سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :10

هاڻي بيان پير جو صحيح سڻيجا،
ننڍڙو نيشان ٿيندو، بلوغت بادشاهه،
سن 1356 ۾، ٿيندو زلزلو زمانا(
1
نصارو ويندو نگوسار ٿي، هند ۽ سنڌ منجها،
نصارو ويندو مردود ٿي(
2) قادر جي قهرا،
جي آيا(
3) جنگ ۾، يورپ نادانا،
ڪمان سڀڪنهن جي هٿ ۾(
4) گولي گجراتا،
وينديس سوڀ يورپ کئون(
5) ٿيا قاروني ڪوڙا،
ڪراچيءَ کان(
6) ڪانُ لڳندس(7)، ويندس(8) حيدرآباد هئا،
ملتان ۾ مارو ٿيندو، دهليءَ در پوربا،
لنڊن(
1) ۾ لنگور کي، گولا گهاءُ ڪندا،
بوتا ٻوٽا پليد جا(
2) ڪري ڪوٽ پوندا،
ڪلڪتي ۾ ڪوس(
3) ٿيندو، بمبئي بازارا،
نڪو رومي روم ۾، نڪو ايران آبادا،
نڪو بصره ۾ بادشاهه، نه(
4) ڪابل قرار،
نڪو دهليءَ ۾ دوزخي، نڪو(
5) لنڊن ڏانهن،
تنهن وچ ۾(
6) واقعو ڪربلا جهڙو، سو پڻ سڻيجا(7
سنڌ ۾ سيد ڪهڙو عليءَ جي اولادا،
ابي ڏاڏي شهيد سو(
8) وحدت وزيرا،
سخي سيد سڀين(
9) پرئين، ماڻڪ موج دريا.
سنڀري وهو تيار ٿي(
10) هميشہ هٿيارا،
ايندي قوم هيڪڙي مغرب جي پارا،
ڪنگريءَ ۾ ڪوس ٿيندو، وڏي جنگ جدا(
11).
ڪئين مومن مرندا ظلم زورا،
هوندي سختي شاهه تي(
1) ست ڏينهن سمورا،
تنهن بعد اڀرندو هڪ سج صبح پارا(
2
اڀري وقت پهر ڏينهن گردي غبارا(
3
چار سؤ خعران تنهن ۾ رنگي رونقا،
ٻيو پڻ ڪڪر ٿيندو هڪڙو اتر جي طرفا(
4
دهشت ڏاڍي تنهن  ۾(
5) ڪاري رونقا،
تنهين تان ڪڪر ٿيندو گهڻي صورتا(
6
اڀرندو طرف مشرق جي بيحد بيحيا،
ساڙيندو خلق خداءِ کي اڏائي اُلا.
ٽيون ڪڪر پيدا(
7) ٿيندو، ڏکڻ جي طرفا(8
وسائيندو پاڻي پوک تي(
9) اٺائيندو(10) سلا.
چوٿون ڪڪر پيدا ٿيندو(
11) مديني مٿا،
ستر هزارو رونقون تنهن ۾ هونديون هميشا،
ستر هزار جهنڊين جا(
1) ۽ نيزا نشانا،
ستر هزار ملائڪن جا ظاهر ظهورا،
هڪڙو تخت(
2) تنهن ۾ سهڻو(3) سنورتا،
چڙهيل هوندو تنهن ۾(
4) مهدي مهندارا،
صوبا صحيح(
5) سيد جا، ستر(6) سلطانا،
ٻيا ٻين ولايتن ۾، چار هندستانا(
7
پهريون صوبو سنڌ ۾ ڪنگريءَ منجهارا،
ٻيو صوبو دهليءَ ۾ عليءَ جي اولاد،
ٽيون صوبو هندستان ۾، لاشڪ پاڻ آهه(
8
چوٿون صوبو ڪڇ ۾، جيلاني اولادا،
بادشاهي امام مهدي جي ست ورهيه سمورا،
غيب جي خبر خاوند کي(
9) آهي، جو مولو مختارا،
ويندا سي ايمان سان، ڪلمو جي پڙهندا(
10).
                لااِلہٰ اِالاللهّ محمد رسول الله.

مير حاجي محمد بخش خان ٽالپور

قديم سنڌين جي هجرت

ازل کان وٺي قومن، ذاتين ۽  قبيلن جي لڏ پلاڻ ٿيندي رهي آهي. ڪيئي قومون ٻاهر کان سنڌ ۾ اچي سنڌي   تهذيب ۾ مدغم ٿيون ته ڪيترن قبيلن سنڌ مان وڃي پنهنجي علم و هنر جو چمتڪار ڏيکاريو. تاريخ جا صفحا اهڙن ماڻهن، ذاتين ۽ قومن جي ڪارنامن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ مان منهنجي مراد هينئر واري سنڌ نه آهي، بلڪ اها قديم سنڌ آهي جنهن ۾ ملتان لسٻيلو، ٿر، ۽ ڪڇ شامل هئا. جيڪڏهن سمورو ۽ تفصيل وار ذڪر ڪجي ته هوند ڪيئي ڪتاب ٺهي وڃن.

آءُ هت فقط اسلام کان قبل واري هجرت جو ذڪر مختصر طور تي بيان ڪندس. انهن هجرتن جا به ڪيئي سبب هئا. مثلا، حمله آور ۽ فاتح قومون، مغلوب ٿي پناهه وٺندڙ قومون، حاڪمن جي ظلم سبب لڏيندڙ ذاتيون، ندين ۽ سمنڊن جي رخ بدلائڻ سبب ويران ٿيل شهرن جا باشندا، ڏڪار، ڏک ۽ بک سبب لڏيندڙ قومون، واپار سانگي لڏيندڙ قومون، مذهبي ۽ عقيدي جي اختلافن سبب لڏيندڙ قومون، يا ٻيا به ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا. مصنفن جي نظر ۾ ”ڪاٺياواڙ جا جيٺوا راجپوت پراڻي زماني کان هت رهندڙ آهن. هو سنڌ مان ڪاٺياواڙ ۾ پهتا آهن(1) ”اهڙي طرح ڪاٺياواڙ  جا اهير، جي اصل کان سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، اتان هو گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ويا(2)“ ”مير پڻ سنڌ مان ڄيٺوا راجپوتن سان گڏ ويا آهن(3).“ ”چوڙا سمان يا چڙا سمان ته آهن ئي سمن جي نسل مان، جي پڻ سنڌ مان گجرات ۽ ڪاٺياواڙ طرف ويا آهن(4).“ مسلمانن جي سنڌ تي ڪاهه ۽ فتح سنڌ بعد ڪيترائي هندو ۽ مسلم قبيلا سنڌ کان ٻاهر ويا ۽ وڃي حڪومتون ۽ سلطنت قائم ڪيائون. انهن جو ڪنهن ٻئي موقعي تي ذڪر ڪيو ويندو. هت اسين ان عظيم الشان هجرت جو ذڪر ڪنداسين، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عظيم تهذيب پيدا ٿي ۽ جي هن ارض مقدس پاڪستان مان هجرت ڪري ويا هئا. هت آءٌ انهن سنڌين جو ذڪر ڪندس جي انڊونيشيا جي بالي، جاوا ۽ ملايا علائقن وغيره، طرف پکڙجي ويا هئا . ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو جي اڃا تائين هندو ۽ ٻڌ ڌرم رکن ٿا، سي هندستان مان ئي لڏي ويل آهن، پر ڪهڙي ڀاڱي مان ويل آهن، ان متعلق محققن ڪوبه متفق فيصلو نه ڏنو آهي. بهرحال، اسان هت پنهنجو نظريو پيش ڪيون ٿا ته هو مادر وطن پاڪستان ۽ سنڌ مان ئي ويل آهن. ”اهو عالم آشڪار آهي ته عظيم شهنشاهه آسوڪا پنهنجي مشهور ٻڌ سفارت سونا ۽ اتارا کي سون جي ملڪ ۾ موڪليو هو، جيڪو ملڪ موجود انڊونيشيا ئي ٿي سگهي ٿو(1).“

ان طرح مشهور انڊين اسڪالر ۽ آرچيالوجسٽ ڊاڪٽر مجمودار ۽ ٻين جو  خيال آهي ته ”ملاوي قوم جا ماڻهو اصل ۾ هندستان کان آيا آهن، ملايا يا ملاوا ماڻهو اتان کان پوءِ سوماترا ۽ آسپاس ڏانهن هجرت ڪري پکڙجي ويا(2).“ سڪندر سان ملي يا مالي قوم جي بهادرن سنڌ مان واپس ويندي مقابلو ڪيو هو. ان حقيقت کي سڀ مورخ قبول ڪري چڪا آهن.

عالمن ۽ ماهرن جو خيال آهي ته ”موجوده ثبوتن مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته هندستاني مهاجر يا بيٺڪ ڪندڙ، سمنڊ رستي پهرين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ٿيا ۽ ٽن مختلف رستن کان آيا(3). هڪ محقق ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”بادشاهه ’سنگايا‘ جا وڏا اصل کان ڪنجارا ڪنجاديسا اتر هندستان مان آيا(4).“

اتر- اولهه هندستان مان قديم دؤر جي لحاظ سان اتر- اولهه سنڌ به ٿي سگهي ٿي ٿو؛ خصوصن پارڪر يا ٿرپارڪر، ڪنجارا، ڪنج ديسا، ڪارونجهر جبل يا ڪارونجهر ديس به ٿي سگهي ٿو

ٻيا نظريا پڻ چون ٿا ”مڪاني روايتن موجب پهريون مهاجر ’اجي ساڪا‘ هو، جو 75ع ۾ ويو هو، پر پوءِ جلدئي موٽي آيو، ٻيو دفعو هجرت 603ع ۾ ڄاڻائي ٿو، لکي ٿو ”گجرات جي بادشاهه کي ٻڌايو ويو ته تنهنجي حڪومت کي زوال اچڻو آهي، ان ڪري هن پنهنجو پٽ پنج هزار ماڻهن سان گڏ جاوا موڪليو جن اتي پهچي سڪونت اختيار ڪئي. پر اهو اڃا تائين مڪمل طرح معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهي هندستان جي ڪهڙي حصي مان جاوا ويا.“ فرگوسن چوي ٿو ته ٻڌازم جي زماني ۾ گجرات ۽ سنڌو نديءَ جي ڇوڙن کان ويا هئا.(1)

متحجر باقيات (پٿر جي دؤر جا قديم آثار) پٿرن جي اوزارن ۽ کوٽائيءَ ۾ هٿ آيل شين ۽ قديم ترين تهذيب جي ٻين آثارن جي مشاهدي ۽ مطالع مان اهو سراغ ملي ٿو ته ڏکڻ- اوڀر ايشيا جي طرفان هجرت جو وسيع سلسلو عمل ۾ آيو... ليڪن انڊونيشيا جي تاريخ ۾ چين کان زياده برصغير هند و پاڪ کي اهيمت حاصل آهي. چين جي تجارت جي ابتدائي دؤر کان وٺي بلڪ بعض ماهرين جي خيال ۾ ان کان به اڳ هن ملڪ سان انڊونيشيا جي تجارت جاري هئي. غالباً ڪجهه هندستاني آبادڪارن جون چند بستيون به هتي هيون ۽ ڪجهه عرصي کان هندستاني واپاري هنن ٻيٽن ۾ سون، چاندي ۽ قلعي جي تلاش ۾ به ايندا هئا ۽ بعض هتي آباد به ٿي ويا(2). تيرٿداس هوتچند جو پڻ خيال آهي ته جاوا ۾ پڻ سنڌي ويا هئا ۽ آباد ٿيا(1). مشهور تاريخي ڪتاب Glimpse of World History پڻ جاوا جي ٻيٽن ۾ هندستانين جون بيٺڪون ڄاڻايون ويون آهن، جي پهرين صدي عيسويءَ کان وٺي سوين سال بعد تائين اتي ويندا ۽ آباد ٿيندا رهيا. ان طرح هو ويندڙن ۾ هندستان جي ڪيترن ڀاڱن مان ڏيکاري ٿو ته گجرات به ان مان هڪ آهي(3). اُڄ به گجرات ۽ پارڪر جي ٻوليءَ ۽ رسم رواج ۾ ڪو زياده فرق نه آهي. ان مان مراد به پارڪر ٿي سگهي ٿو. مصنف جي ذهن ۾ ان وقت پارڪر گجرات ۾ شامل هو، پر هن وقت سنڌ ۾ شامل آهي.

سنڌو نديءَ جا اهي ڇوڙ جيڪي هينئر آهن تن کان سواءِ ٻيا پڻ ڪيترائي هئا، جن مان ڪڇ واري ڇوڙ کي ڪلهوڙن بند ڪرايو هو. ان طرح خود ننگرپارڪر طرف به نديءَ جو ڇوڙ هو، جنهن جو ذڪر ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ ڪيو آهي. ان جي معنيٰ ته پارڪر وٽ جيڪو رڻ آهي، سو اصل ۾ سمنڊ هو. سمنڊ جو ذڪر هڪ ٻئي مورخ پڻ ڪيو آهي. اصل ۾ اهو رڻ سمنڊ هو ۽ چوٿين صدي عيسويءَ جي زلزليءَ سبب ڌرتي مٿي چڙهي آئي.

پراڻي ۽ قديم گريڪ ڪتاب  Periplus of the erythran sea  ۾ احوال ڏنل آهي ته، گريڪو- مصر جو مشرق ۾ واپار اٽڪل روءِ 701ع ۾ هندستان جي اولهه وارن ٽن وڏن بندرن تان هلندو هو، جن جا نالا، بروچه، ڪرانگنور ۽ پوراڪ هئا. اتان جا مڪاني جهاز سوماترا تائين واپار ڪندا هئا(2). اهو بورڪار ۽ پورڪار پارڪر هو، نه ڪي ڪو ٻيو بندر ان مان معلوم ٿو ٿئي ته پارڪر جا ماڻهو جاوا ۽ سوماترا جا اڳيئي واقف هئا، جڏهين سمنڊ سڪي رڻ ٿي ويو هو ۽ هن ايراضيءَ جي رهواسين جو واپار ختم ٿي چڪو هو، تڏهن هو لڏي جاوا ۽ سوماترا ۾ وڃي آباد ٿيا هئا.

پارڪر جي مقامي روايتن ۽ تحقيق بعد ڪئپٽن آر. اين. ريڪس پنهنجي ڪتاب ”ميموائرس آن ٿرپارڪر 1656 ع ۾ پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ننگرپارڪر، اتر- اوڀر طرف هو. ان طرح ان سامونڊي بندر جا ڪي نشان پڻ ٻڌائي ٿو. خود مقامي روايتن موجب ويراواهه کان اولهه طرف ”ڏوتر“ نالي ڳوٺ هو، جنهن لاءِ چون ٿا ته جهازن جو بندر هو، جڏهن رڻ اڃا سمنڊ هو. ’تڙ‘ بندر کي چوندا آهن. ’ڏور‘ معنيٰ ٻه، يعني ات نار ۾ ٻه بندر آمهون سامهون هئا.

خود قديم عشقيہ داستان ”سڏيونت ساوَ رينگا“ جي قصي ۾ به پارڪ جي پاري ننگر شهر ۾ ناريل جي وڻن جو نشان ٻڌائي ٿو ته ناريل هميشہ سامونڊي ڪناري تي ۽ سامونڊي هوا جي ڪري ٿيندا آهن. پر هاڻ ته هت ناريلن جو نشان به ڪونه ٿو لڀي. هتان ويل سنڌين انڊونيشيا، ملايا، ڪمبوڊيا ۽ سيام وغيره ۾ هڪ اعليٰ تهذيب ۽ تمدن جو بنياد وڌو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب لکيل آهن.

آخر ۾ اسان ان ايراضيءَ يعني پارڪر جو ذڪر ڪئپٽن آر. اين. ريڪس جي زباني پيش ڪيون ٿا، جيڪو هن پراڻن هندو ڌرمي ڪتابن تان ورتو آهي. سندس پيش ڪيل بيان حرف بحرف درست آهي ۽ ان ۾ ڪوبه مبالغو نه آهي. اڄ به اگر ان پاسي جي ايراضيءَ کي جديد فن جي روشنيءَ ۾ سنواريو ۽ سڌاريو وڃي ته پوءِ يقينا هن 500 چورس ميل علاقي جي پيداوار تي سارو ٿر خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿو. ڪاش! اسان جي گورنمينٽ ۽ اسان جا قومي اڳواڻ ۽ نمائندا هن سلسلي ۾ عملي ڪوشش ڪن.

ريڪس لکي ٿو:*

”پارڪر وڻندڙ ملڪن مان آهي، جو پنهنجي چوڌاري ڦهليل سڀني پاڙيسري ملڪن مان ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڪا حسين ۽ خوبصورت عورت زيورن سان سينگاريل هجي، ۽ هندن جي عقيدي موجب جئن گيتا هندن جي سمورن ڪتابن ۾ اوچي ۽ مقدس آهي، سيتا عورتن ۾ افضل آهي، مارو جبل سمورن جبلن کان افضل آهي ۽ چنڊ تارن ۾ افضل آهي، تيئن پارڪر، دنيا جي پنجويهه هزارن ملڪن ۾ وڌيڪ حسين ۽ دلڪش آهي.

ريڪس ايتري تعريف ڪرڻ کان پوءِ به اهو تسليم ڪيو آهي ته:

”هن حسين ۽ دلڪش خطي کي 5 ۽ 6 صديون اڳ سمنڊ ڇڏي ويو هو، جنهنڪري هتي جا ماڻهو جاوا پهتا ۽ اتي هندو ۽ ٻڌ تهذيب جو بنياد وڌائون ۽ اتي هميشہ جي لاءِ آباد ٿيا.“

ريڪس جي تصديق ٻين ماهرن ۽ عالمن پڻ ڪئي آهي، اسان جو به اهو ئي خيال آهي ته انهن ملڪن ۾ سنڌي سٻاجهڙن جي آباديءَ کي ته هر ڪنهن تسليم ڪيو آهي، پر ان سان گڏ اهو به ممڪن آهي ته ڪن ٻين ڀاڱن مان به ڪيترا قبيلا هجرت ڪري، جاوا جي طرف هليا ويا هجن. تاهم اوليت جو شرف وري به اسان جي قديم دؤر واري پاڪ وطن ”سنڌ“ کي ئي ڏنو ويو آهي، جنهن جي تاريخي عظمت ۽ اهميت هر خيال کان تسليم ڪئي وئي آهي.

پروفيسر خواجا غلام علي الانا

ڏيهي ادب ۽ پرڏيهي اديب

 

(پروفيسر ٽي. اي. مچل)

مغربي دنيا ۾ اڄ به ڪيترائي ماهر موجود آهن، جيڪي سنڌي زبان ۽ ادب جا ڄاڻو، اُن ۾ مهارت رکندڙ ۽ سَندَ سمجهيا ويندا آهن. پروفيسر ٽي. ايف. مچل، انهن مغربي ماهرن مان هڪ آهي، جن ته فقط سنڌي زبان تي تحقيق ڪئي آهي، پر جيڪي مغربي دنيا وارن کي ۽ برصغير مان ويندڙ شاگردن کي سنڌي زبان سيکاريندا آهن. هو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اُستاد آهي، جنهن جي شاگردي مون کي به نصيب ٿي آهي.

پروفيسر مَچل لاءِ مشهور آهي ته هو هڪ همدردي، مهربان ۽ مشفق اُستاد آهي. هو پنهنجن شاگردن جو ڏاڍو خيال رکندو آهي، خاص طور پرڏيهي شاگرد جي هر لحاظ کان سنڀال ڪندو آهي.

پروفيسر مچل صاحب عربي، فارسي، اردو، پنجابي، سوڍاني ۽ سرينائيڪا ٻولين سان گڏ سنڌي زبان جو به مڃيل ماهر آهي. هو صاحب ليڊيز يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ کان اڳ جڏهن لندن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ شعبہ عام صوتيات ۽ لسانيات ۾ ريڊر هو، تڏهن هن ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسينيءَ جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ  تحقيق ڪئي هئي. سندس اها تحقيق جديد لسانيات جي لحاظ کان گهڻي قدر ۽ قيمت واري آهي.


(1) هي سڀ سٽون فقط ”ف“ ۾ آهن.

(2) ف: سو.

(3) ف: اچي اڀيا.

(4) ف: ڪڇ ۾.

(5) ف: ويئي سوڀ يورپ جي.

(6) ف: ۾.

(7) ف: لڳندن.

(8) ف: ويدن.

(1) ف: بدن.

(2) ا: پاڙون پليت جون.

(3) اف: ڪيس.

(4) ف: نڪو.

(5) ف: لنگور.

(6) ا: اهو.

(7) ا ندارد: سوڀن.

(8) ا: سيد هيڪڙو.

(9) ا: سڀني.

(10) ا ندارد: تيار ٿي.

(11) ا جلالا.

(1) ف: سين.

(2) ا: اڀرندو ڏينهن پهر ڌاران، گردو غبارا.

(3) هيءَ سٽ الف ۾ ناهي.

(4) ا: تنهن ۾ ڪڪر هيڪڙو، اتر جي پاران.

(5) ا: دهشت تنهن ۾.

(6) هيءَ سٽ الف ۾ ناهي. ا: اڀرندو ڪڪر مغرب ڏانهن بيحد.

(7) ا ندارد: پيدا.

(8) ف: ڏکڻ ڏانہ ڏبا.

(9) ا ندارد: پوک تي.

(10) ف: اڳائيندو.

(11) ف: سترهن.

(1) ا: جهنڊا.

(2) ا ندارد: تخت.

(3) ف: سونهري.

(4) ف: چڙهيل هوندو مٿس چاڳلو.

(5) ا ندارد: صحيح.

(6) ق: سترهن.

(7) ا: چار سنڌ سنڌا.

(8) ف: لاشڪ اهو فقيرا.

(9) ا: مالڪ آهي.

(10) ف: ڪلمون چون محمدا.

(1) تواريخ ڪاٺياواڙ مصنف ايڇ- ڊبلبو- ببل صفحه 49-50-51.

(2،3) تواريخ ڪاٺياواڙ مصنف ايڇ- ڊبلبو ميل صفحه 53.

(4)  تواريخ ڪاٺياواڙ مصنف ايڇ- ڊبليو ببل صفحو 54.

(1) The Culture of South east asia by Reginh’d Les Mav Page. 26.

(2) The Culture of South east asia by Reginald Les Mav Page. 27.

(3) The Culture of South asia by R. L. Page. 28.

(4) The Culture of South asia By R. L. Page. 40.

(1) The Culture of South asia by R. L Page. 92.

(2) سرزمين ۽ باشنده انڊونيشيا ڊيٽس سِي سٿ ترجمو ابوالحسن نغمي صفحو 525.

(1) Shah Abdul Latif, An introduction to his seven singing stories Page II Glimps of World history by. Jawahar Lal Nehro.

* (1) The earth and its inhabitants or universal Geography vol iii by eley Reles`t

(2) A. Hisory Of South asia by D. G. E. Hall Page 16.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com