سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :13

تون اُٻاڻڪو

سڄو ڏينهن اُس ۾

نوريئڙن پُٺيان ڀڄندي

جڏهن ٿڪو، تڏهن اچي ڀرو ٿيئن

چئي: ”وڏو به مان

پوءِ به نه ٿا پڪڙجن!

ان کان نوريئڙو هجان ها ته چڱو“

 

اچي کِلَ ڇُٽم

تُنهنجي اُٻاڻڪي هوندي به

ڀلا ڪيئن ڪيان

تون آهين جو سراپا پيار

۽ ننڍڙو سُهڻو ٻار!

هُو نعرا هڻن ٿا

۽ تالا هڻن ٿا

هُو مڪتب ۾ ويهي به

ڀالا هڻن ٿا

گهڻو ئي مرن ٿا

۽ ٿورو  پڙهن ٿا

۽  ڊگريون کڻي هو

گهٽين ۾ رُلن ٿا.

 

هي زنجير، ڦاسيون، ۽ هي جيل خانا

مقدر انهن جو

نه روزي اُنهن جو

نه ئي گهر اُنهن جو

ٿيو جن جو جيون به اهڙي ڪچي ڳوٺ جيان

نه جنهن کي آ، ڪا ئي شهر پناهه

ذري ڳالهه تي هُو چِڙي پوڻ وارا

جوابن جي بدلي ۾ سِر ڏيڻ وارا

۽ ڪولين جيان روزُ مرندا وڃن ٿا

۽ باقي پڙهڻ کان ئي کرندا وڃن ٿا!

*

شگفته  شاهه

ڪوئل

نما شام

هيءَ تنها تنها ڪوئل

وڻ جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي اُڏري

ڪنهن کي آخر ڳولهي ٿي؟!

من جي اونهائي مان

ڪيڏي پيڙا مان

ڪُو ڪُو ڪُوڪي ٿي

ٻول مٺاسي ٻولي ٿي

ڇو ٿي منهنجي جيون جي

ماٺي جر  ۾

يادن جو ڪو پٿر اڇلي

دردن جي راهن ۾ رولي ٿي

بهار رُت جي نينڍ ڏئي ٿي

يا نه سنيهو ساوڻ جو

يا ته..... وري.... پوءِ.....

دري خزان جي کولي ٿي

ڇو ٿي رولي ايڏو.....؟

تڙپي ٿي تڙپائي ٿي

ڪو گيت اهڙو ڳائي ٿي.

 

وائي

رڳو انا جي تسڪين خاطر،

ارمانن جو خون ٿي ويو،

هي ڇا ٿي ويو؟!

محبتن جي شهر ۾ اڄ،

دونهون نفرتن جو ڀرجي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

ٻاٽ اونداهه ۾ جرڪندڙ،

آخري ڏيئو به گل ٿي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

هُو شخص جو اجنبي هو،

دل ۾ منهنجي پيهي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

منهنجي ملڻ ۽ وڇڙڻ کان پوءِ،

هو شخص شاعر بڻجي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

اميد ته هئي درگذر جي مگر،

الزام هڪ ٻيو مون تي لڳي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

انتظار ڪندي ڪندي نيٺ،

دروازو دل جو بند ٿي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

هو جيڪو دشمن جان هو،

اڳواڻ سوئي منهنجو بڻجي ويو.

هي ڇا ٿي ويو؟!

 

ڌرتيءَ جي امن کي اپيل

ڇڏي منهنجو هر هڪ گهاءُ موٽي آءُ!

آءُ، وري تون آءُ!

ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تان، ڪيڏو ٿيون انياءُ!

آءُ، وري تون آءُ!

ٻوڙين، تارين، تو وس، منهنجي جيون ناءُ،

آءُ، وري تون آءُ!

من اندر جي اُجرا هوندا، ٿيندو پاڻهي پرچاءُ،

آءُ، وري تون آءُ!

سانوڻ هيل ته موٽي آيو،ڪونهي پرڪو ساءُ،

آءُ، وري تون آءُ!

جت ڪٿ هن ڏيهه ۾، ماڻهون وچ ٽڪراءُ،

آءُ، وري تون آءُ!

آدم ماريان انسان ڪيڏا، ناهي مگر پڇتاءُ،

آءُ وري تون آءُ!

هيڪر موٽي آءُ!

هيءَ منهنجي ڌرتي!

هر پاسي.....ناءُ...ناءُ....

ڪونهي داد ڌرتيءَ تي

جت ڪٿ آ انياءُ،

 

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پهراآهن

هيل منهنجي شهر ۾

اوپرا ڪيڏا چهرا آهن؟!

 

رت ۾ ٿئي ٽهڪاءُ

منهنجي جيجل ڌرتي تي

ايڏو ڏسي انياءُ.

 

گلي گلي هلن گوليون

تون ٿو چئين

”هل! امن کي ڳوليون؟!

 

وريو هي ڪهڙو واءُ

شهر ۾ بوءِ بارود جي

گولين جا ٺڪاءُ.

هر ڪنهن دل ۾ دهشت

هيل منهنجي شهر ۾

آئي ڪهڙي وحشت؟

دل جو دنبورو

سدائين سڻائي مون کي

گيت ڪو اڻپورو.

پيا ڪيئي پوُر

شام ٿي وئي زندگيءَ جي

منزل اڃان دور .

 

چڙهي پيو ٽياس

من کي پوءِ به ايڏي

سچ جي پياس!؟

ادا نه ڪيئي حق

سُوريءَ تي بيٺل اي ڏات ڌڻي!

جيڪر نه چئي سچ.

اسان ته خزان پچارون آهن

ماڻهو وري بهارون آهن!؟

دليون سنديون قبرستان

دفن جن جي قبرن ۾

آسون، خواهشون ۽ ارمان.

ڇيڙ ڪا اهڙي. بات

ويا ڪل منهنجا من!

گذري وڃي جيئن رات.

هيءَ ڪهڙي سزا

موت به اچي ٿو ائين

زندگيءَ جي ڄڻ صدا!؟

سرهو ٿي مل

سڏڪا روڪي من اندر ۾

لوڪ سان گڏجي کل.

 

ٻولي مٺڙي ٻولي

بهار رُت جي ڄڻ

ڪوئل دري کولي.

 

امن گيت

روح جو ريلو

يڪتاري جي تان تي

گيت ڪو سريلو

ڳاءِ وري تون ڳاءِ

آزاديءَ جي ساز تي

من- گيت سڻاءِ

اي امن!

آءُ

هن ڏيهه ۾

جُڳن کان سڪايل

اسين

ڪري ملار

مينهن جيان

جيجل ڌرتيءَ تي

وسين

واٽ ڪا اهڙي ڏسين

ڏاڍ

رهي

پوءِ

ڪينڪي.

وري ته گهرجن گهاءِ

بُرش سمورا ٿي ويا بي جان

قلم به ڇڏي ويو ساٿ

ڏات ديوي

رُسي وئي آهي

شايد

سڪون مون کي راس نه آيو

وري ته گهرجن گهاءِ

روح کي جاڳائڻ لاءِ

ڏات ديويءَ کي

پرچائڻ لاءِ!

 

ٻار جي مُرڪ

منهنجي آ غوش ۾ سُتل

هيءَ ننڍڙي ٻارڙي

جنهن جي عمر ڪجهه ڏينهن مس آهي

مٺڙي ننڊ ۾

رکي رکي مُرڪي ٿي

تڏهن سوچيان ٿي

اي منهنجا رب!

ايڏا پتڪڙا ٻارڙا

جيڪي فرشتن جيان پاڪيزه

۽ معصوم هوندا آهن

انهن کي اگهور ننڊ ۾

تون پنهنجي پر اسرار قوتن وسيلي

ڪهڙا سپنا ڏيکارين ٿو!

اي پروردگار!

تنهنجي قدرت جي اسرار خاموشي

هنن جي ڪنن ۾  ڪهڙو سُرٻاٽ ڪري ٿي؟

جو هي معصوم

هن.....

ڏکن، ظلمن، ڳوڙهن، گناهن

۽ غذابن جي دنيا ۾

اچڻ کانپوءِ به....

مُرڪن ٿا........!؟

تصويرون

اداس پهرن ۾

وقت گذارڻ ڪارڻ

ڪڍيم جي ڪاغذ تي

آڏيون ڦڏيون

لڪيرون

ڏسندي ڏسندي سي ئي

بڻجي ويون

تصويرون.

 

پارس عباسي

گيت

رم جهم جهلمل، ڇن ڇن تون ئي

تون ئي مينهن ڪڻي،

رانول رهه ته کڻي!

تنهنجو مرڪڻ سرخي من لئه

تنهنجو ساٿ ڦڻي،

رانول راهه ته کڻي!

 ڦُل ڦُل ورکا، رم جهم برکا،

توبن ڪا نه وڻي،
 

رانول رهه ته کڻي

رم جهم جهلمن، ڇن ڇن تون ئي،

تون ئي مينهن ڪڻي،

رانول رهه ته کڻي!

 

غزل

ڪيسين رهندو هيڻو هانءُ،

ڏنگر ڏورڻ ايندو ڏانءُ،

ڪونجن جهڙي ڦٽندي باک،

اڏندو رات جو ڪارو ڪانءُ،

لهرون لهرون لڳندو واءُ،

نيٺ ته لامون لهنديون لانءُ.

ڪيسين ٻئي ڀر هوندين تون،

ڀايل ڪو پل پوندو ڀانءءُ.

ٽڙيل هجي يا ڪو مايل،

گل نه ڏيندو وڻ جي ڇانءُ.

گل ورهائڻ آيو جي،

ڪو نه ڏسيندو پنهنجو ناءُ.

 

غزل

سپنا ڏاڍا ٿڪجي پيا هن،

هلندي هلندي ڀٽڪي ويا هن.

 

لڙڪ ڳلن تان ترڪي ويا پر،

ڏک ته دل کي چهٽي پيا هن.

 

پلڪن پنهنجو پڃروکوليو،

خواب اکين مان اڏري ويا هن.

 

سپنا جي ڄڻ برف محل هئا،

اس جي تک تي پگهرجي ويا هن.

 

هت ڪو بغ ڀنڀوري ناهي،

نيڻ اوهان جا ڀلجي ويا هن.

*

 

وائي

ڀانءِ ته ڪاٿي وڄ ڪري ٿي،

هانو ۾ ههڙا لهرا ڇو؟

جذبا ائين اٻهرا ڇو؟!

جهول ڀريا پر پوءِ به لڳا ڇو؟

سوالي سوالي چهرا ڇو؟

جذبا ائين اٻهرا ڇو؟!

مڪتب ڪائي ٽجوڙي ناهي،

مڪتب تي هي پهرا ڇو؟

جذبا ائين اٻهرا ڇو؟!

مالهي ڪهڙي ماڳ ويو آ،

باغ ڪري ويو صحرا ڇو؟

جذبا ائين اٻهرا ڇو؟!

پنهنجن جو ئي ويڙهو پوءِ به،

گهاروَ ٿين ٿا گهرا ڇو؟

جذبا ائين اٻهرا ڇو؟!

 

منهنجو  ڀاءُ

جڏهن جڏهن سگريٽ پئي ٿو،

مون کي ائين لڳي ٿو.

ڄڻ هو منهنجي سامهون،

پنهنجو پاڻ کي تير هڻي ٿو.

تير جو مون مان ئي گذري ٿو،

۽ پوءِ هن کي لڳي ٿو.

هو گهايل ٿئي ٿو،

ڀڄي ڀري ٿو.

جهڄي جهري ٿو.

توڙي هو سمجهي ٿو،

پوءِ ڀي ڪين مڙي ٿو!

 

سال پراڻا

سرتيون ساڳيون،

جن سان ملڻ

جن سان ويهڻُ

جن سان کِلڻ ائين

جيئن ورهيه وهامن پوءِ اِچانڪ

ويا ڪل من ٿئي

شانت شانت،

جيئن پرهه جا

پنڇي جاڳن،

گيت اُڏامن

گيت ڇِڙن پوءِ

ڀانتِ ڀانتِ!

وقتُ اسان کي آگ ڏئي ويو

تو کان، مون کان گوءِ کڻي ويو!

 

پاڻ ته هيٺ ئي بيٺا هياسي

نوريئڙي جيان،

وڻ چڙهي ويو.

 

پُڇڙ تاري وانگيان هو ڄڻ

پل ۾ آيو، اَچي هلي ويو،

ويندي ويندي جيون تي هُو

پنهنجا گهرا نير ڇڏي ويو!

*

گلنار بدر

اڄ جي مارئي

آئون اها ئي مارئي آهيان سورن لئه سامائي،

ڪا نه پڇڻ اڄ قيدڻ کان عورت مون وٽ آئي.

ساڳيا ڪوٽ ڪڙولا آهن ساڳيا سوز سوايا،

ساڳي عورت ذات سان آهي عمرن جي ارڏائي.

سڏڪي سارو ڏينهن گذاريان رات گذاريان روئي،

روئي نير کٽي ويا سارا رات اکين ۾ آئي.

دنيا چنڊ تي پهتي آهي منهنجي قسمت ڪاري،

علم بنا مون پنهنجي ڀينر ساري عمر وڃائي.

منهنجا ڀائر لنڊن مان ٿي علم پرائي آيا،

مون اڀاڳي اڻ پڙهيل کي اي. بي. سي به نه آئي.

علم بنا مان انڌي آهيان ڪيئن گذاريان،

ڪهڙي ڏوهه سبب آ مون تي هيءَ مصيبت آئي.

درد ونديءِ جو سورن ڀائي ڪو به نه آهي ڀينر،

تڏهن شور سڻائڻ خاطر هي ڪٿا مون ڳائي.

مون جهڙيون سڀ ماريون آهن ڪوٽن اندر قيدي،

هڪ هڪ عورت علم بنا آ سورن ڄڻ ته ستائي.

شال وري ڪو واءَ سڻائو ڀائر گڏجي سوچن،

علم پڙهڻ جو حق ملي ۽ وڻ وڻ ڏئي واڌائي.

علم جي دولت حاصل ٿئي شل علم پڙهڻ ٿيون چاهيون،

علم بنا ٻي ڪا نه کپي ٿي ڀينر دولت ڪائي.

عرض ڪيو ”گلنار بدر“آ شل سو عرض اگهامي،

منهنجا ڀائر سور سڃاڻن ٿئي پوءِ سوڀ سجائي.

هارياڻي

تنهنجو لک احسان اسان تي ڀيڻ مٺي هارياڻي،

ڪيڏا سور سهين ٿي ڌرتيءَ وارن لئه سانگياڻي.

 

ڏک ۽ سک ۾ پنهنجي ور سان ساٿ سدائين ڏين ٿي

آڌي مانجهي محنت کان تون منهڙو ڪو نه مٽين ٿي.

 

آڌيءَ رات اٿي تون جيڏي جنڊڙو پاڻ هلائين،

اٽڙو ڳوهي پاڻ سهيلي! ماني کوڙ پچائين.

 

ماني کان واندي ٿي مٺڙي ڏڌ ٿي پاڻ ولوڙين،

مال ڍڳي کي مهل تي مٺڙي پاڻ ئي واڙين ڇوڙين.

 

ڪانبو ڏاٽو ساڻ ڪري گاهه ڪرين ٿي سرتي،

ڏينهن تتي جو گاهه کڻين ۽ ڳوٺ ورين ٿي سرتي.

 

رونبي، لاب ۽ گاهه ۾ جيڏي ڪيڏو پاڻ پتوڙين،

گرمي سردي ۾ تون مٺڙي پنهنجو خون ولوڙين.

 

تنهنجو  جيون اوڙي آهي عورت ڪاڻ نصيحت،

مرد هجي يا عورت ان لاءِ آهه ضروري محنت.

 

تنهنجا ڳڻ گلنار هميشه هڪ جيڏين ۾ ڳائي،

بيشڪ تنهنجو شان نرالو آئون چوان وڌائي.

*

نجمه پنهور

غزل

سارا ڏوهه بخشائڻ ايندس،

پيارن کي پرچائڻ ايندس.

بسنت رُت ۾ تڙپي پوندس،

پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ ايندس.

خوشيون ڏک جو ڪجهه هوندو،

پيارن ۾ ورهائڻ ايندس.

گيت لکي مان گهوتن تي،

جذبن کي جاڳائڻ ايندس.

ڪو به نه هوندو واٽن تي،

واٽن کي سجائڻ ايندس.

سچ ڇا آهي مورک ماڻهو،

تو کي سو سمجهائڻ ايندس.

تنهنجي ڪلهي مٿو لاڙي،

سارا لڙڪ وهائڻ ايندس.

گت گيت کڻي مان نڪري پوندس،

در در سڀ ورهائڻ ايندس.

غزل

ڪوئي ڪنهن کي ڪٿي سنڀاري ٿو،

هر لمحو ٻي لمحي کي ماري ٿو.

سارا سپنا ۽ خواب ڇڏي پٺيان آيس،

هي اڳيان ڪير مون کي بيهاري ٿو.

پنهنجي ليکي ته سڀ گڏ هلون ٿا پيا،

ڪير ڪنهن سان گڏ هٿ گذاري ٿو.

سال گذري ويا مون کان وسري ويو،

ڪلهه مليو ته هو مون کي ساري ٿو.

ٽهڪ تي ٽهڪ ورهائڻ وارو،

پڻ لڙڪن سان گڏجي گهاري وارو،

غزل

ڏاڍ سدا ڪين ڪي رهندو،

ظلم هڪ ڏينهن نيٺ ته کٽندو.

ڪاريءَ رات جي ڪک مان ساجهر،

سج سهائي بنجي اُٿندو.

جيڪو ديوار پويان آ،

هڪ ڏينهن نيٺ ته سامهون ايندو.

مون کي خوشبو مهڪائي وئي،

خوشبو لهر کي ڪير جهليندو؟

دريا دريا منهجون سوچون،

ڪير ڪنارو بنجي سُرندو.

تارا، چنڊ ۽ رات نماڻي،

مون سان ساٿ انهن جو هوندو.

غزل

وري چنڊ چهرو سجائي ڇڏيو جي،

اسان کي ته چريو بڻائي ڇڏيو جي.

پنهنجي موج مستيءَ ۾ هلندا هئاسين،

اندر ۾ ايڏو مچ مچائي ڇڏيو جي.

گهر ۾ هي باهيون ۽ هي ڪان ڪُک ۾،

پنهنجي گهر ۽ سکر کي بچائي ڇڏيو جي.

نه محفل ۾ پنهنجي سڏايو ڀلي پر،

اکين ۾  ۽ دل ۾ سمائي ڇڏيو جي.

ڪري دفن گوليون ۽ بارود سارو،

امن ڏي قدم کي وڌائي ڇڏيو جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com