سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :3

صوفي صادق فقير

مانجھين منهن نه موڙيو، پسي پکڙيون،

رڻ رتائون رڪ سين، موڙي مڇڙيون،

تنهن وير وکڙيون، ڪانڌ وڌندي پائيو.

 

ڪانڌ ڪلورئين ڪپرئين، ور وناهيو آهه،

جتي سيلهن جي سرهه وهي، تت پير وڌندو پاءِ،

تان تان ڀؤ مَ لاهه، جان جان ننڌڻ نه چڙيين.

 

مچڙيا منهن مانجھيين، پچڙيا پاونگ،

فوجن فيل سنڀاهيا، ڪڙن ڪنڍن تنگ،

هڻن ڀر ڀرن کي، بڙڇا کوڙئو ٻنگ،

ڪلها ڪنڌ ڪڙنگ، جھرن جھونجھارن جا.

 

جھونجھارڪي ذات جو، جان پير پروڙيو مون،

ته اچن عراقين تي، ڀڙ ڀيڙيندا ڀون،

ور ورنهه تون، متان انبارن جئن ارڀوءِ.

 

ڏاڙهي ڏاڙهونءَ گل جئن، منجھان رت رتياس،

سونهين چوڏهينءَ چنڊ جئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،

پٽڻ ۾ پار کنيو، مر مرڪي مائڙياس،

نيزا نند ٿياس، گھوڙا، گھوٽ وناهيو.

 

ٽڪر مٿي ٽئرئين، آيا اُجارين،

سانگو سائن هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين،

اڀائي آهين، مانجھي مرڻ مهل ۾.

 

تارا تاڻ مَ ڳجھڙي، ڄڀون ڪڍي م کاءُ،

رڻ ۾ رڪن هاريا، ري گھڙيا راڙاءُ،

مٿان ملوڪن پاڻاءُ، گھوري ڪوه نه چونڊئين.

 

تيئن ڳجھڙين رڻ ڇانيئو، جيئن ڪين ڇٻرون،

وونڪا ويرين سامهان، ڊوڙيو ڏين ڊَهون،

جھونجھارن وهون، نير مهانگو ڪنديون.

 

رڻ متو راڙو ٿيو، رُئي نه ڏسجي سڄ،

مرون مرندا اڄ، جويُن پاند جھرڪيو.

 

پاڳ ڦڙڪو جو هڻي، ٻڌي ٻه پاڳون،

اڳين جون آڳون، ڪانڌ ڪرهي لاٿيون.

 

سورهين چيو سج کي، اُلهي ڪرمَ اوير،

سجھندي ئي سائن جا، پڙ ۾ ڏسون پير،

ڇلن جت ڇڳير، اتي ڪانئر اڀي ڪک چرن.

 

رسيو رُڪانين ۾، جھڙ جھڙو جھم جھڪ،

ڪڪيون ڪپارن ۾، چمڪيو پائن چَڪ،

ماءُ هماري حق، مانجھن مشاهدا ڪيا.

رسيو رڪانين ۾، جھُڙ جھوڙو جھم جھور،

ڪڪيون ڪپارن ۾، ڪيرئين ڪنگور،

گھاءُ جھليندي گھٽ ۾، مرڪن مانجھي مور،

آڻيان الور، هاڪيو هڻن هاٿئين.

 

ڪلي وير ڪٽڪ ۾، ملهي جي نه مرن،

سي ڪُند ڪٽارا ڪاتيون، ڪيرا ڪوهه کڻن،

سياٿا سمهن، سندا مانجھين مهڻا.

 

هڻ ڏائي، هڻ جيڻي، هڻ هڻندن حال،

مار مهنديان، پل پويان،  وڙهج وڍ وصال،

ڪنجھين پوندي ڳال، سڀان سورهيه تنهنجي.

 

سائو مرين سوڀ کي ته جنگ جيءَ سين جوڙ،

آرڻ تيغ عشق جي، تون مرڻ ڪاڻ مَ موڙ،

خواب خيال ۽ خطرا، وڍج سڀ واڍوڙ،

ناجي نفس نهوڙ، ته راز پروڙين رڻ جو.

 

سائو مرين سوڀ کي ته جنگ جيءَ سين لاءِ،

اُرڻ تيغ عشق جي، واڳڻ تي وهاءِ،

ان پر تنهنجو آهه، پڙ پنجاهين وچ ۾.

 

سائو مرين سوڀ کي ته پاهون رک مَ پير،

من مدعي مڃيان، وکن پايو پير،

اچي اُڀ آرڻ ۾، ڀري ڀالج ڀير،

ان پر نفس نبير، جا تو ڪَرهه ڪپار ۾.

 

وڙهيا واڳيان واپريا، سي سچا صوفي شير،

واڳيل وڌي آئيا، مانجھي مل مٿير،

مسافر ميدان ۾، چڙهيا گھڻا ڇڳير،

پڙ ۾ کوڙي پير، سر ڏنائون صدقا.

 

ماءُ چيو پٽ کي، آءٌ نه تنهنجي ماءُ،

جت سيلهن سيڙهه وهي، اُت وک وڌندي پاءُ،

آءٌ ٻين گھاءُ، پورهيو ڪنديس پانهنجو.

 

وڙهيا واڳيان واپريا، جھيڙي جھوڪ ڌڻي،

امر سان الله جي، اونچي ڪيائون اڻي،

رضا جا رحمان جي، سا واحد کي به وڻي،

کاهوڙي کڻي، ويا گذاري ڏينهڙا.

احسان فقير لانگاه

سورهيه کي ساڻو، ڪونه ڏٺوسين ڪڏهين،

گھورون ڏئي گھَرن ۾، گھمي جئن گھاڻو،

ايئن ٿا ڄاڻو، ته سوڀ سُٿري نه ٿئي.

 

کيڙو خان کڻي، گھورون ڏئي نه گھرن ۾،

تو جيڏن جي جنگ ۾، پَسو پوءِ پڻي،

سوڀون ڏئي ڌڻي، منڊڻ ڪم مهائن جو.

 

جتي ڪند ڪرن، تت سانکيون لڳن سائوئين،

نيست وڃن نڪريو، چکا ٿا چنبڙن،

مانجھي ڪين مڙن، سائو لوچن سوڀ يکي.

 

رڻ مَ ڀانئن راند، رڙه رياءُ نه ڪري،

ڪلي وير ڪٽڪ ۾، ڪونه گھڙندو ڪانڌ،

سسي نيزي پاند، اڇل تان اڌ ٿئي.

 

ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائو سڀ نه هون،

پڙ تي سيئي پون، موٽڻ جن ميهڻو،

ڪونر ڪلي جا ڪوڏيا، جانڪي تان جيءُ،

مٿان اڙن اسري، رڪ پيالو پيءُ،

جنت جاءِ ٿيءُ، سڪندي جنهن سالَ ٿيا.

 

جھيڙو جھڪ ۽ جھير، سج نه سائن اڀري،

ڪتيون ڪپارن تان، چُريو وجھن چير،

مديني جا مير، ڏاتر مون ڏيکارئين.

 

هيڏانهن هن هاڪاريو، هوڏهن هو هڻن،

سرنايون ۽ سرندا، ٻنهين پارِ ٻُرَن،

هڪ رهه رهه رڪابن جي، ٻيو چهه چهه چهبڪن،

گھوڙن ۽ گھوٽن، رڻ ۾ لائون لڌيون.

 

جھونجھارڪو جھيڙو، ڏٺئي ڪالهه ڪئي،

هاٿي هاري هليا، اٿي رَت رَئي،

جيان ڀانءِ سنئي، تيان جيءُ جوکو ٿئي.

 

ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جھونجھارڪو جھڳڙو،

هاٿين هڏ مڇائيا، ريلو رت نئين،

ڀانئيين سانئيين جيئن، ڪٿي جيءُ جوکو ٿئي.

 

ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جھيڙيندي  ڇڏيا،

ڪارا ڪند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،

ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو.

 

جيئن ڪاري ڪڪر وڄڙي، تئن کنا ٿا کڙن،

سيني ۾ شهيدن جي، ڪانَ ڪڙڪا ڪن،

ٽونر گاءَ ٽڙن، سسيون شهزادن جون.

بيت

منشي مولا بخش ”مسڪين“

ڪڙمي پڇ تون ڪينڪي، اٽڪ ۽ ديرو،

جڏهن فائق ڏي ڦيرو، تڏهن درياء وهي دؤر ۾!

 

عجز ويهاري اندر ۾، خودي ڇڏي ٿي خاڪ،

ڀڃي تاڪيون هوڏ جون، اڏ عشق جي اوطاق،

دنيا سندي دؤر کي، ڇڏ ترتئون ڏيئي طلاق،

ساعت جي سينگار لئه، ڪر غم نه ڪو غمناڪ،

اکين سندي اَب جي، وساءِ من مٿاهون ماڪ،

مان خاطر محبوب جي، ڪر چولو ڦاڙي چاڪ،

ته هوت پسين هوشناڪ، من اندر ’مسڪين‘ چوي.

 

پر پرکڻ سٿرو، آهه مشڪل پروڙڻ پاڻ،

جي ڀانئين پرکيان پاڻ کي، ته ڄٽ ڇڏي ٿي ڄاڻ،

هٺ ڇڏي حليم ٿي، مورئون ماري مان،

سڀ موجود اٿيئي من ۾، ولهو ڪونه وٿاڻ،

”الانسان سري واناسره“، اهو پس اهڃاڻ،

دوئيءَ وارو دل مان، ڇنڊي ڪڍ تون ڇاڻ،

صفا پورهئي سچ جو، سمر کڻ تون ساڻ،

ته پاڻهي پوئي پرياڻ، جلد پنهنجي جان جو!

 

’مسڪين‘ ماضيءَ کي ڇڏي، حال وٺي تون هل،

سوا يادگيريءَ يار جي، پرتئون ڇڏ نه پل،

پرواني جيان پرت سان، جلد اُٿي جل،

ته اهڙيءَ ريت امل، مستقبلل ماڻين ’مسڪين‘ چوي.

 

ٿڙ وٺي ٿانيڪو ٿي، ٻيا ڏارم ڏور،

سوئي صاحب سور، امت جنهن جي اَسري!

درد وندن جي دانهن، ڏونگر ٿي ڏاري،

پهڻ جلد پاڻي ڪري، پرتئون پگھاري،

’مسڪين‘! اندر من ۾، ڏس وينگس ويچاري،

جيڪا ٽڪر ٿي ٽاري، سا ڪيئن نه ڪندي اثر انسان تي!

فقير هادي بخش مرحوم

موڪليندڙ: فريده مغل

هدايت

الفت رکن زيب سان، عالم ۽ عامي،

رکن پريت پريم سان، پريمي ٿيا پيامي،

دائم درد مندن سان، هادي ٿي حامي،

سور سهن سوامي، هر دم ’هادي بخش‘ چوي.

 

دوست ئي آهي دوست، مشفق محرم راز،

جيئن هر محمود جو، عالم منجھ اياز،

نت ونڊيون ٿئي پاڻ ۾، پئي راز ونياز،

محبت ڪيو ممتاز، تن کي ’هادي بخش‘ چوي.

 

عمر ويئي منهنجي، اديون اجائي،

ڪندو شال جھان ۾، ڀورل ڀلائي،

ڏيندو اچي مون کي، سڪ جي سوائي،

نشو چڙهي نينهن جو، جنهن سان ٿو جائي،

مائي جنهن سان حق کي ڍول وٽان ڍائي،

ڪاڻ نه ٿي ڪاهي، ڪنهن جي ’هادي بخش‘ چوي.

 

اديون آهي سڀ جو، هڪڙو پيءُ ۽ ماءُ،

جاتي آڻي جڳ ۾، وڌو آهه وڻاءُ،

نڪري ويو جنهن سان، سڪائيءَ جو ساءُ،

ڪونه ڪري ڪو ڪنهن کي ڀائين ڀيڻ ۽ ڀاءُ،

نڪي ڪرن پاڻ ۾، ويجھن جان ورتاءُ،

يتل ٿي سڀاءُ، جنهن سان ’هادي بخش‘ چوي.

 

هرڪو هن جھان مان ڪندو ڪوچ مري،

ڪڏه ڪين ڪنهن تان، ويندو موت ٽري،

”ڪال نَفّس ذائقة الۡمَوت“، سڻ تون سڌ کري،

مصحف منجھ پڙهي، ڏس تون ’هادي بخش‘ چوي.

 

تنهنجي آڏو لوڳ ۾، ماڻهو مئا وڃن،

ايهو نقارو موت جو، آهي لاءِ سڀن،

عبرت وٺ انهيءَ مان، ڏسي ساڻ اکين،

ڇڏي ڪوڙ ڪپت کي، محبت رک تون مَنِ،

ٻيائيءَ کي ڏئي ٻَنَ، جڳ ۾ ’هادي بخش چوي‘.

 

جاڏهن آئين تون، ويندين تون تيڏهن وري،

هيءَ جھان ڇڏيندين، ناميان نيٺ مري،

ايها خبر کري، سڻ تون ’هادي بخش‘ چوي.

 

ڪانهي ڪل ڪنهين کي، اڄل جي عاشق،

آهي انهيءَ ڳالهه ۾، رمز رکي رازق،

بيخبر ٿي هرڪو، خوش وتي پيو پڪ،

سمجھ ايهو سالڪ، تون تان ’هادي بخش‘ چوي.

 

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، عالم منجھ گذار،

تنهنجو ماڳ اڳي ٿي، ڌيان ايهو تون ڌار،

مانجھاندي جي ماڳ ۾، هڏ نه بازي هار،

رکي صلح سڀ سان، گروءَ وانگر گھار،

ته پوين تون توحيد سان، پهرين پتڻ پار،

ٻول الستي پاڙ، پنهنجو ’هادي بخش‘ چوي.

 

عمر وڃي گھٽبي، تنهنجي روز پئي،

ڳوڌا انهيءَ ڳالهه ڏي، ڏس تون ڌيان ڏئي،

حاصل ڪر حبيب کي، ڇڏي جڳ ٻئي،

ايندءِ ڪم ڪَئِي، پنهنجي ’هادي بخش‘ چوي.

 

دل گھري ٿي دل کي، ظاهر منجھ زمان،

دل جو رشتو دل سان، آهي منجھ جھان،

مشفق مهربان، سڻ تون ’هادي بخش‘ چوي.

پاڻ سڃاڻڻ

جنهين ڄاتو پاڻ کي، تنهين پاتو پاڻ،

مئي وڌئون من ۾، محبت سندو ماڻ،

صدا رهن ساز ۾، سرتيون سڀڪنهن ساڻ،

ايهوئي اهڃاڻ، تن جو ’هادي بخش‘ چوي.

 

ڪنهين ناتو نينهن جو، نهر سان لاتو،

ڪنهين درس درياء کي، پاڻ اندر پاتو،

سارو سمنڊ هيانوَ ۾، ڄائي مون ڄاتو،

ڪونهين ڪو حاطو، جنهن کي، ’هادي بخش‘ چوي.

 

هي ٿي ٺاهه ٺڳيءَ جو، سارو ساز صفات،

ڪونه سليندو ڪو ٻيو، بره بنان هيءَ بات،

جلد پئه پروڙ ۾، ترت ڇڏي ٻي تات،

سمجھ صحيح ڪر سرت سان، ڪامل هي ڪلمات،

ڏيندءِ نينهن نجات، حب مان ’هادي بخش‘ چوي.

 

دنيا ڌوتي حق کان، ڌڪي ڪندءِ دور،

تهدل ڇڏي تنهن کي، پنهنجو پاڻ پروڙ،

ته رسين روز  حضور، حب مان ’هادي بخش‘ چوي.

عبدالڪريم ”گدائي“

پرين اڄ پرڏيهه تي، وڃڻ وايون ڪن،

وڇوڙي جي وڍ کان آگم ڪيا اکين،

ڀلي وڃن خير سان، موٽي شال اچن،

وري شال ٿين، ميلا محبوبن سان.

 

سڄڻن ساٿ سنباهيا، وڃڻ وايون ڪن،

جھلي جھليان ڪيترو، رهيا ڪين رهن،

سکيا هجن سپرين، ڀل جھڙيءَ جُوءِ هجن،

توڙي ڏور رهن، ته به اوڏا ڀانيان سپرين.

 

جيجل جوڳيئڙن، وڃڻ جون وايون ڪيون،

هُت ٿا سنبرن سپرين، هِت اوتيو آب اکين،

وڇوڙي ۽ وِرهه کان، ٿا دل ۾ وڍ پون،

سي موذي شال مرن، جن جانب جَت جدا ڪيو.

 

سدا رهندي روح ۾، سپرين جي صحبت،

مهر ونڊيائون ملڪ ۾، ڪيائون نه ڪلفت،

مَندن ۽ ميرن سين، رکيائون رغبت،

اهڙن جي الفت، سدا رهندي ساهه ۾.

 

مٺڙا محب الله جا، سدا جواني ماڻ،

سکيو ستابو شل هجين، ڪڍين نه ڪنهن جي ڪاڻ،

هجي شل هر حال ۾، سائين توسين ساڻ،

تنهنجي روح رهاڻ، رئاڙيندي روح کي.

 

سڄڻ صحبت تو سندي، سدا رهندي ياد،

جتي ڀي جانب هجو، رهو شل آباد،

وسندا مينهن ملير تي، ٿربر ٿيندا شاد،

هلي هلندا ڪيترو، بدي ۽ بيداد،

نيٺ ته ٿيندو داد، مارن کِلندي مارئي.

 

مون ڄاتو هوندين سدا، سڄڻ مون سان ساڻ،

وڇوڙي جي وئل جِي، هڏ نه هئي ڪا ڄاڻ،

ڪَشي قدرت پر هنيو، جدائيءَ جو ٻاڻ،

رتيءَ جي رهاڻ، آندو ڏينهن ڏهاڳ جو.

 

ڪاڪ ولهي ٿي تو بنا، اڄ ڪنور ڪوماڻا،

تو بن سائين ٿي ويا، اڄ ولها وٿاڻا،

توکي سارن سپرين، هت ڀتيون ۽ ڀاڻا،

تو بن سي راڻا، ڪنهن سان ڪندا ڳالهڙيون.

 

پرين! وئين پرڏيهه تي، هِت جيءُ پيو جنجار،

ڏيساندر ڏور ٿيو، جنهن جو انت نه پار،

جاڏي ڪاڏي ڏسجي، اڄ ڪارو ڪارونڀار،

سدا رهندي ساهه کي، سهڻا تنهنجي سار،

سائين، ساٿين سار، سوڍا لهج سيگھڙو.

 

وڇوڙو ويندو وڄ ورندو واءُ وصال جو،

آخر ته ٿيندو، ميلو محبوبن سين.

وري ورندو واءُ ڪو، ۽ وري وسندا مينهن،

سڄڻ ملندا سڄڻين، ۽ نوان ٿيندا نينهن،

وڇوڙي جا ڏينهن، رهي رهندا ڪيترو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com