سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :11

ارم محبوب

منهنجي هيءَ ڌرتي

ڪارن ڪڪرن ۾

مک لڪائي،

چنڊ سڏڪي رهيو آهي...

انسانيت جي درندگيءَ تي

آڪاش ماتم زده آهي،

هيٺ مگر ڌرتيءَ تي....

هر ڳالهه کان  بي خبر انسان!

هڪ ٻئي کي ڪهي رهيو آهي....

دور ان درندگيءَ تي

ملڪ الموت تماشائي بڻجي کلي رهيو آهي،

ڇو ته گلن ڦلن جي هي سُندر ڌرتي....

اڄ فقط هڪ

ڪوس گهر آهي!

ڪيڏو جلدي....

ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو،

پيار ڀريو ڄڻ ڏينهن ڦٽي ٿو.

اوجاڳيل رستن تي جيئن،

ماٺ جو ڪارو مينهن وسي ٿو.

يا جهوٽو ڪوئي گل چمي ٿو.

ننڍڙي جيون سان ريس پڄائي،

ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو.

گهڙيون پل ڪلاڪ ته سڀ بس،

دل پر ڀڙڪائڻ جون ڳالهيون آهن.

سچ جي ڳولاه ڪير ڪري ٿو،

ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو.

پيار ڀريو ڄڻ نيهن کٽي ٿو.

*

(نظم)

سپنو سپنو جيون سارو

سپنن بند ڪو ٽوڙيو آهي

موتي موتي بڻجي لڙيو آهي

هر هڪ سپنو نيڻن مان....

ڪير چئي ٿو

سپنن جو شعر؛

نيڻن ٻاهر نه وسندو آهي

هي سارو ڏيهه به ته سپنو آهي!

تنهنجو، منهنجو يا شايد هر ڪنهن جو،

هر پل هر گهڙي به ته سارو سپنو آهي

تون ۽ مان ۽ هي سارو پيار....

سڀ جڏهين  ڪو  سپنو آهيون

پوءِ ڪير چئي ٿو:

سپنو نيڻن ٻاهر نه وسندو آهي

اُهوسپنو طلسم ڪوئي ڀڃي جي!

موتي موتي ڪوئي جي ميڙي

هي سارو ڏيهه انهي جو آهي

نه ته سپنو سپنو جيون آهي!

بارود رُت

اڄ وري آڪاش اونڌائو آ.....

شايد رُت بارود جي موٽي آهي

تارا اياڻا، چنڊ چهرا هراسيل

قيامت نيو ڪيلرائي ۽ ڪيميائي

قهر جي صورت ۾.....

ڌرتي ڏي اڇل کاڌي آ...

اڄ وري ڌرتي....

پنهنجي ڏار پيل سيني تي

جيئرن وجودن کي ميساري

ايندڙ نسلن لاءِ ڪيئي

”مئلن جا دڙا“ ٺاهيندي

پر، ڇا سي وجود.....

تو لاءِ مون لاءِ....

پنهنجي رُت جو دانءُ ڏئي

نئون ”سڀان“ آڻڻ ۾

مددي ٿيندا؟؟

ارم محبوب

”فريب!“

تون مون لاءِ

ڪنهن قيمتي ۽ نازڪ

سپني وانگي!

بيدرد جاڳ کان

بچڻ لاءِ

مون

......FRAGILE,

HANDEL WITH CARE,

جو بورڊ،

پنهنجين اکين جي سرحدن تي

کوڙي ڇڏيو آهي

توکي

ڪي پل وڌيڪ

پاڻ ۾ ترسائڻ لاءِ!

 

”اجتماعي احمق“

اسان سڀ خواب ڏسڻ وارا

ڪيڏا احمق آهيون!

پنهنجا.......

ڪڏهين به سانڀيان نه ٿيندڙ خواب

وڏي اعتماد سان،

ٻين جي اکين ۾

ٻجن جيان پوکي

لاباري جي اوسيئڙي ۾

عمر وڃائي ڇڏيندا آهيون!

آشا ابڙو

”وائي “

ڪي ڪاريون بڻجي قتل ٿين،

ڪي محلاتن ۾ دفن ٿين-

ڪي ڪاريون بڻجي قتل ٿين!

ڪي نيڻن اندر خواب کڻي،

ٿيون ساجن پنهنجي ڪاڻ سڪن-

ڪي ڪاريون بڻجي قتل ٿين!

ڪي اوسيئڙي ۾ رات سڄي،

ٿيون ديوارن سان ڳالهيون ڪن-

ڪي ڪاريون بڻجي قتل ٿين!

ڪي آزاديءَ جي سين هڻي،

ٿيون خيراتن ۾ ڪفن وٺن-

ڪي ڪاريون بڻجي قتل ٿين!

بيت

وڪڻي منهنجي زندگي، ڇڏيائون ڇالاءِ

سمجهه نه تن کي ڪاءِ، پيئي منهنجي پيڙجي.

 

ڪهڙيون چوڙيون پائيان، ڀينر ٻانهن ۾،

جيون آنهن ۾، گذري ٿو جڏهن پيو.

 

ننڍي هوندي نرڙتي، لکين جنهن جو نانءُ،

ٿيندو نيٺ وهانءُ، اُنهي سان ئي اوچتو.

 

نڪتي  ناهيان پيٽ مان، مڱڻي ٿي آهي،

چون پيا ڄائي، ”پهتي زال زبير جي“ !

 

نيڻ نمائي نينگري، نٽهڻ ۾ نڪتي،

مٿي تي پوتي، پاڻي ڀرڻ آ وئي.

 

چانر وجهي ڇڄ ۾، سوئڻ ويٺي آ،

پوئڻ ويٺي آ، سرتي! سوچون ذهن ۾.

 

اندر اُلا باهه جا، ساڙن ٿا سينو،

ڦاڙن ٿا سينو، لمحا تنهنجي ياد جا!

 

ويهي ويهي گهر ۾، ٿي ويس اڇا وار،

جيڏين ڄڻيا ٻار، هوءَ اڃان پرڻي نه آ.

تانيا ٿيٻو

ڪير چوي ٿو پوپٽ پويان

ڊوڙيا هياسين ننڍڙي لاءِ

مون ته ڏٺا ها سپنا ها سي،

گلڙن تي جي ويٺا ها.

اونداهي چو ڌاري.

۽ ان جي پوئيواري،

جيڪو پاڻ به ٿاٻڙجي پيو.

*

بي مول شيءِ ته ناهن،

هي لفظ شاعريءَ جا.

ڪيڏا نه ڏس کنيا هن،

مون قرض شاعريءَ جا.

پل ۾ نه گڏ ٿيا هن،

هي لفظ شاعريءِ جا.

هڪ هڪ ڪري کنيا هن،

مون قرض شاعري جا.

*

ڇا سرور آهن غرور ۾،

تون هڪڙي پل لاءِ ڪرکڻي،

آ وري جيئڻ ۾ ئي مزو،

تون هڪڙي پل لاءِ مَر کڻي.

*

اکڙين جي درين کي بند ڪري مون خواب

دريون کولي جو ڇڏيون

سڄي ڪائنات هڪ منظر ۾

ٿي قيد وئي منهنجي گهر ۾

اکڙين جي درين کي بند ڪري

مون دل جون دريون کولي ڇڏيون

سڄي ڪائنات هڪڙي کن ۾

ٿي قيد وئي منهنجي من ۾.

*

ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ

سر جي سرخ ڏياٽيءَ کي

اڃا زور وساءِ

آسمان گجگوڙن سان

ڊاهه وري ڪجهه ڊاهه

سانت ۾ ستل ساگر تي

اڃا نه مينهن وساءِ

روح جي رسندڙ زخمن تي

لاءِ وري ڪجهه لاءِ

موت جي گهري ساگر ڏي

*

اڃا نه وک وڌاءِ.

جاڳي پئه جيئڙا

سانوڻ ۽ سيئڙا

روز روز ته نه ايندا

مستي ۽ مينهڙا

روز روز ته نه ايندا.

چئه ڇنڊو هڻندين پرين

آس اڄ آتش بڻي

اڄ ته ڇهندي ئي اسان جي

تنهنجي دل ديوان ٿي پئي

هر ڪا سٽ ڏاڍو وڻي

ها مڃئون ٿا هاڻ ٿوري

وک وڌائڻ ئي کپي

ايترو تڪڙو هلڻ کان

تون به ٿورو مڙ کڻي

هيءُ زمانو چور چوندءِ

ائين لڪي ايندو ڏسي،

پويان ڪو پيرو نه ڇڏجانءِ

جي اسان جي گهر گهڙين.

نه آهي موڪلاڻي ڪا

چون ٿا گول آ دنيا

وڇوڙي جا ڪٽي ڏينهڙا

ملي پوندا سين هڪڙي ڏينهن

چون ٿا گول ڪا خاطر

ملي پيا سين جي هڪڙي ڏينهن

چون ٿا گول آ دنيا

ڪنداسين خوب ڪا خاطر

جڏهن کان هو ويو آهي

نظر هڪ پل نه آيو آ.

ته پوءِ  هيءَ ڳالهه ڪهڙي آ

چون ٿا گول آ دنيا.

سلميٰ پنهور

غزل

موٽي آيون مست بهارون

دل ۾ ساجن سُرهيون سارون.

پنهنجن سان ئي ٿيندا ليکا،

ڌارين ڏي ٿيون ڪهڙيون ميارون.

نيٺ ته جيت به ٿيندي پنهنجي،

کاڌيون آهن ڏاڍيون هارون.

راڳيءَ جو ڀي من گهايل آ،

سُڏڪن ٿيون تنبوري تارون.

ديواري جيان ٿي ويو آهو،

پهچي موٽيون منهنجون پُڪارون!

ويساهه بنا رشتو ڪهڙو،

هيرڻ پن جا ڦارون ڦارون.

غزل

آئون اڪيلي ڳايان ڪيئن،

جذبن کي ڀڙڪايان ڪيئن!

ڌرتيءَ جا سڀ ماڻهو گُم سُم،

خوابن مان جاڳايان ڪيئن!

ڪو به نه آهي ڪو به نه ايندو،

هن دل کي سمجهايان ڪيئن!

مون وٽ آهن گيت رڳيئي،

ڄڀيون پيٽ اُجهايان ڪيئن!

هُن بن اڻڀي هيءَ حياتي،

جهومان، خوش ٿيان ڳايان ڪيئن!

”سلميٰ“ ايڏو چُپ چُپ آهي،

هُن سان مان ڳالهايان ڪيئن!

نظم

هيڪل ساوڻ گهاريو هوندئي،

آب اکين مان هاريو هوندئي.

گذري ويس مان لمحي وانگيان،

پويان مون کي پڪاريو هوندئي.

توکان ڪين مان وسريو هوندس،

پل پل مون کي ساريو هوندئي.

سامهون آهيان هر پل تنهنجي،

ائين چئي پاڻ ڌُتاريو هوندئي.

ماضي جو ڪو سهڻو لمحو،

ٿڌي ساهه وساريو هوندئي.

آئيني سامهون مون کي سمجهي،

پنهنجو پاڻ سنواريو هوندئي.

 

غزل

مون کي سامهون ڏسي لنوائن ٿا،

پيار پنهنجو ئي آزمائن ٿا.

رات پاسا ورائيندي گذري،

ڏينهن اڀري اچن ته وري کائن ٿا.

نيڻ بادل جي بوند جان برسن،

تڙ مٿان مينهن ڄڻ وسائن ٿا.

گهاءُ بڻجي لڳي ٿو هر لمحو،

دوست دشمن سان مسڪرائين ٿا.

دوستيون دوستن سان رکجن پر،

هو ته دشمن ڏي هٿ وڌائن ٿا.

وقت سارو لڳو گهڙيءَ وانگي،

ايڏو جلدي هو موڪلائن ٿا.

پيار نيڻن ۾ تون سموئي اچ،

قرب ئي دُوريون گهٽائن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com