سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :25

مهر پروين

بيت

آهه اڪنڊ اندر ۾، عمر اباڻن،

روئان پيئي رت ڦڙا، ساري سنگهارن،

ڌاران ڌڻارن، ڪين ڪٽيندس ڪوٽ ۾.

 

مينهن وٺو ڏيهه، وريو آهي  واءُ،

سرهو اچي ساءُ، ويڙهيچن جي ويڙهه مان.

 

اڄ اباڻي پار کان آئي ٿڌي هير،

اندر  ٿي اُڪير، ماروئڙن جي ملڻ جي.

 

مينهن وٺا مارن ڏي، ٿيا ڳم ڳنڍير،

عمر ڄام امير، موڪل ڏي ته ملير وڃان،

 

عمر منهنجا ماروئڙا، ڪڏهن نه اڏين ڪوٽ،

وٺي ڀٽن اوٽ، رهن سدا رڻن ۾.

 

پسان وڃي پنوهاريون، ڪوٽن ڪِڙا کول،

رليءَ کي مَ رول، آجي ڪر امير تون.

 

اوٺي اباڻن کان، عمر شال اچيم،

اندر آڳ اُجهيم، ڏسي ڏوٿي ڏيهه جو.

 

”مهر“ کي مارن جي، جيءَ اندر جهوري،

لؤن لؤن ۾ لوري، ڏاڏاڻن جي ڏيهه جي.

 

وريو آهي واءُ،  ڏاڏاڻن جي ڏيهه جُو،

سرهو سرهو ساءُ اچي اباڻي پار جو.

 

مکڻ ڌؤنرا، سيون اسان جو کير،

اهي انب انجير، مور نه وڻن ماروئين.

*

 

ڪهڙي هنئي ڪاني، قرب جي قريب تو!

وساريان نه وسرن جيءَ سندا جاني!

ڪريان ڳچيءَ ڳاني، جي ڀال ڪري ڀر ويهين.

تنهنجي قرب ڪٺو، جان جسو ۽ جيءَ،

تنهنجو ساءُ سٺو، ساريو ويٺي وساريان.

محبت ۾ ماري، هليو وئين هيڻيءَ کي،

سدا ٿو ساري، ساهه توکي سپرين.

سڄڻ تو کي ساريان، مون ۾ آهين تون،

ٻيو نه گهرجي مون، ساٿي توريءَ سپرين.

 

الله پنهل آڻ، آهيان هتڙي هيڪلي !

ڄائي کان ئي ڄام سان، آهم  ڄاڻ سڃاڻ،

آهيان هتڙي هيڪلي!

آهيان اُن جي آسري، اڀري ۽ اڻ ڄاڻ!

آهيان هتڙي هيڪلي!

ايندا ڏير ڏمر جي، ايءَ نه هيم ڄاڻ،

آهيان هتڙي هيڪلي!

مون کي سميٽ سور ۾، پنهون وٺي ويا پاڻ،

آهيان هتڙي هيڪلي!

ڪيئن ڪريان ڙي جيڏيون؟ ڌاران ور وڏا واڻ!

آهيان هتڙي هيڪلي!

پٺ ۾ پنهل ڄام جي، هوڪاريندس هاڻ،

آهيان هتڙي هيڪلي!

وهندس ڪين ورن ۾،ڪنديس ڪيچن ڪاڻ،

آهيان هتڙي هيڪلي!

ڪوهياري لئي ڪوهه ۾، پتوڙينديس پاڻ،

آهيان هتڙي هيڪلي!

پهچي پنهل ڄام کي، ڪنديس ريجهه رهاڻ!

آهيان هتڙي هيڪلي!

*

آسيه گل

غزل

دل اندر يادن جو ديرو،

ڀڃ نه مون کان ساجن ڀيرو.

تون جي رُسندين مُرڪون رسنديون،

غم ڪندا هن دل تي گهيرو.

تون ڀي هاڻي ائين اچين ٿو،

گلن جيئن پوپٽ ڦيرو.

اندر پنهنجو اجرو رکجي،

ڪرڻ نه گهرجي من کي ميرو،

جڏهن کان نفرت پکڙي آهي،

دنيا ۾ آهي ڪيڏو انڌيرو.

ڪيسين رهندي ڪاري رات،

نيٺ ته ايندو  يار سويرو.

آسيه گل ڪيئن سلجهائي من،

سوچون منجهيل سٽ جو ديرو.

*

غزل

پاڻ ويٺين پلي،

جيءُ پيو ٿو جلي.

ريل پٽڙي جيان،

زندگي ٿي هلي.

هي مجبور دل،

سور ڪنهن سان سلي.

جي وساري سگهين،

ته وسارج ڀلي.

انتظار ڪندي،

رات اجهان ٿي ڍلي.

اي هوا منٿ مڃ،

پاڻ سان هَلُ رلي.

پيار ڪنهن سان نه ڪر،

آسيه پئي جهلي.

*

غزل

هير گهلندي رهي،

درد ڏيندي رهي.

نيڻ ٽمندا رهيا،

ماڪ وسندي رهي.

درد دل ۾ وڌيو،

جان جلندي رهي.

صبح تائين سڄڻ،

سار لڇندي رهي.

انتظاريءَ ۾ آ،

رات رلندي رهي.

گهر جي اونداهه ۾،

دل ئي ٻرندي رهي.

آسيه ميڻ جيان،

رات ڳرندي رهي.

وائي

هر هڪ منظر ۾،

ڏاڍي بي چيني ڏٺم.

من مندر ويران آ،

گهر جي آڳر ۾-

ڏاڍي بي چيني ڏٺم.

سمنڊ ڪناري تو سوا،

ساري ساگر ۾-

ڏاڍي بي چيني ڏٺم.

وٺو ناهي وڏ ڦڙو،

ڪاڇي ۽ ٿر ۾-

ڏاڍي بي چيني ڏٺم.

ڦهلنديون آهن نفرتون،

ساري ئي تر ۾-

ڏاڍي بي چيني ڏٺم.

ڪوتا لکندي آسيه،

قلم ۽ ڪاڳر ۾-

ڏاڍي بي چيني ڏٺم.

رخسانه  پريت چنڙ

وائي

پنهنجو سورن سنگ، هنئو نه هيرج هيج تي.

جيسين جيئبو تيسين رهندا،

دردن ناهي دنگ،

پنهنجو سورن سنگ،

هنئو نه هيرج تي.

 

افق ۾ ڌرتي اڀ نه ملندا،

دوکو کهنبو رنگ،

پنهنجو سورن سنگ،

هنئو نه هيرج تي.

 

ڏور وئي ٿي ڪاٽا جنهن سان،

اڏريو پريت پتنگ،

پنهنجو سورن سنگ،

هنئو نه هيرج تي.

 

پريم سندو ڪو گيت نه ٻڌجي،

ڪيئن ڪو چوري چنگ،

پنهنجو سورن سنگ،

هنئو نه هيرج تي.

 

نذير ناز

غزل

اوهان جي وساريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟

نه ساريو، سنڀاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟

اچو ها ته دلڙي به خوش ٿي پوي ها،

نٿا جي نهاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟

نڪي، اڀ ڪرندو، نڪا ڌرتي ڌٻندي؟

اهو ڪجهه ويچاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟!

اسان پيار جو قول هر ڪوئي پاريو،

اوهان جي نه پاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو.

لکيم خط گهڻائي، پر جواب نه آيو،

اها دل ٿا ڌاري، اوهان جو ڇا ٿيندو؟؟

اسان جي رقيبن حريفن سان گڏجي،

ٿا گهناريو، گذاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟!

اسان لئه وڇوڙو وڏي ڳالهه ڪانهي،

ڇڏي ”ناز“ پارو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟!

غزل

او! سڄڻ- اچ ته سهي

ٿئي ملڻ- اچ ته سهي

ڪجهه قدم مان ٿي کڻان

تون به کڻ- اچ ته سهي

ڏاڍو وياڪل ٿو لڳي

من اڱڻ- اچ ته سهي

ڪيترو ڀوري لڳان ٿي

مان به ڄڻ- اچ ته سهي

لوڪ، ساري کان لڪي

تون ملڻ- اچ ته سهي

جيئن نه ڪو توکي ڏسي

ائين ملڻ- اچ ته سهي

ڪو نٿو سونهي اڪيلو

ڪو به وڻ- اچ ته سهي

ناز اڄ به تنهنجا

لڪاءُ ڏسڻ اچ ته سهي.

گلشن آرا ملاح

غزل

جڳ سڄي لئه تون انسان مِٺَا،

پر مون لئه تون ڀڳوان مِٺَا.

تنهنجي آئي جيون جرڪيو،

جو اڳ ته هُيو ويران مِٺا.

ويهه اچي اکين جي آڏو،

تازو ڪريان ايمان مِٺَا.

هڪ پاسي هڪڙو تون آهين،

ٻئي پاسي سارو جهان مٺا.

مون دل آ پنهنجي ”گلشن“ ڏني،

جي گُهرين ته ڏيان هي جان مِٺا.

ڪومل نسرين

مان آهيان هڪ ڇوڪري

مجبور منهنجو نانءُ آهي،

مان آهيان هڪ ڇوڪري.

 

ڊڄندي آهيان پيءُ کان،

ڪڏهن نه ويندي آهيان ٻاهر،

 

بابو مون کي ماريندو آ،

پڙهڻ لکڻ نه ڏيندو آ.

 

ڪتاب ڪڏهن نه آهن ڏٺا

علم بنا مان آهيان انڌي.

 

حويلين جي مان قيدڻ آهيان،

روز مران ٿي روز جيئان ٿي.

 

دنيان ته سڀ آهي مردن جي،

باقي بيوس ڇوڪري آهي ڇا.

 

ڀتيون ڪمرا سهڻا  آهن،

پر چپ رهڻ جا عادي آهن.

 

ريتون رسمون نڀائڻ ڏکيون،

موت منهنجي لاءِ سولو آهي.

 

”ڪومل“ هڪ ڏينهن ماريو ويندو،

مون نانءُ ڪاري تي.

 

مان آهيان هڪ ڇوڪري،

مان آهيان هڪ ڇوڪري.

 

خديجه ميمڻ

مان رلندي رهان ٿي

 

پريشان ۽ حيران حيران،

مان رلُندي رهان ٿي!

حياتي تي سنسان راهن رڃن ۾،

اڃايل امنگن جي پکڙيل پٽن ۾،

مان رلُندي رهان ٿي!

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا ۽ بي چين راتيون،

لهن سک جو پل هڪ به اکڙيون نه آليون،

چيئون چنڊ چمڪي ٿو ۽ سج ٿو اڀري،

مگر ڪهڙي هنڌ، پئي نه ڪا ڄاڻ مون کي،

مان پڇندي رهان ٿي!

مان مدت کان سا روشني پيئي ڳوليان،

چون ٿا، جا اونداهه هٽائي ڇڏي ٿي،

اندر ۾ ڪري سوڙهه  ٿي جيڪا پيدا،

سا ٻوسٽ ۽ سا گهٽ گهٽائي ڇڏي ٿي،

مگر سا ڪٿي، سا ڪٿي روشني آ.

وڏا ٿا لڳن ان کان اوندهه جا پاڇا.

مان ڊُڪندي رهان ٿي!

سو انسان جو چئي روشني روشني پيو

ڏسي ئي نٿو جيڪو اندر جي اوندهه،

سو شايد ته اڻ ڄاڻ ۽ نابينو آهي،

مون کي ائين لڳي ٿو!

تڏهن ڀي ڏسان راهه پئي روشني جي؛

مان رُلندي رهان ٿي!

ڪڏهن  کان؟ نه ڄاڻان؟

پريشان پريشان ۽ حيران حيران! 

سهڻي پارس پنهور

*

ڪنهن وشال سمونڊ جي

نيري سيني تي

تکن ساون وڻن سان ڀرپور ٻيٽ آ

يا تنهنجي ڪنڌ جو تِر آ

جڏهن تون  مون کي ڏسين ٿو

مون کي لڳي ٿو

تون منهنجي شِهه رڳ پيو ڪٽين

خدا جو قسم!

مان تنهنجي پلڪن تي جهول لڳائي

سمورا سانوڻ تو ۾ ڪٽڻ ٿي چاهيان

مان ڄاڻان ٿي

تو کي دريافت ڪرڻ ۾ جيترو مزو آ

اوترو اجتنا جي غفائن ۾ به نه هوندو

 سدائين تون اڌ ۾ رهجي ويل  ڳالهه وانگر

هليو ويندو آهين

تون رڳو پاڻ ۾ شروع ٿي

پاڻ  ۾ ئي ختم ٿين ٿو

مان اُن ڏينهن جي انتظار ۾ آهيان

جڏهن تون مون مان شروع ٿيندين؟؟؟

*

تنهائيءَ جي ڪناري تي

يادن جون سپون ميڙيندي ميڙيندي

هڪ صدي گذري وئي

اڄ به اُتي ئي بيٺي آهيان

جتان تنهنجي گهٽيءَ

جو رستو نظر اچي ٿو.

*

پوءِ به پُڇُ ته ڇا ٿيو؟

وريل پتن جي چادر تي

منهنجي ٻانهن جي هيٺان

ڪهڙي مورت وئي ٽُٽي

پوءِ نه پُڇ ته ڇا ٿيو؟

مينهوڳيءَ  جي آڳُر ۾

ڀوري بادل جهڙيون اکيون

ڪنهن جي دل ۾ جڏهن کپيون

پوءِ نه پُڇ ته ڇا ٿيو؟
 

ناهيد سولنگي

 

دعا

قدم قدم تي ملي هڪ نئين خوشي تو کي،

انڌيري رات ۾ ملي روشني تو کي.

 

تنهنجي راهن ۾ سدا گل ٽڙندا ئي رهن،

ڪڏهن ڀلجي به نه ملي ڪائي رنجش تو کي.

 

پنهنجن پراون کان محبت ڀريو خلوص ملي،

زندگي جي سيج تي ملي دلبري تو کي.

 

دعا اها آ خدا کان، ڪاش ملي وڃي،

زندگي منهنجي جي لمحن جي هر گهڙي تو کي.

 

پنهنجي ”ناهيد“ کي ڪڏهن ياد ڪندو ته ڪر،

هيڏين مصروفيتن مان ڪا گهڙي تو کي.

*

بانو محبوب جوکيو

اڄ جي التجا

سڀ شيون ڀل!..........

جيڏو وڻنو!

مهانگيون ڪري ڇڏيو!.....

پر.............

خدارا!..........

ماني ۽ دوا

هن دؤر ۾

مفت ڏيو-

هن جهان ۾ اسان غريبن کي به

جيئڻ ڏيو.

 

ٺاهيائين پئي رلڪو،

ڳور هاري عورت کي

هاڻي کان ئي اُلڪو.

ڊگها، گهاٽا وار،

بڻجي ٿا وڃن جي

گرميءَ منجهه آزار.

ڪنوار جي نٿَ

لُٽين پيا رستي تي،

ڌاڙيلن جا هَٿ.

مٿي ۾ تيل جي مَلَ

سڻڀي ٿي وئي رات

وهاڻي جي کَلَ.

گوڙ ۽ گهمسان،

ٺڪ..... ٺڪ......جو آواز،

لوهر جو دڪان.

 

پشپا ولڀ

چهڪ چهڪ- ٽهڪ

منهنجي راهن ۾ آهن نيزا اُڀا

۽ ترارون تکيون

نٽهڻ اُس ۾ واريءَ جو صحرا

اکين ۾ ڪيئي ٿوهر نسري آيا آهن

۽ تون چوين ٿو ته

تو کي مسڪرائي ڏيکاريان مان!

چهڪ چهڪ سڄو جُسو آهي

۽ خوش رهندي ڪريان مان!

پر مان تو کي کِلي ڏيکارِيندس

چهڪ چهڪ ٽهڪ ڏينديس!

جذبن جي سردخاني ۾

لفظن جا مُردا سفيد چادرون اوڍي ستا پيا آهن

هي ڪير آهن جو روز مرن ٿا

۽ پويان طوفان کڙو ڪري وڃن ٿا

۽ ايتري به مهلت نٿا ڏين

جو چئي سگهجيSave our Souls

پليز، هاڻي نه وڃو

ديوارن جهڙا سفيد چهرا

ديوارن جهڙا سخت چهرا

۽ ٿڌا هٿ ڪلهن تي هٿ رکجن

سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

جيڪا رب جي رضا!

۽ ٿوري ديرئي دير  ۾

سڀ ڪجهه ڀُلجي

ٻئي ڪنهن لاءِ اهو ئي ڪجهه

شروع ڪري ڇڏڻ

جيڪو پهرئين لاءِ ڪيو ويو

مختلف قسمن جون نلڪيون وجهڻ

مختلف قسمن جون سُيون......

سنڊريلا جا جوتا

زندگي نئين ورتل بوٽ وانگر

هر پل چڪ پائيندي رهي ٿي

اهو نئون بوٽ جيڪو خوبصورت به آهي

پائي، شان جو احساس به

خود بخود ٿي وڃي ٿو

هر ڏسڻ وارو چئي ڇڏي ٿو

توهان جا جوتا ڪيڏا سهڻا آهن!

ڪٿان ورتا؟

پر سنڊريلا جي جوتن وانگر

ڀڳوان وٽ ڪنهن لاءِ

هڪ خاص قسم جا جوتا آهن.

خاص ماپ وارا

جيڪي صرف ان کي پورا ايندا.

هڪ اڌوري ڪوتا

هر طرف ڪاري چادر پکڙجي ويئي آهي

روشني ڪٿي بند ٿي ويئي آهي

کليل اکين جون پتليون ڦهلجي

ڏسڻ جي جاکوڙ ۾

هيڏانهن هوڏانهن ٿين ٿيون

پر اکين اڳيان ڪوئي منظر ناهي

اکين ۾ هڪ ئي منظر آهي:

 

دريءَ جي ڀر سان ٻه پاڇا آهن

اڃايل اکين سان،

هڪ ٻئي ڏانهن نهارين ٿا

ڪوئي ڪجهه نٿو ڳالهائي

هڪ جا چَپ چُريا

’ڪجهه ڳالهاءِ نه!‘

گلبدن جاويد مرزا

ڀوڳڻو ٿو پوي

زندگي به هڪ عجيب طلسم آهي-

سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙي ڪهاڻي،

ڪو اسرار، ڪو ڳجهه راز آهي.

هيءَ زندگي،

ڪو پل خوشين جو ڏيکاري،

اکين کي پيار ۽ پريت،

خوشيءَ  ۽ خوشحاليءَ جا سپنا  پسائي،

وري دردن جا واهڙ وهائي ٿي ڇڏي.

هيءَ زندگي،

سورن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو آهي:

گهڻي سوچ ويچار،

پرک ۽ پروڙ کانپوءِ

محسوس ٿيو آهي ته

صرف پنهنجيءَ ذات جون خوشيون ئي

ماڻهوءَ کي خوش رکڻ لاءِ،

مطمئن ڪرڻ لاءِ، ڪافي  ناهن،

پر سڀني جي خوشيءَ ۾ ئي

دلي سڪون آهي:

ڇو ته درد پنهنجو هجي يا پرائو،

جيڪا ڪري گذاري ٿو،

سا صرف دردمند دل رکندڙ ماڻهو ئي ڄاڻي ٿو:

درد ڇا ڄاڻي ته دل ڪنهن جي سڙي؟

هيءَ سڄي انسانذات،

جنهن سان ڪنهن نه ڪنهن ناتي،

ماڻهو ڳنڍيل آهي،

انهيءَ جي پيڙائن، ڀوڳنائن،

اهنجن ۽ ايذائن،

ڏکن ۽ دردن جو ازالو به ته ڪرڻو آهي:

ڪنهن چواڻيءَ، ”دل هڪڙي درد هزار.“

سو، هزارين دردن ۾ گهيريل هڪ دل:

ڪٿي انسانيت ڪرڻ جو ڪرڀ،

ڪٿي انساني عظمت ۽ عصمت لٽجڻ جو ڪرڀ،

ڪٿي جذبن ۽ احساسن پيڙجڻ جو ڪرڀ

ڪٿي ملي وري وڇڙي وڃڻ جو ڪرڀ،

نه چاهيندي به،

ظاهري طرح نه ئي سهي،

پر اندورني طور

سڀني سان گڏ ڀوڳڻو ٿو پوي-

ڪنهن کي روئندو ڏسي،

خود اسان کي روئندو ڏسي،

تون ڄاڻين ٿو

تون چوندو آهين ته

پنهنجي لکڻ جي ابتدا

تو کان ڪرڻ چاهيان ٿو:

منهنجن احساسن ۾،

 جذبن ۾،

صرف هڪ عنوان سرجيل آهي،

جنهن تي انتها ڪرڻ چاهيان ٿو.

تون ڄاڻين ٿي،

منهنجون عنوان آهين ”تون“

۽ تو تي  ڪجهه لکي نٿو سگهان.

تو تي  لکڻ لاءِ ڪي صديون سوچڻو پوندو-

ان سوچ لاءِ دل کپي.

تون ڄاڻين ٿي،

اها دل موٽ نه آهي، پر......

پر مان  تو تي ضرور لکندس.

مون چيو هو؛

چاهتن جي سگهه سان،

احساسن جي گهرائيءَ سان،

جذبن جي خوشبوءَ سان،

موسمن جي رنگت سان،

نظارن جي دلڪشيءَ سان،

تو تي لکندس:

ڪائنات جي خوبصورت منظرن مان

تنهنجيون تشبيهون ڳوليندس-

تو تي لکندس-

پر

مان تو تي ڪجهه لکي نٿي سگهان،

مڃان ٿي، ڪائنات خوبصورت  ۽ وسيع آهي،

پر ڪو منظر تو سان مشابهت رکي نٿو سگهي:

نظارن جون سڀ رنگينيون

بس، تو کي سجائي رکيو اٿم،

من جي اونهاين ۾،

سچ، تو تي ڪجهه لکي نٿي سگهان:

تو تي لکڻ لاءِ دل کپي،

۽ تون ڃاڻين ٿو،

 اها دل مون وٽ  نه آهي.

غلام رباني آگر

قرة العين طاهره

”توهان مون کي قتل  ته ڪري سگهو ٿا.

پر، عورتن جي آزادي کي روڪي نٿا سگهو.“

-قرت العين

ايران ۾ قزوين نالي هڪ تاريخي شهر آهي. اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ، منجهس  هڪ برغاني خاندان رهندو هو، جو علم ۽ عالمن جي ڪري مشهور هوندو هو. انهيءَ خاندان جي هڪو بزرگ، حاجي ملا محمد صالح  جي گهر ۾ سن 1819ع ۾ هڪ نياڻي ڄائي. سندس نالو فاطمه رکيائون. پڻس وڏو مذهبي عالم هو. وٽس سوين شاگرد پڙهندا هئا، فاطمه به انهن سان گڏ، ليڪن پردي جي پٺيان ويهي پڙهندي هئي. تمام ذهين هئي. سو ۽ ستت ٻين شاگردن کان اڳتي نڪري ويئي. جڏهن درس جا سمورا ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين، ته پوءِ اهڙا ڏکيا ڏکيا ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳي، جو وڏا وڏا عالم به سندس علمي گفتگو ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا! ٻي خوبي جنهن جي ڪري فاطمه جي چوطرف هاڪ هئي، سا هئي سندس بي مثال سونهن! سندس استاد، سيد ڪاظم رشتيءَ  ته کيس ”قرة العين “ (اکين جي ٺارَ) جو خطاب ڏنو.

پڻس ننڍپڻ ۾ ئي شادي ڪرائي ڇڏيس. ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿيس، پر ٻارن جي محبت ۽ گهر جو ڪم ڪار به سندس علمي دلچسپي روڪي نه سگهيا. انهن ڏينهن  ۾، ايران ۾ علي محمد باب اسريو، جو عورتن جي آزاديءَ ۽ سندس حقن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. قرت العين کانئس متاثر ٿي، ۽ سندس خيالن کي ڦهلائڻ لڳي. علي محمد باب کيس ”طاهره“ (پاڪيزه) جو خطاب ڏنو.ان کان پوءِ، هر هنڌ، هوءَ قرت العين طاهره جي خطاب سان مشهور ٿي ويئي. پر بابي تحريڪ سان سندس لڳ لاڳاپي جي ڪري عالمن شڪايت ڪئي، ته قرت العين جا مذهبي عقيدا ٺيڪ نه آهن. انهيءَ الزام ڪري نظر بند ٿي. پاڻ بغداد سرڪار کي اپيل ڪيائين. اها منظور ٿي. ستت،  استنبول مان سندس جلاوطنيءَ جو حڪم به اچي پهتو. انهيءَ صورتهال  ۾، پڻس نياپو موڪليس، ته ’قزوين موٽي اچ.‘ بغداد مان قزوين پهتي، ته سڌي پيءُ جي گهر هلي ويئي. مڙس آيس ته چيائنس ته: ”هاڻي پنهنجا رستا هميشه الڳ الڳ آهن.“ اهو ٻڌي، مڙس ۽ سندس سهرو، جيڪو چاچو هئس، ٻئي ڄڻا دشمن ٿي پيس.

قرت العين جي هڪ ساٿيءَ سندس سهري کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو الزام مڙس مٿس مڙهيو. سو، هوءَ وري پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ به نظر بند ٿي. ڏاڍي تنگ ٿي. پر، بابي تحريڪ وارن جي سفارش تي آزاد ٿي ۽ تهران هلي ويئي. اتي بابي تحريڪ وارن جا دوست ٿورا ۽ دشمن گهڻا هئا. سو وري اتي به نظر بند ٿي. عين ان وقت هڪ عجيب واقعو ٿيو. ايران تي قاچار خاندان جي حڪومت هئي. انهيءَ خاندان جو بادشاهه ناصر الدين شاهه  قاچارُ،  سندس بي مثال سونهن ۽ علم ۽ عقل جا داستان ٻڌي، مٿس پرپٺ عاشق ٿي پيو. پيغام ڏياري موڪليائينس ته ”بابي عقيدو ڇڏ، ته تو سان شادي ڪريان  ۽ تو کي ايران جي راڻي بڻايان.“

قرت العين ٺهه پهه جواب موڪليس ته:

تو وحشم وجاه سکندري من ورسم و راه قلندري

اگر آن خوش است تو در خوري، اگر اين بد است مرا سزا.

 

تون ۽ تنهنجو سڪندر وارو جاههُ ۽ جلالُ

مان ۽ منهنجي قلندري رسم واههَ

ڀلا، جي اهو سٺو آهي  ته تو کي نيبهه هجي!

۽ جي هيءَ خراب آهي، ته اها منهنجي قِسمت!

۽ جڏهن بادشاهه کي اهو جواب پهتو، ته ڏاڍو ڏک ٿيس. ملان ته اڳيئي باهه ٿيا ويٺا هئا، تن کي موقعو مليو. هنن قرت العين سان آخري ”مناطرو“ ڪيو. پر، ساڻس بحث ڪير ڪري؟ سندس علمي گفتگو ۽ دليل ائين هئا، جيئن ڪڪرن  جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جا تلا! ملن جي ”مذهبي ڪٽرپڻي“ کي سخت  نند يائين ۽ چيائين ته ”اوهان خدا جي خلق جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي.“ دليريءَ سان کين ائين به چيائين ته ”اوهان مون کي قتل ته ڪري سگهو ٿا، پر، هاڻي عورتن جي آزاديءَ کي روڪي نٿا سگهو،“ملن وٽ ڪو به دليل ته هو ڪو نه. ماٺڙي ڪري، قرت العين تي ڪفر ۽ قتل جڪي فتويٰ لکي،  بادشاهه کي موڪلي ڏنائون. بادشاهه فتويٰ پڙهي، چيو ته ”بگذاريد، رخ زيبا داد،“ (سهڻي آهي ڇڏي ڏيوس.)

پر، ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪو نه چيو هو: ”ملان، مجاور، ڪانءُ، ٽئي اکر هڪڙو.“ ڪٽر ماڻهوءَ ۽ ڇتي ڪتي ۾ ڪو ٿورڙو فرق ٿيندو آهي. ملان ته قرت العين جي رت جا پياسا هئا.سو، کيس ڪو سٿرو ڇڏڻ وارا هئا؟ حيلا هلائي، نيٺ وڃي توڙ ڪيائون.

14- سيپٽمبر 1852ع جو ڏينهن  انساني تاريخ ۾ يادگار رهندو. قرت العين صبح جو سوير غسل ڪيو. سفيد ريشمي لباس پاتو. سورن سينگار ڪيا. عطر عنبير مکيا. گهر جي هڪ هڪ ڀاتيءَ کان، سڪ سان، ڳڙاٽڙي  پائي موڪلايو، ڇو ته زمان شاهه جي لفطن ۾:

اڄ يارَ زمان شاهه قول ڪيا،

مون سان ملڻ جا ٻول ڪيا.

هي قرب ڀريو اقرار ڏسي،

صد بار چوان سبحان الله،

صد بار چوان سبحان الله.

اڌ رات جي مهل هئي، جو ملان سرڪاري سپاهي ساڻ وٺي آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ويا. هوءَ اسر تائين هڪ بند ڪمري ۾ خدا کي ٻاڏائيندي رهي ۽ جلاد ٻئي ڪمري ۾ شراب پيئندو رهيو. شراب پي، پي، جڏهن مست ٿيو، ته ملن کان موڪلائي، اٿيو ۽ قرت العين جي ڪمري ۾ آيو. سندس ئي- سفيد ريشمي رئي کي وٽي رسيءَ  وانگر ڳچيءَ ۾ وجهي، زور سان اهڙو ته گُهٽو  ڏنائينس،  جو زمين تي ڪري پئي ۽ ڦٿڪڻ لڳي! پوءِ کيس هڪڙي سڪل کوهه ۾ اڇلائي، مٿان بيهي، پٿرن سان ڪٽڻ لڳو- تان جو هن ويچاريءَ پکيءَ  وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو!

قرت العين جي عمر تڏهن ڇٽهيه ورهه هئي. گلاب جي گل وانگر هئي. سندس حسن جي هاڪ ۽ علم جي ڌاڪَ ملڪَان مُلڪِ پهچي چڪي هئي.

*      *      *

قرت العين جي قُتُل ايران جي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو! سندس ڪيئي پرستار پيدا ٿيا، انهن ۾ قرآن ڪريم جي تفسير ”روح المعاني“  جو مفسر  سيد محمود آلوسي، هندستان جو وائسراءِ، لارڊڪرزن، فرانس جو نامور دانشور ينگ هيند، پارس جي ادبي تاريخ جو انگريز مصنف، ايڊورڊ برائون، ترڪيءَ جو شاعر سليمان ناظم بيگ ۽ پاڪستان جو قومي شاعر علام اقبال گهڻو مشهور آهن، علامه اقبال ته قرت العين جو هي مشهور غزل  پنهنجي ڪتاب” جاويد نامہ“ ۾ به ڏنو آهي:

گربتو افتدم نظر چهره به چهره روبرو

شرح دهم غم ترا نکته به نکته موبهُ مو.

فارسي زبان ۾ شعر ۽ شاعريءَ جي روايت تمام ڪهنه ۽ شاهوڪار آهي. پر، ايرانُ، وري قرت العين جي پايي جي شاعره پيدا ڪري ڪو نه سگهيو. عالمن ۽ محققن کي سندس حياتيءَ جو سربستو احوال ۽ سمورو ڪلام (ڪليات) اڃا تائين ملي ڪو نه سگهيو آهي. پاڪستان ۾ قرت العيتن تي ڪي عمدا ڪتاب ۽ مضمون اردو زبان ۾ لکيا ويا آهن، جن جي فهرست هيٺ ڏنو آهي. انهن ۾ قرت العين تي معروف آمريڪي محققہ، مادام پارٿا روٽ جو شهره آفاق ڪتاب به شامل آهي.

 

نمبر

نالو

لکندڙ

ڪتاب يا رسالي جو نالو

سال ۽ اشاعت جو هنڌ

1-

قرة العين طاهره

صابر آفاقي

تخليق

1992ع لاهور

2-

قرة العين طاهره

سيد محمد وارث همداني

خاتون عجم

1990 لاهور

3-

قرة العين طاهره

قرة العين طاهره

خاتون عجم

1990ع لاهور

4-

قرة العين طاهره

ضيا بلگرامي

سسپينس ڊائجسٽ

1993ع ڪراچي

5-

قرة العين طاهره

انتظار حسين

روزنامه مشرق

1994ع لاهور

6-

قرة العين طاهره

ڊاڪٽر انعام الحق ڪوثر

روزنامه امروز

1992ع لاهور

7-

قرة العين طاهره

پروفيسر نظير صديقي

خاتون عجم

1995ع لاهور

8-

قرة العين طاهره

سراج نظامي

سياره ڊائجسٽ

1968ع.......

9-

قرة العين طاهره

ڪرار  حسين

ماهه نو

1987ع لاهور

10-

قرة العين طاهره

محمد ارشد

فنون

1986ع لاهور

11-

قرة العين 

حبيب جالب

حرف سردار

1987ع لاهور

12-

قرة العين 

عبدالحليم شرر

قرة العين 

لکنو 1923ع

13-

قرة العين 

منظور الاهي

دل- دل ڪشا

1986ع لاهور

14-

قرة العين 

ظهير ڪاشميري

جهان آگهي

1988ع لاهور

15-

قرة العين

....................

دائره المعارف اسلاميه

جلد 2-16 لاهور

16-

قرة العين 

ضيا بلگرامي

سسپينس ڊائجسٽ

1993ع ڪراچي

17-

قرة العين

جميله هاشمي

چهره به چهره

1987ع لاهور

18-

طاهره

شوقي آفندي

قرن بديع

1968ع.....

19-

طاهره

زاهده حنا

ماهنامه اقدار

......ڪراچي

20-

طاهره

افضل توصيف

خاتون عجم

1990ع لاهور

21-

طاهره

ام سلميٰ

قومي زبان

1996ع ڪراچي

22-

خاتونِ عجم

مسعود جاويد

ماهنامه رجحان

1991ع ڪراچي

23-

خاتونِ عجم

جيلاني ڪامران

اقبال اور عورت

.......لاهور

24-

خاتونِ عجم

ساحره هاشمي

خاتون عجم

1990ع لاهور

25-

اقبال ۽ خاتون

صابر آفاقي

هفت روزه مهارت

1993ع لاهور

-26

چهره به چهره روبرو

سراج منير

کهاني کي رنگ

1991ع لاهور

27-

چهره به چهرو روبرو

جميل جالب

معاصر ادب

1991ع لاهور

28-

قرةالعين جي شاعري

صابر آفاقي

خاتون عجم

1990ع لاهور

29-

دوسرا منظر

دري عوس بارني

حشر بدامان

1986ع ڪراچي

30-

شهادت

ڪلار-اي -ايج

.............

1995ع.......

31-

زرين تاج

عزيز احمد

................

....... لاهور

32-

زرين تاج

ڊاڪٽر سهيل احمد

طرفين

1988ع لاهور

33-

عظيم خاتون

مارٿا روٽ

Tahira- the pure

ڪراچي

34-

ايران جي بابي شاعره

مقبول بيگ بدخشاني

ادب نامہ

لاهور

هن فهرست ۾ اهي ڪتاب ۽ مضمون شامل ڪو نه آهن، جيڪي قوت العين تي فارسي زبان ۾ ايران ۾ لکيا ويا آهن. علامه اقبال قرت العين جو جيڪو غزل پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي، سو سندس ئي هٿ اکرن ۾ هيئن آهي. منجهس هڪ بند کٽل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو به ڏنو ويو آهي.

جيڪڏهن منهنجي نظر تو تي ائين پوي

جو تنهنجو چهرو منهنجي چهري جي روبرو هجي

ته مان تو کي  پنهنجيءَ دل جو ڏک ٻڌايان،  نڪته به نڪته، مو به بو

مان تنهنجي ديدار لاءِ صبح جي هير وانگر سدائين سفر ۾ آهيان،

 

هڪڙيءَ گهٽيءَ مان ٻيءَ گهٽيءَ ۾، هڪڙي گهر کان ٻئي گهر  ‎۾، دربدر توُ بَه تُو

تنهنجيءَ جدائي ءَ ۾ منهنجيءَ دل جو رات اکين جا آنسو ٿي وهي ٿو،

 

جيئن دجلو درياهه وهي، جيئن ڪو چشمو وهي، جيئن ڪو واهُڙ  وهي.

تنهنجا سهڻا چپ، تنهنجي ڳلن تي ڦٽندڙ ڏاڙهي جي ريهه،

 

جيئن گلن سان گل، لاله به لاله، بو به بُو.

تنهنجا ڀرون تنهنجيون سهڻيون اکيون ۽ تنهنجا وڻندڙ مهانڊا

 

تن  منهنجي دل کي قيد ڪري ڇڏيو آهي،

جيئن طبع به طبع، دل به دل، مهر به مهر، خو به خو

 

تنهنجي قرب منهنجي دل ۽ جان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي.

جيئن رشته به رشته، نخ به نخ، تار به تار، پو  به پو.

 

طاهره  جي دل ۾ نهار- توکان سواءِ منجهس ٻيو ڪير ڪونهي

صفحه به صفحه، لا به لا، پرده به پرده. تو به تو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com