سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :8

خانبهادر: شفو ذرا فون ته کڻي ڏي.

شفو: حاضر سائين... اچي سائين هي فون (خانبهادر ڊائل چار دفا ڦيرائي ٿو)

خانبهادر: هيلو- ڪير آهيو آوهين...

.... انسپيڪٽر عزيز؟ .. اڇا اڇا- سلام عليڪم مان خانبهادر عطاءُ الله ڳالهائي رهيو آهيان... جي شان منزل تان... اوهان جي ئي ضرورت هئي دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ ئي شام جو ڇهين بجي ڌاري منهنجي ڌيءَ شهناز جو ڪمرو سينگاريل ڏٺو ويو. ميڪ اپ جي سامان ۾ به اضافو هو... جِي- جِي.. ۽ وري چند منٽ ٿيا، هڪ نئون ڄاول ٻار هال مان مليو ۽ ٻيو ڪار مان... جِي ها.. ٻيئي موجود آهن ۽ باقائدي صحتمند آهن... بهتر.. شڪريو.

خانبهادر: انسپيڪٽر عزيز کِلي پيو. چي، اوهان کي پٽ جي آرزو هئي. خدا هڪ جي بدران ٻه ڏنوَ.. پاڻ هيڏانهن اچي ٿو.. شفو، تون وڃي گيٽ کولي ڇڏ.

شفو: حضور، گيت تي ته اوندهه آهي. مون کي ڪجهه ٿي پيو ته..

خانبهادر: اڙي ڊڄڻا، بيوقوف، بتيون سڀ ٻاري ڇڏ ۽ وڃي گيٽ تي بيهي رهه.

شفو: حاضر سائين.

(شفو وڃي ٿو. دروازو کولي ٿو ڏاڍيان چوي ٿو.)

يا پير دستگير،.. يارهين وارا پير...

(جيپ جي هارن جو آواز سان هوشيار ٿئي ٿو)

ڪير؟.. اڇا اڇا، حضور انسپيڪٽر صاحب اندر ڪاهي هلو گاڏي.

(جيپ جي اندر ڪاهي بيهارڻ جو آواز)

انسپيڪٽر عزيز: السلام عليڪم خانبهادر صاحب!

خانبهادر: و عليڪم سلام اچو اچو... اندر اچو.

(ٻنهي جي قدمن جو آواز... انسپيڪٽر عزيز جي بوٽن جو تيز آواز...)

خانبهادر: هي آهن ٻيئي ٻار.

انسڪيپٽر: في الحال سُتا پيا آهن، سمهڻ ڏيون ذرا مون کي پنهنجي صاحبزاديءَ جو ڪمرو ڏيکاريو.

خانبهادر: اچو اچو، هي ڀرسان آهي.

انسپيڪٽر: اڇا، ته هن ۾ چار دريون آهن، اهي بند به ڪندا آهيو يا هميشہ کليل رهنديون آهن؟

خانبهادر: عموماً کليل رهنديون آهن.

(انسپيڪٽر هيڏانهن هوڏانهن ڦري ٿو)

انسپيڪٽر: ڏسو، خانبهادر صاحب، هنن درين تي آڱرين ۽ پيرن جا نشان بلڪل صاف آهن. هتي.. ڪنهن کي اچڻ نه ڏيو، صبح جو سوير فوٽو ورتو ويندو، چڱو هاڻي اُهو ڪمرو ڏيکاريو جتان اوهان کي ٻار مليو.

خانبهادر: اجهو هي سامهون وارو ڪمرو!.

انسپيڪٽر: ذرا اوهان ايڏانهن ترسو.. ڏسو، هتي به پيرن جا نشان موجود آهن، ڪو هن دريءَ کان ٽپي اندر آيو آهي ۽ ٽين دريءَ کان نڪري ويو آهي، هتي به ڪنهن کي اچڻ نه ڏجو.. باقي هلو ته ڪار ڏسون.

خانبهادر: ضرور ضرور (قدمن جو آواز).

انسپيڪٽر: ڏسو خانبهادر صاحب، ڪار تي ته آڱرين جا نشان بلڪل صاف ظاهر آهن، بهرحال، صبح جو انهن سڀني نشانن جا فوٽو ورتا ويندا. ٻارن کي مان وٺي ٿو وڃان، اسپتال ۾ داخل ڪرائيندو ويندس... مون کي يقين آهي، اهو سڄو ڪم ڪنهن گهَري سازش هيٺ ٿي رهيو آهي، جنهن جا ٻه سبب آهن: هڪ ته هن بنگلي کي غنڊن هميشه پنهنجو اڏو بڻائي ڇڏيو هو. ڪنهن کي به هتي رهڻ جي اجازت نه ڏني ويئي ۽ اهڙي نموني رهندڙن کي پريشان ڪري ڀڄائي ڇڏيندا هئا، ٻيو ته اوهان جي صاحبزاديءَ جي حسن جي شهرت ۾ پکڙيل آهي.

خانبهادر: اوهان جو خيال درست آهي انسپيڪٽر صاحب، منهنجو به اهو ئي خيال آهي ته انهن جي حرڪتن سان ذهني طور اسان ماڻهن کي ايتريقدر ته ڪمزور ڪري ڇڏي ويو آهي جو سازشي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ شايد ڪامياب نه ٿي وڃن.

انسپيڪٽر: بلڪل... چڱو مان هاڻي اجازت چاهيان ٿو. اوهين فڪر نه ڪريو، جيڪڏهن اوهان ساٿ ڏنو ۽ همت کان ڪم ورتو، ته پوءِ انهن غنڊن جو جو جلد پتو لڳائي سگهبو. اسان هن وقت تائين ضرور ڪامياب ٿيون ها پر هتي جيڪي به ماڻهو رهيا آهن، سي ايتريقدر به بدحواس ٿي ڀڳا آهن جو اسان کي جاچ ڪرڻ جو موقعو به نه مليو آهي.

خانبهادر: اوهين يقين ڪريو، اسان نه ته بد حواس آهيون، ۽ ته هتان ڀڄي وينداسين، هر قدم تي اوهان جو ساٿ ڏينداسين.

انسپيڪٽر: شڪريه- اوهان ۾ اهائي اميد هئي چڱو خدا حافظ.

خانبهادر: خدا حافظ

(جيپ اسٽارٽ ٿيڻ ۽ هلڻ جو آواز)

بيگم: ڇا پيو چوي انسپيڪٽر.

خانبهادر: چوي پيو ته سڀڪجهه جلد معلوم ٿي ويندو، اها ڪا سازش آهي.

بيگم: بڪواس پيو ڪري، ڪڏهن جِن ڀوت به پوليس جي قبضي ۾ آيا آهن!

خانبهادر: پر هي جو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو انسان جي هٿان ٿيل آهي، درين تي هٿن پيرن جا نشان موجود آهن.

بيگم: ڀلا ڪنهن کي همت ٿيندي جو هتي اچي.

خانبهادر: تون ته ڪا چري آهين، بيگم اڙي همت وارا ته شهنشاهن جي محلاتن ۾ ٽپي پوندا آهن، هي ته بنگلو آهي نڪو دربان نڪو چوڪيدار!

بيگم: خير، مون کي ته يقين نٿو اچي (فون جي گهنٽي وڄي ٿي)

خانبهادر: هيلو، مان خانبهادر عطاءُ الله آهيان. اڇا اڇا، انسپيڪٽر عزيز صاحب.. حڪم .... ڪا نئين خبر... جِي... واه ڪمال ٿي ويو، ها ها. اڇا اڇا، ضرور ضرور.. چڱو سلام عليڪم...

ٻڌءِ، بيگم: انسپيڪٽر عزيز، ٻارن کي اسپتال داخل ڪرائڻ ويو ته اُتي خبر پيس ته اسپيشل وارڊن مان ٻه ٻار رات جو ڏهين بجي کان غائب آهن. انهن ٻارن جي ڳچيءَ ۾ نمبر به موجوده هئا...

ٻار پنهنجي مائرن کي واپس ڪيا ويا جيڪي ويچاريون زار زار روئي رهيون هيون... هاڻي ڏي خبر.. ڪٿي آهن تنهنجا جِن؟

بيگم: جِن ٻارن کي پاڻ ٿوروئي ٺاهيندا آهن اهي به ته ڪٿان چورائي کڻي ايندا آهن.

شهناز: نه امان، اهو ته ڪنهن انسانذات جو ڪم ٿو معلوم ٿئي.

بيگم: توکي ڪهڙي خبر ڌيءَ.. هتي ته پنهنجي ساري عمر گذاري آهي، اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي ۽ ڏسندي. پڻهين ته يورپ کان جڏهن کان ٿي آيو آهي، تڏهن انهن ڳالهين تي اعتبار نٿو ڪري.

خانبهادر: چڱو سج اُڀري ته سڀڪجهه معلوم ٿي ويندو.. هاڻي اوهين سمهي پئو.

(موسيقي)

ٽيون سين

(ڪار هلڻ، هارن وڄڻ، بريڪ زور سان لڳڻ ۽ ماڻهن جي رڙين جا آواز..)

آواز اَڙي اَڙي... ڪار هيٺان اچي ويو.. مري ويو.. چيپاٽجي ويو ويچارو... (پس منظر ۾ ماڻهن جي ميڙ جو آواز)

شهناز: ڇا هي ڊرائيور، ڪير آيو گاڏيءَ هيٺان؟

ڊرائيور: بيبي! ڪيترا هارن ڏنم، تڏهن به ڪار سان اچي لڳو.

(گاڏيءَ جي دروازي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا آواز ماڻهن جا آواز....)

آواز: بچي ويو.. بچي ويو.. اڙي هو ته... فوراً اسپتال وٺي وڃوس. (شهناز لهي ماڻهوءَ کي ڏسي ٿي)

شهناز: او! عظيم صاحب!

عظيم: اوهه.. اوهه.... اُف (چنگهڻ جو آواز)

شهناز: مون کي نهايت افسوس آهي عظيم صاحب اچو پرواهه نه ڪريو، اوهان کي فوراً اسپتال ٿا پهچايون.

عظيم: اُف.. جِي.. اوهه (چنگهڻ جو آواز)

شهناز: ڊرائيور، اُٿار عظيم صاحب کي جلدي. (ڪار اسٽارٽ ٿيڻ، تيز هلڻ ۽ وري هڪ جاءِ تي بيهڻ جا آواز)

شهناز: اوهان پاڻ لهي سگهندؤ يا مان...

عظيم: نه نه... مان پاڻ ٿو لهان.

شهناز: اُف الله... ايترو رت!.. اوهان کي ڪو زخم به رسيو آهي ڇا؟

عظيم: فڪر نه ڪريو. (نالو سوچي ٿو)

شهناز: مون کي شهناز سڏيندا آهن.

عظيم: شهناز صاحبہ- فڪر نه ڪريو. منهنجي خوشقسمتي آهي جو اوهان جي ڪار سان ٽڪر ٿيو ۽ اها منهنجي بدنصيبي جو مري نه ويس.

شهناز: شرمندو نه ڪريو عظيم صاحب

عظيم: ڪاش اوهان سمجهي سگهو.

ڊاڪٽر: ايڪسيڊنٽ!... ڪا وڏي ڳالهه ناهي... اوهين ستا پيا هجو.

عظيم: اُف!

شهناز: جِي، ڪار سان ٽڪر ٿيو.

ڊاڪٽر: ڇا نشي ۾ هو؟

شهناز: جِي... نه

عظيم: ڊاڪٽر صاحب... واقعي مان نشي ۾ هوس. هڪ ابدي سرور جي تمنا هئي جا حاصل نه ٿي سگهي. نشو اڃا به آهي. پر اڳي کان ڪجهه زياده.

ڊاڪٽر: (کلندي) هُون.. اڇا... ذرا ڪوٽ لاهيو.. قميص مٿي ڪريو.. اوهه چيلهه وٽ زخم رسيل آهي... ڪار جو مڊگارڊ لڳو هوندو.

عظيم: جي...

ڊاڪٽر: ٻيو ڪٿي سور محسوسَ ڪري رهيا آهيو؟

عظيم: ڊاڪٽر صاحب، مجسمہ درد آهيان!

ڊاڪٽر: انهيءَ درد جو علاج ته اسان وٽ ڪونه آهي، بهرحال جسم جي زخم جي مَلم پٽي ڪجي ٿي.

شهناز: ڊاڪٽر صاحب، ڪڏهن ٺيڪ ٿيندو عظيم صاحب؟

ڊاڪٽر: جيڪڏهن اوهان کي سندس ايترو خيال آهي ته پوءِ ڪڏهن ٺيڪ نه ٿيندو. هاڻي اوهان کيس آرام ڪرڻ ڏيو.

 شهناز: ڊاڪٽر صاحب، مون کي به ڪجهه مٿي ۾ سور محسوس ٿي رهيو آهي.. ڪا دوا..

ڊاڪٽر: ضرور ضرور.. مٿي جو سور جلد لهي ويندو. اچو اوهان هيڏانهن... (ٻيئي وڃن ٿا).

ڊاڪٽر: تشريف رکو.

شهناز شڪريه.

ڊاڪٽر: جيڪڏهن رنج نه ٿيو ته ذرا پنهنجي تعارف ڪرائيندا.

شهناز: جِي، مون کي شهناز سڏيندا آهن.

خانبهادر عطاءُ الله صاحب جن منهنجا والد آهن. سيڪنڊ ايئر ۾ پڙهندي آهيان ۽ مشهور شان منزل ۾ رهندا آهيون.

ڊاڪٽر: عظيم صاحب سان ڪڏهن کان واقفيت اٿوَ؟

شهناز: اڄ ٻيو دفعو ملاقات ٿي آهي، هڪ دفعو گهر آيو هو ڊيڊيءَ سان ملڻ. پر جيئن ته ڊيڊيءَ جن گهر ۾ ڪين هئا سو واپس هليو ويو. اڄ اوچتو منهنجي گاڏيءَ سان سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. افسوس!

ڊاڪٽر: جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته اوهان کان جيترو ٿي سگهي. عظيم کان پاسو ڪريو هي پيشه وار آواره نوجوان آهي، جنهن الاجي ڪيترين ڇوڪرين جي زندگي تباهه ڪئي آهي. هي هميشہ ڄائي ٻُجهي ڪنهن ڪار سان ٽڪريو آهي يا ڪنهن جي گهر ۾ ڄاڻي ٻُجهي تِرڪي پوندو آهي ته جيئن کيس ڪنهن ڇوڪريءَ سان گفتگو ڪرڻ جو موقعو ملي. هر شخص اخلاقاً سندس تماداري ڪندو آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي سندس ڪاميابي آهي.

شهناز: پر اوهان کي انهن ڳالهين جي خبر ڪيئن پيئي؟

ڊاڪٽر: مان هتي اسپتال ۾ ڪيترين ڇوڪرين کي زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿيندي ڏٺو آهي. مرڻ کان پوءِ سندن وهاڻي هيٺان عظيم جو ڦوٽو مليو آهي.

شهناز: اُف الله! ڊاڪٽر صاحب، اوهان جي وڏي مهرباني جو مون کي تاريڪيءَ مان ڪڍي روشني ڏيکاري اٿَو. مان اوهان جي هميشہ شڪر گذار رهنديس.

ڊاڪٽر: اهو منهنجو اخلاقي فرض هو اوهان هن پٺئين دروازي مان نڪري وڃو.

شهناز: ڊاڪٽر صاحب، هي منهنجو ڪارڊ اٿو جنهن تي فون نمبر به لکيل آهي. ڪڏهن ڪڏهن...

ڊاڪٽر: ضرور ضرور.. بشرطيڪ مريضن کان فرصت ملي.

شهناز: چڱو ڊاڪٽر صاحب، خدا حافظ.

ڊاڪٽر: خدا حافظ.

(ڪار جي دروازيءَ کُلڻ، اسٽارٽ ٿيڻ ۽ وڃڻ جو آواز).

عظيم: ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر صاحب،.

ڊاڪٽر: ڇاهي؟ ڇا گهرجي.

عظيم: شهناز ڪٿي آ، ڊاڪٽر صاحب

ڊاڪٽر: اڇا، اها ڇوڪري جيڪا اوهان سان گڏ آئي هئي؟

عظيم: جِي.

ڊاڪٽر: اُها ته مون کان مٿي جي سور جي دوا وٺي هلي ويئي.

عظيم: اُف ڊاڪٽر صاحب! هي اوهان ڇا ڪيو کيس وڃڻ ڇو ڏِنوَ.

ڊاڪٽر: (طنزيه نموني کِلندي) مان ڪيئن کيس زبردستيءَ روڪي ٿي سگهيس؟ اوهان خاموشيءَ سان سمهي رهو نه ته اسپاتال مان ڪڍي ڇڏيندو سانوَ. مون کي اهڙيون اجايون غير معياري ڳالهيون پسند ناهن.

عظيم: سڀڪجهه سمجهان ٿو ڊاڪٽر.. چڱو مان وڃان ٿو... وري انشاءَ الله جلد ملاقات ڪبي.. السلام عليڪم.

ڊاڪٽر: وعليڪم السلام.

(موسيقي)

چوٿين سين

(فون جي گهنٽي وڄي ٿي)

انسپيڪٽر عزيز: هيلو. انسپيڪٽر عزيز... ڪٿان... اڇا اڇا، سول اسپتال مان... هاها... هان ڊاڪٽر قريشي!... ڪيئن.. چاقوءَ سان... اوهان کي ڪڏهين خبر پيئي؟.. صبح ڇهين بجي .. چڱو اوهان اهو ڪمرو بند ڪري ڇڏيو، مان اچان ٿو... ها ها...

(فون رکڻ جي آواز کان پوءِ فوراً گهنٽي وڄڻ جو آواز).

انسپيڪٽر: السلام عليڪم خانبهادر صاحب. ڇو.اوهين گهٻرايل آهيو. خير ته آهي..... جِي! اوهان جي ڊرائيور کي قتل ڪيو ويو. ڪڏهين... سندس گهر ۾... ڪٿي رهندو هو... ڦليليءَ تي... جِي... اوهان کي اطلاع ڪڏهين مليو. سندس زال اوهان وٽ موجود. ته اوهان کيس گهر واپس موڪليو. مان اجهو اچان ٿو... اڄ ڊاڪٽر قريشيءَ کي به قتل ڪيو ويو آهي ۽ مون کي يقين آ ته اهي ٻيئي خون هڪ ئي سازش هيٺ ٿيا آهن. جِي جِي... ذرا فون پنهنجي صاحبزاديءَ کي ڏيندا.. هيلو... مس شهناز، ڪالهه اوهان جي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان ملاقات ٿي... جِي جِي. ڪنهن سان؟ عظيم سان!اڇا... اوهان کيس پاڻ اسپتال ۾ داخل ڪرائي آيا هئا... ها .... ها... اهي ڳالهيون اوهان کي ڊاڪٽر قريشي ٻڌايون.. اڇا.. ٺيڪ آ.. مون سمجهيو.. ڏسو مس شهناز. اوهان پنهنجي حفاظت جو خيال رکو ۽ گهر کان ٻاهر نه نڪرو... باقي مان هڪ سپاهيءَ جي ڊيوٽي اوهان جي بنگلي تي لڳايان ٿو... ها ها... چڱو وري پوءِ ملاقات ڪبي... وعليڪم السلام.

(فون رکڻ جو آواز)

انسپيڪٽر: اي. ايس. آءَ. دلاور، حوالدار خورشيد ۽ ٽي سپاهي مون سان گڏ هلن... گاڏي ڪٿي آ... ۽ ها، ڪئميرا به پاڻ سان کڻندا. (چند قدمن جو آواز)

آواز: حاضر سائين... گاڏي ٻاهر بيٺي آ. انسپيڪٽر: چڱو هلو.

(سڀني جي هلڻ جو آواز: جيپ جو اسٽارٽ ٿيڻ ۽ هلڻ جو آواز. ڪجهه دير هلڻ کان پوءِ وري جيپ جي بيهڻ جو آواز، ۽ سڀني جي لهڻ جو آواز)

انسپيڪٽر: اُف، ڪهڙو نه بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر قاتل جي حملي کان نه بچي سگهيو آهي، ڳچيءَ تي نشان به اهن. انهن جو فوٽو وٺو... قاتل هن دريءَ کان آيو هوندو. پر دريءَ تي ته ڪو نشان ڪونهي... تڏهن ضرور ڪمري جي دروازي کان آيو هوندو... نرس، ڊاڪٽر جو ڪمرو رات جو کليل رهندو آهي ڇا؟

نرس: جِي! دروازو سندس هدايتن موجب کليل رهندو هو ته جيئن ڪنهن مريض کي رات جو ڪنهن به وقت ڊاڪٽر جي ضرورت پوي ته کيس جاڳائجي.....

انسپيڪٽر: رات جو اوهان مان ڪنهن ماڻهو ڪنهن ڌارئي کي ته هتي ايندو نه ڏِٺو؟

نرس: مون کي خبر ناهي.

انسپيڪٽر: رات ڊاڪٽر ڪهڙي وقت سُتو هو؟

 

نرس: منهنجي ڊيوٽي رات جو يارهين بجي کان شروع ٿئي ٿي، ان وقت ڊاڪٽر اخبار پڙهي رهيو هو.

انسپيڪٽر: اوهان جي ڊيوٽي ڪٿي هئي؟

نرس: جنرل وارڊ ۾.

انسپيڪٽر: اوهان ڊاڪٽر جي ڪارڙ وغيره ٻڌي؟

نرس: نه.

انسپيڪٽر: رات جو اوهان کي ان کانپوءِ ننڊ ته نه اچي ويئي؟

نرس: رات ڊيوٽيءَ وقت سمهندي ناهيان، رات به دستور موجب جاڳندي گذاري اٿم.

انسپيڪٽر: مسٽر دلاور ڏس، ڊاڪٽر تي چاقوءَ سان حملو ڪيو ويو آهي. اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. پر سندس ڳچيءَ کان وٺي ٻيو وار ڪيو ويو آهي، ٻئي وار سان ڊاڪٽر ۾ چُرڻ جي طاقت نه رهي آهي، ٽئين وار سان ڊاڪٽر ڪِري پيو... ۽ باقي وار قاتل احتياطاً ڪيا آهن... مسٽر دلاور، هو پريان ڪنڊ ۾ سگريٽ جو ٽوٽو پيو آهي سو ته کڻي ڏي.. نرس! ڊاڪٽر سگريٽ پيئندو هو؟

نرس: نه.

انسپيڪٽر: هون.. مون کي ڏي ته ڏسان... ”ٿري ڪيسل“... قاتل ٿري ڪيسل سگريٽ پئيندو آ... ڪو فيشن ايبل ماڻهو ٿو نظر اچي- پر هتي سگريٽ پيئڻ جو کيس موقعو ڪيئن مليو- يا ته قتل کان اڳ انتظار ۾ سگريٽ پيتو اٿائين يا قتل کان پوءِ- ۽ هيءَ ڊاڪٽر جي واچ- شيشو ڀڄي پيو آهي- ٻه وڄي پنجٽيهن منٽن تي واچ بند ٿي- مسٽر دلاور نوٽ ڪريو- قاتل ٿري ڪيسل سگريٽ پيئندڙ آهي ۽ ڊاڪٽر کي ٻين بجي پنجٽيهن منٽن تي تيز اوزار سان قتل ڪيو ويو آهي. مسٽر دلاور هاڻي ڦليلي هائوس نمبر ٻه سؤ اوڻيهه ڏانهن هلو.

دلاور: ييس مس.

(سڀني جي هلڻ، جيپ جو اٽارٽ ٿيڻ، ڪجهه پري هلڻ- وري بيهڻ- سڀني جو لهڻ ۽ قدمن جا آواز-)

(ڊرائيور جي زال روئي رهي آهي)

انسپيڪٽر: تون مقتول ڊرائيور جي زال آهن؟

زال: جي حضور- مان ڦرجي ويس، لُٽجي ويس، منهنجا ننڍا ننڍا ٻچا ڪير پاليندو.

انسپيڪٽر: صبر ڪر ڀيڻ- الله جي مرضي جي خلاف ڇا ٿو ڪري سگهجي- رات جو تنهنجو مڙس ڪنهن وقت گهر آيو؟

زال: هڪ بجي.

انسپيڪٽر: توکي وقت جي ڪئين خبر پيئي؟

زال: جيل جو گهنڊ وڳو، اُن وقت سندس ڏاڪڻ تي چڙهڻ جو آواز آيو ۽ پوءِ هڪ رڙ سان گڏ ڏاڪڻ تي چڙهڻ تان ڪِري پوڻ جو آواز آيو- مان ڊوڙندي، ويس، ڇا ڏسان ته اونڌي منهن ڪِريو پيو آهي ۽ ڪو ماڻهو ڏاڪڻ تان ڀڄندي لهي رهيو آهي، مون دانهون ڪيون، محلي وارا گڏ ٿيا، پر خوني ڀڄي ويو.

انسپيڪٽر: هون، مسٽر دلاور ذرا ڏاڪڻ ڏسجي اوهو! هتي ته ڪيترا نه سگريٽ جا ٽوٽا پيا آهن، سڀ ”ٿري ڪيسل“جا- معلوم ٿو ٿئي قاتل ڏاڪڻ وٽ مقتول جو ڪافي دير تائين انتظار ڪيو آهي هي ٽوٽو ڏس- پان جو نشان- اڇا، ته قاتل پان کائيندڙ به آهي- ٻيا ڪي نشان ڪو ڪونهي هي رت جا نشان ڏس- قاتل جڏهن ڀڳو آهي تڏهن سندس پير رت سان ڀرجي پيا آهن، فوٽو وٺو انهن نشانن جي مسٽر دلاور! هتي ٻيو ته ڪو ڏاڪڻ جو رستو ڪونهي- چڱو هلو هاڻي اسان کي هڪ ماڻهوءَ جي ڳولها ڪرڻي آهي.

(سڀني جو ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز)

انسپيڪٽر: مسٽر دلاور! اُنهي ماڻهوءَ جو نالو آ عظيم شڪل صورت جو چڱو، شهناز سان سندس ٻه دفعا ملاقات ٿي چڪي آ- هن سازش ۾ اهوئي مرڪزي رول ادا ڪري رهيو آهي.

سپاهي: حضور! مون اهڙيءَ ماڻهو کي اڪثر ڪيف فردوس ۾ ويٺل ڏٺو آهي.

انسپيڪٽر: ڊرائيور! ڪيف فردوس هل.

ڊرائيور: حاضر سائين.

(جيپ هلڻ ۽ وري بيهڻ جو آواز، سڀني جي لهڻ جو آواز- - هوٽل جو ميڙ- -)

انسپيڪٽر: تون مالڪ آهين يا مئنيجر؟

مئنيجر: حضور! مان مئنيجر آهيان هوٽل جو.

انسپيڪٽر: هتي ڪو عظيم نالي خوبصورت نوجوان ته نه ايندو آهي، پان کائيندڙ ۽ ٿري ڪيسل سگريٽ پيئندڙ آهي.

مئنيجر: جي حِضور، اڄ صبح جو سوير هتي ويٺو هو، ڪجهه پريشان پئي نظر آيو- ٿوري دير ٿيس جو هتان اُٿي ويو.

انسپيڪٽر: اوهان کي خبر آ ته هو ڪٿي ٿو رهي.

مئنيجر: ٻڌو اٿم ته صدر ۾ يارهين نمبر بنگلي ۾ رهي ٿو.

انسپيڪٽر: يارهون نمبر بنگلو- نه، اهو غلط آهي، اُتي ته سرڪاري آفيس آهي- هتان ڪهڙي وقت ويو؟

مئنيجر: اُن وقت اڪيلو هو يا ٻيا به ڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا؟

مئنيجر: ٻه- ٽي ماڻهو اڇي ۽ سائي رنگ جي ڪار ڪاهي آيا، اُن ۾ ويهي هليو ويو.

انسپيڪٽر: هون- اڇا، مسٽر دلاور، واپس ٿاڻي تي هلو.

دلاور: ييس سر.

(سڀني جي ويهڻ، جيپ اسٽارٽ ٿيڻ ۽ هلڻ ۽ بيهڻ-سڀني جي لهڻ جا آواز)

(هڪ سپاهي زور سان کڙيون زمين تي هڻي سيلوٽ ڪري ٿو ۽ چوي ٿو)

سپاهي: حضور! خانبهادر عطاءُ الله صاحب جو فون آيو هو، سندس ڌيءَ شهناز کي ڪي ماڻهو زبردستي ڀڄائي ويا آهن.

انسپيڪٽر: شهناز کي—مسٽر دلاور! (حڪم ڪندي)

دلاور: ييس سر.

انسپيڪٽر: سڀني ٿاڻن تي فون ڪرائي ڇڏ ته اڇي ۽ سائي رنگ جي ڪار ڪٿي به نظر اچي ته فوراً قبضي هيٺ آندي وڃي- ۽ اوهان مون سان گڏجي هلو.

دلاور: ييس سر.

(گاڏي بيهڻ- اسٽارٽ ٿيڻ ۽ ڪجهه دير پري هلڻ کان پوءِ هارن ڏيڻ، بيهڻ ۽ لهڻ جا آواز)

خانبهادر: انسپيڪٽر صاحب، منهنجي دنيا ويران ٿي ويئي. خدا جي واسطي منهنجي جلد مدد ڪريو نه ته-

انسپيڪٽر: دلجاءِ ڪريو. خانبهار صاحب اسان قاتل جو مڪمل پتو لڳائي ورتو آهي. صرف کيس قبضي ۾ آڻڻو آهي.

انسپيڪٽر صاحب، منهنجي زندگيءَ جي موڙي لُٽجي ويئي، دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيئي آهي، هاڻي ڇاجو حوصلو ڌاريان. ڪهڙي دلجاءِ ڪريان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com