رات

چانڊوڪيءَ رات جون ڪجهه گهڙيون

دل رهڻ ٿي چاهي هتي ئي

من مهڪڻ ٿو چاهي هتي ئي

ڪجهه لمحن جي لاءِ سهي تون آئين

اڄ دل گهرڻ ٿي چاهي هڪ دعا

ته هن  رات جي سيني مان ڦٽن ڪيئي راتيون

هي وقت هتي ئي رڪجي وڃي

تون باغيچي ۾ گلاب بنجي

منهنجي سامهون مهڪندو رهين ۽

آئون خوشبو بنجي تو ۾ سمائجي وڇان

 تون ياد ڪجان انهي خوشبو کي

جيڪا هميشه تو سان گڏ هوندي

هميشه جي لاءِ هن لمحي کي يادگار بنايون

۽ پوءِ ياد ڪجان مون کي

جڏهن مان نه هوندس

جڏهن مان نه هوندس!

ياسمين اسماعيل ملاح

نظم

رات جو جڏهن تون ڪري اچين سينگار پيارا،

هجي چوڏهين چنڊ ۽ پنهنجو پيار پيارا.

حسن ۽ عشق جو هجي ائين پاڻ ۾ ساٿ پيارا،

زندگي گڌارڻ لاءِ هجي ڪا اهڙي واٽ پيارا.

محبت ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ديرو هجي،

جٿي پريمين تي ڪو به نه پهرو هجي!

جيئن ڪاڻ روز مرڻو پوندو آ،

ڏک ۽ سک سهڻو پوندو آ.

هت دل کان دل جي دوري آه،

هت محبت هڪ مجبوري آه،

 هت محبت هڪ مجبوري آه،

قيد جي زنجير آه باقي،

 پنهنجو ناهي هت ڪو ساٿي.

نور الهديٰ شاهه

پيڙا

من

سانجهه سمي جو تنها پنڇي

 پنهنجو آکيرو ڳولي ٿو

ائين اڏري ٿو

ڄڻ بن ۾ ڀٽڪي ٿو.

ڪيڏو

ل. م. ب. و

رستو جيون جو

تنهنجو  منهنجو پيار پرين

ڄڻ پل جو سپنو هو

پل

ان پيڙا جو

من ۾ کاٽ هڻي ٿو

سڀ سک چين کسي ٿو

پوءِ به مان ان جي موهه ۾

نيڻن  ۾ درياهه ڀريان ٿي.

ان جو ئي جاپ ڪريان ٿي.

وجود جي ڀونجال ۾

ڪنهن ڪنهن رات ديوار ڊهي ٿي

مان تو سان ملان  ٿي.

شايد تو کي ڇهان ٿي

پر ان کان پهرين نئين ٺهي ٿي

ان ديوار جي ڦهلاوَ  تي

مان ڄڻ ڪو پاڇولو آهيان.

لڙڪ

سکي!

رات جو

چانڊوڪيءَ جي جيڪي اڇا اُجرا گل

منهنجي وهاڻي هيٺان  ٽڙن ٿا

صبح ٿيڻ تي

سج جي گرميءَ ۾

ميڻ جيان

ڦڙو

ڦڙو

وگهري

منهنجي نيڻن ۾ ڀرجي

شام ٿيڻ  تي ڏيئا بڻجي

ٻيهر

جرڪيو پون ٿا.

ڪجهه  ته چوَ

جڳُ لنگهيا

مون کي تنهنجيءَ  دل جي دروازي ٻاهران بيهندي

۽ انهيءَ تي هٿ هڻندي

۽ توکي پڪاريندي

۽ تونه ڪا ورندي ڏني آهي

نه دل جا ٻوٽيل دروازا کولي

هڪ مڌر مرڪ سان منهنجي آجيان ڪرين ٿو

۽ نه ئي

جُڳ لنگهي وڃڻ کان پوءِ به

مون کي دروازي جي بند هئڻ جو يقين اچي ٿو.

ار محبوب

”الِرجي....“

مون کي پيار آهي

ها جانم.........

مون کي تو سان پيار آهي

بي انت ۽ بي شمار 

تنهنجي لفظن، شفاف جذبن

۽ انهونين ڳالهين سان

عشق آهي.

تنهنجي چري چاهت

مون لاءِ ديوانگي

۽ منهنجي انگ انگ تي ڇڏيل

تنهنجي هر رنگ جو

اعتبار آشهي......

ها جانم

مون کي تو سان پيار آهي.

پر ڇا ڪيان؟

تنهنجي دل رکڻ......

توکي مطمئن ڪرڻ لاءِ

ڪيئن اهڙا ڪي وعدا ڪريان؟

(جيڪي شايد  تون به ڄاڻين ٿو

ٿيندا ئي فقط ڀڃڻ لاءِ آهن.)

ته مان هر گذرندڙ

۽ هر ايندڙ پَل ۾

توکي پنهنجي دل ۾

محفوظ رکنديس!

 پنهنجي عاشقيءَ جي

گرم ڀاڪُر ۾

جڪڙي رکنديس     

ها جانم.......

مون کي تو سان پيار آهي

پر ڪيئن اهڙو ڪو ئي

اقرار ڪيان........

جنهن  جي سڀاڻي،

ڪا به اهميت نه هوندي

(فقط هوا ۾  تحليل ٿي

ويل

چنڊ خوبصورت جُملن

کان سواءِ.......)

ته ايندڙ ڏينهن ۾،

تنهنجا مون کي ارپيل

.......

سڀ پيار، خواب ۽

نازڪُ پيار، خواب ۽ 

نازڪُ نرمل احساس

بيرنگ نه بڻبا!

تون مون کي

منهنجي دل جي شيلف ۾ محفوظ

ماضيءَ جي انهن بيش قيمت،

۽ خوبصورت جلدن واري 

لاتعداد ڪتابن جهڙين،

اڻوسرندڙ عاشقن وچ ۾

اُن بيرحميءَ ۽ بيدرديءَ سان،

استعمال ڪيل....

ميري ۽ گدَلي ڪتاب/ عاشق

جهڙو نه لڳندين،

جنهنجو پهريون ۽ آخري صفحو

ڦاٽي چُڪو هجي!

تڏهن جانم....

منهنجي روح جي

سِٽ سِٽ کي،

فتح ڪندڙ

منهنجا پاڳل پريمي.

مون کي يقين آهي....

ايمان آهي،

ته منهنجي ”نفيس احساسن جو

تو وٽَ ”مان“ هوندو

جِن جو قدر ڪندي.....

پنهنجي عاشقيءَ ۽ ديواندگيءَ جو

ڀَرم رکندي،

تون اُن ويل فراخدليءَ مان،

ڪنهن نئين ۽ خوبصورت جلد واري....

ڪتاب جهڙي عاشق لاءِ

منهنجي دل جي.....

 شيلف ۾ والاريل

پاڻ واري جاءِ

دريا دليءَ جو ثبوت ڏيندي......

خوشدلي سان،

خالي ڪري ڇڏيندين.....

ڇو نه جانم،

جڏهين تون منهنجي

روح جي هر سِٽ جو

حافظ هئڻ واري

دعويٰ ڪرين ٿو،

تڏهين توکان منهنجا پيارا پريمي.....

اِها حقيقت  به ته،

 ڳجهي ڪين هوندي،

ته ڪجهه وقت جي ”استعمال“ کان پوءِ

ميرن گدلن ڪتابن،

۽ پُراڻين عاشقين سان

مون کي سخت الرِجي

ٿي پوندي آهي!

 

رات ڪهاڻي

رات سانت سپنا سارون....

پيار پياس پاڳل رات....

دل دري ديوارون رات....

آس اميد اوجاڳو رات....

بادل بجلي برکا رت....

چنڊ چنبيلي  چاهت رات...

مِن ملهار مُرادون رات....

گيت گلاب گهائل رات...

خمشا خوشبو خالي رات....

سانت سپنا سارُون رات...

 

روحل

اسين هن کي،

آئينو چونداسين....

هڪ لفظ

گهڻيون معنائون

۽ ججهي اُس....

هُن جو جسم

اسان جي جسم مان جُڙندي

اکيون ۽ خواب.....

هٿ ۽ مصوري....

زبان ۽ گيت.

هي ڊگها اوجاڳا

جيڪي صدين جي

سوڙهين گلين ۾،

هُن جي پيرن ۾

پنهنجو سفر ڪندا

ٻه چهرا هڪ چهري ۾

گڏ نظر ايندا

۽ اسان جو نالو اُڪرجي ويندو

وقت جي پٿر مٿان !

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com