سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :18

”تبسم“ زهره

ٽه- سٽا

ڪوڙ نه ٿيندو ڪار،

هرڪو ڄاڻي،

سچ ٿيندو نروار-!

 

چنڊ اهڙو ته مَلورُ،

جهري پوندو،

منهنجي جهول ضرور-!

 

جيون ۾ اڄ جهاتيون،

پاتم او پانڌيئڙا،

اکڙيون ٿيون آتيون-!

 

ڪونجن جي ڪوڪار،

ولر کان وڇڙي ڪونجڙي،

ماريءَ جوڙي ڄار-!

*

ڪينجهر بلوچ

غزل

روز سيني ۾ اچي ٿو،

ڪير پنهنجو لڳي ٿو.

 

ڪيڏو بي قياس آهي،

چين ئي کڻي وڃي ٿو.

 

ڪهڙي ڪارڻ هر گهڙي هُو،

منهنجي  سوچن ۾ رهي ٿو.

 

رات جي چانڊوڪيءَ ۾،

چنڊ ڇو مون ڏي تڪي ٿو.

 

هُن کي ڏسندي ئي ”ڪينجهر

شعر ڪو سرجي پوي ٿو.

*

نظيران ناز احمداڻي

ياد

تنهنجون يادون

منهنجي زندگي جو سرمايو آهن

تنهنجي ياد جي سهاري

جيئندي آهيان

تو کي ڪهڙي خبر

ته منهنجا ڏينهن

ڪيئن ٿا گذرن

تو کان وڇڙئي

ڪيترا سال گذريا آهن

پر مان توکي وساري

نه سگهي آهيان،

شايد

سڄي عمر نه وساري سگهنديس.

*

جڏهن ڪنهن سان نظرون ملائين،

تڏهن ياد مون کي ڪجانءِ.

 

جڏهن گل ٽڙندي ڏسين،

تڏهن ياد مون کي ڪجانءِ.

 

جڏهن پيار جون لڳن هوائون،

تڏهن ياد  مون کي ڪجانءِ.

 

جڏهن ڪير تنهنجو ڪري انتظار،

 تڏهن ياد مون کي ڪجانءِ.

*

نوشين سپنا کوکر

غزل

مون سان جفا ڪئي تو وفائن جي آڙ ۾،

ڏيندو رهين فريب محبت ڪري ڪري.

 

ڳالهيون ملڻ جو مون سان تو ئي سدا ڪيون،

هڪ وار به نه آئين وعدا ڪري ڪري.

 

اي ڪاش! مان وساريان سڀ تنهنجون ڳالهيون،

روئان ٿي ياد تنهنجا قصا ڪري ڪري.

 

 محبت ڪرڻ جي مون کي آهي ڏني سزا تو،

دک ۽ غمن جي مون تي عنايت ڪري ڪري

 

مون تي  ٿيل ستم تي، دل جي ڦٽل شهر تي،

آڪاش روئي ٿو ”سپنا“ ريسون ڪري ڪري.

*

ناز قريشي

نظم

هڪ گل هوا جي ڪنهن لهر تي

جهڪيو هئو مون ڏانهن 

مون جو ان جي خوشبو ۾ گم ٿي

دير ڪئي پٽڻ ۾

ته هو دور ٿيو ٿي مون کان

هوا جي ٻي لهر تي

مان ڏسندي رهيس خاموش نظرن سان

بي نور اداس اکين سان

من کي ٿيو احساس هوا جي سنگدلي جو لاپرواهي جو

وس هلي منهنجو نٿو، هر شيءَ

آهي ڪائنات ۾ خودمختيار

ڪاش!

ڪو حڪم منهنجو به هلي.

*

ثريا منير سولنگي

دوستو! دل جا درد هزار،

پيار ڪيو آهي ڏاڍو بيقرار،

دوستو! دل جا درد هزار.

سهڻو دل کان دور آهي،

ملڻ کان مجبور آهي،

بيچيني آهي بار،

دوستو! دل جا درد هزار.

جنهن سان منهنجي الفت آهي،

تنهن سان پنهنجي ڪلفت نه آهي،

سو ايندو هڪ نه هڪ وار،

دوستو! دل جا درد هزار.

حال ته جو بي حال،

سهڻو ڪري ٿو ڪين خيال،

نيڻ رئن ٿا زارو زار،

دوستو! دل جا درد هزار.

*

ٽيڙو

جاڳ ديس جا دلبر،

دودا ڪسجن پياس هتي،

ڪن پيا ڇاڳ چنيسر!

سهڻي سنڌ ڌرتي،

ڏک ڏسي ٿي،

منهنجي امڙ سرتي.

ٿري خوش ٿين،

جڏهن بهار اچي،

ته مينهن وسن.

*

(وائي)

تون ياد اچين ٿو

اڱڻ ٻهاريندي

-واٽ نهاريندي-

تون ياد اچين ٿو.

تنهائيءَ ۾،

هنجون هاريندي-

تون ياد اچين ٿو.

سهڻا سهڻا،

سپنا ساريندي-

تون ياد اچين ٿو.

سو سينگار ڪري،

وار سنواريندي-

تون ياد اچين ٿو.

ساجن تو ڏي،

ڪانگ اڏاريندي-

تون ياد اچين ٿو.

غزل

ياد ۾ تنهنجي رهندي آهيان،

سورن ۾ پئي سڪندي آهيان

من ئي من ۾ تنهنجي ڪاڻ،

شمع وانگر جلندي آهيان.

تنهنجي اچڻ جي ميدان ۾.

رستا روز ڏسندي آهيان.

جاڳ ۾ توکي ساريان ساجن،

خواب تنهنجا لهندي آهيان،

جڏهن پڇي ٿو تو لئه ڪوئي،

آءُ ته روئي ويهندي آهيان.

ڇو نه آئين!

توکي وٺي ايندي

هيلوڪي عيد

مون کي ڪيڏي

آس هئي.

پر نه ڄاڻ

اڃا تائين

اها

خبر نه پئجي سگهي ته

تون هيلوڪيءَ عيد تي

مون ساڻ ملڻ ڇو نه آئين!

عابده پروين جلباڻي

من جا ميرا

ماڻهو من جا ميرا آهن،

نفرتن جا بس ديرا آهن.

اندر انهن جي ڪانءُ لنون ٿا

ٻاهر  ٻولي هنج جي ڪن ٿا

مورن جهڙا سهڻا ماڻهو

ڪيڏا اندر جا ڪوجهان آهن

ماڻهو من جا ميرا آهن.

پيار محبت وسري وئي آ

حرص، حوس بس ڀرجي پئي آ

رشتن کي هي ڪين سڃاڻن

لالچي رڳو لُٽيرا آهن

ماڻهن من جا ميرا آهن.

نفرتن جا بس ديرا آهن.

ياد

شام جو سهانو پهر

سڄو جڳ مستي ۾ رڌل

۽ آءُ هيڪل هيڪل......

منهنجي سوچن ۾ اها

ياد تنهنجي لڪل ۽ رات جو چڱو ٿئي پهر

سارو جڳ گهرو ننڊ ۾ ستل.......

۽ منهنجو اڪيلو من تنهنجي سپنن ۾ ٻُڏل

وري صبح جي چڱي ٿئي مهل

پکي به لات سهڻي  لنون ۽

منهنجي جند تنهنجي مستي ۾ متل......

بس اٺئي پهر تن ۾ تات تنهنجي لڪل

۽ آءُ هيڪل هيڪل......!

آزاد نظم

بند ڪمري ۾ اڪيلي آءُ.......!

سياري جي رات ۽ گهڙيءَ جي ٽِڪ ٽِڪ

ڪيڏو نه ڀوائتو آواز آهي.............؟

۽ انهيءَ اڪيلائيءَ ۾ تنهنجي ياد

تنهنجا سپنا تنهنجا خواب

ڪاش اها ڪيفيت تون محسوس ڪرين ها!

ته اڪيلائي آهي ڇا آهي!

تو کي ياد ڪيان

يادن جي خوابن جيان،

ٽوٽل خوابن جيان

تو کي ياد ڪيان!

هي ڇا ٿي ويو تعبيرن جيان،

تعبيرون به عذابن جيان

ٽٽل خوابن جيان،

توکي ياد ڪيان!

هر پل تنهنجو منظر،

ڏسان دل جي اندر،

ٽٽل خوابن جيان،

توکي ياد ڪيان!

هر پل ڪري تو کي ياد،

ڪري ٿو ماضي مون کي برباد،

ٽٽل خوابن جيان،

توکي ياد ڪيان!

يادن جي پاڇولي ۾،

ٽٽل خوابن جيان،

توکي ياد ڪيان!

*

 

فهميده شرف بلوچ

گيت

متان  پاڻ تو ۾ وڃائي نه ڪو،

انهيءَ لاءِ شايد جهلي لوڪ ٿو.

چري! گيت اهڙا نه چئه.

وڌ من جي پيڙا ٿي ويتر وڃي،

رڳو لڙڪ آڇي، نه ٿي ڏڍ ڏي،

ٿي هرسٽ ۾ ڄڻ پئي ٻري باهه ڪا،

۽ هر لفظ تنهنجو وڍي هاءُ پيو،

چري! گيت اهڙا نه چئه.

جو هت چنڊ ۾ ڪنهن کي ڳوليندو  هو،

۽ لڙڪن جا موتي به روليندو هو،

اهو شخص هن شهر مان اوچتو،

الائي ته ڪاڏي ويو آ هليو،

چري! گيت اهڙا نه چئه.

نه تون ننڊ پنهنجي اکين جي ڦٽاءِ،

ڏيئو آس جو ڪين گوري اجهاءِ،

ڪٿي تون وڃائيون سکن جون گهڙيون،

حياتي سڄي روئجان نه پوءِ،

چري! گيت اهڙا نه چئه.

پرهه تائين آڪاش سڏڪا ڀريا،

سکي! سڀئي منظر ها روئي پيا،

سڄي رات تارا رنا ٿي  پيا،

اداسيءَ وچان چنڊ چوندو رهيو،

چري! گيت اهڙا نه چئه.

سدا گيت شاعر جا سنگسار ٿيا،

اڌورا سوين خواب رهجي ويا،

زمانو هي آخر قلمڪار کي،

هميشه جهليندو آ ڇو؟

چري! گيت اهڙا نه چئه.

*

غزل

ڇو ڪو ئي اڪيلو آ؟ چارا به نه ٿا  ڄاڻن،

ڏک ڪنهن جي اندر جو، دل وارا به نه ٿا ڄاڻن.

پيڙا جي سفر کان پوءِ سرجن ٿيون سٽون ڪيئي،

هيءَ ڳالهه ته هتي پنهنجا، پيارا به نه ٿا ڄاڻن.

چپ چاپ ڇو لهرن ۾ ڪي لڙڪ ٿيا شامل؟

طوفان جو تِک ساگر، کارا به نه ٿا ڄاڻن.

چنڊ   ڪيڏو اداس آهي؛ تنها ٿو  رهي جڏهين،

افسوس! جو امبر جا تارا به نه ٿا ڄاڻن.

عاشق آهي اصل ۾ ڇا؟ تو کان ٿي پڇان پريتم!

هر رز جُڳن کان مون پارا به نه ٿا ڄاڻن.

ڪيئن رنگ اداسيءَ جو ڇانيو آ سکي! چوڏس؟

هن حال کي گورا يا ڪارا به نه ٿا ڄاڻن.

غزل

سپنا نه رهيا ساڳيا ۽ ساڻ نه سرهائي،

هڪ آءُ ٻي گڏ مون سان آ منهنجي اڪيلائي.

سوچيان ٿي پئي هاڻي ان وقت تي مان ساجن،

ڇا پريت هئي پنهنجي؟ ۽ ڪهڙي شناسائي.

توکان پوءِ هميشه لئه هن منهنجي حياتيءَ تي،

هر ٽهڪ ٺٺولي آ، هر لڙڪ تماشائي.

مون  ڀي ته تمنا ڪئي، موٽي نه اها خود ڀي،

ڪجهه وقت خوشي مون کي جا راس هئي آئي.

ٿو چنڊ لڳي ويا ڪل، مايوس ستارا ڀي،

جنهن وقت پيا تنهنجي ٿي سار اچي ڪائي.

سلميٰ اعجاز ميمڻ

وائي

پيار جي ڳولها ۾ بن بن ڀٽڪيس،

پيار هٿ نه آيوڙي!

 

ڀٽائي تنهنجي ڀونءِ تي،

گيڙو ويس ۾ گهميس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

 

هاڃا ڏسي هيترا،

ڀتر جيان ڀريس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

سڪ، خلوص ۽ پنهنجائپ جا،

بس سپنا ڏسندي رهيس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

 

محبت ڳولڻ نڪتي هيس،

نفرت منجهه پيس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

 

پنهنجي هٿ جي ٺاهيل،

زنجير ۾ ٻڌيس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

 

اصلي ماڳ سمجهي،

پاڇولن جي پويان لڳيس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

 

ڀوڳندي بي وفاين کي،

مفت مارجي ويس-

پيار هٿ نه آيوڙي!

*

وائي

اوريان ڪنهن سان ڳجها راز،

ناهي ڪو همراز!

ڪيڏو سمجهايو پنهنجو پاڻ کي اندر جي آواز،

ناهي ڪو همراز!

سينڌ بنا سنڌور جي ڪهڙو وارن جو انداز،

ناهي ڪو همراز!

دل جو ديس ويران ڪري خوشيءَ جو اڏريو باز،

ناهي ڪو همراز!

*

رخسانه گهانگهرو

گيت

دُور ڪنهن نينگر گيت ڳاتو آ.

ڌرتيءَ سونهري ويس پاتو آ.

دُور ڪنهن ٻالڪ مينگهه ملهايو آ.

دُور ڪڪرن ٽڪرن سان ڀاڪر پالتو آ.

دُور ڪنهن ٽاريءَ تي ويٺل ڪوئل.

ڪو اڻ ڳاتل گيت ڳاتو آ.

دُور ڪنهن نينگر ڪو گيت ڳاتو آ.

دُور ڪنهن جي سپنن حقيقت جو روپ ڌاريو آ.

دُور ڪنهن جي سپنن حقيقت جو روپ ڌاريو آ”

دُور ڪنهن نينگر ڪو گيت ڳاتو آ.

*

فوزيه شيخ

عجيب فيصلو

منهنجي زندگي جي ڪتاب جا

الاهي صفحا خالي آهن

الاهي جملا اڌورا آهن

بيشمار لفظ وکريل آهن

مون سڀ سهڻي نموني

ترتيب سان لکڻ ٿي چاهيو

بي عنوان زندگيءَ کي

ڪو نالو ڏيڻ ٿي چاهيو

پر هي وقت جو عجيب فيصلو

منهنجي هٿ سان

قلم ڀري

تقدير جي قلم سان

پنهنجا فيصلا

منهنجي زندگيءَ جي ڪتاب ۾

لکي رهيو آهي.

خالي صفحا ڪارا

ڪري رهيو آهي.

اڪيلو جڏهن رهجي وڃين......

رنگن جي مند ۾

تتلين جي ديس ۾

نيري ڍنڍ جي ڪناري

يا سهڻن گُلن جي باغ ۾

اڪيلو....ويا ڪل....گهايل

جڏهن رهجي وڃين

ڏک ۽ پيڙا جو بار

تن هيڪلو نه کڻين سگهين

تڏهن او ساٿي

مون کي ضرور سارجان.

حميره شمس شيخ

غزل

نيڻن نيڻ ملايئي ڇو؟

پيار ڪري پڇتايئي ڇو؟

سمجهو توکي پنهنجو هو مون،

منهنجا گيت ٿي ڳايئي ڇو؟

اي چندرما، منهنجي آڳر،

ها چانڊوڪي  چمڪايئي ڇو؟

پرهه سندو پيغام بڻجي،

خوشبو کي ڦهلايئي ڇو؟

ڳوڙها لاڙي هر هر تو،

پنهنجي سونهن وڃايئي ڇو؟

دل جا حال ته اورين ها،

اندر راز لڪايئي ڇو؟

غزل

جيسين آهي دم ۾ دم،

سهندس پيارا سڀ ستم.

ڪاڳر تي مان اوتينديس،

تنهنجو جاني سارو غم.

ڇا جا حساب، ڇا جا ليکا،

اک ته ناهي منهنجي نم.

پنهنجي پيار جو احترام،

ناهي ڪنهن تي ڪو لازم.

واٽ ويندي مست ڪري ٿي،

نينگر پايل جي ڇم ڇم.

غزل

سانجهه سوير مرڪن پيا،

پايل پير مرڪن پيا.

نينگر ناز نخرن سان،

من ۾ مير مرڪن پيا.

رولي رڻ ۾ هُو هليا،

سئي ڏير مرڪن پيا.

پيڙا پڄريل دل تي لکي،

شاعر شعر مرڪن پيا.

دل ۾ غم نيڻ نم،

ماڻهوءَ وير مرڪن پيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com